ڪتاب گهر کي آف لائين ھلائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي ائپليڪيشن انسٽال ڪريو | ✖ ٻيھر نہ ڏيکاريو
شاعري
نِما شام
”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
[i]اي ھوا تون ته ڪا چري آھين
جن تي ھڪ پل ھلڻ سان دم نڪري
تن ئي راھن ۾ٿي گھُلڻ چاھين
(اي ھوا)[/i]
اُھا ٻارڙي مون کي اڄ به ياد آھي، جيڪا پنھنجي ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ سان، ڄامشوري ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي گھر ۾ رھندي ھئي. ھُن جي ماءُ ڪھاڻيڪار ھئي ۽ جڏھن به سندن گھر وڃڻ ٿيندو ھو، تڏھن اسان جون ڳالھيون ڦري گھري ادب تي اچي وينديون ھيون. اُھي ٻارڙيون، ھوءَ ۽ سندس ڀيڻ، اُھي ڳالھيون ٻڌنديون رھنديون ھيون. اڳتي ھلي سندس ڀيڻ به انھن ڳالھين ۾ شامل ٿي ويندي ھُئي، مون کي لڳو ته اُن جو لھجو تنقيدي وڌيڪ ھوندو ھو، جنھن ۾ تلخي ھوندي ھئي! اِھي تنقيد جا جيوڙا کيس شايد پيُ کان مليا ھئا.
اُن ٻارڙي جو نالو “تانيا” آھي. سندس ماءُ جو نالو نسيم ٿيٻو ۽ ڀيڻ جو نالو انيتا. نسيم اڪيلي سر ٻنھي - انيتا ۽ تانيا – کي پاليو، پڙھايو ۽ وڏو ڪيو. نسيم ۽ انيتا ھاڻي ھن دنيا ۾ ناھن! (پر اسان جي دل جي دنيا ۾ آھن).
مون کي ياد آھي ته ھڪڙي ڏينھن سحر ۽ مان سندن گھر ويٺا ھئاسين ته تانيا ھڪ ڪاپي کڻي آئي ۽ اچي مون کي ڏنائين. ڪاپيءَ ۾ سندس شاعري لکيل ھئي. ھُن چاھيو ٿي ته مان اُھان پڙھان ۽ راءِ ڏيان. سچ پڇ ته مان سندس شاعريءَ ۾ گم ٿي ويس. پڙھي، ڪاپي کيس موٽايم ۽ “مھراڻ” لاءِ ھُن کان سندس شاعري گھريم. نسيم، ھُن کان ڪاپي وٺي پاڻ وٽ رکي ۽ ھُن کي شاعري ڏيڻ کان جھلي ڇڏيو! اُھا ھڪ اچرج جوڳي صورتحال ھئي! مون لاءِ، تانيا لاءِ ۽ خود نسيم لاءِ به! ھوءُ پاڻ جن ڏکين حالتن مان اُکِتي ھئي، شايد تن کان ھُن تانيا کي بچائڻ ٿي چاھيو! ۽ پنھنجي ڪوڙي ۾ لڪائي ٿي رکڻ چاھيو!
انڪري سڀني جي انھيءَ زندگيءَ جي حصي ۾ مٺاڻ گھٽ، ڪوڙاڻ وڌيڪ آھي، جنھن جو چٽ تانيا جي سِٽن ۾ ھيئن چٽيو ويو آھي؛
درد ھُيو حاوي ھر شئيءِ تي
ڄڻ ته حياتي
ماکيءَ مَک جو ڏنگ ھجي!
ان ڏَس ۾ “بابا رانديڪا نه کپن” نظم جو مثال ڏئي سگھجي ٿو.
تانيا جا جذبا، احساس ڪومل، نرمل ۽ اڇھيا آھن، انھن جذبن ۽ احساسن کي ھن ڏاڍي سَرلتا ۽ سھجتا سان اظھاريو آھي.
شاعري وھندي پاڻيءَ جيان پنھنجو گس پاڻ ٺاھيندي آھي ۽ ھر ھٿرادو روڪ رنڊ کي ٽوڙي ڇڏيندي آھي. شاعري جو ذھن ڪنھن به وھم ۽ وسوسي کان آجو ھئڻ کپي.
تانيا جو آواز ڄڻ ڏُور کان ويجھو ۽ ويجھو کان ٿيندڙ آواز آھي! جيڪو اسان کي ٻڌڻو پوندو؛ ڇا ڪاڻ ته اھو آواز اسان لاءِ آھي!
ھر شعر دل جي خوف ۾
ٻوڙي لکيو ھيوسين
ڪنن ۾ وجھي ڪپھ ھُو
ٻڌندو رھيو اسان کي!
(سِرَ جو قسم کڻي)
انھن سٽن ۾ “ھُو” ۽ “اسان” جي لغتي ۽ اصطلاحي منعى کان اڳتي جي معنى آھي، ذات ۽ اجتماع کان به اڳتي جي معنى، زمان ۽ مڪان سان جُڙيل به، ته اُن کان مُڪت به. دل جي خوف ۾ ٻُڏي/ (اُپڙي!) اھو شعر “ڪلهه” لکيو ويو، “اڄ” ان کي پڙھي ۽ ان تي لکي رھيا آھيون، ۽ سڀاڻي؟! ڇا سڀاڻي به ائين ئي ڪنن ۾ ڪپھه، پيل ھوندو!؟ ۽ شاعر کي ٻڌڻ جو ڍونگ ٿيندو رھندو؟!
مٿي تانيا جي شروعاتي شاعريءَ جي ڳالھ ڪئي اٿم، جڏھن ماڻس (نسيم ٿيٻو) اُن کي ڇپڻ کان منع ڪئي ھئي، پر اڳتي ھلي، مون ئي تانيا جون تخليقون- شاعري توڙي ڪھاڻيون- ٽي ماھي “مھراڻ” ۾ ڇپيون. اُن کان پوءِ، وقت جي وِيرَ، ڪنھن کي ڪٿي وڃي اُڇلايو؟ ڪَل ئي نه پئي! پر جڏھن به، ڪٿي به، ھوءَ ملي يا ھُن جو ذڪر نڪتو، تڏھن سندس لکڻ بابت ضرور پُڇندو رھيس. اڄ جڏھن سندس پھرين مجموعي “نِما شام” جو ڪمپوز ٿيل، ڪجھ ھٿ سان لکيل اسڪرپٽ ڏٺم، پڙھيم ته اھا خوشي ٿي ته ھُن لکڻ ۽ لکڻ ھُن کي نه ڇڏيو آھي. اھو ھُن جو ۽ اسان جو سڀاڳ آھي ته ھُن جون تحريرون پھرين ڇپجي ۽ پڙھجي چُڪيون آھن. تانيا بنا ڪنھن مک چک جي ڳالھ ڪري ٿي سادي سودي پيرائي ۾ اندر اوري ٿي. پر ھن جي سادگيءَ ۾ ھڪ سگھڙ جي، خاص ڪري موجوده دور جي سگھڙ جي سادگيءَ ۾ فرق آھي، بلڪل ائين جيئن لطيف جي عواميت ۽ اسان جي دور جي ڪنھن شاعر جي عواميت ۾ فرق آھي. تانيا وٽ روڄ پٽڪو به ناھي، سکڻي نعريبازيءَ وسيلي شھرت ماڻڻ جو ھنر/ چالاڪي وٽس نه آھي. شاعريءَ ۾ سادگيءَ مان مُراد سادن سُودن لفظن ۾ ڳوڙھي ڳالھ ڪرڻ آھي. تانيا، جيتري ڳالھ آھي، اوترن ئي لفظن ۾ ادا ڪرڻ ۾ سڦل آھي، ڏات ھڪ ئي وقت اوچائين، وسعتن ۽ گھرائين کي ڇھڻ جو آرٽ آھي:
ڇو اڄ ھردو ھرکيو آھي؟
ڏور اُفق ڏانھن اُڏرڻ لاءِ،
من جو پنڇي سنڀريو آھي!
(من- پنڇي)
“تون اھو سج آھين” ھڪ اھم رچنا آھي. سج کي مخاطب ٿي چيل آھي اھا رچنا. سج جيڪو روشنيءَ ۽ حرارت جو ذريعو آھي، جيڪي زندگيءَ لاءِ لازمي آھن، زندگي جيڪا ڌرتيءَ جي گولي تي آھي. ھاڻي جڏھن اھي سج لھڻ وارا آھين، ڪنھن ٻِي ڌرتيءَ تي اُڀرڻ لاءِ! تڏھن توکان ھيءَ ڌرتي وسري وئي آھي:
تون مست مگن آھين
پراون آسمانن تان
پراين ڌرتين تي اُڀرڻ لاءِ!
ان رچنا ۾ ڇھن آسمانن (پراون) جو ذڪر آھي، ستون آسمان، اسان جي پتيءَ جو آسمان ۽اسان جي ڌرتي ڪٿي آھي؟ جڏھن ته سج ته اُڀريو ھو پنھنجي ڌرتي لاءِ، پنھنجي پتيءَ جي آسمان تان!
پر اُن جي آڏو راڪشش ڪارا ڪڪر اچي ويا! جيتوڻيڪ اھا منھنجي سوچ آھي، پر اھا سوچ ان رچنا “تون اھو سج آھين!” ڏني آھي، شاعريءَ جي ڪاميابي اھا به آھي ته اُھا جتي ختم ٿئي ٿي، اُتان ئي اُھا شروع به ٿئي ٿي ۽ ائين تڏھن ئي ممڪن آھي، جڏھن اُھو شعر، نظم يا رچنا پڙھندڙ ۾ ھڪ سوچ اُڀاري.
تانيا جي ھيئتي تجربن کي پابند، نيم پابند، آزاد ۽ نثري شاعريءَ ۾ ورھائي سگھجي ٿو:
تنھنجي ياد جا مخمل
جسم کي ويڙھيندا ويا
(سج لٿي سوچن جا)
اھي ھئيتي تجربا ٿي ويندا آھن. ڇپجڻ کان اڳي(توڙي پوءِ به) انھن ۾ لفظن جي، سٽاءُ جي ڦير گھير ٿيندي رھندي آھي. ڪجھ لفظن/سٽن جو ڪٽجڻ يا واڌارو سڀاويڪ آھي.“پنک پکيڙي اُڏريو پنڇي” ڪمپوز ٿيل نظم چئن سٽن جو آھي:
پنک پکيڙي اُڏريو پنڇي
ھردي کي ھِرکائي ويو
بس خاموشيءَ جي ٻوليءَ ۾
ڇاڇا ڪو سمجھائي ويو
پر ان صفحي تي صفا مٿي ھي ٻه سِٽون ھٿ سان لکيل آھن:
سارنگ اھڙو سُر ڇيڙيو جو
روح سندم ريجھائي ويو
اھي ٻه سٽون، ظاھر آھي ته پوءِ لکيون ويون آھن ۽ پد سُريليون سِٽون آھن. ھاڻي اھي اِن نظم ۾ ڪٿي اينديون؟ جيئن سِٽ ۾ ھر لفظ جو پنھنجو پد آھي، تيئن ھر سِٽ جو به پنھنجو پد آھي ۽ ھر نظم ۽ رچنا جو به. ان ريت ھر شاعر ۽ شاعريءَ جو به پنھنجو پد آھي ۽ منھنجي راءِ ۾ تانيا ۽ سندس شاعريءَ جو به شعري اتھاس ۾ ھڪ پد آھي ۽ اُھو سجوڳو پدئي آھي:
چنڊ چمڪيو ھو رات ڀي شايد،
پر تنھنجي ياد ۾ ويو وسري.
وقت گذرڻ ڏکيو ھيو ڏاڍو،
پر تنھنجي ياد ۾ ويو گذري.
(چنڊ چمڪيو ھو)
شاعريءَ ۾ ھر صنف جون پنھنجون گھرجون آھن، انھن جو پورائو لازمي آھي. تانيا جو، شاعريءَ جو ڪمپوز ٿيل مواد جڏھن پڙھي ورتم تڏھن اھو ڏسي اچرج ٿيم ته ھُن رائج گھاڙيٽن/صنفن-گيت، بيت، وائي، ڪافي، غزل- بدران نون گھاڙيٽن جي چونڊ ڪئي آھي ۽ اُھا شعوري نه، پر لاشعوري طور ٿي وئي آھي. اڄ جڏھن گھڻي ڪاھ غزل لکڻ تي آھي ۽ ائين گھڻو ڪري سھل پسنديءَ/ فيشن طور ٿي رھو آھي. (ٻين صفن سان به ساڳي ڪار آھي!) تڏھن تانيا جي شاعريءَ ۾ غزل يا ٻين رائج صنفن جي نه ھئڻ جو جيڪو ڪارڻ مونکي سُجھي ٿو ته خيال جنھن ھيئتي روپ ۾ آيو آھي، ان ۾ ئي لکيو ويو آھي. جيتوڻيڪ ان ۾ سُر توڙي عروض تي شاعري آھي، مثلاً
“چنڊ چمڪيو ھو” کي اسين قطو سڏي سگھون ٿا، پر تانيا انھي کي نظم طور تي ورتايو آھي، يا جيئن “جيئڻ جنجال” آھي، جنھن ۾ مطلع ۽ ٻه شعر آھن ۽ عروض تي آھن، مقفى ۽ مردف به آھن:
جيئڻ جنجال سمجھي مون ڇڏيو ھو
ڪئين نه مان پويان ڏسان ھان تو سڏيو ھو
دل ڪڏھن ڪنھن کي به پرچائڻ نه چاھيو
ڪيئن نه مان ڳوڙھا اُگھان ھا تو رُنو ھو
درد ڪو دل سان ڪڏھن وٺبو نه آھي
ڪيئن نه مان مُرڪي وٺان ھان تو ڏنو ھو
پر تانيا ان کي غزل سمجھي نه لکيو آھي شايد! ان ريت ھنءَ سنڌي شاعريءَ کي نت نوان گھاڙيٽا ڏنا آھن. ھُن وٽ موضوع / خيال جي اھميت آھي، جيڪو پاڻ ساڻ فارميٽ به کڻي آيو آھي، جيڪو پابند، آزاد يا نثري ٿي سگھي ٿو. انھن سِٽن ۾ سَڏ، ڳوڙھا، درد – جنجال جيئڻ کي جيئڻ جوڳو بنائين ٿا، ان ڪري به ته اھو سڏ ھُن جو آھي، اھي ڳوڙھا ھُن جا آھن، اھو درد ھُن جو ڏنل آھي، جيڪو مُرڪي وٺبو آھي:
رات چمڪي ھئي ھڪ پل
ڏِئي کان ساٿ وٺي
اھي نظم “وقت جي وِيرَ اُٿي” جون آخري سٽون آھن. وقت جي وِيرَ لاءِ ڪنھن کي ڪٿي وڃبو سَٽي! ڪنھن کي ڪھڙي ڪَلَ؟ شاعر اَن وقت جي وِيرَ کي واري سگھڻ جي سگھ رکي ٿو ۽ لفظن جي ٻُڪ ۾ نئون پاڻي ڀري ٿو ، پر ھُن جي آڱرين ۾ رھجي ٿي وڃي مِٽي! ڇا جيون جو ارٿ اھو ئي آھي؟ ته پوءِ جيئڻ کي ڪھڙي معنى آھي؟ ڌرم، مذھب، فلسفي ۽ سائنس جا ان ڏس ۾ پنھنجا پنھنجا نظريا آھن. شاعريءَ جا به آھن. شاعري زندگيءَ جي بي معنويت کي معنى عطا ڪري ٿي. ٻاٽ ۾ لفظن جي لاٽ ٻاري ٿي.
سٽن جو سُھائو ڪري ٿي ھاڻي سوال اھو آھي ته اھو سڀ ڪجھ ڪنھن جي لاءِ ڪيو ٿو وڃي؟
ان کان اڳ جو وِڇِڙيِ وڃجي،
گڏجي ديپ جلايون ڪوئي.
دنيا جي ھن شور کان پري،
دل جو ساز وڃايون ڪوئي.
۽ انھن سِٽن ۾ مٿئين سوال جو جواب ھَڪيو آھي¬- گڏجي ديپ جلائڻ، دل جو ساز وڄائڻ_ تانيا ، ھڪ شاعر جي حثيت ۾ پنھنجو اُھوئي بنيادي فرض نڀائي ٿي- ديپ جلائڻ ۽ دل جي ساز وڄائڻ وارو، پر اسان سان گڏجي ۽ “اسان” ؟ اُھي ئي آھيون، جن کي تانيا پنھنجي شعري تجربن ۾ شريڪ ڪيو آھي ۽ مان تانيا کي سندس ئي ھڪ نظم “جيون جي ان رستي ۾” جنھن ۾ اسين ھن سان، ھوءَ اسان سان ساٿ ۾ آھي، ڀيٽ ڪندس.
ڳاءِ اڃان ڪجھ ڳاءِ،
سُرَ جي سُرخ ڏياٽيءَ جي،
اڃان نه لاٽِ وِساءِ.
مَنَ جي اُجري چادر کي،
نيڻن ساڻ وڇاءِ.
[b]
امداد حسيني
ڪراچي سنڌ
26.10.2016[/b]
ڏيئن جي قطار ۾ ٻرندڙ شاعري
ڏيئن جي قطار ۾ ٻرندڙ شاعري
اڻويه سو اسي جي ڏهاڪي ۾ ولي رام ولڀ جي ٽماهي (جرنل) ا دبي رسالي ۾ تانيه ٿيٻو جي نالي سان سندس ِشاعري جڏھن پهريون ڀيرو شايع ٿي هئي ته سنجيده شاعري جي ڪيترن ئي پڙهندڙن کي حيران ڪري ويئي هئي. هڪ اهڙي سهيوڳي ادب جي رسالي ۾ (جنهن کي مان اڃان تائين مس ڪندو آهيان ائين جيئن اڻويه سو ستر ۽ اسي جي انهن سالن کي ۽ انهن سالن واري سنڌ ۽ حيدرآباد کي ڄامشوري کي)ڇپجندڙ اها شاعري سا به سچي پچي هڪڙي خاتون جي (ڇاڪاڻ ته تڏهن ڪيترا هاڻوڪا نام ڪٺيا سنڌي شاعر ۽ اديب تڏهن اخبارن جي ادبي صفحن ۾ سندي ردي جي ٽوڪري ۾ وجهڻ جهڙي شاعري ۽ ڪهاڻي ڇپرائيندا هئا يا وري ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هلال پاڪستان ۾ فهميده حسين جي سگهڙين سٿ ۾ خط ئي ڪنهن ڇوڪريِ جي نالي ۾ پيا لکندا هئا. اها ٽرِڙائپ اڄ به آهي پررڳو اها سائبر زماني ۾ پهچي چڪي آهي جتي اديب غير اديب ڪوڙين سڃاڻپن سان هڪٻئي کي خوار ڪري رهيا آهن، نڙگهٽن تي ننهن رکي سڄا ڏينهن سڄيون راتيون ويٺل آهن يا وري پوءِ مايون بڻجي عورتن کي گاريون ويٺا ڏين) خير. پر فوجي آمر ضياء جي انهن ڏينهن ۾ هڪِڙي اصلي نسلي ڇوڪري جي نالي واري شاعري سا به نون نڪور خيالن وارا نظم
نثري نظم جرئت وارا بنا ڪنهن لفاظي ۽ نعري بازي جي اهڙا موضوع ڇهندڙ جيڪي اڄ به سنڌ جي جنت توڙي ملڪي جهنم آدم توڻي حوا لاء ڪڻڪ جو داڻو بڻيل هجن انهن کي تڏهن جن عورتن جي قلم ڇهيوٿي انهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ نورالهدا شاه، نسيم ٿيٻو، اسانجي ميران ۽ ملڪه پيرزاديون،خيرالنساء جعفري (جنهن کي سنڌي ادبي لڏي، خبر ناهي انکي "لڏو" الائجي ڇوٿا چون يعني .لاڏائو قبيلن جو لڏو، جي سڏڻ کان به گهڻو گهڻو اڳ "ادي گڏيءَ چوندا اچون ) ۽ هي تڏهن نئين اڀرندڙ شاعره تانيه اڪيلي سِتاري جيان شعاع ڪرڻ شروع ڪيو هو. هي تانيه ڪير آهي خبر ٿي؟ ظفر اڄڻ فهميده رياض کي چيو هو جڏهن اسان کيس ساڻس ملهائهجندڙ شام جو دعوتنامون ڏيڻ ويا هئا سين جنهن ۾ هڪڙي ڳالهائيندڙ تانيه ٿيٻو به هئي
ان کان ڪجھ سال اڳ خبر پيئي ته اها شاعره تانيه ٿيٻو سنڌ جي ڪهاڻيڪار نسيم ٿيٻو، ۽ رسول بخش پليجو ( سياست ۽ سياسي نثر جو رسول غمزه توف) جي ڌيءُ، سنڌي ناول جي خاتون اول بادام ناتوان جي ڏهٽيءَ، اسانجي دوست مير ٿيٻي (مير ٿيٻي اسانجي نسل کي ائين پئي متاثر ڪيو آهي جيئين هڪڙي آمريڪي نسل کي جان لينن ۽ بوب مارلي يا بوب ڊيلن، ۽ ذاتي طور مونکي فرانسيسي دانشور ۽ اڳوڻي انقلابي ويڙهاڪ رجس ديبري، فلاسافر مشل فوڪو ۽ زاهد مخدوم، سيف ٻنوي) جي ڀاڻيجيِ، ۽ منهنجي پياري مان پياري دوست اعجاز منگي جي پو جيون ساٿياڻي اسانجي دوست انيتا جي نويڪلي ۽ وڏي ڀيڻ آهي. ابو هن مهل يادن جي درين مان ڪيڏو نه وڏڦڙو اچي من جي ڪچي ڪوٺي کي آلو ڪري رهيو آهي. بس فقط هڪڙي ساروڻي؛ روزي ڪارنر تي مونکي منهنجو پيارو امداد چانڊيو وٺي ويو هو. اها اعجاز منگي سان دوستي کان گهڻو اڳ جي ڳالھ آهي. ذولفقار علي ڀٽي کي ڦاسي کان ٿورو پوءِ. تڏهن ضياالحق جا جاسوس ۽ گسٽاپو امداد کي ڳولڻ لاء نوس نوس ڪندا وتندا هئا ۽ امداد مزي سان گهمندو وتندو هو پنهنجن سياسي ڪمن ڪارين سان. هن جي ٽيپ سدائين سندس ورن ۾ ٿميل هوندي هئي يعني مارشل لا مخالف سائيڪلواسٽائيل پئمفليٽ ۽ اخبارون. شيخ اياز چوڻي "اڄ به گسٽاپو گهر گهر وجهي ڪنبڻي". روزي ڪارنر تي منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات هن "خوشخصلت خاتون“ جي سرجڻهار امان بادام ناتوان،۽ هن پٽن مير ٿيٻي، ۽ مختيار سان ٿي هئي. بادام ناتوان ڪيڏي نه قربائتي ۽ مامتا سان ڀرپور خاتون هئي. ساڳيو مختيار پڻ. بادام ناتوان چوي ابا توهان منهنجي پٽن ۽ منهنجي ڌي جهڙا آهيو.۽ مختيار منهنجي وڌيل هپي ڏاڙهي ڏسي چوي مونکي ڏاڙهين کان بڇان لڳندي آهي.ڪوڙين ڇو نه ٿو؟" سچي ڳاله ته اها آهي مونکي ڪيئن ڪم تڏهن ڪانه ايندا هئا يا انهن کان بور ٿيندو هوس انهن ڪمن ۾ روز يا هر ٽين چوٿين ڏينهن ڏاڙهي لاهڻ به شامل آهي. جيئين سائيڪل هلائڻ ۽ ڊرائيونگ ڪرڻ، سموري اسپورٽس، ۽ اخباري رپورٽنگ ۾ ڪنهن نام نهاد شخصيت ( اها ٻي ڳاله آهي سڀ شخصيتون ٿينديون ئي نا نهاد آهن) جي پويان ڪڍ لڳي خبر لا سوال پڇڻ يا هنکي فون ڪرڻ.
سو منهنجي ڏاڙهي تي هر هر بڇان کائڻ واري مختيار کي بادام ناتوان چيو جي توکي هن جي ڏاڙهي ايتري به نه ٿي وڻي ته تون پاڻ ڇو نه ٿوڪوڙينس. پو مونکي آئينو ڏيندي الا ڪيڏي پيار ۽ چرچن سان مختيار پاڻ پنهنجي هٿن سان ڏاڙهي ڪوڙي هئي. بادام ناتوان ماني کارائي هئي، چانھ پياري هئي. اڄ تائين نه ٿو وسري. هو بارش ۾ نازبوءُ جي خوشبوءُ جهڙو ماڻهو مختيار ٿيٻو،ڪاڏي ويئي بادام ناتوان، ڪاڏي ويئي نسيم ٿيٻو جنهن منهنجي دوست آغا سعيد کي آٽو گراف ڏيندي لکيو هو " وتايو فقير سنڌ ۾ روز روز پيدا نه ٿيندو. سگهارو ره وڻ جيان ڪامريڊ!" سوچيان ٿو مختيار جهِڙا ماڻهو به ته وتايي جهڙا هيا ۽ هنن جي ماء وتايي جي ماءُ جهڙي جنهن چيو هو پٽ هرڪو پنهنجي جهنم جو ٽانڊو پاڻ سان هن دنيا مان ئي کڻي وڃڻو هوندو آهي. مير ٿيٻي کان مون هڪ ڪتاب رجس ديبري جو "اسٽريٽجي آف ريووليوشن" اڌارو ورتو هو. اها روزي ڪارنرتي شايد منهنجي آخري شام هئي. گهڻن ڏينهن کانپو مير جي ڳولا ۾ روزي ڪارنر تي فوجين ڇاپو هنيو هو شايد هو مير عيوض مختيار کي کنڀي کڻي ويا هيا..
گهڻا سال پوءِ جڏهن منهنجي اعجازمنگي سان دوستي ٿي ته ڄڻ هڪ ٻي عجيب دنيا سان دوستي ٿي. يعني تنهنجي دنيا ست رنگ سانول. مان هن سان گڏ ڄامشوري ميڊم نسيم ٿيٻو جي گهروييدو رهيس. جتي منهنجون تانيه ۽ انيتا سان ملاقاتون ٿيون. هنن جي ڊرائنگ روم ۾ چي گويرا جي هڪ منفرد رنگن ۽ خاڪن واري پوسٽر سان گڏ البر ڪاميو ۽ دوستووسڪي (جنهن جو هاڻ منهنجو پٽ وڏوڪتابي ڪيِڙو آهي) جا کوڙ سارا ڪتاب به هيا. مونکي اعجاز ٻڌايو ته اهي گهڻا تانيه جا آهن..
سوڳالھ تانيه ۽ هن جي شاعري کان ٿيندي يادن جي ور چڙهي ويئي.خدانخواسته تانيه انڪري شاعره نه هئي جو هن جا ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا وڏا شينهن هئا پر هوپنهنجي وات وڪيل هئي. ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي. بس هو به ڪروڙين عورتن جيان نسيم هجي يا بادام ناتوان يا منهنجي گهر جو مايون مردن جي ٺاهيل دنيا، ڄڻيل اولادن، گهڙيل ڪهاڻين، شاعري توڻي گارين ۽ لطيفن (جن جو مرڪز عورت ئي هوندي آهي) ۾ وڏي مان ۽ شان سان پنهنجو پاڻ مڃرائڻ يا رڳو وجود مڃرائڻ جي جنگ ۾ رڌل ٿين ٿيون. ڪاش اها دنيا عورتن جي ئي ٺاهيل هجي ها.
تڏهن تانيه جي شاعري انهن ڏينهن ۾ پڙهي مونکي هڪڙو اهڙو آئينو به لڳي هئي جنهن ۾ ڄڻ ته اهي نظم مرد جي ٺاهيل دنيا کي آئينو ڏيکاريندا ھجن. هن جي شاعري ۾ مونکي ڪجھ ڪجھ رنگ تڏهن گمنامي مان شهرت ۾ ايندڙ جوان جماڻ هندي شاعره گيتانجلي جي شاعري ياد ڏياري رهيا هيا. ۽ هاڻ وري انهي ئي تانيه جي شاعري اوهان ۽ منهنجي هٿن ۾ آهي. سٺوٿيو تانيه ڪيتري عرصي کان پنهنجي پڙهائي، پڙهائڻ ، اليڪٽو ازم ، گهر گرهستي جي سانگن سان سنڌ ڇڏي ملڪ جي اتر پار نڪري ويئي. اسان سنڌي ڏال ڏيڏرن جي دنيا مان نڪتي . ڇو ته رڳو سنڌ ديس جون ئي واٽيون ڦلن ڇانيون ناهن ڄام شوري کان به گهڻو اڳيان گهڻو هوائون پاڳل آهن پر پياريون آهن. پر ڄامشوروڄامشورو آهي. انڪري جتي هن جي هِن شاعري ۾ ڄامشورو پنهنجي هوائن ۽ پاڻين سميت پينٽ ٿيل آهي اُتي هن جي شاعري ۾ مونکي پوٺوهاري ، ڪشميري ،پهاڙي لوڪ گيتن جو روح به پرڙا هڻندي لڳا. هن ڀيري هن جي شاعري ۾ رڳو سنڌ جي اجرڪ جا ميرانجهڙين نيريين ڦلڙين جا عڪس ڪونهن پر بادل ، پهاڙ، پکي، پرديس، وڻ، چارئي رتون، کوڙ سارا مينهن. بلڪل آمريڪي شاعره ايريڪا جونگ جي ڪويتائن جي ياد ڏياري ٿي.
ڪنھن جي دل تائين رَسڻ يار،
ڪڏھن سؤلو نه ھُيو.
موٽي آيا سين ڪئي وار،
جتي ڍوليو نه ھُيو
يا جيئن
اي ھوا پيرا کڻي،
تنھنجا ڪٿي پھتي آن مان.
ڇا خبر تون ساٿ ڏيندئي،
يا ھتان موٽي وڃان؟
تانيه جي هن ڳٽڪي (مجموعي) ۾ نظم نه فقط مينهن ڪڻين جا وسن ٿا پر هتي هن جا ڪيترائي نظم آرٽ جي تاڃي ۾ آهن. جيتوڻيڪ هن شاعري ۾ پنهنجو پراڻو انقلابي رنگ جڳھ جڳھ ڪونه ڇڏيو آهي پر هن پنهنجو عورتپڻو يا (ومين هوڊ) به ڪونه وساري آهي. هڪ ڪڏهن به آڻ نه مڃيندڙ عورت پڻوجيڪو دنيا جي جديد شاعري ۾ سلوايا پلاٿ کان وٺي ايريڪا جونگ تائين جي شاعري ۾ ۽ اسانوٽ هاڻوڪن ڏينهن ۾ سحر امداد کان وٺي عطيه دائود امرسنڌو کانوٺي روبينه ابڙو ۾ يا اردو ۾ فهميده رياض کان وٺي ڪشور ناهيد ۽ عذرا عباس کانوٺي نسرين انجم ڀٽي تائين ملي ٿو. الا نسرين انجم پنجابي جي به سهڻي شاعره هئي. ۽ هن قطار ۾ ملڪه ميرا پيرزادوز ۽ پشپا ولڀ کي ڪئين ٿوڪڍي سگهجي.پر پنهنجي جنس ۽ جنسيت جو فنڪاراڻا اظهار جيڪو تانيه جي شاعري ۾ ملي ٿو اهو نه فقط هن جي لهجي کي منفرد بڻائي ٿو پر لفظن کي زنده ۽ محترڪ رکي سنڌي شاعري کي نوان رنگ به ڏيئي ٿو وڃي. هن پدراڻي ۽ ڪنڪري ويل مرداڻي سنڌي سماج ۽ ادب جي هاڻ بيٺل سينوريل پاڻي ۾ اهو وڏو پٿر ته پنهنجي جاءِ آهي ئي آهي پر ڪنول بڻجي ڀي کڙي بيهي ٿي هن جي شاعري. ۽ اهو ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي.
پڙهند ڙو يڪ ڪنا! اجهو هو هئين چئي ٿي وڃي
اڄ اماوس رات آ،
۽ پِرينءَ جو گھر پري آ.
عڪس ڏسبو آسمان ۾،
جي پِريئن جو گھر پري آ.
.
يا وري هڪ يادگيري جي لڪيرن کي لفظ ۾ هئين مصور ٿي ڪري:
احساس جيان ھو،
ھُو ساھ جيان ھو.
ھر شئ کان سُبڪ رُوھو،
رفتار جيان ھو.
جيڪو پھريون دفعو ٿيو ھجي،
ان پيار جيان ھو!
۽ هي نظم:
ھوءَ ڇوڪري،
خوابن جي نگرئَ ۾،
پھرين به رھندي ھئي،
ھاڻي به رھندي آ.
بادل برسي ته روئندي آ،
کنوڻ کلي ته کلندي آ،
تارن جي وچ ۾ رھندي آ،
چُنري جا ويڙھي ھلندي آ،
تارن کان اوڌروٺندي آ.
مٿيون نظم جي هي هيڏي تاڪيا پٽ نه به ڪيان ته اهڙي شاعري جي تعارف لا ڪافي هئي. ڳالھ هن جي شاعري جي ناهي ڳالھ هن جي ڳالھ جي آهي جيڪا هو هڪڙي سٽ ۽ ڪجه سٽن ۾ ڪائنات سان ڪري ٿي وڃي.
ھڪ اجنبئَ جي اَکڙين ۾،
مون ڳولھيو پنھنجي پاڻ کي.
پنھنجي بند مُٺُ ۾،
رات واري سپني کي.
هن جو ساڳيو نظم ڪجھ سٽن ۾ پابند به آهي ته ڪٿي ڪجھ سٽن ۾ نثراڻو نظم.
پر هن جي پابند نظم ڪيڏي موسيقيت آڻي ٿو.
پکي پرديس کان ايندا،
انھن جي سار تون لھجان.
پکي پرديس کان ايندا،
انھن جا ٻول تون ٻڌجان.
پکي پرديس کان ايندا،
انھن کي پيار سان پَسجان.
پکي پرديس کان ايندا،
انھن جا پر نه تون پٽجان،
پکي پرديس کان ايندا،
نه تن کي قيد ۾ وجھجان.
پکي پرديس کان ايندا،
انھن جي سار تون لھجان.
اهو سڄو حساب ڪتاب پاڻ پياري سانئين امداد حسيني تي ڇڏيونٿا.هن ڪيو هوندو سندي مهاڳ ۾.
۽ هو هڪ اڄاتي نگر جي ڳالھ هئين ٿي ڪري:
ھل ته اُن پار ھلون،
جتي تون ويو ھين،
نه مان وئي ھان.
انھن مستين تي،
انھن بلندين تي،
جتي تون ويوھين،
نه مان وئي ھان.
وري هڪ هنڌ چوي ٿي:
ٻيو سڀ ڪجه ٻين جهڙو آهي
خواب اسانجا باغي آهن.
هڪ شاعره جي من جو آواز ڪٿي اندر جنين اڌ واري عورت جي سئن به آهي
سنڌ جيڪوڪاري ڪاري جو ديس آهي. عورت دشمن آبادي آهي.انهي ۾ سنڌي ٻولي جي هي شاعره رد ڪد ٿي ڪري انهي نفي جي صورتحال کي جنهن ۾ بقول ايازهن ديس سڄي کي سائي آ.
ھُو چون ٿا عورتن تي،
ظلم جو ڪو وجود ناھي.
روزڪُٺجن ٿيون روز مرن ٿيون،
پر ھُو چون ٿا عورتن تي،
ظلم جو ڪو وجود ناھي.
رتي جي دانهن به. ته وري ڪٿي
جيئين ڄامشوري جون هوائون رڳو "اڙي شهر جانان جون توکي" تنوارون نه هونديون آهن پر انهن ۾ ڌرتتي مهل ڌرتي سان ڏاڍ تي للڪارون به آهن جن کانسوا ڄڻ ته سنڌي شاعري اڻپوري ڀاسندي آهي.
سِنڌؤَ جي آئيني ۾،
پنھنجو مُکُ پَسيِ ڏس.
ڪيڏا قرض ڪُلھن تي آھن،
پنھنجو پاڻ پُڇي ڏس.
اڄوڪي شاعري هن سائبر اسپيس جي زماني ۾ اسپيس اوپيرا جي صنف تائين وڃي پهتي آهي. نيويارڪ جي سينٽرل پارڪ ۾ پن ڇڻ جا هزارين رنگ رتا آهن مان هي تانيه جي ڪتاب تي هي بيان هتي بند ٿوڪيان. هن ڪتاب جي ئي هڪڙي نظم جي انهن سٽن سان:
رُومئ جي رِلِھي ويڙھي،
بس ھاڻ رُلڻ ڏي.
جي درد مِليا دل کي،
تن تي به کِلڻ ڏي.
انهي آس سان ته جڏهن جديد سنڌي شاعري جي تاريخ سڀان جو مورخ لکڻ ويهندو ته ان ۾ هڪڙي نئين واٽ تانيه جي شاعري جي گلن سان ڇانئيل هوندي. اها واٽ جنهن تي شاعري جو هي قديم جديد سفر سيفو کانوٺي فروغ فروخزاد تائين ٿيندو رهيو آهي. پر هاڻ ڳالھ رڳو هڪ يا ٻين ڌرتي جي ناهي ڪيئين ڪائناتن جي آهي. رومي کي اها سڌ هئي ته جا سهسين رنگن واري رلهي پنج سو سال اڳ قونيا ۾ وڇائي هئي اها سنڌ ۾ ويڙهي ويندي.
ويڙهي وري کولي ويندي. ته بس دوستو ٽوئٽر کان وٺي ڦرندڙ درويشن تائين هي سفر جاري آهي جاري رهندو.
.
حسن مجتبي
نيويارڪ
نومبر ويه سو سورنهن
خواب ھيا زنجير جيان
خواب ھيا زنجير جيان
جون ايليا پنھنجي شاندار شعري مجموعي “شايد” جي شاندار پيش لفظ ۾ لکيو ھو ته “منھنجي ماحول ۾ شاعري پيغمبريءَ جو جُزو نه پر پوري پيغمبري مڃي ۽ سمجھي ويندي آھي.” جون جي خاندان ۾ ڪيترائي شاعر، اديب،فلسفي، آرٽسٽ ۽ سياسي ماڻھو ھئا ۽ مٿين ڳالھ مون کي ان وقت ياد آئي جڏھن مون کي تانيا ٿيٻو جي شاعري پڙھڻ لاءِ ملي. تانيا جو تعلق به اھڙي ئي خاندان سان آھي جتي شاعري، ادب، فلسفا، سياست ۽ آرٽ روزاني جي معمول ۾ ائين ڊسڪس ) ٿيندا آھن جيئن عام گھرن ۾ لٽن ڪپڙن، کاڌي پيتي، ٽي وي ڊرامن، فلمن ۽ موبائيلن جو ذڪر ٿيندو آھي. اھڙي ماحول ۾ ڀلا تانيا ڪيئن نه لکي ھا ذھين ٻارن جي ڳالھين جھڙيون ڪويتائون جيڪي وڏن جي وڏين ڳالھين ٻُڌڻ کان پوءِ لھجي ۾ پاڻھي شامل ٿي وينديون آھن. تانيا کي ادبي ماحول ضرور مليو پر پوءِ به ھن جو لھجو ۽ اسلوب پنھنجو آھي جنھن تي ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جو اثر ناھي. اھا سندس اوريجنلٽي ئي سندس خوبي ۽ ڪاميابي آھي.
نه آھيون اسان
محبتن ۾ موٽ جا قائل
پيار پڙاڏو ته ناھي
جو موٽي ملي
(نظم پڙاڏو)
تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. تانيا ھڪ گھڻي پڙھيل، سمجھدار ۽ مھذب خاتون آھي ۽ اھي سڀ ڳالھيون ھن جي ڪويتائن مان ظاھر ٿين ٿيون.
ھن پرچڻ ۾ جو دير ڪئي
مون پرچائڻ ئي ڇڏي ڏنو.
ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين. مون کي ھن جي ڪويتائن ۾ اھي شخص/ ماڻھو به نظر آيا جيڪي ھن جي زندگيءَ سان سلھاڙيل رھيا آھن. اھي جن مان ھن پيار جي تمنا رکي پر اھي ھن کي ڪجھ به نه ڏئي سگھيا. تانيا جو ھي نظم ڏسو:
پيار گھڙيون چار
ڏئي ڪونه سگھين تون.
ھڪ ڳالھ پيار واري
چئي ڪونه سگھين تون.
يا ٻئي نظم ۾ ھوءَ چوي ٿي ته:
جن جون ڳالھيون وروڪڙ
جن جو ڳالھيون ڪوڙ جو گھر.
سي راھ ۾ رولڻ کان سواءِ
ٻيو ڇا ڪندا؟ ٻيو ڇا ڪندا؟
ان کان علاوه تانيا جون ھي سٽون:
وڇريا ويڙھيچا
ڪنھن کان ڪھڙا پنڌ پڇان؟
پڙھي مون کي سندس ماءُ ادي نسيم ٿيٻو ۽ ڀاڀي انيتا ياد اچي ويا ۽ اھي سٽون عام سٽون ھوندي به تمام گھريون محسوس ٿيڻ لڳيون. ڪيڏي نه سادگي ۽ گھرائي آھي انھن سٽن ۾!! انھن سٽن جي گھرائي اھو ئي ماڻھو محسوس ڪري سگھندو جنھن جي جيون جي ٽاريءَ تان ڪي ويجھا ماڻھو گلن وانگر ڇڻي، ڪِري، جدا ٿيا ھوندا.
تانيا جي گھڻي شاعري نثري نظم واري آھي ۽ ان صنف ۾ شاعر جو سڄو فوڪس خيال/سوچ تي ھوندو آھي. تانيا جو پڻ فوڪس خيال/سوچ تي آھي. ھن جا نظم اھڙي تصويرن جھڙا آھن جن ۾ ڪنھن خيال کي چِٽو (فوڪس) ڪيو ويو ھجي. ۽ باقي بيڪ گرائونڊ ڊي - فوڪس ھجي پر ڪجھ جڳھن تي ھن جي شاعريءَ ۾ ڪافي ترنم ۽ نغمگي پڻ آھي. تانيا جا ھي شعر ڪھڙا نه چڱا آھن:
سارو من مُرڪي پيو آھي،
اڄ رات گُھلي آ ھير جيان.
اڄ تارا ٿا اُڀ ۾ ڏسجن،
ڄڻ ڏيئن جي تصوير جيان.
تن من کي ويڙھي ويٺاھن،
اڄ خواب ھُيا زنجير جيان.
مان اميد ٿو ڪريان ته تانيا پنھنجو شاعراڻو سفر جاري رکندي ۽ اڳتي اڃا وڌيڪ مترنم شعر لکندي رھندي.
سنڌيءَ ۾ عورت شاعرائن اڪثر پنھنجو اظھار نثري شاعريءَ ۾ ڪيو آھي. انھن ۾ عطيه دائود، امر سنڌو، پشپا ولپ، شبنم گل، ملڪه، ميران ۽ ٻيون شامل آھن. عطيه دائود جي نظمن جو ته انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آھي. پر اسان وٽ ٿوريون ئي سھي پر اھڙيون شاعرائون به آھن جن پابند شاعري به ڪئي آھي. اھا ڪنھن به لحاظ کان مرد حضرات جي شاعريءَ کان گھٽ ڪونھي مريم مجيدي، سحر امداد،، نظير ناز روبينه ابڙو، رخسانه پريت، سيما عباسي ۽ ٻيون پابند شاعريءَ ۾ پاڻ مڃائي چڪيون آھن. انھن جي شاعريءَ ۾ پاڻ مڃائي چڪيون آھن. انھن جي شاعريءَ جون ڪجھ جھلڪيون توھان به ڏسو!
رت ٽمندو رھيو
لاٽ ٻرندي رھي
پير وڌندا رھيا
دڳ ڊھندا رھيا
واٽ ٺھندي وئي-
(سحر امداد)
مليو ھو رقص جو موقعو
سڄو عالم نچايو سين
ھزارن جي ھجومن ۾
اوھان ڏي ئي نھاريو سين
گھڻي ويجھي ھئي لاحد
قدم اڳتي وڌايو سين
(روبينه ابڙو)
تانيا نثري ۽ پابند ٻنھي صنفن ۾ شعر لکيا آھن ھن جي پابند شاعريءَ مان ھي سھڻيون سٽون ڏسو!
بس خاموشيءَ جي ٻولي ۾
ڇا ڇا ڪو سمجھائي ويو!!
“خاموشيءَ جي ٻولي” ڪھڙو نه خوبصورت استعار آھي! خاموشي جي ٻولي فقط اھي انسان سمجھي سگھندا آھن جن کي قدرت ڏات جو تحفوعطا ڪندي آھي. تانيا جو شمار به اھڙن انسانن ۾ ٿئي ٿو جيڪي خاموشيءَ جي خوبصورت ٻولي ٻُڌي ۽ سمجھي سگھندا آھن. اھا ٻولي ٻڌڻ لاءِ ظاھري ڪَنَ ڪافي ناھن ۽ خوبصورتيءَ جو اصل جلوو پسڻ لاءِ ظاھري اکيون ڪافي ناھن، ان لاءِ لطيف سائين فرمايو آھي ته:
ھي ڪن ڏيئيِ گاڏھان، ٻيا ڪَنَ ڳنھيج
جنين ساڻ ٻُڌيج! پريان سندي ڳالھڙي
يا وري ھي بيت ڏسو:
ديک ته تون سيني تن، ھِي جي مجازياڻيون منھن ۾
ڪين سُڃاتو سُپرين، نھاري نيڻن،
پرين سي پسن، ٻيئي جنين ٻُوٽيون.
ھن وقت ھي سٽون لکندي مون کي شيخ اياز جو اھو آزاد نظم ياد اچي رھيو آھي ته:
تون نه سِکِئين رابيل جي ٻولي،
۽ نه گلاب جا ٻولَ ئي ڄاڻين،
جو پٿر جي ڇاتيءَ ۾ آ،
درد انھيءَ کي تون نه سڃاڻين.
