ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌي ادب ۾ غلام نبي مغل جو نالو ڪنهن کان به ڳجهو ناهي۔ سندس هي پهريون ناول ”اوڙاهه“ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون مڪمل سياسي ناول آهي.
هن ناول ۾ ۾ ورهاڱي (1947ع) جي لڏپلاڻ ، ون يونٽ واري زماني ۾ سنڌ ۾ ٻاهرين جي آبادڪاريءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده وچولي طبقي جي اڀرڻ يا ان جي جدوجهد جو ذڪر ڏنل آهي. ناول اوڙاهه ان سموري تاريخي جاکوڙ بابت آهي. جنهن ۾ سنڌ جي چئن سئو سالن جي سوشيو پوليٽيڪل تاريخ بيان ٿيل آهي. ڪن نقادن ناول ۾ هندو وچولي ڪلاس بابت ڏنل ڄاڻ سان اختلاف ڏيکاريو آهي، پر هي ناول سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تاريخ تي پهريون مڪمل ناول آهي.

ڪتاب مان کنيل ٽڪرو:

[i]اوهان سنڌ جي انهيءَ نسل مان آهيو، انهيءَ ٽهي مان آيو، جنهن نه رڳو شعوري طور هندستان جو ورهاڱو ڏٺو، پر دل جان سان انهيءَ ۾ حصو ورتو. اوهان کان پوءِ ٻه نسل ٻيا باشعور ۽ جوان ٿيا آهن. اها حقيقت آهي ته اڄ جو نوجوان پنهنجن ابن ۽ ڏاڏن جي سياسي سماجي شعور کي شڪ جي نگاهه سان ٿو ڏسي ۽ کين accuse ٿو سمجھي. اوهان جي ٽهيءَ کان پوءِ اسان جي ٽهي اُسري آئي. اوهان سنڌ جي وچولي ڪلاس کي تڙي ٻاهر ڪڍڻ واري عمل ۾ شامل هئا. اوهان انهيءَ خال کي پاڻ ڀرڻ جي بدران ٻاهران ايندڙن کي خوش آمديد چيو ۽ انهن ٻاهران ايندڙن کي نهايت آرام ۽ سعيي سان هت آباد ڪيو. اوهان جي سامهون شهر ڌارين جي حوالي ٿيا. اوهان واري ٽهي الله جا شڪرانا ادا ڪري رهي هئي. ڪراچي ڌار ٿيو، ون يونٽ ٺهيو. اوهان جي ٽهيءَ کي ڪو به خيال نه آيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، پر جڏهن اوهان کان پوءِ اسان جي ٽهيءَ اُسري ته اسان سڀني کان پهرين ون يونٽ جي خلاف آواز بلند ڪيوسين. ايوب خان جي آمريت خلاف آواز بلند ڪري محترمه فاطمه جناح لاءِ پاڻ پتوڙيوسين. 4 مارچ 47ع پڻ اسان جي تاريخي جدوجھد جي شروعات جو هڪ پاسو آهي. پوءِ ڇا ڇا ٿيو. اوهان سڀني کي خبر آهي. پر اسان جي ابن ڏاڏن جي سياسي شعور جي اڻ هوند اسان کي هن حال تي پهچايو آهي.“[/i]

هن ڪتاب جي اِي بوڪ ايڊيشن لاء ڪمپوزنگ محترم مير اشفاق احمد ٽالپر ۽ شاهنواز سومرو صاحب جي ڪاوشن جو نتيجو آهي۔ ڪتاب انٽرنيٽ تي وائس آف سنڌ پاران پيش ڪيل آهي۔

نوٽ : هي ڪتاب صرف پي ڊي ايف ۾ موجود آهي.

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