سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جو پڌرنامو
اسان جو اهو ايمان آهي ته پاڪستان گهڻ قومي ۽ گهڻ ثقافتي وحدتن جو ملڪ آهي ۽ انهن وحدتن جون زبانون هن ملڪ جون قومي زبانون آهن.
اسان ادب جي افاديت ان جي سماجي ڪارج ۽ عظيم انساني قدرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي اهميت کان پوري ريت باخبر آهيون. ان ڪري اسان ادب کي واندڪائيءَ جي وندر ۽ ذهني عياشي نه، پر پنهنجي قوم، عالمي امن ۽ انسان ذات جي مجموعي ترقي لاءِ اهم ذريعو سمجھون ٿا. اسان کي سنڌي زبان ۽ ادب جي عظيم ۽ انفرادي ڪلاسيڪي ورثي تي فخر آهي، ان ڪري اسان جي راءِ ۾ اهو ضروري آهي ته جديد دور جو اديب، پنهنجي انهيءَ ورثي جو اونهو مطالعو ڪري، ان جي شاندار روايتن کي پنهنجو ڪري. اجاري اڳتي وٺي هلي، ان سان گڏوگڏ اسان ادب ۾ نون تجربن ۽ رجحانن جي اهميت کان پڻ واقف آهيون ۽ انهن جا حامي آهيون. اسان جي اها تمنا آهي ته سنڌي ادب ڪنهن به ريت بين الااقوامي معيار کان هيٺ نه هجي. اسان جو به سڄي دنيا جي اديبن جيان، اهو ايمان آهي ته سمورا ملڪي، غير ملڪي ۽
بين الا اقوامي مسئلا، حق، انصاف، صداقت، سهپ، رواداري، امن ۽ اتحاد جي اصولن موجب نبيريا وڃن. جن جي اُپٽار گڏيل قومن جي پڌرنامي ۾ ڪيل آهي، انسان جي تخليقي قوتن کي هيچ سمجھڻ ڪنهن به قوم يا نسل کي ٻيءَ قوم يا نسل کان مٿانهون ڀانئڻ، يا ملڪ، مذهب، رنگ، ٻوليءَ ۽ عقيدت جي مت ڀيد سبب انسانن جي وچ ۾ ويڇو وجھڻ، اسان جي نظر ۾ نه فقط غلط، پر انسان ذات لاءِ هاڃيڪار پڻ آهي. اسان هر قسم جي ڦرلٽ، ضمير ۽ زبان جي پابنديءَ جا مخالف آهيون.
اسان پنهنجي شعور، فڪر ۽ فن کي سدائين آزاد ۽ ڪٽرپڻي کان پري رکنداسين ۽ ڪنهن به قسم جي لالچ، دٻاءَ، خوف، تعصب رک رکاءَ ۽ مصلحت آميزيءَ کانسواءِ پنهنجي ضمير جو اظهار ڪندا رهنداسين ۽ اسان جو قلم انهن سڀني مقصدن لاءِ وقف رهندو، جن جو اظهار هن پڌرنامي ۾ ڪيل آهي.
[24 جنوي 1970ع واري سنڌ سنگت ڪائونسل جي سکر واري ميڙ ۾ منظور ڪيل هن پڌرنامي کي ٻيهر ترميمن ۽ سڌارن سان 8- نومبر 1996ع تي سنڌ سنگت ڪائونسل جي حيدرآباد واري اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو].