تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جيئن ڏٺو آهه مون

سنڌ جي قومپرست اڳواڻ، سياستدان، ليکڪ، عالم ۽ اديب سائين جي ايم سيد جو لکيل سياسي ۽ مذهبي ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهه مون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سائين جي ايم سيد هن ڪتاب سبب مذهبي ۽ سياسي پارٽين جي تنقيد جو نشانو پڻ رهيو پر پاڻ هن ڪتاب ۾ دنيا جي مذهبن جو ڇيد ڪيو اٿن. هن ڪتاب جا ڪيئي ايڊيشن ڇپيا آهن، اوهان اڳيان 1974ع ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جيڪو نئين سنڌ پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو ان جي اسڪين ڪاپي شيئر ڪجي ٿي.​
  • 4.5/5.0
  • 4507
  • 3899
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جيئن ڏٺو آهه مون

ڪتاب بابت

سنڌ جي قومپرست اڳواڻ، سياستدان، ليکڪ، عالم ۽ اديب سائين جي ايم سيد جو لکيل سياسي ۽ مذهبي ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهه مون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سائين جي ايم سيد هن ڪتاب سبب مذهبي ۽ سياسي پارٽين جي تنقيد جو نشانو پڻ رهيو پر پاڻ هن ڪتاب ۾ دنيا جي مذهبن جو ڇيد ڪيو اٿن. هن ڪتاب جا ڪيئي ايڊيشن ڇپيا آهن، اوهان اڳيان 1974ع ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جيڪو نئين سنڌ پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو ان جي اسڪين ڪاپي شيئر ڪجي ٿي.​

نوٽ : ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي قومپرست اڳواڻ، سياستدان، مفڪر، عالم ۽ اديب سائين جي ايم سيد جو لکيل سياسي ۽ مذهبي ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهہ مون“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
سائين جي ايم سيد هن ڪتاب ۾ مذهب جي باري ۾ پنھنجي ذهن جي ارتقا بيان ڪئي آهي ۽ ڄاڻايو آهي تہ ڪيئن ٻين مذهبن جي عقيدن جي ڄاڻ، تاريخ ۽ فلسفي جي مطالعي، ماديت جي نظريي جي واقفيت ۽ مجازي عشق جي مرحلن بعد هن جي عقيدن ۽ معلومات ۾ ڪافي تبديلي آئي، جن جو اظھار هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي. سيد صاحب لکيو آهي: ”اهي منهنجا شخصي رايا آهن، جن کي حق جي ڳولا ۾ هڪ فرد جي تجربن سان مشابھت ڏيئي سگهجي ٿي. ان لاءِ آءٌ صداقت جي هڪ هٽيءَ (Monopoly) جـي دعــويٰ نـہ ٿـو ڪـريـان“. جي. ايم.سيد هن ڪتاب ۾ اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ قانون ارتقا (Law of Evolution) موجب، هر زماني ۽ دور ۾ نوان راز کلڻا ۽ نوان نياپا اچڻا آهن..... مون کي (هڪ صوفيءَ وانگر) هر مذهب ۾ حق جو پرتوو ڏسڻ ۾ آيو آهي.... منھنجي نظر ۾ صوفيءَ لاءِ اهو ضروري نہ آهي تہ هو ڪنھن خاص مذهبي عقيدي يا نظريي جو پابند هجي. هو هر مذهب، فلسفي، سائنس، علم ۽ تجربي مان، بنا تفاوت پنھنجي ۽ پرائي جي، فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. صوفي، لاڪوفي (Non-aligned) آهي... هو پاڻ کي ڪنھن محدود دائري ۾ نظربند نہ ٿو رکي.“ هن ڪتاب جا پنج فصل: ”مذهب جي تاريخ“، ”مذهب جي پيدائش جا ڪارڻ ۽ ان جي جوڙجڪ جا جزا“، ”مذهب هڪ آهي يا گهڻا“، ”اسلام جا ٻہ تعبير“ ۽ ”تصوف، جيئن مون سمجهيو آهي“ - عنوانن تي مشتمل آهن. هن ڪتاب جو انتساب، سنڌ جي صوفي اعظم، وحدت الوجود، وحدت انساني، وحدت مذاهب جي پرچارڪ، راهہ حق ۾ شھادت پاتل ۽ عاشقن جي اُستاد شاهہ عنايت شھيد جي نالي ڪيو ويو آهي. 
هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو، ارباب نور محمد پليجي، حيدري پرنٽنگ پريس، لجپت روڊ، حيدرآباد مان 31 مئي 1968ع تي ڇپائي ٻني (ضلعي ٺٽي) مان پڌرو ڪيو. 203 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت ان وقت ٻہ روپيا هئي. هن ڪتاب جي اشاعت تي ڪن مذهبي عالمن جي. ايم سيد ۽ پبلشر نور محمد پليجي کي ڪافر قرار ڏنو ۽ مٿس دٻاءَ وجهي کانئس معافي نامو ۽ ’اعلان حق‘ نالي بيان لکائي، ڇپايو ويو. ان تي عالمن تصديق ڪئي تہ ”مٿين حقيقت صحيح آهي، تنھنڪري هاڻي وڏيري نور محمد پليجي صاحب کي اسلامي برادريءَ ۾ اڳوڻي وانگر شامل ٿيڻ گهرجي.“ 
هن ڪتاب جا ڪيئي ايڊيشن ڇپيا آهن، اوهان اڳيان 1974ع ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جيڪو نئين سنڌ پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو ان جي اسڪين ڪاپي شيئر ڪجي ٿي. ٿورائتا آھيون بدين سان تعلق رکندڙ سنڌ سلامت جي ساٿي شاھنواز ٽالپر جا جنھن ھن ڪتاب کي نئين سر ڪمپوز ڪري موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

جيئن ڏٺو آھ مون

“جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحب سامھون.”
(شاھ)

“ڏسڻ جي ڏسين، تہ ھمه کي حق چوين.”
(شاھ)

ڪمپوزر پاران

انسان غلطين جو گهر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نہ ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي تہ بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿي ڪا بہ غلطي ھجي تہ ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو.

شاھنواز ٽالپر
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sntalpur@gmail.com

انتساب

ھي ڪتاب سنڌ جي صوفي اعظم، وحدت الوجود، وحدت انساني، وحدت مذاھب جي پرچارڪ، راھ حق ۾ شھادت پاتل، عاشقن جي استاد حضرت شاھ عنايت الله صوفي مقلب بہ شاھ شھيد عليه الرحمت جي نام نامي اسم گرامي سان معنون ٿو ڪريان، جنھن سنڌ مان مذھبي ڪٽرپڻي جي پاڙ پٽي ڪڍڻ جي ھنن لفظن سان ابتدا ڪئي.

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد!
اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد!
گر قبول افتد زھي عزو شرف.

غلام مرتضيٰ

پيش لفظ

آئون بنيادي طرح جذباتي ھئڻ ڪري، گهڻي قدر مذھب جي اثر ھيٺ رھيو آھيان. ڪو وقت ھو، جو نماز جو پائپند ھوس. رمضان جا روزا رکڻ، راتيون جاڳي تھجد پڙھڻ، چلا ڪڍڻ، وظيفا پڙھڻ، بزرگن جي مزارن جو زيارتون ڪرڻ، درويشن جي صحبت ۾ گذارڻ، پيران طريقت کان ذڪر وٺڻ، ختما ڏيارڻ، عرس، يارھيون ۽ اضحيون ڪرڻ، ماڻھن کي زوري نماز پڙھائڻ، مسجدون ٺھرائڻ، مذھبي وعظ ڪرڻ، منھنجا خاص مشغلا ھوندا ھئا.
مذھب اسلام جي عام روايتي عقيدن ۾ ويساھ ويٺل ھوم؛ جنھنڪري شريعت اسلام مطابق زندگي گذارڻ ۾ راھ نجات سمجهندو ھوس.
پر ڪجھه وقت کان پوءِ مختلف مذھبن جي ماڻھن سان بحث مباحثي ڪرڻ، جدا جدا مذھبي ڪتابن جي مطالعي ۽ غور ڪرڻ بعد آھستي آھستي ٿي، انھيءَ خوش اعتقاديءَ جي آھني ديوارن ۾ شڪن جا شگاف پوڻ لڳا، جن جو مفصل احوال “پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني” ڪتاب ۾ درج ڪيو اٿم.
ھتي ھي ظاھر ڪرڻ ڪافي ٿيندو تہ سر سيد احمد خان جي مذھبي نظرين، ٻين مذھبن جي عقائد جي معلومات، تاريخ ۽ فلسفي جي مطالعي، مٽريلزم (دھريت) جي نظريي جي واقفيت ۽ مجازي عشق جي مرحلن بعد منھنجي عقيدن ۽ معلومات ۾ گهڻو ڦيرو آيو آھي. پنھنجي ھڪ مضمون “مجازي مرحلا” جي آخر ۾ 35 سال اڳ ۾ ھيٺين طرح لکيو ھوم؛
“(شخصي، مجازي عشق ۾) مايا جي چڪر ڀلائي گمراھ ڪري ڇڏيو ھو. آھستي آھستي ٿي، صفاتي بي ثباتيءَ ۾ مون کي “لا احب الاَ فلين” جي معنى جو پتو پوڻ لڳو. ھي اھو دور ھو، جو نفساني خواھشن جي ماھيت معلوم ٿيڻ جي ڪري، ظاھري خواھشون سرد پئجي ويل ھيون. خون جي گرمي ٿڌي ٿيڻ لڳي ھئي. مايا جو موھ جھڪو ٿيو ھو. پر اڃان حقيقت پري ھئي. ھاڻ نہ مئن سان گڏ، نہ جيئرن سان جوڙو ھوس. . . مجازي عشق جو تصور بہ شخصي ھو. ان جي اثر مان ٻاھر نڪرڻ بعد سجده گاھ بہ ٻيو ڳولڻو ھو. “اڳي حقيقت مجاز ۾ نظر ايندي ھئي. ھاڻ (شخصي) مجازي موھ اُترڻ ۽ حقيقت طرف اکيون نہ کلڻ سبب گمراھي ۾ گذارڻ لڳس . . . ويراڳ ويڙھي ويم. حقيقت سان روشناسي ڪانہ ٿي ھئي . . . (ڪجھه وقت کان پوءِ) وري مجازي معشوق ٻيءِ صورت ۾ اچي منھن ڏيکاريو. اڳي فردي (جزوي) صورت ۾ منھن ڏيکاري ڪشش ڪئي ھئائين، ھاڻ ھڪ نظريي جي شڪل ۾ ڪشش پئي ڪيائين. اڳي مارئي کيت جي درد فراق ۾ مبتلا ھئي، ھاڻ کيت جي عيوض مارن جي ياد اچڻ لڳي ھيس. مارئيءَ جا مارو ٿر جا ڄاول سندس ھم قوم ھئا. منھنجا مارو سنڌ ديس جا رھاڪو سنڌي ھئا. اھا مجازي مرحلي جي ارتقا ھئي. مجاز ساڳيو ھو، پر ان جو تصور ۽ ڪشش جدا نموني جا ھئا. محبت جو جوش ۽ اڪير ساڳيا ھئا . . . نشا ۽ خمار ساڳيا ھئا، پر ساقي بدليل ھئا.”
ان کان پوءِ منھنجي خيالن ۾ جا تبديلي آئي، ان جو اظھار بزم صوفياءِ سنڌ جي مختلف خطبن ۾ ھيٺين طرح ڪيو اٿم. ڊٺڙي ڪانفرنس جي موقعي تي چيم ته
“ سرزمين سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم ۽ ماڻھن جي مادياتي ۽ روحاني ترقي لاءِ ھڪ خاص پيغام آھي. ان پيغام جي اسان جي ولين ۽ درويشن حتي الامڪان تشريح ڪري، ماڻھن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آھي.”
وڌيڪ چيو ھوم ته
“ائين تہ ھر ملڪ ۽ ھر قوم کي پنھنجو پيغام ٿئي ٿو – ليڪن سنڌ کي جاگرافيائي ۽ تاريخي طرح مختلف ڪلچرن ۽ مذھٻي عقيدن جي ميلاپ ڪري، خاص خصوصيتون ھيون.”
انھن خصوصيتن جي تشريح ۾سن ڪانفرنس جي موقعي تي، آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس، منعقده ڪراچي سن 1943ع، ۾ پڙھيل پنھنجي استقباليه ڪميٽيءَ جي صدارتي خطبي جا ھيٺان اقتباس پيش ڪري، ان تي روشني وڌي ھيم:
“دوستو، فطرت ھن زمين جو ماضي نھايت شاندار ڪيو ھو، ۽ مونکي اميد آھي تہ ان جو مستقبل بہ اھڙو ئي روشن ٿيندو.”
“ ڪيترن ڳالھين ڪري ھن زمين جي تاريخ نھايت بي نظير رھي آھي. اھا قديم تھذيبن جو آشيانو ھئي، جنھن جي ثابتي موھن جي دڙي جي آثار قديمه مان ملي سگهي ٿي.”
”ھي ئي سرزمين آھي، جتي دنيا جا ڪيئي نسل گڏجي ملي جلي ويا. دراوڙ، آريا، سامي ۽ منگلول نسلن جا نشان ھتي آسانيءَ سان ڳولي سگهبا.”
“نہ صرف نسلن جو ميل جول ھن زمين ۾ ٿيو، ليڪن مختلف مذھبن ۽ فلسفن جو ھڪٻئي تي اثر ۽ ميلاپ پڻ، جھڙو ھتي ٿيو، اھڙو ٻي جاءِ تي ڇٽو ٿيو ھوندو. ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ وچ ھندستان ۾ پيدا ٿيو، ليڪن اھو ھن زمين تي وڌيو ۽ ويجھيو. اسلام جڏھن ھن زمين تي پير پاتو، تہ ٻڌ ڌرم اڃا مروج ھو، ۽ ھتي جي رھاڪن مھاتما گوتم جو نفيءَ وارو سبق اڃان نہ وساريو ھو. اسلام صرف اڳين تعليم ۾ اثبات جو اضافو ڪيو. ويدانيت ۽ وحدانيت جا فلسفا ۽ متا ھتي ئي ھڪٻئي تي اثرانداز ٿيا. ھڪ طرف وحدانيت ھندو يوڳيءَ تي اثر وجهي، بت پرستي کي گهٽايو، تہ ٻئي طرف مسلم درويشن سنياس مان سبق ورتا ۽ راڳ کي تصوف جو جزو بڻايو. ھندو مسلم عقيدا باھمي سمجهوتي ۽ رواداري سان ھڪٻئي جي نزديڪ اچڻ لڳا. گرونانڪ جي تعليم انھيءَ ميل – جول جي نچوڙ جو مکيه مثال ۽ نتيجو آھي.”
“مسلم صوفين ھن ملڪ ۾ شاھ عبدالطيف جي سرڪردگيءَ ھيٺ مذھبن جي بنيادي وحدت جو پرچار ڪري، مختلف مذھبن جي پوئلڳن ۾ محبت ۽ رواداري پيدا ڪئي، جنھن جو عملي ثبوت ھتي جي ھندو مسلم رھاڪن جي باھمي خوشگوار تعلقات مان ملي سگهندو. ھندستان جي ٻين حصن وانگر ڇوت ڇات جو مرض سنڌ ۾ ڳوليو نہ لڀندو . . .”
“مون ھن زمين جي قديم شان شوڪت جو ذڪر مھمانن جي حافظي تازي ڪرڻ جي ارادي سان نہ ڪيو آھي. پر منھنجو اصل مقصد ھن سرزمين جي روشن مستقبل بابت چند تجويزون پيش ڪرڻ جو آھي.”
“انسانذات ابتدائي زماني کان وٺي مختلف ارتقائي دور طئه ڪندي، پنھنجي آخري مقصد، يعني انساني وحدت خيال ۽ عمل، طرف وڌي رھي آھي. انھيءَ لاءِ مختلف گروھن جي مذھبي، سياسي ۽ اقتصادي تحريڪن ۽ ڪوششن، منزل مقصود تي پھچڻ لاءِ، جدا جدا طريقن ۽ واٽن جو ڪم پئي ڏنو آھي. تاريخ جو ھر ورق ان ارتقائي جدوجھد جي مثالن سان ڀرڀور آھي. شروعات ۾ ماڻھو ننڍن ننڍن ڪٽنبن ۾ ورھايل ھئا. ٿوري وقت گذرڻ بعد اھي ڪٽنب وڌي ويجھي، قبيلن جي صورت اختيار ڪري ويا. آخر ۾ اھي قبيلا ملي قومون بنيون.”
“ماڻھن جي وچ ۾ باھمي اتفاق ۽ ميلاپ جا مختلف بنياد پئي رھيا آھن. جا ءِ رھائش (وطن)، زبان، زندگيءَ جو طريقو ۽ خيالات انھن مان مکيه آھن. اڄڪلھه نظريا (Isms) چؤطرف فيشن بنبا وڃن. پر انھن بہ امن آڻڻ جي عيوض مورڳو زيادھہ فساد پيدا ڪيا آھن. جزوي حل، جدا جدا نالن ۾، عارضي عرصي لاءِ مستعمل رھڻ کان پوءِ، تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجڻ بعد ازخود بيڪار بنجيو پون. جيستائين مختلف سياسي، اقتصادي ۽ مذھبي نظرين جي اختلاف مٽائڻ لاءِ حل ڳولي نہ ڪڍيو ويو آھي، دنيا ۾ دائمي اتحاد ۽ امن قائم ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي. انھيءَ حل ڳولڻ لاءِ خاص ماحول ۽ تاريخي روايتن ھيٺ ذھني تربيت جي حاصلات ھڪ لازمي شرط آھي.”
“انھيءَ مشن جي سرانجاميءَ لاءِ سرزمين سنڌ جا رھاڪو زيادھہ موزون آھن. قديم تاريخ جا دفتر ان جا گواھ آھن تہ ڪيئن نہ ھتي مختلف نسل، تھذيبون، مذھبي فلسفا ۽ سياسي طريقا ملي جلي يڪرنگي اختيار ڪري سگهيا آھن. دنيا جي نئين تعمير لاءِ، جنھن ۾ مشرق ۽ مغرب جا ويڇا ميٽجي ھڪ وحدت ۾ گڏجڻا آھن، سرزمين سنڌ کي خاص پيغام پيش ڪرڻو آھي. مون کي ھن انڌوڪار جي زماني ۾ ڪي روشنيءَ جا ترورا نظر اچي رھيا آھن. ھن جسماني ولوڙ بعد مکڻ ھتان ئي نڪرڻو آھي.”
ھي خيال 24 سال اڳ ظاھر ڪيا ھئم. سنڌ جي خاص پيغام ۾ تڏھانڪر منھنجو ويساھ پئي رھيو آھي. اھو پيغام ڪھڙو آھي، جنھن جي تعليم ۽ تربيت اسان جي درويشن ڏني آھي؟ عمر جو سمورو وقت انھيءَ کوجنا ۾ گذاريو اٿم. غور، فڪر ۽ تجربي بعد، جن نتيجن تي پھتو آھيان، تن کي ھن ڪتاب ۾ قلمبند ڪريان ٿو.
اھي منھنجا شخصي رايا آھن، جن کي حق جي ڳولا ۾ ھڪ فرد جي تجربن سان مشابھت ڏيئي سگهجي ٿي. ان لاءِ آءُ صداقت جي ھڪ ھٽي Monopoly جي دعوى نٿو ڪريان. انسان خطا جو گهر آھي. ممڪن آھي ڪيترا ماڻھو انھن راين کي صحيح نہ سمجهي، مون سان اتفاق نہ ڪن. تنھن ھوندي بہ انھن جي ظاھر ڪرڻ کي عيب نٿو سمجهان. حق جو بحر ڪثير تعداد قطرن جو مجموعو آھي. دنيا جو بوقلموني باغ مختلف گلن جي رنگارنگي رونق رکي ٿو. ھي بہ ھڪ راءِ آھي.
مونکي معلوم آھي تہ ڪثرت تعداد ماڻھن جو، مذھبي شريعتن جي مقتدي ھئڻ ڪري، شايد منھنجي راءَ کي ناپسنديءَ جي نگاھ سان ڏسي. وڌيڪ اھو بہ پتو اٿم تہ ڪيترا نوجوان، جي مذھبن جي ظاھري عقيدن ۽ انھن جي نالي ۾ استعمال غرضيءَ Exploitation مان بيزار ٿي، مٽيريلزم ۾ ويساھ رکڻ لڳا آھن، سي بہ ھنن راين کي رجعت پسند سمجهندا. ليڪن باوجود ان علم جي به، پنھنجي راءِ ظاھر ڪرڻ کان نٿو ھٻڪان – پوءِ کڻي ان مجذوب جي بڪواس سمجهڻ لڳن. ھن مان منھنجو مقصد ٻين کي ھمراءِ بنائڻ جو نہ آھي ، ۽ نہ ڪنھن جي جذبات کي ٺيس لڳائڻ مقصود آھي. ھيءَ ھڪ نقطي نگاھ آھي، جيئن ان جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو.
“من ھايء ھويء ميڪنم ڪس بشنود يا نشود.”
(معنى؛ آئون پيو اندر جون آھون ڪيان ، پوءِ ڪير ٻڌي يا نہ ٻڌي.)
اميد اٿم تہ منھنجا معترض قرآن شريف جي ھن آيت شريف “لڪم دينڪم ولي دين” مطابق، منھنجي راين کي برداشت ڪندا.
منھنجي خيال ۾ ھر مذھب، فلاسافي ۽ سائنسي علم، بحر فيض الاھي يعني علم جا ڪل جزا آھن. ان بي انت بحر مان ماسو مال بہ پوڄارين کي پر ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو، ليڪن پنھنجي پر ۾ پر ٿيڻ بعد بہ ڪنھن کي صداقت جي ھڪ ھٽيءَ Monopolyجي دعوى ڪرڻ جو حق نہ آھي. اھو بحر عميق ڪنھن جي ورثي ۾ اچڻ کان برتر ۽ بالا آھي. خواجه حافظ ان حالت کي رسي، بي اختيار چيو ڏئي ته:
“در ھر طرف ڪه رفتم جز حيرتم نيفزود،
فرياد زين بيابان وز راھ بي نھايت.”
(جيڏانھن بہ نظر کنيم ۽ ويس، تہ سواءِ حيرت ۾ واڌاري ٿيڻ جي ڪجھه معلوم نہ ٿيم: اھڙي بي انت صحرا ۽ اڻ کٽ رستي تي ھلڻ بعد دانھن نڪريو وڃي.)
سچ يا حق جو قطرو، مسلسل فڪر ۽ تجربي کان پوءِ علم پرائڻ، تزڪيه نفس ۽ اخلاقن جي درستيءَ بعد ھٿ اچي سگهي ٿو. مون بہ جر ۾ جھوتون پائي، ڪجھه موتين ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پتو نہ آھي تہ صراف انھن کي موتين ۾ شمار ڪندا، يا ڪوڙو ڪچ ثابت ڪندا. بھرحال، “برگ سبز تحفئه درويش” موجب، آءُ پنھنجي دماغ سوزيءَ جا ھي نتيجا، جيئن آھن ۽ جيڪي آھن، پيش ڪريان ٿو.
قانون ارتقا موجب، ھز زماني ۽ دور ۾ نوان راز کلڻا ۽ نوان نياپا اچڻا آھن، جن جي انتھا جو پرو پاند ھڪ وقت پوڻ مشڪل آھي. ڪنھن بہ مذھب يا نظريي جي ڪمال جي دعوى دين فطرت (قانون ارتقا) جي بنيادي اصول جي خلاف آھي. مون کي ھر مذھب ۾ حق جو پرتوو ڏسڻ ۾ آيو آھي، ۽ اھو بہ معلوم ٿيو آھي تہ انھن ۾ ڪيتريون ڳالھيون فرسوده ۽ بي معنى ثابت ٿي چڪيون آھن. مونکي ان ڳولا ۾ ڪثرت مذاھب پويان بنيادي وحدت ڏسڻ ۾ آئي آھي. سڀني مذھبي نظرين کي آءُ دين فطرت جا جزا تسليم ڪريان ٿو، جنھن جا بنيادي مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم معلوم ٿيا آھن.
منھنجي نظر ۾ صوفيءَ لاءِ اھو ضروري آھي تہ ھو ڪنھن خاص مذھبي عقيدي يا نطريي جو پائپند ھجي. ھو ھر مذھب، فلسفي، سائنس، علم ۽ تجربي مان، بنان تفاوت پنھنجي ۽ پرائي جي فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. صوفي لا ڪوفي (Non-allignedآھي
“ھر ملڪ ملڪ ما است، ڪه ملڪ خدا اي ماست”
آءُ تصوف جي ھن نظريي کي سچ جو گلدستو سمجهان ٿو، جنھن ۾ سڀني رنگن ۽ خوشبوئن جا سھڻا ۽ خوبصورت گل ڪٺا ٿيل آھن. صوفي جملي مذھبي عقيدن، علمن، سائنسن ۽ فلسفن مان بنيادي وحدت ۽ صداقت جي کوجنا ڪندڙ آھي. ھو پاڻ کي ڪنھن محدود دائري ۾ نظربند نٿو رکي. ھو “خذما صفا دع ما ڪدر” (يعني، ھر سٺي ڳالھہ کي ھٿ ڪري، خراب کي ڦٽو ڪري ڇڏيو) جي افاديت ۾ اعتبار رکي ٿو.
صوفيءَ ڪائنات جي خلقت ۾ رٿا ۽ مقصد پرکيا آھن، جن جي علم ۽ واقفيت کي ھو مذھب جو روح سمجهي ٿو، ۽ ھر اھا ڳالھہ، جا نفرت، نفاق، بدامنيءَ، وڏ نندائيءَ، ھنسا ۽ پاڪ پليت جا تفاوت ۽ ويڇا پيدا ڪري ٿي، ان کي ھو دين فطرت جي خلاف سمجهي ٿو.

