ڏيک ٻيو
سکديو
راج گرو
سال: اپريل 1931[/b]
[b]راوي[/b]
مرڪزي اسيمبليءَ ۾ بم ڦاٽا ۽ ڀڳت سنگھ ۽ هن جو هڪ ساٿي گرفتار ڪيا ويا. ٻنهي دليريءَ سان پنهنجي ذميواري قبول ڪئي ۽ کين جنم ٽيپ ڏني وئي. ڪجھ عرصي کان پوءِ پوليس لاهور ۾ اُنهيءَ تهه خاني جو پتو لڳايو، جتي بم ٺاهيا ويندا هئا. سکديو، ڪشوري لال ۽ ٻيا ڪيترائي انقلابي گرفتار ڪيا ويا، جن مان جئه گوپال ۽ هنسراج ووهرا باس ڏني ۽ پوءِ بهار، اترپرديش ۽ پنجاب مان ڪيئي گرفتاريون ڪيون ويون، ڪي انقلابي زير زمين هليا ويا. ڀڳت سنگھ سميت گرفتار ٿيلن تي اسپيشل
ٽربيونل اڳيان 1929 ۾ لاهور سازش وارو ڪيس هلايو ويو. 1930 ۾ عدالت جوابدارن، انهن جي وڪيلن ۽ بچاءَ جي شاهدن جي غير موجودگيءَ ۾ جڙتو ڪاروائي ڪئي ۽ ڀڳت سنگھ، سکديو ۽ راج گروءَ کي موت جي سزا ڏني، ڪن کي جنم ٽيپ ڏئي ڪاري پاڻيءَ موڪليو ويو ۽ ڪن کي ڇڏي ڏنو.
اڄ صبح جو چئين بجي ڀڳت سنگھ ۽ هن جي ٻن ساٿين کي ڦاسي اچڻي آهي. هن وقت ڀڳت سنگھ جي عمر چوويهه سال آهي.
[b]وايو منڊل
[/b]
[لاهور سينٽرل جيل ۾ ڦاسيءَ وارن قيدين جي کولي. رات جا 3 وڳا آهن. کوليءَ جي ڇت ۾ هڪ بجليءَ جي بتي ٻري رهي آهي. سکديو اڳيان گيتا ٻوٽيل رکي آهي. ڀڳت سنگھ چپ چاپ ڪجھ سوچي رهيو آهي. ۽ راج گرو اکيون ٻوٽي جاڳي رهيو آهي. ڀڳت سنگھ اُٿي کوليءَ جي لوهي جھنگلي ڏانهن اچي ٿو
۽ ٻاهر اوندهه ۾ ڏسي ٿو. سکديو به هن جي ڀرسان بيهي ٿو.]
[b][پريان ڪوئي جيل
جو سپاهي ڳائي
رهيو آهي][/b]
اچ! رات لڙي آهي
آ پنڌ پري پنهنجو
تقدير کڙي آهي.
هيءَ ويل وڇوڙي جي
ڪيڏي نه ڪڙي آهي!
اچ! رات لڙي آهي!
[b]سکديو(پاڻ کي) [/b] هيءَ لوءِ هميشهه لاءِ ڇڏڻ،
گھر ٻار ڇڏڻ سنسار ڇڏڻ،
بي موت مرڻ، واپس نه ورڻ،
۽ ڏورانهين کان ڪونه ڏرڻ،
ڪيڏو نه اڻائو سپنو آ!
ڪيڏو نه سڻائو سپنو آ!
هو واهيري جي وير اڱڻ،
۽ چُون چُون چُون چُون سائو وڻ
۽ مڌم لاٽ ڏياٽيءَ جي،
۽ چيلهه تي چندن _ واسُ وني،
جنهن چمپا ڪاريءَ چوٽيءَ ۾
۽ هٿَ تَئي تي روٽيءَ ۾
هو پُستڪ منهنجي جھوليءَ ۾
ڪي ٻول سُريليءَ ٻوليءَ ۾
۽ جاپُ جُڳن جي واڻيءَ جو،
ڪنهن ڪويل ڪنٺ ڪهاڻيءَ جو _
اڌ رات هندورو مِيرن جو،
هو سرهو ساٿ سريرن جو،
۽ ڪومل ننڊ_ نِهارن جو،
بن پياس ٻُجھايل پيارن جو_
اڄ هرشيءِ مون سان مرڻي آ،
هيءَ سار سُڳنڌ نه ورڻي آ.
[b]ڀڳت سنگھ ڏانهن
ڏسي ٿو) [/b]
اڄ ديس اُجھامي ويو آهي،
سو سُپنو کامي ويو آهي،
جنهن ڪالهه گلا گرمايا ها،
۽ من من مچ پچايا ها؛
ڪلهه لُنءَ لُنءَ ۾ للڪار هئي
ڇا ڌارين لاءِ ڌڪار هئي!
اڄ ماٺ مڙهيءَ ۾ ڀُڻڪ نه آ،
ڪنجھڪار نه آ ڪا ڪُڻڪ نه آ،
ڄڻ سارو ديس مري ويو آ!
اڄ منهنجو ڏڍُ ڏري پيو آ،
مان هينئون هاري سوچيان ٿو
هي جِيوَنُ واري سوچيان ٿو؛
مون ڇا لئه جان گنوائي آ؟
ڇا منهنجي ڀيٽ اجائي آ؟
[b][راج گرو اکيون پٽي
سکديو ڏانهن ڏسي،
ڀڳت سنگھ ڏانهن ڏسي ٿو][/b]
[b]ڀڳت سنگھ[/b] (سکديو کي گھُريندي):
جي ڪوئي چاهي آزادي
ڪا چُورِي ناهي آزادي
جو ڳِهندو هو گِههَ ڳرنديءَ کي!
هيءَ اَڻ سرندي هر سرنديءَ کي
من تان ميساريندي آهي،
۽ اڀري ڏاريندي آهي
اوچا ڪوٽ غلاميءَ وارا؛
انساني آزادي پيارا!
سِرَ جي سَٽَ سوا ڪُجھ ناهي،
ڇو جو ڪوبه ڳِٽيءَ جئن ٺاهي
جي توکي آزادي ڏيندو،
توکي حاصل ڪُجھ به نهَ ٿيندو،
دير نه لڳندي اَڙجي ويندين،
زنجيرن ۾ جڙجي ويندين.
[b]ڪجھ وقت ٽٻيءَ ۾
اچي وڃي ٿو ۽ پوءِ
منهن مٿي ڪري چوي ٿو][/b]
جو جھٽ پٽ مڻڪو ساسيءَ جو
جو ٽوڙي جھٽڪو ڦاسيءَ جو
۽ لاش هوا ۾ لوڏي ٿو،
سو هن ڌرتيءَ کي ڌوڏي ٿو،
ڪجھ صدين لئه ڀونچال جيان _
هي پنهنجو موت سوال جيان
ڪنهن وقت ته اُڀري اچڻو آ _
سو مڌُ اڳي پو پچڻو آ،
جو لهڪِي سڀ کي لال ڪري،
۽ جنهن سان ٻَر ٻَر ديس ٻري_
هر ماڻهو رک نه ٿيڻو آ
جيون جي جک نه ٿيڻو آ،
ڪو صديون وڙهندو رهندو آ
۽ رَتَ ۾ رڙهندو رهندو آ
اُن منزل ڏانهن حياتيءَ ۾
جا پاتي هُئي هن جھاتيءَ ۾،
۽ جئن جئن وقت گذرندو آ،
هُو اَڳ کان اَڳرو ورندو آ،
ڪي ماڻهو آهن ڳاڻ _ڳڻيا،
ٿو ارپي جن کي موت مَڻيا،
تاريخ اندر هُو ڌرڪن ٿا،
ڪجھ وقت اُجھامي ڀڙڪن ٿا،
هِنَ ڀُنءِ تي ڀنڀٽ ڀنڀٽ ٿي؛
ڪنهن وقت اچانڪ پرگھٽ ٿي،
هُو پنهنجو ٻارڻ ٻارن ٿا،
۽ ڳٽ ڳچين جا ڳارن ٿا.
[b]سکديو جي ڪلهي تي
هٿ رکي ٿو][/b]
ڇا تنهنجي ڀيٽ اَجائي آ؟
تو جيڪا چڻنگ لڳائي آ،
ڪو مچ اُنهيءَ مان مچڻو آ،
سو ڏينهن اڳي پو اچڻو آ
جو ڄَر جون اُڀَ اُڏارون ٿِي
۽ لُنءَ لُنءَ جون للڪارون ٿِي،
اَنياءَ مٿان اُڀري ايندو،
۽ ان کان آجو ٿي ويندو،
ٻي ماڻهو ڪهڙي کيپ کٽي!
