16. ڊينڊڙو ماڻهو (چيني ڪهاڻي)
رڪشا وارو بيهجي ويو. مون منڍي ٻاهر ڪڍي ڏٺو، ليڙن ۾ ويڙهيل هڪ عورت اونڌي ٻوٿ رستي تي پئي هئي. رڪشا واري ان کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي پر شايد هن جي نظر ڪمزور هئي. اتفاقي طور، لاڙي جي ڪري رڪشا جي رفتار تيز ڪا نه هئي، نه ته عورت کي ڌڪ ڏاڍو لڳي ها. مان ٻاهر نڪري آيس. رڪشا واري عورت کي اٿاريو ۽ تسلي ڏيڻ لڳس. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پري پري تائين ڪوئي نظر نه ٿي آيو. ڀڄي وڃڻ جو ڏاڍو سٺو موقعو هو. مون کي دير ٿي رهي هئي، تقريب شروع ٿيڻ ۾ باقي ڪجھ منٽ هئا... ۽ ”معاشرو فرد کان ڇا ٿو گھري؟“ جي عنوان هيٺ لکيل عالماڻي تقرير منهنجي کيسي ۾ ڪر موڙي رهي هئي، مون ڪَڪِ ٿيندي چيو، ”اي ڀاؤ، رڪشي وارا! عورت کي ڌڪ ته آيو ڪو نه، هاڻي هل کڻي، خواهه مخواهه ٿو وقت ضايع ڪرين.“ پر ڄڻ رڪشا واري جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه چري. هن ڏاڍي نرميءَ سان عورت کي سهارو ڏئي فٽ پاٿ تي وٺي وڃي پڇيو، ”ڌڪ ته ڪونه لڳئي؟“
”ڏاڍو ڌڪ لڳو آ.“ عورت چنگھندي چيو.
مون کي هن جي مڪر تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. بدبخت نجو پجو ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي. مون کي يقين هو ته هن کي ذرو به ڌڪ نه لڳو هو ۽ هي بيوقوف رڪشي وارو خواهه مخواهه پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪري رهيو هو. هن کي گھربو هو ته هو يڪدم هتان رفو چڪر ٿي وڃي، احمق ڪٿي جو، پاڻ سان گڏ مون کي به دير ڪرائي رهيو هو.
رڪشي وارو واقعي احمق هو ڇو ته عورت جي واتئون اهو ٻڌي، ته هن کي ڌڪ لڳو آهي، اٿيو، عورت کي ٻانهن کان پڪڙي سامهون جاءِ طرف وڃڻ لڳو، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هو ”پوليس اسٽيشن.“ دروازو بند هو. هو زور زور سان دروازو ڪُٽڻ لڳو. مان ڪڪ ٿي رستي تي آيس، جيئن خالي سواري حاصل ڪري سگھان. ٿوري دير کان پوءِ هڪ پوليس آفيسر مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”سائين توهان ڪو ٻيو رڪشو حاصل ڪيو. هو ماڻهو توهان کي نه ٿو کڻي وڃي سگھي.“
”ڏاڍو سٺو.“ مون سڙندي چيو. واچ تي نظر ڪيم، تقريب جو وقت ٿي چڪو هو. سڀ کان پهريون مون کي تقرير ڪرڻي هئي مون... ”معاشرو فرد کان ڇا ٿو گھري؟“ تقرير جا ڪاغذ کيسي مان ڪڍيا. فاتحانه شان سان انهن تي نظر وڌي... رڪشا واري کي هن جي حماقت ۽ بيوقوفيءَ تي ڇنڀيندو، تڪڙيون وکون کڻندو، جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳس.