ڪھاڻيون

يادون ۽ سُڪونُ

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت جون بي تڪلف ڳالهيون، ڪهاڻيون، طنز و مزاح ۽ ناوليٽ شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 1528
  • 839
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book يادون ۽ سُڪونُ

ڇپرائيندڙ پاران

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي چوٿين ورسيءَ (8- اپريل 2001ع) تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر پارا سندس ڪهاڻين، بي تڪلف ڳالهين، طنز و مزاح ۽ ترجمو ڪيل ناول جو ڪتاب ”يادون ۽ سڪون“ پيش ڪندي اسان گھڻي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. ان کان سواءِ اسان هيءُ ڪتاب پيش ڪري اها روايت پڻ برقرار رکي آهي ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسيءَ تي سندس ڪو هڪ ڪتاب ضرور ڇپجي پڌرو ٿئي.
اسان سڄاڻ قلمڪارن ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان زندگيءَ ۾ ٿوريون يا گھڻيون گھڙيون گذاريندڙن کي گزارش ٿا ڪريون ته اهي ڊاڪٽر محبت جي شخصيت ۽ ڇپيل مواد بابت پنهنجون تحريرون ۽ يادگار فوٽو اسان ڏانهن ڏياري موڪلين، ته جيئن ڊاڪٽر محبت جي پنجين ورسيءَ تي (2002ع ۾) ”اڪيڊمي“ پاران ڊاڪٽر محبت جي شخصيت ۽ مواد بابت لکيل مضمونن ۽ تاثرن کي سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائي سگھون.

مهرباني

ستار هڪڙو
جنرل سيڪريٽري
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

پيش لفظ

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا جيڪي به ڪتاب ڇپيا آهن، اهي سياسي-تنقيدي ادب، مضمون نويسيءَ ۽ تحقيق بابت آهن، جھڙوڪ: ...جيڪو سچ چوي، سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي، سنڌي مار سورما، اٽڪ قلعي کان (ترجمو)، انسائيلڪوپيڊيا سنڌيڪا، ماڻهو ۽ ماڻهپو، ۽ اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون. ان حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سياسي تنقيد نگار مضمون نويس ۽ محقق جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو، پر جڏهن سندس ڪهاڻين جو اڀياس ڪيون ٿا، ته پوءِ يقين سان چئي سگون ٿا ته جيڪڏهن هو سياست جي وهڪري ۾ پنهنجون لهرون پيدا نه ڪري ها ۽ بعد ۾ مضمون نويسيءَ توڙي مقالا نگاريءَ ۾ پنهنجي ذهني ولوڙ سڦل ٿيندي نه ڏيکاري ها ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي جمال ابڙي ۽ امر جليل جي دورن کان پوءِ ”محبت جو دور“ ڏئي سگھي ها.
لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ ايم بي بي ايس (ڊاڪٽري) پڙهڻ دوران (اندازاً 1972ع کان 1979ع تائين) ڊاڪٽر محبت ٻرڙي هي ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ هو اسان کي هڪ باشعور اديب ۽ سڄاڳ فرد طور اسرندي نظر اچي ٿو. شاگرديءَ وارو دور، خصوصاً هائر سيڪنڊري تعليم کان بيچلر تعليم تائين گھڻو اهم هوندو آهي جيڪو هڪ پورهيت ماڻهوءَ جو پٽ هوندي محنت ڪندو آهي ۽ ان محنت جي آڌار ڊاڪٽريءَ جي تعليم پرائڻ لاءِ چونڊجي هڪ ڏينهن مريضن کي تپاسي، سندن دردن جو دارون تجويز ڪندو آهي، پر جڏهن هڪ قوم مريض بڻجي پوي، ته پوءِ درد جو دارون ئي تجويز ناهي ڪرڻو پوندو، پر پاڻ به علاج جو حصو بڻجڻو پوندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به ائين ئي ڪيو، هو هڪ پورهيت شوڪت عليءَ جو پٽ هو ۽ گهر ٻاهران لڳل ٿنڀي ۾ ٻرندڙ بلب جي جھيڻي روشنيءَ ۾ پڙهندي پنهنجي اندر کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪندو هو. تان جو ناممڪن کي ممڪن ڪندي، هڪ غريب جو ٻار هوندي، ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ايل ايم سي ۾ چونڊجي ويو. پر اها به يقين ڪرڻ جي ڳالهه آهي، ته انٽر پڙهڻ دوران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي لائبريريءَ مان ڏهاڙي ٽي چار مختلف ڪتاب ڪڍرائي پڙهندو هو: هڪڙو لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي قنبر جي ٽرين جي انتظار ۾، ٻيو گھر ۾ ۽ ٽيون سفر ۾. ڪتاب پڙهڻ جي اها روايت (يا عادت) هن ايل ايم سي ۾ اڃا وڌائي، جتي هو سنڌ جي شاندار شهر حيدرآباد جي ويجھو هو. هن جو ڪتابن سان پيار ايڏو ته گھڻو هو جو ڪيترا رسالا بڪ اسٽالن تي بعد ۾، پهرين وٽس پهچندا هئا. ائين پڙهندي پڙهندي هن لکڻ شروع ڪيو. هيءُ ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ ڊاڪٽر محبت جي ان شاگرديءَ واري دَور جي ذهني ڪيفيتن، احساسن ۽ سوچن جي عڪاسي ڪري ٿو. اهي سوچون لکڻ دوران هو سنڌ جي عملي شاگرد سياست ۾ آيو ۽ تنظيمي ڪم ڪرڻ سميت ڪيترن ئي موضوعن تي سوين ليڪچر سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏنائين، ائين هو ادبي دنيا کان ڪٽجي سياسي-تنقيدي ۽ علمي لٽريچر جي دنيا ۾ آيو، تان جو انسائيڪوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي اصطلاحسازي تي ڪم ڪندي سنڌي ٻوليءَ ۽ لفظن جي دنيا کي جاچيندڙ ۽ ڳوليندڙ ڦوليندڙ بڻجي ويو.
تصوير جو هي خاڪو مون ان ڪري چٽيو آهي ته جيئن اندازو ڪري سگھجي ته ڪيئن هڪ ماڻهو سماج ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي ٿو ۽ ڪارج ادا ڪري ٿو. ڊاڪٽر محبت جي تصوير جي ان خاڪي ۾ وڌيڪ رنگ ڀري ان کي چٽو ڪرڻ جي گھرج آهي ته ڄاڻي سگھجي ته ڪيئن ڊاڪٽر محبت جي پيار ۽ ذهانت ڀري شخصيت جُڙي، پر جيئن ته ڪهاڻين جو هي ڪتاب اهڙي اجازت نه ٿو ڏئي، ان ڪري بهتر آهي ته پاڻ هن ڪتاب کي پڙهون، جيڪو ڊاڪٽر محبت جي بي تڪلف ڳالهين، ڪهاڻين، طنز و مزاح وارين لکڻين ۽ ”اينيمل فارم“ جي ننڍايل ترجمي تي مشتمل آهي. انهن ڪهاڻين ۽ ٻي مواد بابت ڊاڪٽر محبت جو خيال هئو ته ان کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ کان پوءِ شايع ڪرائجي، پر ائين نه ٿي سگھيو. مان اميد ٿو ڪريان ته ڊاڪٽر محبت جو هي ڪتاب مانائتن پڙهندڙن کي ضرور وڻندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت جي شاگرديءَ واري دور جي ڪجھ عڪاسي آهي.

مهرباني.

رياضت ٻرڙو

محبت ٻرڙي جون بي تڪلف ڳالهيون

س: نالو سڄو؟
ج: محبت علي ٻرڙو.
س: سڃاڻپ؟
ج: 1. بنيادي موضوعن تي ليڪچر ڏيڻ، 2. مختلف موضوعن تي لکڻيون/ترجما، 3. علمي گفتگو ڌيان سان ٻڌڻ.
س: پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟
ج: 25 مارچ 1952ع، قنبر.
س: تعليم؟
ج: ايم بي بي ايس.
س: پيشو؟
ج: ڊاڪٽر (ميڊيڪل پرئڪٽشنر).
س: پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
ج: سندس سڄاڻ ۽ سڀاءُ جو.
س: توهان جي روزاني زندگي جو بنيادي اصول؟
ج: 1. جو ئي آهيان سو ئي آهيان، 2. عزت ڏبي علم کي، فضيلت کي، خلوص کي.
س: اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
ج: 1. اداس ٿيندو آهيان، 2. ڇنڊڇاڻ ڪري ڏک کي سهڻ، ڪارڻن کي حل ڪرڻ ۽ مصيبت جو مقابلو ڪرڻ.



س: خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
ج: 1. دل و جان سان خوش ٿيندو آهيان، 2. سڌ هوندي اٿم ته ڪاش! ڏک جيان سک جي پَتي به سڀ کي ملي.
س: ڪهڙي ڳالهه تي خوش ٿيندا آهيو؟
ج: ڪا هڪ ناهي: 1. بي غرض مرڪ جا چپڙن تي ٽڙي، 2. پيار جيڪو من ۾ هجي ۽ اکڙين مان ڦٽي.
س: ڪهڙي ڳالهه تي چڙ ايندي اٿو؟
ج: گھڻيون ئي آهن، غداريءَ تي، ڪوڙ تي، ڌوڪي تي ... قول ۽ فعل ۾ تضاد تي.
س: ڪهڙين ڳالهن تي روئڻ ايندو اٿوَ؟
ج: 1. خلوص ۾ شڪ تي، 2. پيار ۾ غلط فهمي، ڦيٽاري ۽ وڇوڙي تي، 3. حياتيءَ ۾ ناجائز ڏک تي، 4. ڪنهن جو حق کاڄي وڃڻ تي، 5. بي پناهه خوشيءَ تي (ڪنهن جي به هجي).
س: توهان جي عادت، جنهن مان گھر وارا بيزار هجن؟
ج: هوڏ! (ڀلي تعميري ڪم ۾ هجي).
س: سپنا جيڪي ساڀيا ٿيا؟
ج: 1. پنهنجي پورهئي تي جيئڻ (ڀلي ڏک ڀريو هجي)، 2. پڙهي لکي ڳالهائي سگھڻ، 3. هڪ زال جيڪا پياري هجي، 4. هڪ پٽ جيڪو سوال پڇي ۽ هر موضوع تي سوچي.
س: ڪو واقعو جيڪو توهان کي ڪنڊي جيان چڀندو هجي؟
ج: هڪ ناهي ...
س: اها گھڙي جنهن حياتي بدلائي ڇڏي؟
ج: زندگيءَ ۽ شعور جي بڻ بنياد جو ادراڪ.

س: آرسي ڏسڻ سان خيال ايندو اٿوَ؟
ج: مختلف وقتن تي مختلف: 1. ڪاش رسمي معيارن موجب سهڻو هجان ها، 2. سچ نيٺ سوڀارو ٿيندو ”... ڇا واقعي؟“ 3. سلڇڻو ٿي رهه، ”... ڇو نه ٿو رهين؟“ ...
س: توهان جي ننڍپڻ جا ڏينهن؟
ج: سادا، سچا سٺا ۽ بيپرواهه (جيتوڻيڪ خوشيءَ گاڏڙ ڏک ڀوريا).
س: ڪاش! زندگيءَ جا اهي ڏينهن موٽي اچن؟
ج: اهڙن وهمن ۾ رهڻ پسند ناهي.
س: شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هو؟
ج: سڀ سٺا، اڃا سوڌو.
س: وڻندڙ شعر؟
ج: گھڻائي آهن:
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تن جو صــرافــن، اڻـتــوريو اگـــھائـيو.
س: وڻندڙ اديب؟
ج: گھڻائي آهن، سوفوڪليز کان وٺي سراج تائين.
س: وڻندڙ سياستدان؟
ج: رسول بخش پليجو ـــــــــ وطن، قوم، نظريي، تنظيم ۽ عوام سان غداري ڪندي ظاهر ٿيڻ کان اڳ (شهيد فاضل جي شهادت) تائين.
س: وڻندڙ شهر؟
ج: ” مدينة العِلم“... ڄام شورو، سپر هاءِ وي جي اولهندي پاسي واري ايراضي.


س: وڻندڙ رنگ؟
ج: ڇا ۾؟ قدرت ۾، جسم ۾ يا ڪپڙن ۾؟ مناسب شيڊ ۾ سڀ.
س: وڻندڙ ٽي وي پروگرام؟
ج: ڪارٽون ۽ مختلف وقتن تي مختلف سلسلا، جيئن نيچرل ورلڊ، سائنس فڪشن، ايڊوينچرس، عجائبات وغيره.
س: وڻندڙ ريڊيو پروگرام؟
ج: ريڊيو ٻڌڻ جو مناسب وقت نه ٿو ملي.
س: 24 ڪلاڪن مان وڻندڙ ڪلاڪ؟
ج: جنهن ۾ ذهني اطمينان ميسر هجي، اڪثر ڪري پرهه ڦٽي مهل.
س: وڻندڙ ڏينهن/مهينو؟
ج: جنهن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ پورو ٿئي.
س: وڻندڙ لباس؟
ج: مختلف حالتن ۾ مختلف، سلوار قميص، فل سوٽ، قدرتي ...
س: وڻندڙ راند؟
ج: 1. کليل ميدان ۾ پولو ۽ ڏُڪلو ڏَڪر، 2. ننڍي ميدان ۾ ٽينس، 3. ڪمري ۾ ٽيبل ٽينس، 4. ننڍي ڪمري ۾ شطرنج، 5. اخبار ۾ ڪراس ورڊ، 6. پاڻيءَ ۾ ترڻ، 7. هوا ۾ پيراشوٽ جمپ... باقي، 8. پيار جي راند ڪير به ڪري ڪٿي به کيڏي (مثال طور گُلرن ۽ پلونگڙن جي پاڻ ۾ کيچل به).
س: وڻندڙ رانديگر؟
ج: مختلف وقتن تي مختلف.
س: وڻندڙ سواري؟
ج: جيپ (روڊ تي).

س: وڻندڙ خوشبوءِ؟
ج: 1. قدرتي ... رابيل جي، 2. هٿرادو ... ”چارلي“.
س: وڻندڙ گل؟
ج: سڀ ... گلاب.
س: وڻندڙ شاعر؟
ج: گھڻائي آهن... هومر، بلائيٽس، (حضرت) علي ۽ خيام کان وٺي سعيد ميمڻ تائين، باقي لطيف سان مون کي عقيدت آهي.
س: وڻندڙ ڪتاب؟
ج: گھڻائي آهن، خصوصاً هر شعبي جا بنيادي ڪتاب ۽ انهن تي بحث ڪندڙ تحقيقي ڪتاب.
س: وڻندڙ اخبار؟
ج: 1. ”هلال پاڪستان“ (1970ع کان 1980ع) 2. ”جاڳو“، 3. ”عوامي آواز“، ۽ ”ڪاوش“ کي ملائي ”هڪ اخبار“ سمجھي پڙهڻ.
س: وڻندڙ صحافي؟
ج: غلام نبي (جي اين) مغل (سنڌي ۾) ۽ ڪجھ ٻيا.
س: وڻندڙ ايڊيٽر؟
ج: محمد ابراهيم جويو (1955ع کان 60ع)، غلام محمد گرامي (60ع کان 70ع)، طارق اشرف (67ع کان 92ع).
س: وڻندڙ فلم؟
ج: هر اهو فلم جنهن ۾ ذهن، سماج، زندگيءَ ۽ سنسار جو ڪو به پهلو سٺي نموني نروار ٿيل هجي.
س: وڻندڙ اداڪار/اداڪاره؟
ج: گھڻا/گھڻيون ئي آهن، نالن کان وڌيڪ ادا ڪيل ڪردار تي ڌيان.

س: وڻندڙ گلوڪار/گلوڪاره؟
ج: گھڻا/گھڻيون ئي آهن، نالن کان وڌيڪ آواز، موسيقيءَ ۽ شاعريءَ تي ڌيان.
س: وڻندڙلوڪ فنڪار/فنڪاره؟
ج: ”ٽلي” ۽ ”گھڙي“ کان وٺي، ”بوڙينڊي“ ۽ ”چنگ“ تائين هر شعبي ۾ مختلف ــــــــــــ علڻ فقير، شازيا خشڪ. (حقيقت ۾ توهان جا سوال، ”اديب“ کان ”فنڪار“ تائين، سڀ منجھيل آهن. مثال طور: اديب عام طور فڪشن ليکڪ کي سمجھو ويندو آهي، جڏهن ته منهنجي لاءِ ائين ناهي. حياتي، سفر، مضمون وغيره جو ليکڪ ڇا اديب ناهي؟ اديب ڪٿان جو، ڪهڙي دور جو ۽ ڪهڙي شعبي جو؟ برٽرانڊرسل کي، مثال طور: ڪهڙي شعبي جو ماڻهو چوندؤ: فلاسفر، رياضيدان، سياستدان، ليکڪ؟ هن جون امن لاءِ ڪوششون ۽ سامراجي قوتن تي ٽريبونل وهارڻ کي ڇا چوندؤ؟ اهڙيون ٻيون به گھڻيون ئي ڳالهيون اوهان جي ڪيل سوالن ۾ منجھائيندڙ آهن.)
س: وڻندڙ گيت؟
ج: گھڻائي آهن: ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي...“ (عمر ميمڻ جي آواز ۾، بنا موسيقي جي، بدين کان هڪ ڳوٺ ويندي، ڪسيءَ جي ڪڙ تي، ٻنين جي وچ ۾).
س: وڻندڙ کاڌو؟
ج: سڀ (دال ۽ واڱڻن کان سواءِ).
س: وڻندڙ مشروب؟
ج: گھڻا ئي آهن: ٿاڌل (چانهه، جيڪڏهن مشروب سڏيو ته).


س: وڻندڙ ميوو؟
ج: قدرت جي نعمت تي آءٌ ڪو ارهو!؟
س: وڻندڙ ڏڻ؟
ج: ”ويا ويچارن وسري.“
س: وڻندڙ موضوع؟
ج: هر هڪ، جيڪڏهن موضوع هجي.
س: ڪهڙي جانور/پکي/جيت کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟
ج: مناسب اپائن هوندي ڪنهن کان به نه (ڳجھ کان ڪرڀ ايندي آهي).
س: ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿو؟
ج: ڪو به اهڙو ناهي.
س: موسيقي ڪهڙي ٻڌندا آهيو؟
ج: هر قسم، جي رڳو هارمونڪ هجي.
س: توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين ايجاد؟
ج: هزارين آهن... هن وقت ڪمپيوٽرائيزڊ روبوٽ.
س: هڪ وهم، جيڪو توهان کي پريشان ڪندو هجي؟
ج: ”الا ائين مَ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
”هئي سنـــــــــڌ ۽ سنـــــــڌ وارن جي ٻــولـي“.
س: هڪ شخصيت جيڪا شدت سان ياد ايندي اٿو؟
ج: هوچي منهه/ فاضل راهو.
س: توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
ج: سنجيده، ... کِلمُک ۽ فضيلت ڀريا ماڻهو وڻندا اٿم.
س: هڪ غلطي جنهن تي پشيمان ٿيا هجو؟
ج: مون سمجھو ته هن کي پيار آهي، ”گڏهه” (ڪم عقل) ناهي.

س: هڪ ڪم جنهن تي فخر اٿـــوَ؟
ج: انسان دوستيءَ کي بنيادي موضوع بنائي لکڻ جو ڪم.
س: توهان جو مشن ڇا آهي؟
ج: 1. قدرتي، سماجي، ذهني غلاميءَ خلاف جنگ،
2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جا بنياد رکڻ.
س: زندگيءَ جي خوهش جنهن لاءِ جيئو ٿا؟
ج: 1. علمي واڌارو، 2. سچائيءَ جي پرچار.
س: توهان کي جيڪڏهن خط لکجي ته ڪهڙي ايڊريس تي؟
ج: لطيف ڪلينڪ، قنبر - 77210.

(نومبر 1992ع)

آئيني آڏو: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

نانءُ: محبت علي ٻرڙو
جنم تاريخ: 25- مارچ 1952ع.
پسند ڪندو آهيان: ٻڌڻ، پڙهڻ، سمجھڻ، لکڻ ۽ چوڻ.
نفرت اٿم: ظلم، جِهل ۽ ڪوڙ کان.
منهنجو ماضي: ٺيڪ ٺاڪ.
پسند جو رنگ: هر رنگ جي رونق پنهنجي.
پسند جي مند: سرءُ جي مند مڙيوئي ڪجھ گھٽ پسند اٿم.
پسند جو ليکڪ: مختلف موضوعن تي لکندڙ سوين ليکڪ پسند اٿم.
پسند جو ڪتاب: مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب پسند اٿم.
پيارو دوست: هن سوال جو جواب ”دوست” جو مفهوم ڄاڻڻ کان پوءِ.
منهنجي خوبي: وت ۽ وس آهر توڙ تائين نڀائڻ.
ڪڪ ٿيندو آهيان: بڪواس ۽ ڊاڙ ٻُڌي/پڙهي.
خوش ٿيندو آهيان: ڪنهن چڱي شيءِ تي ڄاڻ پرائي، کنيل ڪم پورو ڪري، ماڻهوءَ کي فائدو ڏيندڙ ايجاد بابت ٻڌي، وغيره.
منهنجي آئيڊيل/پسند جي شخصيت: ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينجلس ۽ جيني مارڪس جي ڪردار کي ملائي هڪ ڪري سگھو ته...
منهنجي ڪمزوري: هڪُ (منهنجي نظر ۾) سٺو ڪتاب.
آخري خواهش: ڇو ڀلا؟
ڏس/پتو: لطيف ڪلينڪ، قنبر. ڪوڊ: 77210، ضلعو لاڙڪاڻو.

(فيبروري 1997ع)

ڪهاڻيون

---

1. بهترين بوٽ

مان ڊيل ڪارينگي جا ڇهه ئي اصول ذهن ۾ دُهرائيندو ۽ ورجائيندو ٿي ويس، ڇو ته جيڪڏهن دهرايان ۽ ورجايان نه، ته منهنجي يادگيري جو حاضمو ڏاڍو خراب آهي، هر هر ياد ڪيل ڳالهه به ڀلجي ويندو آهيان. مون کي انهن اصولن جي ياد ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي جو مون کي دڪاندار کان بوٽ خريد ڪرڻو هو. اڄڪلهه سستائيءَ جي زماني ۾ مهانگو بوٽ خريد ڪرڻ ته وڏو ڪارنامو، پر بوٽ ڳولي لهڻ ئي شاباس جوڳو آهي، ڇو ته اسي رپئي خريد ڪيل بوٽ اسي ڏينهن به ڪو نه ٿو هلي.
پهرين اصول هيو ”مُرڪڻ“. مان مرڪندي صاحب-دڪان سامهون ويٺس، هو به مرڪڻ لڳو. مرڪڻ ڪري ٻي جي دل ۾ ڪتڪتايون نڪرنديون آهن، مون کي ڪتڪتايون ٿيڻ لڳيون. خبر ناهي دڪاندار کي به نڪتيون يا هو ڪتڪتايون پروف هو. بهرحال يڪدم ٻيو اصول ”نالو ياد ڪري مٺي آواز ۾ سڏڻ“ ذهن ۾ آيو ۽ مون زبان مان اوڳاريو. پڇيم، ”ادا ڀائو! توهان جو نالو؟“ دڪاندار ڪجھ دير لاءِ حيران ٿي ويو. ڪجھ دير لاءِ پريشان ٿيو... ۽ پوءِ هٻڪندي چيائين، ”سا... سا... سائين هتي مهراڻ بوٽ آهن، شڪارپور بوٽ آهن، انصاف بوٽ آهن، لاين (شينهن) بوٽ آهن، پارا مائونٽ بو...“
”بس... بس... بس...“ مون ٻئي هٿ ڪنن تي رکندي چيو، ”مون توهان جو نالو پڇيو هو، ڀائو!“ هو وري ڪجھ دير لاءِ وات ڦاڙي ڏسندو رهيو، مون آڱر اڀي ڪري سندس زبان کي هڻي، ٻاهر ڪڍي ورتي. هن يڪدم وات بند ڪيو ۽ چپ ڪري ويهي رهيو. مان پريشان ٿيس ته ڊيل ڪارنيگي جو ٻيو اصول وڃي ٿو درياءَ ۾، وري چيم ”ادا، تنهنجو نالو؟“
”انجم.“ مون وائڙو ٿي هيڏي هوڏي ڏٺو (خبر نه آهي ڇو وائڙو ٿي ويس!) بهرحال مون کي خلوص دل سان نالي جي تعريف ڪرڻ هئي. چيم، ”آها... يار، انجم ته واهه جو نالو آهي. جڏهن سياري جي ٿڌي رات ۾ ٻارهين بجي آسمان تي ٽمڪندڙ چمڪندڙ ستارن کي ڏسندس تڏهن مون کي تون ضرور ياد ايندين، ڇا ته شاعري سمايل آهي انجم ۾... انجم!“
مان ڪارنيگي جو ٽيون اصول ”ٻين ۾ سچي دلچسپي وٺو“ پورو ڪري چڪس، ته هاڻي چوٿين اصول تي ڪم ڪرڻو هو، نه ته بوٽ وٺڻ ۾ سخت چوٽ کائڻ جو انديشو هو، ۽ اهو اصول هو ”ماڻهن جون ڳالهيون توجھ سان ٻڌو ۽ کين پنهنجي ذاتي ڳالين ڪرڻ تي اڀاريو“ ۽ ان سان گڏ پنجون ۽ ڇهون اصول به ياد ڪيم ته ”انهن شين جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪيو جن سان مخاطب کي دلچسپي هجي“ ۽ ”خلوص دل سان سندس تعريف ڪيو.“ مون پڇيو، ”ڏي خبر! ٻار ٻچا خوش ٿي؟ زال اڃا وڙهندي اٿئي ڪ نه، اڳي سينڊل تنهنجي ٽڪڻ تي هنيا هئائين، انهن جو بدلو ورتوسين يا ائين ڏڏ آهين. يار! تون ئي بهادر منهنجي نظر مان گذريو آهين، جو زال جا سينڊل هڪ وقت، ٽڪڻ تي برداشت ڪيا اٿئي، نه ته اسان ڏي ته زال جي ورنديءَ تي کيس ڪُهي ڇڏيندا آهن، ۽ هو... او... او...“ مون کي حيرت جي وڻ-ويڙهي، ويڙهي وئي، جڏهن ڏٺم ته سندس رنگ ڳاڙهو ٿيندو ٿي ويو، ڏند ڪرٽيائين ٿي، مٺيون ڀڪوڙبيون ٿي ويس، ڀرسان رکيل جوتي ڏانهن نظر ڦيرايائين. مون، چيو، ”يار! ٽي مهينا اڳ هتان سوا سو رپئين بوٽ وٺي ويس، توهان بوٽ ٺاهي ڄاڻو... واهه جو مظبوط هو! پندرهن ڏينهن ته پاليش ئي خراب نه ٿيس، سورهين ڏينهن ترو هليو ويس، ويهين رپئين ورائي ترو ۽ کڙي هڻايم ته سترهين ڏينهن وري مٿان ڦاٽي پيو، ٽين رپئين ڳنڍرايم ته اوڻويهين ڏينهن ڪَهيون ڇڄي پيون. اهي نيون وجھرايم، نيٺ ته زماني سان هلڻو آهي. بوٽ پائيندو رهيم. يار! ڇا تعريف ڪجي اهڙي بوٽ جي! پورو مهينو کن هليو. جڏهن پوري ايڪٽيهين ڏينهن گھر پهتس، تڏهن بوٽ جو ترو ۽ کڙي ڪٿي رستي ۾ ئي رسي ويا هئا، اڄ ٻٽيهين ڏينهن تو وٽ آيو آهيان. توهان جا بوٽ واهه واهه، سبحان الله، ٻيلي اڳين کان اڳرو ڪو لاجواب بوٽ ڏي.“
ڏٺم ته سندس مک تي مرڪ وري آئي، چيم، ”پيارا انجم! تون فلمن ڏسڻ جو شوقين پيو لڳين، مهانڊو ئي اهڙو ٿي... پڪ ئي پڪ ’اي پگ ميري وير دي، خانزاده، خطرناڪ، ٺاه، ڀُل نه جاوين‘ فلمون ڏٺيون هوندءِ. مان سمجھان ٿو ته سڌير جي پهلوانيءَ جو معترف هوندين. ڇو ته تون به منهن مان بهادر ٿو لڳين. رنگ ڪارو ٿي، ڄياڙيون نڪتل، ڳٽا کاڌل ۽ سلڇڻا اٺ ڏند غائب... مان ڇا چوان... ها ادا! سينڊل ۽ بوٽ ۾ فرق آهي. تون اهڙو ڪو بوٽ ڏي جو يا مان مران يا تون مرين، پر بوٽ نه ڳري. هونئن به توهان جا بوٽ توهان جهڙائي مضبوظ هوندا آهن.“
مان ڊيل ڪارنيگي جا ڇهه ئي اصول آزمائي چڪس. بوٽن واري جي منهن تي مرڪ ڪوڏي ڪوڏي کيڏي رهي هئي. هو ڏاڍي شوق مان اٿيو. مٿي مٿي رکيل بوٽ لاٿائين، بوٽ جو پادر ٻاهر ڪڍي، سلوار سان اگھي، منهنجي پير ۾ پارائيندي چيائين، ”هي هڪ ئي داڻو ٽي سال اڳ ٺاهيو هو، توهان جهڙن قدردانن لاءِ رکيو هو. ڀلا سائين... ڪير ههڙو بوٽ خريد ڪندو... توهان ئي ڏاڍا سٺا گراهڪ اسان جي دڪان تي آيا آهيو... هي اڳيون بوٽ عمر ۾ هن جو پيءُ ۽ مضبوطيءَ ۾ هن جو ڏاڏو آهي. توهان اکيون ٻوٽي کڻي وڃو... مان توهان جهڙي بهترين ۽ کلمک انسان کان قيمت وڌيڪ وٺي ئي نٿو سگھان. ائين سمجھو ڄڻڪ مفت ۾. هي ڏسو ڪيڏو نه فِٽ اچي ويو. واهه جو توهان جو پير آهي... بس کڻي وڃو، صرف ويهه رپيا هڪ سو ٻيو ڪجھ به نه... نج چمڙي جو، ڊبل سلائي انتهائي مضبوط، آرامده، ٺينگ ڏيندي هلندؤ، ڄڻڪ مور ٿو ٽلي، راڻا مور ٿو ٽلي. اها خبر توهان کي ڏاڍي دير سان پوندي، ته هن بوٽ جهڙي مضبوط شيءِ به ڪا ٿي سگھي ٿي. ٽن سالن کان ڏيڍ سَو جي شيءِ سوا سَو ۾ وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪنهن به ڪو نه ورتي. توهان عقلمند ۽ ڄاڻو آهيو، توهان سان انتهائي رعايت صرف سو ويهه ڪاڳر، ٻيو ڪل خير. اي ڇورا! هي بوٽ پيتي ۾ بند ڪري، سهڻي رنگين ڪاغذ ۾ ويڙهي، سائين کي ڪڇ ۾ ڏي، ته هلندو ڦرندو نظر اچي.“
۽ جڏهن مان خوش خوش ڪڏندو ٽڙندو دڪان جي چائنٺ لهي هيٺ ٿيم، تڏهن دڪاندار کلندي چيو، ”سائين! توهان جهڙن قدردانن کي چانهن پياري خوشي ٿئي ها، پر توهان مصروف ماڻهو آهيو. اسان توهان جو قيمتي وقت سيڙائڻ نه ٿي چاهيو، توهان جي مهرباني. توهان جي ڳالهائڻ مان محسوس ٿئي ٿو ته توهان جو مطالعو محدود، او هو، نه سائين معزور، نه يعني ڪ، ڏاڍو وسيع آهي، توهين پڪ ئي پڪ ڊيل ڪارنيگي پڙهي آيا هوندؤ. هن جو چوڻ آهي ”ٻي جي تعريف ڪيو، هو يڪدم بيوقوف بڻجي ويندو. مون ان اصول تي هميشه عمل ڪيو آهي. سدائين خوش رهندؤ. توهان ڏاڍو بهترين بوٽ خريد ڪيو آهي.“

(فيبروري 1997ع)

2. همدردي

”ادا، ٿوري جاءِ ته ڏجو، مان به بيهان.“
25 سالن جي ٺاهوڪي نوجوان آهستي چرندڙ بس جي در تي بيٺل ٻن نوجوانن مان هڪ کي چيو.
”ڪاٿي ويندين؟“ ٻنهي مان هڪ پڇيو.
” او هن اڳين موڙ تي لهندس.“ هن آهستي آهستي ڊڪندي چيو، ڇو ته بس ڪجھ تيز ٿي هئي.
”اهو موڙ ته ويجھو آهي ۽ بس ۾ جاءِ به ڪانهي. ڪاٿي بيهندين؟“
جڏهن ته بس ۾ ڪافي جاءِ هئي. نوجوان جي منهن تي مايوسي جو تهه چڙهڻ لڳو، جو هينئر بس ڪافي تيز ٿي چڪي هئي ۽ هو بس کي نه ٿي پهچي سگھيو.
”ڏسو ته ڪيڏي نه سستي ۽ ڪاهلي اسان جي قوم ۾ گھر ڪري وئي آهي.“ ٻنهي مان اڳيان بيٺل چيو، ”ڇا، اڌ فرلانگ کن پنڌ جو به نه ٿيندو ۽ اهو به بس ۾ سفر ٿو ڪجي!“
”اهڙي بي همتي به اسان نه ڏٺي، ۽ نه ٻڌي.“ پٺيان بيٺل جوان ها ۾ ها ملائيندي چيو.
”ڪهڙو نه ڳڀرو جوان هو، هي سٽ کن پنڌ جيڪر ٻن منٽن ۾ ڪري وڃي،“ پهرين چوڻ شروع ڪيو، ”اها ئي آهي سستي، جا اسان جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي. هاڻي انهن حالن تي اسان ڪيئن ترقي ڪري سگھنداسون؟“
پنهنجي قوم جي پٺتي هجڻ جو ڏاڍو خيال هوس، شايد ڪاليج جي ليڊر ٽائيپ شاگردن مان هو، ”ڏس، هنن نوجوانن جو حال ڏس! ڇا ته پنڌ جو ٽڪرو هيو ۽ ڇا پُٽ بس تي چڙهي هلندو. اي ڪاش! هن کي اهو احساس پيدا ٿئي، ته اها سستي سمنڊ جي گھراين ۾ طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڪاش! هي بيدار ٿين، ڪاش همت کان ڪم وٺن، ڪاش محنت ڪن، ڪاش...“
گاڏي موڙ مڙڻ لڳي ۽ ٻئي ٽپو ڏئي لهي ويا.

3. ڪتو

هُل ٿي ويو ته شاهوءَ وارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي ۽ پنهنجي مالڪ شاهوءَ کي کائي وڌائين! سڄي ڳوٺ لٺين، ڪهاڙين ۽ ڪِن ته بندوقن سان سهڪندي ڳوٺ جي اترئين پاسي، رانجھن جي ٻنين طرف ويل ڪتي جو ڀڄندي پيڇو ڪيو. سَو سالن جي جھوني بڙ هيٺان ويٺل سٺ سالن جي ٻڍڙي ڏاڏي رجب پنهنجي اڳيان رکيل ٺڪر جي چلم ۾ ڦهڪايل نڙ مان گڙگاٽ ڪڍندي، زماني جي هيٺ مٿاهين ۽ انقلابن کان مانوس اکين کي چنهجائيندي، ڀر ۾ نبي بخش کي چيو، ”نبو! خبر اٿئي! شاهوءَ وارو ڪتو ڇتو ٿي پيئه!؟ ۽ بي شناس پنهنجي مالڪ کي کائي ماريو... هَئي... هَئي! مون کي ته اهو وقت ٿو ياد پوي... ڦوهه سياري جي ان ولهائتي رات وارو... جڏهن پارو پئي پيو... شاهو ۽ مان باغي ديري مان ڏاندن جي ميل ڏسي موٽندي ڳوٺ پهتا هئاسين... ته اهو ڪتو... ڪاني لڳيس، جنهن مالڪ جي شناس نه رکي... نمڪ حرام... تڏهن گلرڙو هيو ۽ وڏيءَ ڪسيءَ مان پئي ڪوڪون ڪيائين. لک جھليو هيم شاهوءَ کي، ڇو ٿو گندگيءَ ۾ هٿ وجھين گلر لاءِ؟ پر چيائين، ”بي زبانو آهي... مري ٿو ڪسيءَ ۾، ڪهل ٿي اچيم، ٻيلي پناهه ڏيندومانس!“ نيٺ هن رحمدلي ڪري، ان ڪتي کي تڏهن ڪسيءَ مان ڪڍي گھر نِيُس. هري ٺاهي، پلال وجھي، ڪکائون ۽ نرم اجھو ٺاهي پناهه ڏنائين مردود کي... ۽ پوءِ شاهوءَ ويچاري ان نڀاڳي جي پر گھور به گھڻي پئي لڌي!“ ڏاڏي رجب نڙ وات ۾ وجھي ٻه ٽي تڪڙا تڪڙا گڙگاٽ ڪڍيا ۽ پوءِ ساهي پٽي پنهنجو ڪلام جاري ڪندي چيو، ”روز گوشت ۽ ڇڇڙا آڻي ڏيس... کائي کائي سڪمو ٿي پيو! بي شناسي مان ڪهڙي غذا، اڄ ڇتو ٿيو... نيٺ ظاهر ٿيو ته هيو برابر ’ڪتو‘ ئي! بي شناسو، جو مالڪ کي کائيندي انڌو ٿيو ته محسن اٿس... جنهن رذيل حالت ۾ آندو هيس ڪسيءَ مان ڪڍي، جو مري پيو ولهه ۽ سيءَ ۾، اجھو ٺاهي پناهه ڏنائينس، پاڻ رُکي سُکي کائي به، هن کي جام کارائي ڏنڊو ڪيائين... چوندو هيو: ’ڪتو وفادار جانور آهي، ۽ گگدامن تي خدا ترسي چڱي ڳالهه آ.‘“ ڏاڏي رجب کنگهندي هڪ دفعو چلم مان ڦوڪون ڪڍيون. اترئين پاسي ويل ماڻهن جي ڊنبلي طرف هڪ مَنو بندوق جا ٻه ٽي ٺڪاءَ ٿيا. ڪجھ دير بعد اوڏانهن ايندڙ چند ماڻهن ٻڌايو، ”شاهوءَ واري ڇتي ڪتي کي ماريوسين... پر ذليل ٻه ٻارڙا به کائي وڌا!“ ڏاڏي حقارت وچان پنهنجي جھوني ڪنڌ کي ڌوڻيندي چيو، ”نيٺ ته بي شناسو هيو نه! پنهنجي مالڪ جو ويري، مردود بي گوندرو ڪتو.“

4. ٿلهي ٿيڻ لاءِ نسخي جي ڳولا

مان ارڙهن سالن جو لَئي جي چهبڪ جيان سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو آهيان، تنهنڪري ٿلهي ٿيڻ جا خيالي پلاءَ پچائي... کائي... پوءِ هي گيت ڳائيندو آهيان: سنهڙا ماڻهو سهڻا، جي لڪڻ جيان لچڪن، پير تن جا پتڪڙا، جي جتيءَ ۾ جرڪن. جڏهن ڏٺم ته ٿلهي ٿيڻ جا خيالي پلاءَ پچائي... کائڻ جي باوجود متارو ڪونه ٿو ٿيان، تڏهن سوچيم ته شهر جي سڻڀن ستابن ماڻهن کان سندن ٿلهي ٿيڻ جو راز پڇان، سو ڊوڙندي وڃي شهر جي ڊاڪٽر جي در جي گھنٽي وڄايم: ٽون... ٽر... ٽون. ڪجھ دير کان پوءِ در مجھان هڪ سٻر پيٽ ظاهر ٿيو ۽ هيترڙي ننڍڙي منڍي. ”سائين سلام عليڪم.“ تڪڙ ۾ سلوٽ واري انداز ۾ هٿ نراڙ تائين مٿي ڪري، حسرت وچان سندس سٻر پيٽ ڏسندي، ان تي هٿ رکيم. ڊاڪٽر اها اڇل کاڌي ڄڻ اوچتو سندس پير ڪنهن نانگ تي پئجي ويو هجي. منهنجا تارا حيرت کان ڦاٽي ويا ۽ ڊاڪٽر جون اکيون ڪاوڙ کان ڳاڙهيون جهڙو اڱر. ”سائين... سائين، توهان ڏسو ٿا، هي منهنجو پنهنجي ٻانهن جهڙو بدن سائين... سائين توهان ٿلها ڪيئن ٿيا آهيو؟“ مون پنهنجي حيرت هڪ ڳيت سان ڳڙڪائي ڊاڪٽر کان پڇيو.
”بدتميز، لچ، لوفر، ڀڄي وڃ منهنجي نظرن سامهون، چڪ هڻي ڪيانءِ نه پورو.“ ڊاڪٽر ڪاوڙ وچان ڏند ڪرٽيندي چيو.
”اڙي مان ڄاڻان ٿو ته موسو ڪاسائي توکي روز ٻه سير ڇيلي جو گوشت موڪلي پاڻ بيمار رڍون وڪڻندو آهي. تون پاڻي جي سُئي هڻڻ جا چار رپيا ۽ مٺائي جي رنگين مڪسچر جا ٽي رپيا وٺندو آهين. مون کي خبر آهي ته تنهنجو پيٽ حرام جي ڪمائي جو قبرستان آهي. مان هي ٿو وڃان.“ ۽ جيڪڏهن ٽپو ڏئي کڙيءَ تي زور نه ڏيان ها ته سندس لپاٽ گھٽ ۾ گھٽ ڪلواڙا ضرور ڦيري ڇڏي ها.
ڊڪندي ڊڪندي ڪپڙي جي وڏي واپاريءَ سيٺ گرمکداس جي هٽ تي چڙهي ويس. سوا ست منٽ کن سهڪندو رهيس ۽ پوءِ عجب وچان تارا ڦاڙي ڏسندڙ سيٺ جي چٻري جهڙين اکين ڏانهن آڱر وڌايندي چيم، ”تارا ته نه ڦوٽار، ماڻهو آهيان، گڏهه گھوڙي جو پڇ ڪونه آهيان، تو کان ٿلهي ٿيڻ جو راز پڇڻ آيو آهيان. ٻيو مڙئي خير آهي، ڀولو پهلوان جا پٽ.“ ڀَــوَ ۾ سيٺ اکيون بند ڪري جهڙوئي منڍي پوئتي ڪئي، تهڙو ٺڪاءَ ٿي وئي سندس لوٽ سيمينٽ جي ڀت سان (جنهن کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو). کار وچان ٻئي هٿ فرش تي رکي اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين. مان ٽپ ڏئي وڃي در جي ڀرسان بيٺس. ٻئي هٿ چيلهه تي رکي، ڪنڌ چِٻو ۽ اکيون ٽيڏيون ڪري سيٺ کي ڏٺم. ”سيٺ! ڄاڻان ٿو ته تنهنجي پيٽ ۾ اهي رپيا پوريل آهن جيڪي غريبن هڏ هڻي، خون سڪائي، پيٽ کي پٿر ڏئي گڏ ڪيا ۽ تون ٽين رپئين وال وارو ڪپڙو پنجين وڪڻي هٿ ڪيا. جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ته پڪڙ کڻي پٽيان تنهنجو گوشت، لعنت آهي تنهنجي ٿولهه تي، ٿلها!“ ۽ جيڪڏهن ائين چوڻ سان ٽپو نه ڏيان ها، ته هن جيڪو سوتلي جو ڍيرو مون طرف ڦٽو ڪيو هو، ضرور منهنجي ڪنهن نه ڪنهن مضبوط پاسري کي سڌو ڪري ڇڏي ها. نسخو ته نسخي جي ماڳ، رهندو موچڙا ٿي مليا. منجھي پيس ته آخر ڪنهن جي گھر وڃان. نيٺ هڻي ماري سيٺ نصير ڏي وڃڻ جي سوچيم. هن شخص جي پهرين خاصيت اها آهي ته سندس پيٽ سان گڏ رانون، ٻانهون ۽ منڍي پڻ ٿلهي آهي ۽ ٻي اها ته سندس آواز تمام سنهو آهي، صفا ٻلي جي وات ۾ ڦاٿل ڪوئي واريون چيٽون. کُلي پڌر ۾ کٽ تي ويهي چرس وڪڻندو آهي، پر پاڻ نه ڇڪيندو. هن جا چمچا ٻارنهن آهن ۽ ڇريون ٽي. ”وڏيرا صاحب! سلاماليڪم.“
”ماليڪم سلام، ماليڪم سلام. ڏي خبر، پيءُ لاءِ چرس وٺڻ آيو آهين ڇا؟“ ٿلهي وڏيري پنهنجي سڪيلڌي سنهي آواز ۾ پڇيو. مون کي اصل چوچڙي وچڙي وئي. ”چرس!؟ چرس ڇڪي تنهنجو پيءُ، تنهنجو ڏاڏو، تنهنجو تڙ ڏاڏو، ٿلها ڀوڪ بصر، مان ته تو کان ٿلهي ٿيڻ جو نسخو پڇڻ آيو هيس.“ اوچتو کنڀڙاٽي ۾ عقاب وارو چنبو کتل پاتم. وڏيري جي چمچي پڪڙيو هو. منهنجون وايون بتال ٿي ويون. ٻه ٽي ٺينگ ڏنم، پر اڇل سان گڏ وڃي وڏيري آڏو ڪريس. وڏيري ڄنگھ ورائي منهنجن ڪلهن تي رکي ڇڏي.
”وڏيرا! او هو، وڏيرا، اڙي هيءَ ڇپ ته لاهه، اڙي مري ويس، اي لي ڙي! ابا ڙي!“ وٺي جو رڙيون ڪيم ته وڏيري سمجھيو ته شايد ڇورو ٿو مري، تڪڙ ۾ ڄنگھ کڻي مٿي ڪيائين. مان ٺينگ ڏئي وڃي پري بيٺس. ”هينٺ ٿي، مان تو کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو، تون ديهان، هارين جي رت جي ڪمائي شراب ۽ رنڊين تي وڃائيندو آهين. خدا ڪندو تنهنجو پيٽ ڦاٽندو ۽ شهر جا ڪتا شراب پيندا.“ زور مان جو ڀڳس، ته وڃي مُلي جي در تي بيٺس. هي ملان اسان جي شهر جو متارو ماڻهو آهي، سڄو ڏينهن ڪمري ۾ اندر ويٺو هوندو آهي. تعويذ به اتي ئي لکندو ته ٽوڻا ڦيڻا به اتي. ٻڌو هيم ته ستاويهن سالن جي اڻ پرڻيل عورت جڏهن جنن جي سبب رڙيون ڪوڪون ڪري رهي هئي ته تڏهن هن ئي سندس جن ڀڄائي دنيا مان غائب ڪري ڇڏيو. پر جن به دنيا ۾ ساڳي عورت ڳولي لڌي، پندرهين ويهين ڏينهن وٺ پڪڙ ڪندو رهيو، هن جي تعويذن ۾ اهو اثر هو جو بي اولاد عورت کي اولاد ٿيو، جيڪو ننڍي لاءِ ئي پينگهي ۾ اونڌو سمهندو هو. در کي ڌڪو ڏئي اندر گھڙي ويس، ملان سامهون ويٺل عورت جي منهن ۾ وات سان هوا جون ڦوڪون هڻي رهيو هو. مون کي ڏسي ڇرڪ ڀري پوئتي ٿي ويو. عورت ويچاري هيسيل، هٿ ٻڌي، اکيون بند ڪيون ويٺي هئي. مون کي ڏاڍي باهه وٺي وئي. رڙيون ڪري ملان کي چيم، ”ملان! تون حرام جون ٽڪيون ۽ مفت جا حلوا کائي ٿلهو ٿيو آهين. ٽوڻن ڦيڻن مان خوب پيسو ڪمايو اٿئي. جيڪر منهنجو وس پڄي ته تو کي جيئري ڪتي جي پيت ۾ وجھي ڇڏيان.“ عورت رومڙ پائي مون طرف ڊوڙي، مان سٽ ڏئي ٻاهر نڪري آيس. سوچيم: ”هي عورتون پاڻ ئي حرامزاديون آهن، نه ته ملن جو ڪهڙو وس، ۽ پوءِ گھٽي ۾ ڊڪندو، گھٽيءَ مٿان گھٽي لتاڙيندو ويس ۽ پوءِ هڪڙي گھٽيءَ مان مڙندي... ايندڙ واٽهڙو سان ٽڪر ٿي ويو! هو ۽ مان ٻئي هيٺ. تڪڙ ۾ اٿي ڏٺم. ”اڙي کٻڙ موالي، صفا مان جهڙو سنهڙو همراهه، نشي ۾ ڌت، ڪرندي ئي مون کي ڏٺائين، ”اڙي قاسو جا پٽ، نه ويندين. مون کي ڏيڍ رپيو ڏي، منهنجو نشو ٽوڙي ڇڏيئه.“ آءٌ ٿو وٺي ڀڄان. اڳيان مان، پويان کٻڙ، وڪڙ مٿان وڪڙ، آخر گوهي ڪري کٻڙ کان ڀڄي وڃي شهر نڪتس... ۽ اوچتو بيهجي ويس. منهنجا تارا حيرت مان ڦاٽي ويا، ننڍڙي گاڏي ۾ ويٺل منڊي فقيرياڻي! اٺ مهينا اڳ ان فقيرياڻي کي ڏٺو هيم، صفا سنهڙي جهڙو مان، پر هينئر ته هوءَ ڏاڍي ٿلهي ٿي لڳي، ڄڻڪ سڄي جسم تي ڏينڀن ڏنگيو هجيس، ۽ ساڳيو ئي پوڙهو فقير رسي سان گاڏڙي کي گهليو ٿي ويو. واهه، واهه، منهنجا ته مزا ٿي ويا. هوءَ به سچي، مان به سچو، هاڻي ان کان نسخو پڇڻو آهي. ڪراڙي فقير کي ڪيئن پاسيرو ڪيان جو ڇوريءَ کان نسخو پڇان؟ پوءِ منهنجي کوپڙيءِ ۾ هڪ ڳالهه سُجھي آئي، ڊڪ ڀريم گھر ڏانهن.
”امڙ، مٺڙي امڙ، مون کي ڏهين جو نوٽ ڏي، صرف چار آنا کپائيندس، باقي پيسا موٽي ملندءِ.“ امڙ کي ٻانهن ۾ چمبڙي چيم، ”وارو ڪر، نه ته منهنجو ٻيڙو ٻڏو.“ امڙ تڪڙ ۽ بدحواسيءَ ۾ ڀڳل چاڏي مان اٽي ۾ پوريل ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏنو. مان اهو ٿو وڃان.
سج لهي چڪو هو. منجھند لاڪون ڊڪ ڊوڙ ڪئي هيم. مون فقير جو سندس جھوپڙي تي اڳ جھلڻ مناسب سمجھيو ۽ وڃي اتي بيٺس. فقير جي جھوپڙي ڳاڙهي بازار جي هڪ گھٽيءَ اوريان هئي. خوف پئي ٿيو ته ڪٿي هن طرف ”ڀُل“ ۾ آيل ڪو ”شريف“ ماڻهو ڏسي نه وٺي، ۽ ڪري نه شهر ۾ شهرت، اڙي قاسو جو پٽ چڪلي ۾. ٿوريءَ دير ۾ فقير گاڏي گهليندو اچي جھوپڙيءَ جي در تي بيٺو. مون وڌي وڃي سندس هٿ ۾ ڏهين جو نوٽ ڏنو ۽ چيم، ”فقير چار آنا کڻ خيرات جا، باقي پيسا موٽائي ڏي.“ فقير ۽ ڇوڪري ٻنهي ڇرڪ ڀريو. فقير نوٽ کي مٺ ۾ ڀڪوڙي مون کي دوڏا ڦاڙي گھورڻ لڳو. سندس منهن مان حسرت ۽ حوس صاف جھلڪي رهي هئي. ڇوڪريءَ جي ٻوٿ تي وائڙپ ۽ قَرب پکڙجي ويو. فقير نوٽ اٿل پٿل ڪندو، تڪڙو تڪڙو اڳتي گهٽي ۾ مڙي ويو. سوچيم ته ان کان اڳ جو فقير پيسا مٽائي موٽي اچي، ڇوڪريءَ کان نسخو پڇي وٺان. گوڏن ڀر وڃي ڇوڪري جي اکين ۾ ڏٺم. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا. مان ڪجھ دير لاءِ وائڙو ٿي ويس. تڪڙ ۾ چيم، ”تنهنجو گوشت لاهي کائي ڪونه ويندس. تنهنجي ٿولهه توکي نبيهه هجي. مون کي رڳو اهو ٻڌاءِ ته تون اٺن مهينن ۾ ايتري ٿلهي ڪيئن ٿي وئي آهين؟“
ڇوڪري ٻئي ٻانهون اکين تي رکي اچي سڏڪن ۾ پئي. منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا. ٻئي هٿ گاڏڙي جي ڪنڊن تي رکي چيم، ”مون کي سمجھ ۾ ڪو نه ٿو اچي ته تون روئين ڇو پئي؟ فقير اجھو ڪي اجھو پيسا مٽائي آيو. مون کي پنهنجي متاري ٿيڻ جي مام پروڙي ٻڌاءِ، ڏسين ٿي ته مان ڪنگلي جا ڪهڙا حال آهن.“
ڇوڪريءَ ڏانور جيڏا تارا ڦاڙي مون کي گھوريو ۽ پوءِ سڏڪا ڀريندي چيائين، ”ڇا چيئه، پيسا... مٽائي ايندو؟ فقير ته ... ويو وڏيري وٽ چرس ڇڪڻ، رات اتي رهندو. هو ته ... هو ته توکي منهنجو گراهڪ سمجھي هليو ويو. مان ... مان ٿلهي ناهيان، مون کي ستن مهينن جو پيٽ آهي.“

5. شاڪ

هو ڏاڪڻ تي چڙهندي ٿاٻڙيو، پر اِقوءَ کيس جلد ئي سهارو ڏئي سڌو ڪيو. هو نشي ۾ ڌُت هو، کيس ملڪ جهان جي خبر ئي ڪو نه ٿي پئي. ٿورو ڪنڌ کڻي اِقوءَ کي گھوري ڏٺائين ۽ جلد ئي نظرون هيٺ ٿي ويس. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون، وار ڇڙو ڇڙ لڳا پيا هئا، منهن تي خشڪيءَ جو تهه ڄمي ويو هئس ۽ چپ سڪل هئس، جن کي زبان گھمائي آلو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو، ڪپڙا سٺا پهريل هئس. شڪل جو به ڪو برو ڪو نه هو، سهڻو نڪتل رنگ ۽ سينو ڪشادو رکندڙ هو. هي قادو هو. هونئن ته نالو قادر بخش هئس، پر سندس دوست قادو قادو ڪري ڪوٺيندا هئس. جهڙي قسم جي دوستن جي صحبت ۾ رهندو هيو، اتي اڌ نالو سڏڻ ڪو بُرو يا خراب محسوس نه ڪيو ويندو هو. کيس پڻهس پاڻ جيان براين ۾ نه ٿي ڏسڻ گھريو ۽ پنهنجي شهر کان ٻاهر ۽ پري ان لاءِ ئي موڪليو هو، جيئن هو برن دوستن جي صحبت کان پري رهي ۽ کيس سٺو ماحول ميسر رهي، پر هت هن جي جنهن سان پڪي دوستي ٿي، اهو هاسٽل جو بدنام ترين شخص اقبال هيو، جنهن کي عرف عام ۾ اِقو ڪري سڏيو ويندو هو. اِقو جي دوستيءَ کيس نئين زندگي بخشي. هن قادوءَ جي هر گھرج کي پورو ڪيو، کيس جواخانه ڏيکاريائين، بازار حسن کان روشناس ڪرايائين، رنڊين جا ديدار ڪرايائين، ته بالاخانن جا سير به. قادو اکيون ٻوٽي اِقوءَ جو چوڻ مڃڻ لڳو. ڀلا سندس پيارو، عزيز ۽ بهترين دوست هئو. هو حسينه ٻائي جي بالاخاني تي ڪيتري ئي عرصي کان ايندڙ هئا ۽ ڪيترن ئي جسمن کان سيراب پڻ ٿيا هئا. اڄ هنن کي هڪ دور دراز شهر ۾ رهندڙ، حسينه ٻائي جي هڪ سهيليءَ جي ڌيءُ سان متعارف ٿيڻو هو. حسينه ٻائيءَ کين اهو ته نه ٻڌايو هو ته هوءَ ڪير آهي ۽ ڪهڙي شهر جي رهندڙ، البت هن جي جسم جي، هن جي حسن جي، ايتري ته تعريف ڪئي هئائين جو هن کي سندس ديدار ڪرڻ جو شوق ٿي پيو هو ۽ هينئر هو ان ئي حسن جي راڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا.
جيئن ئي حسينه ٻائيءَ کين ڏٺو. ڊوڙي اچي سندن آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ وٺي وڃي ڪوچ تي ويهاريائين.
”حسينه ٻائي! ڪٿي آهي هوءَ حسن جي ديوي؟ اسين سندس درشن ڪرڻ لاءِ ماندا آهيون.“ قادوءَ نشي ۾ لڏندي ڳري آواز ۾ پڇيو.
”هينئر ئي توهين کيس ڏسي سگھندا، ٿورو کيس تيار ته ٿيڻ ڏيو.“ حسينه ٻائي لڏندي هڪ ادا سان چيو. جلد ئي هوءَ اٿي سامهون واري ڪمري ۾ ويئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ ٻاهر نڪري وڏي فخر سان چيائين، ”توهان منهنجي انتخاب جو داد ڏيندؤ، هلو، هلي ڏسو، مون توهان لاءِ ڪهڙو نه مکڙو چونڊيو آهي، گلاب جي گل کان وڌيڪ پيارو، روشن چنڊ کان زياده حسين، توهان جي سوچ ۽ توهان جي تصور کان وڌيڪ اُوچو. اچو اچو...“
ائين چئي در تي ڏنل پردو کڻي ٿورو مٿي کنيائين ۽ هو ٻئي اندر داخل ٿيا. قادوءَ جو ڪنڌ ٿورو هيٺ ڍرڪيل هو.
”آ ها! ڪهڙو ن پيارو، ڪهڙو نه حسين تحفو آهي.“ اِقوءَ هٿ مٿي کڻي ڪنڌ لوڏيندي چيو.
واقعي سامهون نوجوان ويٺل ڇوڪري يا ڪِ عورت حسن جو مرقع هئي. پنهنجي تعريف تي مرڪ جا گل وسائيندي هنن ڏانهن نهاريائين. پر هي ڇا، هوءَ هڪ جھٽڪي سان اٿي بيٺي، ڄڻڪ کيس اوچتو بجليءَ جي شاڪ لڳي هجي.
اِقوءَ جو جملو ٻڌي قادوءَ به آهستي آهستي پنهنجي ڪنڌ کي مٿي کنيو، پر هن کي به ڄڻ زبردست شاڪ لڳي هجي، سندس دل ۾ تير لڳا هجن، کيس زمين پيرن هيٺان ترڪندي محسوس ٿي رهي هئي. سندس ذهن ۾ ڌماڪا ٿي رهيا هئا، اکيون حيرت کان ڦاٽي ويون هئس ۽ دماغ ۾ آنڌاريون هلي رهيون هئس: هن جي سامهون سندس ڀيڻ بيٺي هئي.

6. هـــوڏ

مان ننڍي هوندي تمام گھڻو شرير هوندو هوس. نه، شرير نه، پر ضدي هوندو هوس. ٻين ننڍين وڏين غريباڻين شين جي گھر ڪندو هوس ته ملي به وينديون هيون، پر خرچي لاءِ جيڪي مٿا مارڻا پوندا هئا، نه پڇو. توبه، الامان. ڪهڙا ڪهڙا عجيب و غريب طريقا اختيار ڪرڻا پوندا هئا ۽ پيسا وري ڇا تي خرچ ڪندو هوس: ٻيڙي سگريٽ ۽ جوئا تي. جوئا جي بري عادت ننڍي لاءِ ئي پئجي وئي هئي ۽ جوارين جي ويجو رهڻ ڪري گار گند ۽ ڪوڙ کان سواءِ سگريٽ ڇڪڻ جي ڪني عادت ۾ پڻ ڦاسي چڪو هوس. اهو ئي سبب هو جو گھڻي ڀاڱي خرچي پوري ڪا نه پوندي هئي. پياري امڙ جھلي جھلي ٿڪجي پئي هئي، بابو سائين ماري ماري ٿڪجي پيو هو، پر مان ڪُتي جي ڏنگي پڇ جيان اهڙو جو اهڙو ئي رهيس ۽ جوئا کيڏڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ نه ڇڏي سگهيس.
هڪ ڀيري اچي ضد تي چڙهيم: گُھرجي ۽ خرچي ضرور گھرجي. هاڻي امڙ کي ڪهڙي خبر ته مان سڀ پيسا جوئا ۾ هارائي آيو هوس ۽ هينئر سگريٽ ڇڪڻ جي سخت ٻاڙ لڳي هئي، تنهنڪري صبر جو مٺو ميوو به بلڪل ڪو نه ٿي وڻيو. پهريان ته در جي طاقن کي زور زور سان ڀتين سان ٽڪرائڻ لڳس، گوڙ ته گھڻو ئي ٿيو ٿي پر بيڪار. ڀلا بابو هيو ڪو نه ۽ بدقسمتيءَ سان امڙ وٽ به پائي به ڪا نه هئي. پيسا اچن ته ڪٿان؟ جڏهن اهو هِيلو ڪو نه هَليو، تڏهن وري تختن تي رکيل ڪوپن کي هيٺ رکڻ لڳس، ته جي هاڻي به پيسا نه مليا ته ڪوپن کي ڀڃندس. پر اها ڌمڪي به ڪارگر ڪو نه وئي، تنهنڪري وٺي جو ڪوپن کي ٿيلهو ڏنم، ته لڙهڪندا ويا. زيان ڪيترو ٿيو، ان کي ته ڪو نه ڏٺم، پر پنهنجي امڙ جي ٻنهي ڄنگهن ۾ ڀاڪر پائي چمبڙي پيس. خواهه مخواهه روئڻ ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙون پائڻ ڪري ڪپڙا ته اڳ ۾ ئي خراب ڪري چڪو هوس ۽ هينئر وات ۽ نڪ مان ڳڙندڙ گِڦ ۽ سنگَھ امڙ جا به ڪپڙا خراب ڪري رهي هئي. آخر زوريءَ منهنجا چنبا ڇڏائي، امڙ منهنجي قبضي مان نڪري وئي ۽ مون کي بس هڪ ٻيو بهترين طريقو سمجھ ۾ آيو. گھر جا سڀ دٻا جمع ڪري رسي کڻي پينگهي جي ٻانهي سان ٻڌم ۽ پوءِ زور سان پينگھو وٺي لوڏڻ شروع ڪيم. اهو گوڙ ٿيو جو الامان! پاڙيسرين جا ڪتا به ننڍ مان جاڳي پيا (اونهاري جو ڏينهن، شام جو وقت هو). سواءِ ڍڙنگ ڍڙنگ جي ٻيو ڪو آواز ئي ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو ۽ مان روئي به رهيو هوس، مٽيءَ ۾ ليٿڙي به رهيو هوس ۽ پنهنجي ماءُ ۽ بابي سائينءَ کي گھٽ وڌ به چئي رهيو هوس. آخرڪار اهو حربو ڪامياب ويو ۽ امڙ هِتان هُتان ڪري پاڙيسرڻ کان چار آنا اوڌارا وٺي آڻي ڏنا. هڪدم نقلي زوريءَ جو روئڻ بند ٿي ويو، پينگھي جي چيائون چينگ ختم، دٻن جي رنڀڻ کان جان ڇٽي ۽ مان اٿي ڪپڙن کي ڇنڊيندي، ڌوڙ اُڏائيندي، امڙ کي سمجھائڻ لڳس، ”ڏس، جيڪڏهن اڳ ۾ پيسا آڻي ڏين ها ته جيڪر ايترو گوڙ نه ٿئي ها.“ دل خوشيءَ کان ٽپا ڏيئي رهي هئي ۽ ذهن (شيطان) مرڪندي چئي رهيو هو، ”ڀڄ پٽ ٽڪريءَ (جوئا جي اڏي) تي.“ مان خوش ٿيندي نچندي ڀڄندي جيئن ئي ٻاهر وڃڻ لڳس ته اوچتو در جي چائنٺ ۾ پير اٽڪي پيو، ڌُو سامهون رکيل گھڙا منجي جي ٻاهين سان مٿو ٽڪرايو ۽ نئين ٺهيل گھڙا منجيءَ جي تکي ڪنڊ منهنجي مٿي ۾ کوهه بڻائي ڇڏيو. ڳاڙهي ڳاڙهي گرم گرم رت ريلا ڪري وهڻ لڳي، اکين اڳيان اوندهه اچڻ لڳي ۽ اکيون آهستي آهستي بند ٿيڻ لڳيون. جلد ئي محسوس ڪيم ته ڄڻڪ هڪ ٿڌو، ڏڪندڙ هٿ منهنجي تارونءَ تي رکيو هجي ۽ ڪوئي چئي رهيو هجي، ”ٻچڙا ڏس! تون پنهنجي ماءُ نه رنجائين ها، پنهنجي پيءُ کي نه ڏکوئين ها، ته جيڪر تو کي زخم نه رسي ها، تون تڪليف نه ڏسين ها.“ ۽ منهنجي ذهن ۾ اهو احساس اٿي رهيو هو، ”مون پنهنجي شفيق پيءُ جو چوڻ نه ورتو آهي، پنهنجي امڙ، مٺڙي ماءُ، جيجل ماءُ کي آزاريو آهي، تنهنڪري مون کي اڄ هي گھاءُ، هي زخم رسيو آهي، جنهن جي مٿان هينئر ڪو ٿڌو پَهو رکيل آهي،“ ۽ سوچيم ته ”اڳتي ڪنهن کي به گار نه ڏيندس، ڪنهن کي به نه ڏکوئيندس ۽ جوئا، ڪوڙ ۽ گار گند کان توبهه ڪندس.“

7. يادون ۽ سُڪونُ

جيئن نه گُلَ-پتيءَ تي، ماڪ-ڦڙو سج جي روشنيءَ ۾ موتيءَ جيان جرڪندو آهي، هن جي منهن تي به اهڙي چمڪ هئي. چپن تي مرڪ ائين ٿي تريس جيئن پاڻيءَ تي هنج. منهن مان رت ڄڻڪ اٿل کائي ٻاهر اچڻ لاءِ آتو هئس، تازي خون جي وهڪري سبب ڄڻڪ شفق رنگ پکڙجي پيو هئس. ويچاري کي مهينا پنڌ ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ملي هئي. جڏهن کيس مختيارڪار صاحب چيو هو، ”ٺيڪ آ بابا، سڀاڻي اچي ڊيوٽي جوائن (Duty Join) ڪجان.“ ڪيڏو نه اطمينان ۽ سڪونَ ڀريو اُڀو ساهه نڪري ويو هئس، هن کي هر طرف ٽڙيل گل ۽ ٽم ٽم ٽانڊاڻا نچندا نظر آيا هئا ۽ خوش خوش ٿي پنهنجي محل طرف موٽيو هو.
سندس محل جو نقشو، تاريخ ۽ جاگرافي هيءَ آهي ته واڙي جي اولهه طرف پراڻي ڪوٺي (انگريزي نه پر سنڌي ڪوٺي) گارو لٿل ۽ سرون ڳريل، ڀڳل ٽٽل چيڪڙاٽ ڪندي کلندڙ در، پوڙهي جي چيلهه جيان نميل ڇت، لوهي چلهه جيان ٽه ڄنگھي کٽ، غريب جيان ڦاٽل ڏريل ڀتيون، سندس قسمت جيان کُٿل رلهي ۽ سندس ذهني مونجھارن جيان ڀتين ۽ ڇت تي ڪوريئڙي جو ڄارو.
جڏهن هو ڳوٺان پنج درجا پاس ڪري شهر آيو هو (جتي سندس ڳوٺ جو وڏيرو رهندو هو) تڏهن پڻهس جي همدرد دوست وڏيري صاحب مٿس ۽ ستن پيڙهن تي ٿورو ڪري، ان شرط تي رهڻ لاءِ اهو محل ڏنو هو ته سندس ڀٽاري مينهن لاءِ ڪُتر ڪندو، ڪَٽي مليندو، گھر جون ڪاٺيون ڏاريندو ۽ ننڍڙن ٻارهن ٻارن کي پرچائيندو. هن آمنا صدقا ڪري سڀ قبول ڪيو هو ۽ ٿلهي متاري وڏيري جي پيٽ کي ڏسي سوچيو هئائين ته پرواهه ناهي، ڪڏهن نه ڪڏهن اسان جي قسمت به وڏيري جي پيٽ جيان نڪري نروار ٿيندي.
مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن به غريب جي ٻار جيان نوڪريءَ جي ڳولا ۾ هيڏي ساري شهر جو اولهه کان اوڀر تائين، اتر کان ڏکڻ تائين، گھٽ ۾ گھٽ پنجاهون چڪر هنيو هو. شهر ۾ ڇا نه هو! گورنمينٽ جون آفيسون هيون، انجنيري ۽ بجلي جا کاتا هئا، اسڪول ۽ آفيسون، ڏهاڪو کن ڪپڙي، بوٽن، صابڻ ۽ پائوڊر جون ڪمپنيون هيون، پر جي نه هئي ته هن غريب لاءِ نوڪريءَ جي خالي جاءِ، هن به هڻي وڃي هنڌ ڪيو... ۽ آخرڪار مختيارڪاري ۾ ڪلارڪ جو آرڊر وٺي، پوءِ بس ڪئي هئي.
هن مشڪندي در کي لڳل ڪَٽ چڙهيل ڪُلف کوليو ۽ در جي طاقن کي اندر تي ڌڪو ڏئي زور سان ٽهڪ ڏنو هو، جيئن گھٽ ۾ گھٽ هو ڪِنا چيڪٽ اڄ ته نه ٻڌي، جن مٿي ۾ سندس ڀت رڌو هو (جڏهن ته مٿو ڪو پراڻو ديڳڙو نه هو). هن اندر گھڙي پنهنجي سدا سڀاڳي ٽن پاون واري بنا واڏڻ کٽ کي کلي ڏٺو ۽ سيرون تي ويهي بوٽ جون ڪهيون کولڻ لڳو جيڪو کيس وڏيري ڏنو هو ۽ ٻڌايو هئائينس ته ڏاڏي سائين جو بوٽ آهي، خيال سان پائج. بوٽ لاهي ان جي تري کي ڏٺائين جيڪو ڪيترين ئي جاين تان اڊڙيل هو، ڪو ٽُڪر هيڏي ٿي لڙڪيو ته ڪا چَتي هوڏي. هن کي الاءِ ڇو اهي سوال ياد اچي ويا جيڪي انجنيري کاتي ۾ ڪلارڪي لاءِ انٽرويو ڏيندي کائنس پڇيا ويا هئا.
آفيسر مڇن کي مروٽيندي پڇيو هئس، ”ٻڌاءِ، جيڪڏهن وائر مين کي گھڻو ڪم ڪرڻ سبب مٿي ۾ سور پئجي وڃي، ته تون کيس ڪهڙيون گوريون کائڻ جي صلاح ڏيندين؟“
اهو سوال ٻڌي هن جو ذهن سوچن سميت زُون ڪري اڏامي ويو هو. هٻڪندي هٻڪندي چيو هئائين، ”سائين، ڪوڊين ڪمپائونڊ.“
آفيسر ڊگھي هُون ڪري ڪَن کي کنهيو هو ۽ چيو هئائين، ”بيوقوف! ڪوڊين ڪمپائونڊ هاضمي لاءِ استعمال ٿيندي آهي، مٿي جي سور لاءِ ته ڪوڪين ڪمپائونڊ کائبي آهي.“ ۽ هن ڄڻڪ مرندي ٻڏندي چيو هو، ”ها سائين.“
آفيسر کيس گھوري اهڙين نگاهن سان ڏٺو هو، ڄڻڪ سندس ڄاڻ ۾ وسيع معلومات جو اضافو ڪيو هئائين ۽ هٿ مٿي کڻي، ٻه آڱريون هوا ۾ لوڏيندي پڇيو هئائين، ”ڀلا ٻڌاءِ، جيڪڏهن ڪو ڀنگ پي ان جو عادي ٿو ٿي پوي، ته ان جو علاج ڪيئن ڪجي؟“
هن ويچاري جا رهيل کهيل حواس به قلابازيون کائڻ لڳا هئا. اٿي بيهي هٿ ادب جا ٺونٺين تائين ٻڌي، مسڪين آواز ۾ چيو هئائين، ”قبلا! مان انجنيرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪي وٺڻ آيو آهيان، ميڊيڪل جي آخري سال جو امتحان ڏيڻ نه.“
آفيسر تپي ٽامو ٿي ويو هو. کيس دڙڪو ڏيندي چيو هئائين، ”گستاخ! توکي انٽرويو ڏيڻ جو ادب به ڪونهي، تو جهڙن لاءِ اسان وٽ جاءِ ڪانهي، ٽري وڃ هتان.“
هن بوٽ کي ڏسي سوچيو: ”مهرباني ڪري باقي مهينو ساٿ ڏجانءِ، پوءِ ڪل خير آهي. تو کي پاڻ ئي ڍير تي ڦٽو ڪري ايندس.“ ۽ پوءِ آهستي بوٽ کي کٽ هيٺان رکيو هئائين.
هن پنهنجا ٻئي جوراب لاهي هٿ ۾ ڪيا. ٻنهي جورابن تي کڙين ۽ آڱرن جي جاءِ تي وڏا ننڍا جارا ٺهيل هئا.
”آ ها ها، ڪهڙا نه سهڻا جورابا آهيو! ٻه سال ساٿ ڏنو اٿو، باقي هڪ مهينو، تيستائين توهان پاڻ ئي کسي ويندؤ. باقي مان به اوهان جا اهڙا حال ڪيا آهن جهڙا ٽمون ٽيڪسٽائل ملز وارن منهنجا انٽرويو وٺندي ڪيا هئا.“ پوءِ هن کي ان انٽرويوءَ جي هڪ هڪ ڳالهه ياد اچي وئي.
مئنيجر سنهڙو سيپڪڙو، کڙٻاٽيون نڪتل کاڏي اڳتي ۽ لوٽ پوئتي نڪتل، اکيون چنجھيون، جنهن تي ٿلهن شيشن واري عينڪ چڙهيل هئي. جنهن مهل عينڪ لاهي شيشن کي صاف ٿي ڪيائين، تنهن مهل سندس مهانڊو اهڙو ٿي لڳو ڄڻڪ ڪنهن چٻري کي وهنجاري اس تي ويهايو ويو هجي. مئنيجر پنهنجي ڪوٽ کي زور سان سَٽ ڏئي کانئس سوال ڪيو هو، ”ڪڪڙيون آنا ڇو ڏينديون آهن، ٻچا ڇو نه؟“
هن جي ذهن ۾ ڄڻڪ ڦٽاڪا ڦاٽا هئا. هٻڪندي ابتو سبتو جواب ڏنو هئائين، ”سائين ڪڪڙين جي مرضي.“
”ڪڪڙين جي مرضي!؟ اسان کي مرضي پوي ته ڪپڙن تي ڪٻريون ٺاهيون، مرضي پوي ته ڪانوَ، رنگ نيرو ڪيون يا پيلو، ته وري ڪڪڙيون اسان جي مرضيءَ خلاف آنا ڇو لاهينديون؟“ مئنيجر جوش مان زور سان مڪ ميز تي هڻندي چيو هو ۽ تارا ڦوٽاريندي چيو هئائين، ”چڱو ڀلا ٻڌاءِ، انسان کي ٻه هٿ ڇو آهن، ڏهه ڇو نه؟“
”سائين... سائين الله جي مرضي،“ ويچاري جو ڄڻ روح ٿي ڏڪيو.
وري الله جي مرضي! ڇا الله اهو ڪو نه پيو سمجھي ته ماڻهن کي فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ٻن هٿن جي نه، پر ڏهن هٿن جي ضرورت آهي؟“ مئنيجر ڪڙڪو ڪندي چيو هو، ”چڱو ڀلا ٻڌاءِ، گڏهه گاهه ڇو کائيندو آهي، لٽو ڪپڙو ڇو نه؟“
هن ويچاري جون متيون منجھي ويون هيون، ڳيت ڏيندي ڄڻڪ روئيندي جواب ڏنو هئائين، ”س... س... سائين، گڏهه جي مرضي.“
مئنيجر اڀو ٿي ويو ۽ زور سان رڙ ڪندي چيو هئائين، ”تون نرو جاهل آهين، ڄٽ آهين، نڪمو ۽ نادان آهين، تو کي ايتري به خبر ڪانهي. اصلي ڀڄي وڃ، تو لاءِ اسان وٽ جاءِ ڪانهي.“ ۽ ويچارو ڪنڌ لڙڪائي اچي ٽن پاون واري کٽ تي ڪريو هو.
هن جورابن کي چپٽي ۾ جھلي، مٿي ڪري ڦٽو ڪيو ۽ ڏاڍي آرام سان کٿل رلهيءَ تي، کٽ جي جھول ۾ ڪري پيو. اطمينان سان گوڏو اڀو ڪري ٻي ٽنگ تي رکي، ويهاڻي هيٺان پن جي ٻيڙي ڪڍي ڏندن ۾ جھليائين. سٽ ڏئي قميص جي کيسي مان ماچيس ڪڍي، تيلي ٻاري ٻيڙي دکايائين، وڏو سوٽو هڻي دونهون هوا ۾ اوڳاريائين. دونهين جا وڙ وڪڙ ڏسي هن کي مختيارڪار صاحب جا پڇيل سوال ياد اچي ويا، جيڪي ائين ئي دونهين جيان وڪڙيل هئا. هن به ڏنل پنجويهن ناڪام انٽريوئن جو ست ڪڍي مختيارڪار کي جواب ڏنا هئا.
صاحب ڏاڍو شريف ماڻهو ٿي ڏيکاريو، منهن مان مڻيا ٿي بکيس، هر آفيسر جيان سندس پيٽ ته ٻاهر نڪتل هو ئي، پر هي کلمک هو. کانئس سوال ڏاڍي نرمائي سان پڇيا هئائين، ”بابا تو کي نوڪري جي ضرورت آهي؟“
”ها سائين، پر مان گھرو ڪم ڪرڻ جو به ماهر آهيان، ڪتر ڪرڻ، ٿانو ملڻ ۽ ٻهاري ڏيڻ به ايندي آهي.“ هن ڪنڌ جھڪائيندي چيو هو.
”تو کي نوڪريءَ جي ضرورت ڇو پئي؟“
”سائين غريب آهيان، گذر سفر ڏکيو پيو ٿئي. سوچيم ته توهان جي خدمت ڪري سڪون ملندم.“
”شاباس پٽ، تون ڏاڍو سڀاڳو ٿو ڏيکارجين. چڱو ٻڌاءِ، تو ڪڏهن هاٿي ڏٺو آ؟“
”ها سائين، هاٿي ڏٺو اٿم، هاٿيءَ جو پيءُ به ڏٺو اٿم. سائين گذريل سال سرڪس ۾ آئي هئي نه، هاٿيءَ مالڪ کي زور ٿي ڏنا. مان به تيل مالش ڪرڻ ڄاڻان سائين.“
”شاباس، شاباس! پٽ، مون کي مٿي ۾ سور پيو آهي، ٿوري مالش ته ڪر.“
”ها سائين مان توهان کي زندگي ڀر مالش ڪندو رهندس.“
هن اٿي صاحب جي مٿي تي مڪون وهائڻ شروع ڪيون، ڪنهن مهل وار ٿي پٽيائينس، ڪنهن مهل ڪَن.
”ها شاباس پٽ! ٻڌاءِ ته هاٿي ٻچا ڇو ڏيندو آهي، آنا ڇو نه؟“
اوچتو ڄڻڪ کيس لوندڙي وارو مترڪو ٺڪاءُ ٿي ويو. زور زور سان صاحب جي مٿي کي مهٽا ڏيندي چيائين، ”سائين هاٿي بيوقوف جانور آهي، هن کي آنا ڏيڻ کپن، جيئن ماڻهو پنج ڇهه ڏينهن هڪ ئي آنو کائيندا رهي.“
”شاباس، واهه واهه پٽ، هلي پنهنجي جاءِ تي ويهه، تون ته ڏاڍو ذهين آهين، ڀلا ٻڌاءِ گھوڙا عينڪ ڇو نه پائيندا آهن؟“
”سائين ڇو ته گھوڙا گاهه کائيندا آهن.“
هن ڪنڌ کڻي صاحب جي منهن کي ڏٺو، جنهن تي عينڪ ڪا نه هئي.
”شاباس پٽ! ٻڌاءِ ته شاعر وڌيڪ بيوقوف هوندو آهي يا اديب؟“
سائين شاعر وڏو بيوقوف آهي ۽ اديب کان وڏو بيوقوف ته ڪو ٿي نه ٿو سگھي.“
”شاباس، شاباس...“ صاحب ڪجھ منجھيو. ڪجھ سوچي ”ٺيڪ آ“ ڪيائين ۽ وري سوال پڇيائين، ”آمريڪا ڪنهن ڳولي لڌي ۽ ڇو ڳولي لڌي؟“
”جنهن به ڳولي لڌي، وڏو ڪو ڄٽ هو، پنهنجي زندگي ڏچن ۾ ڦاسائي ڇڏيائين.“
”شاباس، پٽ شاباس. تو جهڙن ذهين ۽ محنتي ڪلارڪن جي اسان کي سخت ضرورت آهي. مان توکي هاڻي ئي آرڊر ٽائيپ ڪرائي ٿو ڏيان. تون سڀاڻي ڊيوٽي جوائن ڪجان، شاباس.“
هو ڏاڍو گد گد ٿيندو، هنبوڇيون هڻندو، پنهنجي محل تي موٽي آيو هو.
اڄ هو بيٺل پاڻيءَ جيان پُرسڪونُ هو. هن کي مهينا پنڌ ڪرڻ ۽ ننڊون ڦٽائڻ کان پوءِ آرام مليو هو. هن جو روح ٿڪل هو، هن کي آرام جي ننڊ جي ضرورت هئي. هن جون اکيون ننڊ جي بار کان ڳريون ٿي ويون، هن کي ننڍ اچي وئي. پياري پياري ننڊ، جنهن ۾ هن کي ڪا ڳڻتي ڪا نه هئي، ڪا پريشاني ۽ ڪا اڻتڻ ڪا نه هئي، ڪو به وسوسو ۽ شڪ شبهو ڪو نه هو. هن جو اٻاڻڪو اتاولو روح به ننڊ جي پيار ۽ سڪون سان ٻانهون ٽيڙي پئجي رهيو هو. هن کي اها به ڳڻتي ڪا نه هئي ته سندس هٿ ۾ جھليل ٻيڙي، جيڪا سندس قسمت جيان کٿل رلهي تي ڪري پئي هئي، رلهي کي ساڙيندي ساڙيندي کٽ جي ڇڳل واڻ کي ساڙڻ شروع ڪيو هو.

8. نيڪي

ريل ڪار جو ڊگھو دٻو ماڻهن سان ڳتيل آهي. سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيشن تان چڙهندڙن جو زور اڃا وڌ، پيهان پيهه، رڙيون ۽ ڪيڪون، ڌڪا ۽ گاريون، وٺ وٺان، ڊڪ ڊڪان، ٻن ماڻهن جي سيٽ تي پنج ڄڻا ڳتيا ويٺا آهن، ته وري ڊگھي گھٽيءَ ۾ هشام ماڻهن جو اڀي ڪنڊي بيٺو آهي. هر هڪ پنهنجي ڊيگھ، ٿولهه، طاقت آهر زور لڳائي، ڪر کڻي، هيڏي هوڏي پيو نهاري، ته من ڪٿي ڪا سيٽ ملي پوي، پر سيٽن سان گڏو گڏ سامان جون ڄاريون به ڀريل ڏسي نااميديءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهي ٿو. آگسٽ جو قهري مهينو، رات جا يارنهن، ماڻهن جي بدن جي گرمي، پگھر جي ڌپ، ساهه جي اٻس، پريشاني، مونجھ... ماڻهوءَ ماڻهوءَ مهانڊو حيران ۽ گھٻرايل. ڪنهن واپاريءَ جي ٽيڏي اک سامان جي ڳٺڙيءَ ۾، ته ڪنهن امير زادي جي بيگ ۾، ڪنهن جي پير تي لٺ لڳي وڃڻ تي رڙ نڪري وڃي، ته بيهڻ لاءِ ٻين کي پيو ڌڪا ڏئي. اهڙي وٺ وٺان ۾ ٽن سيٽن وارين ٻن بينچن تي... هڪ تي هڪ ستر سالن کن جو ڪنجھندڙ، ڪرڪندڙ پوڙهو پاسيرو ليٽيل آهي، ته ٻئي تي وري پنجونجاهه، سٺ سالن جي ڏٻري گھنجيل ٻوٿي پوڙهي ستل آهي. گرميءَ کان ڄڻڪ سندس ساهه ٿي نڪتي ويو. هر هڪ حيران پريشان ماڻهو اچي چوي ٿو ته ماڻهو بيٺا آهن ۽ توهان وري ستا پيا آهيو... اٿي ويهو... هي به ڪو انصاف آهي... پوڙهي مائي ڪنجھندي سهڪندي کين جواب پئي ڏي، ”...ابا مان لاچار آهيان... ساهه ٿو نڪري، ٽن ڏينهن جا ٿڪل آهيون... ٻه ڏينهن ٽِي بِي جي اسپتال جي در تي پيا هئاسون... علاج ڪو نه ٿيو... بس ابا... ڏوڪڙ ڪو نه هئا... هاڻي سڃا ٿي مري پيا آهيون... ابا.... ڏاڍي بيماري ويڙهي وئي آهي. ڇا ڪيون...“ ماڻهو، ڪي رحم ڀريو... ڪي ڪاوڙيل... ڪي نفرت ڀريو... ڪي همدرد، منهن ڪيو... پاسو ڪري ٿا بيهن.
اوچتو هڪ نوجوان، منهن اگھاڙِي، ڳوٺاڻي عورت جي ڪڇ تان هڪڙي ننڍڙي ٻالڪ ڪيهه ڪئي... رڙ ڪري ماءُ جي ڇاتيءَ کي چنبڙي پيو. عورت جي منهن تي مرڪ آهي... پيار آهي... هن ٻار کي وڌيڪ سوگھو ڪري ڇڏيو. مرڪندي ڀرسان بيٺل، ٺاهوڪڙي نوجوان شهپرِي کي ڏٺائين، پوءِ اڳتي وڌي، هلڪڙو جُھڪي، سيٽ تي ستل پوڙهي عورت کي چيائين، ”امڙ! ٻارڙو اٿم، گھڻي سوڙهه آهي. ٿورڙي جاءِ ڏيندينءَ بس کير پياري اٿي بيهندس، بس اجھو ڪي اجھو...“ هن مرڪندي چپٽي وڄائي ڄڻڪ پوڙهيءَ کي احساس ڏياريو ته جھٽ پلڪ ۾ اٿي ويندي. پوڙهي عورت جي پريشان اکين ۾ گھڙي پلڪ لاءِ سوچ جا پاڇا لهي آيا. شايد پنهنجي ڪنهن ٻالڪڙي کي کير جِي گُھر ڪندي ياد ڪيائين... ڪنجھندي... پير سيري، گوڏا اڀا ڪيائين. ڳوٺاڻي عورت سَٽ ڏئي جھٽڪو کائي، ويهي رهي ايترو زور سان، جو سندس ڀريل بدن پوڙهي بيمار ٽنگن سان ٽڪر کاڌو... ويچاريءَ کان رڙ نڪري وئي... ”اَئي امان، خيال ته ڪر...“
”امڙ ڏاڍي ڪمزور آهين.“ عورت جي ڦهڪي ويهڻ جي ڪري پوڙهي جا پير اڃا ڪجھ وڌيڪ سري ويا ۽ ويڪري جاءِ ٿي پئي. عورت کلندي مڙس کي اشارو ڪيو. سندس نوجوان مڙس کلندي ڪَنو اٽڪائي ويهي رهيو. پوڙهي مائيءَ تڪليف ۽ پريشانيءَ کان ڪنجھندي احتجاج ڪندي چيو، ”امڙ، ايترو ته سوڙهي نه پئه، مون ٻار کي کير پيارڻ لاءِ ويهاريو ... ڪِ نه...“
”چڱو. چڱو، چپ ڪر.“ عورت کلندي، ڪاوڙجندي، پوڙهيءَ کي گھوريندي چيو، ”هيترا ماڻهو بيٺا هجن، هيءَ پوڙهي هلي آ وري ننڊ ڪرڻ... ڪاٿي لهندينءَ... چپ ڪري ويهه.“ مرڪندي ٿورو پاسيرو ٿي، مڙس کي ڪشادي جڳهه ڪري ڏنائين، مڙسهنس ويڪرو ٿي ويٺو. پوڙهي اڃا وڌيڪ سوڙهي ۽ چِٻي ٿي وئي. بيٺل ماڻهن مان ڪجھ ماڻهن جي منهن تي احتجاج جون ريکائون اڀريون، ته ڪجھ ماڻهن جي نراڙ تي ساڙ ڀريون ليڪون... ڪاش هو ائين ويهي رهن ها... ڌوڪو ئي سهي، ويهڻ جي جاءِ ته ملي ها. ڪجھ آهستي ڀڻڪيا: ”ڏاڍي بيحيائي آهي... هن ويچاري رحم ڪري جڳهه ڏنس، ته ٻار کي کير پياري... هن وري ڏنڊي مئيءَ مڙس کي به ويهاريو... پوڙهيءَ تي به رعب، ڇا زمانو آ نيڪي جي بدلي بدي!“
”امڙ هاڻي ته سوڙهي نه پئه... چڱو بدلو ٿي ڏئين... امان بيمار آهيان. ماءُ جيڏي آهيانءِ.... ڪجھ خيال ته ڪر.“ پوڙهي مائي ويچاري ڪنجھي پاسو ورائيندي چيو.
”چڱو چڱو، لتون نه هڻ... سڌي ٿي سمهه... سڄي جڳهه ولاريون پئي آهين... گھڻو سمهينءَ.“
پاسو ورائيندي پوڙهيءَ جي کيسي مان روڪڙ پيسا ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندي وڃي فرش تي ڪريا. هن ٿورو ڪنڌ موڙي هيٺ نهاريو... نوجوان عورت به هيٺ ڏٺو... ڪجھ بيٺلن به هيٺ نظر ڪئي... ٻانهن ڊگھي ڪري هن آڌي کنئي... وري ٻانهن هيٺ ڪري پائلي طرف هٿ وڌايائين پر اها ڪجھ پَرڀرو پئي هئي. پوڙهي ٿورو سرڪي ته عورت اها جڳهه قبضو ڪري ورتي. هن پائلي کڻي کيسي ۾ وڌي. کيس احساس ٿيو ته اڃا سوڙهي ٿي وئي آهي. پريشاني، ڏک ۽ پڇتاءُ اکين ۾ ڀرجي آيس. چپ ڪري گھڙي جھٽ اکيون بند ڪري، وري هيٺ ڏٺائين... نظرن ۾ ڳولا هيس، پر فرش صاف هو. عورت کيس ڄڻڪ دڙڪو ڏيندي چيو، ”مائي لتون ته پاسي ڪر... ڪُکيون ئي ڪڍي ڇڏيئي... ڪانهي ڪا ملڪيت تنهنجي هيٺ ڪري.“

ريل ڪار پنهنجي ڌُن ۾ ڊوڙندي، بيهندي، ماڳ طرف ڪهندي ٿي وئي... لهڻ وارو ڪو نه هو، چڙهڻ وارا گھڻا. ڪٿي بيٺي ٿي ته گرمي ۽ اٻس وڌي ٿي ويو... رڙيون، ڪيهون ۽ دانهون به وڌي ٿي ويون، ته ڌڪا ۽ گاريون به. وري هلي ٿي ته ڪجھ ماڻهن صبر ٿي ڪيو... ويٺلن، بيٺلن هر هڪ کي پنهنجا پنهنجا مسئلا هئا. ڪنهن ڪنهن کي ٿي ٻڌايو ته مال مهانگو مليو. ڪنهن ٿي چيو، بوٽ ملن ڪو نه ٿا، مون آرڊر ڏنو آهي، ٻار ٻچا ڪيئن ٿي، خوش آهن... ڀڙ ۽ ڀلا متارا... سدا سکي رهن. ڪجهه نوجوان شاعريءَ جو مچ مچايون ويٺا هئا، ته ڪن ٿي ويهي حساب ڏنا... ڪن ٿي ليٽريچر تي بحث ڪيو، ته ڪن فلمن جي وڌيل اگھاڙپ تي. گاڏي رڙهندي ٿي وئي، انڙ پور، ٻڍا پور، مانجھند، سن، آمري، سيوهڻ، دادو، سيتا روڊ، سيتا روڊ! پوڙهي مائي ڀرسان بيٺل کان پڇيو، ”ابا، ڪهڙي اسٽيشن آهي؟“
”مائي سيتا روڊ.“
”ابا اسان لهنداسون. هي سامان ته درڙيءَ مان ڪڍي ڏجو.“ تڪڙ ۾ پوڙهي کي ڌونڌاڙو ڏنائين. هن ڇرڪ ڀري اکيون کوليون. ”هل... هل، لهه هاڻي... سِيتا اچي وئي. پوڙهي پوتڙو ڪلهن تي رکيو. ڪُٻو ٿي، ڪنجھندي هيٺ لهڻ لڳو... مائي وري ڀرسان بيٺل نوجوان کي تاڪيد ڪيو ته ابا سامان ڏجو.
”ها... ها... لهه هاڻي کڻي. سامان ملئي ٿو، ڀڳو ڪو نه ٿو وڃي.“ نوجوان عورت جيڪا کيس يڪو ئي ڇڙٻيندي ۽ کيس گنهگار قرار ڏيندي آئي هئي، تنهن کيس ڇنڀيندي چيو.
ريل ڪار هلي پئي... عورت سري ويٺي. سندس مڙس جي ڀر ۾ ٻيو به پوڙهو ويهي رهيو. مائيءَ کلندي مڙس کي چيو، ”مُئي لٿي ئي ڪو نه ٿي... ديڳڙو کوڙي جو ويٺي، ته سري ئي ڪا نه... مون به کيس اهڙيون سنهڙيون چهنڊڙيون وڌيون، جو گھر وڃي مالش ڪرائيندي. مُئي هلي هئي ٿورو ڪرڻ...“ وري پوڙهي مائيءَ جي نقل ڪندي نخرن سان ٻانهن لوڏيندي چيائين، ”امڙ نيڪيءَ جو چڱو ٿي بدلو ڏين...“ وري هلڪڙو ٽهڪ ڏيندي مڙس کي اشارو ڏيندي چيائين، ”هيٺ فرش طرف ڏس.“ پنهنجو پير مٿي ڪيائين. ان هيٺان ٻه آڌيون رکيون هيون... جُھڪي کنيائين. مڙس کي ڏيکاريندي، ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”مون کيس چڱي چوٽ ڏني... وري نه ڪندي اڳتي ڪنهن سان نيڪي...“
مڙس ۽ زال گڏجي هڪ ٽهڪ ڏنو.

9. ڊاڪٽر

نوڪر سلپ آڻي سندس سامهون ٽيبل تي رکي، هن نمي مٿس نگاهه وڌي ۽ جلد هٻڪندي نوڪر کي چيائين، “جلدي، جلدي موڪلينس!“
پردو مٿي ٿيو. هن جون پريشان نظرون در مان لنگھي ايندڙ پيءُ جي نظرن سان ٽڪريون. هن پنهنجي جسم تي ڪوِليون ڊڪندي محسوس ڪيون کيس پيءُ جي اکين ۾ شفقت بجاءِ پريشاني ۽ مايوسي نظر آئي، من ۾ ٽٽل انسان جي ڪوڪار ٻڌائين، شڪايتن جي اٿندڙ طوفان سندس نظرن کي جھڪائي ڇڏيو. سندس والد سامهون ڪرسي تي ٿي ويٺو ۽ ڄڻڪ امرت ڀريل پيالو ڇلڪي پيو هجي. ”ڇو ٻچڙا! تون ته هميشه سٺو ڊاڪٽر ٿيڻ جو تمنائي هوندو هئين، هڪ اهڙي ڊاڪٽر ٿيڻ جو... جو غريبن ۽ بي واهن جي مدد ڪري، مريضن جو آٿت بڻجي... اٻوجھ انسانن سان پاٻوهه ۽ همدرديءَ وچان ملي، مٿن ظلم ۽ ڏاڍ جي ڇپن کي ٽيڪ ڏئي. مون کي حيرت ٿي، جڏهن کٻڙ ٻڌايو ته تنهنجي نوڪر کيس ان ڪري تو سان ملڻ جي موڪل نه ڏني، جو هو سندس کيسي کي ڳورو نه ڪري سگھيو. ڪرمونءَ ڳالهه ڪئي ته تو بيمار پٽ کي گھر تائين هلي ڏسڻ ۾ هرج سمجھيو. ديدار ٻڌايو ته هن جو واحد سهارو کانئس ان ڪري هميشه لاءِ رسي ويو جو هن وٽ تنهنجي في ڀرڻ جي حالت ڪو نه هئي... ٻچڙا! ٻچڙا ڇا هي سچ آهي؟ ڇا تو وٽان خلوص، محبت ۽ همدردي فنا ٿي وئي آهي؟ ڇا تون انسانيت جي عظيم رشتي کي ڀلائي ويٺو آهين؟ ڇا تنهنجي دل کي دولت جي حرص ايترو ڪٺور بڻائي ڇڏيو آهي جا غريب لاءِ نه ڦٿڪندي آهي؟ ڇا لالچ تنهنجي اکين تي اهڙا کوپا چاڙهي ڇڏيا آهن، جي مجبور انسانن جي منهن تي پيل گھنج به نه ڏسي سگھن؟“
جذبا سندس والد جي اکين مان ڳوڙهن جو روپ ڌاري وهي پيا ۽ ۽ هن جو پورو وجود به هن جي همدرد دل جيان ڦٿڪي رهيو هو.
”بابا سائين!“ ڊاڪٽر جا چپ ڌار ٿيا، ڄڻڪ اڪ جي ڏانڍي کي چير اچي ويو، ”توهان منهنجي اِنسلٽ ڪري رهيا آهيو.“ اڪ جي اڇي کير جهڙو ڪڙو آواز هوا ۾ ڦهلجي ويو.
”جيڪڏهن تون انسانيت جي سبق کي بي عزتي ٿو سمجھين ته بي شڪ سمجھ... پر بابلا! تون پنهنجي عظيم پيشي جي حسين مجسمي کي داغدار نه ڪرين ته بهتر... تون ڊاڪٽر آهين، انسانيت جو خادم، تنهنجي لاءِ امير توڙي غريب هڪ هئن گهرجن.“ شفقت جي ورڇ فضا معطر ڪري ڇڏي.
”اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان مان پنهنجون اميدون ڪڏهن به پوريون نه ڪري سگھندس. مان ڪڏهن به ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار ۽ بنگلو... اعلى سوسائٽي ۾ اعلى مقام... حسن جي ديوي پروين ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگھندس.“ حرص و هوس جو بوتو زمين کان آسمان تائين ڪر موڙي نڊرتا سان بيهجي ويو.
”سچي عظمت انساني خدمت ۾ آهي، ٻچڙا... تون انسانيت جي خدمت ڪر، اعلى مقام تو کي پاڻ ئي ڳولي لهندو... غريبن، بي واهن، بي ڪسن جي دلجوئي ڪر. غريب گلاب جي گل مثل آهن، جي ڏکن جي ڪَنڊن ۾ پلجي به، گلستان کي سڳنڌ بخشيندا آهن. تون ان سڳند کي حاصل ڪر، تنهنجي منزل تو ڏانهن پاڻ ئي وڌي ايندي... سچو حسن ته اخلاق ۾ آهي، پائوڊر ٿڦيل منهن ۾ ڪو نه آهي. جن کي تون سوسائٽي جي پاڙ سمجھين ٿو، بي بوءِ سورج مکي گل جيان اٿئي، جيڪي خوشين جي روشني ته دل کولي قبول ڪندا آهن پر مصيبت جي اوندهه کان ڊڄي ڪوماڻجي منهن هيٺ ڪري ڇڏيندا آهن...“ اڃا به شفقت جي خوشبوءِ ختم نه ٿي هئي، ”ٻچڙا، سيٺ صبور جي ڌيءُ پروين کي تو غيرن جي ٻانهن ۾ به ڏٺو هوندو، ته...“
”بابا... آ... آ...“ هوس جو ديوتا، سچ جي تيغي جو ڌڪ برداشت نه ڪري سگھيو. ”مان ٻار ناهيان جو اوهين مون کي سمجھائڻ آيا آهيو... مان پنهنجو برو ڀلو پاڻ ئي بهتر سوچي سگھان ٿو... انسانيت...! همدردي...! مون کي ڪجھ به ڏئي نه ٿا سگھن.“ هن جي غصي ڀريل منهن تي پيل گھنجن ۾ اضافو ٿي ويو.
”ٻچڙا!“ شفقت جو درياءُ جوش ۾ اچي ويو، ”ڇا تون غريبن جي خون سان پنهنجي ٻنيءَ کي ريج ڏيندين؟“ هڪ نهر وهي هلي.
”بس بابا،“ هن منهن ڦيري پيءُ کي پٺي ڏئي ڇڏي، ”مان ڪجھ بڌڻ نه ٿو چاهيان، اوهين هليا وڃو.“
محبت پدري اکين مان وهي پئي. هن پنهنجي ڏڪندڙ چپن کي ڀڪوڙي ڇڏيو، ڄڻڪ انسانيت جي ڊٿل مجسمي مان اڏامندڙ مٽيءَ کي پنهنجي سيني ۾ دٻائي ڇڏيو هجائين. ڪنڌ مٿي ڪري پٽ جي پٺيءَ ۾ چتائي نهاريائين، ڄڻڪ هن جي دل تي ڦِٺ ڪيائين جا قدرت سان ڀريل هئي. هٿ وڌائي کيسي مان لفافو ڪڍي ٽيبل تي ڦٽو ڪري... اٿي تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
ڊاڪٽر مڙي ٽيبل جي مٿان پيل لفافي کي گھوري ڏٺو. هٿ وڌائي لفافو کولي پنو ڪڍيائين. سندس هٿ ڏڪي ويا. پريشاني سندس منهن تي وري وئي. سندس ئي لکيل خط هو، سال اڳ جو، جڏهن هو ٽئين سال جو شاگرد هو:
سٻاجھا بابا سائين،
اڄ صبح ننڊ مان جاڳندي آنڊن ۾ وٽ پوندا محسوس ڪيم، ذهن ۾ ڳوراڻ ۽ دل ڪچي ڪچي ڀانيم. ڪکين وٽان اٿندڙ وٽ اکين اڳيان اوندهه طاري ڪري ڇڏي، ساهه سيني ۾ منجھي پيو، ٻئي هٿ زور سان ڀڪوڙي، برداشت ڪندي، ڪامن روم مان اچي هاسپيٽل فون ڪيم. ايمبولينس تي چڙهي هاسپيٽل پهتس. پروفيسر جي ڪمري اڳيان مڪروهه صورت وارو پٽيوالو بيٺو هو. مون کي ڏسي سندس منهن گھنج هڻي ويو. سوچيم، ”هي ڊاڪٽر ته ڊاڪٽر جي عظمت تي داغ آ، نڄاڻ ڪيترائي مريض ته هي نوڪر ئي دڙڪا ڏئي موٽائيندو هوندو. غريب ويچارا هن جون خوشامندون ڪندا، خرچي ڏيندا، تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر سان ملي سگھندا.“ اهو سوچيندو پروفيسر جي ڪمري ۾ گھڙي ويس. ڊاڪٽر جو ڪمرو مريضن کان خالي هو. پريان ٽيبل جي ڪرسيءَ تي ويٺل ڊاڪٽر ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول هو. وڌي سلام ڪيومانس. ڪنڌ کڻي گھوري ڏٺائين. هن جي اکين ۾ رت جهڙي ڳاڙهاڻ هئي.
”بابا مان اسٽيڊي ٿو ڪيان، ڪلاڪ کان پوءِ اچج.“ ڊاڪٽر ڳوري آواز ۾ جملو ڳالهائي، ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪتاب جو علم پرائڻ لڳي ويو. جسم جي ذري ذري ۾ سيون چڀندي محسوس ڪيم. ڪجهه دير بي جان بوتي جيان هڪ هنڌ بيٺو رهيس. ڪاوڙ وچان سوچيم ته ٽيبل تي پيل پيپر ويٽ کڻي سندس گنجي کوپڙاٽي تي وهائي ڪڍان. مغرور، ذليل، ڪمينو، وڏو آيو انسانيت جي خدمت جو دعويدار. ڪو انسان مري پوي ته.... پر هن جي گھران ڇا ويندو. مون ميڊيڪل جي شاگرد سان اهڙو رويو ته عام مريض سان ڪهڙي هالت هوندي! حضرت عليؑ جي قول، ”جيستائين تو ۾ قوت برداشت آهي، هلندو رهه“ ياد ڪري ڪجھ آٿت محسوس ڪيم. ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري آيس. ههڙا ذل...
هو وڌيڪ ڪجھ پڙهي نه سگھيو. خط سندس ڏکندڙ هٿن مان نڪري پٽ تي وڃي پيو. هن جي اکين ۾ پاڻي مڙي آيو. ذهن پريشان ٿي پيس. اکيون ۽ چپ زور سان ڀڪوڙي ڇڏيائين. سوچيائين، ”ڪيڏي نه عظيم هستيءَ کي رسائي ڇڏيم... پيءُ... منهنجو پيءُ... بابو سائين... عظمت... شفقت...“
هن قدم وڌايو... ڪائنات جي ذري ذري ۾ پڙاڏا ٿيندي محسوس ڪيائين، ڪار... ايئرڪنڊيشنڊ ڪار... بنگلو... سوسائٽي... عورت... مقام... پنهنجي پيرن کي وزني ڀايائين... اڳتي قدم وڌائڻ جي ڪيائين... ڪار... بنگلو... سوسائٽي... پريشاني ۽ ڪاوڙ وچان ڏٺائين، پنهنجي پيرن ڏانهن... وڪوڙيل جڪڙيل زنجيرن ۾، لالچ جي زنجيرن ۾... ۽ قدمن هيٺان ڦٿڪندڙ انسانيت کي... اکين آڏو اوندهه اچي ويس... پوءِ هو ڦيراٽي کائي ڪمري جي فرش تي ڪري پيو.

10. منگھڻ

مون سٽ ڏئي، سوڙ کي مٿان لاهي، پرتي ڪري، ڦٽو ڪيو. تڪڙ ۾ هٿ پٺيءَ تي ورائي پٺي تي رهڙو ڏنو. هلڪڙي ننڍڙي جيتڙي، ڪِينئين جيان سُرڪندڙ شيءِ کي آڱر محسوس ڪري چمٽي وئي ۽ مون کيس چپٽي ۾ جھلي پنهنجي اکين سامهون جھليو. ننڍڙي ٽنڊڻي جيتري جيت کي منهنجين ٻن آڱرين سوگھو ڪري جھليو هو. سندس لوٽ نڪتل ننڍڙي منڍيءَ کي ڌڳي جهڙي سنهي ڳچيءَ سندس منڍيءَ سان ڳنڍيو ٿي. ڍڍري بدن ۽ ڪاراڻ مائل ڳاڙهي رنگ کي ڏسي، سمجھي ويس ته ڳوٺان موڪلائڻ مهل جنهن جيت جا پار پتا ڏئي، امڙ مون کي ڊيڄاري رهي هئي، پڪ اهو ئي آهي. امڙ کيس منگھڻ ٿي چيو.
جڏهن مون پنهنجي شهر کان ٻه سَو ميل پري، پڙهڻ لاءِ امڙ کان موڪلايو هو، تڏهن چيو هئائين، ”پٽ! پرديس پيو وڃين، خيال سان رهجانءِ... ۽ ها پٽ! ان طرف منگھڻ به ڏاڍا اٿئي، انهن جو به خيال ڪجانءِ.“
مون وائڙو ٿيندي حيرت منجھان کيس چيو هو، ”پرديس!؟ پرديس وري ڪهڙو امڙ؟ مان ته پنهنجي ديس جي هڪ حصي ۾ پڙهڻ ٿو وڃان... ڪجھ ڏينهن جي پڙهائيءَ ڪاڻ! ٿوري وقت جي لاءِ، ته به پرديس ٿي چوين!؟... ۽ هو آهن، جيڪي سالن لاءِ پنهنجو ديس ڇڏي اچي، هتي کپي ويهي ٿا رهن، اهي به پاڻ کي پرديسي ڪونه ٿا چون... نه ٻولي، نه ڌرتي ۽ نه ئي ڪا ثقافت... ته به منهنجو ديس، منهنجو ديس ڪندا ٿا وتن... پر امڙ! اهو منگھڻ وري ڇا بلا آهي؟“
”منگھڻ ٽنڊڻي جيترو ننڍڙو جيت ٿيندو آهي، جنهن جو ڳاڙهاڻ مائل رنگ سندس ڪِني خون جي ڪري ٿيندو آهي. هن جي خون ۾ ڏاڍي ڌپ ٿيندي آهي.“ امڙ چيو هو.
مون اهڙي جيت متعلق ان وقت تائين ڪو نه پڙهيو هو. مون پڇيو ، ”آخر اهو منڌيل ڪيڙو ان طرف ڇو ٿو ٿئي؟“
”پٽ، گند جي پيدائش گندي ٿيندي آهي، ان جي لاءِ ماحول سازگار هو... ۽ اهو مُئو ته انساني خون تي گذارو ڪندو آهي.“
”امڙ، اسين خونين جون ڳچيون ٽوڙي ڇڏيندا آهيون. اسين گندي خون جا دشمن آهيون. اسان ڪني خون جو وجود مٽائي ڇڏينداسون. اسان جي مٺڙي سڳنڌ ڀري ڌرتيءَ تي اهڙي ڌپيل جيون جي ضرورت ڪانهي.“
”پٽ، جڏهن اهو ڪنو خون لڳي پوندو آهي، تڏهن ان جي ڌپ ڪيتري مدت تائين نه مٽبي آهي.“
”امڙ، مان پنهنجي خون جي خوشبوءَ سان جي رت جي ڌپ کي ڌوئي ڇڏيندس، پر اهو ايترو خطرناڪ ڇو آهي؟“
”مفت جي مٽي، مفت جا گھر، بڇڙي ذهنيت، ردي پالنا، حرام جي ڪمائي... انهن جو ڍڍر پرائي خون سان ڀريل هوندو آهي. رات جو لِڪي لِڪي حملو ڪندو ۽ خون پِي، وري لِڪي ويندو آهي.“
”امڙ، مان سڄاڳ رهندس ۽ سڄاڳيءَ جي پرچار ڪندس، مجال آهي منگھڻ جي، جو هاڻي رت پِي سگھي. مان ان جي جسم کي چِٿي ڇڏيندس، مان ان جي وجود کي لتاڙي ختم ڪندس.“
۽ هينئر اهو خون پياڪ منگھڻ منهنجي چپٽيءَ ۾ آهي. مون سندس وجود کي سوگھو ڪيو آهي. مان ان کي مروٽو ڏئي ماري ڇڏيان، مان سندس منڍي ڀڃي رکان... پر سوچان ٿو... منهنجي هٿ ۾ هن جي منڌيل خون جي ڌپ ٿي پوندي. جيڪڏهن کيس زمين تي ڦٽو ڪري لت سان چيڀاٽيندس ته ڌرتيءَ تي ڌپ ٿي پوندي. مان هن کي ڪٿي ماريان، جو منهنجي هٿ ۾ ڌپ نه ٿئي ۽ نه منهنجي ڌرتيءَ تي گند ٿئي؟ مون کي ڌرتيءَ تي گند نه گھرجي، مون کي ڌرتيءَ تي ڌپ ڪا نه ٿي وڻي ــــــــــــ مان هن کي ڪٿي ماريان؟

11. ڪٿان کان ڪٿي

ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ...
ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌي نوجوان ڇوڪريءَ اوچتو ڇرڪ ڀريو. هن جي ماءُ هڪ ننڍڙي صندوق ٺاهڻ ۾ رڌل هئي. ڏاڍي تڪڙ ڪندي پَٽين ۾ ڪوڪا هڻي رهي هئي، پر ڪوڪن تي مترڪو تمام هوري ٿي هنيائين، جيئن ٺڪ ٺڪ جو آواز گھر کان ٻاهر نه پهچي.
ڇوڪرِي، جنهن جي ڀر ۾ تازو ڄاول ڀاءُ گھري ننڍ ۾ پيو هو، اٿي ماءُ جي ويجھو وئي. اڌ رات جو ماءُ کي صندوق ٺاهيندي ڏسي، حيرت مان چيائين، ”مٺڙي امڙ، تون هي ڇا ٿي ٺاهين؟“
ماءُ، جا صندوق ٺاهڻ ۾ مصروف هئي، هڪ ڪوڪي کي هوريان مترڪي جو ڌڪ هڻندي چيو، ”ڌيءَ! آهستي ڳالهاءِ!“
نوجوان ڇوڪريءَ پنهنجيءَ ماءُ جي احتياط نه سمجھندي، وري چيو، ”مٺڙي امڙ، تون هي ڇا ٿي ٺا...“
”خاموش!“ ماءُ صندوق جي مٿين پٽي تي آخري ڪوڪو هڻندي آهستگيءَ سان سندس ڪن ۾ چيو، ”ڀاڻين ننڊ پيو آ نه؟“
”ها ها، امڙ!“
”ان کي کڻي آءٌ!“
”ڇو... امان، هو ته ڏاڍي مزي سان ستو پيو آ.“
”اڃا آهستي ڳالهاءِ. ڌيءُ، وڃ ڀاءُ کي کڻي آ.“ ڌيءُ ماءُ جي حڪم جي پوئواري ڪندي ڍرڙن هٿن سان پنهنجي ڀاءُ کي کنيو. هو اڃا ننڊ ۾ هو. ماءُ وٽ آڻي سندس هٿن ۾ ڏنو. ماءُ ٻارڙي کي سيني سان لڳائي پيار ڪيو، پوءِ صندوق ۾ رکي ڍڪ بند ڪرڻ لڳي.
”هاءِ منهنجي امڙ! تون هي ڇا ڪري رهي آهين؟“ ڇوڪريءَ خطرو محسوس ڪندي چيو.
”چپ ڪر ڌيءُ! صبر... صبر، الله جو حڪم اهو ئي آ.“
ماءُ جواب ڏئي صندوق جو ڌڪڻ بند ڪري ڇڏيو. نوجوان ڌيءَ اکيون ڦاڙيون، سڀ ڪجھ ڏسندي رهي. ماڻس صندوق جي وٿين ۾ ميڻ هڻي، ڪلهي تي رکي، در ڏانهن هلڻ شروع ڪيو.
نوجوان ڇوڪريءَ ماءُ جي پوئواري ڪئي. ڪالهه هن کي ڪيتري نه خوشي ٿي هئي، جڏهن الله تعالى هن کي هڪ تندرست، سهڻو ۽ خوبصورت ڀاءُ عطا ڪيو هو. اڄ هن ننڍڙي ابهم ڀاءُ کي ماڻس صندوق ۾ بند ڪري، الائي ڪاڏي نيئي رهي هئي. وري مصيبت اها جو ٻڌائي به ڪو نه پئي. نوجوان ڇوڪري دل ئي دل ۾ ڀُڃي ڪباب ٿي وئي. هن جي دل گھريو ته جيڪر ماءُ کان صندوق کسي، ان مان پنهنجي مٺڙي ڀاءُ کي ڪڍي، ڪنهن اهڙي هنڌ ڀڄي وڃي، جتي کانئس ڪو به سندس ڀاءُ کسي نه سگھي. هن اڳتي وڌي، ماءُ جي چولي جو پلئه پڪڙيندي چيو، امڙ!“
”خوموش ڌيءُ.“
”هاءِ الله! تون ادي کي...“
”چپ ڪر، بلڪل خاموش! آباديءَ مان چپ چاپ نڪري هل.“
”پوءِ تون ٻڌائيندينءَ، ته تون ادي کي ڪاڏي...“
”ها... هائو ڌيءَ! ڏس پيرن جو کڙڪو به نه ٿئي.“
ڇوڪري چپ ٿي وئي. آباديءَ کان ٻاهر ايندي هن وري پڇيو. ڀلا هن کي صبر ڪٿي هو.
””ڀاڻين کي نيل ۾ وهائيندس.“ ماڻس جواب ڏنو.
”هاءِ امڙ! تون هي ڇا ٿي چوين؟ هي ڇا ٿي ڪرين؟ ادا جيئرو ڪيئن رهندو؟ نيل جا جانور هن کي ڪاٿي ڇڏيندا؟ تو کي ڇا ٿي ويو آ؟ تو کي پنهنجي خون سان ايتري محبت به ڪانهي! هاءِ امڙ! جيڪڏهن تون هن کي پالي نه ٿي سگھين، ته مون کي ڏي. مان پنهنجي ڀاءُ کي کڻي وڃي ڪنهن جھنگ ۾ رهنديس. مان کيس وٺي وڃي اهڙي جاءِ تي رهنديس جتي کيس ڪو به لهي نه سگھي، امان...!“
”نه ڌيءُ.“ ماءُ هن کي جھل ڪئي، نه ڌيءُ! مون کي ائين ڪرڻ کان نه روڪ. صبر ڪر، اهو ئي الله جو حڪم آهي. پرواهه نه ڪر، اهو الله تنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪندو.“
”اهو ئي الله جو حڪم آ.“ ڇوڪريءَ ماءُ جو جملو ورجايو.
”ها ڌيءُ!“
”هاءِ منهنجو ڀاءُ!“
”ڌيءُ خدا تنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪندو.“
ڇوڪريءَ پنهنجا ڳوڙها اگھي ڇڏيا. هوءَ ماءُ پويان هلندي رهي. سامهون نيل درياءُ طوفاني بيقراريءَ منجھان لهرون هڻي رهيو هو. ماءُ هٿ وڌائي صندوق کي نديءَ ۾ وهائڻ ٿي چاهيو ته ڌيڻس کڻي هٿ جھليس. چوڻ لڳي، ”امڙ، ٿورو ترس، نديءَ جي بيقراريءَ کي نه ٿي ڏسين؟“
”ڏسان ٿي، پر الله جو اهو ئي حڪم آهي.“
اهو چئي هن صندوق کي وهڪري ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ڏاڍي اطمينان سان چيو، ”اي خدا مون تنهنجي حڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي. اي الله! تون منهنجي خطائن کي معاف ڪج. تنهنجي امانت تنهنجي حوالي.“ ۽ ڌيءُ کي چيائين، “چڱو! نيل جي ڪنڌيءَ سان هلندي وڃ، ڏس ته الله پنهنجي ٻانَهن جي ڪيئن ٿو نگهباني ڪري؟“ اهو چئي ماءُ گھر ڏانهن رواني ٿي ۽ ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ جي لڙهندي صندوق کي ڏسندي نيل نديءَ جي ڪنڌيءَ سان هلندي رهي. جڏهن ڪنهن لهر وڃي صندوق سان ٽڪرايو ٿي ۽ صندوق ڌڏي ٿي ته بي اختيار هن جي زبان مان ”يا الله“ نڪتو ٿي.
هوءَ الله الله ڪندي، صندوق جي سِڌ ۾ ڪنڌيءَ سان هلندي رهي. ڪيترائي دفعا ائين ٿيو جو صندوق وهندي وهندي ڪناري جي ويجھو اچي ٿي وئي، ۽ ڇوڪريءَ چاهيو ٿي ته هوءَ صندوق ڪڍي وٺي، پر تڏهن اوچتو سندس ماءُ جي لفظن سندس ڪنن ۾ گونج ٿي پيدا ڪئي: ”ڏس ته الله ڪيئن ٿو پنهنجي ٻانهن جي نگهباني ڪري.“
هوءَ هلندي رهي، ڪيترو ئي وقت هلندي رهي، تان جو پرهه ڦٽي، صبح ٿيو، سج اڀريو. هڪ وڏو محل ڇوڪريءَ جي رڪاوٽ بڻجي پيو. هي عاليشان محل نديءَ جي ڪناري تمام وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو. ڇوڪريءَ سوچيو ته محل جي چوڌاري چڪر هڻي نديءَ جي پوئين پاسي پهچڻ گھرجي. ڪپڙا کنجي، وڏو ساهه کڻي، چاهيائين ته ڊڪ پائي، ته اوچتو ڇا ٿي ڏسي جو ڪجھ عورتون چمڪدار ڪپڙا پهريو، محل جي ڪوٺي تي بيٺيون آهن. انهن ۾ جيڪا وڌيڪ عزت واري عورت ڏيکاري ٿي، تنهن اوچتو صندوق طرف اشارو ڪندي، ڀر ۾ بيٺل عورتن کي ڪجھ چيو. پوءِ ڇوڪريءَ ڏٺو ته ڪجھ مهاڻا ڄار کڻي محل مان نڪتا، صندوق تي ڄار اڇلايو ويو. صندوق ڄار ۾ ڦاٿي، مهاڻن صندوق ڇِڪي ۽ کڻي محل ڏانهن هليا.
ڇوڪري کي صبر ڪٿي. هوءَ به پويان پويان هلندي رهي ۽ مهاڻن سان گڏ محل ۾ هلي وئي. مهاڻن صندوق محل جي مالڪياڻيءَ جي حوالي ڪئي، انعام اڪرام ورتا ۽ موٽي ويا. ڇوڪري بيٺي رهي. هن ڏٺو ته مالڪياڻيءَ صندوق کولي. صندوق کوليندي ئي سندس واڇون ٽِڙي پيون (منهن تي مرڪ پکڙجي ويس). بي ساخته سندس زبان مان نڪتو ”ٻار!“
ان وقت ڇوڪريءَ جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. هوءَ پنهنجي دل تي هٿ رکي، مالڪياڻيءَ کي هڪ ٽڪ گھوريندي رهي. سندس ڄنگھون ڏڪي رهيو هيون. هن جو من چاهي پيو ته ڊڪي پنهنجي ڀاءُ کي کڻي ۽ وٺي ڀڄي، پر اوچتو سندس ڪنن ۾ آواز اڀريو: ”ڏس ته الله ڪيئن ٿو پنهنجي ٻانَهن جي نگهباني ڪري.“ هن پنهنجو پاڻ قابو رکيو. مالڪياڻيءَ ٻار هٿ ۾ کنيو. پنهنجي ڀاءُ کي جيئرو جاڳندو پنهنجون آڱريون چوسيندو ڏسي، ڇوڪري ٽڙي پئي. هن جي اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ پيدا ٿي. هوءَ بيٺي ڏسندي رهي.
ٻار کي هٿن ۾ مٿي کڻندي ماڪياڻيءَ جو منهن (ڄڻڪ) بي اختيار هيٺ جھڪندو ويو، تان جو سندس چپ ٻار جي چپن سان ملي ويا. چميائين، چٽيائين، مٺيون ڏنائين، پيار ڪيائين، پوءِ ڀر ۾ بيٺل عورت کي حڪم ڪيائين، ”ملڪ جون خوبصورت، نوجوان، سونهن ۽ سوڀيا واريون کير پياريندڙ دايون حاضر ڪرايو.“
حڪم جي دير هئي، ڪيتريون ئي دايون حاضر ڪيون ويون. انهن ٻار کي کير پيارڻ گھريو، پر ٻار ڪنهن جو به کير منهن ۾ نه ورتو. ڇوڪريءَ اهو حال ڏسي اڳتي وڌي مالڪياڻي کي چيو، ”جيڪڏهن توهان حڪم ڪريو ته مان اهڙي دائي حاضر ڪيان، جنهن جو کير هي ٻار ضرور پيئندو.“
”جلدي ڪر.“ مالڪياڻيءَ حڪم ڏنو ۽ ڇوڪري خوشيءَ مان جھمريون هڻندي، نچندي، ٽپندي، محافظ ۽ مددگار الله جا ڳڻ ڳائيندي، پنهنجي گھر ڊڪندي ٿي وئي. هوءَ بي پرواهه ڀڄي رهي هئي. هن کي ٽڪرائڻ جي پرواهه ڪا نه هئي، هن کي رستي جي ڪَنڊن جي پرواهه ڪا نه هئي، ائين ٿي ڀانيو ڄڻڪ ڪوئي هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو.
نوجوان ڇوڪري سهڪندي گھر آئي. ماڻس ڄڻڪ سندس انتظار ٿي ڪيو. ”امڙ مبارڪ.“ آواز ٻڌندي ئي ماءُ ڌيءُ ڏانهن ڊوڙ پاتي. هن کي سيني سان لڳائي، سندس وات تي هٿ رکيو. ”چپ ڪر ڌيءُ، خاموش.“ ڌيءُ کي گھر جي ڪنڊ ۾ وٺي وئي. ويهندي ويهندي ڌيءُ ماءُ کي چيو، ”الله پنهنجي ٻانَهن جي نگهباني ڪندو آ.“
پوءِ ماءُ ڌيءُ کي ڏٺو، ڌيءُ ماءُ کي... ٻي گھڙيءَ ڌيءُ اڳيان اڳيان، ماڻس پويان پويان ساڳي رستي تي وڌنديون ٿي ويون.

