شاعري

منهنجي مئي کانپوءِ

ڪتاب ”منهنجي مُئي کانپوءِ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. شاعريءَ جو هي ڪتاب نامياري شاعر ”زخمي چانڊيو“ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪتاب ”شهر شهر زخمي“ ۽ ”ڏاڍو ساريندين“ سميت باقي شاعري شامل ڪئي وئي آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”شهيد زخمي چانڊيو جي زخمي روح جي درد ڪٿا جو درد اهي پتنگ ۽ عشاق ئي ڄاڻي سگهن ٿا، جن جو من زميني صحيفن ۽ تلخ حقيقتن جي سچائي جي سگهه سان سرشار هجي. زخميءَ جي ڌرتيءَ لاءِ تڙپ ۽ پڪار جا سنيها اڄ به سندس شاعريءَ مان ليئاڪا پائيندي ڪجهه ڪرڻ جي آرزوءَ جو پيغام ڏين ٿا، زخميءَ پنهنجي شاعري جي هر صنف ۾ فراخدلي سان اندر جي اظهار کي اهڙي نموني ته اڀاريو آهي جنهن کي قلمبند ڪرڻ کان اڳ اڄ جي دور ۾ ڪنهن به قلمڪار جو قلم فل اسٽاپ يا ڪاما جي پابندين سان جڪڙيو ضرور پوي، پر هن ڪويءَ پنهنجي زندگيءَ جيان پاڻ کي شاعريءَ ۾ به کرو، سچو ۽ بي ڊپو ٿي ثابت ڪري پاڻ وڻايو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 13287
  • 1328
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book منهنجي مئي کانپوءِ

ڪتاب جا حق ۽ واسطا

ڪتاب نمبر 33

هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: منهنجي مُئي کانپوءِ
موضوع: شاعري
شاعر: زخمي چانڊيو
مرتب: ساجد چانڊيو
ڇاپو پهريون: آڪٽوبر 2016ع
ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: خالد چانڊيو ۽ شاهزيب ميمڻ
ٽائيٽل: رضوان گل
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
03003513966

مُلهه: 400 روپيا

MUNHINJE MUAE KHAN POE
(Poetry)
By: Zakhmi Chandio
Sambara Publication Hyderabad
03003513966

ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو هڪ نئون ڪتاب ”منهنجي مُئي کانپوءِ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. شاعريءَ جو هي ڪتاب نامياري شاعر ”زخمي چانڊيو“ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪتاب ”شهر شهر زخمي“ ۽ ”ڏاڍو ساريندين“ سميت باقي شاعري شامل ڪئي وئي آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”شهيد زخمي چانڊيو جي زخمي روح جي درد ڪٿا جو درد اهي پتنگ ۽ عشاق ئي ڄاڻي سگهن ٿا، جن جو من زميني صحيفن ۽ تلخ حقيقتن جي سچائي جي سگهه سان سرشار هجي. زخميءَ جي ڌرتيءَ لاءِ تڙپ ۽ پڪار جا سنيها اڄ به سندس شاعريءَ مان ليئاڪا پائيندي ڪجهه ڪرڻ جي آرزوءَ جو پيغام ڏين ٿا، زخميءَ پنهنجي شاعري جي هر صنف ۾ فراخدلي سان اندر جي اظهار کي اهڙي نموني ته اڀاريو آهي جنهن کي قلمبند ڪرڻ کان اڳ اڄ جي دور ۾ ڪنهن به قلمڪار جو قلم فل اسٽاپ يا ڪاما جي پابندين سان جڪڙيو ضرور پوي، پر هن ڪويءَ پنهنجي زندگيءَ جيان پاڻ کي شاعريءَ ۾ به کرو، سچو ۽ بي ڊپو ٿي ثابت ڪري پاڻ وڻايو آهي.
هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

شهيد زخمي چانڊيو جي زخمي روح جي درد ڪٿا جو درد اهي پتنگ ۽ عشاق ئي ڄاڻي سگهن ٿا، جن جو من زميني صحيفن ۽ تلخ حقيقتن جي سچائي جي سگهه سان سرشار هجي. زخميءَ جي ڌرتيءَ لاءِ تڙپ ۽ پڪار جا سنيها اڄ به سندس شاعريءَ مان ليئاڪا پائيندي ڪجهه ڪرڻ جي آرزوءَ جو پيغام ڏين ٿا، زخميءَ پنهنجي شاعري جي هر صنف ۾ فراخدلي سان اندر جي اظهار کي اهڙي نموني ته اڀاريو آهي جنهن کي قلمبند ڪرڻ کان اڳ اڄ جي دور ۾ ڪنهن به قلمڪار جو قلم فل اسٽاپ يا ڪاما جي پابندين سان جڪڙيو ضرور پوي، پر هن ڪويءَ پنهنجي زندگيءَ جيان پاڻ کي شاعريءَ ۾ به کرو، سچو ۽ بي ڊپو ٿي ثابت ڪري پاڻ وڻايو آهي، هونئن به زخمي چانڊيو سنڌي شاعري جي انهن املهه موتين منجهان هڪ آهي جن پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به تضاد نه رکيو.
زخمي ڄام خان چانڊيو جي شاعريءَ ۾ جيئن ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت، ڏاڍ، انياءَ ۽ دشمن خلاف للڪار سميت حق ۽ سچ جي آواز جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ محسوس ٿين ٿا تيئن سندس زندگي به مسلسل عملي جاکوڙ جي نموني طور ڪنهن کان به لڪل ناهي رهي. سنڌ ڌرتيءَ جا اهڙا ڪردار جن تي سنڌ واسي هميشه ڳاٽ اوچو ڪري فخر محسوس ڪري سگهن، شهيد زخمي چانڊيو به انهن مان هڪ هو، جنهن سنڌ ڌرتيءَ جي نعري هيٺ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين بنا ڊپ ڊاءَ جي نه فقط سنڌ دشمنن مٿان قلمي هٿيار سان ڀرپور وار ڪيا پر پنهنجي وجود مٿان مشڪلاتن ۽ تڪليفن جا انبار پڻ سَٺا. شال سندس ٻاريل مشعل ڪليات ”منهنجي مُئي کانپوءِ“ جي روپ ۾ هڪ هٿ کان ٻئي هٿ پهچندي هميشه روشن رهي ۽ پنهنجي مقصديت جي حاصلات سان همڪنار ٿئي.

[b]ساجد سنڌي
[/b] سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
03003513966

زخمي چانڊيو سڄڻ ۽ ساڻيهه جو شاعر

عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ سرڪش سنڌي اسانجا عوامي ۽ مزاحمتي شاعر آهن، جن ۾ شهيد زخمي چانڊيو به پنهنجي هڏ ڪاٺ سان شامل آهي، ڏٺو وڃي ته ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ پنهنجن ملڪي ماڻهن هٿان زور شور سان استحصال (Exploitation) پئي ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان وارن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙن واري حالت رهي آهي ۽ ائين استحصال جي حوالي سان مزاحمتي ادب جي نئين سِر تاريخ مرتب ٿي آهي، جنهن ۾ شهيد زخمي چانڊئي جو نالو به سونهري اکرن ۾ لکيل نظر ٿو اچي. سنڌ جي غضب ڪيل حقن جي جاکوڙ جي حوالي سان اسان کيس مزاحمت جو شاعر (Poet of Rebellion) جهڙي لقب سان سڏيو ته وڌاءُ نه ٿيندو.
شهيد زخمي چانڊيو سڄڻ ۽ ساڻيهه جو شاعر آهي. ڀنڀي ڏاڙهي، ڦڻي ڏنل شهپرن، چاق چوبند، پُوري هڏ ڪاٺ ۽ سُهڻي مُهانڊي واري اسانجي شاعر شهيد زخمي چانڊئي تي ڪجهه لکندي، دل مان صدا ٿي اُٿي ته ڪاش هُو اسان سان اڃان گڏ هجي ها! هُو جتي به آهي، يقين آهي ته سنڌ ماتا جي گود ۾ ئي هوندو، سنڌ ۽ سنڌ وارن جا ئي خواب لهندو هوندو.

[b] تاجل بيوس
[/b] (ڪتاب: ”شهر شهر زخمي“
جي مهاڳ جو اختصار)

زخمي: سچ چوندڙن ۾ سگهارو نالو

زخمي چانڊئي کي مون جيئن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو:
زخميءَ ۾ بنا ڪنهن ذاتي مفاد جي، پاڻ ارپڻ وارو جذبو موجود هئو.
هيءُ يارُ علم ۽ انصاف لاءِ سڄي عمر جاکوڙيندو رهيو.
هر واهڻ هر وستيءَ ۾ سجاڳيءَ جو سوجهرو پکيڙيندو رهيو.
سندس قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تفاوت ڪونه هوندو هئو.
ڏات جي ڏيهه ۾ هن جي ڏاهپ ۽ ڏانءُ جرڪندي نظر اچن ٿا.
هن پنهنجي ذاتي مسئلن کي قومي مامرن تي ڪڏهن به ترجيح نه ڏني.
هن جي سموري سوچ توڙي لوچ ديس واسين کي ارپيل هئي.
هُو هڪ غيرمعمولي عوامي انسان هئو.
هُو انساني خوبين جو پيڪر ۽ سنڌ جو سرمايو هئو.
سندس اکين ۾ سنڌ جي آجپي جا سپنا سجايل هئا.
پاڻ ڪڏهن به مايوس ۽ نااميد نظر نه آيو.
کيس يقين هئو ته سنڌ جو مستقبل ضرور روشن ٿيندو.
هن ارڏي ۽ اڏول انسان جي حياتيءَ جو مقصد سنڌي ماڻهن جي سرهائي ۽ سنڌ جي آزادي هئو.
سنڌ امڙ سان نينهن جو ناتو نڀائڻ لاءِ عملي جاکوڙ ڪيائين ۽ ان ۾ وسان ڪونه گهٽايائين.
سنڌ جي هر پنڌ ۽ پيچري تي سندس پيرا پسي سگهجن ٿا.
سندس شعرن جي گونجار ۾ صرف ۽ صرف سنڌ جو پڙاڏو آهي.
سنڌ جا اڪثر ماڳ مڪان شاهد آهن ته هو سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ سجاڳيءَ جو سنيهو کڻي هر هنڌ پهچي ويندو هو.
سندس شعر پڙهڻ جو انداز به سندس شخصيت وانگر رعبدار هو.
سندس شعر، ٻڌندڙ ماڻهن جي دلين ۾ قومي جوش آڻي ڇڏيندو هو.
سنڌ جي وسندين مان سندس آواز اڀري، اقتداري ايوانن تائين پهچندو رهيو، ظالمن ۽ جابرن کي للڪاريندو رهيو.
هن جي شعرن ۾ ارڏن جذبن جا اڪيچار رنگ سمايل آهن.
هن جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي حقيقت سان لاڳاپيل ڪردارن جون ڪٿائون صحيح صورت ۾ پڙهي ۽ ڏِسي سگهجن ٿيون.
سمجهجي ٿو ته هو ڄائي ڄم کان سچ ۽ انقلاب جي ميراث کڻي آيو هئو.
سچ چوندڙن ۾ ”زخميءَ“ جو نالو به انتهائي سگهارو نالو آهي.

[b]راشد مورائي
[/b]04/01/2005

زخمي هر دل واري جو آواز (ڪتاب: ”ڏاڍو ساريندين“ جي مهاڳ جو اختصار)

انسان دوستي، سنڌي ادب جو هڪ مکيه موضوع ۽ حوالو رهيو آهي، انسان دوستيءَ لاءِ تخليقون سرجيندڙ سرجڻهارن ۾ زخمي چانڊيو به هڪ مُک ڪردار آهي. زخمي هڪ آدرشي انسان هئو، جنهن جا ڪي خواب هئا، ڪي ارادا ۽ عزم هئا، سندس شاعري ان جو کُليو اظهار هئي. هن وٽ انسانذات جي ڀلائي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو درد هن جا آدرش هئا. روشن مستقبل جا خواب هئا ۽ ان لاءِ فڪري محاذ تي جاکوڙ جاري رکڻي هئي، هن جي پنهنجي دنيا هئي. زخمي دنيا جا درد پنهنجي سيني ۾ سمائي “زخمي” بڻيو.
دنيا ۾ سماجي اڻ برابري، اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ قومي معاملن ۽ مسئلن تي لکڻ کان سندس قلم رهي نه سگهيو، تڏهن ته تيز ترار جيان مزاحمت ڪيائين ۽ ڪنهن پل به ڪا مصلحت نه رکيائين. زخمي جا عزم ۽ ارادا ڪي اڻ ڄاتا نه آهن، هن جا سپنا سونهن جي ستارن وانگر ڌرتيءَ جي سينڌ ۾ ٽانڪيل آهن، هو ڌرتيءَ جو سگهارو آواز ٿي اڀريو.
قومي ۽ عوامي رنگ ۾ رتل هڪ ارڏو ۽ بي ڊپو شاعر پنهنجي مقصدن کي ماڻڻ لاءِ هڪ لمحي لاءِ به حوصلو نه هاريو. هر نيڪ دل شاعر وانگر هُن جي اندر ۾ به انسان ذات لاءِ اڻ مَيو پيار هئو، هُو دنيا جي ڪم ڪار، غم دوران کانسواءِ غم جانان ۾ به گرفتار رهيو، جتي سچو ۽ کرو رهيو اتي محبتي ۽ سڪ سان سرشار شاعر به هو.
زخمي چانڊيو سماج جو هڪ متحرڪ ڪردار هئو، جنهن کي هُن پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ ڀرپور نموني سان نڀايو، زخمي ان سٿ جو مسافر هئو، جيڪي زندگيءَ جي لاءِ سُک ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ جتن ڪندا رهيا، جن سچ ۽ سڪ جو سنيهو ڏنو، جن جا لفظ ماڻهن جي پيڙا جا پڙلاءَ هئا، انهن ۾ عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، راشد مورائي، سرڪش سنڌي، حافظ محمد بخش کان وٺي گدا خاصخيلي، حليم باغي، جمن دربدر، سرمد چانڊيو، خليل کوسي تائين وقت جي گونج بڻجي ويا.
زخمي وقت جي رفتار سان، زماني جي تبديلين کي سامهون رکي پنهنجي فڪر جو ڦهلاءُ ڪندو رهيو، هو لوڪ ڪٿائن کان ڪمپيوٽر جي دور کي پنهنجي شعرن جو موضوع بڻايو ۽ ان ڪري سائنسي تبديلين سان سماجي تبديلين کي سلهاڙي ٿو، سندس شاعري ان جي احساسن کي چٽو بيان ڪري ٿي.
زخمي وقت شناس ۽ زندگي ءَ جو شاعر هئو، ان ڪري زندگيءَ جا حادثا ،ماجرائون ۽ معاملا هُن جي سِٽ سِٽ جو سرمايو آهن. زخمي هر دل واري جو آواز آهي.

[b] مختيار ملڪ
[/b]

نئين نسل جو مزاحمتي شاعر: زخمي چانڊيو

”زخميءَ“ جي قول ۽ فعل جا ٻئي پُڙ بنا ڪاڻ جي ڏٺا ويا آهن، قلمڪاريءَ جي ڇانوَ ۾ ته ساڻس گڏ بيٺل وڏا ننڍا سڀ آهيون، پر عمل جي تحريڪ ۽ تحريڪ جي عمل ۾ گهٽ ۾ گهٽ آئون ته کيس پهچي نه سگهيو آهيان. مون هن کان اڳ به اها ڳالهه ڪئي هوندي ته ساڳئي ماحول ۾ مان پنهنجي والد بزرگوار ۽ ڪٽنب جي سمورن فردن سميت رهيو آهيان، پر پنهنجي جيڏن يا پاڻ کان ننڍن ۾ ايتري شعوري سگهه پيدا ڪري نه سگهيو آهيان/سگهيا آهيون، (جيڪڏهن به ان جو ڇڏيل ڪجهه نه ڪجهه اثر، انهيءَ ڏس ۾ مددگار ٿيو هجي سا خبر مون کي نه آهي.) هن ماڻهو ٿوري ئي وقت ۾ ڪافي اهڙا ساڃاهه وند نوجوان پيدا ڪري وڌا آهن، جنهن لاءِ شرم-گڏاڙيل خوشيءَ جو احساس رکندو آهيان.
زخمي ٻيلي ۾ شينهن جهڙو يا شينهن لاءِ ٻيلي جهڙو آهي، پنهنجي جيءَ ۾ مٿي انسان دوستي، هيٺ قومپرستي، بي پناهه محبت، سچائي ۽ روين جي صفائي رکي ٿو، جنهن کان سمورا يا گهڻا دوست واقف آهن. سندس دوستيءَ جو حلقو به سندس محبتن جيان وسيع آهي. بهرحال ”زخمي“ وڏو شاعر نه سهي، باضمير ضرور آهي.

[b] سرڪش سنڌي
[/b] (ڪتاب ”ڏاڍو ساريندين“ تان ورتل)

ڏاڍو ساريندين، منهنجي مُئي کانپوءِ تون

ڏاڍو ساريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

اخبارن ۾ تعزيتون،
ڏهه ڏهه ڏياريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

جيئري قدر ڪو نه ڪيئه،
ڳوڙها ڳاڙيندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

اوڇنگارون ڏئي لاش تي،
راڄَ روئاريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

جهرجهنگ مُنهنجي شاعري،
نيٺ جُهونگاريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

قبر جو ڪتبو پڙهي،
گُل وِڇائيندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

”زخميءَ“ لئه ماتم ڪري،
نيٺ وساريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

ڇوٿا ٿيو مايوس، مِڙي سڀئي مُٺ ٿيو

ڇوٿا ٿيو مايوس،
مِڙي سڀئي مُٺ ٿيو.

گهر گهر ۾ تعليم جو،
روشن ڪيو فانُوس،
مِڙي سڀئي مُٺ ٿيو.

ٻاهر ٻاڦ نه ڪا سَليو،
تاڙي ٿو جاسُوس،
مِڙي سڀئي مُٺ ٿيو.

همت وارن جي اڳيان،
ٽُٽي پوي ٿو روس،
مِڙي سڀئي مُٺ ٿيو.

ناهي محفوظ ڏيهه ۾،
ننگ توڙي ناموس،
مِڙي سڀئي مُٺ ٿيو.

يار امن جي ڌرتيءَ تي آ، مارن ۾ ڦڙڦوٽ

پيار امن جي ڌرتيءَ تي آ،
مارن ۾ ڦڙڦوٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

ڳولي ڳولي ماريا ويا هِن،
ارڏا ۽ اڻموٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

ڌاڙيلن جي ڪاه تي آهي،
ٻارن ۾ ٻرڙوٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

شاديءَ واري رات ۾ ناحق،
گهايل ٿيو آ گهوٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

ڪالهه هو جنهن سان جِيءَ جو رستو،
سوئي ڏئي ٿو ڦوٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

ڏينهن ڏٺي جو پڪڙيو ويو آ،
چاچيءَ سان ڏيروٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

سڪندي سال ويا هن گذري،
ڪين ڪئي تو موٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

پاپي آهن پيرَ ڪڍي ويا،
مذهب جي ڏئي اوٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

اڄ ٿو ڏند ڏيکاري ڏائنڻُ،
ڪالهه وتا جنهن ووٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

”زخمي” ڪنهن جي ڳالهه ڪندين تون،
سڀ ڪنهن ۾ آ کوٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا.

ڪيڏو هي انسان، خطري ۾ پئجي ويو!

ڪيڏو هي انسان،
خطري ۾ پئجي ويو!

سامَ تي سِرُ هو ڏبو،
پر ڇو اڄ مهمان؟
خطري ۾ پئجي ويو!

هيڻن همت ڪئي جڏهن،
ڏاڍن جو دهمان،
خطري ۾ پئجي ويو!

مون ڪئي پُوڄا سُونهن جي،
ويچارو ڀڳوان،
خطري ۾ پئجي ويو!

ٺاهَه ٺڳيءَ اسٽيج تي،
سرڪاري اعلان،
خطري ۾ پئجي ويو!

کيسي ۾ پئسو نه هو،
”زخميءَ“ جو درمان،
خطري ۾ پئجي ويو!

ڪڏهين ٻيڙان ٻوڙ ته ڪڏهين، ڇالي ڇالي ڇَپ

ڪڏهين ٻيڙان ٻوڙ ته ڪڏهين،
ڇالي ڇالي ڇَپ،
تنهنجو نينهن سنڌوءَ جهڙو آ.

ڪڏهين روح رهاڻيون آهن،
ڪڏهين گهري چُپ،
تنهنجو نينهن سنڌوءَ جهڙو آ.

ننڍڙي ٻار جي کيڏوڻي کي،
اوءِ ڪنارا جَهپ!
تنهنجو نينهن سنڌوءَ جهڙو آ.

گهاتوءَ جي ننڍڙي خواهش کي،
تون به نه هاڻي ڪَپ،
تنهنجو نينهن سنڌوءَ جهڙو آ.

سپني جي سُندر ڀنڀوري،
ٻالڪ! جلد جهڙپ،
تنهنجو نينهن سنڌوءَ جهڙو آ.

شل ڪو ئي سمجهي سگهي! هڪڙو ئي الله

شل ڪو ئي سمجهي سگهي!
هڪڙو ئي الله،
ماڻهوءَ منجهه رهي پيو.

گونگا جذبا سمجهجن،
پوپٽ جهڙو چاهه،
ماڻهوءَ منجهه رهي پيو.

ويساهه گهاتيءَ ساڻ گڏ،
پختو ڪو ويساهه،
ماڻهوءَ منجهه رهي پيو.

اندر ۾ بنواسُ آ،
اکڙين ۾ درياهه،
ماڻهوءَ منجهه رهي پيو.

اونداهيءَ جي رات ۾،
جُگنوءَ جو اتساهه،
ماڻهوءَ منجهه رهي پيو.

گُم ٿي وِيو آهيان، مون کي ڳول نه تون

گُم ٿي وِيو آهيان،
مون کي ڳول نه تون.

جاٿي ڳولين ٿو پيو،
اُتڙي ڪاٿي هان!
مون کي ڳول نه تون.

اکڙيون بند ڪري مٺِي!
سپنن جي ڀرسان،
مون کي ڳول نه تون.

گُم ٿي ويندينءَ ميڙ ۾،
۽ تنهائيءَ مان،
مون کي ڳول نه تون.

وسري ويندو سانءِ مان،
منهنجي يادن سان،
مون کي ڳول نه تون.

ڪالهه پيو هو گهائجي، گهل گهل گوليءَ ۾

ڪالهه پيو هو گهائجي،
گهل گهل گوليءَ ۾،
ڪُونڌر سنڌي قومَ جو!

ڌارئي جيلر ڪيئن ڏِسُ،
واڙيو کوليءَ ۾،
ڪُونڌر سنڌي قومَ جو!

لاش هُيو فُوٽ پاٿ تي،
ماءُ جي جهوليءَ ۾،
ڪُونڌر سنڌي قومَ جو!
گهوگِهيو ويو ”راجيش“ هو،
ٻاتي ٻوليءَ ۾،
ڪُونڌر سنڌي قومَ جو!

لوڙهيو ويو ڪارو ڪري،
سنڌوءَ ڇوليءَ ۾،
ڪُونڌر سنڌي قومَ جو!

ڌرتيءَ لئه وڙهندو رهيو،
رت جي هوليءَ ۾،
ڪُونڌر سنڌي قومَ جو!


* معصوم راجيش: جنهن کي گهوگهي قتل ڪيو ويو.

ظلم ستم ڪيڏو، آهه اڃان جاري

ظلم ستم ڪيڏو،
آهه اڃان جاري،
جمهوريت جي ديس ۾.

ماني پَچائيندي ٿئي،
عورت ٿي ڪارِي،
جمهوريت جي ديس ۾.

اَنُ وڏيرو وِيو کڻي،
زور اڳيان زاري،
جمهوريت جي ديس ۾.

سؤ ڏهه ۾ چالان ٿيو،
بيڏوهي هاري،
جمهوريت جي ديس ۾.

ڏانداريءَ سان ماءُ جي،
سِينڌ آ پُٽ ڏاري،
جمهوريت جي ديس ۾.

”زخمي“ سِرَ تي ڪيئن کڻي،
خُواريءَ جي کاري،
جمهوريت جي ديس ۾.

ها مَرو يا ماريو، ڪُرسي ٿي گهرجي!

ها مَرو يا ماريو،
ڪُرسي ٿي گهرجي!

ڪم ڪرايو ڪين ڀل،
فائيل ڏيکاريو،
ڪُرسي ٿي گهرجي!

دهشتگردن سان مِلي،
سينا ٿا ٺاريو،
ڪُرسي ٿي گهرجي!

پاڻ پنهنجن جا وڃي،
کير ڀلي کاريو،
ڪُرسي ٿي گهرجي!

ڊيم ڀي منظور آ،
ڌارين کي ڌاريو،
ڪُرسي ٿي گهرجي!
لانگ بُوٽن سان اُٿي،
ماڻهن کي ماريو،
ڪُرسي ٿي گهرجي!

امن خاطر چور يا،
ڀاڳين کي واڙيو،
ڪُرسي ٿي گهرجي!

پيءُ سان اڄ پُٽ ڇو؟
ويرُ کڻي واريو،
ڪُرسي ٿي گهرجي!

دوکي جي ديوار کي، پوڙهو ٽوڙي ٿو

دوکي جي ديوار کي،
پوڙهو ٽوڙي ٿو،
ڪجهه ته جوڙي ٿو!

مالوند ميهار جو،
سُهڻي ٻوڙي ٿو،
ڪجهه ته جوڙي ٿو!

ڪربلا ۾ جو اچي،
خيما کوڙي ٿو،
ڪجهه ته جوڙي ٿو!

مانجهي منزل تي پُڄي،
پَڳههَ ڇوڙي ٿو،
ڪجهه ته جوڙي ٿو!

پِيرِيءَ ۾ ڀي هُو اڃا،
مِلِ ۾ لوڙي ٿو،
ڪجهه ته جوڙي ٿو!
چُوڙيليءَ جي چاهه مان،
ٻانهَن مروڙي ٿو،
ڪجهه ته جوڙي ٿو!

ڏات ڌڻي جو ڏينهن رات،
خُون ولوڙي ٿو،
ڪجهه ته جوڙي ٿو!

ڌارين جي يلغار تي،
ڏند ڀِڪوڙي ٿو،
ڪجهه ته جوڙي ٿو!

سُورهيه ٿو سرويچ سَڏائين، ٿورو اوري اَچُ الا

سُورهيه ٿو سرويچ سَڏائين،
ٿورو اوري اَچُ الا،
جعفر ٿيڻ کان بَچُ.

ڀونءِ اجهو وِيا ڀيلي ڌاريا،
پرواني جان پَچُ الا،
جعفر ٿيڻ کان بَچُ.

سِرَ جو سانگو لاهي پاهي،
نانگو ٿِي اڄ نچُ الا،
جعفر ٿيڻ کان بَچُ.

دل مان ڪوري يار ڪڍي ڇڏ،
ڪُوڙُ، ڪُپت ۽ ڪَچُ الا،
جعفر ٿيڻ کان بَچُ.

سنڌي بيروزگار ڪيا وِيا،
سُورَ سَليون ڪي ڳَچُ الا،
جعفر ٿيڻ کان بَچُ.

”زخمي چانڊئي“ خوب چيو آ،
سُوريءَ تي ڀي سَچُ الا،
جعفر ٿيڻ کان بَچُ.

رسڪ کڻي جو، سَچُ ڳالهايم

* رسڪ کڻي جو،
سَچُ ڳالهايم،
لوڪُ جَلِي ويندو!

پيار نگر جو،
پنڌ پُڇايم،
لوڪُ جَلِي ويندو!

دين کان اڳ ۾،
ديسُ بَچايم،
لوڪُ جَلِي ويندو!

محفل ۾ هڪ،
گيت جي ڳايم،
لوڪُ جَلِي ويندو!

هڏڪيءَ تي جي،
نانءُ اُچاريم،
لوڪُ جَلِي ويندو!


*رِسڪ: جو کم

عزت عظمت جو، هيءُ جنازو ٿو وڃي!

عزت عظمت جو،
هيءُ جنازو ٿو وڃي!

نفرت، نفرت آ رُڳي،
ميٺ محبت جو،
هيءُ جنازو ٿو وڃي!

سياست هونئن شانائتي،
اڄ جي سياست جو،
هيءُ جنازو ٿو وڃي!

ذاتي غيرت جامُ آ،
قومي غيرت جو،
هيءُ جنازو ٿو وڃي!

هرڪو قائم هَٺ تي،
نياز ۽ نوڙت جو،
هيءُ جنازو ٿو وڃي!

جاڏي ڏِسُ آلودگي،
سُندر فطرت جو،
هيءُ جنازو ٿو وڃي!

ڪيڏو قرضي هردفعي،
ڪُڙمي، ڪُڙمت جو،
هيءُ جنازو ٿو وڃي!

سچ چڙهي ويو دار تي،
جوڌي جُرئت جو،
هيءُ جنازو ٿو وڃي!

سنڌ امڙ وڪڻڻ، مون کان ڪو نه پُڄي سگهي

لالچ خاطر بي وڙا!
سنڌ امڙ وڪڻڻ،
مون کان ڪو نه پُڄي سگهي.

اذيتن جي صليب تي،
ڪوئي راز ڏَسِڻ،
مون کان ڪو نه پُڄي سگهي.

ڌارين جي ان لوڌ کي،
جِيءَ ۾ جايُون ڏيڻ،
مون کان ڪو نه پُڄي سگهي.

آزاديءَ جي راهه تان،
ڪانئر! هٿ کڻڻ،
مون کان ڪو نه پُڄي سگهي.

ڪنهن مَها انسان تي،
ڪوئي ڪُوڙ هڻڻ،
مون کان ڪو نه پُڄي سگهي.

زندگي خيرات جان،
پيرين پئي به وٺڻ،
مون کان ڪو نه پُڄي سگهي.

سائنس جي هن دؤر ۾،

سائنس جي هن دؤر ۾،
تون مان پِيا سي آٽجي،
ڌرتي وئي ٻُوساٽجي.
اميدن جي آسري،
چهرا وِيا ڪاراٽجي،
ڌرتي وئي ٻُوساٽجي.
چولا نياڻين جا جڏهن،
پنهنجن کان وِيا ڦاٽجي،
ڌرتي وئي ٻُوساٽجي.
سيٺ جي گاڏيءَ هيٺ،
پورهيت وِيو چيڀاٽجي،
ڌرتي وئي ٻُوساٽجي.
ڏنڊ بيگر ۾ هاريءَ جو،
سڀ حصو ويو ڪاٽجي،
ڌرتي وئي ٻُوساٽجي.

ايڏي ڄُنڊا پَٽ!

ايڏي ڄُنڊا پَٽ!
سائنس جي هن دور ۾!
فوجيءَ جي هڪ ٿڦ سان،
ڪنن ۾ زُوڪٽ.
سائنس جي هن دور ۾!
تنهنجا ٿڌڙا ساهَه هِن،
نانگ جيان ڦوڪٽ.
سائنس جي هن دور ۾!
روز ڪرين ٿي ڇو ڀلا،
سانئڻ! تون کرمَٽ.
سائنس جي هن دور ۾!
حال اسان جو هيءُ اٿئي،
ڇڳل آ گهرِ کٽ،
سائنس جي هن دور ۾!
هَلُ ته اسان سان سانوري!
جبل مٿي جَهٽ.
سائنس جي هن دور ۾!

رُوح گُهري ٿو رَس،

رُوح گُهري ٿو رَس،
مارئي ڳاءِ نه سينڍ ۾!
ٻولَ مٺا ڪي ٻول تون،
ڏيهه سڄي کي ڏس،
مارئي ڳاءِ نه سينڍ ۾!
پرهه ڦٽي ڪَرَ موڙيا،
لوڪ ڀڳو آرس،
مارئي ڳاءِ نه سينڍ ۾!
قرب ڪچهريءَ جو هُجي،
چاهه وڃائي چَس،
مارئي ڳاءِ نه سينڍ ۾!
ڪهڙا ڏوراپا ڏيان،
يار! هجيئي جَس،
مارئي ڳاءِ نه سينڍ ۾!

ڪي ڪي ڪن ٿا،

ڪي ڪي ڪن ٿا،
خوب نظارا،
چو سولن تي ويهي.
ڪي ته هڻن ٿا،
جوش مان نعرا،
چو سولن تي ويهي.
ڪڏهن رُسي ٿا،
پَون پيارا،
چو سولن تي ويهي.
ڪي ڪي تڙپي،
ساهه ڏين ٿا،
چو سولن تي ويهي.