غلام مرتضيٰ
(سن 21.01.1967ع)

فصل پھريون: مذھب جي تاريخ

تاريخ جي، مختلف علمن جي وسيلي، ھن وقت تائين گهڻي معلومات ميسر ٿي ويئي آھي، آئنده پڻ ان جي معلوم ٿيڻ جو امڪان آھي. ساڳيءَ طرح مذھب جي تاريخ تي بہ ڪافي کوجنا ٿي آھي.
تاريخ کي جن علمن مالا مال بنايو آھي، تن مان ڪي ھيٺان آھن:
(1)جيالاجي (Geology)يا علم الارضيات – زمين جي طبقن يا ڌرتيءَ جي تھن جو علم.
(2) جاگرافي(Geography) يا علم جغرافيه – زمين جي مختلف حصن، آب ھوائن، سمنڊن، بيابانن، وغيرھ جو علم.
(3) آنٿراپالاجي(Anthropology) يا علم الانسان – جسم انسان جي ارتقائي درجن جو علم
(4) اِيٿنالاجي (Ethnology)يا علم نسل انسان – ماڻھن جي مختلف نسلن بابت علم.
(5) فلا لاجي(Philology) يا علم اللسان يا ڀاشا وگيان – مختلف زبانن بابت علم
(6) سوشالاجي (Sociology)يا علم عمرانيات – ماڻھن جي سماجي زندگيءَ بابت علم.
(7) آرڪيالاجي(Arachaeology) يا علم الاثار – زير زمين قديم تھذيبن ۽ تمدنن جو علم.
(8) فوڪ لور (Folk Lore)يا علم قديم روايات – انسانن جي پراڻن قصن ڪھاڻين وغيره بابت علم.
(9) فوڪ ڪسٽمس(Folk Customs) يا علم قديم رسم رواج – انسانن جي پراڻين رسمن ۽ رواجن بابت علم.
(10) ميٿالاجي(Mythology) يا علم الاصنام يا ديو مالا – قديم ڏند ڪٿائن جو علم.
(11) فلاسافي(Philosophy) يا فلسفو – قياس ۽ فھم جي تقابلي سان فطرت ۽ زندگي جي مسئلن بابت پرايل علم وغيرھ وغيرھ.
اھو زمانو گذري ويو، جڏھن ھر مذھب جي علم رڳو الھامي ڪتابن، تفسيرن ۽ روايات وغيرھ مان حاصل ڪيل احوالن تي اڪتفا ٿي ڪئي. ھن وقت مذھب جو علم بہ سائنس ٿي پيو آھي. ڪيترن محققن مذھب جي مختلف شعبن جي کوجنا ۾ عمريون صرف ڪري، اُن جي جدا جدا پاسن تي کوجنا ڪئي آھي. ھي مذھب جي تفتيش ھيٺن ٻن صيغن ۾ ٿي آھي.
(1)مخصوص مذھبن جي خاص شعبن جي کوجنا.
(2) جملي مذھبن جي تاريخ، انھن جي پيدائش جي ڪارڻن، ترڪيبي جزن ۽ مقصدن جي کوجنا.
پھرين صيغي جي تفتيش ڪندڙن ۾ مفسر، محدث، فقيه، مقلد، غير مقلد، سناتني، آريه وغيرھ عالم، آجاريه، پشپ شامل ھئا، ۽ ٻئي صيغي جي تفتيش ڪندڙن ۾ وحدت الوجودي، ويدانتي، صوفي، فلسفه انسانيت جا قائل، تاريخ ۽ سائنس جا ڄاڻو، طريقت جا صاحب، سنياسي ۽ جوڳي اچي ٿي ويا.
عالمن جي ھنن ٻنھي گروھن جي علمي تحقيق ۽ حاصلات کي جيڪڏھن ھوشمند نگاھن سان ڏسبو، تہ انھن جو پھريون گروھ، باوجود پنھنجي مخصوص شعبي يا شعبن ۾ مھارت حاصل ڪرڻ جي، ھميشه چاڪيءَ جي اٺ وانگر محدود دائري يا دائرن جي گھاڻي ۾ چوڌاري ڦرندي ڏسڻ ۾ ايندو. دراصل اِھو ٻئي گروھ جو ڪارنامو ھو، جو ان جي محققن ۽ عالمن، مٿي ذڪر ڪيل مختلف علمن جي مدد سان، مجموعي طور مذھب جي تاريخ، پيدائش جي ڪارڻن، بنيادي مقصدن، جوڙجڪي جزن ۽ ڪثرت مذاھب پويان وحدت جي ڳولا ڪري، ڪي ھمه گير اصول ھٿ ڪيا ۽ دنيا جي اڳيان پيش ڪيا.
آءُ مذھب جي تاريخ تي ڪا ٿيسز ( سنڌي مقالو Thesis ) ڪونہ لکي رھيو آھيان ، جو آءُ ان تي ھتي مفصل روشني وجهان. ھتي آءُ صرف مختصر طرح مذھبن جي پيدائش ۽ ارتقا جي تاريخ تي، پنھنجي علم ۽ سمجهه آھر، پھريائين ڪجھه احوال پيش ڪريان ٿو، ان لاءِ تہ جو ڪجھه مون کي اڳتي ڪرڻو آھي، اُن جو پس منظر صاف ٿي بيھي.
ھن زمين تي زندگيءَ جا آثار سائنسدانن کي، سندن مشاھدن مطابق ڪروڙين ورھين کان ڏسڻ ۾ آيا آھن. ان عرصي ۾ زندگيءَ، جسماني طرح، اڪيلن جيو گھرڙن، آموبيا، مڇين، سرندڙ جانورن،پکين، چوپاين جانورن مان ترقي ڪندي، آخر ۾ ماڻھو جي صورت ۾ نمودار ٿي، جنھنکي عالمن اشرف المخلوقات جي لقب سان ياد ڪيو آھي. ٻئي طرف زندگي ذھني ارتقا جا مختلف درجا – جماداتي، نباتاتي ۽ حيواني ڪيفيتن مان گذرندي – طي ڪندي، ماڻھوءَ جي صورت ۾ ترقي يافتہ نفس ۽ عقل سان نمودار ٿي.
سائنسدان، ماڻھوءَ جي اوائلي پيدائش جي کوجنا بعد، ھي چئي سگهيا آھن تہ زمين تي ماڻھو جي وجود ھنن ڪيترن لکين ورھين کان آثار ڏٺا آھن. اھا ڳالھہ بہ پايي ثبوت تي پھتل آھي تہ ابتدا ۾ ماڻھو جھنگلن ۽ جبلن ۾، ٻين جانورن وانگر، وحشياني زندگي گذاريندا ھئا، ۽ انھن کي شروع ۾ جانورن پالڻ، اناج پوکڻ، باھ مان ڪم وٺڻ،يا اوزان جو پتو ڪونہ پيل ھو. ھو اگھاڙا ڌڻن ۽ ولرن ۾ گھمندا ڦرندا ھئا. سندن گذران وڻن جي پنن، ڦلن، ميون، جھنگلي جانورن جي ڪچي گوشت، مڇي وغيرھ تي ھوندو ھو. جانورن وانگر، گرمي ۽ سرديءَ کان غارن يا وڻن جي گھاٽن جنگلن ۾ پاڻ بچائيندا ۽ کاڌي خوراڪ جي سانگي سان ڪڏھن ھتي ۽ ڪڏھن ھتي ھلندا چلندا رھندا ھئا. ھو ڪڏھن ڳالھائڻ سکيا، اوائلي ڳالھائڻ ڪھڙو ھون، ابتدائي رھڻ جا طريقا ڪھڙا ھئن، وغيرھ – انھن مسئلن تي جيئن پوءِ تيئن کوجنا ٿي رھي آھي. ممڪن آھي تہ ڪجھه وقت کان پوءِ ھنن ۽ ڪن ٻين ڳالھين تي پوري معلومات ميسر ٿي سگهي.
موجودہ عالمگير مذھب، جھڙوڪ (1) ھندو ڌرم، (2) ٻڌ ڌرم، (3) مسيحت ۽ (4) اسلام گذريل چئن ھزارين ورھين کان پوءِ جي پيدائش آھن ۽ انھن وسيلي انسانذات جي ابتدائي تاريخ، رسم و رواج، مذھبي عقيدن وغيرھ تي، سواءِ ڪن ڏندڪٿائي ڳالھين جي زيادھہ روشني نہ پئجي سگهي آھي. کانئن جيڪا تاريخي معلومات ميسر ٿي سگهي آھي، اھا گهڻي قدر سائنسي تجربي، جديد تاريخي معلومات ۽ فلسفي جي بنياد تي غلظ ثابت ٿيندي وڃي.
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته، لکھا ورھيه اڳي، ماڻھن کي زندگي ۾ ڪيترن ئي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ھو، جن مان مکيه مشڪلاتون ھيٺين قسمن جون ھيون؛
(1)سماوي آفتون: جن مان مکيه سردي، گرمي، طوفان، سخت بارشون، سيلاب، سوڪ، ڌرتين جو ڌٻڻ، جبلن جو ڦاٽڻ ۽ باھين جو لڳڻ وغيرھ وغيرھ.
(2) خطرناڪ جانورن ۽ غيبي طاقتن جا خوف: ھڪ طرف کين جھنگلي ۽ دريائي جانورن، جھڙوڪ شينھن، ھاٿين، گينڊن، رڇن، نانگن ۽ واڳن ۽ ٻين ازدھائن جو ڊپ رھندو ھئو، تہ ٻئي طرف کين نامعلوم غيبي طاقتن جو خوف ستائيندو ھيو، جن کي ھو جن، ڀوت ۽ شيطاني روح وغيرھ جي نالن سان سڌڻ لڳا.
(3) اتفاقي حادثا: جن ۾ وچڙندڙ بيماريون، ٻين طاقتور ماڻھن جا حملا، ڏڪارن ڪري گذر معاش جي تنگي، اتفاقي موت، عورتن ۽ کاڌي تان ھڪٻئي ۾ جھڳڙا فساد، وغيرھ شامل ھئا.
اھڙين اوچتين ۽ وس کان ٻاھر مشڪلاتن ۾ رھڻ سبب مٿن ھر وقت غير سلامتيءَ جو خوف ۽ ھراس ڇانيل رھيو، ۽ ٻين ڳالھين سان گڏ ھو انومانن، وسوسن ۽ وھمن جي اشڪنجن ۾ پڻ اڙجي ويا. بھرحال، سندن توجهه نيٺ انھن ڳالھين جي ڪارڻن ۽ بچاءَ طرف ڇڪيو، جنھنڪري ان معاملي ۾ ھنن ٻن طريقن سان سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ شروع ڪيو :
(1)جسماني بچاءَ ۽ حفاظت جو طريقو
(2) نفسياتي ۽ ذھني بچاءَ جو طريقو
پھرئين طريقي تي، لکين ورھين جي تجربي بعد، ھنن ڳالھين جي علم ۽ ايجاد مان فائدو ورتو:
پھريون تہ ھنن کير ڏيندڙ چوپاين جانورن کي کير ۽ گوشت لاءِ پالڻ شروع ڪيو، جنھنڪري ھر روز جي گذر معاش لاءِ شڪار واسطي وڃڻ جي تڪليف گهٽ ٿين.
ٻيو تہ ھنن ڪن ٻوٽن جو اناج گڏ ڪري رکڻ جي عادت سکي، جنھنڪري ڪن موسمن ۾ وڻن جي پنن، ڦلن ۽ ميوي ميسر نہ ٿي سگهڻجي حالت ۾ ھي اُن کاڌي لاءِ ضرورت وقت ڪم آڻڻ لڳا.
ٽيون تہ ھو ڪاٺ ۽ پٿر مان ڪي اوزار ۽ بچاءَ لاءِ ھٿيار ٺاھڻ سکيا، جن کي جانورن ۽ مڇين جي شڪار ۽ درندن کان بچاءَ لاءِ ڪتب آڻڻ لڳا.
چوٿون تہ ھو باھ کي ڪتب آڻڻ سکيا. باھ جي پيدا ڪرڻ جو علم تہ شايد گهڻو پوءِ حاصل ٿيو ھجين، ليڪن ٻيلن ۾ وڻن جي گسجڻ ڪري پيدا ٿيل ۽ پھاڙن جي ڦاٽڻ وغيرھ مان قدرتي طرح پيدا ٿيل باھ کي محفوظ ڪرڻ ڪري ھو ان کي گوشت ۽ اناج جي سيڪي رکڻ لاءِ، روشني لاءِ ۽ سردي کان بچڻ لاءِ ڪتب آڻڻ لڳا.
ھن قسم جي نئين معلومات سندن جسماني تڪليف کي گهٽ ڪرڻ ۾ کين گهڻي قدر مدد ڪئي. انھن ڳالھين جي واقفيت انساني معاشري ۾ انقلابي پيشقدميءَ جي شروعات ڪئي. ھي ڳالھيون سندن آئنده ايجادن جو پيش خيمو ۽ بنياد بنيون.
ٻئي طرف، نفسياتي ۽ ذھني بچاءَ جي طريقي تي لکن ورھين جي تجربي، معلومات ۽ غور فڪر بعد، ڪي ويساھ ۽ وھم ھنن کي مستقل طور دماغ ۾ ويھي ويا، جن مان مکيه ھيٺان ھئا:
(الف) دنيا جي ھر ھڪ ساھ واري يا مادي شيءِ ۾ روح، آتما يا جوھري نفس ھو، جو زندگيءَ وارين شين جي مئي کان پوءِ بہ جدا وجود رکندو آيو، ۽ اھڙي طرح وڻن، جبلن، عنصري ۽ فلڪياتي جسمن کي بہ روح سان منسوب ٿي ڪيائون جيتوڻيڪ اھي روح کين ظاھري طور ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿي آيا، ليڪن ڪن آثارن جي بنياد تي، جن کي ھو ڪنھن ٻئي طريقي سان سمجهي يا سمجهائي نٿي سگهيا، انھن روحن جي وجود جو کين يقين ويھي ويو ھو. سماوي آفتن، اتفاقي حادثن ۽ ھر نقصان لاءِ انھن روحن جي ڪاوڙ يا ناراضگيءَ کي جوابدار ٺھرايو ٿي، انھيءَ ڪري سج، چنڊ، تارن، ھوائن، بارشن، باھ، زمين، جبلن، دريائن، سمنڊن، وڻن، خوفناڪ جانورن ۽ ماڻھن جي روحن متعلق ڪي اميدون ۽ ڪي خوف سندن دلين تي ويھي ويا. ازانسواءِ ٻين بہ ڪن غيبي ھستين جھڙوڪ شيطانن، جنن، ڀوتن، پرين وغيرھ جي جدا وجود ۾ اھڙي ئي قسم جا ويساھ ويھي وين، جن کي طوفانن، بارشن، باھين، ڏڪارن، ڌرتيءَ جي زلزلن، بيمارين ۽ ٻين نقصانڪار ڳالھين لاءِ ڪارڻ تي ڄاتائون.
جيئن تہ ماڻھو اڃان وحشي حالت ۾ ھئا، رحم ۽ پيار جي صفتن سان، جي تھذيب سان وڌن ٿيون، اڃا پوري طرح مايوس نہ ٿيا ھئا، ان ڪري کين وھم ويٺل ھو تہ جملي روح، جن کي ھنن ديون ۽ ديوين، ڀوتن، جنن ۽ ٻين اڪيچار نالن سان سڏڻ شروع ڪيو ھو، سڀ خونخوار، ظالم، خطرناڪ ۽ رت جا پياسي ھئا، ۽ اُھي صرف خوشامد، (پوڄا)، کاڌي خوراڪ آڇڻ، ڪريا ڪرم، قرباني جي رٽ ڏيڻ، منترن، جادو ۽ ٽوڻن وغيرھ جي ذريعي سان راضي ڪري سگهبا، تنھنڪري ھر قبيلي جي ڄاڻو ماڻھن انھن غيبي طاقتن جي تسخير ۽ رضامندي حاصل ڪرڻ لا جدا حل ڳولي ڪڍيا. اھڙي طرح سان ختمن، شرڌائن، ڪريا ڪرمن، جادو جي منترن ۽ ٻين مختلف قسم جي پوڄاپاٺن جو بنياد پيو. سج، چنڊ ۽ تارن جي روحن کي جدا جدا نالا ڏيئي، انھن جي ھڪ پاسي پرستش شروع ٿي، تہ ٻي پاسي جبلن، سمنڊن، بادلن، وڻن، ھوائن ۽ باھ وغيرھ جي روحن کي الڳ الڳ نالن وارا ديوتائون ٺھرائي، انھن جي تسخير يا رضامندي لاءِ ڪوشش ڪئي ويئي. ساڳي ريت، مري ويل جانورن، عزيزن ۽ دشمنن جي روحن جي راضي ڪرڻ يا انھن جي نحوست کي ٽارڻ لاءِ ڪيئي طريقا ايجاد ڪيا ويا – ڪيتريون ئي قديم ڏندڪٿائون اھڙن عقيدن جو يادگار ۽ ثبوت آھن. نہ رڳو ايترو پر ماڻھن جي جدا جدا نفساني خواھشن جا نشان(Symbols) مقرر ڪري، انھن جي پوڄا شروع ڪئي ويئي. جھڙوڪ زنانہ ۽ مردانہ تناسلي عضوا ( لنگم Phalus) جنسي خواھش (Sex)جي ديوتا (ڪامديو)، حسن جي ديوتا، موت ۽ فنا ڪندڙ طاقت جي ديوتا وغيرھ جي پوڄا شروع ٿي.

(ب) سعد ۽ نحس (سڀاڳي ۽ نڀاڳي) جو وھم: سماوي آفتن،غيبي طاقتن ۽ اتفاقي حادثن جي خوف جي اثر ھيٺ، ماڻھن کي، سالھا سالن جي تجربن ۽ وھمن بعد، ڪن شين يا جانورن جي بنيادي طرح سڀاڳي يا نڀاڳي ھئڻ بنسبت وھم ۽ ويساھ ويھي ويا ھئا، جنھنڪري جدا جدا قبيلن وٽ ڪي مادي شيون، جانور ۽ غيبي طاقتون سڀاڳيون ۽ نڀاڳيون شمار ٿيڻ لڳيون ھيون. ان مطابق جدا جدا قبيلي ھر سڀاڳي شيءِ، جانور، ديوتا ۽ روح وغيرھ کي بختاور سمجهي، ان جي پوڄا ۽ احترام ڪيو، ۽ ھر نڀاڳي شيءِ، جانور روح وغيرھ کي بدسوڻ ۽ نقصان ده سمجهي، ان جي بدسوڻيءَ ۽ نقصان کان بچاءَ جا طريقا استعمال ڪيا. ھر ھڪ قبيلي جا اھڙي طرح ڪي سڀاڳا ۽ طرفدار جانور، ديوتائون ۽ روح شمار ٿيڻ لڳا، تہ ڪن جانورن، ديوتائن ۽ روحن کي وري نڀاڳو ۽ دشمن سمجهڻ ۾ آيو. علم الانسان جي ڪتابن ۾ اھڙن سڀاڳن جانورن لاءِ ٽوٽم(Totem) جو لفظ ۽ نڀاڳن لاءِ ٽئبو(Taboo) جو لفظ ڪم آندو ويو آھي. ڳئون ۽ باندر جي پاڪ ۽ سوئر جي پليت شمار ٿيڻ جا اصلي وجهه اُھي وھمي عقيدا ھئا. مطلب تہ سندن مخالف قبيلن، وري پنھنجا طرفدار، پاڪ ۽ فائدي بخش جانور، ديوتائون۽ روح جدا مقرر ڪري، انھن جي پوڄا شروع ڪئي. نتيجو اھو نڪتو تہ ھڪڙن جا طرفدار، پاڪ ۽ فائدي بخش جانور، ديوتائون ۽ روح بين وٽ دشمن، پليت ۽ نقصان ده شمار ٿيڻ لڳا.
انھن اثرن ھيٺ ڪي قبيلا ان حد تائين ويا، جو پاڻ تي پنھنجن طرفدارن جانورن جا نالا رکيائون، ۽ اڳتي ھلي، اھي جانور ڪن قومن جي قومي نشانن طور ڪتب اچڻ لڳا. دنيا جي ڪيترن حصن ۾ اڃا تائين ڪن ماڻھن ۽ قبيلن جا نالا، سندن طرفدار جانورن جا رکيل آھن يا رکيا وڃن ٿا. ماڻھن جا نالا جھڙوڪ: ھاگ (سوئر)، شير، اسد(شينھن) ، مور، ھاٿي وغيرھ اڃا تائين ھليا اچن. ساڳي ريت قبيلن جا نالا بنو اسد، ڪيھر، واگھا، گوالا وغيرھ رکيل آھن. قومن جا اھڙا پوتر قومي نشان انھن عقيدن جي بنياد تي اڃا تائين ھليا اچن. مثال رشيا جو رڇ، چين جو ازدھا، جرمنن ۽ آمريڪن جو ٻن منھن وارو عقاب، برطانيه جو ٻن منھن وارو شينھن وغيرھ. اسان وٽ ڳوٺن ۾ اڃا تائين ڪي ماڻھوءَ مسافري تي نڪرڻ وقت جدا جدا جانورن جي منھن پوڻ مان ڪي سوڻ وٺن ٿا. سھي کي نڀاڳو ۽ لومڙ کي سڀاڳو سمجهيو وڃي ٿو. تتر ۽ ڪانگن جي آواز مان بہ ڪي معنائون ڪڍيون وڃن ٿيون. ڪو زمانو ھو، جو واڳو، شينھن، ھاٿي، گينڊي، ڳئون، باندر ۽ نانگ وغيرھ جي پوڄا ٿيندي ھئي. اڃا بہ ڪن کي عزت ۽ نفرت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. ويندي تارن ۽ گرھن ۾ بہ ڪي نڀاڳا ۽ سڀاڳا سمجهڻ ۾ آيا. اھڙيءَ طرح راڪش ۽ ديوتا، اھرمن ۽ اھرمزد، شيطان ۽ ملائڪ جي نحوست ۽ برڪت يا نقصانڪار ۽ فائديمند ھئڻ جو بنياد پيو.
(ت) جبلتون يا سڀاويڪ ٻڌيون(Instincts) : جانورن وانگر ماڻھن ۾ بہ ڪي سڀاويڪ ٻڌيون يا جبلتون قدرت طرفان وديعت ٿيل ھيون، جن مان مکيه ھيٺيون ھيون:
(1)شين ھٿ ڪرڻ يا ميڙڻ جي جبلت(Instinct of acquuistion)
(2) نسل جي قائم رکڻ جي جبلت(Instinct of race-preservation)
(3) پاڻ بچائڻ جي جبلت(Instinct of self-preservation)
(4) ٽاھ يا نفرت جي جبلت(Instinct of Repulsion)
(5) خودنمائيءَ يا وڏائيءَ جي جبلت(Instinct of Elation or self-display)
(6) جھڳڙيءَ يا اڳرائيءَ جي جبلت(Instinct of Pugancity or self- assertion)

(1)شين ميڙڻ جي جبلت يا حصول جي تمنا: ھن جبلت جي اثر ھيٺ ماڻھوءَ کي کاڌي، معتبريءَ، عورت، اقتدار ۽ ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي اھڙا ڪم ڪرڻا پيا ٿي، جي سندس شخصي ۽ قبيلائي زندگيءَ جي باھمي معاملات ۾ ڪن مشڪلاتن جو ڪارڻ بنيا ٿي. انھن مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ، صدين جي تجربن بعد، ھر ھڪ قبيلي ۾، باھمي رضامنديءَ سان يا سمجهدار مھندارن جي مشورن سان، ڪي دستور ۽ رواج مقرر ڪيا ويا، جن کي ھو روايت موجب پوتر سمجهي، انھن جي پيروي ڪرڻ لڳا. اھڙي طرح سان، ٿيندي ٿيندي، سماجي قانونن جي تعمير ٿي.

(2) نسل قائم رکڻ جي جبلت يا جنسيت جي تمنا: ھن جبلت جي اثر ھيٺ، ماڻھو ابتدا ۾ جانورن وانگر، بنا ڪنھن تميز ۽ رڪاوٽ جي، سڌ پوري ڪرڻ جي طرف مائل ھئا. پر لکن ورھين جي تجربن بعد ، ھن معاشري جي پاڪ رکڻ، باھمي جھڳڙن کان بچڻ، جدا وڙن ۽ نسلن جي برقرار رکڻ، ۽ ڪن وھمي، عقلي ۽ تعصبي جذبن ھيٺ، ڪي دستور ۽ قانون قائم ڪيا، جن اڳتي ھلي قبيلن، قومن ۽ مذھبن جي اخلاقي ۽ سماجي قانون جي تعمير لاءِ مواد ميسر ڪيو. اھي دستور، جي اڄڪلھه بنا چون چرا جي مذھبن ۽ قبيلن جا قانون سمجهي قبول ڪيا وڃن ٿا، تن جي مختلف ملڪن، قبيلن، نسلن ۾ ڪھڙي طرح نشونما ٿي، سو عالمن ۽ محققن جي کوجنا جو مرغوب مشغلو ٿي، وسيع معلومات ميسر ڪرڻ جو ڪارڻ بنيو آھي. علم النفس، عمرانيات، جنسيات، علم نسل انساني انھي جبلت جي ڪارفرماين جي پيداور آھن.

(3) پاڻ بچائڻ جي جبلت: انسان جي پيدائش کان وٺي، ھن جي زندگي ۽ املاڪ سان خطرو ڳنڍيو اچي. غالب ان جي پوري ترجماني ڪئي آھي، جڏھن چيو اٿس
قيد حيات بند غم، اصل مين دونون ايک ھين،
موت سي پھلي آدمي، غم سي نجات پائي ڪيون.
اھو جان جي خطري جو خوف ھو، جنھن انسان کي وھم پرست بنايو، ۽ جنن، ڀوتن ۽ ديون ۾ سندس ويساھ ويھاريو، ۽ کانئس سج، چنڊ، تارن، جبلن، سمنڊن، دريائن، بادلن، ڦاڙيندڙ جانورن، نانگن، واڳن وغيرھ جي پوڄا ڪرائي، ۽ کيس غيبي طاقتن جي رضامنديءَ لاءِ انھن کي طعامن جي ڀيٽا جا ۽ قربانيءَ، جادوءَ ۽ منترن اچارڻ جا رستا سيکاريا. ليڪن اڃا تائين کيس جان ۽ مال جي خوف کان آزادي نصيب نہ ٿي آھي. روزا رکيائين، نمازون پڙھيائين، خير خيرات ڪيائين، ذڪر فڪر ڪيائين، پر تسڪين قلب ڪا مشڪل حاصل ٿي سگهي اٿس. ھڪ قبيلي جي ٻئي سان دشمني ۽ ھڪ قوم جو ٻئي کان خوف، شروع کان وٺي دنيا ھڪ قبيلي جي ٻئي سان دشمني ۽ ھڪ قوم جو ٻيءَ کان خوف، شروع کان وٺي دنيا ۾ ننڍي کان ننڍن ھٿيارن کان وٺي، ويندي وڏي کان وڏن ھٿيارن، مثلا: ائٽم ۽ ھئڊروجن بم تيار ڪرڻ ۽ زھري گئس ٺاھڻ جو ڪارڻ بڻيا آھن. اقوام متحده ۽ قومن جا باھمي تعاون جا معاھدا ان کي ختم نہ ڪرائي سگهيا. ھر دوا کان پوءِ مرض گهٽجڻ بدران وڌندو رھيو آھي.

(4) ٽاھ يا نفرت جي جبلت: اھا انساني فطرت آھي تہ جڏھن چؤطرف حالتون ناسازگار ڏسڻ ۾ اچنس ٿيون، ۽ چوڌاري خوف ۽ خطرن ۾ پاڻ کي گھيريل ڏسي ٿو، ۽ مصيبتن ۽ مشڪلاتن جا انبار اچيو مٿانس ڪڙڪن، تہ ھر اھڙي شيءِ کان ھو ٽھي ٿو، ۽ ان کي ڌڪار ۽ نفرت جي نگاھ سان ڏسي ٿو، جا ھن لاءِ تڪليف، ايذاءَ يا نقصان جو باعث بنجي ٿي. شخصن جي ھڪٻئي سان نفرت، قبيلن جي نفرت، قومن جي نفرت : سڀ مٿي ذڪر ڪيل ايذاءَ ۽ نقصان جي امڪانن منجھان پيدا ٿيل اثرن جي پيداور آھن. پيغمبرن، درويشن، سنتن، ساڌن، راھبن ۽ زاھدان ان جي دور ڪرڻ لاءِ محبت، پريم ، عشق جا نسخا ايجاد ڪري، ان جي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ليڪن ان جو تمام ٿورن ماڻھن تي اثر ٿئي ٿو. انساني اتحاد لاءِ ھر سعيو جھڙوڪ: جماعت بندي، مذھبن جو قيام، نظرين جو ايجاد ٿيڻ، ست سنگت جون مجلسون، سڀ انھيءَ ويڇي جي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ھيون، پر ان ۾ گهٽتائي تمام ٿوري ۽ تمام ڍري ٿيندي نظر ۾ اچي ٿي.

(5) خودنمائيءَ ۽ وڏائي جي جبلت: چوڻي آھي تہ ”قدرت نہ ڪنھن کي حسن کان سڪايو آھي، نہ عقل کان.” ڪو بہ پاڻ کي پاءُ سڏڻ لاءِ تيار نہ آھي. سڀڪو پاڻ کي سير پيو سمجهي، اھا فطري خواھش آھي. اُن ماڻھوءَ ۾ ھٺ، تڪبر، ڏاڍائي ۽ اقتدار جي خواھش پيدا ڪئي آھي. جنھن ڪري انسانذات جي اتحاد ، امن ۽ ترقيءَ جي پيدا ٿيڻ ۾ رنڊڪون پونديون رھنديون آھن. ان جي نقصانڪار نتيجن کي گهٽائڻ لاءِ مذھبن کي دخل ڏيڻو پيو، ۽ رھبانيت، فقيري، ساڌو پڻو وغيرھ ان جا علاج ڏسيا ويا.

(6) جھڳڙي ۽ اڳرائيءَ جي جبلت: ماڻھو گوشت خور ۽ سبزي خور جانور آھي. ٻيا اڪثر جانور يا سبزي خور ٿين ٿا يا گوشت خور. ان ڪري ماڻھوءَ ۾ گوشت خور ۽ سبزي خور، ٻنھي جانورن جون صفتون سمايل آھن. ولرن ۽ ڌڻن ۾ رھڻ جي عادت سبزي خوري ڪري پيدا ٿي اٿس، ۽ ٿوري ڳالھہ تي اشتعال ۾ اچي تشدد جو استعمال ڪرڻ، منجھنس گوشت خوري جو ورثو آھي. ان خواھش جي ڪري ھو جھڳڙا ۽ اڳرايون ڪري ٿو، ۽ ان کي ڏاڍ جواني ۽ ھمت جي نالن سان سڏي ٿو. ڏاڍن جو ھيڻن کي ستائڻ، جنگجو يا طاقتور قبيلن جو ھيڻن تي تسلط قائم ڪرڻ، سرمائيداري ۽ سامراج انھيءَ خواھش جي پيداور آھن. ڪن مذھبن ان کي نقصان زده سمجهي، سبزيءَ خوري ۽ اھنسا جي تعليم ڏني. ڪن ان کي فطري حقيقت سمجهي، ان مان فائدو حاصل ڪرڻ گھريو. اڃا تائين ماڻھو ان خواھش مان پيدا ٿيل خرابين مان جان ڇڏائي نہ سگهيا آھن.
انسان جي ذھني ارتقا ۽ مذھبن جي انھيءَ مختصر تاريخ جي احوال معلوم ڪرڻ بعد باخبر ۽ اھل نظر صاحبن کي پتو پئجي سگهندو تہ مذھبن جي ابتدائي عقيدن، رسم رواجن ۽ ڪريا ڪرمن جي شروعات ڪھڙن سببن ڪري ٿي، ۽ آھستي آھستي ٿي، موجودہ منظم مذھبن جي درجي تي ڪھڙي طرح پھتا. جيڪڏھن ذڪر ڪيل احوال جو مزيد اختصار ڪري پيش ڪبو، تہ ھيٺان نتيجا مرتب ٿي سگهندا:
(1)موجودہ مذھبي عقيدن جي شروعات انسان جي وحشاني دور جي خوف ۽ خطري جي حالات ۾ پيدا ٿيل وھمن سان ٿي.
(2) انھن خطرن جي ٽارڻ لاءِ جي طريقا ايجاد ڪيا ويا، تن ابتدا ۾ جادوءَ جي شڪل اختيار ڪئي، جنھن مطابق انھن موھوم غيبي طاقتن جي تسخير ۽ رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ علاج سوچيا ويا.
(3) موجودہ عالمگير يا ثانوي مذھبن، جھڙوڪ عالمگير مذھب ھندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، عيسائيت ۽ اسلام، ۽ ثانوي مذھب جين ڌرم، زردشتي دين، يھودي مذھب، چين جي تائوزم ۽ ڪنفيوشش جي مت، جپان جي شنتوئرم ۽ ٻين سڀني مذھبن مٿي ذڪر ڪيل اوائلي دور جي پيدا ٿيل عقيدن، رسم رواج ۽ ڪريا ڪرمن جي مواد مان گهڻو ڪجھه قبوليو آھي.

(4) مادي، فلڪياتي ۽ ساھ وارين شين جي روحن جو اعتقاد، طاقتور غيبي طاقتن جي تسخير يا رضامندي لاءِ قرباني ڪرڻ، کين کاڌي جون شيون آڇڻ، ڪن لفظن جي اُچارڻ ۾ تاثير ھئڻ جو ويساھ، ڌوپ ساڙڻ، ڌاڳا ۽ تعويذ ڪرڻ، پاڪ ۽ پليت يا سڀاڳين ۽ نڀاڳين طاقتن جا عقيدا سڀ قديم ۽ وحشاني دور جا ورثا آھن.

(5) جديد منظم مذھب سڀ گذريل پنجن ھزارن ورھين کان پوءِ جي ايجاد آھي.
(6) موجودہ سماجي قانونن جي کوجنا بعد پتو پوندو تہ انھن لاءِ گهڻو مواد بہ قديم وقت جي قبائلي دستورن مان ملي سگهندو.

(7) موجودہ مذھبن جي اخلاقي قانون جي کوجنا ڪبي، تہ ان ۾ بہ ڪي جزا قديم قبائلي دستورن جا ملي سگهندا.

(8) مذھب، ڪثرت پرستي (خدائن جي ڪثرت) جي عقيدي سان شروع ٿيا، ۽ پوءِ ٽمورتيءَ، دوئيءَ ۽ توحيد تي پھتا.

(9) اوائلي مذھبن جو خدائن بابت تخيل ھو تہ خوفناڪ ھئا. مھربان خدائن يا مھربان خدا جو تخيل بعد جو آھي.

(10) جديد عقلي ۽ قياسي عملن ۽ سائنس جي فروغ بعد سڀني مذھبن جي عقيدن، شريعتي قانونن، عبادتن وغيرھ جي نظام جي افاديت گهٽجي وئي آھي.

(11) دنيا جي ارتقائي قانون(Law of Evaluation) موجب (جنھن کي قرآن دين فطرت سڏيو آھي)، ھي سڀ مذھب ھڪٻئي پٺيان يا ھڪٻئي سان گڏوگڏ ترقي ڪندا ۽ بدلبا پئي آيا آھن.

(12) جديد منظم مذھبن جي بانين ۽ ان جي شارحن پڻ اڳوڻن عقيدن، دستورن، ڪريا ڪرمن (عبادتن)، وھمن، رسمن ۽ رواجن، روايتي ڳالھين ۽ ماڻھن جي توھمات ۽ جذبات کي مدنظر رکي، ھر زماني جي بدليل حالتن، وقتي تقاضائن، بدليل معاشري جي ضرورتن ۽ مڪاني دستورن مطابق، تجربي ۽ غور و فڪر بعد، انھن ۾ تبديلي پئي آندي آھي، ۽ نيون ڳالھيون داخل پئي ڪيون آھن.

(13 ) فوق العلم ۽ الھامي معلومات جي دعوى جو ھڪ ڪارڻ ماڻھن تي سردست پيغام جي اھميت جو اظھار ھو.

جھڙي طرح ڪٽنب گڏجي، قبيلا بنجي، پوءِ قومن جي صورت اختيار ڪن ٿا، يا جيئن مڪاني ايراضيون ملي، ضلعا ٺھي، صوبا بنجي، ملڪن جي شڪل وٺن ٿا، اھڙي طرح سان مختلف قبيلن جي قديم عقيدن، روايتي دستورن، ڏند ڪٿائن، ڪريا ڪرمن (عبادتن)، رسمن ۽ رواجن گڏجي، ڪجھه نون اضافن سان، عالمگير مذھبن ٺاھڻ ۾ مدد ڪئي. مذھبن جي بنيادي پيدائش جا محرڪ جذبا خوف ۽ اميد آھن، جن مان رنج ۽ خوشي، غلط ۽ صحيح، عارضي ۽ دائمي عقيدن جا مسئلا پيدا ٿيا. پر جھڙي طرح خود علم ۽ سائنس تي جدا جدا حڪيمن، عالمن ۽ سائنسدانن، ھڪ حد تائين، جدا جدا نظريا ۽ رايا ظاھر ڪيا آھن، اھڙي طرح ڪائنات جي پيدائش، روحن جي وجود، حيات بعدالممات، ڪرمن جي جزا ۽ سزا، خوشي ۽ رنج ( بھشت ۽ دوزخ)، زندگي جي مقصدن ۽ مردان تي بہ ھر ھڪ پيغمبر، حڪيم، رشي، فيلسوف پنھنجو نقطہ نگاھ پيش ڪيو آھي. ساڳي طرح اخلاقي اصولن ۽ معاشري جي سماجي ڳالھين سان وابستہ معاملن کي بہ جدا جدا مذھب جي بانين حالتن جي تقاضائن مطابق پئي بدلايو آھي. جيئن تہ اڳتي ھلي اھي مذھب سندن شارحن ۽ پوئلڳن جي ڪوششن سان جدا نظام بنجي پيا، تنھنڪري مذھب جي بانين کي مجسمه اخلاق ۽ معصوم ڄاڻي، انھن جي انڌي تقليد ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي. ان جو نتيجو اھو نڪتو تہ ھر ھڪ نبيءَ طرفان پيش ڪيل مذھبي تعليم کي بنا چون چرا جي مڃڻ جو رواج عام ٿي ويو، ۽ ڪيترن معاملن ۾ انھن مسئلن تي عقل جي دخل اندازيءَ کي ناجائز ٺھرايو ويو.
ڪجھه زماني گذرڻ بعد مذھبي جماعتن پڻ، قبيلن، قومن ۽ ملڪي حڪومتن جي نظامن وانگر، مستقل مفاد بنجي پيا، ۽ جيئن طاقتور قومون ڪمزور قومن مٿان قابض ٿي سامراج بنجن ٿيون، تيئن طاقتور مذھبي جماعتون بہ ننڍين مذھبي جماعتن کي پاڻ ۾ ضم ڪري، نظرياتي ۽ سماجي سامراج بنجيو پون. تفاوت انھن جي وچ ۾ اھو آھي تہ ملڪي سامراج قومي تعداد، جنگي قوت، پيسي ۽ ملڪي نظام جي لياقتن جي آڌار تي ننڍين ملڪي حڪومتن تي مختلف بھانن سان قابض ٿين ٿا، تہ مذھبي جماعتون وري تبليغ (پروپيگنڊا)، جھاد ۽ بدليل حالتن مطابق جديد خيالن جو اضافو ڪري، طاقتور ۽ عالمگير بنجيو پون.
ھر ھڪ اھڙي عالمگير مذھب جي پوئلڳن ۽ شارحن جي دعوى اھا رھي آھي تہ انسانذات جي جملي مسئلن جو حل، مشڪلاتن کا نجات ۽ آخرت جو ڇوٽڪارو صرف سندن مذھبن وسيلي حاصل ٿيڻ وارو آھي. حق ۽ صداقت جي ھڪ ھٽي(Monopoly) وٽن محفوظ آھي. ٻين مذھبن وارن گمراھ، دشٽ، ڪافر، ائنٽي ڪرائيسٽ ھئڻ ڪري، جھنم ۾ وڃڻ وارا ھئا. نجات يا بھشت جي ٺيڪيداري صرف سندن مخصوص مذھبن جي پيروئن کي ھئي. ليڪن سندن اھي دعوائون مبالغه آميز ۽ غلط ھيون. اھڙن خيالن ڪري مذھب دنيا ۾ اتحاد، امن ۽ ترقي آڻڻ جي عيوض نفاق، فساد ۽ باھمي اختلافن پيدا ڪرڻ جا ڪارڻ بنيا آھن.

فصل ٻيو: مذھب جي پيدائش جا ڪارڻ ۽ ان جي جوڙجڪ جا جائزا

مذھب جي تاريخ جي سلسلي ۾ مختصر طور ٻڌايو اٿم تہ ماڻھن جي وحشيانہ دور ۾ منجھن مختلف شين بابت ڪي ڊپ ۽ وھم ويھي ويا ھئا، جن جي بنياد تي ھنن ڪي عقيدا، دستور، رسم رواج ۽ ڪريا ڪرم قائم ڪيا، جن تي اڳتي ھلي جادوءَ ۽ مذھب جي تعمير ٿي.
انھن ابتدائي عقيدن ھيٺن قسمن جي صورت اختيار ڪئي – جن جي مختصر تشريح اڳتي پيش ڪئي ويندي.
(1)سماجي وجودن، عنصرن، مادي شين، جانورن، ماڻھن ۽ انھن جي چند خواھشن ۾ روح، آتما يا جوھري نفس ھئڻ جي عقيدي جو اُسرڻ.
(2) ڪن شين ۽ جانورن جي سڀاڳي ۽ نڀاڳي يا پاڪ ۽ پليت ھئڻ جي عقيدي جو بنياد پوڻ.
(3) سڀاويڪ ٻڌين يا جبلتن جي تقاضا موجب پيدا ٿيل خواھشن تي ضابطي رکڻ لاءِ ڪن اخلاقي قانونن، دستورن ۽ عقيدن جو رائج ٿيڻ.

(1)روحن بنسبت عقيدو: جئين مٿي ظاھر ڪري آيو آھيان، ماڻھن کي لکن ورھين جي تجربي، وھم ۽ خيال بعد اھو عقيدو ويھي ويو تہ سج، چنڊ، سيارن، نکٽن، آسمان، بادلن، وڄ، سمنڊن، دريائن، تلاون، جبلن، وڻن، جانورن، ماڻھن ۽ انھن جي پنھنجي ڪن خواھشن جھڙوڪ: نفساني خواھش، نشي جي حالت وغيرھ ۽ سندن ڪن صفتن جھڙوڪ: طاقت، حسن، وغيرھ کي روح ھئا. انھن مان گهڻن کي مختلف ملڪن ۽ قومن ۾ جدا جدا نالن سان منسوب ڪيو ويو. ماڻھن کي اھو وھم يا خيال ويھي ويل ھو تہ ھر ڪا شيءِ ھڪ لڪل طاقت جي سھاري ھلي رھي ھئي، جنھن کي ھو ان جو روح يا آتما سڏڻ لڳا. انھيءَ ساري مسئلي تي مختلف قومن جي مٿالاجي (علم الاصنام يا ديو مالا) ڀري پئي آھي ، جنھن مان انھن جي ابتدائي وھمن ۽ عقيدن جو پتو پوي ٿو. ديوين ۽ ديوتائن، پرين، ملائڪن، جنن ۽ ديون، شيطانن ۽ اھڙن ٻين منحوس ۽ مسعود روحن جا قصا ۽ ڪھاڻيون انھي تخيل جي پيداور آھن.

(2) انھن طاقتن جي تسخير يا راضپو: انھن طاقتن جي وھم ۽ خيال ابتدائي دور جي ماڻھن کي خوفزده ۽ مرعوب بنائي ڇڏيو ھو، ھنن ٻہ طريقا اختيار ڪيا ھئا: (الف) جادوءَ جو، ۽ (ب) مذھب جو؛ جن ٻنھي طريقن جا مقصد ماڻھن کي انھن نحس ۽ سعد طاقتن جي نقصان ۽ خطري کان بچائڻ ۽ انھن کي پنھنجي فائدي لاءِ ڪم آڻڻ ھئا – جيتوڻيڪ استعمال جا ڍنگ ٻنھي طريقن جا ڪيترين ڳالھين ۾ جدا جدا ھئا.
جادوءَ انھن طاقتن کي تسخير ڪرڻ، رضامند بنائڻ ۽ سندن نحوست يا بدبختيءَ جي ٽارڻ لاءِ ڪي رواج ۽ ٽوڻا ايجاد ڪيا، جھڙوڪ: ماڻھو يا جانور ڪھي (قرباني ڪري)، ان جو رت مکيه جاين تي ھارڻ، گوشت کي چئن يا ڪن خاص طرفن تي رکڻ، ان جي ھڏن گوشت ۽ وارن وغيرھ کي ساڙي ھيڏانھن ھوڏانھن دونھون ڏيڻ، وغيرھ؛ ڪن لفظن جي ڪيترا دفعا اچارڻ ۾ تاثير ڄاڻي، انھن کي ڪن جاين تي ليڪاڪڍي پڙھڻ سان چنڊ، سيارن، جنن، ديون، شيطانن کي قبضي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ؛ بيماري جي حالت ۾ جنن کي ڪڍڻ لاءِ (ڇاڪاڻ تہ بيماريءَ جو مکيه ڪارڻ انھن جي ناراضگي يا دشمني سمجهبي ھئي) بيمار کي مارون ڏيڻ، داغ ھڻڻ يا ڌاڳا وٽي، انھن تي منتر پڙھي، شوڪاري، ڳنڍون ڏيئي، ٻڌڻ؛کاڌي جون شيون جھڙوڪ ميوا، ڪچو گوشت، گل، پن وغيره، روحن کي پھچائڻ لاءِ ڪن خاص جاين تي رکڻ، ۽ ٻيا اھڙا سوين جادو جنتر منتر ايجاد ٿيا ۽ ڪم ۾ آيا، جن جو احوال جادوءَ جي ڪتابن يا عالمن طرفان ڪيل کوجنائن مان پئجي سگهي ٿو. خاص ڪري سرجان فريزر جي ڪتاب “گولڊن بو” ۾ ان مسئلي تي عمدي کوجنا ڪيل آھي.
اوائلي مذھبي عقيدن، دستورن ۽ رسمن، ۽ جادوءَ جي مٿي بيان ڪيل طريقن ۾ تمام ٿورو تفاوت ھو، سواءِ ھن ڳالھہ جي، تہ جادوءَ وارن وانگر غيبي طاقتن کي مطيع بڻائڻ، ڊيڄارڻ يا رشوت ۽ اٽڪل بازي سان ريھي ريبي ٽارڻ جي عيوض، مذھب جا طريقا انھن کي ميڙمنٿ ڪري ۽ انھن جي چاپلوسي ۽ خدمت چاڪري ڪري انھن کي رضامند ڪرڻ جي حق ۾ ھئا. مذھب جي طريقن انسان ۾ گهڻي قدر بي وسيءَ ۽ ڪمزوري جي جذبن کي فروغ ٿي ڏنو، ۽ جادوءَ انسان ۾ گهڻي قدر پنھنجي ھمت، طاقت ۽ لياقت تي ڀروسي پيدا ڪرڻ جو ڪم ٿي ڏنو. بھرحال اوائلي عقيدن جو بنياد جنھن صورت ۾ ڊپ جي آڌار تي ھو، تنھنڪري جادو ۽ مذھب جي رسمن ۽ دستورن ۾ ڪو گهڻو تفاوت نہ ھو. قربانيءَ جو دستور ٻنھي وٽ ھو. ڪن لفظن جي تاثير ۾ ۾ ٻنھي جو اعتقاد ھو. روحن يا غيبي طاقتن کي کاڌي آڇڻ جو رواج ٻنھي وٽ جاري ھو. ڌاڳن، منترن ۽ وظيفن ۾ پڻ ٻنھي کي ويساھ ھو. ٻنھي مان ڪھڙو طريقو پھريائين پيدا ٿيو ۽ عمل ۾ آيو، ان بابت اختلاف راءِ آھي. پر ڪيترن ماھرن جو رايو آھي تہ مذھب کان جادوءَ قديم آھي. انھن جي ابتدائي ڪارڻن ۽ سدباب لاءِ طريقن جو مفصل ذڪر اسان جي ڪتاب جي دائري کان ٻاھر آھي. انھيءَ بابت سائنسدانن ۽ عالمن طرفان ڪافي کوجنا ٿي رھي آھي. عمرانيات، فوڪ لور، فوڪ ڪسٽمس، ۽ ديومالا جي علمن ان مسئلي تي ڪافي معلومات ميسر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آھي.

(3) سڀاڳين ۽ نڀاڳين شين جو عقيدو: مذھبن جي تاريخ ۾ ذڪر ٿي آيو آھي تہ ھزارن ورھين جي تجربن بعد، ڪيئن ماڻھن جي جدا جدا قبيلن ۾ مختلف شين، جانورن وغيره جي سڀاڳي ۽ نڀاڳي ھئڻ بابت وھم ويٺا ھئا. ان مان، غور ڪرڻ بعد، پتو پئجي سگهندو تہ ترقي يافتہ مذھبي عقيدن جي شروعات اتان ٿئي ٿي. پھريائين سڀ شيون، جانور ۽ روح خوفناڪ ۽ نقصانڪار شمار ٿيندا ھئا. ٿورو ئي پوءِ، ڪي شيون، جانور ۽ روح سڀاڳا شمار ٿيڻ ۾ آيا، جنھن مان خوف سان گڏ اميد جو بہ مذھب جي محرڪ جذبي ۾ اضافو ٿيو. ھنن ڪثير طاقتور ھستين جي ھنن ٻن گروھن ۾ ورھاست، اڳتي ھلي، دوئيءَ جي ترقي يافتہ خيال جو بنياد وڌو، جنھن جي آڌار تي پاڪ ۽ پليت، غلط ۽ صحيح، فائديمند ۽ نقصانڪار، خوشي پھچائيندڙ ۽ رنج ڏيندڙ قوتن جي تخيل جي شروعات ٿي، ۽ جادوءَ کان مذھب جي علحده شمار ٿيڻ جو بنياد پيو.

(4) ڇڙواڳ فطري خواھشن تي ضابطي جا دستور: مٿي ٻڌائي آيو آھيان تہ جانورن وانگر ماڻھن ۾ بہ ڪي سڀاويڪ ٻڌيون يا جبلتون قدرت طرفان وديعت ٿيل ھيون، جن جي ذريعي ھو زندگيءَ جي وسيلن جي حصول، نسل جي قائم رکڻ، پاڻ بچائڻ، نقصانڪار شين کان درو رھڻ، زيب زينت ۽ اقتدار جي حصول لاءِ ڪوشش ڪري سگهيا ٿي. راوجي طرح اھي خواھشون، فطري ھئڻ ڪري، انفرداي دائري ۾، بي ضرر ھيون، پر ماڻھن جنھن صورت ۾ وڳرن ۾ رھڻ واري قسم جي حيوانن (Gregarious animals)مان ھو، تنھنڪري جڏھين ھن انھن خواھشن جي پورائي جماعتي زندگي جي بنيادي مفادن يعني اتحاد، امن ۽ ترقي جي خلاف ڪرڻ گھري ٿي، تہ سندس اھي خواھشون باھمي نفاق، بدامنيءَ، ۽ نتيجتن گڏيل تباھيءَ جو ڪارڻ بڻيون ٿي. ان ڪري، ھزارن ورھين جي تجربن بعد، مختلف قبيلن انھن مسئلن جي حل لاءِ ڪي دستور ۽ رواج قائم ڪيا، جن اڳتي ھلي، جماعتي زندگيءَ جي نظام ۽ امن ۽ آسودگيءَ لاءِ، قومن ۽ مذھبن طرفان پيش ٿيندڙ قانونن ۽ ضابطن واسطي بنيادي مواد ميسر ڪيو.
مذھب جي پيدائش جي ڪارڻن جي ايتري مختصر ذڪر ڪرڻ بعد، ھاڻ آءُ مذھبن جي ترڪيبي اجزاءُ (جوڙجڪ جي جزن) تي روشني وجهڻ جي، پنھنجي سمجهه آھر ڪوشش ڪندس.
جيتري قدر مون غور ڪيو آھي تہ مذھبن جي تعليم ۽ عمل جا ھيٺيان مکيه صيغا يا جزا معلوم ٿيا اٿم:
(1)ڪائنات جي پيدائش ۽ روحن وغيرھ جي بابت عقيدا يا معلومات، جنھن کي الاھيات جو صيغو سڏي سگهجي ٿو.
(2) اخلاق، نفس ۽ علم سان واسطو رکندڙ اصولن جو صيغو، جنھن کي طريقت جي نالي سان شمار ڪري سگهجي ٿو.
(3) مذھبي رسومات، ڪرياڪرم ۽ عبادات جو صيغو.
(4) سماجي دستورن ۽ قانونن جو صيغو، جو عام طور شريعت يا فقھ جي نالي سان مشھور آھي.
جيئن تہ ھي احوال مذھب جي بنيادي شعبن تي روشني وجهن جي مراد سان لکيو وڃي ٿو، تنھنڪري ان تي ذرا وڌڪ تفصيل سان بحث ڪندس، جيئن پڙھندڙن اڳيان ان ساري مسئلي جو پس منظر پيش ٿي سگهي.