سو اھي سڀ ڳالھيون ياد ٿيون اچن تانيا جي شاعري پڙھي. اھا تانيا جيڪا خاموشيءَ جي ٻولي ٻڌي ٿي. ڏٺل جو نه آھي اُھو ڏسي ٿي ۽ اڻ ٻُڌل ۽ ان ڏٺل کي شاعريءَ ۾ بيان ڪري ٿي. شاعري جي سونھن انھيءَ ۾ آھي ته اھا بيان نه ڪندي به بيان ڪندي آھي نه چوندي به چوندي آھي ۽ نه ڳالھائيندي به ڄڻ ڳالھائيندي آھي. شاعري غير محسوساتي نموني ماڻھن کي محسوس ڪرائيندي آھي اھو سڀ ڪجھ جيڪو ظاھر نه آھي. اھا شاعريءَ جي ڪرامت آھي ته اھا نه چوندي به سڀ ڪجھ چئي ويندي آھي.
تانيا جو شعري مجموعو موجوده سنڌي شاعريءَ ۾، خاص طور تي عورتن جي شاعريءَ ۾ ھڪ سٺو اضافو آھي. ادبي حلقن کي ان جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ کپي ۽ ھن جو آواز غور سان بُڌڻ گھرجي. مان غور سان وارا لفظ ان ڪري لکيا آھن ڇو ته ڪجھ سھڻا آواز ھلڪا ھوندا آھن. اھي واڪا ناھن ھوندا. انھن کي غور سان ئي ٻُڌبو آھي. تانيا جي
شاعريءَ جي سونھن به اھائي آھي ته اھا واڪو نه پر سُرٻاٽ آھي. اھڙو سُرٻاٽ جيڪو محبوب جي ڪنن ۾ ڪبو آھي.
[b]مسرور پيرزادو
28 سيپٽمبر 2016
ڪراچي
[/b]
۽ مان شاعري
۽ مان شاعري
منھنجي نظر ۾ شاعري ادب جي صِنفِ نازڪ آ. جيڪا اسان کي اندر جي احساسن جي دنيا ۾ ھٿ پڪڙي وٺي وڃي ٿي ۽ چوي ٿي ته ڪنھن شئي کي ھيڏي ھوڏي ناھي ڪرڻو احساس پوپٽن جيان ھوندا آھن جي انھن کي پڪڙڻ يا قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته اھي بي رنگ ۽ بي لباس ٿي ويندا، مري ويندا گُلن جي پنکڙين جيان ڇڻي پوندا سرءُ ۾ پنن جيان ٽارين تان ۽ ٻيو ڪجھ به نه ته رنگَ ھٿن تي ڇڏي اُڏامي ويندا. احساسن جي دنيا اھا دنيا آھي جيڪا شيشي جي ديوارن اندر قيد آھي. شاعري اسان کي ان دنيا جو ديدار ڪرائي ٿي.
.جڏھن مان سمجھ ڀري ٿيس ته مون پنھنجي گھر ۾ ڪتابن ۽ رسالن جا انبار ڏٺا جيڪي امان جا ورتل ۽ گڏ ڪيل ھئا. ھڪ طرف انھن ۾ سمورو رشين ڪلاسڪ ادب ھيو ته ٻئي طرف سمورو سنڌي ادب. انھي ڪري مون ننڍي ھوندي ٻين ٻارن وانگر ٻارن جون ڪھاڻيون پڙھڻ جي بدران دوستووسڪي ۽ ٽالسٽائي جا ناول، چيخوف ۽ پُشڪن جون ڪھاڻيون ۽ پُشڪن جي رومانوي شاعري پڙھي. ٻئي طرف ان دور جي مشھور سنڌي رسالي سُھڻي ۾ مشھور سنڌي ليکڪن نسيم احمد کرل، نورالھدى شاھ، امر جليل، مھتاب مھبوب، علي بابا، آغا سليم کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين اديبن، اديبائن جون ڪھاڻيون به مون ننڍي ھوندي ئي پڙھي ڇڏيون ھيون. مان ۽ منھنجي ڀيڻ انيتا سھڻي رسالي جا سڀ شمارا پهرين صفحي کان آخري صفحي تائين پڙھندا ھئا سين. ايتري اَدبي ماحول ۾ رھندي دل ۽ ذھن تي ان ادب جو ديرو ٿيندو ويو جيڪو اندر جي احساسن ۽ معاشري جي خوبصورت عڪاسي ھيو. وقت سان گڏ ذھن ۾ اھڙا اڻمِٽ چِٽَ ٺھندا ويا جن اڳتي ھلي ڪڏھن خوابن جو روپ ڌاريو ته ڪڏھن خواھشن جو ۽ ڪڏھن ڪھاڻي ته ڪڏھن شاعريءَ جو.
ڳالھيون يادون بڻجي وينديون،
۽ پو۽ خوابن ۾ ڀي اينديون.
ٻار ننڍي ھوندي نرسري رائمس ۽ پرين جي ڪھاڻين مان اظھار جا ذريعا سکندو آھي پر مون اھي معياري ادب جي ڪھاڻين ۽ شاعريءَ کان سکيا. ننڍڙيون ننڍڙيون ڪھاڙيون، ڊراما لکڻ، شاعري ڪرڻ ۽ ڊائري لکڻ معمول بڻجي ويو. ھڪ طرف ھيا ادب جا اھي شاھڪار ۽ ٻئي طرف ھيا امان جي پسند جي تمام مَڌُر ۽ معياري خوبصورت گانن جا سُرَ ۽ انھي سان گڏ ھئي ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعري. امان پراڻن انڊين گانن کي بيحد پسند ڪندي ھئي اسان جي گھر ۾ ھر پراڻو انڊين گانو ھوندو ۽ ٻڌ بو ھُيو. امان کي لتا، آشا، ڪشور ڪمار، محمد رفيع، گيتا دت، ثُريا جا گانا بيحد پسند ھيا ان دور جو ڪو به گانو ڪونھي جيڪو اسان جو نه ٻُڌل ھجي.
امان اڪثر انھن بيحد خوبصورت گانن کي پنھنجي سريلي آواز ۾ پئي ڳائيندي ۽ جھونگاريندي ھئي. امان مونکي اڪثر چوندي ھئي ته مون ته ڪڏھن شاعري ناھي ڪئي توکي شاعري جي ڏات تنھنجي پيءُ مان آئي آھي. لکڻ جو اھو سلسلو طويل عرصي تائين ھلندو رھيو پر پوءِ جڏھن مونکي مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ته اھو سلسلو ٽُٽُي ويو اليڪٽرانڪ انجينيئرنگ جي چار سال پڙھائي ان کان پوءِ ذري گھٽ ھڪ ڏھائي جي ٽيچنگ دوران لکڻ پڙھڻ جو سلسلو اسائنمينٽس لکڻ ۽ ليڪچر تائين محدود ٿي ويو جنھن جو ادب سان پري پري تائين ڪو به واسطو نه ھو.
جئين پکي وري نِما شام جو پنھنجي آکيرن ڏانھن موٽندا آھن تيئن مان به ڪيترن ئي سالن جي وِٿيَ کان پوءِ پنھنجي اصل آستان ڏانھن موٽي آيس. ۽ ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجي پھرين پيار يعني لکڻ ۽ پڙھڻ سان جُٽجي ويس. شاعري احساسن ۽ جذبن جي غير شعوري ترجمانيءَ جو نالو آھي. جيئن خوابن ۾ ربط گھٽ ھوندو آھي. تيئن شاعري به گرامر جي اصولن ۾ ائين جڪڙيل نه ھوندي آھي جيئن عام رواجي ڳالھائي ويندڙ ٻولي. چوندا آھن موسيقي روح جي غذا ھوندي آھي. پر شاعري اسان جي روح جي عڪاس ۽ اسان جي اندر جو آئينو ھوندي آھي. منھنجي لاشعور ۾ جيڪو ڪجھ ھيو ۽ آھي اھو ڪجھ خوابن کي مليو ته ڪجھ شاعريءَ کي.
اسان جي زندگيءَ ۾ امان جي رئي جي جھلمل ڇانو ھئي جيڪا ڪئي پوپٽن جي رنگن سان چٽيل، ڪئي گلن جي خوشبو ۾ واسيل ھئي. امان جيڪا دنيا اسان کي ٺاھي ڏني ھئي اھا احساسن جي دنيا ھئي رنگن ۽ سنگيت جي دنيا ھئي جتي منھنجي سماعتن، گيتن جي صورت ۾ احساسن جا اھڙا جلترنگ وڄندي ٻڌا جو منھنجي اندر ۾ به لفظ جاڳي پيا ۽ شاعري جو روپ ڌاري منھنجي لاءِ منھنجي اندر جو آئينو بڻيا.
سڄي عمر مان ھڪ رستي جي ڳولھا ۾ رھيم ۽ اھا ڳولھا منزل جي نه پر صحيح رستي جي ڳولھا ھئي. ڇو ته منزل جي ڳولھا تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن رستو صحيح ھجي.
وڃ چارڻ چنگ کي چوري چؤ،
۽ ڳالھ سموري کولي چؤ.
تون نڪتو آھين ڳولھا ۾،
ان رستي جي جو ڪنھن نه ڏٺو.
ھِن چارڻ وانگر مان ان رستي جي ڳولھا ۾ رھي آھيان جيڪو منھنجو پنھنجو ھجي.
۽ مون سفر شروع ڪيو ھوا جي زور کان پيچرا پڇڻ جو.
ڪنھن سڌي رستي سان منزل،
ناھ ملندي او چري.
اڄ ھوا جي زور کان تون،
سڀ پڇي ڇڏ پيچرا.
مون احساسن کي لفظ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته ھر احساس ضد ڪيو ته ھن کي به لفظ ڏنا وڃن. مون امان جي آخري گھڙيءَ تائين ڏٺل تڪليفن کي ھن نظم جي صورت ۾ لکيو:
اڄ جَڳَ کان خُلاصائي،
وڃي ھاڻ گھُرؤن ٿا.
ھِن درد کان پري ھا پري،
پاڻ ھلئون ٿا.
منھنجو ننڍپڻ جنھن دور ۾ گذريو اھو دور انقلابن جي جستجو ۽ بغاوتن جو دور ھو جيتوڻيڪ مان عملي طور تي انھي رستي جي مسافر نه ھيم پر منھنجي اندر ۾ به
“باطل جا بُت ” ڊاھڻ جي جستجو ھئي انھي ڪري ئي مون پنھنجي ھڪ نظم ۾ لکيو آھي.
ٻيو سڀ ڪجھ ٻين جھڙو آھي،
خواب اسان جا باغي آھن.
پر ڪڏھن ڪڏھن صرف خوابن ۾ ئي نه پر عمل ۾ به بغاوت اچي ويندي آھي ان جو ٿورو اظھار مون شاعري جي مروج گھاڙيٽن کي نظر انداز ڪري ڪيو آھي ۽ پنھنجي لفظن کي اھو روپ ڏنو آھي جيڪو ھنن گھريو آھي، ڪنھن گھاڙيٽي جي پابنديءَ کان سواءِ. منھنجي احساس ۾ وزن ھوندو ته اھو شعر ۽ بحر کي پاڻھي شڪل ڏيندو. برسات جي ان پاڻي وانگر جيڪو پيچرن تي صرف ھلندو ئي ناھي پر پاڻ به پيچرا ٺاھيندو آھي.
مون وٽ خيال کي، سوچ کي مقدص ۽ انفرادي حيثيت حاصل آھي. احساس جون پنھنجون گھرجون ۽ گھاڙيٽا به ھوندا آھن مان ائين نٿي چوان ته غزل، وايون نه لکجن گيت ۽ بيت نه لکجن ۽ گھاڙيٽن جي خوبصورتي جو فائدو نه وٺجي پر نواڻ ۽ جدت جي، نوان رستا ٺاھڻ جي، نئين واٽ وٺڻ جي ھڪ پنھنجي خوبصورتي آھي. گھاڙيٽا منھنجي شاعري ۾به آھن پرشايد انھن کي ڪو نانءُ ڪونھي. ۽ اھي ان انتظار ۾ آھن ته امداد حسيني جھڙا عظيم شاعر ۽ شاعري جا عظيم نقادَ انھن کي ڪو نانءُ ڏين.