12. سخاوت ڳچيءَ پئجي وئي

هوشيار ٿي گھم ٻچا.
هن حصي کي گاڏين جو کاتو چيو ويندو آهي.
۽ اهو به ڄاڻين تو ته اڄ ڪلهه ڊرائيورن کي ليسن (لائيسنس) مفت پيا ملن.
ڀلا مصيبت به ڪهڙي اچي ڪڙڪي ٿي.
(شاگرد ماڻهوءَ لاءِ پويون ڏينهن وڏي مصيبت آهي.)
نَوي پيسا، نوي پيسا، نوي پيسا، پيو ڪندو وتين.
ائين ٿيندو آ!
مهيني جي پوئين تاريخ پويون ويلو.
اڄ کڻي ماني نه کاڌءِ ته ڇا ٿي پوندو؟
سڄو ڏينهن به ته پاڻيءَ تي تڙڳي گذاريو اٿئي! سڀاڻي هونئين ئِي اسڪالرشپ ملندءِ. باقي ڇا گھرجئه... پرواهه ناهي.
پر بک!؟
بک ڪيئن سهي سگھندس؟
پوءِ پٽ! تو کي ڪير ٿو چوي ته شهنشاهن وارو خرچ ڪر؟
هٿ ڦاڙ!
هر ويلي گوشت! هر ويلي ڪڪڙ!
آنڊن ۾ ڦَٽ ٿي پوندءِ، چريا!
پيسا گھرائي گھرائي مالڪن کي چريو ڪري رکيو اٿئي. ڪا دال!؟ ڪا سبزي!؟ ڪا ڀاڄي!؟
مڙيوئي ويلو ٽارڻو.
نوي پيسا اٿئي نه، اڄ کڻي دال کاءُ!؟
دال!؟
(دال جهڙو ٻيو حرامي ٻوڙ ڪونهي.)
پوءِ ڀلا سبزي!؟
(دست ڪندي.)
آخر ڪجھ ته ڪرڻو آ؟
گڙ گڙ پئي پوي پيٽ ۾،
صبح لاڪون لنگھڻ ڪٽيو آ،
ماشاءَ الله، کڻي دال ٿو کاوان.
پوءِ ڀلا سستي ماني ڪٿي ملندي؟
اها خبر به ڪا نه اٿِي.
ايئرڪنڊيشنڊ، ايئرڪنڊيشنڊ پئي پوندءِ،
خواهه مخواهه اٺ ٻارنهن آنا ٽپ ڏيڻي پوي،
بل وري آنڊا ڊاهه (هاضمو ئي خراب).
جيڪڏهن ڪُنڊ پاسي ۾ ڪو سستڙو هوٽل تاڙين؟
ڪيڏا نه مزا.
بچت جي بچت، کاڌي جو کاڌو.
پر!؟
اڳي جديد دانشڪده ۾ جو مَک پيل ٻوڙ مليو هو.
(مک نه ملندءِ ته گڏهه، گھوڙو ملندءِ؟)
انهن مکين ئي ته انهن غريب هوٽلن کان ڀڄايو.
پڻهين به غريب ابن غريب آ... پٽ!
پوءِ هاڻي ڪاڏي هلان؟
نمعت ۾؟ بخارا ۾؟ رحمت ڪده ۾؟
(نالا ته سٺا رکيا اٿئون پر لاهيندا چَتيون.)
نالا ئي ابتا ٿا رکن.
جديد دانشڪده ۾ ويٺل هڙئي بيوقوف هئا.
ٺيڪ آ، پوءِ سلطان هوٽل ۾ ٿو هلان.
ويهه.
ٽيبل تي مئل مکين جو خيال نه ڪر.
دل گاؤن ماؤن پئي ڪري.
بي نؤسو ٿي ويهه.
هوشيار.
ڄاڻ فرشتو اچي نازل ٿيو.
هي هي، آيو آيو.
(ڪڙڪيو اچي نڀاڳو.)
اکيون نه مرڪاءِ.
ٽيڏو نه ٿيءُ،
پڇينس ته دال گھڻي؟
هائين ٻارنهن آنا!؟!
(۽ پندرهين پيسين هڪ ماني؟)
مري ويس،
بيرا ڀائي! في الحال پاڻي کڻي آءُ.
ڀڄ هوٽل مان ته کڻي نه اچئي دال.
آ... ها...
هاڻي ٿڌي ٿڌي هوا کاءُ، پٽ!
نه، ٿڌي هوا نه کائيندس.
ڪَلُو ڀائي جا پڪوڙا کائيندس.
واهه جو خيال آيو آ.
شاباس مون کي.
اٺين آني جا پڪوڙا.
ٽيهين پئسي ٻه مانيون.
ڏهه پئسا ڀاڙي جا.
(هونئن ته ڪنڊڪٽر کي چئبو ته اڳيون سنگتي ٽڪيت وٺندءِ، ته به ٽري ويندو، پر بي ايماني ڇو ڪيان؟)
ڀلا جي پنجٽيهن پئسن جا پڪوڙا ۽ ٽي مانيون؟
ڪهڙو خيال آ؟
خيال ته گلاب جو گل آ.
وٺ پنجٽيهن پئسن جا پڪوڙا.
هل سائين هاڻي هل.
پڪوڙا ته واهه جا ڪوسا آهن!
هاڻي ڪهڙي پاسي وڃان؟
اسٽيشن روڊ تي، سبحان الله ريسٽورينٽ ۾!
ٺيڪ آ.
ڪا ڪنڊ پاسي ڪرسي وٺي ويهه.
ماڻهو ڏسندا ته ڇا چوندا؟
ٻه گِراٺيون وار! ريشمي ڪپڙا! اڀيءَ کڙيءَ وارو بوٽ! ۽ پڪوڙن سان ماني!
(ماڻهن جي پيءُ جي گھران ٿو کاوان ڇا؟)
لهرايان ڇو؟
وچ ۾ ويهندس.
ڏسان ٿو ته ڇا ٿا ڪن؟
ٽي مانيون کڻي آ... ۽ هڪ پليٽ...
بسم الله ڪر.
(سيڪيل ڪڪڙ سمجھي کاءُ.)
(شايد ڪنن تي ڪو آواز پيو پوي.)
”خدا ڪي نام پي بابا!
”نابينا هون، بَهت ڀُوڪا هُون.
”بچي ني ڀِي نهين کايا.“
لاحول ولا، لاحول ولا...
پر پٽ! ڪم نه ٺهيو.
چڱو ڀلا، اڄ ڪا سخاوتڙي ڪر.
وڏا وڏا ولي عمدا عمدا کاڌا به فقيرن سان گڏ کائيندا هئا.
تون کڻي ننڍڙو ولي ٿي،
يا ٿيڻ جي ڪوشش ڪر.
ٺيڪ آ.
ويچارڙي نينگرڙي به گڏ اٿس.
ٻارڙي آ، بک لڳي هوندس.
”مني، اِڌر بيٺو،
”بابا ڪو ڀي بٺاؤ،
”ميري ساٿ کانا کاؤ.“
ٻيلي فقير شڪريو بجا پيو آڻي!
آهي ته ڪو ڀلڙ ماڻهو.
پر هيءَ ڇوڪري ڇو نه ٿي کائي؟
هائين!؟
پيٽ تي هٿ پئي ڦيري.
(پيٽ ڀريل اٿس!)
آهستڙي، آهستڙي، ذرڙي ذرڙي ڪري پيو کائي.
ڪيڏو نه سادڙو آ ويچارو.
شايد مون غريب جو پيو خيال ڪري.
معصومڙو، سٻاجھڙو، غريبڙو.
هائين!؟
شايد هي پَرينءَ اک مان ڏسي پيو!؟
(خير کڏ ۾ وڃي پوي، هِي به، ته هن جي اک به.)
اڙي منهنجي گھورڻ تي بند ڪري ڇڏيائين.
ٺيڪ آ منهنجو ڇا وڃي؟
”بابا کائونا، مين غريب هُون، پڪوڙي کا رها هُون... تم ڀي کاؤ.“
او هو!؟
هي ڇا پيو چوي؟
”اڀي روزه افطار ڪيا هي!“، ”پڪوڙي بهت کائي هين!“، ”پيٽ ڀرا هوا هي!“، ”سالن سي کاؤن گا!“
مار! هي به گوشت نوش فرمائيندو؟
يا منهنجا مولا، تون پناهه ڏج، هي مڪر به ڏٺو.
”ڀوڪا هون! ڪڇ ڀي نهين کايا!“
۽ وري ٿو چوي، ”اڀي پڪوڙون سي افطار ڪيا هي.“
ٺيڪ آ، مان ته کاوان.
ڇو اچي هن ويل ۾ ڦاٿس.
پنهنجو ته پيٽ ڀريان.
گرهه ئي نه کنيم ته اچي ڀوت جيان نازل ٿيو.
لوٽي ديسان!
ٻچي ٻچي جو پٽ!
اڳهون ته سادو پيو چوينس، من!
(سادو نه، سادگي جو پٽ).
مڪار... ڪنو.
او هو هو هو!
ڇوڪريءَ کي پيو چوي ته بيري کي سڏ ڪر؟
مارائي نه؟
”اڙي بابا! ميري پاس تو پيسا ڀي نهين هي.
”سالن ڪي سي کاؤ گي؟“
هائين! هن وٽ پيسا آهن!
واهه واهه! فقير ته ڪو امير جوان آ.
ٺيڪ آ.
ٻوڙ گهرائي ته مان به ٿو هن سان گڏ کاوان.
چَهر ته ڪيان.
پڪوڙا ته اڳرن ئي ڪو نه پيا.
مار! فقير ته چالاڪ آ.
بَها پيو پڇيس.
هينٺ ٿس! خبر پيس نه!
(ڪيتري ويهين سؤ آ؟)
ڏيڍ رپئي گوشت ٻڌي نڪ ئي ڦِسي پيس.
ٽيڳر ئي موڪلائي ويس!
ڏاڍي ڊگر پيو ڪري!
هليو هو مڙس گوشت کائڻ.
”بس بابا پڪوڙي کاؤ.
”ڀوڪ ۾ تو پياز ڀي اڇي لگتي هين.“
اڙي هي ڇا ٿو چوي؟
”گھر جا ڪر کاؤن گا، اڀي پيٽ ڀرا هوا هي.“
هون هون، هي مانيون ڇو پيو ويڙهي؟
اڙي گڏهه، وٺ ڪرينس.
هي ته مورڳو مانيون ئي کنيون پيو وڃئي!؟
اڙي! وات ڇو پٽجي ويو اٿئي؟
(بند ڪر ته مَک نه گِھري وڃئي.)
اڙي! هي ته پڪوڙا به پيو ويڙهي.
وائڙو ڇو ٿي ويو آن؟
(هي جسم تي ڪوليون ڇو پيون ڊوڙنديون محسوس ٿين؟)
(هي ڪنن ۾ سيسڙاٽ ڇو پيا اڀرن؟)
اڙي بابا! هي فقير ته کسڪيو پيو وڃئيَ!
اوهه، هي ويو.
(مٿي کي چڪر ڇو پيا اچن؟)
(اکين آڏو اوندهه پئي ڇانئجي.)
اکيون مهٽ، ڊوڙ پاءِ.
اري چريا! پڪوڙا، ماني، ويا!
ڊڪ!
وٺ ڪرينس.

13. اڄ جا سورهيه

مَسَ مَسَ بس اولڊ ڪيمپس وٽان چُري، حيدر چوڪ مُڙي، جرنيل اعظم شهيد هوش محمد شيدي روڊ تي ڊوڙڻ شروع ڪيو. سياري جي موسم رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. مان بس ۾ عورتن وارِي پهرين (ڊرائيور جي پويان) سيٽ تي ويٺل هئم. اڄ عزيزن کان موڪلائيندي دير ٿي وئي، ڊڪي ڊوڙي اچي يونيورسٽي ويندڙ آخري بس پڪڙي هئم. چئن جي سيٽ تي اسان ست ڇوڪريون ويٺيون هيون سي. مان وچ ۾ هئم. ڇوڪرا هيڏي هوڏي در درين (خاص ڪري ڊرائيور ويجھي) مان زور لڳائي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڊرائيور جي چوڌاري ڏنل پائيپن جي ڪٽهڙي تي ڪيترائي ڇوڪرا ويٺا هئا، ڪجھ ڊرائيور جي ساڄي پاسي دٻيا پيا هئا ۽ ڪيترائي سامهون واري شيشي سان ڳاهٽ ٿيا پيا هئا.
”اڙي يار، زور نه ڏيو...“ آواز ڪن پيم، ڄڻڪ پيٽ ۾ وٽ ٿيو هجيس، آهستي ڪنڌ ڦيرائي کاٻي طرف ڏٺم. قد جي ڊگھي سنهڙي سيپڪڙي، ڏانداري جهڙا ڏند ڪڍي، ڏونگھي ۽ ڊگھي مٿي واري شڪل، واڇ ڇيڪي، اهڙو منهن بگاڙيو، ڄڻڪ هُو آخري ڇيڙي تي ويٺل ڇوڪريءَ مٿان ڪرڻ نه چاهيندو هجي (جڏهن ته هو اڳ ئي ايترو ليٽيو پيو هو جو ڇوڪري ويچاري ڪُٻي پئي ٿي. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪيون ويٺي هئي). سيپڪڙي تارا ڦيرائيندي بس جي پوئين حصي ۾ ڪنهن کي گھوري اک ڀڳي.
”ڏي خبر، مزي ۾ آهين نه؟“ ٺيٺ ٻهراڙيءَ جو لهجو، ليڊيز سيٽ پويان ڪٽهڙي ڀرسان هڪ آواز آيو.
”هتي ته گرمي ئي گرمي آهي.“ هن ڏندن کي وڌيڪ ظاهر ڪندي چيو. مون ڪنڌ هيٺ ڍرڪائي ڇڏيو. سوچيم: پراوَن تي ڪهڙي ميار، هي پنهنجا به اسان لاءِ ڪوئي جذبو نه ٿا رکن. جيڪڏهن اها ڇيڙي واري ڇوڪري پٺيان بيٺل نينگر جي سڳِي ڀيڻ هجي ها، ته هن ڏند ڇيڪي کي، اهڙي سيکت ڏي ها جو...“
گاڏيءَ هير آباد وارو ٽرن ڪٽيو.
”اڙي... اڙي يار! ڪجھ ته خيال ڪيو...“ ساڳيو ئي ڇوڪرو ڇيڙي واري ڇوڪريءَ مٿان ٿي ڪريو. ڪٽهڙي ۾ هٿ وجهي اهڙو مهانڊو بگاڙيائين، ڄڻڪ سڌو ٿي بيهڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪندو هجي. سوچيم: ”ڪيڏا نه مڪار ۽ حرفتي، ايڪٽر ۽ دوکي باز آهن، پر ان ۾ انهن جو ڪهڙو ڏوهه! پنهنجي فطرت کان مجبور آهن... اسان جي پنهنجي اکين جو پاڻي ڇو مري ويو آهي!“
”اي ابا! ٿڌي هوا ٿي اچي، اها دري ته بند ڪيو.“ ڪٽهڙي جي پويان واري سيٽ تان آواز آيو ۽ وري ”هي... هي... هي...“ ٽهڪڙو.
ساڄي طرف ڪنڊ ۾ ويٺل ٿلهي ڇوڪري نعيمه تي اکيون کپائي ڇڏيم، جا هن قهر جي سرديءَ ۾ به دري کوليون ويٺي هئي. نعيمه منهنجي ڪلاس فيلو هئي.
هوءَ اهو ٻڌائيندي ذرو به نه هٻڪندي هئي ته کيس ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ٻهراڙيءَ جو ڊوميسائل صرف اٺن ڏهن ٽوڪرن جي قربانيءَ سان مليو هو. پٺيان چيل جملو ٻڌي منهن تي مرڪ پکڙجي ويس، ٿڌي هوا لڳڻ ڪري نڪ مان ٽسو وهي آيو هوس، تنهنڪري نڪ تي رومال اهڙي ته نزاڪت سان رکيائين، ڄڻڪ ان ۾ ٻين جو ڏوهه هجي.
”ڊرائيور... ابا آهستي... هيڏي نڪ مان سنڌو ٿو وهي.“
وري ٽهڪڙو ٻڌڻ ۾ آيم. نعيمه تڪڙ ۾ ڪنڌ پوئتي ورايو، ڏند ڪڍي وري سڌي ٿي ويٺي. پوئتي وري ٽَهه ٽَهه ٿي وئي. مون سوچيو ته منهنجن ڀائرن جي ذهنن ۾ ايڏي گندگي ۽ غلاظت ڀرجي وئي آهي، جو نڪ مان وهندڙ ٽسي کي سنڌوءَ جو پاڻي پيا چون.
سنڌو... ڪاڏي سنڌوءَ جي عظمت، ڪٿي ان جو پوتر پاڪ پاڻي، ۽ ڪاڏي...!
”اف! اسان پاڻ ئي پنهنجي سورهين جي سورهيائيءَ سان اڏيل تاريخ کي لٽي ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان ڄام ابڙي سَمي ۽ ممٽ کي مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي؟ ڪٿي اسين شاهه جو پيغام ته نه ڀلائي ويٺا آهيون؟ ڇا هي اياز، تنوير، شمشير، قمر، امداد، انور کي مورڳو ٻڌندا ئي نه آهن؟“ اکين ۾ ڳوڙها تري آيم. مون ڪنڌ موڙي اڄ جي سورهيه جوڌن جو ديدار ڪرڻ گھريو. ڪٽهڙي پويان پهرين سيٽ تي ويٺل ٻن سنڌي ٽوپي پهريل نوجوانن هڪ ٻئي کي ڪتڪتايون پئي ڪڍيون. اوچتو هڪ جي نظر مون تي پئجي وئي، ٻئي کي ٺوٺ هنيائين ۽ پوءِ ٻئي کلڻ لڳا، ڄڻ ڪا کيپ کٽي هجين.

14. هڪ انسان

ٻــــار:
عيدو جڏهن ڄائو هو تڏهن هن جا ماءُ پيءُ کِلي پيا هئا. سالن جي منٿ ميڙ کان پوءِ ته مليو هونِ عيدو. سندن کنڊَر جيان ويران زندگيءَ ۾ رونق، قوت ۽ جاڳرتا پکڙجي وئي هئي. خزان تباهيل باغ ۾ ڄڻڪ گل ٽڙي پيا هجن. عيدو جڏهن هنبوڇيون هڻندو هو تڏهن ٻئي مامتا ۽ شفقت جي بي اختياريءَ ۾ کيس سيني لائيندا ۽ مِٺيون ڏيندا هئا. عيدو سندن زندگيءَ جو سَتُ هو. عيدو جڏهن بانبڙا پائي گھمندو هو، ته هو ٻئي بانبڙا پائڻ لڳندا هئا. عيدو جڏهن ٻاتا ٻاتا ٻول ٻولڻ لڳو، تڏهن پڻهنس جو ڏينهن جي مزدوري جو ٿڪ پلڪ ۾ لهي ويندو هو ۽ ماڻهنس گھريلو ڪم ڪار جي بڇان جو احساس جھٽ ۾ وڃائي ويهندي هئي. عيدو جڏهن کٽ جي پائي يا ڀت کي جھلي لڏندو لچڪندو اٿي بيهندو هو، تڏهن هو ٻئي مرڪي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا هئا ۽ سندن نظرون ڄڻڪ ٻولڻ لڳنديون هيون: ڇا جنت هنن احساسن کان وڌيڪ بخشيندڙ هوندي؟ ڇا اتي ٻاتا ٻاتا ٻول ٻڌي سگھنداسون؟ ڇا اتي اسان جي زندگيءَ جو ٿڪ پلڪ ۾ لهي ويندو؟ پوءِ ٻئي کلي، ڪنڌ ڌوڻي، آڱريون ڇت طرف اڀيون ڪري، بيخوديءَ ۾ مرڪڻ لڳندا هئا. عيدوءَ جون رڙيون ۽ ٻاڪار کين پري ڪٿي مندر ۾ وڄندڙ گھنڊڙن جي ياد ڏياريندي هئي. عيدو جا ٽلول ٽهڪ، هو جھرڻن جي جھونگار ڀائيندا هئا. عيدو جي ڪري سندن گھر جنت هو، عيدو سندن بيخودي هو.

جوان:
عيد محمد هڪ جانٺو جوان آهي. سندس قد کيرٿر جيان اڀو ۽ سينو سنداڻ جيان مضبوط آهي. هن جا ڏورا فولاد جيان سخت ۽ اکيون ڪرڙيون ۽ چمڪدار آهن. هن جي آواز ۾ صفائي ۽ ڪڙڪائي آهي. هو چوي ٿو:
”ڇا جو ڏک؟ ڪنهن جو ڏک؟ بابا مري ويو، مرڻ ڏينس. امڙ مري وئي، مرڻ ڏينس. آخر هنن کي مرڻو هو نه. مان ڇو روئان؟ روئڻ سان ٿيندو ڇا؟ توهين چئو ٿا، مان سخت دل آهيان! پاڳل! ان ۾ سخت دليءَ جي ڪهڙي ڳالهه؟ مون کي بيحياءُ ٿا چئو، جو مان ڪپڙن پهرڻ جي خلاف آهيان. بيوقوفو! انسان پيدا اگھاڙو ٿئي، مري ته به اگھاڙو، باقي کيس ڪپڙن جي ڪهڙي ضرورت! هي جيڪي مون ڪپڙا پاتا آهن، صرف مجبوريءَ ڪري، جو اوهين ۽ اوهان جهڙو ذهن رکندڙ ٻيا ڪوڙهه مغز منهنجي پٺيان خواهه مخواهه ڪاهي پوندا. مان ڊڄان نه ٿو؛ ڪنهن کان به نه، خدا کان به نه. خدا آهي ڇا؟ وڏيرو نصير ڪوڙهه سبب مري ويو. چون ٿا ته خدا کيس اذيت جو موت ڏنو، ڇو ته هن جوانيءَ ۾ ڪيترن جي زندگي تباهه ڪئي! هن اربو موچيءَ جي ڌيءُ گم ڪرائي، شيدي جي گھر ڌاڙو هڻايو، پر مان ٿو چوان ته هو پاڻ مري ويو، هن کي ڪوڙهه ماريو. وري چون ٿا ته دولت جمعدار کي به خدائي عذابن ماريو، ڇو ته هو ڇوڪرين جي زندگي تباهه ڪندو هو. اڙي چريؤ! دولتُ ته ناسور سبب مري ويو، هن کي وري خدا ڪيئن ماريو؟ مون کي نه ٿو ماري؟ مون کي عذاب ڪو نه ٿو ڏئي! مون کي اذيتن ۾ مبتلا نه ٿو ڪري! ڇو؟ ڇا مان سندس عزيز آهيان؟ مون به ڇوريون کاريون آهن، مون به ڪيترين جي عصمت لٽي آ، عزت غرق ڪئي آهي. مون به ڌاڙا هنيا آهن، مون به بيوه عورتن جا اڪيلا پٽ قتل ڪيا آهن. مون نوجوان سهاڳڻين جا خاوند ڪٺا آهن. مون معصوم ٻارن کي چورائي بيگار ڪئمپن ۾ وڪيو، مون ننڍڙيون نينگريون چورائي چڪلي جي رنڊين کي ڏنيون. مون گھڻو ڪجھ ڪيو آهي، توهان انهن سڀني ڪمن کي گناهه چئو ٿا نه؟ وڏيري نصير ۽ جمعدار جيڪي ڪجھ ڪيو آهي، اهو ته منهنجي ڏائي هٿ جو ڪم آهي. وري چئو ٿا، موسو مواليءَ چرس ڇڪيو، ٽي بي ڪري مري ويو، خدا کيس ڦڦڙن ۾ ڦٽ ڪيا! اڙي پاڳلو! مون کي ڦڦڙن ۾ ڦٽ نه ٿا ٿين. هو ته رڳو چرس ڇڪيندو هو! مان چرس، ڀنگ سان گڏ آفيم کان به نه مڙان، شراب پيان، ٺَرو پيان، جوئا ڪيان، منهنجي گھر ۾ ٽِڪري ٿي هلي. مون کي ڀلا خدا ڇو نه ٿو ڪنهن اذيت ۾ مبتلا ڪري، مون کي ڇو نه ٿو ذليل ۽ خوار ڪري؟ ڇا خدا مون کان ڊڄي ٿو؟ ردي انسانو! خدا، جنت، جهنم، بدلو، گناهه، اِهي سڀ انسانن جي بزدل دماغن جي پيداوار آهن، هنن چاهيو ٿي، ته هو تخت حاصل ڪن، دنيا تي حڪومت ڪن، ٻيو ڪجھ به ڪينهي، هنن کي جيئرو رهڻو هو، هنن اهو ڪجھ ڪيو. مون کي جيئرو رهڻو آهي، مان ڇني کائيندس. مون کي ڇني کائڻ جو حق آهي، ڇو ته مان طاقتور آهيان.“

ٻڍو:
اڄ عيدو پنهنجي زندگيءَ جا سٺ سال پورا ڪري چڪو آهي. سندس چوڻ صحيح آهي ته نشو ڪجھ نه ٿو ڪري، زنا مان ڪو نقصان ڪونهي. اڄ به هُو بنا لٺ جي گھمندو آهي، بس رڳو رفتار ٿوري ڍري هوندي اٿس. هن کي ان جي ڪا به پرواهه ڪانهي ته کيس اولاد ناهي. هن سان ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ وارو ڪونهي. اڳي جو پنجاهه پنجاهه ڄڻا سندس مداح هئا، سڀ کيس ڇڏي ويا. اڄ هو اڪيلو آهي، ته به زندگيءَ جا ڏينهن ڪٽڻا ئي آهن، ڇو نه کڻي جسم تي سندس ٿوٿر چڙهي وئي هجي، ڇو نه هن جي گوڏن ۽ ٺوٺين ۾ پُونءِ ڀرجي وئي هجي، ڇو نه اهي سڄيل هجن، ڇو نه هن جي بينائي ختم ٿي هجي، هن جا ڪن ٻڌڻ کان بيهي ويا هجن، ڇو نه هو پرائي گھر جي ڪنڊ پاسي ۾ راتيون ڪٽي، ڇو نه هن کي ڪوئي حقارت سان ٿُڪي ۽ گاريون ڏي. هو ڪمائي نه ٿو سگھي، هن کي هيٺ تي هڪ انگوڇو ٻڌل هوندو آهي، ڪيترائي انگوڇا ڳري ڦاٽي ويا پر ماڻهو کيس انگوڇو ضرور وٺي ڏيندا آهن، ڇو ته هو اڄ به سندس اگھاڙو رهڻ نه ٿا پسند ڪن. انگوڇو ڏاڍو ڇَوڙو ٿي ويو اٿس. جڏهن هن کي بک لڳندي آهي تڏهن هو ڪنهن ڍير طرف وڌي ويندو آهي. هن کي اها پرواهه ڪانهي ته هو گندي ماني ٿو کائي. ڪي ڪي هن آڏو ماني ٽڪر ڦٽو ڪري ويندا آهن. هو کڻي کائيندو آهي، ڇو ته هن کي بک لڳندي آهي، هن کي جيئرو رهڻو آهي. جڏهن هن کي ماني ڀور نه لڀندو آهي، جڏهن هن کي بک ستائيندي آهي، جڏهن هن کي پيٽ جي باهه مجبور ڪندي آهي، پوءِ.... ڪڏهن ڪڏهن... پنهنجي انگوڇي کي لڳل ڪرپٽي پنهنجي آڱر سان کڻي پنهنجي وات ۾ وجھندو آهي.