(1)لاھيات جو صيغو:
مذھب جي ھن صيغي جي وسيلي ھيٺين ڳالھين تي روشني پوي ٿي؛
(الف) ڪائنات جي پيدائش ۽ ان جي مختلف حصن جي معلومات.
(ب) روحن جي وجود، ابتدائي پيدائش، تسلسل ۽ انتھا جو علم.
(ج) خلقت جي رٿا ۽ مقصدن جي تحقيق.
(د) جسم ۽ روح جو باھمي رابطو ۽ ان جو نتيجو.
(ھ) غيبي طاقتن جو کوجنا ۽ ان جو علم.

(الف) ڪائنات جي پيدائش ۽ ان جي مختلف حصن جي معلومات: ھن کي ھيٺين ٽن ڀاڱن ۾ ورھائي، انھن تي مختصر روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس.
(1)فلڪيات جي پيدائش ۽ نظام جو علم.
(2) ساھ وارين شين جي پيدائش ۽ ارتقا جو علم، ۽
(3) ماڻھن جي پيدائش ۽ ارتقا جو علم.
(1)فلڪيات جي پيدائش ۽ نظام جو علم: جيتري قدر منھنجي ناقص علم مان مونکي معلوم ٿي سگهيو آھي، دنيا جي موجودہ عالمگير يا ثانوي مذھبن جي بانين ھن علم طرف ڪو خاص توجهه نہ ڏنو آھي. سندن ڪتابن ۾ ان وقت جي ھيئتدانن جي کوجنا ڪيل معلومات جي بنا تي ڪي ناقص حوالا ڏنل آھن. ھندستان، وچ مشرق، يونان، مصر ۽ چين جي قديم ھيئتدانن ان مسئلي تي، سندن وسائل آھر، ڪجھه روشني برابر وڌي آھي؛ ليڪن جديد سائنسي ايجادن سبب ان مسئلي تي جا معلومات ميسر ٿي سگهي آھي، ان اڳوڻي معلومات مان ڪيترين ڳالھين کي غلط ثابت ڪيو آھي. ۽ ڪن ۾ اضافو ڪيو آھي. اھا دعوى تہ مذھب جي بانين يا انھن جي ڪتابن مان ان مسئلي متعلق ڪجھه بہ صحيح پتو پئجي سگهندو، سواءِ جھالت ۽ ضد جي ٻيو ڪجھه بہ نہ آھي، ڇا قرآن شريف ۾ ڏنل ھڪٻئي مٿان ڇتين وانگر آسمانن جي ذڪر کي ھن وقت ڪا اھميت ڏيئي سگهبي؟ تنھنڪري اھو علم سائنسي تجربي جي بنا تي مذھبن جي دائري کان خارج ٿي، سائنس جي حوالي ٿي چڪو آھي.

(2) ساھ وارين شين جي پيدائش ۽ ارتقا جو علم: ھن مسئلي تہ بہ جملي مذھبن جي بانين ۽ مذھبي ڪتابن مان ڪي مفصل روشني پئجي نٿي سگهي. ان مسئلي تہ بہ علم الارضيات، علم الحيات، علم الانسان ۽ ٻين ڪيترن علمن، جا اڄڪلھه روشني وڌي آھي. ان جي آڌار تي صاف ظاھر ٿي چڪو آھي تہ ھن مسئلي تي مذھب وسيلي ڪنھن بہ روشني پوڻ جو خيال ئي خام آھي.

(3) ماڻھن جي پيدائش ۽ ارتقا جو علم: ماڻھن جي پيدائش بنسبت مذھبن طرفان ٻہ مکيه نظريا پيش ٿيا آھن ؛ (1) مغربي مذھبن جو نظريو ۽ (2) مشرقي مذھبن جو نظريو.
مغرب جي جديد مکيه مذھبن ۾ زيانزم (يھوديت)، ڪرسچئنٽي (عيسائيت) ۽ اسلام شمار ڪيا وڃن ٿا. انھن ٽنھي مذھبن مطابق خدا سائينءَ ڪائنات ستن ڏينھن ۾ پيدا ڪري، مٽيءَ مان آدم جو بوتو پنھنجي صورت تي ٺاھي، ان ۾ ساھ وڌو. جملي انسانذات ان جي اولاد مان پيدا ٿي. ان کي گذرئي 7500 ورھيه ٿيا آھن. ان کان اڳ ماڻھو ڪونہ ھئا. ھي نظريو جديد سائنسي معلومات جي بنا تي غلط ۽ فضول ثابت ٿي چڪو آھي. ماڻھوءَ جي پيدائش جا دنيا ۾ لکين ورھين کان آثار ثابت ٿي چڪا آھن. ھن وقت سواءِ ڪٽر ۽ جاھل ماڻھو جي ٻيو ڪوبه ان نظريي جي صداقت ۾ اعتبار ڪونہ ٿو رکي.
مشرقي مذھبن ۾ مکيه مذھب ھندو ڌرم، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم ھئا، جن ان مسئلي تي ڪجھه روشني وڌي آھي. انھن جي چوڻ مطابق ماڻھو ھن زمين تي ڪروڙھا ورھين کان رھندو آيو آھي. جا ڳالھہ موجودہ سائنسي معلومات سان ٺھڪي اچي ٿي. پر انھن بہ ماڻھن جي بنيادي پيدائش ۽ ارتقا تي، سواءِ ڏند ڪٿائن ۽ ڌڪن جي ڪا خاطر خواه معلومات پيش نہ ڪئي آھي.
جديد سائنسي معلومات ان معاملي ۾ جملي مذھبن کان وڌيڪ، مستند ۽ تجرباتي حقيقتن جي بنياد تي، ڪي نظريا پيش ڪيا آھن، جي جيتوڻيڪ آخري ۽ مڪمل شمار ڪري نہ سگهجن، تہ بہ مذھبن جي پيش ڪيل نظرين کان بھتر آھن. تنھنڪري ان علم کي مذھبن جي دائري کان خارج ڪري، جديد سائنس جي حوالي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ئي ڪونہ آھي. ان سلسلي ۾ علم الارضيات، علم الاثار، علم الحيات ۽ علم نسل انسانيءَ منجھان مذھبن کان وڌيڪ معلومات ملي سگهي ٿي.

(ب) روحن جي وجود، ابتدائي پيدائش، تسلسل ۽ انتھا جو علم: ھن مسئلي کي پوري طرح سمجهڻ لاءِ ان کي ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي، ذڪر ڪندس؛
(1)روحن جي وجود جو عقيدو، ۽
(2) روحن جي ابتدائي پيدائش، تسلسل ۽ انتھا جو علم

(1)روحن جي وجود جو عقيدو: روحن جي جسم کان علحده وجود جو عقيدو نھايت پراڻو آھي ان جي شروعات ماڻھن جي وحشيانہ دور جي وھمن ۽ عقيدن کان ٿئي ٿي. جديد قياسي ۽ سائنسي علمن گهڻ قديم عقيدن کي، تجربي ۽ عقل جي بنياد تي، غلط ثابت ڪيو آھي. ليڪن ھيءُ ئي مسئلو آھي، جنھن جي پوري معلومات اڃان حاصل نہ ٿي سگهي آھي. ان بابت اڃا تائين قرآن ۾ ڏنل جواب ٺھڪي اچي ٿو.
“قل الروح من امر ربي وما اوتيتم من العلم الا قليلا.”
پيغمبر صلعم کي چيو ويو آھي تہ ماڻھو توکان روح بابت سوال پڇن ٿا، “اُنھن کي جواب ڏي تہ روح خدا جي اسرار مان ھڪ آھي؛ ان جي اوھان کي تمام ٿوري خبر پئجي سگهندي.”
اوائلي دور ۾ روح جي وجود جو اطلاق گهڻين شين ۽ ھستين تي ڪيو ويندو ھو، ليڪن آھستي آھستي ٿي، ان جي وجود جي حيثيث صرف غيبي طاقتن، جھڙوڪ ملائڪن، شيطانن، جنن، ديون، ماڻھن ۽ جانورن جي جداگانہ روحن تائين وڃي محدود رھي آھي. ھن وقت جا اڪثر مذھب سج، چنڊ، تارن، سيارن، جبلن، وڻن، زمين، سمنڊن ، دريائن جي روحن ۾ ويساھ نہ ٿا رکن –جيتوڻيڪ خود انھن مذھبن جي قديم ديومالا اڃا تائين انھن شين جي روحن جي قصن ڪھاڻين سان ڀري پئي آھي. ممڪن آھي تہ سائنس جي وڌيڪ کوجنا بعد، ان جي موجودہ تعداد ۾ اڃا بہ گهٽتائي ٿي.
اھا حقيقت آھي تہ اھو عقيدو موجودہ مذھبن جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽو آھي. جديد مذھبن بہ ان بابت ڪي نظريا قائم ڪيا آھن. جديد سائنس بہ انھن جي وجود کان قطعي انڪار جو ڪو مؤثر ثبوت پيش ڪري نہ سگهي آھي. تنھنڪري اڃا تائين ماڻھن جو ڪثير تعداد روحن جي ازلي ۽ ابدي وجود جو قائل آھي.
(2) روحن جي ابتدائي پيدائش، تسلسل ۽ انتھا جو علم: وحشياني دور جي ماڻھن ۽ قديم مذھبن ۾ روحن جي پيدائش ۽ تسلسل حيات بابت عقيدن تي عالمن طرفان کوجنا ٿي رھي آھي. ممڪن آھي تہ ان تي مستقبل قريب ۾ ڪافي معلومات ميسر ٿي وڃي. ليڪن ھن وقت روحن جي پيدائش ۽ حيات بعدالممات بابت ھيٺان چار نظريا مروج آھن؛
(1)مغربي مذھبن جو نظريو، (2) مشرقي مذھبن جو نظريو، (3) ويدانيت ۽ وحدت الوجود جو نظريو، (4) مٽيريلزم (دھريت جو نظريو).

(1)مغربي مذھبن جو نظريو: مٿي ذڪر ڪيو اٿم تہ مغربي مذھبن مان منھنجو مطلب يھوديت، ڪرسچئنٽي ۽ اسلام آھن، تن جو ان مسئلي تي چوڻ آھي تہ الست واري ڏينھن خدا سائينءَ سڀني روحن کي خلقي عالم ارواح ۾ محفوظ رکيو، جتان ھر ھڪ روح پنھنجي مقرر ميعاد لاءِ انساني جسم ۾ اچي، زندگي گذاري، وفاتيءَ بعد عالم برزخ ۾ رھڻ وارو ھو، جتان قيامت جي ڏينھن کيس واپس بدن ۾ آڻي، سندس عملن جي حساب ڪتاب بعد، ان کي سندس عملن جي نتيجي مطابق بھشت يا دوزخ ۾موڪلڻو ھو.ان عقيدي مطابق، ورح ابتدا کان مفرد (ھڪ ھڪ جدا) خلقيل ھئا، ۽ ڪروڙھا ورھيه عالم ارواح ۾ گذاري، ھتي عارضي عرصي لاءِ رھي، پوئتي موٽڻ وارا ھئا.

(2) مشرقي مذھبن جو نظريو: مشرقي مذھبن مان منھنجي مراد ھندو ڌرم، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم آھي – انھن جي راءِ مطابق بہ روح مفرد ھئا. انھن جي پيدا ٿيڻ جو وقت مقرر ٿيل نہ ھو. روح ۽ مادو ابدي ۽ ازلي ھئا. ڪروڙن ورھين کان روح، ڪرمن جي ڦل مطابق، جدا جدا جوڻين يا حياتين ۾ ڦرندا رھن ٿا. پھرين جمادات پوءِ نباتات پوءِ حيوانات ۾ جنم وٺي، تجربو حاصل ڪري، ترقيءَ بعد، ماڻھوءَ ۾ جوڻ وٺن ٿا، جتي ڪرمن جي ڦل مطابق جدا جدا جوڻين جي چڪر ۾ ڦرندا رھن ٿا، جتان آخر ۾ چڱن عملن ۽ حاصل ڪيل تجربي جي ترقي بعد نرواڻ پد ۾ نجات حاصل ڪري، سنسار جي جوڻين واري چڪر کان ٻاھر نڪرڻو اٿن. ان کان پوءِ ڪٿي، ڪيڏانھن ۽ ڪھڙي صورت ۾ ويندا، ان بابت چٽائي سان ڪجھه نہ چيل آھي.

(3) ويدانيت ۽ وحدت الوجود جو نظريو: اھي ٻہ نالا ھندن ۽ مسلمانن جا استعمال ڪيل آھن. درحقيقت انسان جي مھذب دور کان وٺي، ھر مذھب ۽ ملڪ ۾ ھڪ ڄاڻن جو گروھ ان نظريي ۾ اعتقاد رکندو آيو آھي. انھن جي نقطہ نگاھ کان روح ۽ مادو ٻہ جدا شيون نہ ھيون. حقيقي وجود ذات الاھي جو ھو. مادو ۽ روح سبب ان ذاتي حقيقيءَ جو مظھر ۽ صفات ھئا. ان ڪري ماڻھن جي روحن جو جدا جدا وجود ڪونہ ھو. اھي نوالاھيءَ جا ڪرڻا يا بحر حقيقيءَ جا عارضي طرح جدا ٿيل قطرا ھئا. جن جو مرڪز ذات حقيقي ھو. مسلمان صوفين قرآن جي ھن آيت “انا لله و انا اليہ راجعون” يعني اسان خدا مان نڪتل آھيون، وري ان ۾ سمائباسون جي اھا معني ڪڍي آھي. سچل سرمست ان خيال کي ھن طرح ادا ڪري ٿو:
“صورت جو سبحان، پاڻ ڏسڻ آيو پنھنجو تماشو.”
انھيءَ نظريي موجب مغربي ۽ مشرقي مذھبن طرفان بھشت، دوزخ، جوڻين جا مقرر ڪيل تخيل ۽ عملن جي ڦل مطابق جزا ۽ سزا جا عقيدا ختم ٿي ويا. “بحر عميق وچ جو ئي پوسي، دين ڪفر دا ورقا ڌوسي.” ۾ بيدل فقير ان جي پوري ترجماني ڪئي آھي.

(4) مٽريلزم (دھريت) جو نظريو: ھن گروھ جي ماھرن ٻن نقطہ نگاھن کان ان مسئلي تي غور ڪيو آھي؛ (1)منطقي خيال سان، ۽ (2) سائنسي تجربي سان. ٻنھي نقطن کان ھنن روح جي بدن ۾ اچڻ يا ان کان پوءِ جي جدا وجود کان انڪار ٿي ڪيو. ھنن رڳو مادي جي وجود کي مڃي، ان جي خود ڪفيل عمل ڪري زندگيءَ جي پيدا ٿيڻ ۾ اعتبار ٿي رکيو، خا مخصوص دائري ۾، ان عمل جي ڪري بيڪار ٿيڻ بعد ختم ٿي ٿي ويئي. روح عليحده ڪونہ ھئا. گهڻي ۾ گهڻو،زندگيءَ (لائيف) کي مرڪب وجود ھو، جو ذھن(Mind) جي صورت ۾ نمودار ٿي،وري سندن مخزن ۾ سمائجي ٿي ويو. ھنن جي نظريي ۽ ويدانيتن جي نقطہ نگاھ ۾ مماثلت ھئي. ٻنھي، حيات بعد الممات جي جداگانہ روح جي تسلسل کان انڪار ٿي ڪيو، ان ڪري ھو بھشت، دوزخ يا بعد از ممات ڪرمن جي ڦل کان منڪر ھئا. مٽيريلسٽ مادي جي وجود کان سواءِ اڻ ڏٺل ۽ نامعلوم روح جي جدا وجود کان انڪار ٿي ڪيو، ۽ ويدانيتي روح ۽ مادي کي ھڪ ذات جون ٻہ صفتون ٿي سمجهيو.

(ج) خلقت جي رٿا ۽ مقصدن بابت تحقيق: ڪائنات جي ھر شيءِ جي پيدائش ۽ نظام بابت ٻہ نظريا مروج آھن:
پھريون، ڪائنات ھڪ رٿا (plan)موجب پيدا ٿيل ۽ ھلندڙ آھي، ۽
ٻيو، ڪائنات جي پيدائش ۽ نظام حادثن جو محتاج آھي.
پھرين نظرئي جي حمايت آئيڊيلزم (عيبنيت يا روحانيتIdealism ) جو فلسفو ڪري ٿو. ٻئي نظرئي جي حمايت مٽيريلزم (دھريت Materialism ) جو فلسفو ڪري ٿو.سڀئي عالمگير مذھب پھرئين نظرئي جا حامي ۽ معتقد آھن.
پھرئين نظرئي ۾ ويساھ رکڻ بعد سوال اٿي تو تہ رٿا اُن جي ٺاھيندڙ ۽ ھلائيندڙ قوت کان سواءِ نہ تيار ٿي ۽ نہ ھلي سگهي ٿي. تنھنڪري سڀ مذھب اُن رٿا جي ٺاھيندڙ ۽ ھلائيندڙ طاقت ۾ ايمان رکن ٿا، ۽ ان کي خدا، ايشور، گاڊ (God)وغيره نالن سان منسوب ڪن ٿا.
مذھبن ۾ خدا جي وجود بنسبت ٽي تخيل مروج رھيا آھن:
(1)شخصي خدا(Personal God) جو تصور.
(2)غيرشخصي خدا(Impersonal God) جو تصور.
(3) قياس، گمان ۽ وھم کان مٿي خدا (God beyond Imagination) جو تصور
خدا جي اِنھن ٽن تصورن تي مختصر روشني وجهڻ لاءِ ھر ھڪ تصور جي جدا جدا تشريح ڪندس.
(1)شخصي خدا جو تصور: انسانذات جي اوائلي زماني ۾، جڏھن ماڻھو اڃا وحشيانہ زندگيءَ گذاريندا ھئا ۽ سندن ذھن ناقص ۽ ناپختا ھئا، ماڻھن ھر طاقتور شي کي خدا ڪري ورتو، جنھن ۾ سماوي وجود جھڙوڪ سج، چنڊ، نکٽ، سيارا ھڪ طرف ھئا، تہ ٻئي طرف عنصري قوتون جھڙوڪ ھوائون، باھ، پاڻي، زمين ھيون ۽ ٽئي طرف غيبي طاقتون جھڙوڪ روح، ديوتائون، ديويون، جن وغيرھ شمار ٿي ڪيا ويا. ازانسواءِ طاقتور جانور، ماڻھو، جادوگر، مذھبي رھبر بہ ان ۾ شامل ھئا. انھيءَ تصور جي ارتقا ۾ چار دور شمار ڪيا وڃن ٿا:
(i)خدائن جي ڪثرت جو دور
(ii)خدائن جي ٻن گروھن جي ورھاست جو درو
(iii)خدائن جي تثليت (ٽمورتيءَ جو دور
(iv)ھڪ خدا جي تصور جو دور

(i)خدائن جي ڪثرت جو دور: اھو خدا جي تصورن جو نھايت قديم دور آھي. اھو بہ ھزارن بلڪه لکن ورھين جي مختلف درجن مان گذريو ٿو ڏسجي. انھن ۾ منھنجي ڄاڻ مطابق ھيٺيان درجا گذريا آھن
(الف) جانورن ۽ طاقتور ماڻھن جي خدائي تصور جو درجو، جن ۾ شينھن، رڇ، گينڊا، واڳون، نانگ وغيرھ جانور ۽ طاقتور ماڻھو خدا جي صفتن سان شمار ٿيندا ھئا.
(ب) عنصري قوتن جي خدائي تصور جو درجو، جن ۾ جبل، سمنڊ، دريا، بادل، وڻ، باھ، زمين وغيرھ خدائي طاقتن جي صفتن سان موصوف ڪيا ويا.
(ج) فلڪيات جي قوتن جي خدائي تصور جو درجو، جنھن ۾ سج، چنڊ، تارا، نکٽ وغيرھ خدا يا خدائن حيثيث ۾ شمار ٿيڻ لڳا.
(د) غيبي طاقتن ۽ روحن جي خدائي تصور جو درجو، جنھن ۾ مٿي ذڪر ڪيل ھر مادي شيءِ کي روح، آتما يا جوھري نفس سان موصوف ڪري، انھن جي جسمن عيوض انھن جي روحن کي خدائي قوتن سان منسوب ڪيو ويو. ان زمري ۾ جانورن جا روح، بادشاھ، جادوگر، پيغامبر، سمنڊن ۽ جبلن وغيره جا ديوتائون ۽ سج، چنڊ، تارن وغيره جا ديوتا شمار ڪيا ٿي ويا، جن جي قصن ۽ ڪھاڻين جا احوال قديم ديومالا(Mythology) مان ملي ٿو.
انھي دور ۾ ھر ھڪ ملڪ ۽ قبيلي جو خدا علحده ھو. جڏھن قبيلا گڏجي قومن جي صورت وٺڻ لڳا، تہ انھن جي مندرن ۾ ھر ھڪ قبيلي جي نمائنده خدا جي تصوير يا نشان رکيو ويندو ھو. انھيءَ دور جي اڪثر ديوتائن جو تصور خوفناڪ ھوندو ھو.

(ii)خدائن جي ٻن گروھن جي ورھاست جو درو: اڳتي وڌي، جڏھن انسان ذات ٿوري ترقي ڪئي، تہ خوفناڪ صفتن وارن خدائن کان علاوه ھنن کي ھمدرد ۽ طرفدار خدائن جو تصور بہ ذھن ۾ ويٺو. اول ۾، ان تصور خدائن جي ڪثرت ۾ ڪمي ڪانہ آندي، پر ان کي صرف ٻن گروھن ۾ ورھايو ھڪڙا خوفناڪ ۽ ظالم خدا يا ديوتائون ۽ ٻيا ھمدرد ۽ رحمدل خدا يا ديوتائون شمار ٿيڻ لڳا. آھستي ٿي، ان تصور ترقي ڪري، مادي تصور کي ترڪ ڪري، باطني صفتن سان خدائن کي موصوف ڪيو. “دوئي” ان جو ترقي يافتہ تصور ھو. اھرمن ۽ اھرمزد ان جي پيدائش ھئا.

(iii)خدائن جي تثليت (ٽمورتيءَ جو دور:اھو خدا جي شخصي تصور جو “دوئيءَ” کان وڌيڪ ترقي يافتہ تصور جو دور ھو. گهڻن خدائن جي دور ۾ سڀ خدائون خطرناڪ ۽ نقصانڪار شمار ڪيا ويندا ھئا. ان کان پوءِ چڱن ۽ مٺن خدائن جي تصور، ڊپ سان گڏ اميد بہ پيدا ڪئي، ليڪن اھي طاقتون ھڪٻئي جي مخالف برسر پيڪار سمجهيون ويون ٿي، جن ۾ ڪنھن بہ سمجهوتي جو امڪان ڪونہ ھو. تثليت جي نظريي انھي ٻنھي مخالف گروھن کي ٽئي جي ذريعي گڏڻ جي ڪوشش ڪئي. ان مطابق خدا کي ٻن صفتن، يعني خطرناڪ ۽ رحمد، جي عيوض ٽن صفتن سان موصوف ڪيو ويو – (1) پيدا ڪندڙ، (2) پاليندڙ، ۽ (3) فنا ڪندڙ – يا اھڙي قسم جون ٻين نالن سان ٽي صفتون. ھندو مٿالاجيءَ ۾ برھما، وشنو، شو، مصري مٿالاجيءَ ۽ اوسيرس، آئيسس ، ھوروس ۽ عيسائي عقيدي موجب فادر، فرزند ۽ روح المقدس ، انھيءَ خدا جي تثليت واري شخصي تصور جي پيداور آھن.

(iv)ھڪ خدا جي تصور جو دور:شخصي خدا جي تصور جو ھيءُ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافتہ تخيل ھو، جنھن مطابق سڀ طاقتون ۽ صفتون ھڪ خدا ۾ ڪٺيون ڪيون ٿي ويون. اِلاه (Eloh, Elohim)ايشور، جيھووا (Jehovah) ، وغيرھ نالا انھيءَ تصور جي پيداور آھن. ليڪن ھيءَ ڳالھہ صاف سمجهي ڇڏڻ جي لائق آھي تہ خدا جا اھي چار ئي تصور شخصي ۽ مادي ھئا. غير شخصي(Impersonal) خدا جو تصور بعد جو آھي. توريت، انجيل، قرآن ۽ ويدن ۾ انھي قسم جي خدا کي بہ شڪل، رھڻ جي جڳھه ۽ ٻين انساني صفتن سان موصوف ڪيو ويو آھي.