تو واڍيون ڪَرمن ساڻ وٽي
تن ۾ ڪا ڇِڪَ ڇُپائي آ،
هيءَ تنهنجي ڀيٽ سجائي آ
[b][راج گرو پٽ تان اٿي
سکديو ڏانهن اچي ٿو]:[/b]
[b]راج گرو: [/b] هيءَ ڪهڙِي ڀَوَ جي ڀُڻ ڀُڻ آ؟
هيءَ تو ۾ ڇا جي اُڻ تُڻ آ؟
مَنَ مورک توکي ٿو ڊاهي _
[b][منهن مٿي ڪري
تارن ڀري آڪاس
ڏانهن ڏسي ٿو][/b]
آڪاس ته ڪوئي وڻ آهي
۽ ان جا پن ستارن جان
ٿا ٽِمڪن جِھمڪن دُور مٿان
۽ جيون اَنڀوءَ آهه اِئين
ڪو چُرندر پُرندڙ جيت جئين
چوٽيءَ تي پوئين پَنَ مٿان
( آ جنهن ۾جَڙَ جي سَگھَ اڃان)
پاتار ڏسِي پولار ڏسِي
سو ٽم ٽم ڪارونڀارڏسِي
آ هر شيءِ جنهن جي گھيري ۾
ڪنهن آدِي جوت انڌيري ۾_
ها، ان ۾ سڀ اَبناسي آ،
هي ڦاسي، ڪنهن کي ڦاسي آ؟
[b]ڀڳت سنگھ ڏانهن
ڏسي وري آڪاس ڏانهن
ڏسي ٿو][/b]
وهه واهه پُنيءَ جا پويان پل!
ٿا تُڙڳَن ڪيڏا نيلڏ ڪنول
اڄ جھونجھڪڙي جي جھرڻي ۾!
ڪا مُونجھ نه آهي مرڻي ۾؛
آ ڪيڏي هُٻَ هوائن ۾،
آ ڪيڏو نُور فضائن ۾،
ڄڻ نيل_ گگن جي ٻارن ۾،
رابيل ٽڙن ٿا تارن ۾،
هيءَ هِير_ لهڪ، هي ماڪ مَهڪ،
هيءَ چانڊوڪيءَ جي چنڊ چَهڪ،
۽ پنڇين جا ڦلوارين تي
هي پويان سُپنا ٽارين تي!
هي سڀ ڪُجھ مون ۾ رهڻو آ
۽ مون سان ڪهَه ۾ ڪَهڻو آ،
ها، مون ۾ سڀ ابناسي آ
هيءَ ڦاسي ڪنهن کي ڦاسي آ؟
[b][ڪنجيءَ ڦرڻ جو آواز
ٿئي ٿو، سپاهي کوليءَ جو ڪلف
لاهي دروازو کولن ٿا ۽ ٽنهي
کي ڦاسي گھاٽ ڏانهن وٺي
وڃن ٿا][/b]
[b]سکديو[/b]: هي نيڻ نهارا ويندن جا،
هي ترندا تارا ويندن جا،
ٿا چُهٽن سڀ کي چوڄ منجھان،
ڪا مُرڪ اکين ۾ آڻن ٿا،
۽ پويون ڀيرو ماڻن ٿا.
هن ساري سونهن_ سمندر کي
۽ جيون جي جل مندر کي.
[b][ڀڳت سنگھ ڏانهن آڏي اک
سان ڏسي ٿو، ٻنهي جون اکيون
ملن ٿيون ته سکديو اکيون جھُڪائي
ڇڏي ٿو][/b]
[b]ڀڳت سنگهه[/b]:
(ڏاڍيان ڳائي ٿو) جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي!
جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي
[b][راج گرو ڀڳت سنگھ کي
سُر وٺائي ٿو ۽ ڪجھ دير
کان پوءِ سکديو به هنن سان
ڳائڻ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو
۽ ٽيئي گڏجي ڳائيندا ڦاسي گھاٽ
ڏانهن وڃن ٿا][/b]
جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي!
تنهنجيءَ گود امرتا آڇي،
مٽيءَ کي مريادا آڇي،
تنهنجي لاءِ مري مون ماتا،
جنم جنم جا مارڳ پاتا،
جَئه جَئه جَنَنِي جَئه جَئه جِيجِي!
جَئه جَئه ڌرتي، جَئه جَئه ڌرتي!
جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي!
[b](پردو ڪري ٿو)
[/b]