پاپ نگر ۾ شاهد رهجان،

پاپ نگر ۾ شاهد رهجان،
رنڊا ٿا روڙيون،
تنهنجي لاءِ ڌرتي!
سينا تاڻي گولين سان ٿا،
نينهن پيا جوڙيون،
تنهنجي لاءِ ڌرتي!
شاهه، سچل ۽ ساميءَ واري،
منزل ٿا ووڙيون،
تنهنجي لاءِ ڌرتي!
ارڏا بڻجي موت قبوليون،
نڪُ نٿا ٻوڙيون،
تنهنجي لاءِ ڌرتي!
گهاڻن ڀرسان جنگم بڻجي،
خيما ٿا کوڙيون،
تنهنجي لاءِ ڌرتي!
سارو جوڀن زندانن ۾،
مُرڪي ٿا لوڙيون،
تنهنجي لاءِ ڌرتي!
گهوٻي، پين، پاني سان ”زخمي“،
رت پيا وِلوڙيون،
تنهنجي لاءِ ڌرتي!



\

تَرَ جي پِير وڏيري کي،

تَرَ جي پِير وڏيري کي،
پيرين ڪو نه پَوڻ تي،
زخمي ماريو ويو!
ڏوههُ به ڪوئي ڪين هو،
پنهنجي حق گهرڻ تي،
زخمي ماريو ويو!
رِياءُ رکي فتويٰ ڏنئي،
فيصلي کي نه مڃڻ تي،
زخمي ماريو ويو!
ڪُوڙن جي سنسار ۾،
آهي سچ لِکڻ تي،
زخمي ماريو ويو!

تنهنجي واعدن تي،

تنهنجي واعدن تي،
تارا ڳڻيندي،
ننڊ ڦِٽي وئي سانوري!
لُڇ پُڇَ جي حالات ۾،
پاسا مَٽيندي،
ننڊ ڦِٽي وئي سانوري!
عابده، مُڪيش جون،
ڪيسيٽون ٻُڌندي،
ننڊ ڦِٽي وئي سانوري!
بي چينيءَ مان بلب جان،
اندرُ ٻاريندي،
ننڊ ڦِٽي وئي سانوري!
هر هر ڪَرَ ڀَڃي ڀَڃي،
اوٻاسيون ڏيندي،
ننڊ ڦِٽي وئي سانوري!
باک ڦٽيءَ جي شاعري،
تولئه سرجيندي،
ننڊ ڦِٽي وئي سانوري!

ڪاڇو ’لاڙ‘ اتر ڀي ساجن،

ڪاڇو ’لاڙ‘ اتر ڀي ساجن،
خوب ڏٺم ڀٽڪي،
الاڙي توسان دل اٽڪي!
تنهنجي خاطر تنهنجي در جي،
روز ڀريم مَٽڪي،
الاڙي توسان دل اٽڪي!
تنهنجي رقيبن تي او راڻا!
ڪيئن پيم ڪڙڪي،
الاڙي توسان دل اٽڪي!
تنهنجي خاطر موت قبولي،
ٽياس پيم لٽڪي،
الاڙي توسان دل اٽڪي!

کولي بند ۾،

کولي بند ۾،
اڀرا سڀرا،
ڳالهائن ٿا.
مقتل گاهه ۾،
جسم جا ٽڪرا،
ڳالهائن ٿا.
فوجي راڄ ۾،
سنڌ جا خطرا،
ڳالهائن ٿا.
تقريرن ۾،
تنهنجا تبرا،
ڳالهائن ٿا.
ڪڍيل نَنهن تي،
رَتُ جا قطرا،
ڳالهائن ٿا.

پاپي پنجاب جو،

پاپي پنجاب جو،
ڪونه ڇڏيندءِ جندُ،
نيٺ ٻوڙيندءِ سنڌُ!
حيلو ڪر هوشيار ٿي،
ڪين جُهڪائج ڪنڌُ،
نيٺ ٻوڙيندءِ سنڌُ!
تباهه ڪاريءَ کان اڳي،
سوچ جو اڏجي بَندُ،
نيٺ ٻوڙيندءِ سنڌُ!
جنگ بقا جي وڙههُ پيو،
ٿورو باقي پنڌ،
نيٺ ٻوڙيندءِ سنڌُ!

ڪالهه وڏيري ڪُڙمياڻيءَ جي،

ڪالهه وڏيري ڪُڙمياڻيءَ جي،
ڪئي آ لڄالُٽ،
ويٺو چَپ نه چَٽِ!
ننگن وچ ۾ نپٽ نڀاڳا،
تون نه مُڇن کي وَٽ،
ويٺو چَپ نه چَٽِ!
شايد تنهنجي دل تي آهي،
خوب چڙهي وئي ڪٽ،
ويٺو چَپ نه چَٽِ!
ڪنهن چيو ٿي پيءُ ۽ ڀاءُ جي،
دُهل تي ڏاڙهي پَٽ،
ويٺو چَپ نه چَٽِ!
پاڻ وَڻائڻ لاءِ ڪيو ٿي،
ڏاڙهي مُڇن کي چَٽ،
ويٺو چَپ نه چَٽِ!
انا ڪارڻ احمق ايڏو،
ڀانءِ نه ٻين کي گهٽ،
ويٺو چَپ نه چَٽِ!
ڪِيڻ، گهوٻي ۽ پين پاني تي،
ليکڪ لِکُ جهٽ پَٽ،
ويٺو چَپ نه چَٽِ!
پرچڻ جي ڪر وگهري ويو آ،
”زخمي“ دل جو ڦٽ،
ويٺو چَپ نه چَٽِ!

تنهائي جو ٿو ٿئي،

تنهائي جو ٿو ٿئي،
شدت سان احساس،
تنهنجي وئي کان پوءِ!
تنهنجي خطڙن آ ڏنو،
خوشبوئن جو واس،
تنهنجي وئي کان پوءِ!
تو ريءَ آيو ڪينڪي،
هڪڙو پل ڀي راس،
تنهنجي وئي کان پوءِ!
روزانو ٿيندو وڃي،
ڏاڍو من اُداس،
تنهنجي وئي کان پوءِ!
تان دل جي پئي ٽُٽي،
ڇيهُون ٿيو وشواس،
تنهنجي وئي کان پوءِ!

سُوريءَ سچ چيوم،

سُوريءَ سچ چيوم،
پاڻُ وَڻايان ڪيئن ڙي!
روزانو نئين سج جو،
ڪونه سلام ڪيوم،
پاڻُ وَڻايان ڪيئن ڙي!
بدل بلاول جو بڻي،
گهاڻي کي چاهيوم،
پاڻُ وَڻايان ڪيئن ڙي!
پنهنجي رَتُ مان ڪِلڪَ کي،
ٻوڙي گيت رچيوم،
پاڻُ وَڻايان ڪيئن ڙي!
ڀالو، پائي ڀاڪرين،
ڪنهن کي ڪين هنيوم،
پاڻُ وَڻايان ڪيئن ڙي!
ماريءَ کي شل مار پئي،
ڳليءَ ڳليءَ ڳايوم،
پاڻُ وَڻايان ڪيئن ڙي!

پوتر ڌرتيءَ جو،

پوتر ڌرتيءَ جو،
قرض آ مونکي لاهڻو.
ساڙولي ساڙي ويا،
وستي وستيءَ جو،
قرض آ مونکي لاهڻو.
قرضي آهيان ڪيترو،
کرڙي، ٽلٽيءَ جو،
قرض آ مونکي لاهڻو.
ساري آهن لاهڻا،
اڳ ۾ سرتيءَ جو،
قرض آ مونکي لاهڻو.
منهنجي وڏڙن جي ڪيون،
غلطي غلطيءَ جو،
قرض آ مونکي لاهڻو.
وڙهندي وڙهندي مارجان،
قوم پرستيءَ جو،
قرض آ مونکي لاهڻو.
ڏاڍ سَٺا سُون ڏاڍ جي،
هستي مستيءَ جو،
قرض آ مونکي لاهڻو.
دهشتگردن کان ٿيا،
زخمي زخميءَ جو،
قرض آ مونکي لاهڻو.

دل جي اونهي گهاوَ جي،

دل جي اونهي گهاوَ جي،
ڪنهن کي ڏيندس دانهن،
پوليو ٿي پيو پُٽ کي!
بابا! تنهنجي نانءَ تي،
حملو ٿيو ڪيڏانهن،
پوليو ٿي پيو پُٽ کي!
ڏات رچيندڙ منهنجي،
سُڪي پئي آ ٻانهن،
پوليو ٿي پيو پُٽ کي!
آشائون ارمان ربَّ!
سڀ مُڪم توڏانهن،
پوليو ٿي پيو پُٽ کي!

اڄ نه سڀاڻي چئي،

اڄ نه سڀاڻي چئي،
ڪُوڙن قَسمن جا،
پٿر نه هَڻُ جاني!
مامَ جي رومال ۾،
ويڙهي لفظن جا،
پٿر نه هَڻُ جاني!
مُئي پُڄاڻان تون،
قبرين ڪتبن جا،
پٿر نه هَڻُ جاني!
مجروح دلڙيءَ کي،
گهرن زخمن جا،
پٿر نه هَڻُ جاني!
ڪمپيوٽر جي دؤر ۾،
ريتن رسمن جا،
پٿر نه هَڻُ جاني!

ڪوئي ڪنهن انسان جا،

ڪوئي ڪنهن انسان جا،
ڪِيتا ٿو لوڙي پيو!
ڪوئي هڪ سؤ ٻارڙن،
راشد ۽ ذيشان جا،
ڪِيتا ٿو لوڙي پيو!
ڪوئي ڪُوڙي ساک ڏئي،
گيتا ۽ قرآن جا،
ڪِيتا ٿو لوڙي پيو!
ڪوئي پَوتر نارِ تي،
ڪارَنهِن جي بُهتان جا،
ڪِيتا ٿو لوڙي پيو!
ڪوئي مُوسيٰ رُوپ ۾،
اِبليسي ارڪان جا،
ڪِيتا ٿو لوڙي پيو!

پيارا ايڏو ضِدُ هي مونسان،

پيارا ايڏو ضِدُ هي مونسان،
نيٺ ڪيئه ڇاڪاڻ،
الاڙي هَلُ ته لَبِ مهراڻ!
ڏينهن جُمعي جو آهه سدورو،
رات چوڏهينءَ چانڊاڻ،
الاڙي هَلُ ته لَبِ مهراڻ!
سنڌوءَ ڀر تي ميلي جهڙو،
هوندو مَتل مانڊاڻ،
الاڙي هَلُ ته لَبِ مهراڻ!
سيرُ، بئراج کان ٻيلي تاءِ،
ٻيڙيءَ ۾ ڪيئون پاڻ،
الاڙي هَلُ ته لَبِ مهراڻ!
تنهنجي هٿ سان ڀرت ڀريل ٿو،
پائي هَلان پَهراڻ،
الاڙي هَلُ ته لَبِ مهراڻ!
ياد پَروڪيءَ آندي آهي،
اکڙين ۾ آلاڻ،
الاڙي هَلُ ته لَبِ مهراڻ!
ڏينهون ڏينهن وڃي پئي ٿيندي،
چاهت جُوان جماڻ،
الاڙي هَلُ ته لَبِ مهراڻ!
ڪونه لڳو ٿي شايد پيارا،
”زخميءَ“ جو ڪو ٻاڻ،
الاڙي هَلُ ته لَبِ مهراڻ!

هاڻي توسان ناهي ٿيڻو،

هاڻي توسان ناهي ٿيڻو،
پاپي ڪو پرچاءُ،
الاڙي تون ڪيئن مُنهنجو ڀاءُ!
ناهي ڌرتي آيل جي پر،
ڄايل جي آ ماءُ،
الاڙي تون ڪيئن مُنهنجو ڀاءُ!
تنهنجي دهشتگرديءَ جو آ،
ڏيهه اندر ڏهڪاءُ،
الاڙي تون ڪيئن مُنهنجو ڀاءُ!
آڙ وَٺي اسلام جي ڌاريا!
ڪيئن ڪرين ٿو داءُ،
الاڙي تون ڪيئن مُنهنجو ڀاءُ!
انگ اُگهاڙن ٿر واسين تي،
ڪونه آيئي ڪهڪاءُ،
الاڙي تون ڪيئن مُنهنجو ڀاءُ!
هُونئن ته سيرُ سڏائين ٿو پر،
پُورو ناهين پاءُ،
الاڙي تون ڪيئن مُنهنجو ڀاءُ!
ارغونن تُرخانن جهڙو،
تنهنجو آ ورتاءُ،
الاڙي تون ڪيئن مُنهنجو ڀاءُ!
”زخميءَ“ ۾ آ ساهُه اڃا ڀي،
ڀل جان سامهون آءُ،
الاڙي تون ڪيئن مُنهنجو ڀاءُ!

شام سحر مان آلاپيان ٿو،

شام سحر مان آلاپيان ٿو،
سُڏڪن جو سرگم،
چوين ٿو: ڇوٿو لُڇين هردم!
سنڌي قوم ڪري ٿي ساري،
ٽانڊن تي ماتم،
چوين ٿو: ڇوٿو لُڇين هردم!
گهر گهر چولين چيهاڙين جا،
لال اُڀا پرچم،
چوين ٿو: ڇوٿو لُڇين هردم!
رشوت ريءَ نه ٿئي ٿو هتڙي،
ڪنهن جو ڪوئي ڪم،
چوين ٿو: ڇوٿو لُڇين هردم!
مُنشي، ادل، گل، بزمي، تڙپيا،
سرڪش ۽ تبسم،
چوين ٿو: ڇوٿو لُڇين هردم!
روز لڄالٽ، اغوائن تي،
رت روئي آدم،
چوين ٿو: ڇوٿو لُڇين هردم!
”زخمي“ دل جو وگهري ويو آ،
گَهِرو يار زخم،
چوين ٿو: ڇوٿو لُڇين هردم!

تنهنجي دل تان لهي وياسين.

تنهنجي دل تان لهي وياسين.
دردن سان ٺهي وياسين.

اڳ ڪَکُ به نه سَهبو هو،
اڄ ڇا ڇا سهي وياسين.

هِت روح نه ٿو ريجهي،
تو وٽ جو رهي وياسين.

مُرڪن کي ورهائيندي،
لُڙڪن ۾ وهي وياسين.

تو نظر جو ڦيرائي،
’زخمي‘ ٿي ڊهي وياسين.

ڪا سار ته لهبي آ.

ڪا سار ته لهبي آ.
رُڳو هام نه هڻبي آ.

ايڏو ضد به چڱو ناهي،
ڪنهن ٻئي جي به ٻُڌبي آ.

سا ڳالهه ڪجي ڇا لئه؟
جا پاڙي نه سگهبي آ.

فُرصت جي گهڻي ناهي،
هڪ رات ته رهبي آ.

هُن خط آ لکيو ’زخمي‘،
ڪا چوٽ به سهبي آ.

چُپ چاپ لڏي ويو آن.

چُپ چاپ لڏي ويو آن.
غيرن جي تڏي ويو آن.

گڏ کيڏياسين جاٿي،
سا جُوءِ ڇڏي ويو آن.

مَئي پيار جي پيئاري،
ڪيڏو ته اَڏي ويو آن.

ماريــنــدي اڪيلائـــي،
غم ۾ جو گڏي ويو آن.

’زخميءَ‘ کي ڏئي صدما،
وجهي وَهم وڏي ويو آن.

تو ته دڙڪو به مُرڪي ڏنو هو، مُون ته راتين جون راتيون رنو هو.

تو ته دڙڪو به مُرڪي ڏنو هو، مُون ته راتين جون راتيون رنو هو.
تو ته چرچو ڪيو پنهنجي پَرِ ۾، مُنهنجو ڳوڙهن سان دامن ڀنو هو.

ڏوهه منهنجو مٺا ڪونه هو ٻيو، ويندي تنهنجي هٿن کي چُميو هو،
سڄي محفل جي سامهون ڏئي جهڻڪون، هَٿُ هَٿَ مان تو زوري ڇنو هو.

جڏهن مون کان ڪيا تو ڪنارا، تنهنجا فوٽو ۽ خط ٿيا سهارا،
مونکي پوءِ ڀي شڪايت نه آهي، ڇوته تنهنجي ڏني ٿيو ٻَنو هو.

ماڻهو جيئرن سان جاڙُون ته ڪن ٿا، مُئي کانپوءِ ڇو هُو روئن رڙن ٿا،
مُئي کي ماڻهو مکڻ ڪيئن چون ٿا، جيئري ’زخمي‘ ته ڪوجهو ڪِنو هو.

دل مان ٿڌڙو ساههُ کڄي ويو.

دل مان ٿڌڙو ساههُ کڄي ويو.
جيئڻ تان ارواحُ کڄي ويو.

مسجد مان معصومُ ٿيو اغوا،
پاڻ ئي ڄڻ اللهُ کڄي ويو.

دانگيءَ تي رَتُ ڪونه وري ٿو،
رشتن تان ويساههُ کڄي ويو.

رئيس ته زوري واههُ کڻايو،
هوڏي آ درياءُ کڄي ويو.

وڏن ماڻهن جي کوٽ نه هُئي پر،
غريب غلام الله کڄي ويو.

مڇي نه ڏيڻ تان ڏينهن ڏٺي جو،
ٻانڌي تان ملاح کڄي ويو.

ٻئي کي بچائيندي ٿي ’زخمي‘،
*ڪيزيوئلٽي همراهه کڄي ويو.


*ڪيزيوئلٽي: شعبه حادثات

فلسفو تنهنجي خوديءَ جو جا بجا جاري سچل.

فلسفو تنهنجي خوديءَ جو جا بجا جاري سچل.
’جوئي آهيان سوئي آهيان‘ خلق ويچاري سچل.

’ڪم ڪجي اهڙو ڪجي جو خود خدا وانگي ٿجي‘،
فڪر اهڙي سان ڪري شل سنڌ سرداري سچل.

ديس جي سرسبز سائين! ڀونءِ ٿي پئي ڀيلجي،
جي نه ويندا جُوءِ مان هي تاب تاتاري سچل.

موههَ جي مهڻي وڃن ٿيون اڄ به ماريون مارويون،
روز مومل جي ٿئي ٿي ڪاڪ پئي ڪاري سچل.

منهنجي باغن کي لتاڙن هاءِ هيڏا لانگ بُوٽ،
ڪئن رهندي رُت بسنتي، گُل ۽ گلزاري سچل.

در درازن جا سدائين ٻهڪندا کلندا رهن،
ٿي کپي تنوير جهڙي دل ۽ دلداري سچل.

روح ’زخمي‘ جيڪڏهن آهي ته ڪهڙي نئين صدي!
ايڪويهين ٿي اچي شل آجپي واري سچل.

محبوب جو پاڙو هو.

محبوب جو پاڙو هو.
ڄڻ عيد ڏهاڙو هو.

آوازُ ٻُڌي در تي،
اُٿيو پيرين اُگهاڙو هو.

هُن کي هو وسارڻ يا،
پيرن تي ڪُهاڙو هو.

کِل ڀوڳ ۽ ساروڻيون،
تاڙي تي تاڙو هو.

’زخميءَ‘ جــــي گهر ۾ ڇو؟
اڄ روڄ ۽ راڙو هو.

هيءَ به ڪهڙي زندگي آهي!

هيءَ به ڪهڙي زندگي آهي!
جو سڀ ڪنهن جي بندگي آهي.

ڪو نَڪَ ڪپڻ تي ڪين مُڙيو،
ڪنهن جي طعني تي خودڪشي آهي.

هن نفسانفسي جي عالم ۾،
پنهنجو به ڄڻ اجنبي آهي.

اي وقت گواهه رهجان تون،
منهنجي ڪنهن سان نه دشمني آهي.

توکانسواءِ پل ڀي نه ٿي سَري،
تنهنجي مَن ڪيئن سَري آهي.

هر ماڻهو ٿو سمجهان محترم،
هيءَ ڪيڏي نه سادگي آهي.

سُکن جي تلاش ۾ ’زخمي‘،
ڏکن سان ٿي دوستي آهي.

زندگي تو سوا ٿي پئي آ ٻُسي.

زندگي تو سوا ٿي پئي آ ٻُسي.
تون رُسي وئين ته ويئي خُدائي رُسي.

تنهنجو منهنجو ملڻ ڄڻ ته معراج آ،
پوءِ معراج ۾ هيءَ ڇا جي وِٿي.

تنهنجي مُرڪڻ سان قائم هي ڪائنات آ،
تنهنجي ناراضپي ساڻ قيامت ٽُٽي.

’تو سِوا ڪيئن جيئان‘ تنهنجا الفاظ ها،
تيرُ دل ۾ ٽُنبي، تو مُڪي هُئي چِٺي.

آءُ سنگدل اچي ڪوئي آٿت ته ڏي،
تند دل جي ٽُٽي، پئي نه ’زخمي‘ مَري.

نوابن جي دنيا.

نوابن جي دنيا.
عذابن جي دنيا.

ٻُڌي سُون شرابن،
ڪبابن جي دنيا.

اسان جي دنيا آ،
ڪتابن جي دنيا.

خزان ۾ نه روليو،
گلابن جي دنيا.

ڇڏيا ڪين پوڙها،
خضابن جي دنيا.

گـناهن ۾ ويڙهيل،
ثوابن جي دنيا.

اوهان ريءَ وَسايم،
سرابن جي دنيا.

بنائي آ ’زخمي‘،
خوابن جي دنيا.

رئيس يا امير ناهيان.

رئيس يا امير ناهيان.
مُرشد يا پير ناهيان.

حاتم به سڏجان ها پر،
ايڏو امير ناهيان.

ڪوڙا ڏٽا نه ڏيندس،
اڄ جو وزير ناهيان.

حق کي ڇني مان وٺندس،
پينو فقير ناهيان.

ڏاڍيون پُڇان هان خبرون،
مُنڪر نڪير ناهيان.

ڳولهي ڪُهان ها ڌاريا،
خنجرُ يا تير ناهيان.


هر سُور مون سَٺو آ،
ٽوڙِهيءَ اسير ناهيان.

سڀ ڪجهه ٿو سمجهان اڄڪلهه،
مان ڪو صغير ناهيان

غيرت سُجاڳ آهي،
مان بي ضمير ناهيان.

’زخمي‘ ضرور آهيان،
قادر، بشير ناهيان.

جي ڪرڻ مونسان گهُرين ٿو دل لڳيءَ جي ڳالهه ڪر.

جي ڪرڻ مونسان گهُرين ٿو دل لڳيءَ جي ڳالهه ڪر.
دشمنيءَ جا ورق ڦاڙي دوستيءَ جي ڳالهه ڪر.

ڏينهن ٻن جي گڏ رهڻ ۾ آ مزو ڪهڙو پرين،
گڏ رهڻ جي لاءِ ساري زندگيءَ جي ڳالهه ڪر.

امن کي ڀڳوان پنهنجو جي بنايو آهه تو،
پيار جي سجدن ۾ گُم ٿي بندگيءَ جي ڳالهه ڪر.

واءُ جي جهُوٽي ۾ ايڏا زلف برهم ڪيئن ٿيا،
حسن وارن جي ۽ تن جي برهميءَ جي ڳالهه ڪر.

گل مٿان پوپٽ ٿا اڏرن، ڳل مٿان هٿ ڪيئن رکان،
عاشقن سان عاشقن جي عاشقيءَ جي ڳالهه ڪر.

عشق جو موضوع ڇيڙين ٿو ته ’زخميءَ‘ ساڻُ ڇيڙ،
آءُ هِن سُقراط سان ڪا وهُه- وَٽيءَ جي ڳالهه ڪر.

تيل پنهنجي پاڻ ئي ٿي زندگي ڪرڻي پوي.

تيل پنهنجي پاڻ ئي ٿي زندگي ڪرڻي پوي.
وقت تي قربان ڪيئن ٿي هر خوشي ڪرڻي پوي.

بي رحم ظالم زماني آ گهُٽڻ جو کنيو قسم،
ڪيترو مجبور ٿي، ٿي خودڪشي ڪرڻي پوي.

دل گهُرئي محبوب جو، جي گهرُ هُجي مسجد قريب،
پوءِ ته رب جي رات ڏينهن ٿي بندگي ڪرڻي پوي.

هِن سڄي سنسار ۾ مونکي سڃاتو آ ڏکن،
تن سان نڀائڻ واسطي ٿي مئڪشي ڪرڻي پوي.

جنهن کي حاصل آهي ڪرڻو، سو ڪبو حاصل ضرور،
ڇونه ’زخميءَ‘ کي اتي ڪا سرڪشي ڪرڻي پوي.

جيون سوچ جي گهيرن ۾ آ.

جيون سوچ جي گهيرن ۾ آ.
درد الم جي ديرن ۾ آ.

وک وڌايان منزل ڏي ڪيئن؟
نيلُ لڳل جو پيرن ۾ آ.

ٽاڪَ منجهند جو دَرَ تي سُوالي،
صاحب پوءِ ڀي نيرن ۾ آ.

ماني سُڪي ٿو ڳُڙ سان کائي،
باهه لڳي ڇو جيرن ۾ آ.

بازُ اڳي شهباز هُيو پر،
هاڻي مُنجهي پيو ڳيرن ۾ آ.

ڪوئي هر هر ويسَ مَٽائي،
عُمر سڄي ڪو ميرن ۾ آ.

ڏوهُه نه پنهنجن ڏي آ ’زخمي‘،
گوڙ سمورو غيرن ۾ آ.

ستم تون به پنهنجو گهٽائي نه سگهندين.

ستم تون به پنهنجو گهٽائي نه سگهندين.
مگر منهنجي ٻولي مَٽائي نه سگهندين.

ٻُڌي ڇڏ ارادو اٽل ٿئه اسان جو،
ڪڏهن ڀي، قسم تي هَٽائي نه سگهندين.

مڃان ٿو اڏيءَ تي ڪُهين ٿو تون ڪونڌر،
سوين سِيسَ ليڪن ڪَٽائي نه سگهندين.

جڏهن منهنجو هَٿُ ڀي گريبان تي پُهتئه،
ستمگر تِري پو پَٽائي نه سگهندين.

هي هارين جي ڌرتي، مزورن جي ڌرتي،
انهن جون تون پاڙون پَٽائي نه سگهندين.

ڏسي هاڻي مونکي ڀَڄڻ جي نه ڪر تون،
ائين موت کان تون نٽائي نه سگهندين.

ڀلي لاش ’زخميءَ‘ جو لوڙهي لٽي ڇڏ،
مگر نانءٌ منهنجو لَٽائي نه سگهندين.

ڪنهين کي ستائڻ اسان کان نه ٿيندو.

ڪنهين کي ستائڻ اسان کان نه ٿيندو.
اُچائڻ رنجائڻ اسان کان نه ٿيندو.

غريبن يتيمن کي اغوا ڪرائي،
ائين ڀُنگ کائڻ اسان کان نه ٿيندو.

پَڪو پختو واعدو ڪري ڀل ڦِري هُو،
وچن کي وسارڻ اسان کان نه ٿيندو.

نه چورن سان ياري، نه ٿاڻي تي اچ وَڃُ،
ٻَڌائڻ ڇڏائڻ اسان کان نه ٿيندو.

اسان کي ڏسي جيئن ڪيو تو هو پاسو،
ائين مَن! لنوائڻ اسان کان نه ٿيندو.

ٻُڌائڻ گهُرون ٿا فقط سُور توکي،
گهڻن کي ٻُڌائڻ اسان کان نه ٿيندو.

جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ’زخميءَ‘ کي قاتل!
جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو.

آيو هو مهمانن وانگي.

آيو هو مهمانن وانگي.
بڻجي پيو بيمانن وانگي.

تنهنجي سوچ لڳي ٿي اهڙي،
ارغونن، تُرخانن وانگي.

تنهنجا فوٽو ڪاڪ- ڪنڌيءَ تي،
رحل مٿان قرآنن وانگي.

جيئون ٿا مسواڙي بڻجي،
شاديءَ جي شاميانن وانگي.

هُو ٿو حق پراوا کائي،
سوپاري ۽ پانن وانگي.

روزُ ڪندو هُو ويل رهي ٿو،
برساتي طوفانن وانگي.

نيڻ اچن ٿا ڀرجي ’زخمي‘،
ساقيءَ جي پيمانن وانگي.


جيون سارو جيلن وانگي.
زنجيرن ۽ نيلن وانگي.

ڌاريو حق ٿو کائي ويٺو،
زيتونن ۽ ڪيلن وانگي.

قدم قدم تي دير لڳي ٿي،
ڪوهن وانگي ميلن وانگي.

سنڌ سڄي سُنسان ٿي وئي آ،
جبلن وانگي ٻيلن وانگي.

چونڪ چونڪَ تي لاش پيو آ،
قوم ڪُسي ٿي ڇيلن وانگي.

مسڪينن کي پِيڙهيو ويو آ،
سَرنهَن، تِرن جي تيلن وانگي.

ڏاڍن جي لئه خُون تماشو،
فلمن وانگي کيلن وانگي.

’زخمي‘ هر هڪ سانحو اهڙو،
سانگيءَ جي ڄڻ ريلن وانگي.
­

سانگي اسٽيشن: ريلوي جو هانءُ ڏاريندڙ سانحو.

روز هُو مغرور ٿيندو ٿو وڃي.

روز هُو مغرور ٿيندو ٿو وڃي.
قوم لئه ناسُور ٿيندو ٿو وڃي.

تـيزُ تر آ *مُووِمينٽ ڏينهن ڏينهن،
سنڌي ڏِس مجبور ٿيندو ٿو وڃي.

ڀُونءِ پنهنجيءَ تان ائين ڇو بي دخل،
هاري ۽ مزدور ٿيندو ٿو وڃي.

ديس پنهنجي جو ڌڻي ڌارين هٿان،
ڏينهون ڏينهن معذور ٿيندو ٿو وڃي.

سنڌ ٿي بيرُوت ويئي تنهن ڪري،
ماڻهو هر رنجُور ٿيندو ٿو وڃي.

قتل سنڌين جا ڪري هُو غير ڏِسُ،
شهر ۾ مفرور ٿيندو ٿو وڃي.

پَٽِ اکيون، ٿيون مُفت جون ڪئمپون لڳن،
ڇو سنڌي بي نُور ٿيندو ٿو وڃي.

زخم ’زخمي‘ جو وڃي ٿو وِگهرندو،
تنهن ڪري منصُور ٿيندو ٿو وڃي.
­­

* MOVEMENT = PROGRESS

منهنجي چاهت اڄ به اُها ئي.

منهنجي چاهت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي نفرت اڄ به اُها ئي.

منهنجي الفت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي ڪُلفت اڄ به اُها ئي.

منهنجي رَغبت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي فرقت اڄ به اُها ئي.

منهنجي حالت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي عادت اڄ به اُها ئي.

منهنجي غربت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي دولت اڄ به اُها ئي.

منهنجي نِوڙت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي طاقت اڄ به اُها ئي.

’زخمي‘ ٿي بدنام ويو پر،
تنهنجي شهرت اڄ به اُها ئي.

ارڏا ۽ اڻموٽ اسان.

ارڏا ۽ اڻموٽ اسان.
ڌارين لئه ڦڙڦوٽ اسان.

سُوريءَ تي سچ چوندا آهيون،
ڪونه رکئون ٿا کوٽ اسان.

جيڪي ديس- دروهي ٿيندا،
تن کي چکايون چوٽ اسان.

دڙڪن دهمانن تي ڪنهن کي،
ڏيندا ناهيون ووٽ اسان.

مسڪينن ۽ ماروئڙن لئه،
آهيون اولئون اوٽ اسان.

جيونُ، نوٽڻ راند آ سائين،
مَچَ ۾ ٿيون ڪا ڳوٽ اسان.

هُونئن ته گهايل گهايل آهيون،
پوءِ به آهيون گهوٽ اسان.

’زخمي‘ پنهنجي دل وڪڻي پو،
وٺندا ناهيون نوٽ اسان.

ٿاڻن ۾ ڪُٽرائيندو رَهُه.

ٿاڻن ۾ ڪُٽرائيندو رَهُه.
ڏاڙهيون پيو پَٽرائيندو رَهُه.

آڻ نه مڃبي تنهنجي مُورک!
زور ڀلي تون لائيندو رَهُه.

ٽانڊو ٽوپي پاڻ نه ڄاڻون،
ڳوٺن مان لَڏرائيندو رَهُه.

اڻ گُس اڻٽر ارڏا آهيون،
گهاڻن ۾ پيڙائيندو رَهُه.

بيگر تنهنجي مُور نه وهبي،
ڏنڊ ڀلي وجهرائيندو رَهُه.

توکي ’زخمي‘ آهِه سُڃاتو،
رُوپ ڀلي مَٽرائيندو رَهُه.

ڏسان ٿو رات سپني ۾ اهو اعلانُ ٿي ويو آ.

ڏسان ٿو رات سپني ۾ اهو اعلانُ ٿي ويو آ.
هٿيارن جو ڪَٺي گهر گهر وڏو سامانُ ٿي ويو آ.

پَڪا پوڙها مِڙي آيا، سڀئي سَنڌرو ٻَڌي بيٺا،
مَرڻ مارڻ جو مَردن لئه کُليو ميدانُ ٿي ويو آ.

هَليون گوليون، ڌُڏي ڌرتي، اُٿيا شعلا، ٻُڌم چيخُون،
ڏٺو ٿم ديس پنهنجي جو وڏو نقصانُ ٿي ويو آ.