(2) غير شخصي خدا جو تصور: خدا جي غير شخصي تصور جو تخيل غير جسمي، روحاني، جوھري ۽ منتزع يا مجرد (Abstract)بنياد تي ٻڌل آھي. اھو خيال عالمگير يا ثانوي مذھبن جي ابتدا ۾ چند راسخ العلم ماڻھن تائين محدود ھو. بعد ۾ جڏھن انھن مذھبن جي شارحن جو واسطو مھذب ملڪن جي قياسي علمن سان ٿيو، تہ انھن يونان جي فيلسوفن، مصر، عراق، ايران ۽ ھند جي قياسي ۽ روحاني عالمن جي دليل آڌار تي، پنھنجي پنھنجي مذھبن جي اصلاحي دور ۾، ان کي نظريي طور پيش ڪيو. ان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ کان اڳ بھتر آھي تہ ۽ “جوھر” جي ڪجھه تشريح ڪئي وڃي.
جسم (مادو) جي مختصر تشريح: فيلسوفن جسم ھي تشريح ڪئي آھي تہ جا شيءِ پنجن حواسن يعني ڏسڻ، ڇھڻ، ٻڌڻ، چکڻ ۽ سنگهڻ جي ذريعي سان معلوم ٿي سگهي، ۽ زمان، مڪان ۽ اسباب جي دائري ۾ اچي سگهي، سا جسم يا مادو آھي. جسم کي ابتدا ۾ ھن پنجن عنصرن، جھڙوڪ: باھ ، پاڻي، ھوا، زمين ۽ آڪاش ۾ ورھايو ھو، جن جو تعداد ھاڻ وڌي وڃي 72 تائين پھتو آھي. جيئن تہ ھيءَ سمجهاڻي عام ماڻھن لاءِ نہ آھي، ان ڪري زمان، مڪان ۽ اسباب جي تشريح نٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اھل علم کي پتو آھي تہ معنى ۽ مفھوم جي ھن دائري ۾ مڪان، زمان ۽ اسباب کي ڇا ٿو چئجي.

جوھر (روح يا آتما) : “جوھر” جي فيلسوفن اھا تشريح ڪئي آھي تہ جا شيءِ پنجن حواسن جي ذريعي معلوم نہ ٿي سگهي، ۽ زمان، مڪان ۽ اسباب کان ٻاھر ھجي، اھا جوھري نفس، روح يا آتما آھي. ھتي ٻڌائڻ ضروري آھي تہ مٽيريلسٽ فيلسوف ۽ سائنسدان ان جوھري نفس يا روح جي جداگانہ وجود ۽ ان جي حيات بعدالممات تسلسل ۾ اعتقاد نٿا رکن، بلڪه ھو ان جي جداگانہ وجود کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ کوجنائون ڪري رھيا آھن. ليڪن دنيا ۾ اڃان تائين عالمن، درويشن ۽ سنتن جو ڪثير تعداد ان جي وجود جو قائل آھي، ۽ اھڙي طرح سان اھي خدا جو تصور بہ انھن بنيادن تي ڪن ٿا.
ھاڻي آءٌ خدا جي غير شخصي تصور تي بحث ڪندس .
خدا جي ھن تصور ۾ مڃيندڙ ان کي لامڪان، لازمان ۽ اسبابن(Causation) کان مٿي، رنگ ۽ روپ کان پاڪ، ھر جاءِ تي ھجندڙ، محيط، قادر مطلق سمجهن ٿا. ان تصور مطابق، خدا ھڪ .................................................................................................................................................................. زردشتين جي دوئيءَ يعني اھرمن ۽ اھرمزد ۽ مسلمانن جي فلسفه وحدت الشھود کي پڻ ھن تصور مان تقويت ملي ٿي. ھن تصور جي بنياد تي حق ۽ ناحق، نور ۽ ظلمات، پاڪ ۽ پليت وغيرھ جو سوال پيدا ٿئي، مختلف مذھبي نظامن جي شريعتن جو باعث بنجن ٿا. توحيد ۽ شرڪ انجي پيداور آھن. ھيءُ تصور ئي، آخرين طور، اسلام جي ملا واري تخيل، يا عالمگير مذھبن جي ڪامل ۽ آخري ھئڻ جو بنياد بڻي ٿو.

(3) قياس، گمان ۽ وھم کان مٿي خدا جو تصور: خدا جي ان تصور ۾ عقل طرفان ڪا قطعي ۽ ثبوتي رھبري ڪانہ آھي. ھن ۾، حيرت جي حالت ۾ بي وسيءَ ۽ فراريت جو اظھار آھي. منطقي ۽ سائنسي نقطہ نگاه کان انجي اھميت ڪيتري بہ ھجي، ليڪن خدا جي تصور جي ارتقائي تاريخ موجب اھو نقطہ نظر زيادھہ قرين قياس ٿئي ٿو. جملي مذھبن جي راسخ العلم بزرگن، وحدت الوجودي، ويدانتي ۽ وجوديت جي (Pantheism) جي فلسفهءِ خيال وارن انھيءَ نظريي ۾ا عتقاد رکيو آھي. ان مطابق، وجود صرف ذات حق جو آھي، ٻيون سڀ شيون ان جون صفتون آھن. جملي طاقت، علم، حسن وغيره جو مجزن اھوئي آھي. انھيءَ تصور ۾ اعتماد رکڻ ڪري، ڪثرت مذاھب، حق ۽ ناحق، پاڪ ۽ پليت، نور ۽ ظلمات وغيره جا تفاوٽ مٽجي، صرف تقابلي سمجهاڻيون وڃي رھن ٿيون. ڪثرت پويان وحدت جو خيال انھيءَ تخيل جي پيداور آھي. ان مان ھيٺان نتيجا نڪرن ٿا.
1 جسم ۽ روح ٻيئي ھڪ ئي ذات جا مظھر معلوم ٿين ٿا. شاھ عبدالطيف رح فرمائي آھي؛
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين،
ھئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻہ ٿيا.
2 انسان ذات جي وحدت ۾ اعتبار رکڻو پوي ٿو، بلڪه ان کي ھڪ جسم جا عضوا ڪري شمار ڪجي ٿو. شيخ سعدي عليه رحمتہ الله ان حالت کي مدنظر رکي فرمايو آھي ته:
بني آدم اعضاي يڪديگراند، ڪه در آفزينش زيڪ جوھراند،
چويڪ عضو بدرد آورد روزگار، دگر عضوھا را نماند قرار،
توڪز محنت ديگران بيغمي، نشايد ڪه نامت نھند آدمي.
(يعني انسانذات ھڪ جسم جي عضون مثل آھي، ڇاڪاڻ تہ ھڪ ئي جوھر مان نڪتل آھي. دستور آھي تہ بدن جي ھڪ عضوي کي جيڪڏھن ايذاءُ رسي ٿو، تہ ٻين عضون ۾ بي چيني رھي ٿي. تون جي ٻين ماڻھن جي درد غم کان بي پرواھ آھين، تہ انسان سڏائڻ جي لائق نہ آھين.)
3 ڪثرت مذاھب پويان بنيادي وحدت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انھيءَ جي حمايت ۾ سنڌ جو بيدل فقير سندس “وحدت نامي” ۾ فرمائي ٿو؛
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو، ڪفر ۽ ايمان،
مظھر مولا پاڪ جي، ھندو مسلمان،
تارا ڪيان تالان، سورج سندي سوجهري.
4 ڪائنات جي خلقت ۾ رٿا(plan) ڏسڻ ۾ اچي ٿي. قرآن شريف جا لفظ ان جو ثبوت ڏين ٿا: “ما خلقت ھذا باطلا” معنى “ڇا، ھي سارو مانڊاڻ بنا ڪنھن رٿا ۽ مقصد جي بنايو ويو آھي!” درويشن ان رٿا کي “منشاي ايزدي”، “قانون قدرت” (قانون ارتقا) جي نالن سان منسوب ڪيو آھي. عشق ۽ پريم (Power of integration)جو ٻيو نالو ان کي ڏنو اٿن.
5 انسانذات جي خلقت ۾ ڪي بنيادي مقصد مضمر ڏسجن ٿا، جنجي تشريح ۾ ھيٺين ٽن مقصدن کي پيش ڪيو ويو آھي؛ (الف) اتحاد انساني، (ب) امن عالم، (ج) ترقي بني آدم. مسلمان صوفين قرآن مان ھيٺيون آيتون انھيءَ نقطہ نگاھ جي ثابتي ۾ پيش ڪيون آھن.
لاالله الاالله – ذات حقيقيءَ کان سواءِ ٻي ڪنھن شيءِ کي جدا وجود نہ آھي.
انالله و انا اليه راجعون – اسان خدا جو مظھر آھيون؛ اسان جو ملجا ۽ ماوى (Destination)اھو آھي.
وفي انفڪسم افلا تبصرون – شاھ صاحب ان جو ترجمو ھن طرح ڪيو آھي؛
ھوت تنھنجي ھنج ۾، پڇين ڪوھ پھي!
وفي انفڪسم افلا تبصرون، سوجهي ڪر سھي،
ڪڏھن ڪانہ وھي، ڪا ھوت ڳولڻ ھٽ تي.

(د) جسم ۽ روح جو باھمي رابطو ۽ ان جو نتيجو: آءُ مٿي ٻڌائي آيو آھيان تہ قديم زماني کان ماڻھن جي گهڻي تعداد جسم ۽ روح کي ٻہ جدا وجود پئي تسليم ڪيو آھي. جملي مذھبن، فلسفن، قديم اعتقادن ۽ علمن جي اڪثريت انجي قائل رھي آھي. منجھن تفاوت صرف ھي ھو تہ ھڪڙن روح کي اھميت ڏني ٿي، ٻين جسم کي. ٻنھي جي رابطي بنسبت پڻ مذھبن جا جدا نظريا آھن. ھڪڙن عالم ارواح مان روح جي عارضي طرح جسم ۾ اچي، وري مختلف درجن مان گذري، دائمي وطن موٽي وڃڻ جو ذڪر ڪيو آھي – جيئن تہ مغربي مذھبن. مشرقي مذھبن روح جي جسم سان مسلسل رابطي جو خيال پيش ڪيو آھي. ھنن جي راءِ موجب ساڳيو مفرد روح گذشتہ ڪرمن جي ڦل موجب جسم بدلائيندو رھي ٿو. ليڪن، ٻنھي جي راءِ مطابق، بھرحال ساڳئي روح کي مختلف جسمن ۽ درجن مان گذري، وري دائمي جڳھه طرف وڃڻو آھي. دنياوي جسم جا رابطا سڀ انجا عارضي آھن.

(ھ) غيبي طاقتن جي کوجنا ۽ ان جو علم: زماني قديم کان ماڻھن غيبي طاقتن جي جداگانہ وجود ۽ ھستي ۾ پئي اعتبار رکيو آھي. جديد عالمگير ۽ ثانوي مذھبن بہ انھن جي وجود کي ٿوري گهڻي انداز ۾ قبوليو آھي. قديم مٿالاجين انھن کي صورت ۽ سيرت سان منسوب ڪري، انھن بابت قصا پيش ڪيا آھن. جديد سائنس انھن جي وجود کان انڪار ڪيو آھي. زيادھہ کان زيادھہ، ھوءَ انھن کي مختلف عنصري طاقتن، جھڙوڪ بجليءَ، جوھري توانائي (Atomic Energy)مسموم ھوائن، وچڙندڙ بيمارين وغيره سان تعبير ڪري ٿي.
مٿي ڄاڻايل احوال مان معلوم ٿيندو تہ مذھب جي الاھيات واري صيغي تي، مذھبن جي چند نظرين جي باوجود، جابه معلومات ميسر ٿي آھي، انکي آخري ۽ مڪمل سڏي نٿو سگهجي. جيڪڏھن ڪن فيلسوفن يا سائنسدانن طرفان انھن مسئلن کي عقل ۽ تجربي جي بنا تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، تہ مذھبي عالم انھن کي فوق العقل ۽ الھامي مسئلا قرار ڏيئي، جان ڇڏراين ٿا. ازانسواءِ مذھبي نظامن جي مستقل مفاد بنجڻ سبب، ھن دائري ۾ ھر ھڪ گروھ پنھنجي پنھنجي دعوى کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ليڪن سڀني مذھبن ۾ ڪي اھڙا بہ راسخ العلم بزرگ ٿيندا آيا آھن، جن مذھب جي ھن صيغي جي سموري نظرين ۽ معلومات کي قانون ارتقا مطابق سدائين غور، فڪر ۽ کوجنا لاءِ کيلل سمجهي، ان تي فڪر ۽ کوجنا پئي ڪئي آھي.

2 مذھب جو اخلاق، نفس ۽ ذھن سان واسطو رکندڙ صيغو (طريقت): مذھب جي ھن صيغي جو ھيٺين ڳالھين سان واسطو رھي ٿو.
(الف) اخلاق (صحيح عمل)
(ب) نفس (جذبات)
(ت) ذھن (عقل ۽ علم).

(الف) اخلاق (صحيح عمل): مذھب جي طريقت واري صيغي ۾ اخلاقي دوستي کي اھم حيثيث شامل آھي. نہ رڳو موجودہ عالمگير ۽ ثانوي مذھبن ۾، پر ماڻھن جي وحشيانہ ۽ جھالت جي زماني ۾ مروج قبيلائي مذھبن ۾ بہ ان کي خاص مقام مليل ھو. سڀ کان پھرين سوال اٿندو تہ اخلاق يا اخلاقيات ڇا آھي؟ ان مسئلي تي اڄڪلھه سوين ڪتاب لکجي چڪا آھن. انگريزي ۾ ان کي(Ethics) سڏجي ٿو. ان تي مفصل بحث ڪرڻ يا روشني وجهڻ اسان جي ھن مضمون جي دائري کان ٻاھر آھي. ھتي ھي چوڻ ڪافي ٿيندو تہ اخلاق عمل جي صحيح طريقي کي سڏجي ٿو.
پوءِ سوال اٿندو تہ عمل جي صحيح طريقي جا معيار ڪھڙن بنيادن تي مقرر ڪري سگهجن ٿا، ۽ ان جي تعليم، تربيت ۽ تعميل لاءِ ڪھڙا رستا اختيار ڪيا ويا آھن. جيتري قدر مون ان مسئلي تي غور ڪيو آھي، تہ ان جو لب لباب ھيٺين سوالن جي تشريح منجھان ملي سگهي ٿو:
(1)اخلاق جا محرڪ جذبا(Incentives) ڪھڙا آھن.
(2) ان جا بنيادي اصول ڪھڙا آھن.
(3) آيا، اخلاقي دستورالعمل دائمي ۽ بيٺل آھن يا وقتائتا ۽ ترقي پذير.

(1)اخلاق جا محرڪ جذبا(Incentives) ڪھڙا آھن:اخلاقيات جي عالمن ھي ٻن ڀاڱن ۾ ورھايا آھن. ھڪڙي ڀاڱي جو بنياد روحاني يا اعلى جذباتي خيالن تي رکيو اٿن، ۽ ٻئي ڀاڱي جو بنياد باھمي مفاد جي آڌار تي قائم ڪيو اٿن. پھرئين ڀاڱي مذھبي اخلاقيات جو بنياد وڌو، ۽ ٻئي ڀاڱي جديد قومي اخلاقيات جو بنياد وڌو.

(2) ان جا بنيادي اصول ڪھڙا آھن: شخصصن، قومن ۽ انسانذات جو اتحاد، امن ۽ ترقي ان جا بنيادي اصول آھن.
(3) آيا، اخلاقي دستورالعمل دائمي ۽ بيٺل آھن يا وقتائتا ۽ ترقي پذير:جيڪڏھن تاريخي نقطہ نگاھ سان ان مسئلي تي نظر ڪبي، تہ معلوم ٿيندو تہ اخلاقي دستورالعلمن جي تعمير ۾ ٻہ رجحان ڪم ڪندا آيا آھن: مذھبي رجحان ۽ قبيلائي رجحان.
پھرين رجحان جي ڪري آھستي آھستي ٿي، ننڍن ننڍن قبيلن جا مذھب گڏجي وڏن مذھبن ۾ مدغم ٿيا، تہ انھن مذھبن جا اخلاقي دستورالعمل گذشتہ مذھبن جي روايات، بدليل حالتن جي تقاضائن ۽ قياسي علمن جي اثرن ھيٺ تعمير ٿي، وجود ۾ آيا، جن انھن وڏن مذھبي نظامن جي تعمير ۾ گهڻو حصو ورتو. اھڙي طرح سان ھندن، ٻڌن، ڪرستانن ۽ مسلمانن جي شريعتن وجود ورتو. دنيا جي چئن عالمگير مذھبن، جيڪي اخلاقي قانون مرتڪب ڪيا، سي ڪي سمورا نوان نہ ٺاھيا ھئائون. ھندن جي منوسمرتي پڙھڻ بعد معلوم ٿيندو تہ ان جو بنياد قديم قبيلائي قانون جي بنا تي، نئين حالتن جي مدنظر، ڪجھه اضافن سان وڌو ھئائون. ٻڌن جي اخلاقي قانون کي عقلي دليلن تي ٻڌو ويو، ليڪن ان جو عمل ۾ اچڻ مشڪل ثابت ٿيو. ڪرستانن مرڳو رومن قانون اختيار ڪيو. مسلمانن قديم قبيلائي عرب جي دستورالعمل کي حسب ضرورت ترميم ڪري ڪتب آندو.
سڀني مذھبن ۾ اخلاقي قانونن جي تعميل جا ٻہ طريقا اختيار ڪيا ويا.
1 اخلاقي ڏوھ کي، سزا جي وسيلي دٻائي، مستقبل ۾ روڪڻ جوطريقو.(Curative)
2 تبليغ ۽ تربيت وسيلي، ماڻھن کي ماڻھپو سيکاري، مھذب (ڪلچرڊ) بنائي، رضاڪارانہ طور ڏوھ کان روڪڻ جو طريقو.Preventive
مذھب ۾ طريقت جي صيغي جو واسطو ٻئي طريقي سان آھي. ان کي دفاعي يا انسدادي طريقو بہ سڏي سگهبو. جيئن تہ ان جو واسطو صحيح تعليم ۽ تزڪيه نفس سان آھي، ان ڪري ان جو ذڪر اڳتي انھن عنوانن ھيٺ ڏبو. اخلاقي قانون جي تعميل جو پھريون طريقو مذھب جي شريعتن سان واسطو رکي ٿو، ان جو ذڪر شريعتن جي عنوان ھيٺ پيش ڪبو.
ٻئي رجحان جي ماتحت قبيلن جا اخلاقي دستورالعمل گڏجي قومن جي اخلاقي دستورالعملن جي اوڄي جو تاڃي پيٽو ٿي، ڪم آيا، جن اڳتي ھلي ملڪن جي قديم روايات، بدليل معاشري، ملڪي ۽ قومي مفاد جي مدنظر، قومي اخلاقن جا دستورالعمل تيار ڪيا.
انھيءَ پس منظر مان معلوم ٿي سگهندو تہ اخلاقي دستورالعمل، مذھبي خواه قومي، وقت بوقت تبديل ٿيندا آيا آھن، ۽ امڪان اھو آھي ته، قانون ارتقا جي تقاضائن مطابق، اھي آئنده بہ معاشري جي تبديلي ۽ ملڪي تقاضائن ۽ ضرورتن مطابق ترقي پذير تبديلي ڪندا رھندا. دنيا جي ڪا بہ طاقت انھن جي تبديلي ۾ رڪاوٽ نہ وجهي سگهندي. جيڪي عالمگير مذھبن جا ڪٽر پوئلڳ ان ۾ رڪاوٽون وجهڻ گھرن ٿا ، سي ان سان گڏ سندن مذھبي نظامن کي بہ ڪمزور ڪري رھيا آھن. آخر ۾ انسان ذات جو گڏيل اخلاقي دستورالعمل ٺھڻ وارو آھي، جنھن ۾ شخصن، قومن ۽ مذھبن جي اخلاقي دستورالعمل کي مدغم ٿيڻو پوندو.

(ب) نفس (جذبات): مذھب جي صيغي طريقت ۾ نفسي اصلاح کي بہ خاص درجو مليل آھي. شروع ۾ عرض ڪري آيو آھيان تہ انسان ۾ ڪي فطري خواھشون قدرت طرفان وديعت ٿيل آھن، جن کي نفسياتي خواھشن جي نالي سان پڻ سڏيو اٿن. انھن کي قديم درويشن ٽن ڀاڱن ۾ ورھايو آھي.
(1) نفس آماره
(2) نفس لوامه
(3) نفس مطمئنه
جنھن صورت ۾ ماڻھن جي تھذيب ۽ اصلاح ۾نفس جي ترقيءَ کي خاص دخل آھي ان ڪري ان جي ٽنھي ڀاڱن تي مختصر روشني وجهان ٿو.
(1)نفس آماره: ھي ماڻھن جي فطري خواھشن يا جبلتن(Instincts) سان واسطو رکي ٿو، جن مان ڪن جو احوال اڳي ڄاڻائي آيو آھيان. جديد علم نفسيات جي ماھرن ان تي گهڻي کوجنا ڪري، سوين ڪتاب لکيا آھن، جن جو مختصر ذڪر بہ اسان جي مضمون جي دائري کان ٻاھر آھي. سردست ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو تہ انھن خواھشن جي ڇڙواڳ عمل ڪري انساني اتحاد، امن ۽ ترقيءَ ۾ رڪاوٽ پوي ٿي، شخصن ۾ خودمطلبيءَ ، نفاق، نفرت، تشدد، ھٺ، ڪيني، تعصب ۽ خود فريبيءَ جا نفسياتي مرض پيدا ٿين ٿا، جنھن ڪري معاشرو زھرناڪ ٿيو پوي.

(2) نفس لوامه: ھي انساني نفس جي ترقي يافتہ حالت آھي، جنھن ۾ عقل ۽ تجربي جي بنا تي مختلف ڳالھين جي وچ ۾ تميز پيدا ٿئي ٿي. ماڻھو خودمطلبيءَ ۽ اپڪاريءَ، نفاق ۽ اتفاق، نفرت ۽ محبت، ھنسا ۽ اھنسا، ھٺ ۽ نھٺائيءَ، ڪيني ۽ صاف دليءَ، تعصب ۽ رواداريءَ، خودفريبي ۽ صحيح سڃاڻپ جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪري، ٻنھي جي نفعي نقصانن کان واقفيت حاصل ڪري ٿو. ان جي بنياد تي اخلاقي قانون ٺاھيا وڃن. پر نفس جي ان درجي تي پھچڻ سان ئي اخلاقيات جا معاملا حل ٿي تہ ٿا وڃن. رڳو تميز ڪافي ناھي، پر ان سان گڏ صحيح تربيت ۽ تزڪيه نفس سان حاصل ٿي سگهي ٿي، جنھن لاءِ اھل تصوف ھيٺيان طريقا ڏسيا آھن: گروءَ يا مرشد جي صحبت ۽ ست سنگ، صحيح علم جي واقفيت، عبادت، ذڪر، راڳ ۽ غور فڪر، عشق و محبت گروءَ يا مرشد جي صحبت ۽ صحيح علم جي سلسلي ۾ ھتي ڪجھه وضاحت پيش ڪرڻ مناسب ٿيندي. عبادت ۽ عشق بابت پنھنجا ويچار، مذھب جي صيفه عبادت جي عنوان ھيٺ اڳتي پيش ڪندس.
گرو يا مرشد جي صحبت ۽ ست سنگ: قديم زماني کان سڀني مذھبن جا صاحب طريقت گروھ ۾ اھو طريقو رائج رھيو آھي. اڃا تائين لکين ماڻھن مختلف گرن، سنتن، مرشدن، پيرن، فقيرن، مانڪس (Monks)، راھبن ۽ بڪشن وغيره جا پوئلڳ ۽ صحبتي رھندا اچن ٿا.
ليڪن ھن وقت جي حالت ھيءَ آھي تہ تمام ٿورا ماڻھو انھن ادارن مان مستفيد ٿي سگهيا آھن، ڇاڪاڻ تہ اڪثر اھي ادارا به، شريعتي ادارن وانگر، مستقل مفاد(Vested Interests) ٿي پيا آھن.
ھڪ قول مطابق، “او که خود گم است، کرا رهبري کند!” انھن ادارن جون بہ گروه بنديون ٿي پيون آھن. انھيءَ رستي سان گهڻن ماڻھن جو تزڪيه نفس (اندر جو اوجر) ٿي سگهيو آھي، نہ اخلاق درست ٿيو آھي، ۽ نہ صحيح تعليم ۽ تربيت حاصل ٿي اٿن. اھا حالت اڄڪلھه جي ڪانہ آھي، بلڪه گهڻي وقت کان اھا قحط الرجالي ھلندي اچي ٿي، جنھن کي ڏسي ھڪ درويش گهڻو وقت اڳ چيو ھو تہ :
“حريفان بادھا خودرند ورفتند، تھي خمخانھا کردند و رفتند” ( راھ عشق جا ساٿي منڌ جا پيالا پي ۽ پياري ھليا ويا، ھو اھي ميخانا خالي ڪري ھليا ويا.)
شاھ لطيف رح بہ ان حالت کي ڏسي چئي ڏنو ته:
ويا سي وينجھار ھيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پوئيان شيھي لھن نہ سار،
ڪٽين ڪٽ لھار تنين سندي ڀيڻين!
ھاڻي اچو تہ “مرشد جي اداري” (Institute)، ان جي فرائض ۽ ضرورت تي بحث ڪريون.
مرشد جو ادارو: جيئن قياسي ۽ تجرباتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردن کي ورھين جا ورھيه مختلف علوم تي تعليم حاصل ڪرڻي پوي ٿي، تيئن صحيح روحاني تعليم، تزڪيه نفس ۽ اخلاق جي درستيءَ لاءِ به، گهڻي وقت کان مختلف مذھبن جي طريقت جي صيغي وارن جا ادارا موجود پئي رھيا آھن، جن کي خانقاھون، آشرم، موناسٽريون(Monasteries)، وغيره جي نالن سان سڏيو ويو آھي. انھن ۾ تصوفي (طريقت جي) مسئلن جي تعليم، تزڪيه نفس (اندر اجارڻ) ۽ اخلاقن جي درستيءَ لاءِ تربيت ڏني ويندي ھئي.
ليڪن اڳتي ھلي، ڪجھه وقت کان، اھي ادارا يا تہ بند ٿي ويا،يا صرف چنڊ وظيفن، ذڪرن، عبادتن ۽ رياضتن تائين محدود ٿي ويا، يا ريا ۽ مڪر جا مرڪز بنجي، مستقل مفاد بنجي پيا، جنھن ڪري انھن مان اصل مراد ۽ مقصد حاصل نہ ٿي سگهيا. آھستي آھستي ٿي، ماڻھو گرن، پيرن وغيره وٽ پٽن، ملڪيت جي حاصلات، بيماريءَ ۽ مشڪلات کان نجات لاءِ دعا گھرڻ واسطي وڃڻ لڳا، ڄڻ تہ قدرت جي ساري ڪاروبار جي ڪُنجي انھن جي ھٿ ۾ ھئي، ۽ ھو سندن ھر ڳالھہ محض دعا، ڪرامت ۽ آسيس سان پوري ڪري سگهيا ٿي. حالانڪه انھن ادارن جي بنسبت اھو تخيل ئي غلط ھو. اھو اھڙو عقيدو ھو، جھڙو وحشيانيه دور جي ماڻھن جو جادوگرن بابت ھو. موجودہ دور جا اڪثر پير، گرو وغيره نہ تصوف (طريقت) جي علم کان واقف آھن ۽ نہ صاحب اخلاق ۽ صاحب دل آھن. اھي سڀ ادارا ٺلھيءَ شيخيءَ ۽ بزرگيءَ جا اڏا بنجي پيا آھن. ذڪر، عبادتون، وظيفا ۽ مراقبون وغيره صرف رسم رواج بنيل آھن. انھن حالتن کي ڏسي، شاھ باھو عليه الرحمت فرمايو آھي ته:
پڙھ پڙھ علم مشائخ سڏاون ڪرن عبادت دوري، ھو
اندر جھڳي پئي لٽيوي، تن من خبر نہ موري، ھو
مولا والي سدا سوکالي، دل تون لاھ تڪوري، ھو
“باھو” رب تنھان نون، حاصل، جنھان جگ نہ ڪيتي چوري، ھو

صحيح علم جي واقفيت: ڪو وقت ھو، جو ڪاليج جي پروفيسرن وانگر مرشدن جي ھيٺين مسئلن ۾ مھارت لازمي سمجهي ويندي ھئي: صحيح روحاني تعليم (طريقت) ۽ تزڪيه نفس (اندر اجارڻ).
صاحب دل بزرگن ظاھر ڪيو آھي تہ صحيح تعليم اھا آھي، جا اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم ڏي رھبري ڪري. تنھن ڪري صحيح گروءَ ۽ مرشد ٿيڻ جو اھو ماڻھو لائق ٿي سگهي ٿو، جنھن جي نگاھ ۾ جملي انسانذات، بنا تميز مذھب، قوم، رنگ ۽ چڱي مٺي جي، ھڪجھڙي ھجي. شاھ سائينءَ فرمايو آھي ته:
پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي،
ڪانھي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
دوئي ۽ تعصب ان راھ ۾ وڏيون رنڊڪون آھن. شريعتي نظامن وارن مذھبن جا دستور، جيڪي ان دوئيءَ ۽ تعصب پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ جا وڏا سبب آھن. ان راھ ۾ وڏيون رڪاوٽون آھن، بيدل فقير عليه الرحمت فرمائي ٿو ته:
اکر ان دي وچ جوئي اڙيا؛ عشق دي چاڙھي مول نہ چڙھيا.
صوفي لاءِ لاڪوفي ھئڻ بنيادي شرط آھي.