زندگي ۾ ڪيئي ڪمين جي باوجود اھا خوبصورت گزري، ۽ گزري رھي آھي. منھنجي شاعريءَ ۾ به ان ڪري خوشي ۽ غم ٻنھي جاعڪس ۽ اولڙا آھن. ڪيترائي اھڙا شعر آھن جن ۾ ڄڻ ته مان پنھنجي ڳالھ ڪري رھي آھيان پر اھا صرف منھنجي ڳالھ ڪونھي.
لئه، سُر تال ۽ خيال مون وٽ وڏي اھميت رکن ٿا ۽ منھنجي شاعري به انھن عنصرن جو امتزاج آھي. مونکي خوامخواھ جي تُڪبندي پسند ڪونھي ان ڪري جيترو ٿي سگھيو آھي مون انھي کان پاسو ڪيو آھي.
تعريف ۽ تشريح اھو فريم آھي جيڪو شاعريءَ جي تصوير جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائيندو آھي. منھنجي شاعري به ان تعريف ۽ تشريح جي اڃان تائين متلاشي آھي ۽ ھميشه رھندي.
ٻين سڀني شين جيان شاعريءَ ڏانھن به مان امان جي ذريعي روشناس ٿيس. امان کي شاھ ڀٽائيءَ جي شاعري ڏاڍي وڻندي ھئي ۽ ھن کي شاھ جا ڪيترائي بيت ياد ھيا. جن ڪتابن جومون ذڪر ڪيو آھي انھن ڪتابن ۾ ھڪ ڪتاب شاھ جو رسالو به ھيو. امان کي شاھ جي رومانوي، انقلابي ۽ اتساھيندڙ شاعري بيحد پسند ھئي.
امان جي ڪجھ ڪھاڻين جا ٽائيٽل به شاھ جي شاعريءَ مان کنيل آھي جيئن “اُڀر چنڊ پس پرين”
مون ننڍي ھوندي لاشعوري ۽ غير محسوس طريقي سان انھن شين کي پنھنجي ذات جو حصو بڻايوجيڪي منھنجي گھر جي ماحول ۾ رچيل بسيل ھيون ۽ ان کان پوءِ شعوري طور تي انھن شين کي محسوس ڪيو ۽ اندر ۾ اوتيو. ۽ پوءِ آھستي آھستي منھنجي ماحول ۾ رچيل بسيل شاعري ۽ سنگيت منھنجي شاعريءَ جو روپ ڌاري ظاھر ٿيون.
ڏور انڌيارا ڪارا بادل منھنجي ان دور جو لکيل نظم آھي جيڪو ان دور ۾ Voices group جي خوبصورت آواز واري ڳائڻي شاھد ڀٽو ڳايو به ھيو.
عشق، مزاحمت ۽ انقلاب شاعريءَ جا پسنديده موضوع رھيا آھن. ھر شاعر انھن کي پنھنجي پنھنجي اصلوب ۽ انداز سان پيش ڪيو آھي ۽ ان ۾ شاھ ڀٽائي ۽ شيخ اياز کي ڪومات نه ٿو ڏئي سگھي.
جَرِ تَڙِ تِکَ تَوارَ، وَڻ ٽِڻ وائي ھيڪڙي
سَڀئيِ شيءَ ٿئا، سُورِيءَ سَزاوار
ھَمهَ مَنصورَ ھزارَ، ڪھڙا چاڙ ھئو چاڙھئين.
۽ شيخ اياز جو ھي شعر
“انڌو اُڀُ، انڌاري ڌرتِي، ڏيئا ڏيئا ڳاٽَ اسان،
لِيئا لِيئا لاٽَ اسان،
چوڌاري چمڪاٽَ اسان!”
مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري کانسواءِ ٻنھي شاعرن جي رومانوي شاعري به بيحد خوبصورت ۽ دل ۾ پيھي ويندڙ آھي.
“رات آئي وئِي، تون نه آئين ڪَھِي!
ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رئندي رَھي.”
شيخ اياز جي رومانوي شاعري ايتري ته خوبصورت آھي جو جنھن عشق نه به ڪيو ھوندو ته ان جي به دل چوندي ته ھو انھن احساسن جي بلندين کي ڇُھي جيڪي صرف عشق ۾ ئي ممڪن آھن.
“جنھن وقت ھَوا جي جھُلڪي ۾
ڪو گيتُ ٻُڌين،
مان توسان ھان!”
مان دور سَھي پَر ايندو ھَان
ڪا ريکا دور دنڌ لڪي ۾،
جنھن وقت ڏسين
مان توسان ھان
مون به عشق جي احساسن ۽ لمس کي شاعري جي پيراءِ ۾ لاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پيار سان لاڳاپيل ڪيئي جذبا ۽ احساس آھن جيڪي ھر رومينٽڪ شاعر جي شاعري جو موضوع رھيا آھن. نا اميدي، اوسيئڙو، بي اعتباري انھن احساسن مان ڪجھ احساس آھن.
پڪ نه آ ھو موٽي ايندو
پوءِ به دل کي اوسيئڙو آ
گيڙو رتڙا ڪپڙا پائي
رُليو گھٽين ۾ اڄ جيئڙو آ.
اعجاز منگي مشھور سنڌي شاعره روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي مجموعي “قدم کان عدم” تائين جي مھاڳ ۾ لکيو آھي:
“اھو به ھڪ عظيم الميو آھي” ته محبت جي سموري سنسار کي پنھنجي بي انتھا باريڪين سان سمجھندڙ عورتن شاعري طرف ڌيان نه ڌريو. شايد ان جو ھڪ ڪارڻ اھو به آھي ته عورتن سدائين اھو سمجھو ته محبت سمجھڻ يا سمجھائڻ جي ڳالھ ته آھي ڪونه! اھا ته ڪرڻ جي شئي آھي....... اھو سوچي عورتن محبت ڪئي شاعري نه ڪئي!
اھآ ڳالھ به ٿي سگھي ٿي پر منھنجي خيال ۾ عورتن شاعري ان ڪري به گھٽ ڪئي آھي جو شاعري ڪھاڻين ۽ ٻئي ادب جي نسبت اندر جي اڌمن ۽ احساسن جو سِڌو سَنون اظھار ھوندي آھي ۽ اسان جي پدرانه معاشري ۾ عورتن کي ھميشه سڌي اڻ سڌي طرح پنھنجي احساسن کي لڪائڻ جي تربيت ۽ تنبيھ ڪئي ويندي آھي. شاعري ته گھڻي ڀاڱي ھڪ مڪالمو آھي جيڪو سنئو سِڌو اندر جي آواز بڻجي نڪرندو آھي ۽ سماعتن جا اھي رستا ڳولھيندو آھي جيڪي دل جي دنيا ۾ کٽندا ھجن.
منھنجي لاءءِ به اھو مشڪل رھيو آھي ته پنھنجي اندر جي انھن احساسن کي شاعري جو روپ ڏيان جن جو پيار سان ڪو تعلق ھجي پر پوءِ به مون به اھڙن احساسن تي شاعري ڪئي آھي. ھوئن به پيار ھڪ بين الااقوامي فنومِنن آھي.
اڄ اماوس رات آ
۽ پريئن جو گھر پري آ
عڪس ڏسبو آسمان ۾
جي پريئن جو گھر پري آ.
ڪٿي ڪٿي پيار ۾ انڪار تي بي باڪ اظھار به آھي.
پيار گھڙيون چار،
ڏئي ڪونه سگھين تون.
ھڪ ڳالھ پيار واري،
ڪري ڪونه سگھي تون.
ھجتون ۽ ڏوراپا به پيار جو لازم حصو آھن ان ڪري ئي منھنجي شاعريءَ ۾ به ڪٿي حُجتون آھن ته ڪٿي ڏوراپا:
ڄاڻَ پِرھ جو باکَ ڦُٽي آ،
ڏس تو ڪيڏي دير ڪئي آ.
ھڪ ٻئي شعر ۾ حجت ڀريو طنز به آھي:
او وَڻَ ويڙھيِ،
تنھنجي ڪھڙي،
ڳالھ ٻُڌي آ ھُنَ
تخليق جي ڏيھ ۾ سڀ کان وڏي تخليق خود ھن ڪائنات ۽ پوءِ انسان جي تخليق آھي ۽ ھڪ تخليقڪار کي ڪائنات جي ڪينوس جي ھڪ سڀ کان خوبصورت چتر يعني ڌرتي ۽ قدرت جي گھڙيل ٻين خوبصورتين سان پيار نه ھجي اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ۽ ان ڪري منھنجي شاعري ۾ توھان کي قدرت جي ساراھ جا ڪيئي عڪس ملندا.
جاڳي پئُه جيئڙا،
ساوڻ ۽ سيئڙا.
روز روز ته نه ايندا.
مستي ۽ مينھڙا،
روز روز ته نه ايندا.
ڪيترا ئي دفعا ائين ٿيو ھوندو ته دل اڏرڻ چاھيو ھوندو ڪڏھن دنيا کان ۽ پنھنجي پيارن کان پري ته ڪڏھن پنھجو پاڻ کان ته ان وقت شيخ ايازجو ھي بيحد خوبصورت شعر ضرور ياد ايندو آھي.
پونءِ نه ايندي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندو سانءِ،
الا مان اڏري ويندو سانءِ!
انھي احساس کي مون شعر جو روپ ڪجھ ھيئن ڏنو آھي
پَنک پکيڙي اُڏريو پنڇيِ،
منھنجي دل ھِرکائي ويو.
شاعريءَ کي لئه ترنم ۽ تڪ بندي خوبصورت بڻائيندي آھي پر ڪڏھن ڪڏھن خيال جو اظھار ئي ڪافي ھوندو آھي جيئن:
تنھنجي اکين ۾،
نظر اچن ٿيون.
اھي ساريون ڳالھيون،
جيڪي ڪڏھن صرف،
زماني ۾ ھيون.
تشبيھون ۽ استعارا شعرن جي ٽُڪ ۾ ٽانڪجي بيحد خوبصورت لڳندا آھن ۽ مون به انھن کي ڪيترن ئي شعرن ۾ استعمال ڪيو آھي.
رات گُھلي آ ھير جيان
يا جيئن:
رُسڻ به ڄڻ ڪا راند ھجي جو،
روز رُسي ۽ پرچي ٿي دل.
ھڪ ٻئي شعر ۾:
تنھنجيون اکڙيون نِيل ڪَمل،
منھنجيون اکڙيون نيسارا.
يا وري:
شام سنگي ھئي سرتي ھئي ھمراز ھئي
جڏھن تڙَ تي نه تماچي ھجي، نه گندريءَ گزار ھجن ۽ ڪينجھر جا ڪِنارا به اسارا اسارا ھجن ته شاعري ڪنھن ڏئي جي جوت جيان اندر جي اونداھ کي روشنيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندي آھي. شاعري ھڪ اھڙو گلاب آھي جنھن سان من مھڪي پوندو آھي. گداز لمحا، ڌنڌليل عَڪسَ، غير محسوس احساسَ، لاشعور جي پاتار ۾ ڪنول جيان ترندڙ سوچون جڏھن شاعريءَ جو روپ ڌاري اينديون آھن ته من بي اختيار چئي پوندو آھي.
اوءِ گجري گجر، پير ھوريان ته ڌر!
ھاءِ گھاگھر نه ڇلڪي پوي!