سَوين ڪُونڌر ڪُسي پيا ۽ وَهي پيو خُون سان سِنڌُو،
کڙو منڇر ۽ ڪينجهر تي وڏو طوفانُ ٿي پيو آ.

ڪري جنهن جي وڏي آجيان رهايوسين اچي گهر ۾،
مَندو هِن ديس جو ڌاريو اُهو مهمان ٿي پيو آ.

اسان جنهن کي چڱو سمجهيو اُهو بدمعاش نڪري پيو،
شرارت ٿو ڪري ويٺو، وڏو شيطانُ ٿي پيو آ.

ڏسان ٿو ڳوٺ ساري ۾ گهُمي راڪاسُ ويو آهي،
لڳي ٿو شهر ڄڻ پنهنجو سڄو سنسانُ ٿي ويو آ.

مِلڻ تي يار آزادي هُئي پر جاڳ ٿي جَهٽ پَٽ،
هي سڀ ڪجهه خواب هو ’زخمي‘ اهو ارمانُ ٿي پيو آ.

فيض تنهنجو سنڌ ۾ آ جابجا جاري لطيف.

فيض تنهنجو سنڌ ۾ آ جابجا جاري لطيف.
تنهنجي دم سان ئي ته قائم سنڌ آ ساري لطيف.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏنو تو دنيا جو اعليٰ فڪر،
سنڌين جي تو سراپا آهي دل ٺاري لطيف.

بيت تنهنجا لعل ۽ هيرا سڀئي موتي مڻيا،
تنهنجي ڀٽ جي سون ورني آ سڄي واري لطيف.

بند ڪوٽن ۾ پيون هِن، اڄ به ڪيئي ماروِيُون،
روز مُومل جي ٿئي ٿي ڪاڪ ڄڻ ڪاري لطيف.

سنڌ جي سرسبز سائين ڀُونءِ ٿي پئي ڀيلجي،
موت ۾ مزدور آ ۽ ويل ۾ هاري لطيف.

تنهنجي هوندي سنڌ ٿي بيرُوت سڏجي ڇو ڀلا؟
ڇو اسان کان ٿي ويو آن، تون ڀلا عاري لطيف.

ڇا ڪري ’زخمي‘ ڀلا تعريف تنهنجي شعر ۾،
ڪيئن ڪيان تنهنجو ادا مان بارُ هِي باري لطيف.

هيلوڪي هن هاريءَ وانگي.

هيلوڪي هن هاريءَ وانگي.
هارايل جُوئاريءَ وانگي.

جذبا جاڳيا آزاديءَ لئه،
آهن ڌيءَ ڪنواريءَ وانگي.

پاليو آهي ڌرتيءَ مون کي،
پنهنجي ماءُ پياريءَ وانگي.

سُک جا سنگتي ڏک ۾ ٿي ويا،
مُٺ مان وهندڙ واريءَ وانگي.

سپنو ٿي پيو ساڀيان کان اڳ،
عشق ۾ پوندڙ گهاريءَ وانگي.

پٿر دل سان پيار ڪرڻ آ،
مندر جي پُوڄاريءَ وانگي.

ڪيڏو پيارو لڳندو آهين،
’سرڪش‘ ’گل‘ ’بخاريءَ‘ وانگي.

جيون سارو چچريل ’زخمي‘،
مرندڙ ڪاروڪاريءَ وانگي.

دلبرن جي دلبري مُون کان نه پُڇُ.

دلبرن جي دلبري مُون کان نه پُڇُ.
ڳالهه اهڙي اڄ وري مُون کان نه پُڇُ.

دشمنن جي دُشمني پوءِ ڀي چڱي،
دوستن جي دوستي مُون کان نه پُڇُ.

جُهور پوڙهي پرڻي آ نينگر ننڍي،
رات ساري ڪيئن رَڙِي مُون کان نه پُڇُ.

خانصاحب جا ڪُتا ٿا عيش ڪن،
ڪيئن بُکي آڪَههِ سُتي مُون کان نه پُڇُ.

ڳَههَ رکي گروي ڪيم پنهنجو علاج،
ڊاڪٽرن جي بي رُخي مُون کان نه پُڇُ.

آهَه مُون هڪڙي ڀَرِي، اُڀ ويو ڏڪي،
ڪيئن ڌرتي پئي ڌُڏي مُون کان نه پُڇُ.

لوڪُ هي ڇا ٿو چوي ٻُڌندو نه ڪر،
ڇا هَلي ۽ ڇا چلي مُون کان نه پُڇُ.

ڳالهه ڪهڙي ٿو ڪرين ’زخمي‘ چريا!
ويههُ تون خاموش ٿي، مُون کان نه پُڇُ.

ڪي ڪي جيءَ جيئارا ماڻهو.

ڪي ڪي جيءَ جيئارا ماڻهو.
ڪي ڪي اندر ڪارا ماڻهو.

ڪي ڪي ماکي مکڻ ماڻهو،
ڪي ڪي ٽُوهَه ڪسارا ماڻهو.

ڪي ڪي پارس پاهڻ ماڻهو،
ڪي ڪي يار مَڪارا ماڻهو.

ڪي ڪي بُک ۾ پاهُه ويا ٿي،
ڪي ڪي خُوب متارا ماڻهو.

ڪي ڪي شاهي کاڌو کائن،
ڪي ڪي ڏُٿ گذارا ماڻهو.

ڪي ڪي پنهنجي پاڇي تي ڏين،
باز جيان لامارا ماڻهو.

ڪي ڪي شوخ ۽ چنچل ماڻهو،
ڪي ڪي قرب قرارا ماڻهو.

ڪي ڪي نفرت ساڻ نهارين،
ڪي ڪي چنڊ چڪورا ماڻهو.

صافُ جنين جي نيت ’زخمي‘،
سي ئي آهن پيارا ماڻهو.


ڪي ڪي ڪوسا جهولا ماڻهو.
ڪي ڪي پيار جي ڳولا ماڻهو.

ڪي ڪي سادا سُودا ماڻهو،
ڪي ڪي هر فن مولا ماڻهو.

ڪي سونهن ۽ سوڀيا وارا،
ڪي ڪي باندر ڀولا ماڻهو.

ڪِن جو ناڻو اڻ کُٽُ آهي،
ڪي ته کپائن ڇولا ماڻهو.

ڪي ڪي ٻاهر ٻاڦ نه ٻاڦن،
ڪي ڪي کاڌل کولا ماڻهو.

ڪي ڪي زاهد عابد ماڻهو،
ڪي ڪي رهزن ٽولا ماڻهو.

ڪي ڪي بي رنگ بي بُو ماڻهو،
ڪي ڪي رنگ رَتولا ماڻهو.

ڪي ڪي ڏنگا ڏکيا ماڻهو،
ڪي ڪي سَستا سؤلا ماڻهو.

ڪي ڪي ٽرڙا ٽانءِ ڏسي ٿين،
پنهنجا ئي پاڇولا ماڻهو.

ساڃَهه جن کي سنڌ جي ’زخمي‘،
سي ئي مُڙس پَٽولا ماڻهو.

اکڙين جي آلاڻ نه سمجهيئه.

اکڙين جي آلاڻ نه سمجهيئه.
چهري جي پيلاڻ نه سمجهيئه.

دل جو دريا اکين ۾ ڏس،
اُٿلي پيو مهراڻ نه سمجهيئه.

تنهنجي هٿ سان ڀرت ڀريل هي،
پاتل آ پهراڻ نه سمجهيئه.

اوکي پنڌ هِن پير پِٿون ڪيا،
ڇاتيءَ جي ڇڪتاڻ نه سمجهيئه.

ٻين کان منهنجي لاءِ پُڇين ٿو؟
ايلي! پنهنجو پاڻ نه سمجهيئه.

اڻ واقف هِن شهر ۾ سڄڻي،
آيس ڪنهن جي ڪاڻ نه سمجهيئه.

تنهنجي ئي سندر گيتن ۾ مان،
هيڏي ڪئي واکاڻ نه سمجهيئه.

سوچن جي ڇو لوڊشيڊنگ ۾؟
چوڏهينءَ جي چانڊاڻ نه سمجهيئه.

’زخمي‘ خالي در تان موٽيو،
ڇو ۽ ڇا جي ڪاڻ نه سمجهيئه!

توڙي سامهون آفت هوندي.

توڙي سامهون آفت هوندي.
تنهنجي منهنجي محبت هوندي.

پيءُ، پُٽ، ڀائر پاڻ ۾ سائين،
ويڙهائيندي دولت هوندي.

محبت ۾ جن دوکو کاڌو،
تن کان نيٺ ٿي غفلت هوندي.

سنڌي قوم جي نيٺ سڃاڻپ،
سنڌي ادبي سنگت هوندي.

جيئري مجموعو جنهن نه ڇپايو،
سمجهو ان جي غربت هوندي.

جيڪو سنڌ جي سينڌ سنواري،
ان کي قومي غيرت هوندي.



جيڪو سنڌ جي سينڌ اُجاڙي،
ان کان مون کي نفرت هوندي.

ووٽ وٺي پوءِ جيڪو وساري،
اُن جي ڪُوڙي سياست هوندي.

ڌرتي کيڙي سونُ ميڙيو جنهن،
هاري تنهن ڪئي محنت هوندي.

جنهن ۾ سهپ ذرو ئي ناهي،
ان جي ڪيئن طبيعت هوندي.

جنهن ڏينهن ’زخمي‘ ڏيهُه ڇڏيندو،
تنهن ڏينهن گهر گهر قيامت هوندي.

ڪندس مان به توسان وفا قبر تائين.

ڪندس مان به توسان وفا قبر تائين.
ڪندو تون به رهجانءِ جفا قبر تائين.

ڪَٽي جيلُ وڃبو سڄڻ زندگيءَ جو،
ڏني جو اٿيئي سزا قبر تائين.

قدرُ توکي جيئري اسان جو نه آهي،
مرڻ کان پوءِ رُئندين مٺا قبر تائين.

اوهان جي ستم جا ڏنل گهاوَ گهرا،
ڇُٽي ڪونه پيارا ڇُٽا قبر تائين.

اسان ڳُڻ اوهان جا ٿَڪا سين نه ڳائي،
ڀلي تون ڪندو رَهُه گلا قبر تائين.

اوهان کي خُدا ڏي حُسن جواني بخشي،
جوانيءَ کي ناهي بقا قبر تائين.

مرڻ کان پو مُنهنجي، اکيون تنهنجون کُلنديون،
جڏهن دوست دُشمن رُنا قبر تائين.

وڏا ڦاٽَ ڦاٽي پَون ها اي ’زخمي‘،
لِکان ها جي ڊائري الا قبر تائين.

وسارڻ جون ناهن ڀٽائيءَ جون ڳالهيون.

وسارڻ جون ناهن ڀٽائيءَ جون ڳالهيون.
ڀُلايون ڀَلا ڇو ڀَلائيءَ جون ڳالهيون؟

عُمر مارئيءَ جي اچي اوٽ ۾ هُو،
ڪري ٿو وطن سان وفائيءَ جون ڳالهيون.

ٿي سسئي پُنهل واسطي جهنگ جَهر ۾،
ٻُڌائي ٿو سڀ کي جُدائيءَ جون ڳالهيون.

سبق هيٺ کان هيٺ ڏي ٿو رهڻ جو،
ڪري ٿو نه هرگز وڏائيءَ جون ڳالهيون.

خُوشامد جون ڳالهيون ڪري ڪونه ڄاڻي،
ڪري ٿو محبت مٺائيءَ جون ڳالهيون.

حقيقت، حليمت، حُريت، نصيحت،
چئي ويو آ چارئي چڱائيءَ جون ڳالهيون.

ويو آهي هر دل تي لکجي ۽ ڇپجي،
اهي ئي ته آهن ڪمائيءَ جون ڳالهيون.

بظاهر چئي بيت ’زخمي‘ اسانکي،
سُڻائي ويو آ، سچائيءَ جون ڳالهيون.

سوالن ۾ ملجان.

سوالن ۾ ملجان.
جوابن ۾ ملجان.

حجابن کي ٽوڙي،
مذاقن ۾ ملجان.

ڏسن ڪين ماڻهو،
نقابن ۾ ملجان.

نه ساڀيان جي سنڀرين،
ته خوابن ۾ ملجان.

رقيبن جي مُنهن تي،
نقابن ۾ ملجان.

گهڻو ڏور ناهيان،
ڪتابن ۾ ملجان.

لهڻ سار خاطر،
عذابن ۾ ملجان.

زخم چاهين ميٽڻ،
گلابن ۾ ملجان.

سائنس واري آدم کان اڄُ،

سائنس واري آدم کان اڄُ،
گوءِ ڏسو، شيطان کڻي ويو.

کائي پي آ هَنڌ کٽولو،
رات ٽِڪي مهمان کڻي ويو.

هاري بٽائيءَ ڏينهن به قرضي،
اَنُ سڀئي گُل خانُ کڻي ويو.

پيٽ بُکارئي ٻار جي هٿ مان،
ڪانءُ کسي ڪيئن نانُ کڻي ويو.

ڍور ڍڳي يا گاهه ڀريءَ لئه،
چورُ ڏسو قرآن کڻي ويو.

واهه زمانا! ڀُنگ وٺڻ لئه،
انسان کي انسان کڻي ويو.

’زخمي‘ سُک نه سنڀري ڪڏهين،
مرندي ڀي ارمان کڻي ويو.

حال مارن جا ڏسي ٿيا نيڻ هِن آلا لطيف.

حال مارن جا ڏسي ٿيا نيڻ هِن آلا لطيف.
ڇوته پنهنجا ٿا وجهي ڀاڪر، هڻن ڀالا لطيف.

تنهنجي ڌرتي تي نياڻين جون لڄُون لُٽجن پيون،
پوءِ به آهن ڇو زبانن کي لڳل تالا لطيف.

تنهنجي سڄڻن کي ڀلا را جا لقب ڇو ٿا ملن،
مان لِکي ڪنهن جا لکان هن شعر ۾ نالا لطيف.

ڪونه هو ڪارڊ ته مونکي وئن مان لاٿو پوليس،
هاءِ رشوت لئه کپايم ڌيءُ جا والا لطيف.

ڊيم ڊاهڻ لئه ڪفن سِرَ سان ٻَڌي نڪتا آهيون،
تون استقبال لئه اچجان سُري هالا لطيف.

سنڌ ڌرتيءَ کي ورهائڻ جون سِٽي جو سازشون،
پيرُ کپُرَ تي پئيس ۽ ٿئيس مُنهن ڪالا لطيف.

جُوان پڙهيل کي مُڙس ملي ويو،

جُوان پڙهيل کي مُڙس ملي ويو،
پوڙهو چرسي، توبهه زاري.

جيئري سُک جو ساههُ نه هڪڙو،
مُئي تي ورسي، توبهه زاري.

چاپلوسن جي ٿي وئي آهي،
هر هنڌ سَرسي، توبهه زاري.

وقت وڃائي، ويلي خاطر،
رات پيو ترسي، توبهه زاري.

’زخمي‘ ديس کي وڪڻي ڪيائين،
پياري ڪُرسي، توبهه زاري.

جيل جون سختيون ڇا هِن سنڌڙي!

جيل جون سختيون ڇا هِن سنڌڙي!
حاضر آ جند جان به تولئه.

شام سحر پيا پاڻ پتوڙن،
آدرشي انسان به تولئه.

پيار امن ۽ آزاديءَ جا،
ارڏن جا اعلان به تولئه.

هوشو، هيمونءَ جهڙا دودا،
دولهه دريا خان به تولئه.

ايلي ٻاگهين جي اُرهن تي،
ڌارين جا نيشان به تولئه.

وردين وارن، ويڙهيچن جا،
ويڙها ڪيا ويران به تولئه.

سانڍي سُور وڃان ٿو رکندو،
آشائون ارمان به تولئه.

’زخمي‘ قوم سَٺا هي ڪيڏا،
تاريخي نقصان به تولئه.

ڏينهن رات ولوڙيم خون سڄو،

ڏينهن رات ولوڙيم خون سڄو،
پر پيٽ گذارو ڪونه ٿيو.

هِن ظلم ستم جي پيڙا ۾،
ڪو ڪنهن جو سهارو ڪونه ٿيو.

آ دنيا چنڊ تي پهتي پر،
هت ڪوبه سڌارو ڪونه ٿيو.

آ سچ جي ٻيڙي لُڏندي پر،
ڇو ٻُڏندي ڪنارو ڪونه ٿيو.

اڄُ چارڻ چوريو چَنگ وري،
پر چاهه جو چارو ڪونه ٿيو.

انسان جي عظمت جا قاتل!

انسان جي عظمت جا قاتل!
انسان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

ڳل نازڪ تي چَڪُ گولُ ٺهيل،
نيشان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

احسان فراموشي ماڻهو،
احسان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

او سامَ ڪُهائيندڙ ظالم!
مهمان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

قُربان جا نانءُ سَڏائيندڙ!
قُربان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

اچ دل جي دريا ٻيڙيءَ ۾،
طوفان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

فنڪشن جي صدارت کان اڳ ۾،
اعلان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

او ناحق جيل وِجهائيندڙ!
زندان جي جي قيمت سمجهي ڇڏ.

دل ’زخمي‘ آ ته به گهورَ ڪبي،
دل جان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

سَچُ سراپا سارو پورهيت.

سَچُ سراپا سارو پورهيت.
آهي هوڏ هزارو پورهيت.

ڌرتي کيڙي سون ٿو ميڙي،
ڪيڏو آهي سگهارو پورهيت.

ڏينهن ٻه لوڙي مس ڪري ٿو،
پنهنجو پيٽ گذارو پورهيت.

پُٽ جي بيماريءَ خاطر پئسو،
وٺندو آهي اُڌارو پورهيت.

ٻين کي سُڳداسي کارائي،
پاڻ ٿو کائي ڏارو پورهيت.

آڪَهِه پالي مزدوريءَ تي،
سانوڻ توڙي سيارو پورهيت.

مِلِ جي مالڪ پيجارو سان،
ماريو ڪالهه ويچارو پورهيت.

نيٺ شڪاگو وانگر هتڙي،
’زخمي‘ هڻندو نعرو پورهيت.

هر شام به تنهنجي نانءِ ڪيم، هر رات به تنهنجي نانءِ ڪيم.

هر شام به تنهنجي نانءِ ڪيم، هر رات به تنهنجي نانءِ ڪيم.
ڏَس ٻيو ڇا اوهانجي نانءِ ڪيان، پرڀات به تنهنجي نانءِ ڪيم.

تنهنجي ريت رسڻ وارين رمزن، مون کي شام و صحر بي چين ڪيو،
اکڙين جا وسائي پيار جي سا، برسات به تنهنجي نانءِ ڪيم.

تنهنجي فُرقت ۾ تڙپي ۽ لڇي هر شعر لکيو جو رت سان مون،
مونکي تنهنجو قسم سنگدل سانول، سا ڏات به تنهنجي نانءِ ڪيم.

هڪ ڏينهن رقيبن سان توکي گڏ گهمندي ڏٺم، ويا پير نڪري،
ان ويلَ قهرَ جهڙي جاني، جذبات به تنهنجي نانءِ ڪيم.

افسوس ستمگر! ’زخميءَ‘ کي ڏئي گهرا گهاوَ تون وئين دل تي،
سڪرات مرڻ واري دلبر! فڪرات به تنهنجي نانءِ ڪيم.

مٺا نينهن لائي ڇنڻ ڪو چڱو آ؟

مٺا نينهن لائي ڇنڻ ڪو چڱو آ؟
ائين مُنهن اوهان کي مَٽڻ ڪو چڱو آ؟

ڏئي پيار پهريون کسي چينُ دل جو،
ائين ڀيرو توکي ڀڃڻ ڪو چڱو آ؟

ڪري پنهنجو پيارا دغا ڏئي اسان کي،
رقيبن ڏي مائل ٿيڻ ڪو چڱو آ؟

گهڙيون قُرب واريون اڃا ياد آهن،
پرين پيار ايڏو پَلڻ ڪو چڱو آ؟

اٿئي ڏيهه ۾ هِت گهڻا ماڻهو ڏانئڻ!
ائين خواه مخواه ڏِسُ رُلڻ ڪو چڱو آ؟

اسان تُنهنجي خاطر ٿي ’زخمي‘ پياسين،
پرين! تنهنجو هاڻي ڇڏڻ ڪو چڱو آ؟

مُنهنجون وفائون اڄ ڀي ساڳيون.

مُنهنجون وفائون اڄ ڀي ساڳيون.
تنهنجون جفائون اڄ ڀي ساڳيون.

مُنهنجون صدائون اڄ ڀي ساڳيون.
تنهنجون ادائون اڄ ڀي ساڳيون.

مُنهنجون دعائون اڄ ڀي ساڳيون.
تنهنجون گلائون اڄ ڀي ساڳيون.

مُنهنجون خطائون اڄ ڀي ساڳيون.
تنهنجون سزائون اڄ ڀي ساڳيون.

’زخمي‘ ويٺو ڏسندو آهي،
تنهنجون راهون اڄ ڀي ساڳيون.

وٺي واڳون مون ڌرتيءَ جون جهليون اهڙيون جو ڇا چئجن.

وٺي واڳون مون ڌرتيءَ جون جهليون اهڙيون جو ڇا چئجن.
قطارون ڪامريڊن جون هليون اهڙيون جو ڇا چئجن!

اچو جوڌؤ، هڻي نعرو، پَٽيون اڄُ پيرَ غيرن جا،
انهن ڌارين سنديون دلڙيون پَليون اهڙيون جو ڇا چئجن!

ڍَڪيو آ ويسُ ڌرتي اڄُ صفا سائو خدا ڄاڻي،
ٻَنيون ٿم ديس پنهنجي جون ڀَليون اهڙيون جو ڇا چئجن!

ججهيون ساريون، مَڪائي، تِرَ، جُوئر، ڪَڻڪون، سَرنهَه، ڄانڀو،
هتي ڀاڄين سنديون اُڀريون وَليون اهڙيون جو ڇا چئجن!

سنڌي سادن سٻاجهن سان ڪري دوکو لُٽي ويا سڀ،
مِلايون چار ڳالهيون تن ٺلهيون اهڙيون جو ڇا چئجن!

رهيو ’زخمي‘ جي ڌرتيءَ تي ڪوئي رولاڪ يا ڌاريو،
ڪُهاڙيون ٿم رکيون تن لئه مَليون اهڙيون جو ڇا چئجن!

جذبا زخمي.

جذبا زخمي.
جلوا زخمي.

پِير جي پيرين،
پٽڪا زخمي.

ويٺل وِياءَ جا،
سُڏڪا زخمي.

پير پِـــٿون ۽،
رستا زخمي.

ڪُوڙي واتان،
ڪلما زخمي.

بند ڪوٽن ۾،
پردا زخمي.

زاهد جي ٿي،
تقويٰ زخمي.


مولانا جي،
فتويٰ زخمي.

روزا زخمي،
سجدا زخمي.

ساروڻين ۾،
سپنا زخمي.

اڳ کـــــاڌيءَ ۾،
تنخوا زخمي.

ٿوريءَ ڳالهه تي،
جهيڙا زخمي.

مُئي کانپوءِ ڀي،
وهوا زخمي.

جڏهن تنهنجون يادون اچي وينديون آهن.

جڏهن تنهنجون يادون اچي وينديون آهن.
خوشيون دل جو دل ۾ رچي وينديون آهن.

اچانڪ اچڻ سان ٻُسيون محفلون ڀي،
خدا ڄاڻي هڪدم مچي وينديون آهن.

جڏهن تون اسان جي اڱڻ تي آن ايندو،
تڏهن پيارَ پوکون پچي وينديون آهن.

مَڌرُ گيت ڪوئي جڏهن آهي ڇڙندو،
دليون درد واريون نچي وينديون آهن.

سَلڻ لاءِ ڳالهيون سَليون کوڙ ’زخمي‘،
اڃان دل جون ڳالهيون بچي وينديون آهن.

ٻين جي چئي تي اجايو لڳي او پرين.

ٻين جي چئي تي اجايو لڳي او پرين.
ائين اسان کان تو دل ڇو ڀڳي او پرين؟

ڪالهه ناراض ٿيندي ڏٺو پاڻ هُئه،
ڪيئن رقيبن هنئي پئي کڳي او پرين؟

جيڪو وِکَ وِکَ تي سَوَ سَوَ ٿو سجدا ڪري،
تنهن سان محبت ۾ ڪهڙي مڳي او پرين؟

مان گنهگار کي ڪيڏو کڻي لوڪ جو،
پوءِ به توسان نه ڪئي آ ٺڳي او پرين؟

دل جي شعبي ۾ ’زخمي‘ ٿي داخل ويو،
آهه خطري جي گهنٽي وڳي او پرين؟

مُنهن ۾ نيمَڪُ نه ٿس.

مُنهن ۾ نيمَڪُ نه ٿس.
ذلتن جي ڪري.

پاڻ جيئُون پيا،
دوستن جي ڪري.

هي جهان پيو هَلي،
محبتن جي ڪري.

عمل سوڀر هجن،
عظمتن جي ڪري.

پوک هاري ڪري،
غربتن جي ڪري.

ساههُ ’زخمي‘ ڏنو،
قربتن جي ڪري.

جيڏو مولا سُهڻو بنايو اٿيئي.

جيڏو مولا سُهڻو بنايو اٿيئي.
تيڏو ڇونه مونسان نڀايو اٿيئي.

دلاسن جي دلبر ڏيئي آڪسيجن،
بهانا بنائي نٽايو اٿيئي.

زهر زندگيءَ جو پيئان ڪيستائين،
جيئڻ لاءِ ڇا ٻيو بچايو اٿيئي.

روئارڻ جون رمزون سِکي ڪو اوهان کان،
ڪڏهن ڀُلجي ڪنهن کي کِلايو اٿيئي.

پڙهي منهنجي نغمن ۾ دردن جون دانهون،
’نه ڪر ڳڻتي زخمي!‘ چَوايو اٿيئي.

وڏو ملندوَ ثواب جانان.

وڏو ملندوَ ثواب جانان.
لاهيو جي مُکَ تان نقاب جانان.

نگاهون تِرشي ڪري ڏسو ٿا،
ڏئي ڪو مُنهن تي ڪتاب جانان.

اوهان جو جنهن ڏينهن نٿو ٿي درشن،
ٿئي ٿو نازل عذاب جانان.

وساريو ڇو ٿا ته جيل مان نڪتي،
ڏنو اوهان هو گلاب جانان.

مڃان ٿو ماڻهو اندر ڪارا هِن،
ناهي سڄو جڳ خراب جانان.

ستم ڪريو ٿا سوال ٿين ٿا،
ڏيان ڇا تن کي جواب جانان.

زخم زخم سان ڏيئون ٿا دعائون،
اوهان ڪريو ڀل حساب جانان.

اڌ رات.

اڌ رات.
فـــڪـــــــرات.

ڳوڙهن جي،
بـــــرســـــــات.

مـــــاٺـــــاري،
جــــــذبـــــات.

رَتُ رُنــــي،
پـــــرڀـــــــات.

ڪُرمش ۾،
ڪــــــائـنـات.

زخــمـــي آ،
هــــــــربــات.

محبت درس آ جن جو، اڱڻ تن جي اچڻ گهرجي.

محبت درس آ جن جو، اڱڻ تن جي اچڻ گهرجي.
گهرائن جي سڏي سڪ مان، تڏي تن جي وڃڻ گهرجي.

مخالف اُن لڏي جا هُون، ضميرن کي جي وڪڻن ٿا،
رُٺل سنگت به پنهنجيءَ سان، هتي گڏ ٿي هلڻ گهرجي.

ڇتي تنقيد ڀلجان ڪر، مگر ترديد کان اڳ ۾،
توکي چُهنڊڙي ڪُک جي، سڄڻ هلڪي سَهڻ گهرجي.

مُخالف ڊئم جا ناهيون، آهي ڏک چالبازيءَ جو،
بلاشڪ هو ٺهي پر، ٿر ۽ ڪاڇي ۾ ٺهڻ گهرجي.

جُڳن کان عيب ٿا سمجهن، سڏائڻ پاڻ کي سنڌي،
گُهرن ٿا سنڌ جو اڌُ ڪيئن! ٻُڏي تن کي مرڻ گهرجي.

ڏسو ڪُرسيءَ جي خاطر ڪيئن، هلي ٿي هيڏي ڄُنڊاپَٽ،
اهو لاشن جي سياست جو، وڏو بُت آ ڊهڻ گهرجي.

ويهاريل جيڪي نياڻيون هِن، وڏيري پِير مُرشد جون،
ڪيرائي ڪوٽ ظلمت جا، الا تن کي ڀڄڻ گهرجي.

زخم ايڏا نه ڏي پيارا، سهڻ جي سگهه نه ’زخميءَ‘ کي،
خدا جي خوف کان ڀي ڪجهه، پرين توکي ڊڄڻ گهرجي.

مڃئون ٿا اسان سان مِلڻ عيد آئي.

مڃئون ٿا اسان سان مِلڻ عيد آئي.
اسان سان ته آهي رُئڻ عيد آئي.

ڪري ڪيئن نه سُواري مهانگائي تي ڏس،
غريبن جا ڳاٽا ڀڃڻ عيد آئي.

نوان ويس پائي، کائي طعام سَت رَش،
غريبن تي شايد کِلڻ عيد آئي.

سڄي سنڌ ڪشمير بڻجي وئي آ،
عذرخواهيون گهر گهر ڪرڻ عيد آئي.

وئي عيد گذري، ڏسو گيد آئي،
ائين ڀيرو ڀائو! ڀڃڻ عيد آئي.


ڪڍيا بُک ۽ بيروزگاري تَرا هِن،
تڏهن سارَ شايد لهڻ عيد آئي.

قتل ڌُم، اغوا ۽ نياڻيون ٿيون لُٽجن،
جهموريت جون ساکون کڻڻ عيد آئي.

ڪلهوڪا ڌڪاريل، گهُرن سنڌ اڌُ ٿا،
انهن کي بُجو ٿُڪَ، هڻڻ عيد آئي.

قبيلائي جهيڙا وڃن ڇوٿا وڌندا،
اهو سُوال سڀ کان پُڇڻ عيد آئي.

اُٿو ڊيم جي لئه ڪيو ڪا بغاوت،
جيئڻ جون صلاحون ڏيڻ عيد آئي.

وڏي پيڙا ڀوڳي، لکيو شعر ’زخمي‘،
تڏهن شعر منهنجو ٻُڌڻ عيد آئي.

سون ورني سنڌ جي غدار تي لعنت وِجهان.

سون ورني سنڌ جي غدار تي لعنت وِجهان.
سامراجي، سازشي پرمار تي لعنت وِجهان.

جو غريبن کان وهائي راتو ڏيهان بيگرون،
تنهن لُچي ڪمدار ۽ ڀوتار تي لعنت وِجهان.

دوستيءَ جي اوٽ ۾ ٿي دشمني جنهن کان مِلي،
ڪُوڙي دوکيباز اهڙي يار تي لعنت وِجهان.

ڊيمون ٺهرائي گهرائي، ڌاريا جيڪي سنڌ ۾،
مان انهيءَ ڪُرسي بُکي سرڪار تي لعنت وِجهان.

سنڌ جي سؤدي ڪرائڻ لئه مِلن سَوَ لالچون،
مان خدا ڄاڻي انهيءَ سهڪار تي لعنت وِجهان.



جنهن وَهايو خون ناحق اشرف الانسان جو،
مان بُري ڏانئڻ انهيءَ هٿيار تي لعنت وِجهان.

جو ڦُرون، اغوا ڪرائي، ڀُنگ مان پَتيون وٺي،
تنهن وڏيري، پِير، ٿاڻيدار تي لعنت وِجهان.

رات کي جو ڏينهن چئي ۽ شينهن کي ڪوٺي گدڙ،
مان انهيءَ مردود ۽ مُردار تي لعنت وِجهان.

جو هيروئن، چرس، ڀنگ ٿو واپرائي ديس ۾،
تنهن واپاري ۽ سندس واپار تي لعنت وِجهان.

سچ وڏو آهي ڏوهاري پوءِ به ’زخمي‘ چوندو رهه،
جو چِڙي ڏي گار، تنهن مان گار تي لعنت وِجهان.

هاءِ جيون جو مزو ڪاڏي ويو.

هاءِ جيون جو مزو ڪاڏي ويو.
اوچتو هي چهچٽو ڪاڏي ويو.

لوڪ کي ٿي پيو اَنا جو ڪينسر،
ڪَسُ ڪثر وارو قصو ڪاڏي ويو.

زندگي جي حادثن جو نانءُ آ،
پوءِ ڀلا هو حوصلو ڪاڏي ويو.

زندگي بي بندگي شرمندگي،
بندگيءَ جو ڀرجهلو ڪاڏي ويو.

سچ کي سُوريءَ ٽنگائي ڪُوڙ ٿو،
پر سچائيءَ جو سِلو ڪاڏي ويو.

سنڌ سان ويساهه گهاتي پئي ٿئي،
سنڌ جو پُٽ رُوپلو ڪاڏي ويو.

