”مونکي ساهه کڻڻ ڏيو“، سنڌي سماج جي هڪ المناڪ ڪلچر ڪارو ڪاري جي موضوع تي لکيل آهي. انهي موضوع تي اهو پهريون ناول آهي. . هي هڪ پرچاري ناول آهي، جنهن ۾ ليکڪ نهايت مناسب ۽ سگهارن لفظن ۾ ”مظلوم عورت“ جي وڪالت ڪئي آهي.
هي ناول 2001ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو هو جنهن جي اسڪين ڪاپي ڪرزمه ويب جي ٿورن سان پيش آهي.
ناول
مونکي ساهه کڻڻ ڏيو
- 5.0/5.0
- 1526
- 1033
- 4 سال اڳ
- 1

سنڌ سلامت پاران
”مونکي ساهه کڻڻ ڏيو“، سنڌي سماج جي هڪ المناڪ ڪلچر ڪارو ڪاري جي موضوع تي لکيل آهي. انهي موضوع تي اهو پهريون ناول آهي. . هي هڪ پرچاري ناول آهي، جنهن ۾ ليکڪ نهايت مناسب ۽ سگهارن لفظن ۾ ”مظلوم عورت“ جي وڪالت ڪئي آهي.هي ناول 2001ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو هو جنهن جي اسڪين ڪاپي ڪرزمه ويب جي ٿورن سان پيش آهي.
مهاڳ ۾ انهي جي وضاحت ڪندي مغل لکي ٿو:
”هن موجود دور جو انسان (مرد ۽ عورت) وڌيڪ ذهين آهي. هڪٻئي جا حق سڃاڻن پيا ۽ زندگي جا اصول ڦيرو کائن پيا. ويهين صدي ۾ اسان گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي ۽ ايڪويهه صديءَ ۾ تمام گهڻي اميد آهي ته سونا (ناول جي هيروئن) کي ڀاءُ رائفل جون گوليون نه هڻندو ۽ سونا جي ماءُ کي، پيءُ ڪات سان ڳڀا نه ڪندو ۽ نڪي وڏيرو زور تي ’ڪاري‘ ٿيل عورت جي دلالي ڪندو ۽ نڪي پاڻ، پٽس يا ٻيا ڪاري ٿيل، بي واهي عورت کي فقط ”ساهه کڻڻ“ جي مهلت ڏيئي، اُن جي جسم ۾ مڻ گندي پاڻياٺ جا ڀري ڇڏيندا. ڪمزور جاندار، سازش، دولاب ۽ ويڙهه جا اڻ ـ سڌا طريقا ئي اختيار ڪري سگهي ٿو. عورت به تاريخ جي طويل عرصي ۾ ضرور ائين ڪيو آهي، جنهن کي شهزور مرد، ديوتا ۽ مرد جا ئي ٺاهيل خدا ۽ قانون برداشت نه ڪري سگهيا ۽ عورتي کي ذليل ٿيڻو پيو ۽ تاريخ جي هر دڳ تي پنهنجو رت هارڻو پيو ۽ ’ٻئي نمبر‘ جي انسان جي صورت اختيار ڪرڻ پئي.“
[b][i]نوٽ : هي ڪتاب صرف پي ڊي ايف ۾ موجود آهي[/i][/b]
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ غلام نبي مغل
- ڇپيو ويو 2001
- ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 28/Feb/2018
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1033 ڀيرا