شيخ اياز ڀؤنرُ ڀِري آڪاس جي پيش لفظ ۾ لکيو آھي ته “فن شاعريءَ جي معيار تي سوچيندي، مونکي شاھ جي سٽ، 'ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس'، ياد پوندي آھي ھر عظيم شاعر جي روح ۾ سندس پوري ماضيءَ، ۽ اُن فني تخليقات، روايات ۽ فلسفئه حيات جون جڙون آھن، جي ھن جي شاعريءَ جي نشونما ڪري، ان کي شگفته ڪنول جو رنگ روپ ڏين ٿيون ۽ ھن جي فن ۽ فڪر جيِ انفراديت ڀنور جيئن ڀرندي، آڪاش ۾ اُڏامندي ٿي رھي، جڏھن 'ٻنھي سندي ڳالھڙي' راس ٿي اچي، تڏھن ھڪ فني شھپارو تخليق ٿي ٿو. منھنجو ڪلام انھيءَ معيار تي ڪيستائين پورو آھي، ان جو منصف مان ته يقيناً نه آھيان، پر شايد اوھان به نه ٿي سگھو. منھنجي اَنانيت ۽ حد کان زيادھ خود اعتمادي جا گھڻو ڪري ھر فن ڪار ۾ ھوندي آھي ۽ پنھنجيءَ تخليق لاءِ بي انتھا محبت منھنجي صحيح اندازي جي راھ ۾ ضرور حائل ٿيندي ۽ شايد اوھان جي دؤر جا توھمات فن ۽ زندگي جو مانوس تخيل ۽ پنھنجي ھمعصر جي فن کي تسليم ڪرڻ ۽ ان لاءَ تحسين جي اظھار ڪرڻ کان فطري گھبراھٽ، اوھان جي صحيح جائزي ۽ نتيجي تي اثر انداز ٿين. نه فقط منھنجي تخليق جو، پر ھر فنڪار جي تخليق جو منصف فقط وقت آھي.....”
آخري ۾ مان صرف اھو چوندم ته منھنجو ھي شاعريءَ جو مجموعو سنڌي شاعري پڙھندڙن لاءِ ھڪ ڀيٽا آھي ۽ ساڳي وقت سنڌي ٻوليءَ سان جيڪا منھنجي مادري ٻولي به آھي ان سان پيار جي اظھار جو ھڪ روپ آھي جي اُھا پڙھندڙن کي پسند آئي ته پوءِ:
تون جي ايندين ميت، ته ھي سنگيت امر ٿي ويندي،
مون ٻاري جا جوت، انھيءَ جي جيت امر ٿي ويندي،
پر جي کاڌم مات، الا او مات
ته منھنجي ماتِ امر ٿي ويندي
سنڌي شاعريءَ ۾ مون جيڪو حصو وڌو آھي ان ۾ ھار ۽ جيت ۽ مات جو ڪو سوال ڪونھي پر جي ٿي ته اُھا ماتِ به امر ھوندي.
[b]
تانيا ٿيٻو
ھن سان دل جي ڳالھ ڪري پڇتايو آھي،
جنھن جو مَن منھنجو ھوندي به پرايو آھي.
ھا به نه آھي نه به نه آھي پوءِ به ھو منھنجو آھي،
ھُن ۾ ھي ويساھ پوءِ ته سجايو آھي.
.
در در ڀٽڪي جَڳَ سان اٽڪي چؤ ڇا ملندئي،
ماڻھوءَ جو ماڻھوءَ سان جھڙو اَجايو آھي.
ھو ئي ھٿ مان واريءَ وانگر تِرڪيو آھي،
دل ته ھن کي ڪونه ڪڏھن به وِڃايو آھي؟
جي در کڙڪي ھيءَ دل ڌڙڪي ان پل ڇو ٿي،
سَنجھا ويلي ساجن شايد آيو آھي.
اَڙي رُسا مان جڳ کان ڪھڙا رسون ٿا ان کان،
تو مون کي جنھن ٺاھيو آھي.
*
ڏکن جا گھاوءَ گھرا،
اوندھ جا بادلن تي پھرا،
جيڪو به پلهءُ پيو آ،
تنھنجي حساب ۾ آ.
*
رُوميءَ جي رِلِھي
رُوميءَ جي رِلِھي
پَٽَ کوھَ نه ڪر ايڏي،
بس ھاڻ رھڻ ڏي.
رُومئ جي رِلِھي ويڙھي،
بس ھاڻ رُلڻ ڏي.
جي درد مِليا دل کي،
تن تي به کِلڻ ڏي.
رُومئ جي رلھي ويڙھي،
بس ھاڻ رُلڻ ڏي.
*
گھَٽ گھيَر ھُيا
گھَٽ گھيَر ھُيا
گھَٽ گھيَر ھُيا،
ڦَندَ ڦير ھُيا،
پر پوءِ به بچي،
ڪيئن نڪتين تون؟
ھُو کوڙ ھُيا،
شھزورَ ھُيا،
پر پوءِ به بچي،
ڪيئن نڪتين تون؟
ڪئي موڙَ ھُيا،
۽ کوڙ ھُيا،
پر پوءِ به بچي،
ڪيئن نڪتين تون؟
*
ڏُور اَنڌيارا ڪارا بادل
ڏُور اَنڌيارا ڪارا بادل
ڏُور انڌيارا ڪارا بادل،
جَھر جَھر وَسيِ به پوندا،
تون جي نه ايندين،
رُسي به پوندا.
ڪير آ ڪارن نيڻن ويڙھيل،
سُندر سپنن لِڪل لِڪايل،
سڀ اسان کان پڇي به پوندا،
تون جي نه ايندين،
رُسي به پوندا.
نيڻ وھن نيسارا بڻجي،
دل بڻجي وئي آليون ڪاٺيون،
چَپ اسان جا ٻري به پوندا،
تون جي نه ايندين،
رُسي به پوندا.
*
رات کُٽي آ،
باک ڦٽي آ،
ڏِس تو ڪيڏي دير ڪئي آ.
پنَکَ پکيڙي،
اُڏريا پنڇي،
ڪويل ڪُوڪ مٺي آ،
ڏِس تو ڪيڏي دير ڪئي آ.
جِند به جڪڙيل،
جئُ به جڪڙيل،
ساھن سِيرَ پئي آ،
ڏِس تو ڪيڏي دير ڪئي آ.
سَنجھا ويلي،
سينو ساھي،
سھڻي سِيرَ لٿي آ،
ڏِس تو ڪيڏي دير ڪئي آ.
ھُو به پرائو،
دِل به پرائي،
ڪنھن سان لانوَ لڌي آ،
ڏِس تو ڪيڏي دير ڪئي آ.
*
ذَرا دل کان پُڇي ڏس
ذَرا دل کان پُڇي ڏس
ذَرا دل کان پُڇي ڏس تون،
ته ھُن سان ڪھڙيون ڪيون ڳالھيون؟
ڳالھيون يادون بڻجي وينديون،
۽ پو۽ خوابن ۾ ڀي اينديون.
تڏھن ته چئون ٿا،
ته ھُن سان ڪھڙيون ڪيون ڳالھيون.
رازَ به کُلندا ھوريان ھوريان،
اکيون به سڀ ڪجھ چئي ڇڏينديون.
تڏھن ته چئون ٿا،
ته ھُن سان ڪھڙيون ڪيون ڳالھيون.
ذَرا دل کي چئي ڇڏ تون،
جڏھن ھُن سان وڃي ملبو،
ته وسري وينديون سڀئي ڳالھيون!
*
شھرِ قاتِل
شھرِ قاتِل
شھرِ قاتِل ۾ گُھمڻ نڪتو ھين،
پنھنجي ساھن کي ڇڏڻ نڪتو ھين.
ھتي ھر موڙ تي تون ،
موت کي بيٺل ڏسندين.
بيرحم ڪوڙڪئَ مان،
ڪيئن بچڻ نڪتو ھين.
*
ھوءَ ڇوڪري
ھوءَ ڇوڪري
ھوءَ ڇوڪري،
خوابن جي نگرئَ ۾،
پھرين به رھندي ھئي،
ھاڻي به رھندي آ.
بادل برسي ته روئندي آ،
کنوڻ کِلي ته کلندي آ،
تارن جي وچ ۾ رھندي آ،
چُنري جا ويڙھي ھلندي آ،
تارن کان اوڌر وٺندي آ.
*
گوريِ گِرجا گِھنڊ وڄن ٿا،
بادلڙي جي اوسيئڙي ۾،
جڏھن به تنھنجا نيڻَ کڄن ٿا.
دُور ھوا جي رُخ کي موڙي،
بادل جي چُنريءَ کي سوري،
پنڇي سارا اُڏري وڃن ٿا،
جڏھن به تنھنجا نيڻَ کڄن ٿا.
*
اي ھوا
اي ھوا
اي ھوا تون ته ڪا چري آھين،
جن تي ھڪ پل ھلڻ سان دم نڪري،
تن ئي راھن ۾ ٿي گُھلڻ چاھين.
اي مَشعَل تون ته ڪا چري آھين،
جن کي چانڊوڪيون به اڄ تائين،
روشن ڪڏھن ڪري نه سگھيون،
تن ئي راھن ۾ ٿي ٻَرڻ چاھين!
*
ھيءَ کِلَ ھيءَ خوشي
ھيءَ کِلَ ھيءَ خوشي
ھيءَ کِلَ ھيءَ خوشي،
ته ھڪ ڏيکاءُ آ.
روح جي ذات سان،
ڪشمڪش جو،
درد ان کان سواءِ آ.
اندر جو آئينو آ،
بس اُجرو ۽سچو،
باقي ته سڀ ڪجھ،
بس ڏيکاءُ آ.
*
بي انت
بي انت
اي دشمن جھڙا دوست،
تنھنجي ڌوکي جو،
۽ اسان جي سادگيءَ جو،
ڪو انت ڪونھي.
سوچيوسين گذري ويندي،
ھيءَ رات به ٻين راتين جيان،
بي انت ڪونھي.
*
عرب اِسپرنگ
عرب اِسپرنگ
عرب اِسپرنگ،
يا اُھا بھار جنھن ۾.
سرءُ کان به سرس،
گُلَ مُرجھائجي ويا.
خواب مُرجھائجي ويا،
*
آخري پھرَ جو چنڊ
آخري پھرَ جو چنڊ
آخري پھر جو،
چنڊ ڪيڏانھن ويو؟
سُرمئي بادل ڪيڏانھن ويو؟
ٽارين تي گُل ھُيا،
ڪئي پَل ھُيا،
سي ڪيڏانھن ويا؟
آخري پھر جو چنڊ،
چنڊ ڪيڏانھن ويو؟
*
ھي قافلو ڪھڙو قافلو آ؟
ھي قافلو ڪھڙو قافلو آ؟
ھي قافلو ڪھڙو قافلو آ؟
جيڪو انڌ جي گھوڙي تي سوار آ.
ٻين کي ڪٽيندو ڪيرائيندو،
اڳتي وڌڻ جي جنون ۾ بيقرار آ.
ترقئَ جي حرس ۽ جنون ۾،
پيرن ھيٺيان ڪيئن ڪو،
لتاڙجي چيڀاٽجي ويو،
ان قِصي کان ئي بي ميار آ.
*
او سَکيِ تنھنجي سنگَ جي
او سَکيِ تنھنجي سنگَ جي
او سَکيِ تنھنجي سنگَ جي،
ڪھڙي ڳالھ ڪيون،
اچ وري پاڻ ملون.
تنھنجا منھنجا رنگ به ساڳيا،
دل ۾ ھن اُمنگَ به ساڳيا.
ٿڌڙي اُس ۾ آڳُر ويھي،
اچ ته ساڳيا سُورَ سَليون،
اچ وري پاڻ ملون.
*
تَرڪَش ۾ تيَر ڪئين ھا
تَرڪَش ۾ تيَر ڪئين ھا
بي ابر بارشن جا،
ڳالھين مٺين ڪڙين جا،
تَرڪَش ۾ تيَر ڪئين ھا.
ھئي مھجَبين ماه رُخ،
ھُن جا اسيرَ ڪئين ھا.
جيئندي رھي ھميشه،
بي خوف بي خطر،
ھن کي نه ھئي خبر،
ھن ڏي حساب ڪئين ھا.
*
ھُو شھر ھو بيحد حسين
ھُو شھر ھو بيحد حسين
ھُو شھر ھو بيحد حسين،
برف سان ويڙھيل پھاڙيون،
ھر پھاڙيءَ جي مَٿان،
ڄڻ ھيو ڏيئن جو ميڙ.
جِت ھر پل پئي وسندي ھئي،
ڄڻ ڪَڪرَن جي ڇير.
*
شڪايت رھي سدا سورن کان اسان کي،
دردن جا دل تي پر احسانَ گھڻا ھا.
ھن بس جيئڻ جي واٽَ انوکي ھئي ورتي،
جڳَ جا پَرَ ھن تي اِلزام گھڻا ھا.
ھُنَ شھر ۾ ھر ڪو ڏوھاري ته نه ھوندو،
نالي چڙھيا ڪجھ گھٽ پر بينام گھڻا ھا.
*
درد ھُيو حاوي
درد ھُيو حاوي
درد ھيو ھر شئي تي حاوي ،
ڄڻ ته حياتي ماکئَ مک جو ڏَنگ ھُجي.
چِٽَ ھا اُڪريل ائين چوڌاري،
ڄڻ ته شفق تي سِجَ لٿي جو رَنگ ھُجي.
کن پل ۾ رستو ڪٽجي ويو،
*
مون چيو ھو
مون چيو ھو
مون چيو ھو،
وسارڻ تي اچجي،
ته وساري سگھجي ٿو،
تو چيو ھو ڏسنداسين.
مون چيو ھو،
ساٿ به ڪنھن رستي جيان،
ڪٿي ته کُٽندو آ.
تو چيو ھو،
ٿي سگھي ٿو.
*
نه مون ڪو راز اوريو ھو
نه مون ڪو راز اوريو ھو
نه مون ڪو راز اوريو ھو،
نه دل ڪو ساز سوريو ھو.
پھر ڪئين پل ۾ گزري ويو،
ته ڄڻ ڪنھن وقت توريو ھو.
نه جندڙيءَ کي ھُئي،
ڪنھن پَلَ جي ڪا ڪَلَ،
جيترو وقت به ڍوليو ھو.
ملڻ کان ڪيئن وڃئون رھجي،
جو مونکي تو ۽ توکي مون،
جو ڳولھيو ھو.
*
جاڳي پئُه جيئڙا
جاڳي پئُه جيئڙا
جاڳي پئُه جيئڙا،
ساوڻ ۽ سيئڙا.
روز روز ته نه ايندا.
مستي ۽ مينھڙا،
روز روز ته نه ايندا.
*
ڇو ٿا ھي گِھنڊَ وَڄن
ڇو ٿا ھي گِھنڊَ وَڄن
ڇو ٿا ھي گِھنڊَ وَڄن گرجا جا؟
ڇو ھي منبر تي ڪو چڙھيو آھي؟
اڄ به ڪيئي لاش مليا مقتل مان،
اڄ به وحشت جي وڏي سُوريءَ تي،
ھا لڳي ٿو ته ڪو چڙھيو آھي.
*
جَھڪا جھِيڻا،
مون نه وھيڻا،
خوابن کي سَرچاءِ.
پھرين پنھنجو،
پاڻُ کَٽي ڏس،
پو۽ کڻي دل لاءِ.
نيھن نه نياپو،
رُڳو ڏوراپو،
دِل کي ڪجھ سمجھاءِ،
پاڻ به ته ڪجھ سھِساءِ.
*
ٿوُھر جي ڪَنڊن
ٿوُھر جي ڪَنڊن
ٿوُھر جي ڪَنڊن،
۽ بي در ڀتين جھڙا ماڻھو،
جن کي پنھنجي مفادن کان سواءِ،
ڪجھ سمجھ ۾ نه ايندو آ،
انھن مان اميد رکڻ چڱائيءَ جي
ڀلائيءَ جي سٺائي جي،
ائين آھي جيئن سرءُ ۾،
گلن ڦٽڻ جي آس رکڻ.
ٻٻرَن کان ٻيرَ گُھرڻ!!
*
تنھنجي سِر تي ڇِتِ به ناھي
تنھنجي سِر تي ڇِتِ به ناھي
تنھنجي سِر تي ڇِتِ به ناھي،
چوڌاري ڪا ڀِتِ به ناھي،
۽ پيالِي ۾ ڀَتُ به ناھي.
ڇا سرڪار جو فرض به ناھي؟
ڇا ڀوتار جو فرض به ناھي؟
تو کي ماني ڳَڀو ڏيڻ،
۽ تنھنجي پر گھور لھڻ،
تنھنجي قسمت ۾ ڇو آھي؟
ڏُکَ ڏِسڻ ۽ بُکَ سَھَڻ،
تو وٽ ڪوئي در به ناھي،
پو۽ به ايندا تنھنجي چانئٺ،
تو کان تنھنجو ووٽ وٺڻ.
ڇو لتاڙي ويندا آھيون
ڇو لتاڙي ويندا آھيون
ڇو لتاڙي ويندا آھيون،
پيرن ھيٺيان احساسن کي،
ڇو ڪندا آھيون ھميشه،
محبتن جو زيان ھر پل.
نه ائين سمجھ،
ته دل ۾ وسيل ناھين.
نه جو ڪري ٿي تنھنجو ذڪر،
ھئَ زبانَ ھر پل.
دشمنن کي به ساڻ،
رکڻو پوندو آ،
نه ھوندو آ گڏ ھميشه،
ھمنوا ھر پل،
ڪڏھن فرشتو ڪڏھن ابليس،
بڻجي ويندو آ.
نه ٿو رھي سگھي،
انسان به انسان ھر پل.
*
نه ڪَر ضد ھِنَ دل سان،
ھڙ حاصل نه ڪجھ ٿيندئي.
گھڻي سرڪش ۽ ضِدي آ،
کٽڻ جو وجھ به نه ملندئي.
جي ڪندئين ضد انھئ سان،
پِرينءَ جو ڏس به نه ملندئي.
ملين ڪنھن پار ھُن سان،
اھو پوءِ وجھ به نه ملندئي.
ھيو سو ڪير جنھن جو،
دل ۾ ديرو ھو صدين کان،
ڪڏھن سو راز به نه کُلندئيِ.
*
تون اُھو سج آھين
تون اُھو سج آھين
تون اُھو سج آھين،
جيڪو ڇھن ئي آسمانن مان،
انھن جي ڌرتين تي چمڪيو.
تون اُھو سج آھين،
جنھن کان پنھنجي آسمان مان،
ان جي ڌرتيءَ تي اڀرڻ رھجي ويو.
۽ ھاڻي جڏھن تون لھڻ تي آھين،
ته ڪو پڇتاءُ جو پاڇو
تنھنجي چھري تي،
ڪونه ٿو ڏسجي،
تون مست مگن آھين،
پراون آسمانن تان،
پرايُن ڌرتين تي اُڀرڻ ۾.
*
او چَري
او چَري
او چَري
تون “تون” آھين،
انھن سڀني ڳالھين جي ڪري،
جن کي تون پنھنجي بدنصيبي ٿي سمجھين.
۽ ھُو “ھو” آھن،
انھن سڀني ڳالھين جي ڪري،
جن کي تون ھنن جي خوش نصيبي ٿي سمجھين.
ڇا تون ان اِدراڪ کان پوءِ،
پنھنجو وجود،
ھنن جي وجود سان،
پنھنجي زندگي،
ھنن جي زندگيءَ سان،
مٽائڻ چاھيندينءَ؟
*
روپ
روپ
نه سج ڪٿي پڙھيو آ،
نه ڪنھن ڪٿي لکيو آ،
ته سج کي ڪيئن اڀرڻو آ،
پر سج روز اڀري ٿو.
نه نديءَ ڪٿي پڙھيو آ،
نه ڪنھن ڪٿي لکيو آ،
ته نديءَ کي ڪيئن وھڻو آ،
پر ھوءَ وھي ٿي.
نه مکڙيءَ ڪٿي پڙھيو آ،
نه ڪنھن ڪٿي لکيو آ،
ته ھن کي ڪيئن ڦٽڻو آ،
پر ھوءَ ڦُٽي ٿي.
منھنجون نظمون به ائين آھن،
ھنن کي خبر آ ته ھنن کي،
ڪھڙو روپ وٺڻو آ؟
*
دل جي ديوار نه خالي رَک
دل جي ديوار نه خالي رَک
دل جي ديوار نه خالي رَک،
ڪجھ ته لک.
ھر گھٽي جي ھر ديوار تي،
ڪجھ نه ڪجھ لکيل آھي،
تون به ته لک،
دل جي ديوار نه خالي رَک.
ڪوڙ ۽ ٻيائي،
سڀني دنيا کان ئي سکي آ،
تون به ته سِک،
دل جي ديوار نه خالي رَک.
*
انائن جي اوچن بُرجن تي
انائن جي اوچن بُرجن تي
انائن جي اوچن بُرجن تي بيھي،
ڪير ڪنھن کي سمجھي سگھيو آ،
ڪير ڪنھن جو ڀلو ڪري سگھيو آ،
تو سمجھيو تون سڄي جھان جي،
جنگ وڙھي رھيو آھين،
پر فتح ته پنھنجي ذات کي به،
نه ڪري سگھيو آھين.
سٺو ٿئي ھا اگر ھِڪَ جنگ،
پنھنجوپاڻ سان به جوٽين ھان.
سٺو ٿئي ھا اگر ھڪ جنگ،
پنھنجو پاڻ کان به کٽين ھان.
*
ماڻھن جا قِسم
ماڻھن جا قِسم
ڪي ماڻھو ريڊين وانگر ھوندا آھن،
توھان انھن جي اسٽيشن ته ڦيرائي سگھو ٿا،
پر ھلندو اھوئي جيڪو ھو نشر ڪندا.
ڪي ماڻھو ٽيپن وانگر ھوندا آھن،
توھان ڪجھ به چئو ٻڌڻو اھوئي پوندوَ،
جيڪو ھنن اڳي ئي رڪارڊ ڪري رکيو آ.
ڪي ماڻھو ٽي وي وانگر ھوندا آھن،
ڪم جي ڳالھ ٿوري،
باقي رڳو پنهنجي ۽ ٻين جي مشهوري.
*
اگر مگر آ گھڻي پيار ۾
اگر مگر آ گھڻي پيار ۾
اگر مگر آ گھڻي پيار ۾،
تڏھن ته آھيون اڃا اڪيلا.
دل کي چوٽ لڳي ئي ناھي،
تڏھن ته آھيون اڃان ھَٺيلا.
*
وڏا وڏا خواب ڏسن ٿيون
وڏا وڏا خواب ڏسن ٿيون
وڏا وڏا خواب ڏسن ٿيون
اکيون اھڙا ڏوھ به ڪن ٿيون.
رُٺل دل کي ريجھائن ٿيون،
اکيون اھڙا ڏوھ به ڪن ٿيون.
*
تنھنجي بادشاھيءَ ۾
تنھنجي بادشاھيءَ ۾
تنھنجي بادشاھيءَ ۾ ڍوليا،
ڪونه اسان سان خير ٿيا.
توسان جي هينئڙو نه ونڊيان
چئه پوءِ ڪنهن سان سور سليان.
*
سرد ھوا
سرد ھوا
او سرد ھوا،
بي درد ھوا،
چئهُ ڪھڙا توسان،
دَردَ وَنڊيان؟
*