دلبري دلجاءِ کان خالي ڪيئه،
تنهنجو ’زخمي‘ واعدو ڪاڏي ويو.

اقرار اوهان کان ٿي نه سگهيو، انڪار اوهان کان ٿي نه سگهيو.

اقرار اوهان کان ٿي نه سگهيو، انڪار اوهان کان ٿي نه سگهيو.
ڪجهه وقت ڪڍي ڏک سُور پُڇڻ، اِهو يار اوهان کان ٿي نه سگهيو.

چُپ چاپ ۾ ديد دونالين سان، قتلام ڪريو ٿا شابس ٿَوَ،
پنهنجي پيار محبت نفرت جو، اظهار اوهان کان ٿي نه سگهيو.

منهنجي قرب جو ڪيس ته ورهين کان، هو يار اوهان جي ڪورٽ ۾،
آزاد ڪرڻ يا قيد ڪرڻ، سرڪار اوهان کان ٿي نه سگهيو.

سَڀُ آشائون ارمان کڻي، هي ’زخمي‘ نيٺ گذاري ويو،
منهنجي لاش کي غسل ڪفن ڏياري، سينگار اوهان کان ٿي نه سگهيو.

ڪڏهن انسان ٿيڻو پيو، ڪڏهن ڀڳوان ٿيڻو پيو.

ڪڏهن انسان ٿيڻو پيو، ڪڏهن ڀڳوان ٿيڻو پيو.
طبيعت ۾ ڪڏهن مشڪل ڪڏهن آسان ٿيڻو پيو.

فقيري ۾ مزو هو پر زماني جي رَوِشِ اُلٽي،
ڪڏهن گيڙو رتا ڪپڙا، ڪڏهن سلطان ٿيڻو پيو.

اٿم افسوس هُو جڏهن، ڪڍي ويو پير دوکي سان،
جُدا ان يار ڊوهي کان علي الاعلان ٿيڻو پيو.

گهڻو ڪيو ڀروسو توتي رکي تو ڀي نه جي کاڌو،
اسان کي ڀي تڏهن تنهنجي مٿان بيمان ٿيڻو پيو.

ڪيوسين کوڙ منٿون پر اڱڻ تي هُو نه پئي آيو،
سڄڻ کي اڄ مڃائڻ لئه وٽس مهمان ٿيڻو پيو.

ڪڏهن ڀي پنهنجي فطرت ۾ وڏائي ڪانه هئي ليڪن،
غلط جي حڪم ٿيا ’زخمي‘ ته نافرمان ٿيڻو پيو.

اوهين ڏاڍا ڏکيا ٿيندؤ.

اوهين ڏاڍا ڏکيا ٿيندؤ.
جي ڊيم ٺهڻ ڏيندؤ.

جي ڌرتي نه سائي رهي،
بُک يار مَري ويندؤ.

غيرت سان جيئندؤ يا،
بي غيرت ٿي جيئندؤ.

خاموش اڃان جي رهيؤ،
پاڻيءَ جي لئه سِڪندؤ.

هِڪُ ’زخمي‘ ناهي دُکي،
سڀ ريهون ڪري رُئندؤ.

در در ڇو ٿا ڳوليو سائين.

در در ڇو ٿا ڳوليو سائين.
پاڻ پيا ٿا روليو سائين.

حال غريبيءَ ۾ ٿي ويو آ،
ٻچڙي کي ڏِسُ پوليو سائين.

پيءُ کپائي واڪَ تي نياڻي،
تنهن به نه ٻاڙو ٻوليو سائين.

مجروح دل جا زخم سِبي پوءِ،
ڇوٿا تن کي کوليو سائين.

نيڻ وڇايان گل ڪري ٿو،
اچڻو آ اڄ ڍوليو سائين.

’زخمي!‘ مان به حياتيءَ مان ڇو؟
ڏاڍو آهيان اوليو سائين.

ٽُٽل ڪنهن جو مقدر ٺهي ٿو وڃي.

ٽُٽل ڪنهن جو مقدر ٺهي ٿو وڃي.
ٺهيل ڪنهن جو مقدر ڊَهي ٿو وڃي.

ڪڏهن ڪوئي ڪنهن جو نه ڪَکُ به سهي ٿو،
ڪڏهن ڪيڏو الميو سَهي ٿو وڃي.

گهڙي ڪونه ترسي پيئي چانهه پاڻي،
ٻه ٽي راتيون سوئي رهي ٿو وڃي.

ڪڏهن ڪنهن جي اک مان نه ڳوڙهو ڪِري ٿو،
ڪڏهن سمنڊ بڻجي وَهي ٿو وڃي.

ڪڏهن آڻ ڪنهن جي مڃي ڪونه ’زخمي‘،
ڪڏهن ڪوئي ضد تان لهي ٿو وڃي.

ٽامي جي ٿي ڌرتي آهي.

ٽامي جي ٿي ڌرتي آهي.
جنگ به اوکي شرطي آهي.

ديس جي خاطر دودو بڻجي،
دامن حق جي ورتي آهي.

هتڙي غير کي سَهڻو ڪونهي،
ڳالهه اِها سربستي آهي.

هاڻ ڪجان تون سولي يا رب!
ڌرتي توکي پرتي آهي.

ساهه کان پياريون رکندو ’زخمي‘،
ڌرتي توڙي سرتي آهي.

منهنجا جذبا اڄ به اُهي ئي.

منهنجا جذبا اڄ به اُهي ئي.
تنهنجا جلوا اڄ به اُهي ئي.

منهنجون مِنٿون اڄ به اُهي ئي،
تنهنجا دڙڪا اڄ به اُهي ئي.

منهنجون ميڙُون اڄ به اُهي ئي،
تنهنجا جهڳڙا اڄ به اُهي ئي.

منهنجون واٽون اڄ به اُهي ئي،
تنهنجا رستا اڄ به اُهي ئي.

’زخمي‘ ويٺو ڏسندو آهي،
تنهنجا سپنا اڄ به اُهي ئي.

سُورن ۾ ساماڻو آهيان.

سُورن ۾ ساماڻو آهيان.
پوءِ به نه ٿيو ويڳاڻو آهيان.

ديس ۾ جيڪي غير ٿا گهُورن،
مان ڀي تن لئه گهاڻو آهيان.

رڳ رڳ مان ناسور ٿا نڪرن،
لوهه جو ڄڻ ڪو ڇاڻو آهيان.

پنهنجن لئه مان پارس اهڙو،
موتيءَ جو ڄڻ داڻو آهيان.

سُورَ سَهي ٿو سنڀران ’زخمي‘،
شايد ڪاڪ جو راڻو آهيان.

ڳنڍڻ ڪم اسانجو، ڇنڻ ڪونه ڄاڻون.

ڳنڍڻ ڪم اسانجو، ڇنڻ ڪونه ڄاڻون.
دغا دوکو ڪنهن سان ڪرڻ ڪونه ڄاڻون.

اسان قول ڪڏهين ڪيئون ڪين ڪُوڙا،
مري پَئون مگر سي ڀڃڻ ڪونه ڄاڻون.

ڪرڻ نانءَ روشن لئه دولت لُٽائي،
سخا اهڙي سکڻي ڏيڻ ڪونه ڄاڻون.

اسان ماڻهو ڏوٿي، ڪکن ۾ گذاريون،
۽ محلن ۾ مورئون رهڻ ڪونه ڄاڻون.

هي ڌرتي دليرن ۽ دودن جي آهي،
اسان ديسِ ڌاريو سهڻ ڪونه ڄاڻون.

محبت جي ميدان تي مارجون ٿا،
ٿيون سخت ’زخمي‘ ڀڄڻ ڪونه ڄاڻون.

نينهن-نگر مان آيو ڪاڳر، ڪير هلي.

نينهن-نگر مان آيو ڪاڳر، ڪير هلي.
نيڻن ۾ ڪو ناهي ساگر، ڪير هلي.

ڪير هلي جو وڇڙي هيل بهارن کان،
پائي خزان کي اونهو ڀاڪر، ڪير هلي.

راهيءَ سان گڏ پنهنجو پاڇو ناهي جو،
منزل ڏوران ڏور مسافر، ڪير هلي.

ڪير هلي جو وڇڙي زلف هُڳائن کان،
هاءِ اُجاڙي پنهنجو آڳر، ڪير هلي.

سو هلندو، جو رت جو ريج ڏئي سگهندو،
ڌرتيءَ ڪارڻ سنڀري ساجهر، ڪير هلي.

ڀاڳ نه پنهنجو، جيسين ماڳُ نه پنهنجو آ،
جاڳيا موهن ۽ ڪارونجهر، ڪير هلي.

آزاديءَ جا اُجرا خواب سنڀالي کڻ،
نياپا ڏين ٿا، ٿر ۽ ٿوهر، ڪير هلي.

وِک وِک تي اڄ ويري سائين.

وِک وِک تي اڄ ويري سائين.
نيٺ ته ٿيندا ڍيري سائين.

پنهنجي ڀونءِ تي پنهنجن جي ڇو؟
ايڏي هيرا ڦيري سائين.

سنڌي ٻولي پنهنجي ٻولي،
ناهي تيري ميري سائين.

ڪيئن رکي ويا منهنجي گهر تي،
ڌاريا ڪوسي ڪيري سائين.

ديس دروهي ڪاڏي ڀَڄندو،
ساڻ جڏهن آ پيري سائين.

روئڻ تي ڇو منهنجا رانول!
منهنجي دل تو هيري سائين.

’زخمي‘ سان اقرار ڪري پوءِ،
کاءُ نه هاڻي ڦيري سائين.

ويرين وچ ۾ وادي ڇو آ؟

ويرين وچ ۾ وادي ڇو آ؟
گهر گهر ۾ بربادي ڇو آ؟

چور وتن ٿا گهمندا ٻاهر،
واڙيل هُو فريادي ڇو آ؟

ديس ڌڻي آ ڪئمپن ۾ ۽،
ڌارين تي امدادي ڇو آ؟

روزانو ته رُکي ٿا کائون،
پوءِ به وائي بادي ڇو آ؟

نينگر جُوان جماڻ جي زوري،
پوڙهي سان ٿي شادي ڇو آ؟



دنيا چنڊ تي پهتي آ پر،
قوم سنڌي هيءَ سادي ڇو آ؟

ڪُوڙ جي مُنهن ۾ ڌُوڙ ٻُڌي آ،
سچ سان هتڙي تعدي ڇو آ؟

پيار امن جي پُوڄارين جي،
کسجي وئي آزادي ڇو آ؟

پاڻ پِني ٿو کائي جڏهين،
ڌارين جي آبادي ڇو آ؟

پنهنجن کان مُنهن موڙي ’زخمي‘،
غيرن جو اتحادي ڇو آ؟

توسان اڳتي ملندو ڪيرُ؟

توسان اڳتي ملندو ڪيرُ؟
آس اڃا ڏَسِ رکندو ڪير؟

درد، الم ۽ دڙڪا تنهنجا،
روز مٺا پيو سهندو ڪير؟

دادُ نه مُنهنجي دانهن جو تو وٽ،
رت اکين مان رُئندو ڪير؟

لُڙڪ اکين ۾ يار لِڪائي،
اڳتي مُرڪي پوندو ڪير؟

سڀڪو سنگتي سُک جو آهي،
سار ڏکن ۾ لهندو ڪير؟



روز ڏُکن جي ڏاگهه تي چڙهندي،
تنهنجي راڄ ۾ رهندو ڪير؟

الفت بدلي ڪُلفت ڪر تون،
توکان پيارا پُڇندو ڪيرُ؟

تو نه اچڻ جو قسم کنيو آ،
هاڻي واٽون ڏسندو ڪير؟

ٺاهي ڊاهين، ڊاهي ٺاهين،
هاڻي توسان ٺهندو ڪير؟

’زخمي‘ شعر ته ٺاهيو آ پر،
تنهنجي سامهون پڙهندو ڪير؟

ڏسين ٿو ته ڏامر جيان پيو رِجان.

ڏسين ٿو ته ڏامر جيان پيو رِجان.
اڃا ڀي نه غيرت نه ڪائي بُڇان.

آهين سُک جو سنگتي مگر سار لهجان،
توڙي ٽلٽي، مياڻي يا کرڙي هُجان.

وٺي رُوپ ٻيهر مدد خان جو تون،
ڪڏهن ڪين پنهنجن جو ويري ٿجان.

سڏي سنڌ سُڏڪي نه پُهچان پرين!
بُجو پوءِ مون کي گهروڙي ڏِجان.

جڏهن ڪابه اک ڪنهن جي ميري ڏِسين،
اُٿي باغي بڻجي بغاوت ڪجان.

متان چئين ته ’زخمي‘ هُيو نانوَ جو،
مان تلوار جي ڌارَ تي ٿو نچان.

ناڻي تي هن ماڻا ساٿي.

ناڻي تي هن ماڻا ساٿي.
ڪاڻا ڀي هن راڻا ساٿي.

نانءَ پُٺيان ڪيئن آهيون پريشان،
سَهڪي ٿيا هُون ساڻا ساٿي.

سچ جا موتي هتڙي آهن،
ڪوڏيءَ مُلهه وِڪاڻا ساٿي.

مسڪينن لئه قائم آهن،
هي سڀ چؤنڪيون ٿاڻا ساٿي.

سينا ٿي ويا سنگينن ۾،
گيچڻ جهڙا ڇاڻا ساٿي.

ديس منهنجي جا ماڻهو آهن،
ڄڻ ته مکڻ جا چاڻا ساٿي.

ڪنهنجي گهر ۾ کوٽ نه اَنَ جي،
ڪنهن وٽ ڪونهن داڻا ساٿي.

ناڻي جي هت نوڪ تي ڪيئي،
اَگهيا انڌا ڪاڻا ساٿي.

ڏاڍن لئه آ ايئرڪنڊيشن،
هيڻن لئه هن گهاڻا ساٿي.

ڪهڙي توسان هامَ هڻئون مَن!
آهيون عيبن هاڻا ساٿي.

غير ٿو پاڙي ’زخمي‘ شايد،
پنهنجا پاندَ پُراڻا ساٿي.

مَڃائڻ جي مون کي تون مستي ڇڏي ڏي.

مَڃائڻ جي مون کي تون مستي ڇڏي ڏي.
اجايو اِيها هوڏ هستي ڇڏي ڏي.

مَنَههُ مُنهنجو سارو جلائي ڇڏيئه پر،
چڱو آ ته منهنجي تون وستي ڇڏي ڏي.

اسان جو گهڻو خُون پيتو ٿئه ظالم!
وٺڻ رت اسان جي تون سَستي ڇڏي ڏي.

ڪمايون اسان ۽ وڃين تون ٿو کايون،
اِهو دم ۽ دود دستي ڇڏي ڏي.

ڀلي تون کڻي پوءِ جنت ۾ ئي رهجان،
مگر ديس منهنجي جي ڌرتي ڇڏي ڏي.

مڃيندو نه ’زخمي‘ ڪڏهن مات تنهنجي،
اهو ڇوههُ شوخي ۽ شڪتي ڇڏي ڏي.

موٽي وري چمن ۾ موسم بهار آئي.

موٽي وري چمن ۾ موسم بهار آئي.
تون جو سڄڻ نه پُهتين لوڪئون ميار آئي.

پرديس ويندي ڪهڙو اقرارُ وِيو ڪري هُئين،
پوءِ ڀي نه تنهنجو ڪو خط ۽ ڪائي نه تار آئي.

ظاهر ته مونکي واقعي ڪوئي به زخم ڪونهي،
دل کي ڳُجهي سڄڻ پر ڏاڍي آ مار آئي.

ڪهڙي به وقت آئي ڪاڏهئون به يار آئي،
جاڏهئون به يار آئي تنهنجي تنوار آئي.

ٿي آهَه بي اثر ۽ بي چين ٿي حياتي،
جيڪا گهڙي به آئي سا غمَ گذار آئي.

’زخميءَ‘ سان ڪونه پرتين آخر ويو مري هُو،
مِنٿون ڪندين اوهان کي ساري ڄمار آئي.

ماءُ ته مُنهنجي ڌرتي آهي.

ماءُ ته مُنهنجي ڌرتي آهي.
ڳالهه اِها سربستي آهي.

تون ڇو منهنجي ديس ۾ ڌاريا،
ايڏي ڪئي اڄ مستي آهي.

اُوچا ڪوٽ ڏسي تون پنهنجا،
تاڙي منهنجي وستي آهي.

خُون وهائي مسڪينن جو،
ڳالهه لڌي تو سَستي آهي.

ڇيرن جي ڇمڪار تي مورک!
هارِي تو اڄ دستي آهي.

ڳالهه ٻُڌي ڇڏ ظالم جابر!
زندهه قومپرستي آهي.

هوشوءَ جهڙي سنڌ ۾ ’زخمي‘،
جاڳي ٻيهر هستي آهي.

هيڻو سڀ جو حال ڏٺو ٿم.

هيڻو سڀ جو حال ڏٺو ٿم.
سُورن جو هِي سال ڏٺو ٿم.

مسڪينن جو ڏاڍن اڳيان،
دامن رَت سان لال ڏٺو ٿم.

ڪوئي ڪنهنجي خون جو پياسو،
ڪنهن تي ڪنهن جو ڀال ڏٺو ٿم.

لاش محبت جو بس هرجا،
ٿيندي اڄ پائمال ڏٺو ٿم.

دنيا ۾ اڄ ڪالهه وفا جو،
’زخمي‘ هر هنڌ ڪال ڏٺو ٿم.

توسان جنگ مون جوٽي آهي.

توسان جنگ مون جوٽي آهي.
دنيا ۾ ڦڙڦوٽي آهي.

تنهنجي هٿ ۾ بڙڇون ڀالا،
منهنجي هٿ ۾ سوٽي آهي.

تنهنجي لاش لَٽڻ لئه مان ڀي،
قبر هٿن سان کوٽي آهي.

غيرت منهنجي جاڳي آهي،
ڏات به منهنجي موٽي آهي.

’زخميءَ‘ جي لئه ڏيهه چوي ٿو،
مُڙس نه هرگز ٽوٽي آهي.

منزل ماڻڻ اَهنجي ناهي.

منزل ماڻڻ اَهنجي ناهي.
ڪاههَ رُڳو بس پنهنجي ناهي.

”وَنحن اقرب“ پاڻ چوي ٿو،
وٿي ڌڻيءَ سُنهن نَنهن جي ناهي.

ڪيئن ٻُڌايان سُورن جي مان،
ڳالهه ٻُڌائڻ سَهنجي ناهي.

هڪ مالڪ کان ڏڪندو آهيان،
ڪاڻِ ڪڍي ٻئي ڪنهنجي ناهي.

’زخمي چانڊيو‘ نالو آهي،
حاجت هِت ڪا غم جي ناهي.

ڪيو گهيرو غمن آهي، ڀڳل هڪ هڪ هَڏي آهي.

ڪيو گهيرو غمن آهي، ڀڳل هڪ هڪ هَڏي آهي.
زبان تي آ لڳل تالو، اڏيل سامهون اَڏي آهي.

گهرئون ٿا جيڪڏهن حق ڪو هڻي نعرو صداقت جو،
ٻچا انگاس تي اٽڪيل سزا ويتر وڏي آهي.

سوين سِر تي ستم ۽ سُور سختيون سڀ سهي وڃبيون،
مگر بيعت قبوليان ڇو؟ اڃان مون ۾ رَڏي آهي.

نه ڪر ارمان اي ’زخمي‘ خدا توساڻ حامي آ،
نه اڄ مون ڀي سنڌوءَ جي ڀر، ڊڄي ڪنهن کان ڇڏي آهي.

کَٽي بازي وئي آخر عداوت کان محبت آ.

کَٽي بازي وئي آخر عداوت کان محبت آ.
ڪَپائي مُون زبان پنهنجي، نڪي مون کان ٿي نوڙت آ.

ستم مان غير جو مُرڪي سَهي سِرَ تي مَري ويندس،
مگر هن ديس تي آڱر سَهڻ کان مونکي نفرت آ.

غريبن ۾ ڪٿي فاقا، ڪٿي ڀانڊا اناجن جا،
وٽن هيرا هزارين پر نه ڪائي تن جي قيمت آ.

ڊگهي ڏاڙهي جُبو پائي، هڻن ايمان تي ڌاڙو،
ڏسڻ ۾ جيئن موسيٰ پر اصل شيطاني صورت آ.

وطن تي تون مري ’زخمي‘ هميشه لئه ٿجان سُرهو،
لڙِي جوڌا تو ورتو حق سلامت تنهنجي غيرت آ.

ڇم ڇم ڇيريون تون ۽ مان.

ڇم ڇم ڇيريون تون ۽ مان.
نينهن نبيريون تون ۽ مان.

ڪونه ٻُڌڻ ٿا چاهيون هاڻي،
تيريون ميريون تون ۽ مان.

ياد اٿئي ڪيئن ننڍڙي هوندي،
ڌوڻيون ٻيريون تون ۽ مان.

پيارَ، اَمُن جي الفاظن تي،
زبران زيريون تون ۽ مان.

ڌرتي سائو ويس ڍڪي پوءِ،
چاريون کيريون تون ۽ مان.

نفرت واريون سوچون ساڙي،
مُرڪون ميڙيون تون ۽ مان.

اڳ ته ملڻ لئه ڪين ڪيون هُون،
ايڏيون ديريون تون ۽ مان.

آءُ اُڏاريون برکا رُت ۾،
ڳيرا ڳيريون تون ۽ مان.

هاڻ انا جي وڻ کي ’زخمي‘
گڏجي ڪيريون تون ۽ مان.

مسڪينن ۽ ماروئڙن لئه،

مسڪينن ۽ ماروئڙن لئه،
سُورن جا سامان به ساڳيا.

مُرڪ کسڻ ۽ لُڙڪ ڏيڻ جا،
مون تي هي احسان به ساڳيا.

ڀُونءِ سڄي ويا ڀيلي جيڪي،
تو وٽ پر مهمان به ساڳيا.

مسڪينن کي رانڀوٽن جا،
ڏاڍن جا نيشان به ساڳيا.

ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ ڪُوڙا،
امن سندا اعلان به ساڳيا.

تنهنجي پُکي ۾ اڻ کُٽ خوشيون،
’زخمي‘ لئه ارمان به ساڳيا.

مَنَ کي اڄ مُونجهارو ٿي پيو.

مَنَ کي اڄ مُونجهارو ٿي پيو.
ماڻهو ائٿ ستارو ٿي پيو.

مسڪينن جي زڪواتن مان،
صاحب لئه پيجارو ٿي پيو.

ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ آدم،
ڳٽ ڳچيءَ ۾ ڳارو ٿي پيو.

پاپي بڻجي پير ڪڍي ويو،
سنگتي اندر ڪارو ٿي پيو.

جنهن کي ڪلهه هُئي نفرت مونکان،
سوئي جيءَ جيئارو ٿي پيو.

سارو ڏينهن ٿا لوڙيون پوءِ ڀي،
مس مس پيٽ گذارو ٿي پيو.

سِير سمنڊ جي پار ڪيم پر،
دشمن آهي ڪنارو ٿي پيو.

تنهنجو نظرِ ڪرمُ او سائين،
’زخميءَ‘ لاءِ سهارو ٿي پيو.

سڄڻ جي شڪايت ڪيان ڇو ڪيان؟

سڄڻ جي شڪايت ڪيان ڇو ڪيان؟
۽ تنهن سان بغاوت ڪيان ڇو ڪيان؟

چوي دل ٿي محبت پرينءَ تي لُٽايان،
ٻين تي عنايت ڪيان ڇو ڪيان؟

جڏهن منهنجو محبوب مونسان آ راضي،
ته ان سان عداوت ڪيان ڇو ڪيان؟

جڏهن روز درشن سڄڻ جو ٿئي ٿو،
ته ٻئي در سعادت ڪيان ڇو ڪيان؟

سخي، پِيچُ جو آ جڏهن ليکو هڪڙو،
ته باقي قناعت ڪيان ڇو ڪيان؟

کائي گڏ پوءِ ’زخمي‘ گلا جو ڪري ٿو،
ته ان جي شناخت ڪيان ڇو ڪيان؟

ساڙ سَڙيو هُو ساڙي ٿي پيو.

ساڙ سَڙيو هُو ساڙي ٿي پيو.
جُونِ جي ڄڻ پوياڙي ٿي پيو.

هن سان رشتو اڻ ٽُٽ هو پر،
لُوسڻ ۾ بي پاڙي ٿي پيو.

ڪالهه ٿي مونکي سمجهايو جنهن،
سوئي پاڻ اناڙي ٿي پيو.

محبت جو ميدان ڇڏي ڇو،
تهمت ڏئي هُو ڀاڙي ٿي پيو.

رات کي ڏينهن چيو ئي ناهي،
’زخمي‘ پو ڪيئن ڊاڙي ٿي پيو.

مونکي نه پنهنجو مَٽ ٿو سمجهين!

مونکي نه پنهنجو مَٽ ٿو سمجهين!
ايڏو ڇو تون گهٽ ٿو سمجهين!

هر مَسڪن مون خوب پڙهيو آ،
تون ڪيئن مونکي ڄٽ ٿو سمجهين!

ڌرتيءَ جي هن پيار کي پاپي،
شايد ڪوئي ڳَٽ ٿو سمجهين!

ساوا ساوا کيت سنڌوءَ جا،
بازيگر بَرپَٽ ٿو سمجهين.

مان ڪو ايڏو هيڻو ناهيان،
جيڏو مونکي چَٽ ٿو سمجهين.

’زخميءَ‘ کي ڇو ظالم کوٽو،
تارازيءَ جو وٽ ٿو سمجهين!

ساههُ ٿو توکي ساري سائين.

ساههُ ٿو توکي ساري سائين.
ڪي ته گهڙيون وڃ گهاري سائين.

چين کڻي تون چاههَ جو دل ۾،
ٻارڻ ويو آن ٻاري سائين.

دُور رهي تون دلبر مون کان،
هانءُ ڇڏيو آ ڏاري سائين.

جيڪر تون هڪ وار هلي آ،
قسمت جيتي هاري سائين.

تنهنجا رستا روز نهاريان،
آب اکين مان هاري سائين.

جيون سارو توبن ’زخمي‘،
تنهن کنئون ڇڏ تون ماري سائين.

جڏهن دردُ پنهنجن پيارن ڏنو.

جڏهن دردُ پنهنجن پيارن ڏنو.
تڏهن مونسان روئي سهارن ڏنو.

محبت جي ٻيڙي جڏهن ڀي ٻُڏي،
نه ڪوئي سهارو ڪنارن ڏنو.

خزان دل جو گلشن اُجاڙي وئي،
وڏو دوکو مونکي بهارن ڏنو.

ڏسي ڏاڍُ تنهنجو زمين آسمان،
روئي چنڊ تارن نظارن ڏنو.

ڪري مونکي ’زخمي‘ جڏهن تون وئين،
ڇڏي ساٿ منهنجو قرارن ڏنو.

منهنجون ديدون تنهنجي دَرَ ۾.

منهنجون ديدون تنهنجي دَرَ ۾.
تون ته اڃا آن ساڳيو ڍَرَ ۾.

حيف اٿئي جو عيش ڪرين ٿو،
قيامت برپا آهي ٿَرَ ۾.

توسان جو مان اٽڪِي پوندس،
جهيڙو پوندو پنهنجي گهر ۾.

ڪيئن پڙهي ڪاليج ۾ ڇورو!
جنهن کي پِسٽل هوندو وَرَ ۾

ايڏي ’زخمي‘ هامَ هڻان ڇو،
ڳالهه ته هونئن آ ويٺل تَرَ ۾.

لُريءَ ۾ غريبن جو سيارو ڏٺو ٿئه؟

لُريءَ ۾ غريبن جو سيارو ڏٺو ٿئه؟
ڇا کائيندي تن کي نه ڏارو ڏٺو ٿئه؟

هُجي وِياج رُشوت تي جنهن جو گذارو،
ڪڏهن تنهن کي ڏيندي اُڌارو ڏٺو ٿئه؟

سَرنهن جي ڦولارن ۾ نارين جون جوڙيون،
پَليءَ جي پَٽڻ جو نظارو ڏٺو ٿئه؟

گُهمي ٻين جي محبوب سان ٿو کِلين پر،
رقيبن سان گهمندي پيارو ڏٺو ٿئه؟

ويهي ڪيئن ٿو بنگلن ۾ چمچن سان کائين،
ٿريچن جو ڏانئڻ گذارو ڏٺو ٿئه؟



وٺڻ پيار ۾ يار جو آزمودو!
صُفيءَ تان سَکيءَ جو اشارو ڏٺو ٿئه؟

اديبن جي قدڪاٺ ماپڻ کان پهريان،
سمنڊ جو ڪڏهن ٻيو ڪنارو ڏٺو ٿئه؟

گهڻن ڀائرن تي ڪرين ٿو تون بانور،
امڙ جو اڪيلو سهارو ڏٺو ٿئه؟

ٻاهر رعب جيڪي هٿيارن تي ڪن ٿا،
تنين جيل هٿ ۾ ٻُهارو ڏٺو ٿئه؟

ڪئي ڪيڏي سائنس ترقي آ ’زخمي‘،
اسان وٽ اڃا ڪاري ڪارو ڏٺو ٿئه؟

ايڏي وارو واري ڇو آ؟

ايڏي وارو واري ڇو آ؟
دهشت هي چوڌاري ڇو آ؟

اخبارن ۾ روز پڙهين ٿو،
پنهنجن کان بيزاري ڇو آ؟

شام صبح ٿو خون وِلوڙي،
پوءِ به قرضي هاري ڇو آ؟

ناحق ناري ڪالهه ڪُسي وئي،
ڪيرُ چوي ٿو ڪاري ڇو آ؟

هاري جي لئه ٿاڻي تي اڄُ،
باهه وڏيري ٻاري ڇو آ؟



هر شيءِ ۾ آ خوب ملاوٽ،
ٽيڪيل هر واپاري ڇو آ؟

ٻن پئسن تي يارُ وڪاميو،
ڏات ڌڻي درٻاري ڇو آ؟

روئي روئي مان ئي هڪڙي،
ويهي رات گذاري ڇو آ؟

هڪڙي داءَ تي ڌيءُ هارائي،
گولي تي جُوئاري ڇو آ؟

دنيا چنڊ تي پهتي آهي،
سنڌ ڏکن ۾ ساري ڇو آ؟

ساري دنيا دوکو آهي،
يارن منجهه غداري ڇو آ؟

سُرمئي شام جي برکا رُت ۾،

سُرمئي شام جي برکا رُت ۾،
ڏات رُسي وئي آهي.

ناحق ناري ڪاري بڻجي،
ڪالهه ڪُسي وئي آهي.

معصومن جي مُنهن تان زوري،
مُرڪ کسي وئي آهي.

منهنجي موت جي رب کان شايد،
*ڊيٽ گُسي وئي آهي.

روئي روئي ’زخمي‘ دامن،
خوب پسي وئي آهي.


*DATE = تاريخ

پراوا ڪڏهن پنهنجا ٿيندي ڏٺا ٿي؟

پراوا ڪڏهن پنهنجا ٿيندي ڏٺا ٿي؟
ڪڏهن ٻير ٻٻرن کي ڏيندي ڏٺا ٿي؟

پنڊيءَ تي به نالو ناهي جن جو گهر ۾،
سي شهرن ۾ شهپر وٽيندي ڏٺا ٿي؟

سنڌي مُئي تي ڪالم لکڻ جا ته ڪوڏيا،
مگر ڪنهن کي جيئري مَڃيندي ڏٺا ٿي؟

اسان ڏي ته اچڻا نه وڃڻا هئا پر،
مفادن لئه هر هر سي ايندي ڏٺا ٿي؟

بُکن ۽ ڏکن سان به دل ٿي وڃي ٿي،
ڪڏهن مارُو ٿر مان لڏيندي ڏٺا ٿي؟

انا جي کڻي ڏور ليکڪ هٿن ۾،
ادب جي لغڙ کي ڪَٽيندي ڏٺو ٿي؟

بيوفا تنهنجو فسانو ياد آ.

بيوفا تنهنجو فسانو ياد آ.
دل تي دردن جو زمانو ياد آ.

تو نه ڪنهن اقرار کي پاڻي ڏنو،
تنهنجو مونکي هر بهانو ياد آ.

دل کسي، پنهنجو ڪري، ڇو ڌار ٿئين؟
رولي ٿئين راهي روانو ياد آ.

دل جو گلشن هو سينگاريل يار پر،
اوچتو تنهن جو ويرانو ياد آ.

جاٿي ويهي تو ڪيو اقرار هو،
اڄ اهو ئي آستانو ياد آ.

باغ ۾ بُلبل مچايو شورُ هو،
ان جو ڳايل هر ترانو ياد آ.

تو ڪري ’زخمي‘ ڇڏيو تنهنجو ڪرم،
تنهنجي نظرن جو نشانو ياد آ.

منهنجا توسان پيار وڌي ويا.

منهنجا توسان پيار وڌي ويا.
تنهنجا سڀ اختيار وڌي ويا.