تزڪيه نفس (اندر اجارڻ): مرشد يا گرو ءَ جي ٻي وصف اھا ھئڻ گھرجي تہ ھن وجود جو ورق ڪيني، نفرت، خودمطلبيءَ، تعصب، ھٺ، ھنسا ۽ خود فريبي کان ڌوئي صاف ڪيو ھجي. تڏھن ئي اھو انھيءَ رستي تي ٻين جي رھبري ڪري سگهندو. تزڪيه نفس جو اکر تہ ھرھڪ اچاريندو رھي ٿو، ليڪن ان درجي جي سمجهڻ ۽ پھچڻ لاءِ ڪي ٿورا ڪوشش ٿا ڪن. ان تي پھچڻ سان ئي نفس اطمينان حاصل ڪري سگهي ٿو، ۽ جاءِ امن يا دارالسللام تي پھچي ٿو.

(3) نفس مطمئنهءَ: نفس جي ٻن درجن جو ذڪر اڳي ڪري آيو آھيان – نفس اماره ۽ نفس لوامه. ٽيون درجو نفس مطمئنہ جو آھي، نفس جي ھن درجي تي پھتل ماڻھو ٻين جي صحيح رھبري ڪري سگهي ٿو. اھودرجو علم لدني يا گيان، عشق ۽ صحيح عمل جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو.

علم لدني يا گيان: قدرت ائين تہ نباتات ۽ حيوانن ۾ بہ ٿورو سمجهه جو مادو عطا ڪيو آھي. اُن کي سائنسدانن سمجهه يا ذھن (Mind)جي نالي سان سڏيو آھي. ان بابت اڄڪلھه نباتات ۽ حياتيات وغيره جي علمن ذريعي گهڻي روشني حاصل ٿي سگهي آھي. ليڪن اھا حقيقت آھي تہ ماڻھو کي اِنھن سڀني کان وڌيڪ سمجهه عطا ٿيل آھي. سمجهه مان علم پيدا ٿئي ٿو. علم جي درويشن ۽ عالمن چار مکيه صيغا يا شعبا مقرر ڪيا آھن؛
(i) ظني يا وھمي علم
(ii) الھامي يا وھبي علم
(iii) قياسي ۽ تقابلي علم
(iv) تجرباتي ۽ سائنسي علم

(i)ظني يا وھمي علم: انھيءَ قسم جو علم، شين کي سطحي طرح ڏسڻ بعد، گمان يا وھم ذريعي حاصل ٿئي ٿو. جھڙي طرح ھر متحرڪ شيءِ کي ڏسي، گمان آڻجي تہ ان ۾ زندگي يا روح آھي، تڏھن تہ چُري ٿي! انھي ڪري ئي اوائلي ماڻھن سج، چنڊ، تارن، ڪڪرن، وھندڙ پاڻي، سمنڊن، ھوائن ، باھ وغيره کي روحن سان مشتمل ڪيو.ھنن مختلف قسم جي آوازن، جھڙوڪ گوڙ، پاڻي جي وھڪ، وڻن جي گسجڻ، جبلن جي لڪن مان لنگهڻ وقت ھوا جي آوازن کي غيبي طاقتن جي آوازن سان منسوب ڪيو. ھن قسم جي علم ئي منجھن ڪن جانورن ۽ شين جي سڀاڳي ۽ نڀاڳي ھئڻ جي وھمن جو ۽ ڪن لفظن ۽ ڪرياڪرمن وغيره ۾ تاثير ھجڻ جو يقين پيدا ڪيو؛ جادوءَ ۽ مذھب جي ابتدائي عقيدن لاءِ ھن علم کي گهڻو دخل ھو. اڃا بہ ماڻھو انھن ابتدائي وھمن ۽ گمانن جي اثر مان پوري طرح آزاد نہ ٿي سگهيا آھن.

(ii) الھامي يا وھبي علم: گهڻي وقت کان ماڻھو خاص ڏات ۽ علم جا قائل پئي رھيا آھن. پيغمبرن، حڪيمن، فيلسوفن، شاعرن ۽ مخصوص درويشن ۾ ان علم جي ڏات يا بخشيش ھجڻ جو اعتبار ويٺل رھيو اٿن. ان بابت سندن چوڻ آھي تہ اھو علم ٻين علمن وانگر محنت ۽ تجربي ذريعي حاصل نٿو ٿئي. اھا خدا جي ڏات آھي، جنھن کي نصيب ٿي، اھو نوازجي ويو. ھڪ شاعر ان تي چيو آھي:
اين سعادت بزور بازو نيست، تا نہ بخشد خداي بخشنده.
(معني اھا ڳالھہ زور، يا محنت ذريعي حاصل ٿي نہ ٿي سگهي؛ اھا خدا جي ڏات آھي جنھن کي ھو بخشي!)
جيتوڻيڪ ان ڳالھہ کان انڪار ڪج فھمي ٿيندي تہ ھڪڙا ماڻھو غير معمولي ذھانت ۽ لياقت جا مالڪ آھن، ۽ ڪي صفا ڏڏ ۽ ڪند فھم ٿين ٿا؛ ۽ پھرئين ئي قسم جا ماڻھو آھن، جن طرفان مذھب، فلسفي ۽ ٻين علمن جي مختلف نظرين جون ايجادون ٿيون آھن؛ ليڪن ڪيترن ماڻھن کي غير معمولي علم سان گڏ ڪن غير معمولي قوتن ۽ طاقتن جو مالڪ بہ شمار ڪيو وڃي ٿو، جا ڳالھہ گهڻين غلط فھمين پيدا ٿيڻ جو سبب پئي ثابت ٿي آھي. انھن سان اھڙيون مبالغه آميز ڳالھيون گڏي، انھن ماڻھن کي ڪرامتن، معجزن ۽ پيشنگوين جي لياقت رکندڙ ۽ غيب جي حقيقتن سان ملبوس بہ سمجهيو وڃي ٿو. اھڙين ڳالھين ۾ اعتقاد رکڻ ڪري، ساري ڪائنات گويا چند شخصن جي ھٿ وسيڪي ٿيو پوي، ۽ اھو اعتقاد قانون قدرت سان ھڪ مذاق بنجيو پوي. اھي ئي خيال آھن، جن ھر علم ۽ ڪاروبار تي پيغمبرن ۽ درويشن، پوپن ۽ مھاتمائن جي محيط ۽ قابض ھجڻ ۽ ذاتي طور ھر نقص کان پاڪ ۽ معصوم ھجڻ جو عقيدو پيدا ڪيو. ھر مذھب جي عالمن ۽ شارحن اھڙي قسم جي علم کي گهڻي اھميت ڏني آھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي تہ انھن مخصوص غير معمولي ماڻھن جي ظاھر ڪيل راين کي مطلق حق سمجهيو ويو ۽ انھن تي نڪتہ چيني ڪرڻ غلظ قرار ڏنو ويو، جنھن مان ھڪ قسم جي ذھني ڊڪٽيٽري پيدا ٿي پيئي.
مذھبن جي بانين، درويشن ۽ نظرين جي ايجاد ڪندڙن جي اھميت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، ليڪن ھر ڳالھہ ۾ انھن کي معصوم ۽ صحيح ڄاڻڻ ڪري، مذھب مخصوص گروھ جي ھڪ ھٽي (مونوپولي) ٿيو پوي، ۽ ان جي تشريح خاص انداز ۾ ڪري، عقل، دليل ۽ اخلاق جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا، جنھنڪري مذھب مسقتل مفاد بنجيو پون. وڏو ظلم اھو آھي تہ سڀ مذھب الڳ الڳ پاڻ کي مڪمل، صحيح ۽ ٻئي کي غلط ۽ اڻپوري ثابت ڪرڻ جي دعوى ۽ ڪوشش ڪندي، ماڻھن ۾ امن، اتحاد ۽ ترقيءَ عوض فساد، تفريق ۽ تنزل جي پيدا ٿيڻ جا سبب بنجيو پون.

(iii) قياسي ۽ تقابلي علم: ھن قسم جي علم جو بنياد بحث، دليل، مناظري وغيره سان ڪن اصولن ذريعي وڌو وڃي ٿو. فلسفو، منطق ڪلام وغيره انھي علم جون شاخون آھن. ان قسم جو علم يونان، ھندستان، چين ، وچ مشرق، روم ذريعي وڌي، جديد دنيا جي معلومات ۽ ترقي جو باعث بنيو آھي. اھل مذھب بہ ھڪ حد تائين ان کي سندن مذھبن جي مدد لاءِ ڪتب آندو آھي. ليڪن زيادھہ تر مذھبن جي فرسوده عقيدن جي ختم ٿيڻ جي ڊپ کان، ان کي الھامي علم کان گهٽ ڄاڻي، ان کان پري رھڻ ۽ ماڻھن کي ان کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي. البت ھن علم کي بہ ڪن مستقل مفادن(Vested Interests) استعمال غرضيءَ(Exploitation) لاءِ ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جھڙوڪ سرمايه دارن، اشتراڪين، فسطاين ۽ رجعت پسندن ان کي پنھنجي پنھنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ ڪافي ڪتب آندو آھي. اھو علم مابعد الطبيعاتي(Metaphysics) خيالن تي ٻڌو وڃي ٿو.

(iv) تجرباتي ۽ سائنسي علم: ھن علم جو بنياد سائنسي کوجنا ۽ طبعي تجربي جي بنا تي قائم ڪيو وڃي ٿو. اھو ضروري نہ آھي تہ ھرڪو تجربو آخري سمجهي، ان کي قبول ڪيو وڃي. پر جيئن علم رياضيءَ (Mathematics)جا نتيجا ڳڻ گوت بعد اڪثر صحيح نڪرن ٿا، تيئن ھنن تجربن مان پڻ ڪي لازمي نتيجا صحيح ۽ اعتبار جوڳا نڪرن ٿا.
ھاڻ سوال اٿندو تہ انھن علمن مان ڪھڙي قسم جي علم کي وڌيڪ ڪارگر ۽ صحيح ڄاڻجي. ٿوري غور ڪرڻ بعد معلوم ٿيندو تہ پھرئين قسم جو وھمي علم انسان جي وحشيانہ ۽ غير بلوغت واري دور جو ھو. اھو موجودہ دور جي معلومات مطابق فرسوده ثابت ٿي ويو آھي. ٻين ٽنھي علمن انساني معلومات ۽ ترقي ۾ ڪافي اضافو ڪيو آھي. ليڪن ڪنھن کي بي خطا ۽ يقيني (In-fallible)سڏڻ قانون فطرت جي خلاف آھي. اھي سڀئي علم ذريعا آھن، مقصد نہ آھن. تنھنڪري جھڙو الھامي علم کي آخري ڄاڻڻ غلط ٿيندو تھڙو ٻين علمن کي بہ آخري ۽ بي خطا ڄاڻڻ ٺيڪ نہ ٿيندو. ھرھڪ مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ ضروري آھي – “واٽون ويھه ٿيون، ڪھه ڄاڻان ڪيھيءَ ويا!” پيغمبر، رشي، ولي، حڪيم، فيلسوف، شاعر بيشڪ ڏات وارا بزرگ ھئا، پر ھر ھڪ جي اھا ڏات بہ محدود دائري جي آھي. ٽيليويزن، ريڊيو، ھوائي جھاز، جوھري توانائي، بجلي، ايڪس ري وغيره ٺاھڻ سندن ڪم نہ ھو. تنھنڪري ملن، پنڊتن، پادرين طرفان اھا دعوى ڪرڻ تہ سندن مذھبن مان ھر ھڪ مڪمل نظريه حيات پيش ڪري ٿو ۽ انسانذات جي جملي مسئلن جو حل پاڻ وٽ رکي ٿو، اھو قانون فطرت جي خلاف ۽ محض مستقل مفادن جي ھٿن ۾ کيڏڻ جي برابر ٿيندو.
دنيا، ھزارن ورھين جي تجربي ۽ قياس بعد، ھر شيءِ ۽ مسئلي ۾ نئين معلومات حاصل ڪئي آھي. ليڪن ڪڏھن بہ ان کي مڪمل ۽ حرف آخر سمجهڻ قانون ارتقا جي خلاف آھي. روزمره جي ڪارگذاري، ماحول جي وسائل، قديم معلومات جي ذخيري جي فراھمي، نين ضرورتن جي تقاضائن، تقابلي قياس آراين ۽ سائنسي تجربن ڪري ڏينھون ڏينھن نوان راز کلندا رھندا ۽ ماڻھو ترقي ڪندا ويندا. تنھنڪري مکيه مذھبن طرفان سندن علم جي مڪمل، صحيح ۽ آخري ھجڻ جون دعوائون بنيادي طرح غلط ۽ خودفريبي ۽ مسقتل مفاد جي قائم رکڻ لاءِ استعمال غرضيءَ (Exploitation)جو ھٿيار ئي چئي سگهجن ٿيون.
دنيا ۾ نظرين جي اختلافن، مذھبن جي ھزارھا فرقن، ۽ ھر علمي ۽ سائنسي کوجنا بعد حاصل ٿيل نت نئينءَ معلومات جي باوجود، اھل نظر انھن جي پويان بنيادي وحدت پرکي سگهن ٿا.
ڪنھن علم يا نظريي جو ڪمال ان ۾ نہ آھي تہ ان کي محدود ۽ مڪمل ڪيو وڃي، پر اُھو، وھندڙ پاڻي وانگر، پاڻ وٽ ھر روز نون نياپن ۽ رازن جي معلوم ٿيڻ جو دروازو کليل رھڻ ڏئي، اھوئي ان جو ڪمال آھي.
ڪنھن بہ ماڻھو، قوم ۽ مذھب کي حق نہ آھي تہ علم، عقل ۽ صحيح ھدايت جي ھڪ ھٽي جي دعوى ڪري. ذات حق ۽ ان جو علم ھڪ بحر بي پايان آھي، تنھن مان ماسو مال بہ پر ڪري سگهي ٿو. پر اھو ڪنھن جي، بنا شموليت ٻئي جي، ورثي ٿيڻ کان مٿي آھي.
البت اسان صحيح ۽ غلط ڪم لاءِ ڪي نشان معلوم ڪري، انھن سان اڳتي وڌي سگهون ٿا. منھنجي ناقص عقل موجب ھيٺيون ڳالھيون صحيح علم طرف رھبري ڪري سگهن ٿيون؛
(1)اتحاد انسانيءَ لاءِ ڪوشش
(2) امن عالم لاءِ جدوجھد
(3) انسانذات جي ذھني ، نفسياتي ۽ جسماني ترقيءَ ۽ بھبوديءَ جو مطمح نگاه.
انھن سڀني ڳالھين جي حصول لاءِ صحيح علم اھو آھي تہ سواءِ عشق ۽ محبت جي ڪابہ ڳالھہ اوڏانھين رھبري ڪري نہ سگهندي. محبت اتحاد آڻي ٿي. اتحاد مان امن پيدا ٿئي ٿو ۽ امن انساني ترقي ۽ عافيت لاءِ ضمانت آھي.
تنھنڪري، ھر اھا ڳالھہ، جا انسانذات جي وچ ۾ نفاق ۽ نفرت پيدا ڪرڻ جو ڪارج بنجي،
ھر اھا ڳالھہ، جا امن لاءِ فتني ۽ فساد جو باعث بنجي،
ھر اھا ڳالھہ، جا مجموعي خوشيءَ، فلاح ۽ بھبوديءَ ۾ رڪاوٽ وجهي، ۽
ھر اھا ڳالھہ، جا شخصي ۽ عارضي نفعي کي مجموعي ۽ دائمي مفاد تي ترجيح ڏئي،
سا غلط آھي: پوءِ ان کي مذھب، فلسفي، سائنس، خدا ۽ پيغمبرن جي نالي ۾ ئي ڇو نہ پيش ڪيو وڃي.

(3) مذھبي رسومات، ڪرياڪرم ۽ عبادت جو صيغو: ٽيون مذھبن جو صيغو عبادتن، پوڄا يا پريئر (Prayers)جو آھي. ان ۾ ڪئي قسم جدا جدا مذھبن طرفان ايجاد ڪيا ويا آھن. مذھبن جي تاريخ ۾ ٻڌائي آيو آھيان تہ ان جو رواج ماڻھن جي وحشيانہ زندگيءَ کان پيل آھي. ابتدا ۾ ان جو مقصد ظالم غيبي طاقتن کي رضامند يا تسخير ڪرڻ جو ھو، پوءِ آھستي آھستي ٿي جڏھين ماڻھن جي ذھني ترقيءَ ۾ واڌارو ٿيو، تہ ان جا آخري مقصد وڃي ھيٺان بيٺا:
(1)خدا جو رضامندو
(2) تزڪيه نفس
(3) سڪون قلب
(4) آخرت جو فائدو
(5)گناھن کان ڇوٽڪارو
عبادات، رسومات ۽ ڪرياڪرمن جي مسئلي تي مفصل بحث چوٿين فصل ۾ ايندو. ھتي ھي چوڻ ڪافي ٿيندو تہ عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکجڻ بعد، جديد دور جي انسان جي لاءِ انھن ڳالھين جي اھميت گهٽجي ويئي آھي. خدا جي راضپي ۽ ناراضپي جو تصور ئي اھل نظر وٽ غلط آھي. خدا سائين انھن انساني صفتن کان مٿي ۽ پاڪ آھي.
تزڪيه نفس تي مٿي بحث ڪري آيو آھيان. ان مان پڙھندڙ فيصلو ڪري سگهندا تہ اھو طريقو ڪيتري قدر ڪارائتو ٿيو آھي. تزڪيه نفس جي واسطي عبادت ڪرڻ جو ھڪ فائدو اھو بہ بيان ڪيو وڃي ٿو تہ ان مان اندر اُجري پوي ٿو ۽ ماڻھو خدا، رسول، پيغمبرن، ولين ۽ رشين جو ديدار ڪري سگهندو. ان مان، ٿوري غور ڪرڻ بعد، انھي نقطہ نظر جي غلطي معلوم ٿي سگهي ٿي. خدا جو ديدار ٿيڻ ناممڪن آھي. ھو وھم، گمان، قياس ۽ نظر ۾ اچڻ کان برتر ۽ بالا آھي . خواجه حافظ شيرازي فرمايو آھي –
عنقا شڪار ڪس نشود دام باز چين،
ڪه اين جا ھميشه باد بدست دام را.
رسول صلعم جي ديدار جو سوال بہ ڪونہ ٿو اٿي سگهي. ھاڻي تہ ماڻھو کين خواب ۾ ڏسندو. پر ابوجهل کين روبرو ڏسي بہ راھ ھدايت حاصل نہ ڪئي. رسول کي بہ ھڪ عام شخص سمجهي، سندن ڏسڻ مان سرور حاصل ڪرڻ مان ڪو خاص فائدو حاصل نٿو ٿئي. اھل تصوف جي نظر ۾ رسول مقبول ھڪ حقيقت آھي، جنھن کي رحمتہ العالمين سڏيو اٿن، جا حقيقت صرف امن عالم لاءِ ڪوشش ۽ جدوجھد ڪرڻ ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿي.
عبادت وغيره جو ٽيون مقصد سڪون قلب چيو وڃي ٿو. اھا حقيقت آھي تہ ھن وقت بہ دنيا ۾ ڪروڙين انسان آھن، جي مالي تڪليفن، بيمارين ۽ ٻين طرح طرح جي مصيبتن ۾ مبتلا آھن، جن لاءِ عبادت نفسياتي طور گهڻي قدر تسڪين دل جو ڪارڻ بنجي ٿي. سائنسدانن، فيلسوف ۽ دھريا کڻي ان کي آفيم جو نشو سڏين، پر اھا حقيقت آھي تہ ماڻھن جو ڪثير تعداد، ڪھڙن بہ سببن ڪري، اڃا تائين ان جي افاديت ۾ اعتقاد رکي ٿو.
آخرت جي فائدي جي نقطہ نگاه کان عبادت ڪرڻ اھل نظر وٽ صحيح نہ آھي. ازانسواءِ جنھن موھوم آخرت جو تصور ملا، پنڊت ۽ پادريءَ کي آھي، ان ۾ صوفيءَ جو اعتقاد ئي نہ آھي.
مجھڪو معلوم ھي جنت ڪي حقيقت ليڪن،
دل ڪي بھلاني ڪو “غالب” يه خيال اچھا ھي.
عبادت گناھن کان ڇوٽڪارو وٺي ڏيندي، اھو ھڪ نھايت نقصانڪار تصور آھي. انھي تخيل ئي مذھب کي چور مارڪيٽن، سمگلرن، زانين، راشين، غاضبن وغيره جي جاءِ پناه بنائي رکيو آھي. اھو خيال تہ ڪھڙا بہ گناه ڪري، خدا جي عبادت ڪرڻ سان، انھن جي سزا کان معافي حاصل ڪري سگهبي، نھايت خطرناڪ عمل آھي.
ٻيا طريقا عبادت جا ذڪر ، راڳ ۽ فڪر ڏسيا ويا آھن. ان لاءِ پھريون سوال اٿندو تہ اھي سڀ ڇا لاءِ آھن؟ جي عارضي سڪون قلب حاصل ڪرڻ لاءِ آھن، تہ ٺيڪ آھي. پر ڪنھن وڏي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تہ مٿي ذڪر ڪيل وحدت خيال ۽ عمل انساني جا ئي اصول مقرر ڪري، ان لاءِ انھن کي ذريعي طور ڪتب آڻڻو آھي. شيخ سعدي عليه رحمتہ فرمايو آھي تہ
دل بدست آور ڪه جج اڪبر است،
از ھزار ڪعبه يڪ دل بھتر است
(معني دلين کي رضامند ڪر، جو اھو ڪم حج اڪبر برابر آھي، ھزارن حجن کان ھڪ دل راضي ڪرڻ وڌيڪ آھي.)
درويشن وٽ سچي عبادت محبت انساني آھي، جا عملي صورت ۾ خدمت خلق جي ذريعي مڪمل ٿي سگهي ٿي.
ھاڻ سوال اٿندو تہ محبت ۽ عشق ڇا آھي؟ ھيٺ ان بابت پنھنجي راءِ پيش ڪريان ٿو.
محبت ۽ عشق جو رستو:
جملي درويشن، صوفين، سنتن، يوگين وغيره ان کي خاص اھميت ڏني آھي. ليڪن ڪيترا ماڻھو آھن، جن ان جي صحيح معنى ۽ مطلب سمجهڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آھي. ھڪڙن فلسفي (عقل)کي مذھب جو روح سڏيو آھي، تہ ٻين عشق کي. اسان جو سنڌي درويش فرمائي ٿو.
عشق سارو اسلام، مذھب محبت عين مبارڪ (مصري شاھ)
ٻئي ھنڌ شاھ باھو عليه الرحمتہ فرمائي ٿو
ايمان سلامت ھرڪو ئي منگي عشق سلامت ڪوئي، ھو
منگن ايمان، شرماون عشقون، دل نون غيرت ھوئي، ھو
جس منزل نون عشق پھچائي ايمان خبر نہ ڪوئي، ھو
ميرا عشق سلامت رکين “باھو” ايمانون ديان ڌوئي، ھو
عشق کي درويشن ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي، ان جو ذڪر ڪيو آھي؛
(1)عشق مجازي
(2)عشق حقيقي
جيتوڻيڪ آخري طور ٻنھي کي ھڪ وڻ جي ٽاري، يا پھرئين کي پوئينءَ منزل تي پھچڻ جي پل، چيو اٿن، جنھنڪري مولانا جاميءَ فرمايو آھي ته
متاب از عشق رو گرچه مجازي است،
ڪه آن بھر حقيقت ڪار سازي است
(يعني – عشق کان منھن نہ موڙ، جيتوڻيڪ مجازي ھجي، ڇاڪاڻ تہ ان مان حقيقت جو پتو پوي ٿو)
(1)عشق مجازي: عشق مجازي جي سمجهڻ ۾ اڪثر غلطي ڪئي ويئي آھي. رواجي طرح ان کي نفساني خواھش جي پوري ڪرڻ جي ڪشش يا ڪنھن واحد شخص جي محبت سان منسوب ڪيو ويو آھي. پر انھيءَ مسئلي ۾ اونھي نظر ڪرڻ بعد، پتو پوندو تہ خود عشق مجازي، جو جسماني ۽ دنياوي ڳالھين سان واسطو رکي ٿو، ان جا ٽي درجا مقرر ڪيا ويا آھن – جھڙوڪ (1) فرد واحد جو عشق، (2) قوم ۽ ملڪ جو عشق (3) انسانذات جي محبت.
انھيءَ مسئلي کي پوري طرح سمجهائڻ لاءِ عشق جي انھن ٽنھي درجن تي مختصر روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس.
فرد واحد جي عشق پيدا ٿيڻ جا ڪارڻ ٽي ٿين ٿا. جنسي نفسياتي خواھش، ۽ طبيعتن جي ھڪجھڙي ھئڻ ڪري، رفيق حيات يا مونس جان جي خواھش، ۽ ھم خيالي جو جذبو ۽ احساس.
جنسي خواھش: ماڻھو ساھ وارو جانور آھي، ۽ ھر جاندار شيءِ کي پنھنجي بجاءِ ۽ نسل جي قائم رکڻ جي خواھش قدرت طرفان وديعت ڪيل آھي. تنھنڪري مرد کي عورت ۽ عورت کي مرد لاءِ ڪشش ٿئي، تہ اھا فطري خواھش آھي. ان ۾ نہ گناه آھي نہ عيب. گناھ ۽ عيب ان حالت ۾ ۾ پيدا ٿئي ٿو، جڏُھن ان فطري خواھش جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪو فرد قبيلي، جماعت يا معاشري جا تسليم ڪيل دستورالعمل اورانگھي، ان کي اصلي مقصد، يعني مونس حيات ۽ نسل جي بقا جي ذريعي کان ھٽائي، جانورن وانگر صرف نفساني سڌ پوري ڪرڻ لاءِ ڇڙواڳ ھلائي، ۽ قبيلي، جماعت ۽ معاشري ۾ رخنا پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بنجي ٿو. حقيقي طرح، ڪنھن ھم خيال، ھم نفس ۽ وفادار رفيق حيات ڳولڻ ۽ لھڻ جي تانگھه کي ئي صحيح شخصي عشق ڪوٺي سگهجي ٿو. ان ڪري ڪثرت کان نڪري وحدت طرف وڃڻ سان، اُن کي اطمينان قلب جي سبب ۽ جماعتي زندگيءَ ۾ ڪارآمد بنجڻ جو موقعو ملي ٿو.