15. هُو ويچارو (ليکڪ: چيخوف)

رات ڏاڍي خوبصورت هئي. ڪلارڪ آئِوان ٿيٽر ۾ ويٺو ڊرامو ڏسي رهيو هو. هن جون نظرون اسٽيج تي ڄميل هيون ۽ هو پاڻ کي دنيا جو سڀ کان حسين ۽ خوبصورت انسان سمجھي رهيو هو. اوچتو هن جي مهانڊي جو نقشو بگڙجي ويو. ڳچيءَ جون رڳون سيٽجي، اکيون مٿي ڇڪجي ۽ ساهه بيهجي ويس. درد سبب پنهنجي سيٽ تي ٻيڻو ٿي ويو ۽ پوءِ آخر ڇُو، هن کي ڏاڍي زوردار ڇڪ (نِــڇ) آئي.
هر ماڻهوءَ کي ڇِڪ ڏيڻ جو حق آهي، ۽ جڏهن چاهي، جتي چاهي پنهنجي ضرورت پوري ڪري سگھي ٿو: پوليس انسپيڪٽر هجي يا هاري، گورنر هجي يا وزير، ان سلسلي ۾ سڀ برابر آهن، پر جيڪڏهن ڪجھ شريف ماڻهو جمع هجن ته اتي هڪ عيب سمجھيو ويندو آهي. تڏهن به آئِوان ان وقت شرمندو نه هو. هن ڏاڍي اطمينان سان رومال ڪڍيو، پنهنجو ڊگھو نڪ اگهيو ۽ تسلي طور کاٻي ۽ ساڄي نهاريو. ڊڄ هوس ته ڪو خراب نه سمجھي ۽ پوءِ اوچتو هو شرمائجي ويو. هن اڳيان هڪ بندرو ماڻهو ويٺو پنهنجي گنجي ٽڪڻ کي رومال سان صاف ڪري رهيو هو. آئِوان غور سان ڏٺو ته هن کي اهو ڄاڻي ڏاڍو ڏک ٿيو ته اهو شخص وزيرِ مواصلات هو. کڻي ڪري هو سندس آفيسر نه هو، پر به وزير جي گنج تي ڇڪ ڏيڻ، يقيناً خراب ڳالهه هئي. غريب آئِوان فيصلو ڪيو ته هن کي ان حرڪت تي معافي وٺڻ گھرجي.
”جناب اعلى! مان توهان کان معافي ٿو گھران. اعتبار ڪيو، منهنجو مطلب اهو نه هو، مان ته....“ آئِوان ڀڳل ٽٽل لفظن ۾ چيو.
”بس، بس، ڳالهه کي وڃڻ ڏي.“ وزير مواصلات بيزاريءَ وچان چيو.
”پر سائين! مون کان گستاخي ٿي آهي. توهان ضرور مون کي معاف ڪيو، مون کي اوچتو...“
”اُف، مان چوان ٿو چپ ڪيو ۽ ٻُڌڻ ڏيو.“
ڦڪي ڦڪي مرڪ آئِوان جي منهن تي پکڙجي وئي. مجبوراً هن پنهنجون نظرون اسٽيج ڏي ڦيريون، پر هاڻي هن کي راند سان دلچسپي نه رهي هئي. ڊرامي جو اِنٽرول (ساهي) ٿيو. ماڻهو ٽولن ۾ ورهائجي ٽهڪ مخول ۾ لڳي ويا. آئِوان پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ ڪجھ سوچيندي وزير مواصلات طرف وڌيو. ٿوري دير چپ بيهڻ کان پوءِ هن ڊڄندي ڊڄندي چيو، ”منهنجا آقا! مون تي رحم ڪريو، مون کي معاف ڪريو، مون هينئر توهان مٿان ڇڪ ڏني هئي. هونئن منهنجي مرضي هرگز به اها نه هئي. مان ته...“
”ڪا ڳالهه ناهي، مون کي ته ياد به نه رهيو.“ وزير مواصلات مصنوعي اخلاق سان چيو.
آئوان سوچيو ته چوي ته اهو ٿو ته مون کي ياد نه رهيو آهي، پر مون کي هن جو گُھورڻ پسند ناهي، شايد هو اڃا ناراض آهي ۽ ڳالهائڻ پسند نه ٿو ڪري. مون کي تفصيل سان اها سڄي ڳالهه هن کي سمجهائڻ گھرجي ته اهو سڀ ڪيئن ۽ ڇو ٿيو. ڇڪ اچڻ فطري امر آهي ۽ مان ان سلسلي ۾ مجبور آهيان. ڪٿي هو ائين ته ڪو نه ٿو سوچي ته مون هن تي ٿڪيو آهي. ٿي سگھي ٿو هن کي هن وقت اها ڳالهه ذهن ۾ نه آئي هجي، پر پوءِ هو ان نتيجي تي به پهچي سگھي ٿو.
گھر پهچي آئوان سڄو قصو پنهنجيءَ زال کي ٻڌايو. سندس زال غور ۽ فڪر کان پوءِ چيس، ”کڻي ڪري وزير مواصلات تنهنجو سڌو سنئون آفيسر نه آهي، پوءِ به اهو خيال ڪري سگھي ٿو ته توکي شريف ماڻهن ۾ ويهڻ جي تميز ڪانهي، تنهنڪري سٺو اهو ئي آهي ته وڃي معافي وٺينس.“
آئوان چيو، ”معافي ته مون اتي ئي گھري، پر هن ڪجھ ڍنگ سان جواب نه ڏنو. وري ايترو وقت به نه هو جو تفصيل سان ڳالهه ڪري سگھجي.“
ٻئي ڏينهن آئوان پنهنجو بهترين سرڪاري ڪوٽ پاتو، ڏاڙهي ٺاهي، بوٽ پاليش ڪيو ۽ ائين سينگار ڪري، پنهنجي صفائي بيان ڪرڻ لاءِ وزير مواصلات وت پهتو. وزير صاحب جو ڪمرو ماڻهن سان ٽٻيل هو. هو واري واري ماڻهن سان ملي رهيو هو. آئوان ڏاڍي ادب سان ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وزير صاحب ڳالهيون ڪري آزاد ٿيو ته هن سواليا نظرن سان آئوان طرف ڏٺو.
آئوان چيو، ”سائين! گذريل رات شايد توهان کي ياد هجي، مون ٿيٽر ۾ توهان جي مٿان ڇڪ ڏني هئي.“
”عجيب احمق ماڻهو آهين،“ اهو چئي وزير ٻئي ماڻهو کي چيو، ”حاضر، مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿو؟“
”هي ته ڳالهه ئي نه ٿو ٻڌي.“ آئوان سوچيو ۽ پوءِ هن جو رنگ ڦڪو ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هُو ناراض آهي. مان ان وقت تائين هتان وڃي نه ٿو سگھان، جيستائين سڄي ڳالهه تفصيل سان نه ڪيان تنهنڪري هو پنهنجي جاءِ تي ويٺو رهيو. جڏهن وزير مواصلات سڀني ماڻهن سان ملي چڪو، تڏهن هو پنهنجي ذاتي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ اٿي بيٺو. آئوان هن سان گڏ هليو ۽ دٻيل لفظن ۾ چيائين، ”حضور! مون کي معاف ڪريو، مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو مون توهان کي ايتري تڪليف ڏني. مان معافي گھران ٿو. درحقيقت واقعو هيئن هو ته...“
وزير مواصلات آئوان کي ائين ڏٺو ڄڻڪ هو کيس ڪچو ئي رڙڪي ويندو، پر پاڻ کي قابو رکندي چيائين، ”تون مون سان مخول ٿو ڪرين.“ اهو چوندي هن ڪمري جو در زور سان بند ڪري ڇڏيو.
”مخول؟“ آئوان سوچيو، ”منهنجي خيال ۾ ته مذاق هرگز نه هئي. سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته وزير مواصلات ٿي ڪري به اها معمولي ڳالهه سمجھي نه سگهيو! خير هاڻي مان کيس معافي گھري وڌيڪ پريشان ڪرڻ نه ٿو چاهيان. خدا لاهه ڪڍيس. چڱو! هڪ تدبير ٿي سگھي ٿي، مان هن کي خط لکندس، پان وڃڻ سٺو نه ٿو لڳي. بس ٺيڪ آ، هاڻي مون کي گھر وڃڻ گھرجي.“
گھر پهچي آئوان خط نه لکيو. هو سوچيندو رهيو. خط لکڻ لاءِ هن وٽ لفظ ئي نه هئا، نه ته هو ضرور لکي ها. تنهنڪري ٻئي ڏينهن هو پنهنجي ليکي وزير مواصلات وٽ پهچي ويو، جيئن معاملو الجهي نه وڃي.
”مون توهان کي ڪالهه به تڪليف ڏني هئي.“ آئوان ڳالهه شروع ڪئي، وزير مڙي هن کي ڏٺو.
آئِوان تڪڙ ۾ چيو، ”سائين! مان توهان سان مخول نه ٿي ڪرڻ گھري، مان توهان کان معافي گھرڻ آيو هوس، منهنجي ڇڪ جي ڪري توهان کي جيڪا تڪليف پهتي، ان لاءِ معافي گھران ٿو، باقي جيستائين مذاق ڪرڻ جو تعلق آهي ته سائين مان اهڙي جرئت ڪيئن ٿو ڪري سگھان! ائين ٿئي ته وڏن جي عزت ڪيئن رهي سگھي ٿي، ڀلا اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته مان توهان...“
وزير صاحب جي وات مان گِڦ وهي پئي.
آئِوان جي نظرن ۾ ڪمرو ڦرڻ لڳو، هن کي ڪجھ به نه ٿي ڏيکاريو. هڪ مشين وانگي هو گھر پهتو. سرڪاري ڪوٽ لاهڻ بنا هو کٽ تي ليٽي پيو ۽... وري ڪڏهن نه اٿي سگھيو.

16. ڊينڊڙو ماڻهو (چيني ڪهاڻي)

جمهوريت جو ڇهون سال هو ۽ سياري جو ڏينهن. تيز سرد هوائون گھلي رهيون هيون. هڪ ڏينهن هڪ قومي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مون کي صبح سوير اٿڻو پيو. تقرير تيار هئي، ان ڪري ڏاڍو خوش هوس. جھونگاريندو اٿيس، ڪپڙا بدلايم، نيرن ڪيم ۽ جلسي گاهه ۾ وڃڻ لاءِ نڪري ويس. هڪ ته صبح سوير سواري ملڻ مشڪل، وري مٿان وڏي ڏينهن جي ڪري رستن تي ڏاڍي پيهه هئي. رڪشا واري کي جلسي گاهه جو هنڌ ٻڌائي مزي سان سيٽ تي آهلِي پيس. منهنجي طبيعت ۾ تجسس جو مادو ڏاڍو آهي. هونئن به پاڻ کي ليڊر سمجھندو آهيان، تنهنڪري عام ماڻهوءَ جي مسئلي کان واقفيت ضروري آهي. مون رڪشا ڊرائيور کي غور سان ڏٺو. هو ڪمزور جسم جو مالڪ هو. ڊينڊڙو نوجوان هو جنهن جي لوندڙين تي ڪجھ اڇا وار ڏيکاريا پئي. لباس گھنجيل ۽ ميرو سيرو هوس، ٿڌ جي ڪري هو هر هر نڪ اگھي پيو ۽ هڏڪي پئي آيس. ٻين جي مقابلي ۾ پنهنجي برتريءَ جو احساس انسان کي هميشه مغرور ڪري ڇڏيندو آهي. ان صبح جو منهنجي حالت به ڪجھ ان قسم جي هئي. رڪشا واري جي مقابلي ۾ مان يقيناً مغرور، احترام لائق، خوش پوشاڪ ۽ وڏو ماڻهو هوس، هاڻي ٿوري دير کان پوءِ هڪ وڏي جلسي ۾ خطاب ڪرڻو هيم. هو ويچارو انهن ڳالهين کي ڇا ڄاڻي، بس پڪي رستي تي رڪشا ڀڄائيندو ٿي ويو. هوا بيٺل هئي ۽ رستا ڌوڙ ۽ ڌڌڙ کان صاف هئا. اسان ماڳ تي پهچڻ وارا هئاسون ته اوچتو ڪو رڪشا سامهون آيو ۽ ٽڪرائجي پڪي سڙڪ تي ڍير ٿي پيو.
رڪشا وارو بيهجي ويو. مون منڍي ٻاهر ڪڍي ڏٺو، ليڙن ۾ ويڙهيل هڪ عورت اونڌي ٻوٿ رستي تي پئي هئي. رڪشا واري ان کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي پر شايد هن جي نظر ڪمزور هئي. اتفاقي طور، لاڙي جي ڪري رڪشا جي رفتار تيز ڪا نه هئي، نه ته عورت کي ڌڪ ڏاڍو لڳي ها. مان ٻاهر نڪري آيس. رڪشا واري عورت کي اٿاريو ۽ تسلي ڏيڻ لڳس. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پري پري تائين ڪوئي نظر نه ٿي آيو. ڀڄي وڃڻ جو ڏاڍو سٺو موقعو هو. مون کي دير ٿي رهي هئي، تقريب شروع ٿيڻ ۾ باقي ڪجھ منٽ هئا... ۽ ”معاشرو فرد کان ڇا ٿو گھري؟“ جي عنوان هيٺ لکيل عالماڻي تقرير منهنجي کيسي ۾ ڪر موڙي رهي هئي، مون ڪَڪِ ٿيندي چيو، ”اي ڀاؤ، رڪشي وارا! عورت کي ڌڪ ته آيو ڪو نه، هاڻي هل کڻي، خواهه مخواهه ٿو وقت ضايع ڪرين.“ پر ڄڻ رڪشا واري جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه چري. هن ڏاڍي نرميءَ سان عورت کي سهارو ڏئي فٽ پاٿ تي وٺي وڃي پڇيو، ”ڌڪ ته ڪونه لڳئي؟“
”ڏاڍو ڌڪ لڳو آ.“ عورت چنگھندي چيو.
مون کي هن جي مڪر تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. بدبخت نجو پجو ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي. مون کي يقين هو ته هن کي ذرو به ڌڪ نه لڳو هو ۽ هي بيوقوف رڪشي وارو خواهه مخواهه پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪري رهيو هو. هن کي گھربو هو ته هو يڪدم هتان رفو چڪر ٿي وڃي، احمق ڪٿي جو، پاڻ سان گڏ مون کي به دير ڪرائي رهيو هو.
رڪشي وارو واقعي احمق هو ڇو ته عورت جي واتئون اهو ٻڌي، ته هن کي ڌڪ لڳو آهي، اٿيو، عورت کي ٻانهن کان پڪڙي سامهون جاءِ طرف وڃڻ لڳو، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هو ”پوليس اسٽيشن.“ دروازو بند هو. هو زور زور سان دروازو ڪُٽڻ لڳو. مان ڪڪ ٿي رستي تي آيس، جيئن خالي سواري حاصل ڪري سگھان. ٿوري دير کان پوءِ هڪ پوليس آفيسر مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”سائين توهان ڪو ٻيو رڪشو حاصل ڪيو. هو ماڻهو توهان کي نه ٿو کڻي وڃي سگھي.“
”ڏاڍو سٺو.“ مون سڙندي چيو. واچ تي نظر ڪيم، تقريب جو وقت ٿي چڪو هو. سڀ کان پهريون مون کي تقرير ڪرڻي هئي مون... ”معاشرو فرد کان ڇا ٿو گھري؟“ تقرير جا ڪاغذ کيسي مان ڪڍيا. فاتحانه شان سان انهن تي نظر وڌي... رڪشا واري کي هن جي حماقت ۽ بيوقوفيءَ تي ڇنڀيندو، تڪڙيون وکون کڻندو، جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳس.

طنز و مزاح

---

1. بڪواس

(مون پنهنجي هنن چند جملن جي ميڙ کي ”بڪواس“ جو عنوان ڏنو آهي. بڪواس کي ڪو به تسلسل ۽ يڪجهتي نه هوندي آهي، هڪ جملي جو مطلب هڪ، ته ٻئي جو ٻيو، اهو ئي بڪواس جو مفهوم آهي.)

دوستن کي چيم، ”عزيزو! اڄ بڪواس ڪرڻ جو موڊ آهي.“
چيائون، ”نصيحت آميز نه هجي.“
ڇا بڪواس به نصيحت آميز ٿي سگھي ٿي؟ جڏهن ته بڪواس کي نه ڪن ٿين، نه اکيون. ڪنن، اکين جي ذڪر تان هڪ ڳالهه ياد پئي، هونئن ته هي به ڳالهه ياد ٿي پوي، ته اڄ ڪلهه ماڻهو فل سوٽ پهري، ائير ڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ آرامده ڪوچن تي ويهي، ٽنگ مٿان ٽنگ چاڙهي، ليڙون ڪپڙا پهريل، گرمين ۽ سردين ۾ ڪم ڪندڙ هارين جون ڳالهيون ڪندي (مجبوراً) ٺلهيون همدرديون ظاهر ڪندا آهن، ۽ هيءَ ڳالهه به، ته سگريٽ جو زوردار سوٽو هڻندي (ڄڻڪ موسم بهار جي صبح جو، هير جھٽيندا هجن) چوندا آهن ته سگريٽ ڇڪڻ تمام بري عادت آهي. پر هيءَ ڳالهه منهنجي ڀائٽي جي آهي. کيس شڪايت آهي ته مان سندس سنجيده ۽ عقلمندانه سوالن جا صحيح صحيح جواب نه ٿو ڏيان.
چوندو، ”اکيون ڪنڌ ۾ ڇو نه آهن؟“
چوندومانس، ”بابا! ان ڪري، جو اسين ڪالر واري قميس پائي نه سگھون ها.“
چوندو، ”ڀلا گڏهه جا ڪن وڏا ڇو ٿيندا آهن؟“
چوندم، ”ان ڪري جو هو هڪ ڪن کان ٻڌي، ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهن.“
چوندو، ”ڳالهه ٻڌي ته ماڻهو به ڪڍي ڇڏيندا آهن!“
چوندومانس، ”هائو، پر اهي تو وانگر ڦاڙها هوندا.“
سو ادا ضرور نه آهي ته ڪن وڏا هجن ته ڳالهيون سمجھندو. دراصل سمجھ آهي سمجھ وارن لاءِ. جيئن فرمايل آهي (پاڪ ڪتاب ۾) ته، ”سمجھ وارن لاءِ هن ڪتاب ۾ نشانيون موجود آهن (خدا کي سمجھڻ لاءِ).“ نشان سمجھن نشانيون ڏيندڙ، ۽ وٺندڙ. هونئن ته نشانيون اڪثر ڪري عاشق معشوق کي ڏيندو آهي ۽ معشوق عاشق کي. عاشق معشوق جو چڪر به اهڙو آهي، جهڙو حقي ۾ پاڻيءَ جو. حقي جي پاڻيءَ ۾ ڌپ ٿيندي آهي، ڌپ ته ڪنن واڱڻن ۾ به ٿيندي آهي، جيڪي ڪچي مارڪيٽ جي ڍير تي اڇلايا ويندا آهن، پر گرهاڪن کي سستا نه ڏنا ويندا آهن (جڏهن تازا هوندا آهن). ڪنو ڪري سهائن، پر غريب جو ڀلو ٿئي، اهو ڪو نه! سستو ۽ غريب، ڪيترا نه عجيب لفظ آهن! ٻڌندا آهيون ته سستائي هئي. الائي ڪهڙي زماني جي ڳالهه. هاڻي ته ”سستو“ لفظ ئي ڊڪشنري مان واڪ آئوٽ ڪري ويو آهي. ڪي وري گڏجاڻين مان واڪ آئوٽ ڪندا آهن. اڄ ته واڪ آئوٽ به فيشن ٿي پيو آهي ۽ فيشن ڪيترائي کاريا آهن. مغرب زده اگھاڙپ کي فيشن سڏي، نه ڄاڻ ڪيترا خاندان برباد ٿي ويا. پر زمانو آهي، فيشن جي جان ئي ڪو نه پيو ڇڏي. ”زمانو به زمانو آ.“ هي منجھيل اڌورو جملو ”زمانو به زمانو آ“ ته وڏن کان ٻڌندا پيا اچون، پر معنى اڄ تائين سمجھڻ جي ڪوشش نه ڪئي آ. معنى جي چڪر ۾ نه پئجي ته بهتر، ڇو ته معنى سمجھڻ ڪري ڪوڙ جو ڀانڊو کلي پوندو آهي ۽ ڌڙ ڌوڙ ٿي اڏامي ويندو آهي. ڌوڙ به ٻڌندا هئاسون ته ڪُوڙ جي منهن ۾، پر هاڻي ته ڌوڙ ۽ سچ سڳا ڀائر ٿي پيا آهن. جي چئو سچ ته سوري تيار. سوريءَ تي نه ڄاڻ ڪيترا بيگناهه چڙهيا هوندا. بيگناهي جي ڳالهه ئي نه ڪر.
ناني مٿي کي کنهندي چوندي آهي، ”ابا! هر ماڻهو گناهگار آهي.“ ۽ پوءِ توبهه ڪندي آهي. گھڻا ماڻهو مٿو پٽي توبهه ڪندا آهن، گھڻا گيسيون پائي، ڪي ته خون ڪري پوءِ توبهه ڪندا آهن. خون جون ڳالهيون ته اخبارن جو خاص موضوع آهن. اخبارون گھڻن ئي قسمن جون. هڪڙيون ڪَن رڳي بڪواس، ته ٻيون ڦهلائن فتنو. ستل فتنو جاڳائڻ شيطان جو ڪم. شيطان وقت تي هٿ ڪڍي ويندو، لوڙينداسون پاڻ. لوڙڻ کي لوڙهه نه سمجھيو، ڇو ته لوڙهه کڏ ۾ ڦٽندا آهن. هونئن ته بِهه به کڏ ۾ ڦٽندا آهن، پر گھڻا ماڻهو به کڏ ۾ پيدا ٿيندا آهن، يعني گند جي پيدائش هوندا آهن. اهي ڳالهيون گھڻيون ڪندا آهن ۽ عمل ٿورو. ڳالهيون گھڻيون ته مقررَ ڪندا آهن ۽ ٻڌندڙن جو دماغ چٽيندا آهن. دماغ چٽڻ ته ڇڏ، مينهون ته پنهنجو ڦر به چٽينديون آهن ۽ بکيا وري پرايون چوسيل هڏيون. ڪنن جا ٻه رنگ هوندا آهن، ميرانجھڙا ۽ ڪارا. پوليس وارا چورن جو (ڌُڪي تي جيڪو هٿ لڳو) منهن ڪارو ڪندا آهن، ۽ ”سچُو“ نالي چمڙي جي موچڙي سان مار ڪڍندا آهن. گامون سچار ويچارو ويو، موچڙو سچار اچي ويو. واهه پوليس! واهه موچڙا! پوليس ۾ به فرقا آهن، هڪڙا رشوت وٺي خرچي سڏين، ٻيا چون ”هٰذا من فضل ربي.“ گھڻا خرچي وٺي پنهنجا کيسا ڳورا ڪندا آهن، ته ٻيا وري پاڻ کان وڏن عهديدارن جا (انهن کي چمچو چئبو آهي). وڏن عهديدارن کان (پيسن سان) ٻنيءَ ٽڪر به عنايت ٿي پوندو آهي، ته قديم سنڌي ڳوٺاڻن جو اصلي ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ به. سرٽيفڪيٽ جا چڪر اهڙا جو هڻ هڻان، چالانُ پيار، بل ادا ڪر ۽ ڀڄ ڊڪ به. ڀڄ ڊڪ راند جي ميدان تي ٿيندي آهي، راند جا ميدان ويڪرا ٿيندا آهن ته سوڙها به. سوڙهي سوڙ به ٿيندي آ. سَوڙ ماڻهوءَ کي ڊگھي ٺهرائڻ کپي، نه ته سوڙ آهر پير ڊگھيري نه سگھندو ۽ ماڻهو چوندس ته سوڙ آهر پير ڊگھيريندو ڪر. ڊگھيرڻ ۽ سوڙها ڪرڻ پنهنجي هٿ وس آهي، پر ناني ڪنڌ ڌوڻي چوندي آهي ته ماڻهوءَ جي هٿ وس ڪجھ به نه آهي. گھڻا چون عادت، ته ڪجھ (مٿي ڦريا) نفيساتي مرض. نفيساتي مرض به وڏا پيدا ٿي پيا آهن، خواب ۾ هلڻ جو، ننڊ ۾ وڙهڻ جو... ويڙهه ته ملهه ڪندا آهن ۽ هيرو ۽ بدمعاش به. پر فتح اڪثر ڪري هيري جي ٿيندي آهي. هيرو پٿر جو عمدو قسم آهي. پٿر جنهن جي مٿي تي هڻبو ته ان جو مٿو ڦاٽي پوندو، تنهنڪري ماڻهوءَ کي سوچي سمجھي پٿر ٿيڻ گھرجي. پٿر دل ۽ نرم دل رڳي حوالا آهن، ڇو ته نرم ميڻ ٿيندي آهي، ميڻ مان ميڻ بتي ٺهندي آهي، پاڻ ٻرندي آهي ۽ ٻين کي روشني ڏيندي آهي، پوءِ روشنيءَ ۾ ويهي ڪيترا ته دولت ٺاهڻ جا پلان ٺاهيندا آهن، گھڻا خون، ڌاڙن چورين جا، ته ڪجھ ويهي علم پرائيندا آهن ۽ سمجھ وڌائيندا آهن. سمجھ وڌائڻ لاءِ ”سوچ“ ضروري آهي، ۽ سوچ لاءِ آزاد دماغ تڏهن ملندو جڏهن هن دنيا مان فساد ختم ٿيندا....؟....!....؟

2. آزادي

عام طور هر ڪاليج سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ هاسٽل ضرور هوندي آهي. هاسٽل ۾ شاگرد رهندا آهن. ڇو رهندا آهن؟ ان جا ٻه سبب هوندا آهن: هڪ آزادي ۽ ٻيو گھر جي مانيءَ کان جند چٽي پوندي آهي. پوئين جملي تي حيرت ظاهر ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي، ڇو ته پنهنجي بُسري به وِهُه، پَرائي دال به واهه واهه!
آزادي ٻن قسمن جي آهي: هڪ ته پڙهڻ لاءِ صاف سٿرو ماحول، ڇو ته گھڻو ڪري اسان جا گھر سوڙها هوندا آهن (جو ويڪرا گھر هٿ نه ڪري سگھياسون)، جتي ڍڳ ٻارن جي گوڙ سبب پڙهي ڪو نه سگھندا آهيون، ۽ ٻيو ته ماءُ پيءُ جي موچڙن کان جان بچندي آهي... سوچ ۾ غرق ٿيڻ ۽ منجھڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇو ته ماءُ پيءُ هيڏي ساري ڏاڙهيءَ سان پٽ جي عزت ڪري صرف ايترو چوندا آهن ته بابلا! رات جو ٻارهين ٻارهين تائين گھر کان ٻاهر رهڻ چڱي عادت نه آهي، ماني ٺري ٿي وڃي، وغيره، پر به، انهن کي ڄڻڪ موچڙو سمجھي، گھر کان ٻاهر آزاد رهڻ جو سوچيندا آهن، تنهنڪري ئي هاسٽل ۾ گھڻا ڇوڪرا رهڻ پسند ڪندا آهن.
ڪيترن ئي ڪمرن جي وڏي گھر کي هاسٽل چئبو آهي. اٺ ئي پهر ٻه ٻه چوڪيدار ٻاهرين وڏي در تي چوڪي ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيل هوندا آهن، جيڪي اڪثر ڪري ڏينهن جو غائب ۽ رات جو ننڊ ڪندا آهن. ان جو سبب هي نه آهي ته ڪمرن ۾ جنن ڀوتن جو آستانو هوندو آهي، پر ان کي... پنهنجي ڊيوٽي... سهڻي نموني وفاداريءَ ۽ ايمانداريءَ سان سَرانجام ڏيڻ چئبو آهي. هر ڪمري ۾ هڪ هڪ يا ٻه ٻه... ڪڏهن ڪڏهن ٽي ٽي يا چار چار ڇوڪرا به رهندا آهن. ان جو ڪارڻ هي نه آهي ته گورنمينٽ وٽ هاسٽل ٺهرائڻ لاءِ پئسو ڪونهي، پر جيئن ڇوڪرا پاڻ ۾ گڏ رهڻ سکن. ڇوڪرا به ٻن قسم جا هوندا آهن: هڪڙا پڙهاڪو ۽ محنتي... ٻيا عيش آرام، گھمڻ ڦرڻ جا ڪوڏيا. پهريون ٽولو ”بيڪار“ ۽ ”ردِي“ هئڻ ڪري ڇڏي ٿا ڏيون. اسان جو نمبر ٻئي ”اشراف“ ٽولي سان آهي.
هن ٽولي جي شاگردن جا وار گھڻو ڪري وڏا وڏا، ڪنن تي ۽ پٺن تي لڙڪيل هوندا آهن، ”محبوب دي زلف دراز“ پيا لڳندا آهن جن ۾ ڪڏهن ڪک، پن، ٽارو (ٽَٽون نه) اٽڪيل ڏسي، ائين نه سمجھڻ گھرجي ته جھرڪيءَ جو آکيرو هوندو يا ڪڪڙِ آري تي آهي يا ڪو گھوڙن جو ڪڙه آهي، پر ان کي ڪنهن وڻ جو قصور ۽ تڪرار سمجھڻ گھرجي، جنهن سندن ڊگھن وارن تي حسد ۽ ساڙ وچان بنا ڪنهن ضرورت جي ڪک پن ڦٽو ڪيو هجي. منهن مهانڊو ڪهڙو به هجي، ڦٿل واڱڻ يا ڪني ڪريلي جهڙو يا سج ۽ چنڊ جو ڀڳل ٽڪرو، پائوڊر ڪريم خوب ٿڦيل هوندي، ڪي ڪي سرخي به هڻندا، جيڪا هر رنگ ۾ ملي سگھي ٿي. ڪپڙن، بوٽن ۾ رنگ رنگ ڳتيل، پٽو پٽو، چٽ چٽ چٽو (زيبرا نه سمجھڻ گھرجي). گھمڻ ڦرڻ ۾ نزاڪت، ناٽ ۽ نخرو. مٿي ۾ ڏيڏر يا ڏاند ته ڪو نه هوندو اٿن، پوءِ به ٽر ٽر گھڻي ڪندا آهن. ڊگهو سگريٽ وات ۾، ريل گاڏي جي ڪاري مشين وانگر هميشه دونهون ڪڍندا رهندا.
هي هڪ اهڙي ئي شاگرد جو ڪمرو آهي. فرش تي صرف هزار سوا وارو قالين وڇايل آهي. هڪ پاسي کٽ پئي آهي، ٻئي پاسي صوفه سيٽَ، جن تي شاگرد ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا آهن. در، دري ۽ روشن دان تي ريشمي ٿلها پردا لڙڪي رهيا آهن، ان ڪري نه، ته متان ڪو پکي اندر گھري اچي، پر جيئن هتي ٿيندڙ ڳالهيون ٻاهر نه وڃن. ائين ڪو نه آهي ته هتي ملڪي نظام بدلڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن يا هي ڪي انقلابي پارٽيءَ جا سرغنا آهن، پر هي انهن ”بدمعاش“ ماڻهن جي رويي خلاف احتجاج جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
پهريائين هنن کان واقف ٿيڻ ضروري آهي. هو مٽو آهي، هي پپو آهي ۽ هو ٻاٽو آهي. اهي سندن پيار ۽ محبت وچان رکيل نالا آهن. جيئن ته ديسي ٻوليءَ ۾ مٺاس ڪونهي، ان ڪري انٽرنيشنل لينگويج ۾ ڳالهائڻ پسند ڪندا آهن. مٽو جي مٺ ۾ ٺڪر مان ٺهيل سگريٽ جي ڊگھي نموني جو ڇيڙو بند آهي، ڪجھ ڪجھ دونهون نڪري رهيو اٿس. ٻاٽو مُٺيون ڀڪوڙي ۽ کولي رهيو آهي، نڪ سسي ويو اٿس ۽ اکيون ڦوٽاريل، آواز ۾ ڏاڍي ڪڙڪائي ”مان هڪ هڪ مواليءَ جو خون ڪندس.“
مٽو جي هٿ ۾ جھليل ڊگھي سگريٽ نما ٺڪر جي ڇيڙي وات ۾ وجھي ساهه ڇڪي، وات مان دونهون ڪڍندي، شوشو ڪري ڪمري ۾ گول ڦرڻ شروع ڪري ٿو.
”ڇو، موالين ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ اهي ته خود اسان جا حامي آهن.“ پپو نراڙ ۾ گھنج وجھندي چئي ٿو.
ڇو ته موالين ههڙي پياري شيءِ جو نالو سلفي رکيو آهي.“
”موالين کي ڏوهه نه ڏي. نالو ڪنڀر رکي، نفرت ملڙو ڪٽڙو ڪري، پر اسان جو انهن سان ڇا وڃي، اهو ته انسان جو عالمي حق آهي ته هو ڇا به ڪري، ڇا به چوي.“ مٽوءَ اکيون بند ڪندي ڊگھو ساهه هوا ۾ ڪڍي ڇڏيو، جنهن ۾ نانگ جيان وڪڙ کائيندڙ دونهون ڀريل هو.
ٻاٽو باهه تپيل ٽامي جيان ڳاڙهو ٿي ويو آهي. ڏندن کي ڀڪوڙي، احتجاج ڪندي زور سان اڳيان رکيل ٽيبل کي لت هڻندي چوي ٿو: ”انسان جو عالمي حق؟ انسان آزاد آهي؟ ڪهڙو آزاد آهي! اسان آزاد آهيون؟ ڇا اسان کان جيئڻ نه کسيو ويو آهي؟ ڇا اسان کي ائين نه ٿو چيو وڃي ته ليلي، روزي، نمي جي سنگت ڇڏي ڏيون؟ عظيم شيءِ چرس کان جهليا نه ٿا وڃون؟ شراب جي بهترين شربت پيئڻ کان منع ناهي؟ اچي اچي اسان جي لاءِ سماجي زنجير پيدا ٿيا آهن. ملڙا بند ڪمري ۾ اثرائتو تعويذ لکن! فقير اونداهي ڪوٺيءَ ۾ جن ڪڍن! امير ڪلبن ۾ رنن سان نچن، غريب گھر ۾ زال کي گاريون ڏئي! باقي اسان لاءِ شراب حرام، چرس گناهه، چوري ڏوهه! هر ڳالهه تي پابندي، هر ڳالهه تي بندش.“
”چڱو چڱو، محفل جو مزو ڪنو نه ڪر. ڏس ته وقت تي موسيقي به آئي آهي. اٿو اٿو ڊانس ڪيو. ڪرسي پري ڪر، ٽيبل سور، گول گول ٺاهيو، ڏس... ڏس، عظيم سلفي پري نه رک، لڳي دم، مِٽي غم... لڳي دم، مِٽي غم... دم... دم... دم!“
ٽئي ڳائن ٿا، جھومن ٿا، گول ڦرن ٿا، دونهون ڪڍن ٿا، رڙيون ڪن ٿا، ”آزادي“، ”انساني آزادي“، ”عالمي آزادي“، ”جيئي آزادي“، ”سدا جيئي“، ”جيئي جيئي“.

3. 3. سنجيدگيءَ سان ..... چپڙا ڊگھا ڪيو : ليکڪ: شفيق الرحمان (ترجمو)

اردو ادب مان ليکڪ: شفيق الرحمان
سنجيدگيءَ سان ... چپڙا ڊگھا ڪيو

ٻارن جي تربيت:
ڪڏهن ڪڏهن ٻارن سان نرمائيءَ سان پيش اچو.
ٻار سوال پڇن ته جواب ڏيو، پر اهڙيءَ طرح جو ٻيهر سوال نه پڇي سگھن. جيڪڏهن توهان کي ڪَڪ ڪن تي چئونِ، ”جڏهن وڏا ٿيندؤ، تڏهن پاڻهي سمجهي ويندؤ.“ ٻارن کي دلچسپ ڪتاب پڙهڻ نه ڏيو، ڪورس جا ڪتاب ئي کوڙ آهن. ٻارن کي جنن ڀوتن کان ڊيڄاريندا رهو، شايد هو بزرگن (وڏن) جي عزت ڪرڻ لڳن. جيڪڏهن ٻار بيوقوف آهن ته پرواهه نه ڪيو، وڏا ٿي رڍ ٿيندا يا پنهنجو پاڻ کي رڍ سمجھڻ لڳندا. ٻار کي ٻين جي سامهون دڙڪو نه ڏيو، هن جي تحت الشعور تي خراب اثر پوندو. هڪ طرف وٺي وڃي دل کولي خدمت ڪيوس.
جيڪڏهن ٻار ضد ڪن ٿا ته توهان به ضد ڪرڻ شروع ڪيو. هو پاڻ شرمندا ٿيندا.
ڏٺو ويو آهي ته ڪٽنب ۾ ٻه ٽي ٻار هجن، ته اهي لاڏلا ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري هميشه ڏهه ٻارهن ٻار هئڻ گھرجن، جيئن هڪ به لاڏلو بنجي نه سگھي.
اهڙيءَ طرح ٻار سڀني کان ننڍو هئڻ ڪري بگاڙيو ويندو آهي، تنهنڪري آخري ٻار نه هئڻ گھرجي.

ناول

---

انقلاب : ليکڪ: جارج اورويل (ننڍايل ترجمو)

(تعارف: انگريزي مصنف جارج اورويل جو اصلي نالو ايرڪ بليئر هو. هُو 1903ع ۾ هندوستان ۾ ڄائو، برما پوليس ۾ ملازمت ڪيائين ۽ پوءِ انگلينڊ جي هڪ اسڪول ۾ ماستر ٿيو. هو هڪ بوڪ اسٽال تي به ملازم رهيو ۽ پوءِ اسپين هليو ويو، جتي اسپين جي خانه جنگي ۾ به شريڪ ٿيو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ انگلينڊ جي هوم گارڊ ۾ به رهيو ۽ بي بي سي لاءِ ڪم ڪيائين. مختلف اخبارن جو رپوٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهيو، ۽ 1948ع ۾ انگلينڊ ۾ مري ويو. هن جي تعليم معمولي هئي ۽ تجربو زياده، جنهنڪري هو هر ميدان ۾ ڪامياب رهيو.
هي ناول سڄي دنيا ۾ ايترو ته مشهور ٿيو، جو چوڏهن زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. مقبوليت جو سبب هي آهي ته مصنف آمريت ۽ روسي نظامِ حڪومت تي ڀرپور طنز ڪئي آهي. عوام کي هن جانورن جي روپ ۾ ۽ اقتدار جي بکايل ليڊرن کي سوئر جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
هي ليڊر عوام کي خوشحالي ۽ پيٽ ڀري چاري کائڻ جا سبز باغ ڏيکاري، انهن کان بغاوت ڪرائيندا آهن ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪندا آهن، پر حڪومت ۾ سواءِ سوئرن جي ٻئي ڪنهن جانور کي نه کنيو ويندو آهي. جانور ”پنهنجي مالڪ“ جي فلاح ۽ بهبود ۾ مگن ٿي ويندا آهن. آخر هڪ ڏينهن انهن کي خبر پوندي آهي ته پهرين کان به بدتر غلام ٿي ويا آهن، پر ڪجھ ڪري نه سگھندا آهن ڇاڪاڻ ته هاڻ هو حڪمرانن جي انهن زنجيرن ۾ جڪڙجي چڪا هوندا آهن.)


شهر کان پري هڪ تمام وسيع فارم هو، جنهن جو مالڪ مسٽر جونز هو. ان فارم ۾ جونز بيشمار جانور رکيا هئا. انهن ۾ ڳئون ۽ مينهون به هيون، جن جو مڻين کير بازار ۾ وڪرو ٿيندو هو. ڪيترائي ڏاند گھوڙا به هئا، جيڪي هَرن ۽ بگين ۾ جوٽيا ويندا هئا. رڍون ۽ ٻڪريون به هيون، جيڪي ڪاساين کي وِڪيون وينديون هيون. بدڪون ۽ ڪڪڙيون به هيون، جن جا آنا مانڊڻين تي وڪيا ويندا هئا، ۽ انهن جانورن ۾ سوئر به هئا.
سوئرن جو هڪ بزرگ سوئر ”اولڊ مئنيجر“ جي نالي سان مشهور هو. اهو فارم جو سڀ کان دانشمند ۽ دورانديش جانور هو. هو ايترو ته ٻڍو هو، جو گھمڻ ڦرڻ کان به ويهجي ويو هو. فارم جو مالڪ مسٽر جونز شرابي ڪبابي ماڻهو هو. اڪثر ڪري شراب پِي، مست ٿِي، اهو به ڀلجي ويندو هو، ته سندس نوڪرن جانورن کي ڌار ڌار واڙن ۾ بند به ڪيو آهي يا اهي آزاديءَ سان ڦرندا پيا وتن. هڪ شام جو جونز اهڙي ئي لاپرواهي ڪئي، ته سوئرن ان جو پورو پورو فائدو وٺڻ جو پهه پچايو. سوئر ڪيتري ئي مدت کان جانورن تي پنهنجي حڪومت ڄمائڻ جا منصوبا ٺاهي رهيا هئا. انهن ڳجھ ڳوهه ۾ هڪ سياسي پارٽي ٺاهي ڇڏي هئي، جنهن جو ليڊر ”اولڊ مئنيجر“ هو. ٻيا سوئر ان پارٽيءَ جا سرگرم ڪارڪن هئا. هڪ جو نالو سنوبال، ٻئي جو نپولن ۽ ٽين جو نالو اسڪيلر هو.
مسٽر جونز نشي ۾ غرق پنهنجي ڪمري ۾ بي سُڌ سمهيو پيو هو، ۽ هن جا نوڪر سندس بدمستيءَ جو فائدو وٺي شهر گھمڻ ويا هئا. ڳئن، مينهن، گھوڙن، گڏهن، رڍن، ٻڪرين، بدڪن ۽ ڪڪڙين ۾ ٽن چئن سوئرن اچي اهو افواهه پکيڙيو ته انهن جي وڏي سوئر اولڊ مئنيجر هڪ عجيب تجسس انگيز خواب لڌو آهي، جيڪو هُو مرڻ کان اول سڀني جانورن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو، جيڪي جانور ان جو خواب نه ٻڌندا، اُهي هميشه انسان جي ظلم جو نشانو بڻجي رهندا.
ويچارا سادڙا جانور سوئرن جي ڳالهين ۾ ڦاسي پيا ۽ اچي هڪ ٿَلهي جي چوڌاري گڏ ٿيا. ٿَلهي تي اولڊ مئنيجر ويٺو جھوٽا کائي رهيو هو. ٻن سوئرن ان جي ڀرسان اچي ڪجھ ڀڻڪيو. اولڊ مئنيجر اٿي بيٺو ۽ جانورن جي ميڙ کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو:
”ساٿيو! خبر نه آهي ته توهان اهو ٻڌو آهي يا ڪو نه، ته مون هڪ خواب ڏٺو آهي. منهنجي عمر پوري ٿي چڪي آهي. توهان جي بري حالت مون کي وڌيڪ جھوري وڌو آهي. مان چاهيان ٿو ته مرڻ کان پهرين توهان کي هڪ اهڙو رستو ڏيکاري وڃان جنهن تي هلي توهان انسان جي غلاميءَ کان نجات حاصل ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگھو، جتي توهان آزاديءَ سان هڻڪي سگھو، مين مين ڪريو، ٽان ٽون ڪريو، اٽون هڻي سگھو، ڪُڏ ۽ ٺينگ ڏيندا وتو.“
ٻڍي سوئر آواز ۾ ڏک ڀريندي چيو، ”ساٿيو! خواب ٻڌائڻ کان پهرين مان توهان کي توهان جي حقن ۽ توهان جي موجوده حالت کان واقف ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. اسان جانور تنگي، بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهيون. اسان کان، اسان جو پيدائشي حق کسيو ويو آهي. هن فارم جو مالڪ، جنهن جو نالو جونز آهي، اسان کان تمام گھڻو ڪم وٺي ٿو ۽ ان جي بدلي تمام ٿوري خوراڪ ڏئي ٿو. اسان کي آواز اٿارڻ جو حق ڪونهي. جڏهن اسان ڳالهايون ٿا ته هو اسان کي واڙي ۾ بند ٿو ڪري ڇڏي. اسان خوشحالي جي نالي کان به واقف ڪو نه آهيون. هن فارم جو مالڪ جيڪو سونُ ۽ چاندي ٿو ڪمائي، اهو صرف اسان جي محنت، مشقت ۽ جان جي قربانين جي ڪري آهي. اسان جيڪو زمين مان اَنُ اپايون ٿا، ان جي ڪري اسان جو مالڪ امير بنجي ويو آهي، پر اسان بکيا آهيون. اسان جي رت ۽ پگھر جي ڪمائيءَ مان انسان عيش پيو ڪري، مزا پيو ماڻي ۽ توهان ڪِلن سان ٻڌل خاموشيءَ سان اوڳر ڪندا ٿا رهو.“ ٻڍي سوئر جي تقرير ۾ اوچتو جوش پيدا ٿي ويو. هن پنهنجو دوناڙ گھمائيندي چيو، ”اي مينهون ۽ ڳئون! ڇا توهان ڪڏهن محسوس نه ڪيو آهي ته توهان جو مڻين کير بازار ۾ وڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته توهان جا ٻچا کير جي هڪ گوهي جي لاءِ سڪندا رهن ٿا. اي بدڪون ۽ ڪڪڙيون! توهان ڪڏهن پنهنجي سرمائيدار کان پڇيو آهي ته جيڪي آنا توهان ڏاڍي تڪليف سان ڏيو ٿيون، اهي ڪيڏانهن ٿا گم ٿي وڃن ۽ توهان ڪيترائي ڏينهن پابنديءَ سان آنن تي ويهي ويهي جيڪي ٻچا ٿيون ڦوڙيو، اهي ڪيڏانهن گم ٿي وڃن ٿا؟ توهان ڏٺو آهي ته انسان توهان جي ٻارن جي يخنِي ٿو پيئي؟ اي ٻڪريون ۽ رڍون! ڇا توهان ڪڏهن ڏٺو آهي ته جيڪي ڇيلڙيون ۽ ليلڙيون جوان ٿي وڃن ٿيون، انهن کي ڪنهن جي حوالي ڪيو ٿو وڃي؟ انسان توهان جو گوشت کائي ڏنڊو متارو ٿيو آهي. اي رڍون! انسان توهان جي پشم لاهي، توهان کي اگھاڙو ٿو ڪري ۽ پاڻ گرم ڪپرا ٿو پائي. اي گھوڙو ۽ گڏهو! توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته توهان پنهنجي طاقت کان وڌيڪ وزن کڻو ۽ گهليو ٿا، پر جڏهن توهان ٻڍا ٿي وڃو ٿا ته توهان کي ماري توهان جي کل لاهي وڪِي ويندي آهي!؟ جانورو! جاڳو! هن نظام جي خلاف بغاوت ڪيو! توهان جي بغاوت جو ذريعو صرف هڪ آهي... انقلاب... انقلاب! موجوده نظام کي اِٽن سان ڀڃي ڀورا ڪريو، اقتدار پنهنجي هٿ ۾ وٺو، پوءِ توهان جو کير توهان جي ملڪيت هوندو ۽ توهان کي پنهنجن آنن تي پورو پورو حق هوندو. پوءِ توهان تي ڪو به توهان جي مرضيءَ خلاف وزن رکندو يا توهان کي گاڏيءَ آڏو ڊڪائيندو، ته توهان ان کي پوري آزاديءَ سان اِٽون هڻي سگھندؤ.“ ٻڍي سوئر پنهنجو بي ڊولو دوناڙ ڦيرائيندي چيو، ”هاڻي مان توهان کي پنهنجو خواب ٻڌايان ٿو. هي ڪو ڊگھو ويڪرو خواب ڪونهي. خواب ۾ رڳو ايتري ڳالهه ٿي هئي ته ننڍپڻ ۾ اسان هڪ ترانو ڳائيندا هئاسون، جيڪو وڏي لاءِ منهنجي ذهن مان نڪري ويو هو. ڪالهه رات خواب ۾ اهو وسريل ترانو ياد اچي ويو آهي. اڄ کان اهو اسان جو قومي ترانو هوندو. اجھو ٻڌو، مان اهو ترانو ڳايان ٿو، پوءِ توهان به مون سان گڏجي ڳائجو.“
سور ڳائڻ لڳو: ”انگلستان جا جانورو! آئرلينڊ جا جانورو! هر ملڪ جا جانورو! سڄيءَ دنيا جا جانورو! اهو سج اڀرڻ وارو آهي، اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن توهان انسان جي ظالماڻي حڪومت کان نجات حاصل ڪري وٺندؤ. اهو ڏينهن جلدي يا دير سان ايندو ضرور، جڏهن سڄي زمين تي جانورن جي حڪومت هوندي. اقتدار جانور جي هٿ ۾ هوندو. نه لگام هوندو نه ناڪيلي، نه ڳچين ۾ رسيون هونديون، نه چابڪ، نه هنٽر، هي بوسو، هي ڪڻڪ، هي چانور، هي گاهه سڀ توهان جو هوندو. ان تي انسان جي حڪومت ختم ٿي ويندي، هر شيءِ جانور جي قومي ملڪيت هوندي. سڄيءَ دنيا جا جانورو! هڪ محاذ تي گڏ ٿي وڃو، ان مبارڪ ڏينهن لاءِ خون وهايو، جيڪو ڏينهن توهان جي آزاديءَ جو پيغامبر ٿي اڀرندو. اي بدڪون! توهان جو مستقبل توهان جي هٿ ۾ آهي، ان کي سنهرو ڪري ڇڏيو...“
ٻڍي ”اولڊ مئنيجر“ ڳائي بس ڪئي، ته سڀني کي گڏجي ڳائڻ لاءِ چيائين. جڏهن ايترن گھوڙن، مينهن، ڳئن، رڍن، ٻڪرين، ڏاندن، بدڪن، ڪڪڙين ۽ چئن سوئرن گڏجي ڳائڻ شروع ڪيو، ته زمين ۽ آسمان به ڏڪڻ لڳو. اهڙو ته منجھيل گوڙ گهمسان ٿيو جو فارم جي مالڪ جو هوش به موٽي آيو. هو ته نشي ۾ بدمست پيو هو. هن سوچيو شايد واڙي ۾ بگھڙ گھڙي آيا آهن، جن کان ڊڄڻ سبب جانورن هيءَ قيامت برپا ڪئي آهي. هن بندوق کنئي ۽ ٻنهي نالن ۾ ڪارتوس وڌائين. بندوق دريءَ کان ٻاهي ڪري، واري واري ٻئي گوليون هوا ۾ فائر ڪري ڇڏيائين. ٺڪائن کان جانور پنهنجي پنهنجي واڙي طرف هليا ويا، ڪڪڙيون به ساهه منجھائي پنهنجي پنهنجي خانن طرف ڊوڙيون، سوئرن انهن کي روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ متحد ٿي مقابلو ڪرڻ تي اڀاريو پر ڪو به جانور ميدان ۾ بيهي نه سگھيو.
ٽن ڏينهن تائين اولڊ مئنيجر ۽ سندس ٽن سوئرن سنوبال، نپولن ۽ اسڪيلر پنهنجون ڳجھيون انقلابي سرگرميون جاري رکيون ۽ جانورن کي ڀڃ ڊاهه ۽ انقلاب لاءِ تيار ڪندا رهيا. چوٿين ڏينهن اولڊ مئنيجر دل جي دوري بيهجي وڃڻ سبب مري ويو. سوئرن وري اها پروپيگنڊا ڪئي ته اولڊ مئنيجر کي مسٽر جونز جي نوڪرن هڪ سازش ڪري ماريو، ڇو ته هنن کي ڊپ هيو ته اولڊ مئنيجر جي اڳواڻيءَ ۾ جانور پنهنجي انقلابي حڪومت قائم ڪري وٺندا. پروپيگنڊا ۾ اهو به هُلايو ويو ته مسٽر جونز ائين ڪري سڀني انقلابي جانورن کي مارائي ڇڏيندو. ان پروپيگنڊا جو چڱو نتيجو نڪتو. ٽنهي سوئرن جانورن کي مساوات ۽ خوشحاليءَ جا اهڙا ته سبز باغ ڏيکاريا جو هو بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
سوئرن جيڪا ڳجھي انقلابي پارٽي ٺاهي هئي، ان ۾ جانور ٽولا ٽولا ٿي ڪري شامل ٿيڻ لڳا. ڳجھا اجلاس به ٿيا ته کليل جلسا به. باقاعدي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي جنهن جا ورح روان ٽي سوئر هئا. ويچارا سادڙا جانور سوئرن کي ڏاڍو قابل، جھان ديد ۽ سياستدان جانور سمجھندا هئا، ڇو ته انهن جنهن معاشرتي نظام جو منصوبو ٺاهيو هو، اهو ڪنهن به گڏهه، گھوڙي، ڏاند، مينهن، ڳئون جي دماغ ۾ ڪو نه آيو هو. سنوبال، نپولن ۽ اسڪيلر اولڊ مئنيجر جي تعليم کي اڳيان رکيو هو. هنن پنهنجي تحريڪ جو نالو ”جانور ازم“ رکيو هو. هنن هڪ جھنڊو به تيار ڪيو هو جنهن جو رنگ ڳاڙهو ۽ ان تي سِڱ ۽ کُر جو اڇو نشان هو.
هڪ شام جو مسٽر جونز هڪ دوست جي دعوت تي شهر هليو ويو. هو عادت مطابق شراب پي ويو هو. هن کي جانورن جي بند ڪرڻ جو خيال نه رهيو. هن جي نوڪرن به سندس غير حاضريءَ جو فائدو ورتو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرف نڪري ويا. مسٽر جونز ۽ نوڪر پنهنجي پنهنجي عياشين ۾ ٽي ڏينهن فارم کان غير حاضر رهيا. انهن به جانورن جي پرواهه نه ڪئي. جانورن کي اندر کليل ڇڏي ٻاهريون ڦاٽڪ بند ڪري ويا. اندر ٿورو چارو هو جيڪو جانورن هڪ ڏينهن ۾ کائي ڇڏيو. ڦاٽڪ بند هجڻ سبب هو ٻاهر کائڻ، چرڻ، چڳڻ وڃي نه سگھيا ۽ ٻه ڏينهن بکيا رهيا. ان صورتحال مان سوئرن فائدو ورتو ۽ هنن ۾ خوب اشتعال پيدا ڪيو ۽ کين ڀڙڪايو. هنن جانورن کي چيو ته مسٽر جونز ۽ هن جا نوڪر هڪ سوچيل سمجھيل منصوبي تحت غائب ٿي ويا آهن. هنن کي اسان جي تحريڪ جي ڄاڻ پئجي وئي آهي، ان ڪري هو اسان کي سزا ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان ڪو جوابي قدم نه کنيو، ته انسان اسان کي بکيو ماري ڇڏيندا.
چوٿين ڏينهن نوڪر چاڪر واپس موٽي آيا. ٿوريءَ دير ۾ مسٽر جونز به اچي ويو. جانور سڄي فارم ۾ پکڙيل هئا. گڏهه ۽ ڏاند مسٽر جونز جي گھر جي اڱڻ ۾ وڃي ويهي رهيا. نوڪرن جانورن کي هڪلڻ چاهيو ته جانورن سول نافرماني شروع ڪري ڏني. نوڪر ڏنڊا کڻي آيا ته گهوڙن ۽ گڏهن اِٽن سان مٿن حملو ڪيو. مينهن ۽ ڏاندن ٻن ٽن نوڪرن کي سڱن سان ڪيرائي رکيو. مسٽر جونز کي جانورن ايتري مهلت به نه ڏني جو هو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي بندوق کڻي اچي ها. گھر کي جانورن پنهنجي گھيري ۾ ڪري ڇڏيو هو.
آخر انسان رتوڇاڻ ٿي، ڀڄي ويا ۽ فارم تي جانورن جو قبضو ٿي ويو. سنوبال، نپولن ۽ اسڪيلر فوراً پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي، جنهن کي هنن عوامي نالو ڏئي پنهجو جھنڊو چاڙهي ڇڏيو، پر حڪمرانيءَ ۾ ٽن سوئرن کان سواءِ ڪنهن کي به شامل نه ڪيو ويو. حڪومت جو فوراً آئين تيار ڪيو ويو، جيڪو حقيقت ۾ ليڊرن پهريون ئي تيار ڪري رکيو هو. ان آئين جو هڪ نقل فارم جي دروازي تي لڳايو ويو.
آئين جا خاص نڪتا هي هئا:
1) ٻن ٽنگن تي هلندڙ اسان جا دشمن آهن.
2) چئن ٽنگن تي هلندڙ اسان جو دوست آهي.
3) ڪو به جانور ڪپڙن پائڻ جو حقدار ناهي، جيئن مساوات قائم رهي.
4) ڪنهن به جانور کي بستري تي سمهڻ جي اجازت ناهي، جيئن امير ۽ غريب جو فرق مٽجي وڃي.
5) ڪنهن به جانور کي شراب پيئڻ جي اجازت ناهي.
6) ڪو به جانور ڪنهن جانور کي سِڱ، اِٽ، چَڪ يا ٻئي طريقي سان ماري، ڪُٽي، هيسائي نه ٿو سگھي.
7) سڀ جانور هڪجهڙا آهن.
مسٽر جونز جو گھر خالي هو. سوئرن ان کي قومي عجائب گھر ۽ آمريت جو ڦٽل يادگار ڪري محفوظ رکيو. جانور ڏاڍا خوش هئا. هُو پنهنجي مرضيءَ سان چارو کائيندا ۽ ڪم ڪندا هئا. سڀ کان وڌيڪ خوش گڏهه هئا. جيئن چاهن هينگ ڪري سگھن پيا. هنن کي کائڻ پيڻ کان وڌيڪ تقرير جي آزادي هئي. سڀ جانور فارم جي ترقي ۽ معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا هئا پر سوئرن پنهنجو پاڻ کي جسماني ڪم کان علحده قرار ڏنو هو. انهن جو دليل اهو هو ته هنن کي حڪومتي ڪمن کان ئي فرصت ڪو نه ٿي ملي، اهي صرف نگراني ۽ هدايت ڪاري ڪندا هئا. هر آچر جي صبح جو سڀ جانور جھنڊي هيٺان اچي گڏ ٿيندا هئا، جيڪي اولڊ مئنيجر جو تخليق ڪيل قومي ترانو ڳائيندا هئا. پوءِ سنوبال ۽ نپولن تقرير ڪندا هئا. هر دفعي انهن جي تقرير ان هڪ موضوع تي هوندي هئي ته هي فارم توهان جو آهي. هيءَ حڪومت توهان جي آهي. ڏينهن رات محنت ڪري فارم کي جنت بڻائي ڇڏيو.
ٽيون سوئر جنهن جو نالو اسڪيلر هو، گھڻو ڪري خاموش رهندو هو. سنوبال ۽ نپولن ئي اڳيان رهندا هئا. اقتدار انهن ٻنهي جي هٿن ۾ هو. جانورن کي ٻنهي کان ئي حڪم ۽ هدايتون ملنديون هيون. ڏينهون ڏينهن جن جن سڌارن جو اعلان ٿيندو هو، اهو ٻنهي جي زباني هوندو هو ۽ انهن کي عوام طرفان جيڪو داد ملندو هو، اهو به ٻنهي لاءِ هو. اتان هنن ٻنهي ۾ راءِ جو اختلاف ٿي پيو. هو هڪ ٻئي کان وڌي ڪري جانورن ۾ ڳجھي نموني، جانورن ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ان جو اثر اهو ٿيو جو جانورن کي هاڻي اها خبر پوڻ لڳي ته ڪهڙي نئين ڳالهه ڪهڙي ليڊر سوچي آهي، تنهنڪري ٻنهي کي ان جي مطابق واهه واهه ملندي هئي زنده باد جا نعرا به انهيءَ جي مطابق اٿندا هئا. ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ ٿيڻ لڳي ۽ عوام جو ڏک گھٽجڻ لڳو.
سنوبال ذهين ۽ شاطر سوئر هو. ان کي جانورن ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي وئي. نپولن ان جو اهو علاج سوچيو ته سنوبال جيڪو به ترقياتي منصوبو پيش ڪندو هو، هُو ان جي مخالفت شروع ڪري ڏيندو هو. اقتدار جي ان جنگ ۾ ڪيتريون ئي سٺيون سٺيون ۽ ڪارآمد اسڪيمون تباهه ٿي ويون. فارم جي روزمره جي ڪم ڪار تي به اثر پوڻ لڳو. ٻئي ليڊر جيڪي هينئر حاڪم هئا، حڪومت مان ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ لڳا. هنن جانورن کي مساوات ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاريا هئا، اهي به هاڻي اقتدار جي جنگ ۾ ختم ٿيڻ لڳا. جانورن چٽيءَ طرح محسوس ڪيو ته هاڻي حالتون بگڙي رهيون آهن ۽ هنن جي اکين ۾ ڌوڙ وِڌي پئي وڃي.
آخر جانورن ۾ سُس پس ٿيڻ لڳي. انهن ڏٺو ته جهڙيءَ طرح مسٽر جونز جي زماني ۾ آنا ۽ کير غائب ٿيندو هو، هاڻي به ساڳيءَ طرح غائب ٿي رهيو هو. بدڪن ۽ ڪڪڙن جا چوزا به گم، ته فارم جي باغ جا ميوا به غائب. جانور محنت ۽ مشقت ته ڪري رهيا هئا پر هنن کي ايترو ئي چارو ملي رهيو هو جيتري تي هو پهريون گذارو ڪندا هئا.
جانورن کي خاص طرح يقين ڏياريو ويو هو ته کين تقرير ڪرڻ جي آزادي آهي. انهيءَ بنياد تي هنن سوئرن جي قيادت ۾ بغاوت ۽ انقلاب آندو هو. ان حق جو فائدو وٺندي هڪ آچر تي جڏهن سڀ جانور اچي جھنڊي هيٺان گڏ ٿيا، تڏهن هڪ گھوڙي سڀني جانورن جي نمائندگي ڪندي چيو ته ڳئن ۽ مينهن جو کير ۽ بدڪن ۽ ڪڪڙين جا آنا ۽ باغ جا صوف ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ عوام کي حق حاصل آهي ته هو حڪومت کان ان قسم جا سوال پڇن.
نپولن ۽ سنوبال هڪٻئي کي ڏٺو. اهو واحد مسئلو هو جنهن تي ٻئي متفق نظر آيا. هنن اکين ئي اکين ۾ اتفاق راءِ ڪئي ۽ نپولن ميڙ سان هيئن مخاطب ٿيو:
”عزيز هم وطنو ۽ پيارا ساٿيو! توهان کي صرف ايترو ئي علم آهي ته توهان عوام آهيو ۽ اسين سرڪار آهيون. پر توهان کي اها خبر ڪانهي ته سرڪاري مشينري هلائڻ ڪيترو ڏکيو، محنت طلب ۽ نازڪ ڪم آهي. توهان ڏينهن جو ڪم ختم ڪري آرام سان سمهي پئو ٿا، پر اسان کي توهان جي بهتريءَ ۽ فلاح جي سوچ راتين جو به ننڊ ڪرڻ ڪو نه ٿي ڏئي. اهڙن ڏکين ۽ اهم ڪمن لاءِ ضروري آهي ته اسان ليڊرن جي صحت ٺيڪ هجي. جيڪڏهن اسان تندرست نه رهياسون ته ترقياتي منصوبا ڪير سوچيندو ۽ توهان جي حقن ۽ توهان جي آزاديءَ جي حفاظت ۽ بچاءُ ڪير ڪندو؟ توهان ڄاڻو ٿا، ته صحت ۽ تندرستي کير، آنن ۽ چوزن جي يخنيءَ سان ئي بهتر ۽ برقرار رهي سگھي ٿي، جيڪڏهن ليڊر سٺي غذا نه کائيندا ته وري توهان انسانن جا غلام بنجي ظلم، ستم ۽ بک جي چڪيءَ ۾ پيسجي ويندؤ. سنوبال به کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ نپولن جو پورو پورو حصيدار هو، تنهنڪري هن به نپولن جي تائيد ڪئي ۽ عوام کي محنت ڪرڻ جي تلقين ڪئي.
مسٽر جونز شهر ۾ ويٺو فارم تي قبضي ڪرڻ جا منصوبا ٺاهي رهيو هو، پر کيس ايترن جانورن سان مقابلي ڪرڻ جي همت ڪو نه ٿي ٿِي. هن جن سان به اها ڳالهه ٿي ڪئي ته فارم تي جانورن قبضو ڪيو آهي، اهي مٿس کليا ٿي. ڪجھ ماڻهن ته ائين ٿي چيو ته شراب پِي پِي جونز جو دماغ خراب ٿي ويو هو. آخر هن ڪِرائي تي ڪجھ ماڻهن کي پاڻ سان کنيو، بندوق کنئي ۽ فارم تي قبضو ڪرڻ هليو. فارم جا ٽي چار ڪبوتر اڏري رهيا هئا، انهن وڃي نپولن ۽ سنوبال کي خبردار ڪيو ته مسٽر جونز بندوق کنيو، ڪجھ ماڻهن سان گڏجي، جن کي لٺيون ۽ رسا آهن، ڪاهيو پيو اچي. ٻنهي سوئرن گھوڙن، گڏهن ۽ مينهن کي لڪل جاين تي اوٽ ۾ ويهاري ڇڏيو، پاڻ اسڪيلر سان گڏ پوزيشن وٺي ويهي رهيا.
جيئن ئي مسٽر جونز جو مختصر دستو فارم ۾ پهتو، گھوڙن گڏهن ۽ مينهن انهن تي حملو ڪري ڏنو. مسٽر جونز گوليون هلايون، جن کان ٻه ٻڪريون ۽ ٻه رڍون مري ويون. هڪ گولي سنوبال کي لڳي، پر زخم گھرو نه هو. مسٽر جونز بندوق ۾ ڪارتوس وجھي رهيو هو ته سنوبال ان تي حملو ڪري ڏنو. جونز بندوق ڦٽو ڪري وٺي ڀڳو. هن جا جيڪي ماڻهو بچيا هئا، اهي به ڀڄي ويا ۽ حملو بري طرح ناڪام ٿيو.
حالتون وري ٺيڪ ٿي ويون. هڪ ڏينهن سنوبال هڪ ترقياتي منصوبو تيار ڪيو. هن مسٽر جونز جي گھر جي هڪ ڪمري جي فرش تي چاڪ سان نقشو ٺاهيو. منصوبو اهو هو ته هڪ پاڻيءَ گرڻو ٺاهيو وڃي، جنهن سان ٻين ڪمن کان سواءِ بجلي به پيدا ڪري سگھجي. هن نپولن کي ڪمري ۾ وٺي وڃي نقشو ڏيکاريو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته پاڻيءَ گرڻو ڪٿي لڳايو وڃي ۽ بجلي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي وڃي. نپولن نقشي کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ ان کي سنگھيائين، وري ٽنگ کڻي، ان تي پيشاب ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ هن نه ڪا نقشي تي تنقيد ڪئي، نه تعريف. سنوبال سڙي کامي ويو. هن نپولن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ان ترقياتي منصوبي جي ڪري جانورن جي معاشي حالت بهتر ٿي ويندي، پر نپولن ويٽو استعمال ڪندي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو. سنوبال ڪٿي ٿو ايترو جلدي هار مڃي! اڳلي آچر تي جڏهن سڀ جانور جھنڊي هيٺان پنهنجو ترانو ڳائي چڪا، ته سنوبال پنهنجي هفتيوار تقرير ڪرڻ لڳو. هن جانورن کي پاڻيءَ گرڻي جي منصوبي بابت ٻڌايو ۽ چيو ته ڪامريڊ نپولن ان منصوبي کي منظور نه ڪيو آهي، پر مان ان کي منظور ڪرائي ساهي پٽيندس، ڇو ته اهو عوام جي ڀلائيءَ جو بهترين ذريعو آهي. جانورن ڪامريڊ سنوبال زنده آباد جا نعرا هنيا ۽ رڙي رڙي چيو ته منصوبي تي فوراً عمل ڪيو وڃي.
نپولن عجب طريقي سان گرڙاٽ ڪئي. هن جي گرڙاٽ تي اوچتو چار ڪتا، جيڪي نه ڄاڻ ڪٿي لڪل هئا، ٿَلهي طرف وڌيا. سنوبال ڀڄي نڪتو. ڪتا ان جي پٺيان، سڀ جانور هَڪا ٻَڪا ٿي ويا. ٻڪريون ۽ رڍون ڊڄ سبب گھوڙن ۽ مينهن جي ويجھو ٿي بيٺيون. سنوبال ڏاڍو تيز سوئر هو. هن ڪتن کي پاڻ تائين پهچڻ نه ڏنو. ڪتا ڏاڍا خونخوار هئا. اهي سنوبال جي پٺيان ڏاڍو تيز ڊوڙيا، تان جو سنوبال ميل کن پري هڪ پهاڙيءَ تي وڃي چڙهيو ۽ ٻئي طرف نظرن کان غائب ٿي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ سنوبال نظر ڪو نه آيو.
نپولن سان گڏ هاڻي هڪ سوئر رهجي ويو. ان جو نالو اسڪيلر هو. هو چاپلوس قسم جو سوئر هو. هن ان ۾ ئي خيريت سمجھي، ته نپولن جي ها ۾ ها ملائي. هن کي جيڪا ڪرسي ڏني وئي، ان تي مڙئي نالي طور وزير ۽ مشير بنيو ويٺو هو. ان جو ڪم اهو هو ته جانورن ۾ نپولن جي حق ۾ پروپيگنڊا ڪندو رهي. ان جي زباني جانورن کي معلوم ٿيو ته نپولن ڳجھ ڳوهه ۾ خونخوار ڪتا پالي رکيا آهن، جن کان هو عام رعيت کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جو ڪم وٺندو آهي. انهن مان هن چار ڪتا استعمال ڪري سنوبال جي مخالفت ڪئي ۽ عوام دوستيءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.
اهو ته هنن کي اسڪيلر جي واتئون پتو پيو، ته نپولن ڪتا پاليا آهن. هن آچر تي جڏهن ڪتن سنوبال کي ملڪ نيڪالي ڏني، تڏهن نپولن پاڻ به ڪتن متعلق اشارو ڪري ڇڏيو هو. هن تقرير ڪندي چيو هو، ”ساٿيو! سنوبال شرپسند ۽ ملڪ دشمن هو. هن پاڻيءَ گرڻو ٺاهي فارم جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ٿي چاهيو. هو مسٽر جونز جو ايجنٽ هو. توهان ان جو حشر ڏٺو. مان چاهيان ٿو ته ملڪ ۾ وڌيڪ اناج پيدا ڪري خوراڪ جو مسئلو حل ڪيو وڃي. منهنجي سامهون توهان جي ترقي ۽ تعمير آهي. مان ڏسي رهيو آهيان ته عوام جي اڪثريت پاڻيءَ گرڻي جي حق ۾ آهي. مان توهان کي راءِ ڏيڻ جي حق کان محروم نه ٿو ڪرڻ چاهيان، تنهنڪري مان پاڻيءَ گرڻي متعلق ريفرينڊم ڪرائيندم. هر جانور کي آزادي سان راءِ ڏيڻ جو حق آهي. جيڪو جانور پاڻيءَ گرڻي جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ گھري ٿو، اهو بيشڪ بنا ڪنهن خوف خطري جي پاڻيءَ گرڻي جي حق ۾ ووٽ ڏئي، پر ان راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾ پهريائين هي خيال ضرور رکجو، ته ڪٿي هي ڪتا توهان جي ويجھو نه هجن. هي عوام دوست ڪتا آهن ۽ ڏاڍا خونخوار ڪتا آهن. فارم ۾ امن ۽ امان، ۽ نظم ۽ ضبط رکڻ کي پنهنجو فرض سمجھن ٿا. ٿي سگھي ٿو ته هي ڪتا پاڻيءَ گرڻي جي حق ۾ راءِ پسند نه ڪن. جهڙيءَ طرح توهان آزاد آهيو، اهڙيءَ طرح مون هنن ڪتن کي به آزادي ڏني آهي، تنهنڪري ووٽ ڏيڻ وقت هنن ڪتن کان خبردار رهجو.“
جانورن سڙٻاٽ ڪيو. ريفرينڊم ٿيو. ووٽ وڌا ويا. ڪتا ويجھوئي ڀونڪي ۽ گرائي رهيا هئا. سڀني جانورن گڏجي راءِ ڏني ته پاڻيءَ گرڻو نه لڳڻ گھرجي. اسڪيلر نعرو هنيو: ”ڪامريڊ نپولن!“ سڀني جانورن گڏجي رڙيون ڪيون: ”زنده باد، زنده باد.“
جانورن جي دلين ۾ وسوسا پيدا ٿي چڪا هئا، پر نپولن جي تقريرن، اسڪيلر جي پروپيگنڊا ۽ ڪتن جي ڀَـــوَ کان هو وسوسن کي زبان تي نه آڻيندا هئا. هڪ آچر تي جڏهن سڀ جانور جھنڊي هيٺان جمع ٿي قومي ترانو ڳائي ڪامريڊ نپولن زنده آباد جا نعرا هڻي چڪا، تڏهن نپولن پنهنجي تقرير ۾ انڪشاف ڪيو ته اسان پاڻيءَ گرڻو ۽ ان سان گڏ بجلي پيدا ڪرڻ واري مشين هڻي رهيا آهيون، ڇو ته هي ترقياتي منصوبو عوام جي معاشي بهتريءَ جي لاءِ ڏاڍو ضروري آهي. جانور حيران ٿي ويا ته سنوبال هي منصوبو پيش ڪيو هو، ته نه صرف نپولن هن جي مخالفت ڪئي هئي پر کيس ڪتن ذريعي ملڪ نيڪالي به ڏئي ڇڏي هئي.
نپولن جي خوشامدڙي اسڪيلر به تقرير ڪئي. هن چيو ته پاڻيءَ گرڻي جو منصوبو درحقيقت نپولن سوچيو هو پر سنوبال ٺهيل ٺڪيل منصوبو چورائي عوام سامهون اهڙيءَ طرح پيش ڪيو هو، ڄڻڪ اها سندس دماغ جي تخليق هئي. ڪامريڊ نپولن جيئن ته هڪ ذهين ۽ دورانديش سوئر آهي، تنهنڪري سنوبال کيس جانورن سامهون ذليل ڪرڻ ٿي گھريو.
ٻئي ڏينهن ئي پاڻيءَ گرڻي جي منصوبي تي عمل شروع ٿي ويو. سڀني جانورن کي ڪم تي لڳايو ويو. هو صبح کان رات جي اونداهي پکڙجڻ تائين محنت مشقت ڪندا هئا. سوئر يا ته آرام ڪندا هئا يا نگراني ڪندا هئا. هاڻي نپولن ۽ اسڪيلر کان سواءِ ڪجھ ٻيا سوئر به ٻاهران فارم ۾ اچي ويا هئا جن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو هو. سڀني سوئرن کي جسماني ڪم کان معافي مليل هئي، ڇو ته هو سرڪاري سوئر هئا. عوامي جانور سڄو ڏينهن ڪم ۾ لڳا پيا هوندا هئا ۽ سوئر کير، مکڻ، بيدا ۽ صوف کائيندا رهندا هئا. جانورن کي اهو ئي ڀوسو ۽ چارو ملندو رهندو هو.
پهريائين ته کين کاڌو وقت تي ملي ويندو هو، پر هاڻي انهن کان ايترو ته ڪم ورتو ويندو هو، جو کين کائڻ جي واندڪائي ڪا نه ٿيندي هئي. هو شڪايت نه ڪندا هئا، ڇو ته سرڪاري ڪتا هِتي هُتي گھمندا وتندا هئا.
پاڻيءَ گرڻي جي جاءِ ٺهي رهي هئا ته نپولن مسٽر جونز جي خالي گھر ۾ هليو ويو ۽ سينگاريل ڪمري ۾ رهڻ لڳو. جانورن ٻڌو ته حيران ٿي ويا، ته نپولن چيو هو، ته سڀ جانور هڪجهڙا آهن، پوءِ هو ڇو واڙي مان نڪري گھر ۾ هليو ويو؟ جانور ان ڳالهه تي حيران ٿي رهيا هئا ته هڪ ڏينهن بدڪ جو ڪنهن ڪم سان گھر ۾ وئي، ته نپولن ان ئي بستري تي ستل هو، جنهن تي مسٽر جونز سمهندو هو. ڪمري جي ٻاهران ڪتا پهرو ڏئي رهيا هئا. اهي بدڪ کي ڏسي ڀونڪيا ته بدڪ ڀڄي موٽي آئي.
جانورن سڙٻاٽ ڪيا ۽ سڀني ۾ ان ڳالهه تي بي اطميناني پکڙجي وئي ته آئين جي سرنامي (دفعه) چار مطابق ڪو به جانور بستري ۾ سمهي نه ٿو سگھي. ان ۾ ادنى ۽ اعلى جو ڪو به ذڪر ڪونهي. ڳالهائڻ جي آزادي ته سڀني کي هئي پر ڪنهن ۾ ايتري همت ڪو نه هئي جو سنئو سڌو نپولن کي چئي، ته هو آئين جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. اسڪيلر جانورن جي اها سس پس ٻڌي ته هن ٻن چئن سوئرن کي ملائي، اها پروپيگنڊا ڪئي ته ڪامريڊ نپولن عوام جي ڀلي ڪارڻ ايتري ته دماغي ولوڙ ڪري ٿو ۽ ايترو ته پريشان ٿو رهي، جو کيس آرام جي شديد ضرورت آهي، جيڪڏهن هن جي صحت خراب ٿي وئي ته اسان انسان جي غلاميءَ ۾ اچي وينداسون، ان ڪري اسان هن جي مرضيءَ جي خلاف هڪ آرڊيننس نافذ ڪيو آهي، جنهن جي مطابق حڪومت جو سربراهه سٺي گھر ۾ رهي سگھي ٿو ۽ بستري ۾ سمهي سگھي ٿو. ڪامريڊ نپولن ته رضامند نه هو پر بستري تي چادرون نه وڌيون ويون آهن پر ڦاٽل پراڻا ڪمبل وڇائي کيس راضي ڪيو ويو آهي.
پاڻيءَ گرڻي جي جاءِ تقريباً تيار ٿيڻ تي هئي، جو آنڌي آئي ۽ تيز مينهن اچي لٿو، جنهن ڪري جاءِ ڪري پئي. نپولن آچر جي ميڙ ۾ سخت لهجي ۾ وسندي چيو ته هيءَ جاءِ طوفان جي ڪري ڪا نه ڪِري آهي، پر اها سنوبال جي تخريبي سرگرمين جو نتيجو آهي، هو انتقام وٺڻ لاءِ ويجھڙ ۾ ئي ڪٿي لڪل آهي. هو رات جو اچي غير ملڪي ايجنٽن جي مدد سان جاءِ ڪيرائي ويو آهي. نپولن اعلان ڪيو ته اسان کي خبر پئجي وئي آهي ته توهان ۾ به شر پسند جانور موجود آهن جيڪي غير ملڪي ايجنٽ آهن، مون اهڙن شر پسندن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو به سنوبال کي جيئرو يا مئل پڪڙي ايندو، ان کي ٻه بيدا، اٺ صوف ۽ هڪ ڏينهن جو چارو انعام طور ڏنو ويندو. خوشامدڙي اسڪيلر نعرو هنيو، ”ڪامريڊ نپولن!“ جانورن جواب ڏنو: ”زنده باد.“ پر اڄ جي آواز ۾ اڳ جهڙو جوش ۽ جذبو ڪو نه هو. اهو صرف سوئرن جو آواز هو جيڪو سڀني جانورن کان وڌيڪ جوشيلو ۽ ڏاڍو هو.
ٻئي ڏينهن معمول خلاف سڀني جانورن کي قومي ٿَلهي چوڌاري گڏ ڪيو ويو. نپولن اعلان ڪيو ته اسان فارم جي ڪجھ دشمنن کي ڳولي لڌو آهي. هن ٻن گھوڙن، هڪ گڏهه، ٽن ٻڪرين ۽ هڪ رڍ جو نالو وٺي، کين ميڙ کان ڌار ڪري بيهاريو. وري ان بدڪ کي به سڏ ڪري انهن سان بيهاريو، جنهن نپولن کي بستري ۾ ستل ڏسي جانورن کي ٻڌايو هو. ان جي سڃاڻپ پهريدار ڪتن ڪئي هئي. نپولن ميڙ کي خطاب ڪندي چيو، ”هي سڀ جانور غير ملڪي ايجنٽ ۽ غدار آهن. مان انهن کي موت جي سزا ڏيان ٿو.“ هن پنهنجي خونخوار ڪتن کي سڏيو. نپولن جي اشاري تي ڪتن جانورن تي ڪاهه ڪري ڏني ۽ ٿوري ئي دير ۾ انهن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو.
پاڻيءَ گرڻي جي ڪريل جاءِ جو ڀنجو ڍوئڻ ۽ جاءِ نئين سر ٺاهڻ لاءِ وري جانورن کي ڪم تي لڳايو ويو. سوئر انهن جي نگراني ڪندا هئا ۽ کير، آنا۽ صوف کائيندا هئا. پهريائين ته جانور سس پس ڪندا هئا پر هاڻي جيڪو جانور ٻئي جي ڪن ويجھو وات ڪندو هو، ته سوئر اهڙي غراهٽ ڪڍندا هئا جو هو پنهنجي ساٿي کان ڌار ٿي بيهندو هو. آچر جي ميڙ ۾ نپولن اها ڳالهه زوردار انداز ۾ ڪئي ته توهان کي حڪومت تي نڪتي چيني ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي. توهان جي تقرير تي ڪا به بندش ڪانهي. ان سان گڏوگڏ هو پنهنجي خونخوار ڪتن جو به ذڪر ضرور ڪندو هو ۽ چوندو هو ته اهي ايتري قدر ته وفادار آهن جو پنهنجي حڪومت ۽ معاشري خلاف ڪا به ڳالهه ٻڌڻ پسند ڪا نه ڪندا آهن. هي توهان جا دوست آهن.
پوءِ اهو وقت اچي ويو. جو نپولن عوام جي سامهون اچڻ ئي ڇڏي ڏنو. هفتيوار ميڙ ۾ اسڪيلر تقرير ڪندو هو ۽ هر ڳالهه ۾ ڪامريڊ نپولن جي عظمت ۽ برتريءَ جو ذڪر ڪندو هو. ٻيا سوئر ٿلهي تي ويٺا هوندا هئا. ان نسلي (ذاتي) امتياز کي جانورن پسند ڪا نه ڪيو، پر هاڻي انهن جي پسند ۽ ناپسند جي ڪا اهميت ئي ڪا نه هئي. ڪتا هر وقت جانورن ۾ موجود رهندا هئا ۽ گھوريندا رهندا هئا. جڏهن چارو کائيندي وقت، ڪو ڪتو اچي ويجھو لنگھندو هو، ته جانور چارو کائڻ ڇڏي ڏيندا هئا، ڄڻڪ کائڻ به شر پسندي ۾ شامل هو. سڀ کان وڌيڪ گڏهن کي تڪليف هئي جيڪي هينگڻ چاهيندا هئا پر پنهنجي مرضيءَ سان هينگ به نه ڪري سگھندا هئا. هاڻي نپولن جي حيثيت هڪ آمر واري هئي. مسٽر جونز جو سڄو گھر هن جي قبضي ۾ هو. گھر جي چوڌاري خونخوار ڪتا چوڪيداري ڪندا رهندا هئا. ڪنهن به جانور کي گھر جي ويجھو اچڻ جي اجازت ڪو نه هئي. صرف سوئر اندر وڃي سگھندا هئا. نپولن ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ گرڻي جي تعمير ڏسڻ يا فارم جو چڪر ڏيڻ نڪرندو هو. پر هاڻي هو اڪيلي نه هوندو هو، ٻه ڪتا اڳيان، ٻه پٺيان، هڪ ساڄي، هڪ کاٻي هوندو هوس. ان جي پٺيان چار سوئر هوندا هئا. ٻه بدڪون ٽران ٽران ڪري عوام کي رستو صاف ڪرڻ لاءِ خبردار ڪنديون هيون. عوام ان کي ڏسي سوچيندو هو ته اهو نپولن ڪيڏانهن ويو، جنهن اسان کي مساوات ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاريا هئا. هن ته چيو هو ته هن فارم جا مالڪ توهان هوندا، پر هاڻي ته هو انقلاب جي ليڊر کي پري کان ڏسي سگھندا هئا، هن سان ڳالهائي مساوات قائم ڪرڻ جي ڏوهه کان ڊڄندا هئا.
پاڻيءَ گرڻي جي تعمير ٿيندي رهي ۽ برف جو وسڪارو شروع ٿي ويو، تنهنڪري فصل ڪو نه پوکيو ويو. نه ڀوسو رهيو، نه چارو. پهرين فصل جو اَنُ ختم ٿي رهيو هو. جيڪو بچيو هو، اهو سوئر گھر ۾ کڻي ويا ۽ راشن سسٽم نافذ ڪري ڇڏيائون. صورتحال ڏڪر جهڙي ٿي وئي. جانور بکون ڪٽڻ لڳا. اسڪيلر پروپيگنڊا ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته ملڪ ۾ ڪو به ڏڪر ڪونهي. گدام اَنَ سان ڀريل آهن. هڪ ڏينهن سڀني جانورن کي اَنَ جا گدام ڏيکاريا ويا جيڪي فرش کان ڇت تائين اناج جي ٻورين سان ڀريل هئا. جانور ڏاڍا خوش ٿيا ته هي اَنُ ته ڏهن سالن لاءِ ڪافي آهي، پر انهن ٻورين ۾ سوئرن واري ڀري رکي هئي. ڳئن، مينهن جو کير ۽ بدڪن ۽ ڪڪڙين جا بيدا گم ٿيندا رهيا. ڪنهن جانور ۾ ايتري همت ڪا نه هئي جو ڪنهن شيءِ جو مطالبو ڪري. فارم جي هاڻي قيدخاني واري حيثيت ٿي وئي هئي.
هڪ ڏينهن جانورن ۾ اها خبر پکڙجي وئي ته نپولن شراب پيئڻ شروع ڪيو آهي. مسٽر جونز ۽ سندس نوڪر ڪيترو ئي شراب ڇڏي ويا هئا جيڪو هاڻي نپولن پيئڻ لڳو هو. جانورن ۾ بيچيني پکڙجي وئي. ڪجھ جانورن فارم جي دروازي تي ٽنگيل آئين جو نقل پڙهيو، جنهن تي شروع ۾ لکيو ويو هو ته ڪو به جانور شراب پي نه ٿو سگھي. هاڻي ان سرنامي (دفعه) آڏو هيءَ واڌ ڪيل هئي ته ڪو به جانور گھڻو شراب پي نه ٿو سگھي. اسڪيلر ۽ ٻين سوئرن اها پروپيگنڊا ڪئي ته نپولن ايترو ته گھڻو ڪم ٿو ڪري ۽ سوچي ٿو جو هن جو تنتي سرشتو تباهه ٿي ويو آهي. هن کي ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آهي ته شراب پي يا ڪم ڪرڻ ڇڏ. ڪامريڊ نپولن عوام جي فلاح ۽ بهبود، آزاديءَ ۽ ترقيءَ خاطر ڪم ڇڏڻ پسند نه ٿو ڪري تنهنڪري هن ٿورو شراب پيئڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جي حيثيت رڳو دوا جهڙي آهي.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هفتيوار گڏجاڻي به ختم ڪئي وئي ۽ اهو حڪم نافذ ڪيو ويو ته جانور سواءِ ڪنهن ڪم جي ڪٿي به گڏ ٿي نه ٿا سگھن. قومي ترانو به بند ٿي ويو ۽ هاڻي صرف هڪڙو نعرو رهجي ويو؛ ”ڪامريڊ نپولن برحق آهي.“ سوئر ۽ ڪتا هر ڪنهن کي صرف اهو ئي نعرو ياد ڪرائي رهيا هئا. جانورن جي دماغ کي بک، چپ، محنت ۽ مشقت سان ايترو ته بيڪار ڪيو ويو جو هو پنهنجي حقن ۽ معاشري ۾ پنهنجي حيثيت ئي ڀلجي ويا. ان وچ ۾ جانورن جا جيڪي ٻار پيدا ٿيا، اهي ان قسم جي زندگي کي صحيح سمجھڻ لڳا. انهن کي ٻاهرينءَ دنيا جي ته هوا به ڪا نه لڳي هئي. انهن کي خبر ئي ڪا نه هئي ته فارم جي چهنبدار تارن پٺيان جانور آزاديءَ جا ٺينگ ٽپا ڏيندا ٿا وتن. جڏهن پري ڪٿي ڪو گڏهه هينگ ڪندو هو ته فارم جي گڏهن جا ٻار ماءُ پيءُ کان پڇندا هئا ته اهو ڪهڙو آواز آهي. ٻڍا گڏهه منڍي هيٺ ڪري ڇڏيندا هئا. انهن کي هينگ ڪرڻ جي اجازت ڪا نه هئي. هنن جا ٻار پنهنجي آواز کان به ناواقف هئا.
نپولن پورو مهينو عوام جي نظر کان گم رهيو، پر هن جي آمراڻي موجودگي سڀ جانور محسوس ڪندا هئا. اسڪيلر ۽ ٻيا سوئر ۽ ڪتا جانورن ۾ گھمندا رهندا هئا. هو جيڪا به ڳالهه ڪندا هئا اها نپولن جي نالي سان شروع ٿيندي هئي. مثال طور، ڪامريڊ نپولن جي برڪت سان برف جلدي رڪجي وئي، ڪامريڊ نپولن جي ڪرم سان فصل چڱو ٿيندو، ڪامريڊ نپولن جي رحمت سان پاڻيءَ گرڻي جو ڪم جلد ئي مڪمل ٿيندو، ڪامريڊ جي فضل سان طوفان چڱي تباهي نه ڏني.
جانورن جا ٻار رڳو ڪامريڊ کي ئي دنيا جو بادشاهه ۽ کين روزي پهچائيندڙ ڪري سمجھندا هئا، ڇاڪاڻ ته هو هر ڳالهه ۾ نپولن جو نالو ٻڌندا هئا. ايتري تائين جو نئون قومي ترانو پيش ڪيو ويو جنهن جو هر مصرع ڪامريڊ نپولن جي نالي سان شروع ٿيندو هو.
آخر پاڻيءَ گرڻي جي عمارت مڪمل ٿي وئي. جانورن بکون ڪاٽي پنهنجي مدد پاڻ جي اصول مطابق هي ڪم پايهءِ تڪميل تي پهچايو. هڪ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ نپولن ڪتن جي پهري هيٺ سوئرن جي جلوس ۾ آيو ۽ جانورن کي هيئن مخاطب ٿيو، ”ساٿيو! توهان بکيا رهو، بدحال رهو، محنت ۽ مشقت ڪري ساڻا ٿي پئو، پر توهان کي هي فخر حاصل آهي ته توهان آزاد آهيو ۽ هي فارم توهان جو آهي. آزادي وڏيون قربانيون ٿي گھري. توهان قربانيون ڏيندا وڃو ۽ آزاد رهو.“
اسڪيلر ڪامريڊ نپولن جو ”نعرو“ لڳايو ۽ ۽ جانورن خالي پيٽ تي هٿ رکي ”زنده آباد“ چيو. سڀئي سوئر کير ۽ آنا کائي بکايل جانورن کي آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏيڻ جي تلقين ڪندا رهيا. هو گھڙي گھڙي ڪامريڊ نپولن جو نعرو لڳائي رهيا هئا. هينئر ته جانورن جي وات منجھان ”زنده آباد“ ڏاڍي مشڪل سان نڪري رهيو هو، پر هو مجبور هئا، خونخوار ڪتا سندن ڀرسان بيٺا غراهٽون ڪري رهيا هئا.
هڪ ڏينهن هڪ گھوڙو بيمار ٿي پيو. ان جو ڪو علاج ڪو نه ڪيو ويو. ٻاهران هڪ گاڏي آئي جنهن مان چند ماڻهو لٿا ۽ اهي گھوڙي کي گاڏيءَ ۾ وجھي کڻي ويا. جانورن سوئرن کان پڇيو ته سندن ساٿي کي ڪيڏانهن موڪليو ويو. کين جواب مليو ته کيس اسپتال موڪليو ويو آهي. هڪ گھوڙي چيو ته گاڏيءَ تي ته هي لکيل هو ته ”ايلفرڊ، کلن ۽ چمڙي جو واپاري“. ڀرسان ئي هڪ ڪتي اهو بيٺي ٻڌو، هو غراهٽ ڪندي گھوڙي ڏانهن وڌيو، ته گھوڙي کلي چيس، ”مان غلط پڙهيو، در اصل اها اسپتال جي ئي گاڏي هئي.“
جڏهن سڀئي جانور ذهني طور مفلوج ٿي ويا ته سڀ سوئر گھر ۾ منتقل ٿي ويا ۽ معاشرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. سوئر اعلى نسل ٿي ويا ۽ باقي جانور عوام ۽ غلام. انهن غلامن کي گھر اندر ٿيندڙ ڳالهيون ڪنهن نه ڪنهن طرح معلوم ٿي وينديون هيون. کين خبر پئي ته سوئرن ٻاهرين انسانن سان ناتا جوڙي ڇڏيا آهن. فارم جو کير، آنا، چوزا ۽ ٻاهران شراب گھرائي پيئندا آهن. جانور فارم جي دروازي وٽ آيا، جيئن ڏسي سگھن ته آئين ۾ هينئر ڪهڙي ترميم ٿي آهي، پر هنن ڏٺو ته اتان آئين جو نقل لٿل هو ۽ ان جي بدران لکيل هو: ”نپولن فارم، ڪامريڊ نپولن زنده باد!“
جانورن کي آزاديءَ کان اڳ وارو دَور ياد آيو، سارو ڏينهن ڪم ڪري، پيٽ ڀري چارو کائيندا هئا ۽ رات جو آرام سان ننڊ ڪندا هئا. سندن ٻار آسانيءَ سان ڀڄندا، ڊوڙندا ۽ رانديون ڪندا هئا. هينئر بدڪن ۽ ڪڪڙين کي پنهنجا چوزا به نظر ڪو نه ايندا هئا. جانورن کي هيءَ خبر هئي ته سوئرن ڪنهن ويجھي فارم جي مالڪن سان رابطو قائم ڪيو آهي. هن جا مالڪ انسان هئا. اهي انسان رات جو سوئرن جي گھر ايندا هئا ۽ شراب پيئندا هئا. پر ڇا به هجي، هينئر جانور ڪجھ به ڪڇي نه ٿي سگھيا. کين رڳو ٻڌڻ جي اجازت هئي ۽ سو به اهي ڳالهيون، جيڪي گھر مان جاري ڪيل هجن.
هڪ ڏينهن جانورن هڪ عجيب منظر ڏٺو. سوئر ٻن ٽنگن تي هلي رهيا هئا. پوءِ نپولن کي به ٻن ٽنگن تي هلندي ڏٺو ويو. هو پوين ٻن ٽنگن تي هلي رهيا هئا ۽ اڳيون ٽنگون انسانن جي ٻانهن وانگر لوڏي رهيا هئا. جانورن وري هي به ڏٺو ته سوئرن ڪوٽ ۽ پتلون پائڻ شروع ڪئي، هٿ ۾ هنٽر کڻي جانورن کي هڪلڻ لڳا.
هڪ رات جو گھر ۾ ايترو گوڙ گمسان ٿيو، جو جانور ڊڄي ويا. هو سمجھي نه سگھيا ته ڇا ٿي رهيو آهي. ڪجھ هن خيال کان ڊڄي ويا، ته مسٽر جونز وري حملو ڪري ڏنو آهي ۽ ڪجھ وري خوش ٿيا ته مسٽر جونز واپس اچي ويو، پر هڪ گولي نه هلي ۽ نه وري جانورن کي مقابلي لاءِ سڏيو ويو. گوڙ وڌندو پئي ويو. جانورن هاڻي ٽهڪ به ٻڌڻ شروع ڪيا ۽ ٽهڪن سان گڏ سوئرن جو آواز به اچي رهيو هو. جانورن کي صبر نه آيو. منجھن ايتري همت ڪا نه هئي جو وڃي ڏسن ته ڪهڙي ڳالهه آهي، پر وري به ٻه گھوڙا ۽ ٻه ڍڳا تيار ٿيا. هو آهستي آهستي گھر جي ديوارن تائين پهتا. هنن اندر ليئو پاتو. ڏهه ٻارنهن سوئر سوٽ پائي ۽ ڏهه ٻارنهن انسان شراب پي رهيا هئا. خبر ناهي هو ڪيتري وقت کان پِي رهيا هئا ۽ بنا ڪنهن سبب ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا.
هو اڃا تائين پي رهيا هئا. انسانن جون اکيون ۽ مُنهن ڳاڙها ٿي ويا هئا. سوئر به پيئندا پئي ويا. بدمست ٿي پهريائين ته هو نچڻ لڳا ۽ پوءِ پاڻ ۾ وڙهي پيا. دريءَ جي ٻاهران بيٺل گھوڙا ۽ ڍڳا ڏسي رهيا هئا. اندر منظر اهڙو هيو ته انسان ۽ سوئر بدمستيءَ ۾ نچي به رهيا هئا ۽ وڙهي به رهيا هئا ۽ تميز ڪرڻ ڏکي هئي، ته انهن ۾ انسان ڪهڙو آهي ۽ سوئر ڪهڙو! ايتري ۾ پهريدار ڪتا گھر جي ٻاهران ڀونڪيا، گھوڙا ۽ ڍڳا وٺي ڀڳا ۽ سڌو پنهنجي طنبيلي ۾ پهتا ۽ پنهنجو وات سبي ڇڏيائون. گھر ۾ اندر گوڙ وڌنڌو رهيو. شراب سوئر ۽ انسان کي هڪ ڪري ڇڏيو هو.

**