تنهنجي اوسيئڙي ۾ سنگدل!
اڳ کان اڳرا نارَ وڌي ويا.

ڪانه پوي ٿي پُوري گهر ۾،
آهن ننڍڙا ٻارَ وڌي ويا.

چڱن ڀلن کان ٻيڻا ٽيڻا،
هر گهر ۾ بيمار وڌي ويا.

رنگُ هڻي ٿا وڙ لِڪايون،
چانديءَ جهڙا وارَ وڌي ويا.

مانُ غريبن کي نه مِلي ٿو،
پئسي جا آزار وڌي ويا.

ڪهڙو واءُ گُهليو آ ’زخمي‘،
پنهنجن جا تڪرارَ وڌي ويا.

نيٺ ته ورندا وارا ساٿي.

نيٺ ته ورندا وارا ساٿي.
ڪِرندا کوڙ طيارا ساٿي.

ڌاريا ٿيندا سمنڊ حوالي،
سنڌي رهندا سارا ساٿي.

نيٺ ته هاڻي ٽُٽڻا آهن،
ڳٽ غلاميءَ وارا ساٿي.

جاڳيو آهي گهوٽ ڀٽائي،
نينهن جا لڳندا نعرا ساٿي.

آزاديءَ جي واٽ ڏَسي ويا،
ٽوڙي ڦاٽڪ وارا ساٿي.

پل پل تنهنجا پُور الاڙي!

پل پل تنهنجا پُور الاڙي!
مَن سدا مجبور الاڙي!

تنهنجي دل جي ويجهو آهيان،
پوءِ ڀي سمجهين دور الاڙي!

پن ڇڻ رُت ۾ ڇوٿو ڇيڙين،
محبت جا مذڪور الاڙي!

ڦوهه جواني ۾ هي تنهنجا،
ٻاراڻا دستور الاڙي!

توکي جنهن به ڏٺو او ساجن،
ٿي ويو چڪنا چُور الاڙي!

ظاهر واقعي ’زخمي‘ ناهيان،
نس نس آ ناسُور الاڙي‘

ستم مٿان ٻيو ستم ڪري ڏِسُ!

ستم مٿان ٻيو ستم ڪري ڏِسُ!
اوهان سان ناتو نڀائي وڃبو.

هزار دل تي زخم سهي ڀي،
اوهان کي پيارا کِلائي وڃبو.

اوهان تي آڱر سِڌي ڪئي جنهن،
انهيءَ جو بازُو ڪَٽائي وڃبو.

قدر نٿا ڪيو مرڻ کان پوءِ ئي،
اوهان جو دامن پسائي وڃبو.

شناس جنهن ۾ ذرو به ناهي،
قدم انهيءَ کان گهٽائي وڃبو.

مرڻ ته ’زخمي‘ نه آهي مِهڻو،
مَري به ڌاڪو ڄَمائي وڃبو.

اوهان جي نظر جو اثر ٿي ويو آ.

اوهان جي نظر جو اثر ٿي ويو آ.
چريو مان نه سارو شهر ٿي ويو آ.

هڻي ڪانَ قهري دنيا کي ٿا گهايو،
گهڻن جو اڌواڌ اندر ٿي ويو آ.

اوهان جي ئي تصوير دل ۾ رکي مان،
پيو پوڄيان مَنُ مندر ٿي ويو آ.

وسي ياد تنهنجيءَ ۾ منهنجي اکين جو،
لبِ خشڪ هاڻي ڪڪر ٿي ويو آ.

ڄمڻ کان وٺي مان ڏسان ڏک ئي ڏک ٿو،
ستم، سُورَ مون لئه ثمر ٿي ويو آ.

اچي چوٽ ’زخمي‘ وئي آهه اهڙي،
جيئڻ هاڻ منهنجو زهر ٿي ويو آ.

اڄ ته اڻپورو سرجيل غزل ٿو لڳين.

اڄ ته اڻپورو سرجيل غزل ٿو لڳين.
وار اڻڀن ۾ ڄڻ ڪو بڪل ٿو لڳين.

تنهنجي جوڀن جي ڪهڙي ڪيان ڳالهه مان،
ٻيرَ ڳاڙهن جيان تون پَڪل ٿو لڳين.

مُرڪي ڀاڪر ڍِلو تو جو پاتو پرين،
مونکي صدين کان ماندو ٿڪل ٿو لڳين.

چنڊُ توکي ڏسي ڪيئن نه شرمائجي،
راءِ ڏياچ جهڙو قتل ٿو لڳين.

پنهنجي هٿ ڪي لڪيرن ۾ توکي پَسي،
هاءِ قبضي ۾ ڄڻ ڪو رمل ٿو لڳين.

ڇو ٿو مونکي چوين تون نه مدهوش ٿي،
اڄ ته تون ڀي پگهر ۾ ٻُڏل ٿو لڳين.

ايترو ڀي نه وَڻُ منهنجا ماهه لقا!
ڇو ته ’زخميءَ‘ جي لئه اڄ اجل ٿو لڳين.

وفا کي جفا جو ازالو نه ڏي.

وفا کي جفا جو ازالو نه ڏي.
اجايو سجايو حوالو نه ڏي.

نه ڪر وقت! جاڙون اسان جي هٿن ۾،
قلم جي تون عيوض ريوالو نه ڏي.

ڪري مئه نه مدهوش مئخوار کي جا،
انهيءَ ڀري ڪو پيالو نه ڏي.

آهي ياد مونکي ڀٽائي سمورو،
اجايو ٻئي ڪنهن جو رسالو نه ڏي.

اڳي جا ڏنل گهاوَ مس مس ڇُٽا هِن،
زخم تون وري ڪو نرالو نه ڏي.

ڏکيو وقت سِرَ تي اچي ويو ته ڇا ٿيو؟
ڪري هيردل نيڻ آلو نه ڏي.

حياتي محبت جو نالو آ ’زخمي‘،
اُٿي پيار گهر کي تون تالو نه ڏي.

توکي هو پرچايو ڪيڏو.

توکي هو پرچايو ڪيڏو.
پوءِ ڀي ٿي تڙپايو ڪيڏو.

وقت ڏئي ڇو دَرُ به نه کوليئه،
بيٺي دَرُ کڙڪايو ڪيڏو.

غير جي چئي تي پيار پرينءَ جو،
ضايع ٿيو سرمايو ڪيڏو.

ياد اٿئي جو ڌار ٿيو هُئين،
ڪوئل هو ڪُرلايو ڪيڏو.

هڪ ڏينهن توکي ٻار جيان ڪيئن،
سهڻا هو سمجهايو ڪيڏو.

راڻو جڏهين ڏاگهه چڙهيو هو،
مومل هو پڇتايو ڪيڏو.

مُئي کانپوءِ تو ’زخميءَ‘ کي ڇو،
روئندي هو سينگاريو ڪيڏو.

مهمانن جي ڳالهه نه ڪر.

مهمانن جي ڳالهه نه ڪر.
نادانن جي ڳالهه نه ڪر.

تنهنجا قرب ڪروڙين مونتي،
احسانن جي ڳالهه نه ڪر.

پيار جي ٻولي سمجهڻ ڄاڻان،
دهمانن جي ڳالهه نه ڪر.

گهر جي ڀرسان مسجد بهتر،
آذانن جي ڳالهه نه ڪر.

ڌرتيءَ سرتيءَ لئه آ جيون،
زندانن جي ڳالهه نه ڪر.

رهجي ويا هن جيڪي ’زخمي‘،
ارمانن جي ڳالهه نه ڪر.

ٻيڙي ٻُڏندي مائل ٿي پيو.

ٻيڙي ٻُڏندي مائل ٿي پيو.
پوءِ ڀي دشمن ساحل ٿي پيو.

ڪالهه اُڌارو ڪين ڏنو جنهن،
سو اڄ دَرَ تي سائل ٿي پيو.

جاهل تي الزام ڏيئون ڇا،
پڙهيل ڳڙهيل ڀي جاهل ٿي پيو.

ڪالهه هنيون ٿي جنهن به هنبوڇيون،
سوئي آهي بُزدل ٿي پيو.

جنهن کي نفرت ڪلهه هئي مونکان،
سوئي منهنجو قائل ٿي پيو.

جنهن کي جيون ارپيو هو مُون،
سوئي منهنجو قاتل ٿي پيو.

’زخمي‘ ديد دونالين سان اڄ،
تنهنجي گهُور جو گهايل ٿي پيو.

محبتون ڪاڏي ويون؟

محبتون ڪاڏي ويون؟
چاهتون ڪاڏي ويون؟

گڏ رهڻ واريون سڄڻ،
ساعتون ڪاڏي ويون؟

رسڻ ۽ پرچڻ سنديون،
عادتون ڪاڏي ويون؟

نينهن وارن جون اُهي،
نوڙتون ڪاڏي ويون؟

دُوريون اڄ ويون وڌي،
قربتون ڪاڏي ويون؟

ٻاجهه ڪنهن ۾ ڪانه آ،
شفقتون ڪاڏي ويون؟

يا خدا، تُنهنجون ڀلا،
رحمتون ڪاڏي ويون؟

روح ٿو راڙيون ڪري،
راحتون ڪاڏي ويون؟

زخمي‘ دل جون دوستو!
حسرتون ڪاڏي ويون؟

اقرار به تو ئي ڪيو.

اقرار به تو ئي ڪيو.
انڪار به تو ئي ڪيو.

الزام ڏئي ڪُوڙا،
آ، ڌار به تو ئي ڪيو.

محبوب! محبت جو،
اظهار به تو ئي ڪيو.

مان راز لِڪايو پر،
نروار به تو ئي ڪيو.

آ مونکي ڪُهڻ خاطر،
سينگار به تو ئي ڪيو.

برباد سڄڻ منهنجو،
سنسار به تو ئي ڪيو.

آ پيار ڪري مونسان،
تڪرار به تو ئي ڪيو.

’زخميءَ‘ کي ڏئي صدما،
بيمار به تو ئي ڪيو.

تو ڪري مون کي جُدا ماري ڇڏيو.

تو ڪري مون کي جُدا ماري ڇڏيو.
دل کسي ڄاڻي خُدا ماري ڇڏيو.

مون ڪئي توسان وفا منهنجا صنم،
تو ڏئي مون کي دغا ماري ڇڏيو.

در پنڻ آيس حُسن جو خيرُ مان،
تنهنجي دڙڪن جي سخا ماري ڇڏيو.

لوڪ ساري جو ستم سَهندو رهيس،
پر مٺا تنهنجي سزا ماري ڇڏيو.

تو رقيبن سان گهمي ”زخمي“ ڪيو،
تنهنجي ئي دارون دوا ماري ڇڏيو.

ڳالهه ٻُڌائي گامون سچي.

ڳالهه ٻُڌائي گامون سچي.
توکي حيرت ڇو ٿي اچي.

سوچيو ٿئي تو سنڌ ۾ ڇالئه،
روز نئون ٿو ممڻ مچي.

چئني پاسي باهه وڪوڙيو،
ڄڃ پرائي احمق نچي.

رانديڪن سان کيڏي پوءِ چئه،
لولو پچي ٻيو ڀي اچي.

پَڪ پَڪي ۾ ڪين رهي آ،
مارڻ مال سنباهيا ڪچي.

نانگ تريءَ تي پاليو ڇو ٿا،
ڏنگ انهيءَ کان ڪو ڪو بچي.

ڪيئن ڪندين خاموش اسان کي،
ڳالهه ٻُڌي آ ٻچي ٻچي.

سنڌ سڄي ٿي بوسنيا وئي آ،
جيون ’زخمي‘ پيو آ ڏچي.

اقرار به ماري ٿو.

اقرار به ماري ٿو.
انڪار به ماري ٿو.

ٿو آئون لکان سچ جي،
ڀوتار به ماري ٿو.

جيئان ٿو سهي غم پر،
آزار به ماري ٿو.

آ هُوءَ سُندر، هُن جو،
سينگار به ماري ٿو.

ڌاريا ته رهيا ڌاريا،
پر يار به ماري ٿو.

مان جي ڪاري آهيان، پوءِ ڀلي مار تون.

مان جي ڪاري آهيان، پوءِ ڀلي مار تون.
پر پلاندن تي غيرت نه واپار تون!

تنهنجي آهيان وَني مون کي چئه نه ڪِني،
پنهنجي ننگن کي ناحق نه ڪر خوار تون!

ڪيترا ئي دفعا ’ڪارو‘ ٿيل آهين تون،
پوءِ ڪيئن ٿو ڪرين مون کي سنگسار تون!

مَردُ، عورت، ٻه گاڏيءَ جا ڦيٿا آهن،
ورنه جيون سفر ۾ آهين بار تون!

هڪڙي غيرت جي خاطر وئين جيل ۾،
ڪيئن غيرت جي لهندين پُٺيان سار تون!

مرد شادي شده ٿا سُريتيون رکن،
عورتن جي پسند کي به ويچار تون!

شعرُ ’زخمي چانڊئي‘ جو ٻُڌي ڪنهن چيو،
عورتن کي به ڀائو ڪيو پارتون.

پيار اسان پنهنجايو آهي.

پيار اسان پنهنجايو آهي.
باقي سڀ اجايو آهي.

منهنجو ڪهڙو حال پُڇو ٿا،
دل جو درد پِرايو آهي.

رمتي کي روڪي: تو زمانا!
پنهنجو فرض نڀايو آهي.

جنت جهڙو ديس اسانجو،
سڀني جو سرمايو آهي.

آزاديءَ جي جنگ جياپو،
هر ڪنهن کي سمجهايو آهي.

هُو اسان کان نگاهَه روڪن ٿا.

هُو اسان کان نگاهَه روڪن ٿا.
ايئن لڳي ٿو ته ساهَه روڪن ٿا.

هُونئن اسان روز اچڻ وارا هُون،
سخت جُملا به راهَه روڪن ٿا.

عمر ڀر ڪيتري تلاش رهي،
چاهه جهڙا به چاهَه روڪن ٿا.

اڄ ته رستي ۾ ٿڪي پيا آهيون،
۽ هي رستا پناهَه روڪن ٿا.

عمر ڀر جن سان پئي نڀايو آ،
اڄ وري سي گُناهَه روڪن ٿا.

ٿوري همت ڌار ته دشمن ڳاٽي ڀَرِ ڪِرندا.

ٿوري همت ڌار ته دشمن ڳاٽي ڀَرِ ڪِرندا.
هانءُ نه پنهنجو هارِ ته دشمن ڳاٽي ڀَرِ ڪِرندا.

لوڀي جاٿي رهندا، اُتڙي ٺوڳي جام اچن،
پنهنجو پاڻ سُڌارِ ته دشمن ڳاٽي ڀَرِ ڪِرندا.

”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ ٻيهر چئه،
هوشو ٿي ڏيکارِ ته دشمن ڳاٽي ڀَرِ ڪِرندا.

پنهنجو سِرُ ته وڃي پر سنڌ جي ميري سينڌ نه ٿئي،
دودا کڻ هٿيار ته دشمن ڳاٽي ڀَرِ ڪِرندا.

سُرخ گلابن سان سڀ پنهنجا کيت سجائي ڇڏ،
آزادي اظهار ته دشمن ڳاٽي ڀَرِ ڪِرندا.

ڀٽ ڌڻيءَ جي هر آيت جو رُوح ته سمجهه کڻي،
سُورهيه ٿي ڏيکار ته دشمن ڳاٽي ڀَرِ ڪِرندا.

محبت ڪر پر مستيءَ سان.

محبت ڪر پر مستيءَ سان.
جنت جهڙي ڌرتيءَ سان.

ڪهڙا ليکا ٿو سارين؟
ڌرتي جهڙي سرتيءَ سان.

جو ڪرڻو سو اڄ ئي ڪر،
ڇا ورڻو آ ڳڻتيءَ سان.

توسان فطرت گڏ ڳائي،
اهڙو ڳائج بنسيءَ سان.

انسانن کي او انسان!
مار نه تون بيدرديءَ سان.

تنهنجو ساٿ ازل جو آ،
’زخمي‘ زخمي زخميءَ سان.

يادگيريون نه ٿيون ڌار ٿين.

يادگيريون نه ٿيون ڌار ٿين.
شل ائين پنهنجا دلدار ٿين.

ڪيستائين اکين ڊوڙ ڪئي،
من ڪٿان خواب نروار ٿين.

اڄ ڍڪين ڇونه ٿي چِلولي!
ڇالئه بدنام سينگار ٿين.

چئن اکڙين جو هڪ حادثو،
حادثا اهڙا ٻيهار ٿين.

حيرتن کي به حيرت هجي،
يار ڀي جيڪڏهن ٻار ٿين.

سڀ اکين تي رکي ٿا گهمن،
بارُ ڪنهن تي نٿا پيار ٿين.

مان ڇڏيان پنهنجا يار پرچائي.

مان ڇڏيان پنهنجا يار پرچائي.
ڀل نه ڪو منهنجا پيار پرڀائي.

هي خزائون به دور ٿي وينديون،
پيار ويندو بهار پرچائي.

هوءَ مصور جي تخيل جهڙي،
ڪيرُ هُن تان نهار ڦيرائي.

ٿيءُ پڃري جي قيد کان ٻاهر،
وَٺُ پرندا، اُڏار پرچائي.

وقت جي بي رحم روش گهايو،
سنڌ جو درد ڌار تڙپائي.

آئون منصور جو جنم آهيان،
ڪيرُ آهي جو، دار تي چائي.

محبوب محبت کان وٿيرا نه گذاريو.

محبوب محبت کان وٿيرا نه گذاريو.
ڪجهه خيال ڪيو، خيال ڪيو، ساهه سنواريو.

مغرور نه ٿيو سُونهن تي ايڏو ته اوهان ڀي،
اڄ حُسن جي عاشق کي ذرا جهلڪ پَسايو.

هر وار ڏئي زخم خوشيون کوڙ ڪيو ٿا،
ڪجهه درد ڀري دل کي گهڙيءَ لاءِ کِلايو.

ڇو انتظار منجهه صليبن تي ٽنگيو ٿا،
ڪجهه مُرڪ ڀري نظر کڻي هاڻِ نهاريو.

زندگي موڪلائي وڃڻ ڏي.

زندگي موڪلائي وڃڻ ڏي.
موت جي مهرباني مڃڻ ڏي.

آخري هيءَ منزل نه آهي،
مون کي ٻيهر ورڻ لئه مرڻ ڏي.

تولئه ميڙي رکيون روشنيون هِن،
مون کي صدين ۾ آلاپجڻ ڏي.

هيءَ ترتيب اتهاس جي آ،
منهنجي ايندڙ نسل کي پڙهڻ ڏي.

زندگي تون صحتمند ٿيندينءَ،
هڪڙي ’زخميءَ‘ کي قربان ٿيڻ ڏي.

خبر ناهي سانوڻ اچي ڪو وري ڀي.

خبر ناهي سانوڻ اچي ڪو وري ڀي.
مزو ماڻيو هاڻي اي لوڪو وري ڀي.

خبر ناهي کُلندو اسان لاءِ هاڻي،
اسان جي پرينءَ جو جهروڪو وري ڀي.

اڙي وقت! اکڙيون ڪلپنا گُهرن ٿيون،
هي آزاد سنڌو ڪلهوڪو وري ڀي.

*”اياز“ آيو آهي ”ڀٽائيءَ“ سان گڏجي،
ڏنو آهي ”استاد“ هوڪو وري ڀي.

خبر ناهي پنهنجا پراوا به ٿيندا،
اڙي ’زخمي‘ کاڌءِ هي ڌوڪو وري ڀي.


-*سنڌي ادب جا ٽي عظيم شاعر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز ۽ استاد بخاري

اڄ ڇير کي ڇمڪاءِ ته ڪا رات کُٽي پئي.

اڄ ڇير کي ڇمڪاءِ ته ڪا رات کُٽي پئي.
محفل کي به مهڪاءِ ته ڪا رات کُٽي پئي.

نظرن مان ڀري جام اسان کي به پيئاريو،
مستن کي به پنهنجاءِ ته ڪا رات کُٽي پئي.

هِن حُسن هزارن کي ڪُٺو آهي الئه ڇو؟
هيءَ ڳالهه به سمجهاءِ ته ڪا رات کُٽي پئي.

اڄ ڪائنات تنهنجي اکين منجهه لٿي آ،
اکڙين ۾ ڏينم جاءِ ته ڪا رات کُٽي پئي.

’زخميءَ‘ جي حسرتن ۾ رڳو صحرا سمايل،
درياءَ جهڙو ڳاءِ ته ڪا رات کُٽي پئي.

مون کي قابو هو جذبات تي.

مون کي قابو هو جذبات تي.
صبح چغلي هنئي رات تي.

جهوپڙيءَ جا تصور هئا،
نظر تِرڪي وئي محلات تي.

تنهنجا سپنا به سُواري ڪندا،
منهنجي نيڻن جي برسات تي.

هِن اڪيلائي کاڌو رحم،
منهنجي دلچسپ حالات تي.

سَچُ مونکان لِکائيندي پئي،
ڀروسو آهه بس ڏات تي.

گوڙ کان ڏور ’زخمي‘ رهيو،
ايئن ٽوڪُون نه ڪر سانت تي.

راهبر جي رهبريءَ تي سوچيون.

راهبر جي رهبريءَ تي سوچيون.
راهزن جي رهزنيءَ تي سوچيون.

پنهنجو نعرو عالمي انسانيت،
آءُ گڏجي پِرٿِويءَ تي سوچيون.

هر ڪوئي رشتو اڏي ديوار ٿو،
ڀائرن جي سرڪشيءَ تي سوچيون.

ديس جا حالات ڪهڙي موڙ تي،
ديس وارن جي خوشيءَ تي سوچيون.

رات ڪاريءَ ۾ ڏياٽيون ٿيون جلن،
ڏينهن جي انڌيرگيءَ تي سوچيون.

سُرت ۽ ساڃاهه بخشي ڪيرُ ٿو،
شاعرن تي، شاعريءَ تي سوچيون.

اوءِ دل! پنهنجي سکيءَ تي سوچيون.

اوءِ دل! پنهنجي سکيءَ تي سوچيون.
ڇيرِ، چُوڙين ۽ سڳيءَ تي سوچيون.

هر سَمي، راههِ جفا تي ڊوڙ ڊُڪ،
دوستن جي دوستيءَ تي سوچيون.

سُونهن کي گهرجي نٿي ڪائي سَنوار،
سُونهن جي اڄ سادگيءَ تي سوچيون.

دلبري تنقيد کان بالا مگر،
پاڻ پنهنجي عاشقيءَ تي سوچيون.

نفرتن جي موت کان پهريان هلي،
محبتن جي زندگيءَ تي سوچيون.

سانوري آهي ڪيو اڄ الوداع،
آخري هُن جي چِٺيءَ تي سوچيون.

ڪالهه تنهنجا ئي نشانا ٿياسين.

ڪالهه تنهنجا ئي نشانا ٿياسين.
اڄ ته بدنامِ زمانا ٿياسين.

ڪيڏو قدرت کان آهي شرف مليو،
تنهنجي شهرت جا بهانا ٿياسين.

پنهنجي منزل کي ڇڏي آهي ڏنو،
تنهنجي منزل ڏي روانا ٿياسين.
\
تو جُدائيءَ ڏي ڇڏيو اڇلائي،
پوءِ ڪيڏا نه بيگانا ٿياسين.

پاڻ کي پاڻ سڃاتو ناهي،
پيار تنهنجي جا خزانا ٿياسين.

هاڻي “زخمي” ڪيئه کسي يادون،
تون ڇا ڄاڻين ته ڇا نه ڇا ٿياسين.

”ٻُڏي مَرُ“

”ٻُڏي مَرُ“

اگر تون ڪمائي جي کائي سگين ٿو!
ته در در تي ڀٽڪِي پنڻ کان ٻُڏي مَرُ.
ٻُڌو ٿم ته نياڻيون قرآنن مثل هِن،
انهن جي لڄالُٽ ڪرڻ کان ٻُڏي مَرُ.
اگر تو ۾ همت آ اڳتي وڌڻ جي،
ويهي ساههَ ٿڌڙا ڀرڻ کان ٻُڏي مَرُ.
خدا کي جي هر شيءِ تي قادر ٿو سمجهين،
ته پوءِ ڪنهن به ٻئي جي ڊڄڻ کان ٻُڏي مَرُ.
مصيبت ۾ ڪنهن کي ڏسي پوءِ ان جي،
مَٿا واڇَ ٽيڙي کِلڻ کان ٻُڏي مَرُ.
ذرو ڀي جي غيرت آهي يار توکي،
ته پوءِ ڪنهن جي ننگ ڏي ڏسڻ کان ٻُڏي مَرُ.
ڍڳين جيان وڪرو ڪري نياڻيون ڏانئڻ!
يا تن کي ويهاري ڇڏڻ کان ٻُڏي مَرُ.
رقيبن کي مُنهن ڏي تون ميدان ۾ ئي،
ائين ڏئي پُٺي تون ڀڄڻ کان ٻُڏي مَرُ.
غريبن يتيمن جون چوريون ڪري تون،
انهن کان پو ڀُونگو گُهرڻ کان ٻُڏي مَرُ.
ڄَڻي ڏيههُ توکي آهي جَن ڏيکاريو،
اُنهن کان جُدا ٿي رهڻ کان ٻُڏي مَرُ.
آهي وياج، رُشوت تي جن جو گُذارو،
انهن سان تون کائڻ پيئڻ کان ٻُڏي مَرُ.
سڏي ڪنهن کي سنگتي، رکي بُغض دل ۾،
ائين پيرَ ڪنهن جا ڪڍڻ کان ٻُڏي مَرُ.
نٿي جذبو ليڊر جي خدمت ڪرڻ جو،
ته پوءِ ووٽ ٻيهر گُهرڻ کان ٻُڏي مَرُ.
چوي جيڪو سَچُ توکي ڦهڪائي مُنهن تي،
چِڙي تنهن تي ڪِياڙي کَنَهڻ کان ٻُڏي مَرُ.
مصيبت کي مُنهن ڏي تون مردانگيءَ سان،
ايڏو سُست ڀي اڄ ٿيڻ کان ٻُڏي مَرُ.
ڌرمَ دينَ جي تون وٺي آڙَ احمق!
ڳَلا ڀائرن جا ڪَٽڻ کان ٻُڏي مَرُ.
مڃان ٿو ته مُنهن ۾ مسلمان آهين،
مگر تورَ اگهه ۾ هَڻڻ کان ٻُڏي مَرُ.
ڪري خوب موالي نشا ۽ پَتا تون،
امڙ، زالَ کي ايئن چَوڻ کان ٻُڏي مَرُ.
وٺي رُوپُ ٻيهر مدد خان وارو،
تون پنهنجن جو ويرِي ٿيڻ کان ٻُڏي مَرُ.
ڏِني پُٽ ڇُٽي تي ٿو ٿاڻو هَلائين،
غريبن کي گِهلي ٻَڌڻ کان ٻُڏي مَرُ.
دوائون به سرڪاري وڪرو ڪيون تو،
رُڳو نبض سَکڻي ڏسڻ کان ٻُڏي مَرُ.
خبر آ سڄي ٽيڪَ يونين جي توکي،
مگر ڍينگو ڍيري ڪرڻ کان ٻُڏي مَرُ.
سڄي ٿر جي امداد لوڀي ڳِهي وئين،
رُڳو سارَ رسمي لهڻ کان ٻُڏي مَرُ.
ٿي ڪُڪڙن ۽ ڏاندن جو شوقين ڀل پر،
انهن تي تون شرطون رکڻ کان ٻُڏي مَرُ.
عُشر ۽ زڪواتن جا پئسا وٺي پوءِ،
انڌن ۽ منڊن کي نه ڏيڻ کان ٻُڏي مَرُ.
ڪري ڄاڻي واڻي اسان کي تون ’زخمي‘،
پُڇين ٿو ته خوش آن، پُڇڻ کان ٻُڏي مَرُ.

”ساٿ“

”ساٿ“

مان نينهُن نڀائڻ چاهيان ٿو.
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان قوم بچائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان سنڌو وَهائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان ڊيمون ڊاهڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان ڌاريا ڌڪارڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان پانڌ به پاڙڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان جيل ڀَڃائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان ڪوٽ ڪيرائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان مهل ملهائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.


مان ڳوٺَ ٻَڌائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان امن ڪرائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان سنڌي گَڏائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان نياڻيون پَڙهائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان ٻارَ کِلائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان مُرڪون ورهائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان بُک ڀڄائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
۽ انُ اُپائڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان قوم جيئارڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.
مان سنڌ سنوارڻ چاهيان ٿو،
جي تنهنجو ساٿ هُجي.

”ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا“

”ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا“

ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
ڪهڙو تنهنجو مانُ وڏيرا!

هارين کي ٿو هيڻو سمجهين، پاڻ کي پاڻ ٿو ٻيڻو سمجهين،
ڪُک ۾ لڳندءِ ڪانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

هاري ناري ڏاٽا کڻندا، تُنهنجي سِرَ کي نيٺ ته لُڻندا،
لهندو پوءِ ارمانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

ووٽ وٺڻ لئه واڇُون ٽيڙي، تَرَ سڄي جا ماڻهو ميڙي،
ٿيندو آن مهمان وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

تنهنجي غيرت آههِ مَري وئي، ويٺل نياڻي ڪالهه ڀڄي وئي،
ڇا جو آهين خانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

تون ته شرابي آهين زاني، چورن جي پڻ آهين ناني،
آهين ڪو شيطانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

هاريءَ جو اَنُ سڀ کڻي وئين، ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙِ هڻي وئين،
ناهين ڪو انسانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

تُنهنجي ٿاڻيدار سان ياري، ڀَوَ کان ڪرائين اَرڏو هاري،
سؤ ڏهَه ۾ چالانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

ڪُوڙا کاتا ڀي ٺهرائي، مسڪينن جا گهر ڊهرائي،
ڳوٺ ڪيئه ويرانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!



ڏينهن ڏٺي منشيات هلائي، اغوا، ڦُر ڀي جامُ ڪرائي،
قومَ جو ڪيئه نقصانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

مسڪينن جا ننگ ٻَڌائين، ٿاڻي تي ٿو ويمَ ڪرائين،
بيشڪ آن بيمانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

رِڇَ ڪُتا ويڙهائڻ ڄاڻين، ڪُڪڙن کي ڦڙڪائڻ ڄاڻين،
ساسِين جو ڪر ڌيانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

خانگي جيل هَلائي ڏانئڻ، مارُو قيد ڪرائي ڏانئڻ،
ٿيندو آن مستانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

ٿاڻي تي ٻَڌ ڇوڙ ڪرائي، عيش لئه پئسا خوب ڪمائي،
آهين ڪندو احسانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

ڌاڙيلن جو ساٿاري تون، آهين هَلائيندو پاٿاري تون،
ٻين تي ڇو بُهتانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيون ٿا، پوءِ ڀي توکي پيرين پَئون ڇا،
غارُ ڪندئي رحمانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

نيٺ ٻه پاڻي توسان ٿيندا، ڏکَ ڏولاوا جان ڇڏيندا،
ٿيندو کَڙو طوفانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

’زخمي چانڊيو‘ نالو آهي، ڪُوڙ ته ڪڏهن لِکندو ناهي،
ڇو ٿو ٿئين حيرانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!

”ماريا وڃون ٿا“

”ماريا وڃون ٿا“

اسان راههَ ويندي ماريا وڃون ٿا.
مگر ڪانه ڪنهن کان شڪايت ڪيون ٿا.

اسان هر جنم ۾ ڪئي ديشَ سيوا،
جِيون هوشو بڻجي اُميدن تي ارڏا،
اذيت جي پاڇي ۾ پلجون مَرون ٿا.

اسانجو بلاول، اسانجو ڀٽائي،
اسانجو آ سرمد، اسانجو گدائي،
اُنهن وانگي ڌرتيءَ جو پيغام ڏيون ٿا.

اسان کي نه گهرجي ملڪيت نه ڪُرسي،
نه ئي پاپ پوڄيون، جيُون ڪاڻِ ڌرتي،
چڱاين جي عيوض بُرايون پَسون ٿا.

اسان پيارُ آڇيو، اسان چاهُه آڇيو،
اسان ديس خاطر کڻي ساهُه آڇيو،
سرتيءَ جي سُک جو نه ويساهُه ٿيون ٿا.

اسان ڀاڳ لوڙهيو رُڳو بارشن ۾،
مُخالف عناصر رهيا سازشن ۾،
اسان دارَ مرڪي مُرڪي چُمون ٿا.

اسان پوءِ ڪنهن جو سهارو نه هوندو،
۽ رشتن جي ’زخمي‘ نه ڪو سار لهندو،
اسان پنهنجا ٻچڙا ننڌڻڪا ڇڏيون ٿا.

”سنڌ گدڙن کاڌي ناهه اڃان“

”سنڌ گدڙن کاڌي ناهه اڃان“
­
سنڌ گدڙن کاڌي ناهه اڃان.
جو گيدي تنهنجي آڻ مڃان،
تنهن کان ماءُ کي مان ها ڪونه ڄمان.

ڦاهيون به ڏئين ڦٽڪا به هڻين،
۽ بجليءَ جا جهٽڪا به ڏئين،
جيلن ۾ هزارين ويلَ ڪرين،
ٿو سيڻ اسانجا نيل ڪرين،
تو ڀانيو آ ته مڃي وڃبو،
۽ هر هڪ عهد ڀَڃي وڃبو،
تاريخ پڙهي تو ناهه ڏٺي،
ڪئي جوڌن ڪاٿي جان مِٺي،
مخدوم بلال جو پوئلڳ هان،
جو پيڙهيو ويو ارغون هٿان.
تنهنجا رُعب ۽ تاب به ڄاڻان ٿو،
۽ سن جا خواب به ڄاڻان ٿو،
تون گِرنهه غريبن کان ٿو ڦُرين،
ڪيئن نينهُن نصيبن کان ٿو ڦُرين،
تون سِنڌُوءَ کي به سُڪائين ٿو،
۽ منهنجا موهَه مُڪائين ٿو،
بندوق جي زورَ تي بيٺو آن،
مان ڪيئن ڊڄان مان ڪيئن ڀَڄان،
مان قسم امڙ سان ڪيئن ڀَڃان.
۽ موٽي ڪهڙي مُنهن سان وَڃان.
تون رستن تي قبضا ٿو ڪرين،
مَنَ مَستن سان چرچا ٿو ڪرين،
بدمعاش سدائين بدمعاشي،
تون ذهن ضمير جو آن فاشي،
تون سنڌ جا حق ڦٻائين ٿو،
۽ مسلم ڀاءُ سڏائين ٿو،
تون ڀاءُ ته ناهين ويري آن،
اکڙين ۾ ڪوسي ڪيري آن،
مان توسان گڏجي ڪيئن رهان،
توساڻ ٺهان به ته ڪيئن ٺهان؟
ڪو دينُ نه ٿي ايمانُ نه ٿي،
اخلاق نه ٿي ارڪانُ نه ٿي،
انسان نه ٿئين انسان نه ٿي،
پر گهٽ ۾ گهٽ شيطانُ نه ٿي،
انسان جو حق آزادي آ،
۽ حق ڦُرڻ بيدادي آ،
تون بُلهي شاهه جو دشمن آن،
۽ نبي الله جو دشمن آن،
مان توکي مومن ڪيئن مڃان؟
لاهور ميان لاحول ميان!
تون چاهين ٿو مان ڪين ڪُڇان،
تون ظلمَ ڪرين مان ڪين لُڇان،
پر توکان هڪڙي ڳالهه پُڇان،
مان ڪيئن لِڪايان دل جي بُڇان،
هِن سِرَ ۾ جيسين ساههُ اٿم،
آزاديءَ تي ويساههُ اٿم،
هڪ سن جو سيّد وارث آ،
ٻيو وارث ڀٽ جو شاههُ اٿم،
ٿو جيئان ’زخمي‘ شينهن جيان.
ها جيسين سنڌ تي ساههُ ڏيان.
سنڌ گدڙن کاڌي ناهه اڃان.
سنڌ گدڙن کاڌي ناهه اڃان.

”فيل“

”فيل“

پائي ڀاڪر تو جڏهن ڀالو هنيو،
دوستيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

تُڪ بنديءَ کي شاعري ٿو چئين ته پوءِ،
شاعريءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

چنڊَ! چوڏهينءَ رات جو جُهڙ ۾ لِڪي،
روشنيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

ٻارهوئي تنهنجو ٻُڏل کنڊ جو جهاز،
کِل خوشيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

ٿوري پيئڻ سان ڇڏائي ويئه شناس،
مئڪشيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

مطلبي انسان لالچ جي ڪري،
عاشقيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

جي نٿو تعليم ڏين يونين ڪري،
ماستريءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

ڏاڍ مُڙسي ڀائرن سان ٿو ڪرين،
سرڪشيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

آ دوا هوٽي جڏهن مسڪين مُئو،
ڊاڪٽريءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

دلبري دلجاءِ کان خالي ڪيئه،
دل لڳيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

تو جڏهن واهيات ڳائي شاعري،
گائڪيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

سجدي ۾ توکي جڏهن پيا وسوسا،
بندگيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

هونئن ته آن فنڪارُ ’زخمي‘ تون مگر،
زندگيءَ جي پرچي ۾ ٿي فيل پئين!

”ڊيم نه گهرجي“

”ڊيم نه گهرجي“

ڪو ڊيم نه گهرجي،
ڪو ڊيم نه گهرجي.

اهو ڊيم سنڌوءَ کي سُڪائيندو.
۽ سنڌ جي سِينڌ اُجاڙيندو.
هُو ڊيم اَڏائڻ چاهي ٿو،
۽ سنڌ سُڪائڻ چاهي ٿو،
هُو ڀاءُ وڏو به سَڏائي ٿو،
۽ زوري حق گھٻائي ٿو،
اهڙي ڀاءُ وڏي تي لعنت آ،
جنهن ڀاءُ تي آندي شامت آ،
ڀلي ايمرجنسي هڻرايو،
۽ انساني حق لترايو،
گولين سان سنڌين کي مارايو،
يا ڪُتر مشين ۾ ڏيارايو.
پر ڊيم نه گهرجي.

ٽن صوبن جنهن کي رد ڪيو،
هُن پوءِ به آهي ضد ڪيو،
چي ٿو: بجليءَ جو بحران آهي،
ڏِسو ڪيڏو ته هُو دِگران آهي،
ٽِي.ويءَ تي راڳ ٿو آلاپي،
نه ئي ڪُوڙ منجهاران ٿو ڍاپي،
توسان پاڻيءَ جي لئه پاڻي ڪبو،



ان ڊيم تي قائم مياڻي ڪبو،
ڀل سُورهيه سُوليءَ چاڙاهيو،
يا لاش ڳجهن کي کارايو.
پر ڊيم نه گهرجي.

ڪالاڊيم جو جيڪو حامي آ،
غدار وڏو ۽ حرامي آ،
رنجيت جو پُٽ ٿو ظلم ڪري،
ون يُونٽ جهڙو ٿو خُلم ڪري،
لکين سنڌي سروس مان لاهي،
پنجاب کي ڏِسُ ڪئن ٿو ٺاهي،
بجليءَ جون شاڪون ڏيارايو،
کل اُبتي توڙي لهرايو،
کڻي گهاڻي وجهي سنڌي پِيڙايو.
پر ڊيم نه گهرجي.

تنهنجي ڳڻپ شماري دوکو آ،
هٿ ٺوڪيا نتيجا رونشو آ،
تون بم هڻائي ڪيو داٻو،
ڏَس ڪاڏي ويو تنهنجو ضياءَ بابو،
تون تنگ ڪندين توسان جنگ ڪبي،
ڳالهه مرڻ مارڻ تي دنگ ڪبي،
سنڌي ٻار يتيم ڪرائيندا،
۽ بيوهه زالون بڻائيندا،
سِرَ سنگينن تي ٽنگرايو،
۽ ڊيم سينن تي ٺهرايو!
پر ڊيم نه گهرجي.

سنڌ شاهه لطيف، قلندر جي،
۽ دولهه، دودي، حيدر جي،
سنڌ سچل، قيوم ۽ ساميءَ جي،
بيدل ۽ بيڪس، حاميءَ جي،
سنڌ شاهه عنايت، راشد جي،
جي.ايم، بلاول، سرمد جي،
سنڌ سرڪش، تاجل، نياز جي آ،
قادر ۽ بشير، اياز جي آ،
سنڌ قمر ۽ تاج، پليجي جي،
آريسر، ادل، جوڻيجي جي،
سنڌ باغي، جُمن، تنوير جي آ،
علي بابا، سڄڻ، شمشير جي آ،
سنڌ جوهر، زاهد، ارڏي جي،
نبي بخش، نصير ۽ بردي جي،
سنڌ مگسي، هارون، مجيديءَ جي،
ڪُولهي، ڪنور، حفيظ قريشيءَ جي،
سنڌ مُونڌر ۽ مختيار جي آ،
ڪوثر ۽ زميني، غفار جي آ،
سنڌ ظفر ۽ گل، امانَ جي آ،
هوشو شيديءَ جي اعلان جي آ،
سنڌ آهي راجا ڏاهر جي،
ٽوڙهي وارن جي، بختاور جي،
سنڌ سوڀي، نجم، بخاريءَ جي،
سنڌ جويي، يوسف لغاريءَ جي،
هت هرهڪ هوشو ۽ هيمون،
تون ڪيئن بڻائيندين ڊيمون؟
هيءُ ’زخمي چانڊيو‘ مارايو،
۽ گهر گهر باهيون ٻارايو.
پر ڊيم نه گهرجي.

”تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين!!“

”تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين!!“

ڳولي ڏيو مون کي ڳولي ڏيو،
منهنجي سنڌ جو امن مونکي ڳولي ڏيو،
اهو راز سڄو مون کي کولي ڏيو.

سنڌ امن جو آ گهوارو رهي،
ڏسو صدين جي تاريخ پڙهي،
سنڌي ڪيڏا مُڙس مٿير آهن،
ڪندا پاند وٺڻ ۾ دير ناهن،
انگريز، عرب، ارغون ڏِٺوَ،
ترخان، مدد، مدفون ڏِٺوَ،
۽ سندن پونيئر ملعون ڏِٺوَ،
هُو شريف جو پُٽ نه شريف آهي،
ٿيو ماروئڙن جو حريف آهي،
ڪيئن بجليءَ بِلَ جي آڙ وٺي،
ٿا فوجي پون گهر منجهه گِهڙِي!

سنڌ دِينُ به آ، ايمانُ به آ،
سنڌ عشق سندو عنوان به آ،
سنڌ مياڻيءَ جو ميدانُ به آ،
سنڌ آزاديءَ اعلان به آ،
ڪيئن سنڌوءَ جو رُخ موڙيندين؟



ڪيئن پُختا رشتا ٽوڙيندين؟
تون ڪهڙا ڪنڌ مروڙيندين؟
پر نيٺ بشير جي لوڙيندين!

ڪيڏي سنڌ ۾ بُک بدحالي آ،
اچي دؤر ويو هي دجالي آ،
ٻن ويلن لئه ٿا ماڻهو مرن،
مٿان ايف.آءِ.آر به تن تي ڪَٽن،
آپگهات جو سلسلو جاري آ،
وڏي ويل ۾ پورهيت هاري آ،
ڏِسو اسيمبليءَ ۾ ”گوگو“ آ،
لڳي نعرن جي پئي ”نو نو“ آ،
هن جابر جي قانون مٿان،
هر ناحق واري نُون مٿان،
لک وار چئو سڀ لعنت آ،
جنهن سنڌ تي آندي شامت آ.

هر فوجي بِل کي فيل ڪبو،
هر بودَ جي بِل کي فيل ڪبو،
تون بم هڻائي ڪيو داٻو،
ڏَس ڪاڏي ويو تنهنجو ضياءَ بابو،
تون تنگ ڪندين توسان جنگ ڪبي،
ڳالهه مرڻ مارڻ تي دنگ ڪبي،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين؟
۽ ديس ڌڻي روپوش ڪندين،
هر ماڻهو قيوم، بشير اٿئي،
هر ماڻهو ظهور نذير اٿئي.

”ايڪويهين صدي“

”ايڪويهين صدي“

پُڇين ٿو پيو گڙ ٻڙ هي ڇالئه وَڌي آ.
ڇو سمجهين نٿو ايڪويهين صدي آ.

مِٽن مائٽن مان به محبت هلي وئي،
ننڍائي وڏائيءَ جي نوڙت هلي وئي،
سِڪن چَئن خاطر ڇو غيرت هلي وئي؟
اها يار دولت، اصل کان انڌي آ.
ڇو سمجهين نٿو ايڪويهين صدي آ.

وَڌي خُون، اغوا ۽ ڌاڙا ويا هِن،
ٿي بيزار هڪٻئي کان پاڙا ويا هِن،
فحاشيءَ ڏي ڪيڏا ٿي لاڙا ويا هِن،
سَڏيل رات سينڌي صبح جو ادي آ.
ڇو سمجهين نٿو ايڪويهين صدي آ.

ڪيئي ماڻهو حق پنهنجا گُهرندا رهن ٿا،
کڻي ڊگريون رُلندا ۽ ڦرندا رهن ٿا،
الئه ڇا تي ڀائر به ڀُلندا رهن ٿا،
رُشوت جي بازر اصل کان انڌي آ،
ڇو سمجهين نٿو ايڪويهين صدي آ.


دغاباز پِيرن جي پِيرِي کُلِي پئي،
وڏيرن جي ڀائو اميري کُلي پئي،
فقيرن جي ڦند جي فقيري کُلي پئي،
ڏسيان ڳالهه تن جي ته ڪهڙي گندي آ.
ڇو سمجهين نٿو ايڪويهين صدي آ.

غريبن ۽ هيڻن جو ڪهڙو گُذر آ،
رهڻ لاءِ ڪانن ڪکن جو ڇپر آ،
سُڪا ڀورَ ماني ۽ ساڳيو بصر آ،
اهو جوڳ آهي، نه ڪئي جو ٻَڌي آ.
ڇو سمجهين نٿو ايڪويهين صدي آ.

پوليس به ڀائو ڪيو ويل آهي،
غريبن کي ناحق ڪيو جيل آهي،
فرياديءَ کي ڦيري وِڌو نيلُ آهي،
رُشوت به نانگن مان نوڙي ڪندي آ.
ڇو سمجهين نٿو ايڪويهين صدي آ.

گهمي سنڌ ’زخمي‘ مون ساري ڏٺي آ،
اڄوڪن مون يارن جي ياري ڏٺي آ،
نوي سيڪڙو مون غداري ڏٺي آ،
چڱائيءَ جي بدلي ۾ ملندي بَدي آ.
ڇو سمجهين نٿو ايڪويهين صدي آ.

”منٿلي“

”منٿلي“

کڻي هيروئن واپار ڪيو،
يا ڏينهن ڏٺي ڦُرمار ڪيو،
بس منٿليءَ جو اقرار ڪيو!
جوئا، ڀَنگ، چرس جو خيرُ آهي،
وڃي خُوني ڪو تڪرار ڪيو،
بس منٿليءَ جو اقرار ڪيو!
ڀڄو، رات ڪيٽيءَ تي ڇاپو اٿوَ،
وڃي يارن کي هوشيار ڪيو،
بس منٿليءَ جو اقرار ڪيو!
وڃو پنهنجي پرائي ويڙهي ۾،
چوري، اغوا جو آزار ڪيو،
بس منٿليءَ جو اقرار ڪيو!
اهي چور ڇڏيو، هِن ڀاڳئي لئه،
ڪيسُ تيرنهن ڊيءَ جو تيار ڪيو،
بس منٿليءَ جو اقرار ڪيو!
ڪيئن ناحق ناري مارائي،
ڪارو ڳاڙهي کي ڀوتار ڪيو،
بس منٿليءَ جو اقرار ڪيو!
افسوس! امن ۽ چين تباهه،
سڄي تر جو ٿاڻيدار ڪيو،
بس منٿليءَ جو اقرار ڪيو!

”ڌار ڪيو“

”ڌار ڪيو“

ڪڃريءَ جي ڪوٺي کان،
هي مندر ڌار ڪيو،
ڌار ڪيو، ڌار ڪيو،
هيءُ مندر ڌار ڪيو!

مارينداسين، کوڙ مُئاسين ماضيءَ ۾،
روئارينداسين، کوڙ رُناسين ماضيءَ ۾،
نڪي مرڻو آ، نڪي رُئڻو آ،
هيءُ مندر ڌار ڪيو!

مُهين جي تهذيب به آهي خطري ۾،
سنڌوءَ جو سائو پيٽ به آهي خطري ۾،
موهن به بچي، سنڌو نه سُڪي،
هيءُ مندر ڌار ڪيو!

او ٽوپيءَ وارا، پَٽڪي وارا گڏجي وڃو،
هيمونءَ جهڙا، هوشوءَ پارا گڏجي وڃو،
گڏجي به وڃو، جيئن ڏک نه ڏسو،
هيءُ مندر ڌار ڪيو!

”يا اي سيءَ ۾ ويٺل اميرن تي لکجي؟“

”يا اي سيءَ ۾ ويٺل اميرن تي لکجي؟“

گنجي گوڏ پاتل غريبن تي لکجي،
يا اي سيءَ ۾ ويٺل اميرن تي لکجي؟
لڄالٽ جا واقعا وڃن ٿا پيا وڌندا،
نوري، عابده جي نصيبن تي لکجي،
يا اي سيءَ ۾ ويٺل اميرن تي لکجي؟
ڏسيو هوشو، هيمون ۽ ڀونگر تي لکجي،
يا ڪُرسي جي بُکين وزيرن تي لکجي،
يا اي سيءَ ۾ ويٺل اميرن تي لکجي؟
سڄي ڀونءِ ڀيلي ويا سامراجي،
اتر، لاڙ، ڪاڇي ٿريچن تي لکجي،
يا اي سيءَ ۾ ويٺل اميرن تي لکجي؟
ڪُٺا ڪالهه ڪونڌر ڪراچي ۾ ڌارين،
انهن بي سهارن صغيرن تي لکجي،
يا اي سيءَ ۾ ويٺل اميرن تي لکجي؟
ڏئي ريج رت جو ويا ڌرتيءَ کي جيڪي،
انهن ديس واسين شهيدن تي لکجي،
يا اي سيءَ ۾ ويٺل اميرن تي لکجي؟

”هاءِ زمانا.........!“

”هاءِ زمانا.........!“

رسمي خوشين جا پوڄاري!
تلخ حقيقت کان مُنهن موڙي
هٿرادو هن عيد خوشين جي
آشائن ۾
عيد کي سعيد جا نالا ڏيئي
مجروح دل کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ
گيت گلابي سرجيندو آن،
ويس نوان پهريندو آن،
ڪُوڙ ڪُپت کي دل ۾ سانڍي
سکڻي عيد مبارڪ ڏيئي
ڏهه ڏهه ڀاڪُر پائيندو آن
ڏاڍو رُوح رنجائيندو آن،
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
هُو جو هيڏو ڏوهه ڪري ٿو،
تاريخن سان ڊوهه ڪري ٿو،
پنهنجي ماتر ڀوميءَ تي ڏس،
ڌاريا لانگ بُوٽن سان ڪاهي،
ڪارا قانون هٿ جا ٺاهي
بيٺا آهن لاهي پاهي
سنڌ سڏي ٿي،
سَڏ ٻُڌين ٿو؟


پَڪ سان گُونگو ٻوڙو آهين،
ڏاڍو دل جو سوڙهو آهين،
هُو ڏِس مياڻي، کرڙي، ٽلٽي،
حيدرآباد، ڪراچيءَ جلدي
سرمد ۽ منصور پُڄي ويا
توکي ننڊ مان جاڳائن ٿا،
ڌرتيءَ جي لئه ٻاڏائن ٿا،
سنڌ وڃي ٿي، سنڌ بچايو!
سنڌ امڙ جي ٿڃ ملهايو!
جاڏي ڪاڏي روڄ ۽ راڙا،
پيارُ، امن ٿيو داڙا ڦاڙا،
نياڻين جا رانڀاٽ ٻُڌين ٿو؟
گولين جا گهوگهاٽ ٻُڌين ٿو؟
پوءِ ڀي تون خاموش رهين ٿو!
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
ڪعبي ۾ جن گوليون هَلايون،
تنهنجون تن سان پوءِ به ڀلايون،
پنهنجن دودن مارائڻ لئه،
خلجين کي ٿو گهر ۾ آڻين،
بي غيرت ٿو ڀر ۾ آڻين،
تنهنجو جي.ايم کي ڪنهن ماريو؟
ڀُٽي کي ڪنهن ڦاهيءَ چاڙهيو؟
ٽوڙهي سانحو ڪنهن هو ڪرايو؟
هُو ڏِسُ! مياڻي، کرڙي، ٽلٽي،
ٽامي وانگر وري تپي آ،
ڌاريا وحشي، فاشي ڪُتا،


سنڌ جا وسيلا نُوسي نُوسي،
شايد قابض ٿيڻ ٿا چاهن،
تنهنجي غيرت ڪاڏي وئي آ؟
تاريخن ۾ ڪين پڙهيو ٿئه!
”مَرسُون مَرسون سنڌ نه ڏيسُون“
هوشو شيديءَ وارو نعرو
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
هُو جو سنڌ کسڻ ٿا چاهن
پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ٿا چاهن
ڊرل مشين سان ماروماري
توکي لاش ڏيڻ ٿا چاهن
تنهنجي غيرت ڪاڏي وئي آ؟
آواندي تي ماڻهو مارن
پاند به پنهنجا ڪين وسارن
سنڌ جو سڀ ڪجهه داءَ تي آهي
وقت ڏکيو اڄ ماءُ تي آهي
عدليه جا بُحران ڏٺئه ني!
ڇا ٿو سمجهين، ڇا ٿو سوچين؟
روز بِهاري سنڌ اچن ٿا،
کُليا دهشتگرد گهمن ٿا،
سوين سنڌين جا وحشي قاتل،
پيرول تي آزاد ٿين ٿا،
خوشيءَ منجهاران خوب نچن ٿا،
نچي نچي پوءِ هيئن چون ٿا:
”وري به قائد جي آرڊر تي
ساڳيا ساڳيا ڪم ڪنداسين“


ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
جاڏي ڪاڏي رشوت خوري
اغوا، بيروزگاري، چوري،
ڌارين جي ڏس داداگيري،
پنهنجن جي ڏِس پيداگيري،
واهه مهانگائي تنهنجا جاوا،
سستو خُون مهانگا سودا،
غريب آهن ڏکن لئه ڄاوا،
جُوئا ۽ منشيات ڏِسين ٿو؟
ٿاڻن جا حالات ڏِسين ٿو؟
ذليل انسان ذات ڏسين ٿو؟
پوءِ ڀي تون خاموش رهين ٿو!
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
بجليءَ جا هِن چور پنجابي،
پوءِ ڀي ٿي شهزور پنجابي،
بجلي، فون جا بِلَ پُڇن ٿا،
ڌرتيءَ واسين ڏنڊ هڻن ٿا،
ورنه زوريءَ جيل وجهن ٿا،
ڪالاڊيم ٿا ٺاهڻ چاهن،
سنڌوءَ کي ٿا سُڪائڻ چاهن،
سنڌ بنجر ٿا ڪرائڻ چاهن،
ڳڻپ شماري ڪيئن قبوليئون؟
داداگيري ڪيئن قبوليئون؟
ماڻهو پنهنجو پاڻُ ٿا ساڙن،


۽ هُو ويٺا سنڌ اُجاڙن،
ڏينهن ڪلهوڪو آهي پيارا
ڌاڙيلن جا خان کڄي ويو
منهنجو ڄڻ ايمان کڄي ويو
ڀاءُ سان ڀاءُ به ايئن ڪندو آ؟
عيد ٻچن سان ڪين ڪرڻ ڏي!
سُک ۾ سانگي ڪين ڏِسڻ ڏي!
اهڙي ڀاءُ تي لعنت آهي،
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
قلم ڌڻين کان لکرائين ٿو ”عيد قصيدا“،
”عيد حقيقي آهي اُن جي
جنهن سان گڏ گڏ دلبر هوندو
ديد سان ديد ملي ٿي جنهن جي
سوئي عيد ڪندو آ هتڙي“
ها پر هاءِ زمانا ٻُڌ تون!
عيد حقيقي اُن جي آهي
جيڪو امن جي لاءِ وڙهي ٿو،
جيڪو سنڌ جي لاءِ ڪڙهي ٿو،
جيڪو سچ جي لاءِ وڙهي ٿو،
جيڪو سُونهن جي لئه جهيڙي ٿو،
جيڪو حق جي لاءِ وڙهي ٿو،
غلام قومن جون ڪهڙيون عيدون؟
امن سوا هن ڪهڙيون عيدون؟

”وصيت“

”وصيت“

پاپ نگر ۾
ارڏو ماڻهو
خون وِلوڙي،
نُور نچوڙي،
ڪن جُڳن کان ڪلڪُون ٻوڙي
لکندو آهي سُونهن ۽ سچ تي!
انسانيت جي آئيندي لئه،
دين ڌرم کي ليڪا ڏيئي،
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين
ٻج ڇٽي ٿو، محبت وارو!
ڌرتيءَ جي هن گولي تي جيئن
مارُو مُرڪي
سنڌ امڙ جي سينڌ سنوارن
اجرڪ ٽوپي پَٽڪا پائي
ڊيمون ڊاهي، سنڌ بچائن،
ها پر! پنهنجي نقشِ قدم تي
پنهنجا ٻچڙا تيار ڪري ٿو
پنهنجو مورچو تن کي ڏيئي
ڪن ۾ دل جون ڳالهيون تن سان
آزاديءَ ۽ موت جون ٻولي
چوندو آ او خالد، ساجد!
منهنجا پُٽ حلالي آهيو،
رکجو وصيت ياد سدائين
سنڌ سلامت رکڻي آهي
قوم سلامت رکڻي آهي.

”ڀاڳيو“

”ڀاڳيو“

عيد جي ڏينهن وڏي تي ساجُهر
منهنجي در تي هڪڙو ماڻهو،
ڪپڙا ڦاٽل، پير اگهاڙا
گوڏ ٻَڌل، قرآن مٿي تي
ڀاڳيو هو ڪو، دانهن ڪيائين:
”ڏاند ويا ٿي چوري آهن
منهنجي ملڪيت، منهنجي مايا
ڏاندن جو ئي جوڙو آهي
جن سان ڌرتي کيڙيندو هان
جيون گاڏو گيڙيندو هان..“
ان جي گفتي کي ٽوڙيندي
قرآن مجيد وٺي مان هُن کان
چُمي ڏني ۽ سيني لاتو
ويهه روپيا پوتيءَ جا ڏيئي


چيم: ”هي قرآن اٿن ڪڍ!
جن اوهانجي عيد اُجاڙي
تن جي ڪڍ آ باهه اُماڙي
پڪ سان توکي ڏاند نه لڀندا
ڇوته چورن کي شناس نه آهي
چاچيءَ، ماميءَ توڙي ڀيڻ سڳيءَ جي!
قرآن ڏسڻ سان چوندا آهن
ڀلا ڀلن ڏي ايندا آهن،
ڀاڳيو ويو پر!
نيٺ خبر هيءَ شام جو پيئي،
قرآن واري جو پَٽڪو لاهي
گارين سان گڏ
ڌمڪيون ڏيئي مارڻ جون
موٽايو هو چورن هُن کي
در پنهنجي تان، در پنهنجي تان.

”عيد مبارڪ“

”عيد مبارڪ“

عيد جي
ڏينهن وڏي تي سائين
عيد مِلڻ لئه گڏ ٿيا آهيون،
ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي ٿا
عيد مبارڪ يار ڏيون،
پر
مان توکان عيد جي ڏڻ تي
پيارا هڪڙي ڳالهه پُڇان ٿو،
مون کي ڀي تون پنهنجو سمجهي
مونسان هڪڙي ڳالهه سچي ڪر:
”ڇا تون پنهنجي ڌرتيءَ تي
امن ۽ شانتي ساڻ
رهين ٿو؟
شهرن ۾ ڏِسُ روزانو ڪيئن
دهشتگرد ڪلهوڪا آيل
بارودن جي بُوءِ اُٿاري
خون وَهائي آدم جو ڪيئن
اڌ اڌ سنڌ ڪرڻ ٿا چاهن،
مسجدون، سُواريون
توڙي پريسُون
رت سان هن رنگين ڪيون ويون.“
پنهنجو سمجهي مون کي پيارا
هڪڙي مونسان ڳالهه سچي ڪر:
”پنهنجن توکي
ڀاڪر پائي


ڀالا ڪُک ۾ ڪونه هنيا هِن؟
ٻهراڙيءَ ۾ روزانو ڏِسُ
اغوا، ڦُر ۽ ڌاڙا آهن
گهر گهر روڄ ۽ راڙا آهن،
جهيڙا قبيلائي به وڌي ويا،
ذات پرستيءَ جي آڙاهه ۾
گولين جو بَکُ ماڻهو ٿين ٿا،
ويڙهن جا ڏِسُ ويڙها ٿين ٿا،
هڪڙي گهر جا ڀاتي ٿين ٿا،
ڇا هي قومي وحدت جو
نقصان نه پيو ٿئي؟“
ها پر!
مون کي پنهنجو سمجهي
هڪڙي مون سان ڳالهه سچي ڪر:
جمهوريت جي آڙ ۾ توسان
ڪيڏا ڪيڏا ويل ٿيا هن
تنهنجي سنڌوءَ تي ٿا سائين
ڊيم اڏائڻ چاهن زوري
سا آ ڳالهه اسان لئه ڳوري،
پوءِ ڀي ڊيم ٿا ٺاهڻ چاهن،
سنڌ بنجر ٿا ڪرائڻ چاهن.“
ها پر!
مون کي پنهنجو سمجهي
هڪڙي مون سان ڳالهه سچي ڪر:
سنڌي ماڻهو قابل هوندي
بيروزگاريءَ بُک وگهي ٿا
فاقا ڪاٽن
ڪن ته وڃي


خودڪشيون ڪيون هن،
ڪي ته وڃي ڌاڙيل بڻيا هن،
لوئي لڄ به ثابت ناهي
پنهنجي پير، وڏيري ۽
پاپي پوليس جا تو ڪڏهن
ڪُڌا ڪرتوت ڏٺا هن
تن جي ڪهڙي
ڳالهه ٻُڌايان!“
ها پر!
مون کي پنهنجو سمجهي
هڪڙي مون سان ڳالهه سچي ڪر:
روزا نمازون
فرض الله ۽ پاڙي جا سڀ
پورا ڪيا ٿئي؟
انگ اُگهاڙن، مسڪينن کي
کارايو ٿي کاڌو پيتو؟
پارايو ٿي نئون ڪو جوڙو؟
منهنجون ڳالهيون
سڀ مٿيون جي سچيون آهن،
توکي پوءِ هي
واجب ناهي،
ويس نوان تون پائي پيارا
کائي ست رش طعام نيارا
منهن تي ماسڪ جون هي ڪوڙيون
مرڪون ميڙي، واڇون ٽيڙي
ٻانهون پکيڙي
ڪيئن چوين ٿو؟
عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

”ڪاري“

”ڪاري“

رولُو ماڻهو
ڪم جي ڀَؤ کان
روز لنوائي
شهر وڃي ٿا وقت گذارن
هوٽل تي
ٻار پراوا
کارن ويٺا
چانهه چُڪي ۽ بوتل تي،
پر
زالون تن جون
ڪم ڪنديون هِن
گهر سڄي جو
رونبي يا ٻيو ڪم ٻَنيءَ جو،
گاههَ ڀَري
کڻائيندي جي
ڪنهن پل
مُڙس ڏٺو پوءِ جوڻس
ڪاري آهي
دڳ ويندي سان.

”الوداع“

”الوداع“

مُنهنجي
مارن کي
روئي نياپو ڏجو:
”ڄامُ“ تڙپي هتان
موڪلائي ويو
جيڪو
سڏبو هُيو
ڏات جي ڏيهه ۾
”زخمي چانڊيو“
ڪري اڄ ويو
الوداع
الوداع

”وڏا اديب“

”وڏا اديب“

ڪمپيوٽر جي دؤر ۾
ڀلا وڏا اديب
ٻاراڻو ادب سرجن ته ڇو؟
ٻاراڻو ادب لکندي
ٻارُ ٿيڻو پوي ٿو
پوءِ
وڏا اديب
ننڍڙن پتڪڙن ٻارن لاءِ
ٻاراڻو ادب لکي
ننڍڙا ڇو ٿين؟

”چيچڪا“

”چيچڪا“

منهنجا
وحشي قاتلو!
آئون اوهان کان
پنهنجي زندگيءَ جي
خيرات
هرگز نه گهرندس
ڇاڪاڻ ته آئون
اهڙا چيچڪا
ڇَٽي چُڪو آهيان
جن جي
نسل ڪشي ڪرڻ
اوهان جي وَسَ کان
ٻاهر آهي
ان ڪري جو
انهن جون پاڙون
پاتال تائين
پهچي چُڪيون آهن.

”ذميوار“

”ذميوار“

نوجوان
ڊگريون
بئن
اوور ايج
بيروزگاري
رشوت
سفارش
آڪهه
مهانگائي
شاعر
پيڙا
خودڪشي
ذميوار؟

”حڪم ۽ اعتبار“

”حڪم ۽ اعتبار“

”سانئڻ!“
”هون...“
”عرض آ“
”حڪم ڪر“
”اوري آ“
”آيس، چئه! ڇا ڳالهه آهي؟“
”بس“
”نه نه ٻڌاءِ“
”ته پوءِ ڪَنُ اوري ڪر“
”ڇو ٻوڙي آهيان ڇا؟“
”بس حڪم ۽ اعتبار جي
سرحد تي پهتس“

”آزادي يا موت“

”آزادي يا موت“

سگريٽ جو ڪش هڻندي
خيالن جي ساگر ۾ گُم:
انگريز ۽ ارغون کان وٺي
سنڌي قوم غلام...
پر ڇو؟
شهرن ۽ ڳوٺن ۾
سنڌي اٻوجهه ماڻهو
لاوارث سرعام بيدرديءَ سان
ڪُٺا ٿا وڃن!
پوءِ به ايڏي خاموشي ڇو؟
ڇا راجا ڏاهر، دولهه دريا خان، مخدوم بلاول،
هوشو شيدي، هيمون ڪالاڻي، روپلو ڪولهي
ميار نه ڏيندا؟
اي غيور سنڌيو!
جوان ڀينرن ۽ نياڻين جا اُرهه
ڪپجندي ڏسي به خاموش آهيو!
ڇو اسان جي سونهري ورقن ۾ لکيل


تاريخ ٿا لڄايو؟
ڪاش!
هڪ دفعو زندگي ملي
۽ ڪلاچيءَ کان ڪشمور تائين
ڪو چارڻ چنگ چوري،
ته پوءِ..... وري اسان ماتر ڀوميءَ جي حفاظت لاءِ
آزاديءَ جا متوالا بڻجي
سُوئر سامراج تي ڪڙڪي پئون
ڏاڍ جا ڏونگر ڏرن،
گوليون وسن، ڌاريا ڪُسن
ڊيمون ڊهن، ......۽ .....۽
غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي ڇڏيون
سگريٽ جي اڌڙ هٿ جلايو ته ڇرڪ ڀريم
پوءِ..... اٽل ارادو ڪري ڇڏيم ته
آزاديءَ جي منزل طرف وڌندڙ پانڌيئڙن جي
نقشِ قدم تي هلندي
اگر ٽياس تي به
ٽنگيو ويس ته به منهنجي زبان تي
هڪ ئي نعرو هوندو،
”آزادي يا موت“

”دوستي“

”دوستي“

دوستيءَ جو
ٻيو نالو دوکو ناهي
اي دوست!
اگر دنيا ۾
ڪامياب ٿيڻ جو راز
ٻهروپي زندگيءَ جي ڏاڪڻ جا
ڏاڪا چڙهي
بلندين کي ڇُهڻ آهي
ته پوءِ
تون ڀُليل آهين!

”پيار“

”پيار“

آئون سسئيءَ جي روپ ۾
جبل ڪانه جهاڳي سگهنديس...
آئون مومل بڻجڻ لاءِ
توکي تڪليفن واري
امتحان ۾ وجهڻ
نه ٿي چاهيان،
آئون چري ئي سهي
پر پيار جي منزل
دور آهي....!

”هوم ورڪ“

”هوم ورڪ“

اڄ ڪلهه جو اُستاد ڏسان ٿو،
موڪل کان پوءِ
سانجهيءَ تائين
شاگردن سان ڊش ويهي ٿو
گڏ ڏسي،
پنهنجي پيرڊ ۾ ڪيئن
”هوم ورڪ“ جي لاءِ پُڇي ٿو
جانڻ، پيرل،
طارق، قادو!
”هوم ورڪ“ ڇالئه نه ڪيو ٿَوَ؟
لڪڻ کڻي ٿو،
معصومن کي
ڌڪَ هڻي ٿو،
چيلهه جي هيٺان....!

”خدا“

”خدا“

اي خُدا
مردن کي
عورتن جو
مجازي خُدا بڻائي
معتبر ته ڪري ڇڏيئه،
پر اُهي پاڻ کي
هاڻي عورتن جو
خدا سمجهڻ لڳا آهن...!

”اناپرستي“

”اناپرستي“

پاڻ کي
آدرشي انسان
سَڏائڻ وارا....!
تون پاڻ کي
هماليه جبل کان به
بلند ۽ عظيم
سمجهين ٿو
پر تون تيسيتائين
شعوري سگهه رکندڙ
ماڻهن جي
دلين جي ڌڙڪن
نه ٿو بڻجي سگهين
جيستائين
تو ۾ اناپرستي
موجود آهي....!

”نقاب“

”نقاب“

ڪاري نقاب ۾
سانئڻ!
تون ڪيڏو به پنهنجي
چنڊ جهڙي
چهري کي لِڪائين
مگر تنهنجا
ترڇي ۽ غزالي نيڻ
گهڙي کن لاءِ ته
ٻرندڙ جبل جهڙو
زلزلو پيدا ڪن ٿا،
پر پڪ سان
چهري تي نقاب
چاڙهڻ جو مطلب
تنهنجي سُندر چهري تي
نه ڏيکارڻ جهڙو ڪوئي
عيب آهي....!

”بد دعا“

”بد دعا“

هر ماڻهوءَ کي
ڏسي دعا ڪر،
اگر دُعا جي
دلجاءِ نه ٿو ڏيڻ چاهين
ته پوءِ بد دعا نه ڪجانءِ
بد دعا ئي ڪرڻي اٿئي ته
پوءِ
”شل ڪارو ٿئين“ واري
بد دعا نه ڪجان!
ڇوته هن فرسوده نظام
۽
دقيانوسي ريتن رسمن پٽاندر
ڪارنهن جو مارڪيٽ
چوٽ چڙهيل آهي
۽
پيار نهايت غريب آهي....!

”پکين جي پارليامينٽ“

”پکين جي پارليامينٽ“

ڪاش!
اوهانجون سُندر سوچون
پکين جي
پاريامينٽ کي
پر کي ۽ پروڙي سگهن!
جيڪي قطارن جي صورت ۾
بجليءَ جي تارن تي ويهي
امن ۽ ڀائيچاري کي
قائم رکڻ لاءِ
مٺڙين ٻولين ۾
سلام محبت جا
گيت ٻوليندي
ائين چوندي ڀاسندا آهن:
اي آزادي ۽ امن لاءِ
جهيڙيندڙ نوجوانو!
هن جديد دؤر ۾
کوکلي نعري بازي
۽
گهٻراهٽ کي ڇڏي
ايڪويهين صديءَ جو
استقبال
اوچي ڳاٽ سان ڪيو.

”وڏا ڪُڪڙ“

”وڏا ڪُڪڙ“

نام نهاد
جهموريت جي دعويدار
لانگ بوٽي خاڪي وردي وارن جي
ماڻهپي جي سرحدن تي
عين انهيءَ وقت پهچي ويس
جڏهن
بجليءَ بل جي آڙ ۾
ڌرتي ڌڻين جي تذليل ڪندي
ڪِن کي ڪُڪڙ بنايو ويو
ته ڪن کي سِج ڏانهن
مُنهن ڪري بيهاريو ويو هو،
پر
انهن ۾
هڪ ننڍڙي معصوم ٻار کي
ڪُڪڙ ٿيل ڏسي
خون اکين ۾ لهي آيو،
هفتو اڳ ان ٻار جي ماءُ کي
ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪري


سندس پيءُ
جيل وڃي چُڪو هو.

”نٿو مرڻ چاهيان“
جنهن
سڄي زندگي
حلال جو هڪ گرنهه به
نه کاڌو هجي
جنهن جو ذريعه معاش
صرف ۽ صرف
چوري، ٺڳي، داداگيري
بليڪ ميلنگ، بدمعاشي
يا
بندوق جي داٻي
۽
غيرت جي آڙ ۾ بيغيرتي واري
دقيانوسي رسم
ڪاروڪاري تي هجي،
جنهن کي مِٽ مائٽ، يار دوست
ڀائر ڀائيٽا ته ڇا پر
ڀاڄائي
۽
ڀائيٽيءَ جي به شناس نه هجي
آئون اهڙي منحوس ماڻهوءَ هٿان
نٿو مرڻ چاهيان.

”غيرت-ننڊ جون گوريون“

”غيرت-ننڊ جون گوريون“

هن جي
غيرت کي
ڪِڪ ڏئي
اِسٽارٽ ڪرڻ جي
ناڪام ڪوشش نه ڪر
ڇاڪاڻ ته هُو
غيرت-ننڊ جون
گوريون کائي سُتو آهي
جنهن کي
ڪابه زيادتي
بيدار ڪري
نه ٿي سگهي.

”شناس“

”شناس“

آئون
تڏهن
حيران ۽ دنگ رهجي ويس،
جڏهن منهنجي ئي
پاليل ڪُتن
مون تي
حملو ڪري ڏنو،
ٻُچڪر ڏيڻ کانپوءِ
نُوس نُوس ڪري
پيرَ چَٽي
پُڇ لُٽڪائڻ لڳا،
پر!
اڄ جي گڏ کائيندڙن ۾
اها به
شناس
ڪانهي....

”روبوٽ“

”روبوٽ“

”ڪٿي آهي ماڻهو
ڪٿي آهي ماڻهپو؟
جو ماڻهن جي
شناخت ڪري سگهجي“
مون ڀُڻڪيو.
”ته ڇا
توکي سڀ
گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو
روبوٽ ٿا نظر اچن؟“
ڀرسان بيٺل وراڻيو.

”جهموريت“

”جهموريت“

اي
جهموريت جا
دعويدار حڪمرانو!
اگر
امن، سلامتي
۽
خوشحاليءَ لاءِ
اوهان جا
ڪيل اعلان
سچا آهن
ته پوءِ
سنڌ ۾
پاڻي پيئڻ جي
نلڪن
۽
گلاسن کي
سنگهرن جي
ڇا معنيٰ آهي؟







هٿين هٿ ڪڙول، پيرن ۾ آ نيلُ،
آزاديءَ سان ميلُ، ٿيندو انهيءَ موڙ تي.

آزادي انسان جو، آهي فطري حق،
ايڏي بَڪَ نه بَڪُ، وٺي وينداسونءِ وڙهي.

وٺي وينداسونءِ وڙهي، آزادي هڪ ڏينهن،
ڏُڪر ويندو ڏيهه مان، وَسي پوندا مِينهَن،
نوان ٿيندا نينهن، ماڻي امن آجپو.

ماڻي امن آجپو، ٿينداسون خوشحال،
ماڻهو باقي سال، کيڙي کائيندا پيا.

کيڙي کائيندا سُون پيا، پنهنجي هيءَ زمين،
تو واري ان دين، ويڙها ويڙهائي ڇڏيا.

فرقيواريت باهه ۾، ٽچڪي ٿو انسان،
ڪاڏي دين ايمان، ڪاڏي ماڻهوءَ ماڻهپو.

آزاديءَ جي نانءَ کان، وڃي ٿو وَهلور،
ڪيڏو پنهنجي قوم سان، ڪري پيو ڪلور،
ادبي دنيا ٿي سَڏي، ان کي باشعور،
لِڪي لِکي لوڪ کان، اندر چڪناچُور،
اديبڙو مجبور، گزيٽيڊ گريڊ ۾.

گزيٽيڊ گريڊ ۾، ڦاسي پيو اديب،

گزيٽيڊ گريڊ ۾، ڦاسي پيو اديب،
سچ لڪائي ڪُوڙ چئي، سو ڪهڙو آهه خطيب،
ڪيڏو آهه عجيب، اديب جي انهيءَ اگهه تي.

اديب جي انهيءَ اگهه تي، مَرمُ ٿو ماري،
ڪُرسي خاطر سنڌ جو، سودو ٿو ساري،
تنهن کي بيهاري، گوليون هڻجن چؤڪ تي.

گوليون هڻجن چؤڪ تي، ماريو سڀ اديب،
ناهي ڌُر غريب، سچا جي سرڪار سان.

سچا جي سرڪار سان، ٿي ويندا اديب،
ڪاڏي وڃن غريب، اَجهو جن جو اديب هن.

پنهنجو پنهنجو ڪَمُ، هرڪو جي پُورو ڪري،
ناهي ڪنهن ۾ دم، آڱر کڻي اوپرو.

پنهنجي پيشي ڏي ڏِسو، آهيو جو اُستاد،
ڇوٿا ڪيو برباد، ٻيڙو پنهنجي قوم جو.

آزاديءَ جو او پرين، نيٺ اُڀرندو سِجُ،
ڪين ميارون ڏِجُ، ته مارُو هِن ماٺار ۾.

مارُو هن ماٺار ۾، ٿيندا نيٺ سُجاڳ،

مارُو هن ماٺار ۾، ٿيندا نيٺ سُجاڳ،
غلامي اڀاڳُ، سنڌي سهندا ڪيترو؟

سنڌي سهندا ڪيترو، ڌارين جو هي ويلُ،
کڻي تئو تيلُ، نيٺ مليندا تن کي.

جُزو آ ايمان جو، اصل آزادي،
ڪيسين هيءَ تعدي، سنڌي سهندي سُونهندا.

سنڌي سهندا پيا صديون، ڌارين جون جاڙون،
جيسين گڏبا ڪينڪي، ٿينديون ڪيئي تاڙون،
پَٽبيون نه پاڙون، تيسين پاپين پيڙهه جون.

لطيف تنهنجي ڀونءِ تي، اچي ٿو مهمان،
تنهن کي ڏجانءِ مانُ، مهمان ٿئي مانائتو.

مهمانُ اٿئي مانائتو، شاعر شيخ ايازُ،
سنڌ سنڌين جو رازُ، توسان اورڻ ٿو اچي.

توسان اورڻ ٿو اچي، سنڌ سنڌين جا سُورَ،
جيڪي ٿين ڪَلُور، ڀونءِ وارن سان ڀٽ ڌڻي!
(مها ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا)

رهبرن مان رهبري ڪاڏي وئي؟

رهبرن مان رهبري ڪاڏي وئي؟
دوستن مان دوستي ڪاڏي وئي؟
مونکي کولي تون ٻُڌاءِ ايڪيهين صدي!
دلبرن مان دلبري ڪاڏي وئي؟


ڊيمون ٺاهي سنڌ سُڪائڻ شرم شرم شرم.
سازش سان هي سنڌ ورهائڻ شرم شرم شرم.
انسانيت جي پاڇي ۾ اڄ آڙ وٺي،
انسانن جو ڪوسُ ڪرائڻ شرم شرم شرم.


يار جي اغيار ٿين پوءِ ڇا ڪجي؟
پنهنجا ڀي بيزار ٿين پوءِ ڇا ڪجي؟
ڪينسر ڪنهن کي مفادن جو لڳي،
دوستيون بيمار ٿين پوءِ ڇا ڪجي؟


گهاوَ گولين جا سَهي ڌرتي چُمان.
ڪاش! آزادي وَٺي ساميءَ سُمهان.
لالُ جهنڊي جو ڪفن مونکي ڏجو،
پورجو پوءِ، ڇوته سنڌڙي آ امان.

رهبرن جي رهبري پرکيان اڃان ڪهڙي طرح؟

رهبرن جي رهبري پرکيان اڃان ڪهڙي طرح؟
دوستن جي دوستي پرکيان اڃان ڪهڙي طرح؟
جلد مولا آڻ قيامت ساهُه ٿو گُهٽجي هتي،
دلبرن جي دلبري پرکيان اڃان ڪهڙي طرح؟


وڏيرن ۽ پيرن کي پرکي ڏٺوسين.
ٻنهي داداگيرن کي پرکي ڏٺوسين.
اُنهن کان چڱائي نه ٿي آ نه ٿيندي،
اُنهن بي ضميرن کي پرکي ڏٺوسين.


ان غلاميءَ جي جيئڻ کان وڃ بغاوت ۾ مَري،
ماٺ ۾ ڀي موت آ، ڪا آجپي جي ڳالهه ڪر.
ڇو اجايو ٿو ڪرين هي زندگي پنهنجي تباهه،
ماڻهو آهي ماڻهپي سان، ماڻهپي جي ڳالهه ڪر.


هي دودن دلارن دليرن جي دنيا.
ختم نيٺ ٿيندي وڏيرن جي دنيا.
جڏهن ڀونءِ جا ڀاڳيا اُٿي پوندا ’زخمي‘،
تڏهن ٿيندي غائب لُٽيرن جي دنيا.

ماري ويو مهمان ٿي افسوس آ.

ماري ويو مهمان ٿي افسوس آ.
بڻجي پيو بيمان ٿي افسوس آ.
جن ڏنو دوکو وڏو تن جي مٿان،
ڇو رکيو ايمان ٿي افسوس آ.


وري ووٽ هاڻي وٺڻ آيو آهي.
پُراڻا عُذر ڪيئن چوڻ آيو آهي.
شرابي وڏيرو مفادن جي خاطر،
غريبن کي ٻانهون ٻَڌڻ آيو آهي.


امن روڊ، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪونهي.
سُڪون دل جي پلڪن ۽ پهرن ۾ ڪونهي.
ڏيئون ڏوهه ڌارين تي ڇالاءِ ’زخمي‘،
ڏسو گهٽ جتوئين ۽ مهرن ۾ ڪونهي.


واهَه وڏيرا، مسڪينن کي ٿاڻن تي ٻَڌرائي ڄاڻين.
ڏنڊ ڀرائي، ڏاڙهيون پَٽائي، ڏوهي ڀي ٺهرائي ڄاڻين.
ووٽ جي خاطر مسڪينن جا پَٽڪا ڀي لهرائي ڄاڻين.
’زخمي‘ پارن مسڪينن جا گهرڙا ڀي ڊهرائي ڄاڻين.

سَچَ ٻُڌڻ کان ٿو لنوائين ڪِيس ڪِيس!

سَچَ ٻُڌڻ کان ٿو لنوائين ڪِيس ڪِيس!
پاڻ کي پيو ٿو پَڏائين ڪِيس ڪِيس!
تنهنجي ڪرتوتن جي مونکي آ خبر،
معتبر ڇو ٿو سَڏائين ڪِيس ڪِيس!

مندر خاطر مسجد ڊاهڻ شرم شرم شرم.

مندر خاطر مسجد ڊاهڻ شرم شرم شرم.
مسجد خاطر قوم ڪُهائڻ شرم شرم شرم.
دين ڌرم جي جُنونيت جي دوکي ۾،
تاريخي نقصان ڪرائڻ شرم شرم شرم.


سنڌ سنڌين جي آهي رهڻي آمرُ ڇا ٿو ڄاڻي؟
پاڻ نه پالي ڪُتا ڌاري، روز بِهاري آڻي.
اهڙي ويساهه گهاتي ’زخمي‘ ڪيرُ ڀلا هِت سهندو،
ديس ڌڻي آ ڪئمپن ۾ ۽ ڌاريو موجون ماڻي.


ڏِسو ڪيئن وڏيرو گُهري ووٽ ٿو.
مفادن جي خاطر سَڏي سؤٽ ٿو.
ڇڏيوسينس چُونڊي چڱو مُڙس سمجهي،
غضب نوڪرين لئه گُهري نوٽ ٿو.

بچايو ته پِيرن جي پِيرِي بچايو.

بچايو ته پِيرن جي پِيرِي بچايو.
ابي ڏاڏي واري اميري بچايو.
لڄالٽ جا واقعا مسئلو نه آهي،
وڃي پئي ٿي ڪُرسي وزيري بچايو.


مِليو مانُ آهي، وڌيو حوصلو.
جو پورهيت کي جلدي مِلي ويو صِلو.
سَٺا گهاوَ جي ڪالهه ’زخمي‘ کِلي،
انهن تي به مرهم جو ٿي ويو بِلو.


ها! پنهنجي ڪنن ۾ ڀري ڇڏ تون سِيهو،
اسان جي زبانن تي تالا نه هَڻُ.
آهي توکي همت ته سامهون هلي آ،
ائين پويان چوري تون ڀالا نه هَڻُ.


اصلاح بنا مون تي تنقيد ڪرين ڇو ٿو!
تنقيد ڪري اُن جي ترديد ڪرين ڇو ٿو!
جنهن چؤڪ تي پهچان ٿو، پٿر ٿو هڻين مون کي،
پوءِ مونکان گُلن جي تون اُميد ڪري ڇو ٿو؟

توکي پنهنجي ڪيڏي آهي، يار پياري زندگي.

توکي پنهنجي ڪيڏي آهي، يار پياري زندگي.
ڇو ڪرين ٿو پوءِ ٻين جي، زهر ساري زندگي.
ٻين جي خوشين کي لُٽيندڙ ڪَنُ ڏئي ٻُڌ اي بخيل!
ٻين کي جيئارڻ سان جيئندين شان واري زندگي.


استحصالي قوتن سان جنگ رکي جاري،
انساني سماج ۾ نئون انقلاب آڻ.
فرسوده رسمن کي ليڪ ڏئي ’زخمي‘،
حقيقي تاريخ جو ڪو نئون مثال آڻ.


ڪَسُ ڪثر ڀي کائڻ وارو،
دوست ڪو ڪو آهي.
پير ڪڍي ڪو پيارو آخر،
ڏينــــــــدو دوکــــــــــــو آهــــــــي.


روز هو مغرور ٿيندو ٿو وڃي.
قوم لئه ناسُور ٿيندو ٿو وڃي.
تيز تر تحريڪ آهي ڏينهن رات،
سنڌي ڏِسُ مجبور ٿيندو ٿو وڃي.

او ڌاريا دهشتگرد! خُدا برباد ڪرئي.

او ڌاريا دهشتگرد! خُدا برباد ڪرئي.
آهين حرامي فرد، خُدا برباد ڪرئي.
تن ديس ڌڻين جي مار پوئي، تو جن جا ڪيا،
گُل ڦُل چهرا زرد، خُدا برباد ڪرئي.


ڪالهه وڏيري ڪُڙمياڻيءَ جي لڄ لُٽي زاري.
تر سڄي جي ماڻهن ۾ ڄڻ سڪتو ٿيو طاري.
قدرت جو قانون به پيارا ڪيڏو آهي عجيب،
ڪيئن وڏيري نوڪر سان اڄ زال ڪئي ڪاري.


وقت تنهنجو ڏوهي ناهي ڏوهي آهين وقت جو.
بخت تنهنجو ڏوهي ناهي ڏوهي آهين بخت جو.
دور پنهنجي ۾ چڱائي تو ڪنهين سان ڪانه ڪئي،
تخت تنهنجو ڏوهي ناهي ڏوهي آهين تخت جو.


سنڌ سان آزار آ، ڏَس ڇا ڪجي؟
قوم سان تڪرار آ، ڏس ڇا ڪجي؟
ڪيئن غيرن کي ڏجي مُنهن ۾ لغامُ،
پنهنجو ئي غدار آ، ڏس ڇا ڪجي؟

ڪُجهه ته سَهپ ڀي ڌاريو سائين!

ڪُجهه ته سَهپ ڀي ڌاريو سائين!
ذاتي انائون ماريو سائين!
ڳالهه ننڍيءَ تي مُنهن ڳاڙهي جا،
تيوَرَ ٿا ڏيکاريو سائين!


هوءَ جيڪا ٿاٻڙي ٿڙندي اچي.
ڄڻ مَڳيءَ سان ڊيل پئي ٽلندي اچي.
منهنجي ’زخمي‘ دل جيان هُن جي به ڇا؟
دل تلاشِ يار ۾ رهندي اچي.


روهڙيءَ ڏي ريل پئي هلندي اچي.
منظرن جي سُونهن پئي وڌندي وڃي.
ها مگر ساري سفر ۾ دوستو!
دل تلاشِ يار ۾ لُڇندي اچي.


پُهچي نه حرف ظرف تي ايڏو بلند رَهُه.
رَهُه دوستيءَ جي رُوح جو احسانمند رَهُه.
جنهن مان محبتن جا سَوين سُرَ ڦُٽي پَون،
’زخمي‘ تون اهڙي ساز جي ٿي تارَ تندُ رهُه.

وري واتُ ڦاڙي اُٿيا واڳون سيسرَ.

وري واتُ ڦاڙي اُٿيا واڳون سيسرَ.
وٺڻ ووٽ خاطر کڻي آيا چادر.
جڏهن سنڌ سُڏڪي پُڪاري ٿي ’زخمي‘،
تڏهن ساٿ سنڌ سان ڏين ٿا ڏهيسرَ.

او پِير وڏيرا، ڪنڌُ ڀَڄئي پو جاڳين مَن!
هٿڙن ۾ ڪو نيلُ لڳئي پو جاڳين مَن!
روز ڦُرون اغوائون ڪرائي موٽائين،
پنهنجو ڀي ڪو ٻارُ کڄئي پو جاڳين مَن!


سنڌ جو نعرو جيئي سنڌ،
ٻيو ڪو نعرو هڻڻو ناهي.
سنڌ جو نغمو جيئي سنڌ،
ٻيو ڪو نغمو چوڻو ناهي.


”عيد ڪيئن ڪيئه؟“
يار مونکان پُڇيو.
ٿاڪَ ٿرَ جا ڏِسي،
مون هو روئي ڏنو.

انڌو يا ڪو ٻوڙو ناهيان.

انڌو يا ڪو ٻوڙو ناهيان.
ڪڻڇيءَ منجهه پڪوڙو ناهيان.
هنٽر تنهنجو پُٺي آ منهنجي،
ماڻهو آهيان گهوڙو ناهيان.


ڌرتي ساري دوزخ ٿي پئي،
ماڻهو اَئٿ ستارو ٿي پيو.
ڪالهه ٿي جنهن کي خون پيئاريم،
سوئي اندرَ ڪارو ٿي پيو.


چيائين ته: توکي ٻَڌائي ڇڏيندس.
چيم: پوءِ به توکي ڏَڪائي ڇڏيندس.
چيائين ته: توکي لَڏائي ڇڏيندس.
چيم: جُوءِ توکان ڇڏائي ڇڏيندس.

”زندگي خُواب آ صنم ڪوئي“.

”زندگي خُواب آ صنم ڪوئي“.
ڄڻ مَواليءَ جو وزم ڪوئي.
مان ته ڌرتيءَ لاءِ لکندس پيو،
ڀل ڪري مونکي پو ختم ڪوئي.









ڪري زيادتي پوءِ معافي گهرڻ جي،
اها هوندي عادت آ ماڻهن گهڻن ۾.
ڪرڻ معاف تن کي سُٺي ڳالهه آ پر،
ڏُڌل کيرُ پوندو نه آهي ٿڻن ۾.

نه ٿس ويسو ٻَنيءَ جو ڪو، نه ئي ٿس مالُ ۽ ملڪيت.
گُذارو جنهن جو چوريءَ تي، ڪري سو ڪيڏي پيو فوڪيت.
وڙهڻ جي لئه عزيزن سان ڪُهاڙي ٿو وتي ڇيريون،
ڊڄن ٿا ماڻهو سڀ اُن کان، خدا سائين جي آ قدرت.


کَپائي چانورن جي لَپ، ڀري ٿو حاضري ڪورٽ،
عجب آ سو عزيزن لئه ڪُهاڙي ٿو وتي ڇيريون.
نه ٿس نالو پنڊيءَ تي گهرِ، ڪري ٿو ڳوٺ تي داٻا،
اهڙي منحوس ماڻهوءَ جون ڪڍي ڇڏجن اکيون ميريون.

توسان پيار ڪرڻ ٿو چاهيان.

توسان پيار ڪرڻ ٿو چاهيان.
ورنه آئون مَرڻ ٿو چاهيان.
سنڌڙي تنهنجي سِينڌ سنواري،
تنهنجي سينڌ چُمڻ ٿو چاهيان.








اڄ جو ماڻهو نوي سيڪڙو،
سَچُ ٻُڌڻ کان ٻوڙو ٿي پيو.
جيون آهي ڪوڙو ’زخمي‘،
گُلوءَ وارو کوڙو ٿي پيو.


ٻَڌايو وڏيري ته آزاد ٿي ويس.
لَڏايو وڏيري به آباد ٿي ويس.
جڏهن ڌرتي پيرن منجهان کِسڪي ويندس،
تڏهن پاڻ چوندو ته: برباد ٿي ويس.


سماج رسمن جي وَرِ چڙهيل آهي.
ماڻهپو ڪيترو ڪڙهيل آهي.
”سنڌ مهان نواز“ مشهور پر،
مٿان ڪارنهن چُٽو مڙهيل آهي.

وري ايڊ ڪنهن کان ٻي وٺندؤ اُڌاري؟

وري ايڊ ڪنهن کان ٻي وٺندؤ اُڌاري؟
سڄي سنڌ گِروي رکي ٿَوَ قهاري!
وڏا قرب ڪيا ٿو سنڌي قوم تي هي،
رُڳو ڊيمون ٺاهي گُهرايو بِهاري.









گهاڻي ۾ وجهي تيل ڪري ڏِسُ ته خبر پئي.
گهرڙن کي ڀلي جيل ڪري ڏِسُ ته خبر پئي.
هر روز ستم تنهنجا سَهُون ڪيڏا زمانا!
هن ڀونءِ مٿان ڀيل ڪري ڏِسُ ته خبر پئي.


رهبرن لئه ٿو چوين رهزن سراسر آ غلط.
قوم کي ٿو تون ڪرين بدظن سراسر آ غلط.
تنهنجا هي الفاظ آهن يار بلڪل بي بُنياد،
تنهنجو هي آواز ۽ موشن سراسر آ غلط.

هيءَ به ڪهڙي ڪامريڊي آهي.

هيءَ به ڪهڙي ڪامريڊي آهي.
جو سُڌاري نه ليڊي آهي.
پاڻ ٻولي، ثقافت جا علمبردار،
پر زال ته اردو ٽيڊي آهي.


وڏيرن ۽ پيرن تي لعنت هُجي.
ٻنهي داداگيرن تي لعنت هُجي.
غريبن جو ناحق جيڪي خُون چُوسن،
انهن بي ضميرن تي لعنت هُجي.








ٽياسن تي ٽنگرائي ڏِسجان.
گهاڻن ۾ پيڙائي ڏِسجان.
سونَ تي سيڻ مَٽيندا ناهيون،
جيلن ۾ واڙائي ڏِسجان.


ڊيمون ٺاهي سنڌ سُڪائڻ بند ڪريو.
روز بِهاري سنڌ گُهرائڻ بند ڪريو.
لانگ مارچ ۽ هڙتالون جي سمجهو ٿي،
دهشتگردي روز ڪرائڻ بند ڪريو.


ديس مان دهشتگرد ڌڪاريا ويندا.
ڏاڍ جا ڏُونگر نيٺ ته ڏاريا ويندا.
ديس ڌڻين کي ڪُچلي ڪُچلي ماريو جن،
مظلومن کان نيٺ ته ماريا ويندا.

ستم تون به پنهنجو گهٽائي نه سگهندين.

ستم تون به پنهنجو گهٽائي نه سگهندين.
مگر منهنجي ٻولي مٽائي نه سگهندين.
جڏهن منهنجو هٿ ڀي گريبان تي پُهتئي،
ستمگر تري پوءِ پَٽائي نه سگهندين.








تتل تيل ڪڻڇيءَ ۾ ڪاڙهي ڏٺئه.
ڪيئي سال جيلن ۾ واڙي ڏٺئه.
اڃان آزمائڻ اسان کي ٿو چاهين،
توڙي گهر ڪکاوان به ساڙي ڏٺئه.


ڌرتيءَ لاءِ سپاهي آهيان.
غيرن لاءِ تباهي آهيان.
تو ڇا ’زخميءَ‘ کي سمجهيو آ،
ڀينڊ ڀتر جو واهي آهيان.


پوتر عورت ڪاري ڪندڙ،
غيرت ماپو ڇاهي ڙي؟
ڪيترا ڀيرا ڪارو ٿيل آن،
ان جو ڪاٿو ڇاهي ڙي؟

قبر تي گُل رکو نه رکو پر ڏيئا ته ٻارجو.

قبر تي گُل رکو نه رکو پر ڏيئا ته ٻارجو.
ڏيئا نه ٻاري سگهو ته گهر ويٺي ئي سارجو.
ماڻهپي کي مون ڏني آ زندگي اڄ،
منهنجي تُربت تي نه ڳوڙها هارجو.








چيائين ته: تعليم ٽئين اک آهي،
چيم: چار اکڙيون مِلي ٿيون وڃن.
چيائين: طرف چار آهن تڏهن؟
چيم: هائو! راهون کُلي ٿيون وڃن.


ذاتي خوشين کي ڇڏي هر آدميءَ جي ڳالهه ڪر.
ڏيهه کي روشن رکڻ لئه روشنيءَ جي ڳالهه ڪر.
سِيٽ سَکڻيءَ ۾ رکيو ڇاهي وڃي تاريخ پڙهه،
قوم جو دشمن نه ٿي تون، دوستيءَ جي ڳالهه ڪر.

مستقبل جي معمارن جو قاتل آهين.

مستقبل جي معمارن جو قاتل آهين.
پنهنجي ڳوٺ ۽ تَرَ وارن جو قاتل آهين.
مانائتو استاد آهين اسڪول به وڃ،
ورنه پنهنجن ئي ٻارن جو قاتل آهين.


چئي ڇا ٻُڌايان ته مان ڪيئن جيئان پيو.
سڄڻ هونءَ جيئان پيو سڄڻ هيئن جيئان پيو.
زخم زندگيءَ جا جيئڻ ئي نٿا ڏين،
ها تولاءِ جڳ ۾ جيئن تيئن جيئان پيو.








اڄ ته ويران دل جو چمن ٿو لڳي.
مونکي منهنجو ئي ڳورو بدن ٿو لڳي.
ٿئي شروع هي ڪٿان ۽ ڪٿي ٿئي ختم،
سچ ته صدين کان ’زخمي‘ دفن ٿو لڳي.


هيءَ به ڪهڙي ماستري آهي؟
جو نه جيئڻ جي خاطري آهي.
ٻارنهن ئي مهينا قرضي ڪڍ هن،
تڏهن ته ڇڏي شاعري آهي.


وات جو توڙي گرنهه ڪنهن کي ڏجي.
پوءِ به رُسوا ٿو زماني ۾ ٿجي.
ٿي چڱاين جو زمانو ويو ختم،
پوءِ به اي زخمي! چڱائي پئي ڪجي.


سچ لکيو آ، سچ لکئون پيا، لکبو رهبو.
سنڌ امڙ لئه خوب وڙهيا هُون، وڙهبو رهبو.
ڪين جُهڪائي تنهنجا سگهندا ڪُوڙا ڪيس،
کرڙي، ٽلٽي، مياڻي توسان مِلبو رهبو.

دوست دشمن ڄاڻان ٿو سڀ،

دوست دشمن ڄاڻان ٿو سڀ،
ايڏو ناهيان سادو سائين!
ڪيئن ٿيان مان سامهون هُن جي،
آخر گڏ آ، کاڌو سائين!


”عيد ڪيئن ڪيئه؟“
يار مون کان پُڇيو.
ڏاڍو روئي ڏنم!!
ڪين مون هو ڪُڇيو.


ڪَٽي سِرَ رکو ڀل سنگينن مٿان.
۽ ٺاهي ڇڏيو ڊيم سينن مٿان.
اسان ڊيم ٺهندي ويهون چُپ ڪري،
وڏي گار آهي ضميرن مٿان.


بَمَ هڻائڻ، جُهمريون پائڻ، شرم شرم شرم.
ڊيمون ٺاهڻ، سنڌ سُڪائڻ، شرم شرم شرم.
بيروزگاري، بُک، مهانگائي چوٽ تي آ،
ايمرجنسي لاڳو ڪرائڻ، شرم شرم شرم.








هيءَ به ڪهڙي نوڪري آهي.
بس گِلا جي ٽوڪري آهي.
ٻيا ته مسئلا پنهنجي جاءِ پر،
نه پرڻائي سگهي ڇوڪري آهي.

وقت! اسان کان ڪين پري وَڃُ.

وقت! اسان کان ڪين پري وَڃُ.
گهايل دل جا گهاوَ ڀري وَڃُ.
آهي زماني ڏاڍو ستايو،
’زخميءَ‘ تي احسان ڪري وڃ.


هيءُ به ڪهڙو آجپو آهي؟
جو نه تنهنجو رابطو آهي.
نه نياپو، نه خط، نه فون ڪيئه،
پوءِ هي ڇا جو راضپو آهي؟


ڪاتُ تنهنجو هُجي.
ڪنڌ منهنجو هُجي.
ڳوٺ تنهنجي سدا،
پنڌ منهنجو هُجي.








چيائين ڪڍي نَنهن، ڪندين سنڌ سنڌ؟
چيم: هائو ڏانئڻ! آهي سنڌ جِندُ،
ڏيئي شاڪ پاور جو چيئين: چئه ڙي سنڌ،
چيم: گيدي ٻُڌندين، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ.


سڄي رات اُبتو ٽنگي لاهي چيئين:
بتاؤ تمهاري ڪهان هين سنڌي؟
هڻي کيس مُنهن ۾ کانگهارو چيم:
اري بَڪتي ڪيا هو يَهان هي سنڌي.

چيائين ته: ٻيهر بغاوت ڪندين؟

چيائين ته: ٻيهر بغاوت ڪندين؟
چيم: تون به سنڌ سان عداوت ڪندين؟
چيائين ته: ملندءِ سزا عمر قيد،
چيم: ڪيئن پو پنهنجي حفاظت ڪندين؟


بغاوت جي ڪيسن جي پرواهه ناهه.
جيئي سنڌ چئبو، ڊنو ساهه ناهه.
هُو ماڻهو آ، ماڻهوءَ جي پرواهه ڪهڙي؟
نبي ناهي ڪوئي يا الله ناهه.








چيائين ته ڏَسِ: هو مزو جيل ۾؟
چيم: ٻيو به پندرهو رکو جيل ۾.
چيائين ته: ڪهڙي خوشيءَ ۾ ڀلا،
چيم: تيار ٿئي ٻيو جَٿو جيل ۾.


پُڇيائين ته: جيلن ۾ عيدون ڪيئه؟
کِليس ۽ چيم: ڪونه اُلڪو نه ٿيم.
چيائين: ڪڍي ڇڏبيون تنهنجون اکيون،
جيئي سنڌ جي نعري کي اُوچو ڪيم.


مڙهي ڪيس ڪُوڙا رکو قيد ۾.
سوين سُور سختيون ڏيو قيد ۾.
ٽُٽي نيٺ پوندو غلاميءَ سنگهرُ،
ڪيو تيار آهي جَٿو جيل ۾.


تون ۽ تنهنجا ڪيس به ڪُوڙا.
عهدا ڪُوڙا، ويس به ڪُوڙا.
تنهنجو ٿيو ايمان آ پئسو،
پِير به ڪُوڙا، رئيس به ڪُوڙا.

جيلُ هو يا هاسٽل.

جيلُ هو يا هاسٽل.
هئي طبيعت نارمل.
لِکُ لِکان جاري رکي،
دل هُئي يا ڪارگل.


جيل ۾ سُڌرڻ ناممڪن.
سُڌري نڪرڻ ناممڪن.
سڀئي بُرايون جيل ۾ هن،
تن کي ڪُچلڻ ناممڪن.


جيل سُهراب ڳوٺ هو.
منشيات کي بس چوٽ هو.
پئسي تي ”بي ڪلاس“ ته ڇا،
سُپريڊنٽ ڄڻ سؤٽ هو.


جيل هو يا سرڪس هئي.
روڊ ڪَڇڻ ورزش هئي.
ڪي ته مچي ٿيا مانگر مَڇَ،
ڪن جي اکين ۾ بارش هئي.

جيل ۾ ڪَسُ ۽ ڪثر ناهي.

جيل ۾ ڪَسُ ۽ ڪثر ناهي.
ڀاڙئي، جُوان جي خبر ناهي.
پئسي تي ايمان آ وڪاميو،
ٻيو ته ڪو هتي چڪر ناهي.


ڪو ٿو ٽوپيون اڳٺ ٺاهي.
ڪو ٿو ويٺل ڳالهه وڃائي.
ڪوئي ناحق جيل ۾ ڦاٿل،
ٻچڙن جي لئه هانءُ ٿو لاهي.


جيل ۾ ڪي جُوان به پيا هِن.
سُورن جا سامان به پيا هِن.
پڃرن ۾ ڄڻ شينهن پيا هِن،
دشمن تي دهمان به پيا هِن.

ديس ڌڻي جي گڏ ٿي ويندا،

ديس ڌڻي جي گڏ ٿي ويندا،
ڌرتيءَ تي غدارُ نه رهندو.
جنهن ڀي هٿ ۾ قلم اچي ويو،
تنهن هٿ ۾ هٿيارُ نه رهندو.








هڪ امن هُجي، ٻيو پيار هُجي.
ٽيون ديس پنهنجو آزاد هُجي
هر مارُو عيد تي مُرڪي پئي،
جي ايڪو زنده باد هُجي.


منهنجا لطيف تو وٽ مهمان ٿو اچي.
ويهين صديءَ جي سنڌ جو ارمان ٿو اچي.
توسان ڪرڻ ڪچهريون تنهنجي ئي ڳوٺ ۾،
تو جيئن عظيم شاعر، انسان ٿو اچي.
(عظيم ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا)

حُسين تنهنجو حسين منهنجو، حُسين حق جو امام آهي.

حُسين تنهنجو حسين منهنجو، حُسين حق جو امام آهي.
صبر ۽ تقويٰ بهادريءَ ۾، وڏو سيد جو مقام آهي.
يزيدي لشڪر ويهوڻو هو پر، عليءَ جي پُٽ ڀي ڪئي نه بيعت،
جبر سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، تڏهن سيد کي سلام آهي.


ڪيڏا ستم ڪيا شامين آلِ رسُول تي.
آيو نه رحم تن کي، سانئڻ بتول تي.
زينب جو گهر ويو اُجڙي، پوءِ ڀي ڏسو حسينڻ،
ثابت قدم رهيو آ، پنهنجي اصول تي.








آهي سڀن جي دل ۾ محبت حُسين جي.
بس ڳالهه هڪ ٿي ماري غربت حُسين جي.
ڪربل جي رڻ ۾ سيدن ڇا ڇا سَٺو نه هوندو،
پوءِ ڀي ڪئي آ مولا، عزت حُسين جي.


حُرَ کي چيو حُسينڻ، تيسين نه ٿيندين ڪامل.
لشڪر حُسينيءَ ۾ تون، جيسين نه ٿيندين شامل.
آخر چيو وٺي حُر، پاسي حُسين جي ٿيو،
حق جي فتح ٿي ويئي، هارائجي ويو باطل.

اسلام ۾ نه ڪنهن کي اهڙي ملي سگهي آ،

اسلام ۾ نه ڪنهن کي اهڙي ملي سگهي آ،
جهڙي مِلي وئي ڀائو عزت حُسين کي.
ڪربل سڄو ڪُهايئين، پنهنجو ڪُٽنب ڇو جو،
سُونهين نه پيئي ‘زخمي‘، بيعت حُسين کي.


ڪُوفين پئي گهرايو، خطڙا لکي حُسين.
مُسلم شهيد ڪيائون، ٿي ويو دُکي حسين.
ناني جي دين کي جنهن قرباني ڏئي بچايو،
ڇو جو نه هئي عليءَ کان بيعت سکي حُسين.

شمر ۽ يزيد هُئا ٻئي، راضي فساد تي.

شمر ۽ يزيد هُئا ٻئي، راضي فساد تي.
تڏهين ظلم ستم ڪيئون ٻچڙي سجاد تي.
زينب جي ويئي اُجڙي چادر، الله اڪبر،
لعنت هجي هميشه ابنِ زياد تي.


عظمت بيانُ ڇا ڪري عالي مقام جي.
مدحت زبان ڇا ڪري حق جي امام جي.
شيرِ خُدا جو ساهُه، نواسو رسول جو،
گوشئه جگر بتول کي، پارت غلام جي.


دنيا جو هر ستم به ته آلِ رسول تي.
آلِ رسول پوءِ به قائم اصول تي.
مريم هجي، حوا هجي يا آسيه هجي،
بڻجي رهي ٿي خادمه، درِ بتول تي.


مظلوميت جو شانُ آ، فطرت حسين جي.
عظمت جو آستانُ آ، عظمت حسين جي.
ڪنهن جي ڪنن تي پهتو نه ڪربوبلا جو نانءُ،
صحرا کي بخشيو مانُ آ، غربت حسين جي.

قرآن جي زبان آ، مدحت حسين جي.

قرآن جي زبان آ، مدحت حسين جي.
ڪهڙي بيان ٿيندي، عظمت حسين جي.
ڪهڙو خُدا جو دشمن، ڪهڙو خدا جو دوست،
مومن جو امتحان آ، الفت حسين جي.


ٻاٽ اونده ڪفر واري، روشني آهي حسين.
دين تان قربان ڪيئي، زندگي آهي حُسين.
پاڻيءَ جي عيوض سَٺا ها تير معصومن سوين،
پوءِ به تيرن جي سائي ڪئي، بندگي آهي حُسين.



















ادبي سنگت جي چُونڊ.
ڪن جا مُنهن ٻهڪن پيا،
ڪن جي مُنهن ۾ سُونڊ.

سگريٽي انسانُ.
ڪلاس ۾ ٿو ڪش هڻي،
توڙي آ رمضانُ.

بي.بي.سيءَ تي ڪَنُ.
خبرون ٻڌان شل خير جون،
سنڌ ۾ رهي امنُ.

سکر، حيدرآباد.
مارُو سڄيءَ سنڌ جا،
شال هُجن آباد.

ڪراچيءَ ۾ ڪوسُ.
ڌرتي ڌڻين جو ٿئي،
آهي ير افسوس.

زاري ڙي زاري.

زاري ڙي زاري.
پڌري ٿي پئي پٽ تي،
يارن جي ياري.

چپٽيءَ جو ڄڻ کيلُ.
پابندين هوندي پرين،
تنهنجو منهنجو ميلُ.

رُنس زارو زار.
ويگن چيڀاٽي ڇڏيو،
پينو اپاهج ٻارُ.

پهرين مئي جو ڏينهن.
شڪاگو جي شهر ۾،
مزدورن سان نينهن.

پهرين مئي جي شام.
ريٽيل جهنڊا رت سان،
اُڀ ۾ ڦڙڪيا عام.

پهرين مئي جي رات.
شڪاگو جي شهر ۾،
گولين جي برسات.

پهرين مئي جو پَهرُ.

پهرين مئي جو پَهرُ.
شڪاگو جي شهر ۾،
قاتلن جو قهر.

پهرين مئي جي باک.
رت ڏيڻ سان ئي رهي،
مزدورن جي ساک.


آيو انقلاب.
مزدورن جي خون سان،
’زخمي‘ لاجواب.

يورپ جو آدم.
شڪاگو جي شهر ۾،
ٽانڊن تي ماتم.

حال اسان جو ٿئه هي،

حال اسان جو ٿئه هي،
ڏک ۾ اچي ڏڍ ڏي.

توريءَ منهنجو ڪيرُ به ناهي،
جيڪو ڏکن ۾ سَڏ ورنائي،
دانهن ڏيان ڪنهن کي؟
ڏک ۾ اچي ڏڍ ڏي.

هرڪو هتڙي بيٺي جو آهي،
ڪِريل سان هِت ڪنهن جو ڇاهي؟
ڪوئي نڌڻڪو نه ٿئي.
ڏک ۾ اچي ڏڍ ڏي.

’زخميءَ‘ جو دم آهه لبن تي،
ديد کُتل آ تنهنجي دڳن تي،
نياپو وڃي ڪو ني.
ڏک ۾ اچي ڏڍ ڏي.

ڇو اچڻ ڀي ڇڏي وئين، ڇو مِلڻ ڀي ڇڏي وئين.

ڇو اچڻ ڀي ڇڏي وئين، ڇو مِلڻ ڀي ڇڏي وئين.
ٻئي ٽئين مهيني ڀيرو، ڪرڻ ڀي ڇڏي وئين.

گڏجي رهڻ جا مون سان، ڪيا قول ها تو،
جيئڻ ۽ مرڻ جا سائين، ٻَڌا ٻول ها تو،
ٻيو ته ٺهيو پر خطڙو، لکڻ ڀي ڇڏي وئين.

اڳ ته گهڙي ڀي مون کان، نه ٿيندو پري هُئين،
ڪهڙي سبب تون هاڻي، دُوري ڪري وئين،
پري کان رُڳو تون هاڻي، ڏسڻ ڀي ڇڏي وئين.

شايد رقيبن توکي، آهي ڀُلايو،
انهن جي چَوڻ تي مون سان سڄڻ ٿا ڦِٽايو،
اسان جون ٻه ڳالهيون سچ جون، ٻُڌڻ ڀي ڇڏي وئين.

جيئري نه آئين ٻُڌندين، ’زخمي‘ مري ويو،
تولاءِ تڙپي سُڏڪي نياپو ڏئي ويو،
ارمان آهي سَکڻو، پُڇڻ ڀي ڇڏي وئين.

اچڻو اٿئي ته اچ تون،

اچڻو اٿئي ته اچ تون،
مِلڻو اٿئي ته مِل تون،
مُئي پوءِ نه سارجان.
مُئي پوءِ نه سارجان، هنجون ڀي نه هارجان.

تنهنجو آهيان تنهنجو رهندس،
جيسين جڳ ۾ جيئرو رهندس،
تون ڀي واعدو پاڙجان، مون کي نه وسارجان.

پُڇڻ آيا پيارا ماڻهو،
ڪيئي جيءَ جيارا ماڻهو،
مهل تون مَلهائجان، نه خلقون کِلائجان.

مُئي کان پو ميلو ڪهڙو،
قبر تي اويلو ڪهڙو،
گُل نه ڇَٽائجان، ڏيئا نه ٻارجان.

توکي ياد ڪري هاريان نِير مٺا.

توکي ياد ڪري هاريان نِير مٺا.
پُوڄيان تنهنجي ملڻ لئه پِير مٺا.

اچ نامِ خُدا توکي ساريان ٿو،
غم گُوندر منجهه گُذاريان ٿو،
تنهنجون راهون مٺا مان نهاريان ٿو،
تاريو ترهو اچي وِچ سِير مٺا.

قول پنهنجا پرين تون نه پاڙي وئين،
ٻَڌي ٻول پَڪا ڇو وساري وئين،
مونکي ڪنهن جي ڇڏي تون سهاري وئين،
وڃي ويٺين هَڻي ڇو تِيرَ مِٺا.

وئين ڇاکئون ڇڏي، ڏسيو ڪائي خطا،
جنهن جي ايڏي ملي آ مون کي سزا،
جي تون مون سان ملين ڄاڻي هڪڙو خدا،
تولئه کنڊون ورهايان کير مٺا.

پَڪا ٻول نه جي تون ٻولين ها،
نه ئي ’زخمي چانڊئي‘ کي رولين ها،
نه ئي زخم پُراڻا کولين ها،
وڃ مرهم ڪري، ڏِسي جهير مٺا.

عشق ته آهي عقاب،

عشق ته آهي عقاب،
ماسُ هڏن تان خُوب ٿو کائي.

عشق فقيري يار ڪرائي،
توڙي هُجي ڪو نواب.
ماسُ هڏن تان خُوب ٿو کائي.

عشق حقيقي آڻ مڃائي،
ڪيئن ته ڀڃي ٿو حجاب.
ماسُ هڏن تان خُوب ٿو کائي.

عشق عقل کي اهڙو مُنجهايو،
جنهن جو ناهه جواب.
ماسُ هڏن تان خُوب ٿو کائي.

عشق عبادت آهي ’زخمي‘،
تنهن کي سمجهه ثواب.
ماسُ هڏن تان خُوب ٿو کائي.

اچ مجبور نه ڪر تون ايڏو، دور ڇو مون کان گُذارين ٿو.

اچ مجبور نه ڪر تون ايڏو، دور ڇو مون کان گُذارين ٿو.
پيارُ ڪري پرديس ويهي تون، واه جو نينهُن نڀائين ٿو.

پاڻُ پليان ته پلي ٿو سگهان پر، پيار ته ڪونه ٿو پَلجي،
توکئون سوا هِت ڪنهن سان جاني رُوح به ڪونه ٿو رَلجي،
ڇا جي ڪري ڀلا ايڏو ستمگر، ساهه منهنجي کي سِڪائين ٿو.

لوڪ جي ٽوڪ تي سهڻا سائين، ڪين ڪڏهن مان ڪُڇان ٿو،
ديوانن جان پل پل پيارا، تنهنجو پيار پُڇان ٿو،
ڪابه گهڙي نه وساريان توکي، مون کي ڇو يار وسارين ٿو.

تنهنجي جُدائي جان جلائي، ويسَ ڪرايا ڪارا،
چاهُه ڏئي ڪري’زخمي‘ دل تون، چينُ کڻي وئين پيارا،
ڪُجهه ته رحم ڪر مُنهنجي مٿان تون، ساري خدائي کِلائين ٿو.

وڃي ويهي رهين ڇو وساري وو يار.

وڃي ويهي رهين ڇو وساري وو يار.
تڪي نيڻ ٿڪي پيا نهاري وو يار.

غم گوندر منجهه گُذاريان ٿو،
تنهنجون راهون سدا مان نهاريان ٿو،
انهي ڳڻتي ڇڏيو آهي ڳاري وو يار.

کسي چين وئين، ڏئي چاهُه مٺا،
سدا تولئه سِڪي پيو ساهُه مٺا،
مَچُ محبت جو وئين ٻاري وو يار.

تنهنجي فرقت ۾ هيڻا حال ٿيا،
لڌي سار نه تو، ڪيئي سال ٿيا،
مٽي مُنهڙو اسان کي وئين ماري وو يار.

ڏک ڏاڍو مٺا توکي ٿيندو پو،
جڏهن ’زخمي‘ مري هتان ويندو پو،
روئي پوندين تڏهن، هانءُ ڏاري وو يار.

اي مٺا آءُ تون منهنجي تڏي،

اي مٺا آءُ تون منهنجي تڏي،
توتان سِرُ ساهُه صدقي ڪيان.
مون کي تنهنجو قسم، تنهنجي سِرَ جو قسم.

اچ پير پيارا ڀري،
رهه ايڏو نه مون کان پَري،
آءُ منهنجا مٺا، ڏي نه ايڏي سزا،
پل توکئون جُدا ڪيئن ٿيان.

ڀلي لوڪ جلي ته جلي،
رُڳو تنهنجو سهارو مِلي،
ڪندو تڪرار ڇا، هتي اغيار ڇا،
تنهنجي دم سان ٿو دلبر جِيان.

هاڻي ’زخميءَ‘ تي ڪر ڪو ڪرم،
ماري تنهنجو ٿو مون کي مرم،
حال محرم به تون، منهنجو همدم به تون،
تڏهن تنهنجي اڳيان ٿو رُئان.

مٺڙا منهنجو ٿيءُ،

مٺڙا منهنجو ٿيءُ،
راڻا رُسي ڇو مُنهنڙو مَٽين وئين؟

سَڏڙا ڪرئي ٿي نڌر نماڻي،
سڏ ۾ سڏ ڏي جيءُ،
راڻا رُسي ڇو مُنهنڙو مَٽين وئين؟

مون سان سُتل هئي ڀيڻ او راڻا!
دل ۾ نه ڪو ٻيو سيءُ،
راڻا رُسي ڇو مُنهنڙو مَٽين وئين؟

وهم وساري سڀ دل جا تون،
پِرت جو پيالو پيءُ،
راڻا رُسي ڇو مُنهنڙو مَٽين وئين؟

دردن ماري دل ’زخميءَ‘ جو،
حالُ ڏسي وڃ هيءُ،
راڻا رُسي ڇو مُنهنڙو مَٽين وئين؟

مون کان مُنهنڙو نه مَٽ، منٺار وو يار.

مون کان مُنهنڙو نه مَٽ، منٺار وو يار.
ڪرين ڪهڙي سبب ٿو، ڌار وو يار.

سوا توکان پرين، گهڙي ڪين سري،
تن من ۾ تنهنجي آهي، تار وو يار.

تنهنجي فرقت ۾ هيڻا حال ٿيا،
ائين ڳڻتين ۾ تون نه ڳار وو يار.

اقرار نه پنهنجا پاڙي وئين،
تنهنجا ڪهڙا ڪجن ويچار وو يار.

دل درد وندي ٿي دانهون ڪري،
لهُه ’زخميءَ‘ جي ڪا سار وو يار.

راڻا رُسي ڇو دُور رهين ٿو،

راڻا رُسي ڇو دُور رهين ٿو،
ڪنهن جي لڳان مان لاري؟

ميڙون منٿون نامِ خدا مڃ،
ڇڏيو ڳڻتي تنهنجي آ ڳاري.
راڻا رُسي ڇو دُور رهين ٿو؟

ريءَ سڄڻ تو ڪهڙو جياپو،
مچ اندر ۾ وئين ٻاري.
راڻا رُسي ڇو دُور رهين ٿو؟

تو جي ڏٺو هو ڌاريو سُتل ڪو،
ڇونه مَٽُ ڪيئه ٻئي ماري.
راڻا رُسي ڇو دُور رهين ٿو؟

سُومل ڀيڻ سيج سُتل هئي،
سوچي ڏسين ها نهاري.
راڻا رُسي ڇو دُور رهين ٿو؟

’زخمي چانڊيو‘ چئي ڏاڍ ڀلي ڪر،
ڇڏيئه ڏاگهه جو ڏيل ڏيکاري.
راڻا رُسي ڇو دُور رهين ٿو؟

ڪري دلبر وڃ نه ڪنارا

ڪري دلبر وڃ نه ڪنارا
توسان گهاريل سانوڻ سيارا
اڃان ڀي ياد هِن.

تنهنجي مُنهنجي پيار جا آهن، شاهد چنڊ ستارا،
توڏي ايندي پير پِٿون ٿيا، سي ڀي رستا چارا،
اڃان ڀي ياد هِن.

دلڙي کسي ايئن نه ڪر، مُنهنجا دلبر يار دلارا،
ڪاري ويس ۾ ڪوٺي تي بيهي، تو جو ڪيا ها اشارا،
اڃان ڀي ياد هِن.

اڳ ته گهڙي ڀي ڪانه هَئه سَرندي، مونکان پري منهنجا پيارا،
ڪينجهر، سمنڊ ڪناري گڏ ٻنهي جيڪي ڏٺا ها نظارا،
اڃان ڀي ياد هِن.

پَرچ اچي نه ته ’زخميءَ‘ کان وٺ، واپس پنهنجا سمورا،
فوٽو، خط ۽ تنهنجا ڏنل مونکي ڀاڪر بوسا اڌارا،
اڃان ڀي ياد هِن.

مون کان مٺا نامِ خدا، پَلُ نه پري ٿي.

مون کان مٺا نامِ خدا، پَلُ نه پري ٿي.
سائين ڪونه سَري ٿي.
تنهنجي جُدائيءَ ۾ دل دانهون ڪري ٿي.
الا ڪونه سَري ٿي.
مون سان ملڻ لئه ٿو چوين اڄ نه سُڀاڻي،
آءُ هاڻي جو هاڻي،
ڇونه سڄي خلق دل تي مُڱ ڏري ٿي،
الا ڪونه سَري ٿي.
ياد اٿئي منهنجي رُئڻ تي تون رُنو هُئين،
جنهن ڏينهن ڇنو هُئين،
ڪهڙي خطا ۾ هي سزا ڪين ٽري ٿي،
الا ڪونه سَري ٿي.
مُنهنجي اڳيان ڇالئه رقيبن سان گهمين ٿو،
الا ڪين ٺهين ٿو،
تنهنجي محبت ۾ لڳل باهه ٻري ٿي،
الا ڪونه سَري ٿي.
منهنجي مُئي کانپوءِ هٿَّ ڏاڍا تون هڻندين،
ڏينهن رات پيو رُئندين،
ڇوته ’زخمي‘ وَيَل شيءَ ڪانه وري ٿي،
الا ڪونه سَري ٿي.

تون به اڪيلو مان به اڪيلو، سُورن ۾ آهيون تون مان ٻئي.

تون به اڪيلو مان به اڪيلو، سُورن ۾ آهيون تون مان ٻئي.
آءُ ته گهڙيون ڪي گڏجي گهاري، نينهن نڀايون تون مان ٻئي.

تنهنجو منهنجو پيار پُراڻو، ڌار نه ڪر ڪُجهه ٿيءُ سياڻو،
ڇاجي ڪري پنهنجي پيار تي پيارا، خلق کِلايون تون مان ٻئي.

تنهنجي مُنهنجي پيار تي پيارا، ماڻهو سَڙن ساڙولي سارا،
آءُ ته گهمي سرِعام مٺا گڏ، غير جلايون تون مان ٻئي.

مهل اٿئي مِلُ يار تون هاڻي، روز چوين ٿو اڄ نه سڀاڻي،
جُوانيءَ جو آ ڏاڪو ٻنهي جو، ڀاڪر پايون تون مان ٻئي.

’زخمي چانڊيو‘ تنهنجو آهي، پيار ٻئي سان ڪرڻو ناهي،
آءُ ته ملي ڪي گيت خوشيءَ جا، دلبر ڳايون تون مان ٻئي.

هيلَ ته اچجانءِ، هيلَ ته اچجانءِ.

هيلَ ته اچجانءِ، هيلَ ته اچجانءِ.
دردَ وندن جي سار ته لهجانءِ.

سال ويا گذري ڪيئي سِڪ ۾،
ڪين ڏٺو آ توکي ڀِڪَ ۾،
نامِ خدا تون ڀيرو نه ڀڃجانءِ، هيلَ ته اچجانءِ.

حال ويا ٿي مُنهنجا هيڻا،
غم به وڌي ٿيا توبن ٻيڻا،
پَتِ نه اچئي ته لوڪ کان پُڇجانءِ، هيلَ ته اچجانءِ.

موٽي چمن ۾ آيون بهارُون،
هيل نه ايندين مِلنديون ميارون،
پيار جو پيارا ڀَرم ڪو رکجانءِ، هيلَ ته اچجانءِ.

مرڻ ڪنڌيءَ تي ’زخمي‘ آهي،
پوءِ ڀي اوهان کي اُلڪو ناهي،
مَرڻ پُڄاڻان سَندرو نه ٻَڌجان، هيلَ ته اچجانءِ.

آ ٿيڻ تي پورِي مُنهنجي زندگي.

آ ٿيڻ تي پورِي مُنهنجي زندگي.
پوءِ به تنهنجي ايڏي مونسان بيرُخي.

ياد اٿئي تو سينڌ هُئي مونکي ڏني،
پوءِ وئين ڇالاءِ تون ناتو ڇني،
چاهه ڏئي ساري کسي وئين تون خوشي.

واهه جي آ تنهنجي پيارا دل لڳي،
دل ڦري ايڏي ڪري وئين ڪيئن ٺڳي،
ٻيو ڪري ڪنهن سان ڪٿي توکان پُڳي.

آءُ پرين ڪيئون پيچ پُختو پيار جو،
درد دلبر ڏي نه مون کي ڌار جو،
چئه ڀلا ڪا مُون ڪئي مون سان ٺڳي.

من اچين تون موت تي مُنهنجا سڄڻ،
روئي اوڇنگارون ڏيندي پَوندءِ ڏندڻ،
لاش کي چوندين: هاڻي ’زخمي‘ اُٿي.

سمبارا پبليڪيشن جا شايع ٿيل ڪتاب

سمبارا پبليڪيشن جا شايع ٿيل ڪتاب

1. هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم (مضمون/تاثر) ساجد سنڌي
2. سمنڊ ۾ سپ (شاعري) سرڪش سنڌي
3. اڌوري رچنا (شاعري) منظور سمون
4. ٻاراڻي ادب جو مسيحا (مضمون/تاثر) هاشم لطيفي
5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مضمون/معلومات) غلام شبير پيراهين
6. هوائن جي هندوري ۾ (شاعري) وفا عظيم جلباڻي
7. اوجاڳيل آڱريون (شاعري) امر منصور چوهاڻ
8. مُرڪون محبوبن جون (شاعري) ”شاد“ جلباڻي
9. رڻ رڙيون ٿو ڪري (شاعري) نسرين الطاف
10. غلطي معاف (مضمون) جاويد جوکيو
11. شاهه لطيف جا شيدائي (تحقيق) راهب لاڙڪ
12. ڪٺيس ڪويڄن (تنقيد/تحقيق) مبارڪ علي لاشاري
13. دادلوءِ: تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيق) پروفيسر فدا حسين”فدا“
14. سويرن جا اُلڪا (شاعري) ملزم سومرو
15. لفظ هوا ۾ خوشبوءِ (ريڊيو اسڪرپٽ) جبار آزاد منگي
16. مٽيءَ جو آسمان (شاعري) علي اظهار
17. ڇا؟ (شاعري) منظور سمون
18. سار جا رستا (شاعري) فرحان اڄڻ
19. اکين ۾ مند ميهنوڳي (شاعري) سائل پيرزادو
20. سُڌِ سچل جي (تحقيق) علي حسن سرڪي
21. بچهڙي آنکهه کا ماتم (اردو ناول) ساجد سومرو
22. ٻانڌي جي تاريخ (تحقيق) شبير احمد عباسي
23. پياسيءَ جون پڪارون (شاعري) شاهن ”پياسي“ گبول
24. هينئڙي منجهه هڳاءُ (شاعري) مخمور رضا
25. اُماس راتيون اداس رستا (شاعري) فهميده شرف بلوچ
26. دل صحرا، سمنڊ اکيون (شاعري) شاد جلباڻي
27. ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻالڪ (ٻاراڻي شاعري) اويس ڀٽو
28. جاڳ ازل جي (شاعري) جاويد سوز هالائي
29. فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا (آتم ڪٿا) غلام علي کوساڻي
جانورن جو واڙو (پرڏيهي ناول) اياز ڀٽو
گيڙوءَ رتا خواب (شاعري) واحد سوز ملاح
من گهريو مشتاق بخاري (مضمون/تاثرات) احسان راهوجو
مُنهنجي مُئي کانپوءِ (شاعري) زخمي چانڊيو

آخری پںو

[IMG]http://i64.tinypic.com/33w5u89.jpg[/IMG]

[IMG]http://i63.tinypic.com/dlgdgo.jpg[/IMG]

[IMG]http://i67.tinypic.com/33wtjrp.jpg[/IMG]