ساٿي يا ھم نفس دوست: ماڻھو ولر يا سنگت ۾ رھڻ وارو جانور آھي. تنھائي ھن لاءِ وڏو عذاب آھي. ان ڪري اڄڪلھه قيد تنھائي کي سخت سزا سمجهيو وڃي ٿو. ليڪن ھن وسيع عالم ۾، باوجود جماعت ۾ رھڻ جي به، ڪيترين ڳالھين ڪري ماڻھو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿو. تنھنڪري سچي دوست ۽ ھم نفس سنگتيءَ جي ملڻ کي عالمن ۽ اھل دل شخصن وڏي وٿ ڪري سمجهيو آھي. زندگيءَ ۾ ماڻھو کي گهڻن ماڻھن سان واسطو پوي ٿو، جن ۾ شڪل شباھت جي خوبيءَ ۽ ظاھري ڏيکاءَ جي باوجود، ڪيترا اھڙا آھن، جن لاءِ شاھ صاحب فرمايو آھي –
صورت گهڻو سھڻا، ٽاڻا سندن ٽوھ،
جھه ريلو ڏئي روح، جو کائي سو کامي مري.
سڀڪا چلڪندڙ شيءِ سون ڪانہ ھوندي آھي. ڪيترا ماڻھو منھن ۾ موسى جھڙا، پر اندر ۾ ابليس جھڙا ھوندا آھن. تنھنڪري ماڻھن جي سنگ ۾ اڪثر ڌوڪي جو امڪان رھي ٿو. صحيح قسم جي دوستيءَ ۾ جنسي ڪشش گهٽ، ھم نفس دوستيءَ جو اثر وڌيڪ رھي ٿو. جنھنڪري ان ۾ زال ۽ مرد جو سوال نٿو رھي. زالون بہ ھڪٻين جون دوست ٿي سگهن ٿيون، ۽ مرد بہ ھڪٻين جا دوست ٿي سگهن ٿا. اھڙي دلي دوست جو ملڻ نعمت عظمى ڪري سمجهيو وڃي ٿو. زندگي ان ڪري سجائي، پرلطف ۽ پرمعنى ٿيو پوي.
ھم خيال ۽ ھم طبع: اھا اھڙي قسم جي دوستي آھي، جنھن اندر دوست سان خيالن ۾ يڪجھتي ۽ طبيعتن ۾ ھڪجھڙائي ٿيندي آھي. اھڙو ماڻھو ھزارن ۾ ڪو ھڪ مس ٿئي ٿو. ان جي ڳولا ۾ ورھين جا ورھيه جفاڪشي ڪرڻي پوي ٿي. يا قدرت طرفان مھرباني ٿيڻ ڪري ڪڏھن ڪڏھن اوچتو مليو وڃي. اھڙي دوست لاءِ، ھندن جي نقطہ نگاه موجب، اڳيئن جنم جي ساٿ يا صوفين جي نقطہ نگاه کان، روز ميثاق يا الست جي ڳانڍاپي جو حوالو ڏنو وڃي ٿو. شاھ صاحب ان کي ھن طرح تشبيه ڏئي ٿو.
الست ارواحن کي، جڏھن چيائون،
ميثاقان ميھار سان، لڌيون مون لائون،
سو موٽي ڪيئن پاھون، جو محفوظان معاف ٿيو.
مجاز جو ٻيو ترقي يافتہ درجو قوم ۽ ملڪ جي محبت آھي، جنھن ۾ اھا محبت فرد کان ۽ ذات کان مٿي چڙھي، مجموعي ۽ معنوي ٿيو پوي. پھرينءَ جو مثال مومل جو راڻي لاءِ روئڻ ۽ سارڻ آھي، تہ ٻيءَ ۾ مارئيءَ کي مارن جي سڪ سجھائي ۽ نير وھارائي ٿي. ٻيءَ جو درجو پھرين کان سوين ڀيرا مٿي آھي. پيغمبر خدا حضرت محمد صلعم ان کي “حب الوطن من الايمان” چئي، ايمان جو جزو قرار ڏنو آھي. شاھ لطيف عليه الرحمت پھرين درجي جي مجاز جي بہ تعريف ڪري ٿو، پر جڏھن ھو ٻئي درجي جي محبت جو ذڪر ڪري ٿو، تہ نھايت نازڪ ۽ لطيف جذبن جو اظھار ڪري ٿو. وطن جي محبت جو ذڪر ڪندي، پاڻ فرمائي ٿو:
واجھائي وطن کي، جي آءُ ھت مياس،
تہ گور منھنجي سومرا، ڪج پنوھارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيھه جي، منجھان ولڙين واس،
ميائي جس، جي وڃي مڙھ، ملير ڏي!
پنھنجي قوم جي محبت جو ذڪر مارئي جي واتان، ور ور ڏيئي، ھيئن ڪرائي ٿو:

جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا!

ٿر ٿر اندر ٿاڪ، عمر ماروئڙن جا!

ايءَ نہ مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي!

ان محبت جي درجي کي درويشن “فنا في الشيخ” سان مشابھت ڏني آھي. ان مان مراد ماڻھن کي قومي مفاد لاءِ شخصي مفاد کي ايثار ڪرڻ جو سبق ملي ٿو.
مجاز جو ٽيون ۽ سڀ کان مٿاھون درجو انسانذات جي محبت ۽ عشق آھي. ھن ۾ قطرو پاڻ کي قلزم ۾ سمائڻ جي خواھش رکي ٿو. ان کان پوءِ عشق حقيقي ڏي وڃي سگهبو. جيڪو ان درجي کي نہ پھتو آھي، سو کڻي بحر و بر جو زاھد ھجي، پر حقيقت کان واقف ٿي نہ سگهندو. ڀلا ڪھڙي طرح ڪو ماڻھو صرف ورد وظائف، ذڪر فڪر ڪري، ان ذات حقيقي جي محبت جي دعوى ڪري سگهندو، جنھن جي دل مذھبي ڪٽرپڻي، قومي اختلافن، رنگ ۽ نسل جي تفاوتن، اوچ ۽ نيچ، پاڪ ۽ پليت، ڪافر ۽ مسلم جي ڀيدن سان ڀري پيئي ھوندي. مسلم اھل تصوف ان کي “فناقي الرسول” جو درجو ڏنو آھي، ڇاڪاڻ تہ ھنن رسول مقبول کي رحمت العالمين ڪري ڄاتو آھي. ان عالمن جي رحمت تائين پھچڻ لاءِ ماڻھو کي مذھب، قوم رنگ ۽ نسل جا تفاوت مٽائڻ لازمي آھي. انسان ذات جي محبت کان سواءِ رسول جي محبت جي دعوى ڪرڻ بيڪار ۽ بي معنى آھي – ھي اُھي ماڻھو آھن، جن لاءِ روحل فقير فرمايو آھي:
ڪفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀرن ابتا پير،
ھڪ ھندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندھ نہ لھي تن کي سچ چوندو ڪير،
“روحل” راھ پرين جي گھمين ڏٺوسون گھير،
تہ رب مڙني ۾ ھيڪڙو، تنھن ۾ ڦند نہ آھي ڦير.

(2) عشق حقيقي: حقيقت جو نالو تہ ھرڪوئي وٺي ٿو، پر اھا حقيقت ڇا آھي، تنھن طرف توجهه ڪنھن ڇٽو ڏنو آھي. ورد وظيفا پڙھندڙ ملا ، ذڪر فڪر ۾ مشغول پير طريقت ڇيريون پائي ان الحق اچاريندڙ صوفي ، لنگ ڪڍي نانگا ٿيل يوگي، سمرتيون سوريندڙ ساڌو، ويدن تي وعظ ڪندڙ پنڊت ۽ موناٽرين ۾ تارڪ الدنيا ٿي ويٺل راھب سڀ عشق حقيقي جي دعوى ڪن ٿا يا ڪم از ڪم پنڌ جا پانڌيئڙا سڏائين ٿا. ھنن جي ڳالھين کي ٻڌي، ڪبير ڀڳت چئي ڏنو ته:
حد حد چليا ھر ڪوءِ، بيحد چليا نہ ڪوءِ،
بيحد ڪي ميدان ۾، کڙا ڪبيرا روءِ!
اُن لاحد جي ڳولا بعد جڏھن ڪي درويش پنھنجي بي بسي ڏسن ٿا، تہ چيو ويھن –
در ھر طرف ڪه رفتم جز حيرتم نيفزود،
فرياد زين بيابان و زراه بي نھايت. (حافظ)
(معنى جيڏانھن بہ ويس تہ حيرت وڌيم، جو اڻ کٽ صحرا جو سفر دانھن ڪڍايو ڇڏي.)
باوجود انھيءَ جي، ھن راھ جي ڳولائڻ طرفان ڪي دڳ ڏسيل آھن: ھڪ آھي پاڻ وڃائڻ جو، ٻيو آھي پاڻ سڃاڻڻ جو، جن کي صوفيانہ زبان ۾ نفي ۽ اثبات بہ سڏيو اٿن. ان تي مختصر روشني وجهڻ ضروري سمجهان ٿو.
پاڻ وڃائڻ: ھن ڪيفيت ڪي اڪثر غلط معنى ۾ ورتو وڃي ٿو. بعضي تارڪ الدنيا ٿيڻ، بعضي نفي جو جو ذڪر پڄائڻ، بعضي ڪنھن نہ ڪنھن نفسي خرابيءَ کي دور ڪرڻ ان لاءِ ضروري ٿا سمجهن. شاھ صاحب فرمايو آھي :
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ ترڪ طمع کي ڪر،
وڍي وھم وجود جا، خاصي ڌيان ڌر،
تہ ڪنھن پھچين پر، لکجئين لاھوت ۾.
ھاڻ سوال اٿندو تہ “طمع جي ترڪ ڪرڻ” جو مطلب ڇا آھي. انسان ۾ خوديءَ ڪري خودمطلبي پيدا ٿئي ٿي، جنھنڪري ھو، خودفريبيءَ جي عالم ۾ اچي، ھر ڪا شيءِ پاڻ لا ءِ سمجهڻ لڳي ٿو. ان جي ختم ڪرڻ لاءِ مجاز جي پھرئين درجي ۾ محبوب کي ھٿ ڪرڻ سکي ٿو. مجاز جي ٽئين درجي ۾ قومي نفعا انسانذات جي مفاد لاءِ ايثار ڪرڻ سکي ٿو. ھي درجو اھو آھي، جنھن ۾ نہ صرف دنياوي نفعي کي ترڪ ڪرڻو اٿس، پر اعتقادي، مذھبي ۽ نظرياتي لاڳاپا بہ ختم ڪري، ھر ڳالھہ تي نئين سر غور ڪرڻ جو مادو پيدا ڪرڻو اٿس. بيدل فقير ان لاءِ چوي ٿو:
سک رمز وجود وڃاوڻ دي،
نھين حاجت پڙھڻ پڙھاوڻ دي.

اکران دي وچ جوئي اڙيا،
عشق دي چاڙھي مول نہ چڙھيا. (بيدل فقير)

اُن رستي تي، بقول سچل سرمست:
اول ڀيري ڀڃ، جي بند خيالات جا،
تنھن پڄاڻان وڃ، حلاجي حيرت ۾.
اُن حالت کي ٻڌ ڌرم وارن “نروان پد” شمار ڪيو آھي، رندن “نجات” ڪوٺيو آھي، راھبن سالويشن (Solvation)سڏيو آھي، سنياسن “تياڳ” جي نالي سان ظاھر ڪيو آھي. ان جي در پھچڻ، طالب مڙني مذھبن جي ٻنڌتن کان آزاد ٿيو وڃي:
ڏسو عشق جا انصاف، مڙئي مذھب ڪيائين معاف!


پاڻ سڃاڻڻ: ان کي صوفين “اثبات” جي نالي سان سڏيو آھي. اِھو اُھو عشق جو درجو آھي، جنھن ۾ ھر ڪا ڳالھہ نئين صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچيس ٿي. سچل سرمست ان حالت لاءِ فرمائي ٿو؛
بيرنگيءَ مون رنگ، پسو جو پيدا ٿيو،
ظاھر ۾ ٻيو رنگ، موسى ۽ فرعون جو.
شاھ سائين ان بابت فرمائي ٿو ته:
پيھي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رھاڻ،
تہ نڪو ڏونگر ڏيھه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنھون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ھئا.

ان عشق جي درجي کي “حال” بہ سڏيو اٿن، جنھن ۾ نہ صرف وحدت جو علم ماڻھوءَ کي حاصل ٿئي ٿو، بلڪه ان ۾ ھو پاڻ کي سمايل ڏسي ٿو. ان کي “منصوري مقام” بہ سڏين ٿا. شاھہ سائينءَ ان درجي جو ذڪر ھنن لفظن ۾ فرمايو آھي:
سو ھي، سو ھو، سو اجل، سو الله،
سو پرين، سو پساھ، سو ويري، سو واھرو!
ان کي ڪن “بقا باالله” سڏيو آھي، ڪن “اوھم” ۽ ڪن “انال الحق” جي آواز سان ظاھر ڪيو آھي.

عمل جي زندگي:
ھيءَ ڳالھہ بہ دلچسپيءَ کا خالي نہ ٿيندي، جي ظاھر ڪجي تہ عبادت۾ خدمت خلق جي عملي زندگيءَ کي بہ وڏو درجو ڏنو ويو آھي. ان لاءِ جملي مذھبن زور ڏنو آھي. قرآن ۾ آھي “لم تقولون ما لا تفعلون” معنى “جيڪي ڪري نہ سگهو، ان جي گفتگوڪرڻ مان ڪو فائدو نہ آھي.” ڪرشن مھاراج گيتا ۾ سارو زور ڪرم تي ڏنو آھي – چي، صحيح ڪرم ۾ ئي انساني نجات جو راز لڪل آھي. ھڪ شاعر ان تي چيو آھي ته:
موجيم ڪه آسودگيءَ ما عدم ماست
ما زنده بہ آنيم ڪه آرام نگيريم.
(معنى آءُ ان لھر برابر آھيان، جنھن تي منھنجو بقا رھي ٿو؛ جي اھا بند ٿي وڃي تہ منھنجو وجود ئي ختم ٿي ويندو.)
علامه اقبال ان کان متاثر ٿئي، فرمائي ٿو؛
عمل سي زندگي بنتي ھي جنت بھي جھنم بھي
مشرقي مذھبن جي ساري تعليم جو مدار ڪرمن جي ڦل تي رکيل آھي. مھاتما ٻڌ ان ۾ صرف ھي اضافو ڪيو آھي تہ صحيح علم کان سواءِ ڪرم اجايو آھي.
آخر ۾ لب لباب ان ساري تعليم جو اھو وڃي بيھندو تہ (1) گيان يا صحيح علم، (2) عشق يا پريم، ۽ (3) عمل يا ڪرم – ٽيئي رستا آھن، جن تان طالب ھلي سگهي ٿو، ۽ آخر ۾ اھي سڀ وڃي ملن ٿا، ۽ انھن جي ميلاپ بعد ئي حقيقت جو پتو پئجي سگهندو.

4 مذھب جي شريعت يا فقھه واروصيغو؛
ھن صيغي ۾ جماعت زندگيءَ جي نظام ۽ امن لاءِ ڪن قانونن جي پوئلڳي ضروري آھي. اھي قانون ٻن طرحن سان مروج رھيا آھن (1)مذھبي قانون، (2) قومي قانون.
جيئن تہ جماعتي زندگي جا قانون ھميشه معاشري جي تبديليءَ سان تبديل ٿين ٿا، تنھنڪري دنيا ھن وقت ان درجي تي پھتي آھي تہ ھزارين ورھيه اڳي جا مذھبن طرفان مقرر ڪيل گهڻا قانون فرسوده ٿي ويا آھن. ھاڻ ھر ھڪ قوم کي سندن ملڪي ضرورتن، وقتي تقاضائن موجب انھن جا نوان قانون ٺاھڻا آھن. جملي مذھبي قانون جديد دور ۾ عملن منسوخ ٿي چڪا آھن. ھن وقت جيڪي پادري ڪرستاني قانون، ھندو منوسمرتي قانون ۽ مسلمان شريعتي قانون رائج ڪرڻ گھرن ٿا، سي يا احمق آھن، جو زماني جي ديوار تي جيڪي لکيل آھي سو پڙھي نٿا سگهن، يا پنھنجي پنھنجي مستقبل مفاد قائم رکڻ لاءِ، پنھنجن پوئلڳن کي ڌوڪيو ڏين ٿا.

فصل ٽيون: مذھب ھڪ آھي يا گهڻا آھن

ھن مسئلي تي مذھبي علم جا ماھر ٻن راين ۾ ورھايل آھن؛ ھڪڙا مذھبن جي ڪثرت ۽ باھمي اختلاف جا قائل آھن؛ ۽ ٻيا ڪثرت جي پويان بنيادي وحدت ۾ اعتبار رکن ٿا. اِنھن ٻنھي راين جي نقطہ نگاھن کي ذرا تفصيل سان بيان ڪرڻ ضروري آھي.

(1)مذھبن جي ڪثرت ۽ باھمي اختلاف جو نظريو:
مذھبن جي تاريخ جي ذڪر ۾ ڄاڻائي آيو آھيان تہ قديم زماني کان ھر ملڪ ۾ ماڻھن جي مختلف قبيلن ۾ جدا جدا عقيدا، رسمون ۽ رواج، سماجي دستورالعمل، عبادتن يا ڪرياڪرمن جا طريقا پئي رھيا آھن، جن جي آڌار تي مذھبن جي تعمير ٿي آھي.
قديم وحشياني ۽ اوائلي دور کي ڇڏي، موجودہ عالمگير ۽ ثانوي مذھبن کي ٿو ڏسجي، تہ اُھي بہ ڪيترائي آھن. جيڪڏھن انھن جا فرقا شمار ڪبا، تہ ھزارن جي تعداد ۾ وڃي بيھندا. اِنھن حقيقتن جي موجود ھوندي، ڪثرت مذاھب ۽ عقيدن کان انڪار ڪري نہ سگهبو. مذھبن ۽ عقيدن جي ڪثرت جي ھن صورتحال کي غور سان ڏسبو تہ ان ۾ ٻہ رجحان نمايان نظر ايندا: ھڪ، مرڪزيت يا وحدانيت طرف ڇڪيندڙ آھي؛ ٻيو، لامرڪزيت يا انفردايت ڏي گھليندڙ آھي. انھن کي انگريزي ۾ (Integration) يا (Centralization) ۽ (Disintegration) يا(Decentralization) ڪوٺي سگهبو. ٻين لفظن ۾ اُنھن کي ڪليت يا تڪميل ۽ جزيت يا ورھاست بہ سڏي سگهجي ٿو.
جيئن سياسي عالم ۾ ڪي ماڻھو سياست عمل جا پوئلڳ ٿي، موجودہ حقيقتن کي مدنطر رکي، جماعتي نظام ۽ ملڪي انتظام لاءِ حاضر حالتن مطابق قدم کڻندا آھن، تہ ڪي وري مستقبل کي حال تي ترجيح ڏئي، دائمي ۽ مجموعي مفاد لاءِ ڪم ڪندا آھن، تنھن وانگر مذھبن ۾ ڪي بزرگ ماڻھن کي چند عقيدن، رسم و رواج ۽ دستورالعمل جي بنياد تي ، مذھبي جماعتن، فرقن ۽ گروھن وسيلي ڪٺو ڪري، سندن سماجي ۽ اخلاقي تنظيم ڪرڻ گھرن ٿا – جنھن جي ڪري اڄ دنيا ۾ مذھبن ۽ فرقن جي ڪثرت ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ٻيا وري اھي ماڻھو آھن ، جي انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ کي مدنظر رکي، مرڪزيت ۽ تڪميل انسانيت لاءِ ڪم ڪرڻ گھرن ٿا. پھريون گروھ لامرڪزيت ڏي ڇڪي ٿو. ٻيو مرڪزيت ڏي. ٻئي جو جدا ذڪر ڪيو ويندو. ھتي ڪثرت مذاھب جي ڪارڻن ۽ ان جي نتيجن جو ذڪر ڪندس.
جيئن تہ مذھبي جماعتون ، رضاڪارانہ بنيادن تي، ڪن عقيدن رسمن ۽ رواجن ۽ سماجي دستورالعملن تي برپا ڪيون وڃن ٿيون، تنھنڪري ھر ھڪ مذھبي جماعت جي تنظيم، ترقي ۽ مضبوطي لاءِ ھيٺين ڳالھين جو اھتمام ڪيو وڃي ٿو:
(1)مذھبن جي بانين کي معصوم ۽ مڪمل قرار ڏيئي ، انھن جي قول ۽ فعل جي پوئلڳي ڪرڻ ضروري ڄاتي وڃي ٿي.
(2) انھن جي ڏنل تعليم کي فوق العقل يا الھامي ڄاڻي، ان جي صداقت ۾ ايمان رکڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
(3) انھن جي برپا ڪيل مذھبن جا سماجي ۽ شريعتي قانون بھترين ڄاڻي، انھن ذريعي ئي راھ نجات حاصل ڪرڻ جو عقيدو رکيو وڃي ٿو.
(4) انھن مذھبن کي بھترين لائح حيات ڄاڻي، انھن کان ٻاھر ٻين جملي مذھبن ۽ عقيدن کي غلط ڄاڻجي ٿو.
انھن ڳالھين جي ايتري اھتمام ڪري، ھرھڪ مذھبي جماعت کي سندن مذھبي عقيدن ۽ دستورالعمل جي صداقت ۾ ويساھ ويھي ويو آھي. اھڙيءَ طرح سان اُھي مستقل مفاد بنجي پيا آھن. ۽ انھيءَ صورتحال ۾ جدا جدا مذھبن جي جدا جدا فرقن جو پيدا ٿيڻ، ۽ موجود رھڻ فطري ڳالھہ ٿيو پوي. اُن حالت ۾ “ڪسي نمي گويد که دوزغ من ترش است” (ڪوبه نٿو چوي تہ منھنجو ڌؤنئرو کٽو آھي) وارو معاملو بنجيو پوي.
جھڙي طرح دنيا جي مختلف کنڊن، ملڪن، صوبن، ضلعن ۽ تپن ۾ ورھاست، ماڻھن جي باھمي سھولت ۽ شناخت لاءِ ضروري آھي، تھڙي طرح انسانذات جي نظرياتي دنيا ۾ مذھبن ۽ فرقن جو وجود عملي ڪارگردگي لاءِ لازمي ۽ فطري آھي. تنھنڪري اھل تصوف ۽ افاديت کان انڪار نہ ڪيو آھي. جھڙي طرح دنيا ۾ اڄڪلھه ھر قوم جي حق خودداريءَ جو حق بين الاقوامي طور قبول ڪيل آھي، اھڙي طرح ھر ماڻھو، فرقي ۽ مذھب جي راءِ يا راين جي آزادي کي بہ تسليم ڪرڻو آھي. اڪثر اختلاف جو ڪارڻ مختلف عقيدا، مختلف عبادت جا طريقا، مختلف دستورالعمل نہ ٿا ٿين، ليڪن جڏھن ڪي مذھبي گروه حق جي ھڪ ھٽي(Monopoly) پاڻ وٽ ڄاڻي، ٻين کي غلط ۽ ناحق تي سمجهي، زبردستي سان ٻين کي ھم خيال يا ھم مذھب بنائڻ جي اصول ۾ اعتقاد رکن ٿا – جنھن کي مسلمانن جھاد جي نالي سان سڏيو آھي – تڏھن اختلاف پيدا ٿين ٿا، ۽ پوءِ ھر مذھب ۽ ھر فرقي طرفان، ان مذھب ۽ ان فرقي جي نالي ۾، عوام کي استعمال غرضيءَ (Exploitation)لاءِ ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
مذھب اسلام جي صحيح تشريح مطابق، “لا اڪراه في الدين” آھي، يعني دين جي معاملن ۾ ڪا بہ زور زبردستي نہ ھئڻ گھرجي. ٻئي ھنڌ چيل آھي، “ لڪم دينڪم ولي الدين” يعني تنھنجو دين تولاءِ ۽ منھنجو دين مون لاءِ؛ ھر ھڪ کي سندس دين جي آزادي آھي. ٽيئن ھنڌ پيغمبر صلعم چيو آھي تہ “اختلاف امتي رحمته“ يعني – امت ۾ راءِ اختلاف رحمت آھي. قرآن ۾ چيل آھي ، “لڪل قوم ھاد” يعني ھر ھڪ گروه يا قوم لاءِ پنھنجي ھدايت يا دستورالعمل آھي.
ڪثرت مذاھب باغ عالم کي رنگا رنگي گلن جو چمن بنائي، ان جي زيبائش ۾ واڌارو آڻي ٿي.
اسلام جي صحيح تشريح ڄاڻڻ وارو مسلمان دنيا جي ھر شيءِ ۽ نظريي کي بيڪار نہ سمجهي، ان مان مفيد ۽ قابل قبول مواد حاصل ڪري ٿو. ھن جي ذھن ۾ ھي ڳالھيون صاف ويٺل رھن ٿيون تہ
(1)مذھب ماڻھن لاءِ پيدا ڪيل آھن ۽ نہ ماڻھو مذھبن لاءِ
(2) دنيا جا سڀ مذھب، نظريا، فلسفا، سائنسون ۽ علم ماڻھن کي ڪتابن جي لئبرريءَ طور ڪتب آڻڻا آھن. انھن مان “خذ ما صفا دع ما ڪدر” جي سبق مطابق، چڱي ۽ مفيد ڳالھہ وٺڻي آھي، ۽ غير مفيد کي ڦٽو ڪرڻو آھي.
(3) دنيا ۾ ڪابہ شيءِ، نظريو، فلسفو، مذھبي عقيدو وغيره آخري ۽ مڪمل ٿي نٿو سگهي. دين فطرت (قانون ارتقا يا ترقي پذير تبديل جي قانون) موجب، ھر گھڙيءَ، ھر زماني ۽ ھر دور ۾ بحر فيض الاھي مان نون نياپن، معلومات، نظرين۽ عقيدن ظاھر ٿيڻ جي اميد ۽ امڪان آھي. اھو سلسلو لامتناھي يعني اڻ کٽ رھندو.
جي قيام مڙن تہ بہ ويجھا ڀانئج سپرين.
جڏھين بہ ۽ جتي بہ ڪي مذھب، نظريا، فلسفا ۽ عقيدا انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقي ۾ رخنو وجهن ٿا، تہ اھڙي حالت ۾ اُھي غير فطري بنجيو پون.

2 ڪثرت مذاھب پويان بنيادي وحدت جو نظريو:
مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان تہ قديم وقت کان وٺي دنيا جي مختلف ملڪن، دورن ۽ قومن ۾ ڪي اھڙا ماڻھو بہ پيدا ٿيا آھن، جن انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آھي. ھنن کي ڪثرت مذاھب، عقائد، دستورالعمل، نظرين وغيره جي پويان بنيادي وحدت ڏسڻ ۾ آئي آھي. اُنھن بنا امتياز مذھب، نسل ۽ قوم جي، ان وحدت جي مقصد اعظم جي حصول لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آھي. انھن معاشري جي ضرورتن، وقتي مصلحتن، قديم روايات، عوام جي تعصبن، قديم عقيدن ۽ ماڻھن جي مڪاني، نسلي ۽ ذھني ارتقا جي تقاضائن موجب ٺھيل مختلف جماعتي دستورالعملن ۽ عبادتن جي طريقن ۽ تنظيمن جي ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل ڏٺي.
اھڙي قسم جو فڪر ھيٺ ذڪر ڪيل ٻن ذريعن وسيلي پئي ظاھر ٿيو آھي ۽ وڌيو ۽ پکڙيو آھي. (1) مخفي ۽ سينہ بسينہ تعليم جي ذريعي، (2) قياسي ۽ سائنسي کوجنا جي ذريعي.

(1)مخفي ۽ سينہ بسينہ تعليم جي ذريعي:
اھا تسليم شده حقيقت آھي تہ سڀئي ماڻھو ذھني ارتقا ۾ ھڪجھڙا نہ پئي رھيا آھن. ھڪڙا مھذب، راسخ العلم ۽ صاحب دل آھن. ٻيا غير مھذب ، جاھل ۽ معتصب آھن. ٻئي گروه جي ھميشه ڪثرت رھي آھي. پھريون گروه آڱرين تي ڳڻڻ جيترو رھيو آھي. تنھنڪري قاعدا، قانون، عقيدا، زندگيءَ جي عمل جو طريقو ۽ نقطہ نگاه ٻنھي گروھن جو علحده پئي رھيو آھي. ھڪڙن شخصي، فروعي ۽ عارضي نفعي کي ترجيح ڏني آھي. ٻين مجموعي، اصولي ۽ دائمي ڳالھين ڏي توجه پئي ڏنو آھي. ھڪڙن جي سامھون حال ھو ٻين جي اڳيان مستقبل (آخرت) ھو.
پيغمبرن بہ ھڪڙيون ڳالھيون عام لاءِ ڪيون آھن، ٻيون خاص لاءِ. خاص جون ڳالھيون عام جي سمجهه کان مٿي آھن. ازانسواءِ عقيدن، راين ۽ زندگيءَ جي طريقي ۾ جا خاص ماڻھن کي آزادي يا گنجائش ملڻي آھي، ان جا رواجي، غير ترقي يافتہ ۽ جاھل ماڻھو ھر حالت ۾ ۽ ھميشه مستحق نٿا ٿي سگهن؛ ان ڪري عوام لا ءِ جي مذھبي دستورالعمل، عقيدا ۽ سماجي قانون رٿيا وڃن ٿا، سي جدا قسم جا ٿين ٿا.
مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان تہ منظم مذھب ۽ ان جا فرقا ڪجھه وقت کان پوءِ مستقل مفاد بنجيو پون. تنھنڪري ان جي اڳواڻن جي مفاد وٽان اھا ڳالھہ ٿئي ٿي تہ عوام سندن چنبي ۾ ڦاٿل رھن. آھستي آھستي، انساني سماج ۾، حڪمران گروه، مذھبي مھندار ۽ شاھوڪار طبقي جا مفاد ھڪڙا ٿيو پون. تنھنڪري ڪا بہ ڳالھہ، جا ماڻھن کي آزاد راءِ ۽ آزاد خياليءَ سان مانوس ڪندي ھوندي، سا ھو ھيڪاري برداشت نہ ٿاڪن. ۽ عوام جي تعصبات ۽ قديم عقائد جي آڙ ۾، ڪابہ اھڙي ڳالھہ، جنھن ۾ سندن مفاد کي نقصان پھچڻ جو انديشو ھوندو آھي، ان لاءِ عوام جا جذبات برانگيختہ ڪري، آزاد خيال ماڻھن کي سزائون ڏيندا آھن. تنھنڪري درويشن اڪثري اھڙين ڳالھين کي مخفي طور ظاھر ڪيو آھي.
درويشن ۾ ٻہ گروه رھيا آھن، ھڪ سالڪ ۽ ٻيا مجذوب.
سالڪ: سالڪن حق جو آواز اھڙي نموني اشارتن ۽ ڪنايتن ظاھر ڪيو، جو عوام جي تعصبات کي بہ مجروع نہ ڪيائون ۽ مستقل مفاد جي زد کان بہ بچي ويا. جنھن لاءِ مولانا روم عليه الرحمتہ فرمايو آھي
خوشتران باشد که سر دلبران، گفتہ آيد در حديث ديگران.
اُنھيءَ مان سندس مراد ھي ھئي تہ سمجهڻ وارا ڳالھہ سمجهي ويندا، باقي عام ماڻھو ان کي ئي نہ سمجهي سگهندا، جنھنڪري مسقتل مفاد جي زد کان محفوظ رھيو.
خواجه حافظ شيرازي، انھيءَ حالت کي مدنظر رکي، فرمايو آھي
مصلحت نيست که از پرده برون افتد راز،
ورنہ در مجلس رندان خبري نيست که نيست.
(معني اھا مصلحت ڀري ڳالھہ نہ آھي تہ پردي کان ٻاھر ڪري گفتگو ڪجي، نہ تہ سالڪن کي ھر ڳالھہ جو پتو آھي.)
ھنن جي راءِ ھئي تہ نانگ بہ مري لٺ بہ نہ ڀڄي. اھڙي طرز عمل اختيار ڪرڻ لاءِ ھنن ڪيئي دليل ڏنا ٿي. چي، مستقل مفاد ۽ منظم مذھب جي روايات ۽ تعصبات خلاف کليل گفتگو مان ڪو فائدو ڪونہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ عوام اھا سمجهندا ڪونه، ۽ خواص ناراض ٿي سختي اختيار ڪندا. تنھنڪري ھنن مخصوص ماڻھن تائين پنھنجي تعليم کي مخفي طرح پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ گفتگو جو اھو طريقو اختيار ڪيائون، جو قانون جي زد کان ٻاھر ھو.

مجذوب: ھي ان قسم جا ڪارڪن ھئا، جن تي ھوش کان جوش جو زيادھہ اثر ھو. جنھنڪري ھنن حق جي آواز کي نقاري جي چوٽ تي، بنا خوف جي، چئي ڏنو ٿي. ھنن کي پتو ھو تہ ان ڪري ھيٺيان ردعمل ٿيڻ ۽ نقصان پھچڻ وارا ھئا:
(1)عوام تي منظم مذھبن جي تسلط جي گهٽجڻ جو امڪان ھو؛ جنھنڪري مذھبي مھندار ۽ سندن مددگار حاڪم ناراض ٿي، ھنن جي ڪم تي بندش وجهڻ وارا ھئا، ۽ سندن خلاف عوام کي ڀڙڪائي کين سخت سزائون ڏيڻ وارا ھئا.
(2) پر انھيءَ علم جي باوجود، ھنن جو اعتقاد ھو تہ عوام جي دل سالم ھئي – صرف ھنن جي سمجهه گهٽ ھئي. ان ڪري کليل ۽ نقاري جي چوٽ تي، جا ڳالھہ کين ھر ھر ٻڌائبي، اھا ھو ضرور ٻڌندا. ممڪن آھي تہ انھن تي ترت اثر نہ ٿئي، ۽ حڪام وقت ۽ مذھبي مھندارن جي سزائن ۽ ڪارڪنن جي قربانين بعد ئي انھن تي اثر پوڻ شروع ٿي. ان حالت جي “غالب” ھھڙيءَ طرح ترجماني ڪري ٿو –
تعزير جرم عشق ھي بيڪار محتسب،
بڙھتا ھي اور ذوق گنھه يان سزا ڪي بعد.
خواجه حافظ ساڳئي خيال کي ھن طرح ادا ڪري ٿو؛
در ره منزل ليلى کي خطرھا ست بسي،
شرط اول قدم آنست که مجنون باشي.
(معنى ليلى جي رستي ۾ گهڻئي ئي خطرا آھن، ان تائين پھچڻ لاءِ پھريون شرط اھو آھي تہ چريو ٿيءُ!)

(3) مجذوب يا عاشق بي صبر آھي. ھر ڳالھہ انقلابي طريقي سان ڪرڻ گھري ٿو. ھو حال کي مسقبل لاءِ مھمل ڪرڻ واسطي تيار نہ آھي. خواجه حافظ ان جي اھڙي جذبي جي ترجماني ڪندي، چوي ٿو:
دم فرصت غنيمت دان و داد خوشدلي بستان،
بسي گردش ڪند گردون بسي ليل و نھار آرد.
(معني – زندگيءَ جي ھر گھڙيءَ کي غنيمت ڄاڻي ان مان فائدو وٺ، ڇاڪاڻ تہ ڏينھن راتيون ۽ زمان پيا بدلجن، ۽ ممڪن آھي وري موقعو نہ مليئي.)
تنھنڪري ھو، ھر دم کي غنيمت ڄاڻي،جيڪي چوڻو اٿس، سو بنا ڊپ يڪدم چيو ڏي.
ھاڻ سوال اٿندو تہ اھي ڪھڙا راز ھئا، جن کي سالڪن اشارن ۾ چيو ٿي، ۽ مجذوبن علي االا اعلان چوڻ گھريو ٿي، جن مان مذھبي مھندارن ۽ سندن مددگار حاڪمن جي مستقل مفاد کي خطري جو امڪان ھو. منھنجي نظر ۾ انھن جو لب لباب ھيٺيون آھي؛
(1)وجود صرف ذات حقيقيءَ جو ھو، ٻي سڀ ان جي صفات ھئي:
عاشق چؤ ۾ ان کي، م ڪي چؤ معشوق،
خالق چؤ م خام تون، م ڪي چؤ مخلوق،
سلج تنھن سلوڪ، جو ناقصائي نڱيو.
(2) انھيءَ نظريي ۾ اعتقاد رکڻ ڪري، خالق ۽ مخلوق جا تفاوت نڪري ٿي ويا.
(3) ان تعليم ڪري انسانذات کي، بنا تميز مذھب، رنگ، نسل ۽ قوم جي، ھڪ بدن جا عضوا ڪري سمجهيو ٿي ويو.
(4) ان ڪري ماڻھن مان نفاق، نفرت ۽ ٻيائيءَ جا تفاوت نڪريو ٿي ويا.
(5) جنھنڪري جملي مذھبن جا قيد ۽ پاپنديون، جزائن ۽ سزائن، بھشت ۽ دوزخ جا عقيدا ختم ٿي ٿي ويا:
بھشت دلاسو، دوزخ دڙڪو،
ڪوڙو سامي، ڪوڙو ڪڙڪو. (شاھ نصير)
(6) انھيءَ نظريي ۾ عقيدي ڪري مذھبن جو شريعتون ۽ نظام اھميت وڃائي ٿي ويٺا.
(7)ان ۾ صاحب اقتدار ۽ مذھبي مھندار پنھنجي پنھنجي تسلط خلاف کليءَ بغاوت جا آثار ٿي ڏٺا.
اھي ڳالھيون اھل علم ۽ صاحب دل شخصن تائين محدود ھيون. مسلمانن ۾ پيغمبر خدا جي انھن رازن جو علم حضرت علي عليه السلام کي معلوم ٿيو، جنھن کان جدا جدا سلسلا طريقت جا نڪتا. “انا مدينتہ العلم و علي بابھا.” (يعني – آءُ علم جو شھر آھيان ، علي دروازو آھي.) – ان ڳالھہ ڏي اشارو آھي. ان رستي ۾ گروءَ يا مرشد جي ذاتي اثر ۽ ست سنگ ڪري انھن راز ن جو پتو پوي ٿو. ھن گروھ وارا علم ۽ عشق ذريعي ان ڳالھہ جو پتو لھن ٿا.
عالمن مان ويدانيتن، وجودين(Pantheists) ۽ وحدت الوجودين ان مسئلي تي روشني وڌي آھي. مغرب ۾ قديم دور ۾ افلاطون(Plato) ۽ جديد دور ۾ اسپنوزا (Spinoza)۽ نو افلاطونين ۾ ٻين انھيءَ مسئلي تي لکيو آھي. مشرق ۾ تازو رام ڪرشن مت جي سوامي وويڪانند ۽ ٻين ان تي روشني وڌي آھي. مسلمانن ۾ محي الدين ابن عربيءَ ان نظريي کي فلسفانہ طور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. عاشقن ۾ مولانا روم، منصور، عطار، شمس تبريز، سرمد، شاھ عنايت، سچل وغيره، انھيءَ مسلڪ جي سلسلي ۾، خاص ذڪر جي لائق آھن. ٻين مذھبن ۽ قومن ۾ ڪيئي اھڙا ماڻھو ملي سگهندا.
ھيءَ ڳالھہ صاف ذھن ۾ ويھارڻ جي لائق آھي تہ سالڪن ۽ حقيقي عاشقن جا اھي خيال جملي دينن ۽ ڌرمن جي جداگانہ نظامن ۽ انسانذات کي ڌرمن جي نالي ۾ ورھائڻ جي خلاف ھئا. جنھنڪري مذھبي مھندارن طرفان انھن جي سخت مخالف ٿي، جن انھن جي خلاف اُھي جواب پيش ڪيا، جن جي ذريعي سندن دڪان ھلائڻ جو جواز پيدا ٿي سگهي. مسلمانن ۾ امام غزالي ۽ امام رباني مذھبي شريعتن جي جواز ۾ فلسفيانہ دليل پيش ڪيا. اھڙيءَ طرح ھندن ۾ آريا سماج قديم سڀيتا جي نالي ۾ جواب پيش ڪيو. عيسائين ۾ رفارميشن (اصلاح Reformation) ۽ رينيزانس (نشات ثانيه Renaissance ) تحريڪون پيدا ڪيون،جن جدا مذھبن جي قيام ۽ بقا لاءِ دليل ڏنا. ھتي سڀني ڌرين جي اھڙين تحريڪن جو ذڪر باعث طوالت سمجهي، صرف مسلمانن ۾ وحدت الوجودي تحريڪ ۽ ان جي جواب ۾ وحدت الشھودي تحريڪ جو ذڪر ڪندس، جو ٻين ڌرمن ۾ انھيءَ قسم جي تحريڪن جو بہ نمونو پيش ڪندو، ۽ ان مان پڙھندڙن کي انھن تحريڪن جو پس منظر بہ معلوم ٿي ويندو.

وحدت الوجود جو نظريو: مسلمانن ۾ انھي نظريي جو باني شيخ محي الدين بن علي ابن عربي ھو. کيس “شيخ الاڪبر” بہ ڪري سڏيندا ھئا. ھو ڏکڻ اسپين ۾ مورثيا شھر ۾ 560ھ مطابق 1176ع ۾ ڄائو، ۽ حاتم طائيءَ جي اولاد مان چوڻ ۾ ٿي آيو. ھن 567ھ ۽ پورچوگال جي موجودہ گادي لزبن ۾ شيخ ابوبڪر بن خذاف کان ابتدائي تعليم ورتي. انھيءَ وقت اڀرندي اسپين جو گورنر سلطان محمد ھو. ابن عربي ابتدائي تعليم وٺڻ کان پوءِ مسولي ۾ ويو، جتي ڪجھه وقت رھي، وري ڪارڊووا ۾ ڪجھه تربيت حاصل ڪري، اتان موراڪو ۾ فيض ۽ مصر ۾ سڪندريه مان ٿيندو اچي دمشق رھيو، جتي 637ھ مطابق 1240ع ۾ وفات ڪيائين. جبل قاضيون تي قاضي محي الدين زڪي جي مقام ۾ دفن ٿيل آھي.
اِھو ابن عربي آھي، جنھن اسلامي تصوف ۾، فلسفيانہ طور، نظريي وحدت الوجود جو بنياد وڌو ھو، جو پوءِ سڀني مسلمان ملڪن ۾ پکڙجي ويو. ائين نہ آھي تہ ان نظريي جا ان کان اڳ مڃيندڙ ڪونہ ھئا. درويشن جو چوڻ آھي تہ اھا تعليم سينہ بسينہ رسول مقبول جي ذريعي حضرت عليءَ کان مختلف درويشن تائين پھتي. منصور حلاج، شمس تبريز، خواجه فريدالدين عطار وغيره ان جي کلم کلا تبليغ ڪئي، پر فلسفيانہ انداز ۾ ان کي منطقي دليلن ذريعي سمجهائڻ ۾ شيخ محي الدين اِبن عربيءَ جو خاص مقام آھي. سندس ڪتاب “فصوص الحڪم ” ان لاءِ پڙھڻ جي لائق آھي.
نظريي وحدت الوجود کي “ھمه اوست” جو نظريو بہ سڏيو ويو، جنھن جو مطلب اھو آھي تہ جملي ھستي جو حقيقي وجود ھستي مطلق يا وجود ڪل آھي. اھو وجود ڪل ئي خدا آھي. جملي ڪائنات سندس پرتوي جو مظھر يا عڪس آھي، جنھن کي عالم صفات سڏجي ٿو، ۽ ان کي جدا ھستي نہ آھي. لاموجود الاالله (يعني الله کان سواءِ ٻيو ڪو وجود نہ آھي) ان جو مول متو آھي. جيئن ماڻھوءَ جي آئيني ۾ عڪس يا زمين تي سندس پاڇولو يا ان جي آواز جو گنبذ ۾ پڙاڏو ڪا جدا حيثيث ڪونہ ٿا رکن، ان وانگر صفات بہ ڪا جدا حيثيث ڪانہ ٿي رکي. بلڪه اُھا ذات حقيقي تي مدار رکندڙ ۽ سندس عڪس مثل آھي.
انھيءَ نظريي جو اثر مذھبن ۽ ملڪي سياست تي ڪھڙو پوي ٿو، ان جو مختصر ذڪر دلچسپيءَ کان خالي نہ ٿيندو. جنھن صورت ۾ ان نظريي مطابق ڪل شيءِ جو وجود ھڪ ئي آھي، ان ڪري ان جي مڃيندڙ جي راھبر پاليسي عشق ۽ اتحاد اختلاف جي پويان بنيادي وحدت جو راز کولي ظاھر ڪري ٿو. تنھنڪري، ان وسيلي، مذھبي اختلافن سبب ماڻھن جي ورھاست جي مخالفت ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڪري مذھبي مھندارن ۽ انھن تي مدار رکندڙ حڪومتي ڪارندن ان ۾ سندن مستقل مفاد کي خطرو ڏسي، ان جي مخالفت پئي ڪئي آھي. ان نظريي کي انتھاپسنديءَ يا اعتدال جي حد ۾ ۾ پيش ڪرڻ جو مدار مذھبي مھندارن جي ردعمل تي رھيو آھي. جڏھن مذھبي گرو ھہ حد کان وڌيڪ مذھب جي استعمال غرضي ڪئي آھي ۽ ان لاءِ کين سخت ڪٽرپڻي ۽ تنگ نظريءَ جي روش اختيار ڪرڻي پيئي آھي، تڏھن وحدتالوجودي درويش مرڳو مذھبي نظامن جي ختم ڪرڻ جو آواز اٿاريو آھي. جيئن سچل عليح الرحمتہ اھڙيءَ حالت ۾ چيو ڏئي تہ:
جڏھان منير، مسجس، مناري ويران نہ ٿيسن،
حال حقاني ميان سچو حاصل نہ ٿيوي.

وحدالشھود جو نظريو: ان جو ٻيو نالو ”ھمہ از اوست“ آھي. ھن نظريي مطلق جملي ھستيءَ جو بنياد وجود ڪل (خدا) آھي، ليڪن ڪائنات جي پيدا ٿيڻ بعد مادي دنيا بہ پنھنجي جدا ھستي رکي ٿي. ھستيءَ مطابق (خدا) پاڪ ۽ اعليٰ آھي عالم صفات کي ان سان تشبيھہ ڏيئي نٿي سگهجي. مادو پنھنجي دائرہ اثر ھيٺ قادر آھي. انھيءَ نظريي ۾ مڃڻ ڪري ھر شيءَ جا ٻہ پھلو ٿين ٿا: ھڪ پھلو روح ۽ ٻيو مادو آھي. ھڪ طرف سچ آھي تہ ٻئي طرف ڪوڙ آھي. ثواب ۽ گناھہ جدا شيون آھن. تنھنڪري جزا ۽ سزا لازمي ٿيو پون. ان ڪري ماڻھن کي گناھہ ۽ گمراھيءَ مان ڪڍي، راھہ حق ۽ ثواب طرف ھلائڻ مذھبي ادارن جو فرض ٿيو پوي. اھو فلسفو علم - وحدت جي يڪ وجوديءَ جي باوجود ڪثرت جي ظاھر اختلافن کي حقيقت ڪري مڃي ٿو. ان مطابق ”سو ويري سو واھرو“ نہ آھي. ھتي محبت سان گڏ ڪلفت کي بہ جاءِ آھي.
اھو قطعي نگاھ ھڪ حد تائين پاڻ ۾ ڪي خاصيتون رکي ٿو، پر آخري طرح اھو دوئيءَ ڏي ڇڪي ٿو. اھو دنيا جي دستور مطابق انتھاپسنديءَ جو شڪار پئي رھيو آھي. ان نظريي ڪري يا اُن جي پاڇي ۾، جدا جدا مذھبن جا اختلاف، نسلي ۽ ملڪي امتياز، فرقه بنديون ۽ تعصبي قانون، نفرت، انڌاڌنڌ مذھبي شريعتن جي پوئلڳي ۽ فسطائي خيال، دستور ۽ حڪومتون پئي پيدا ٿيون آھن. ھن نظريي ھيٺ آزاد راءِ ، جمھوريت ۽ وسيع النظري کي گهڻو نقصان پھتو آھي. اِن منجھان اِنسانن ۽ قومن ۾ پاڪ ۽ پليت، ڌڻيل ۽ ڌڪاريل، اوچ ۽ نيچ جا تفاوت پيدا ٿيا آھن.
ٻنھي نظرين جي انتھاپسندي ڪيترين خرابن جو باعث بڻي آھي. مسئله وحدت الوجود سان دلچسپي وٺندڙن کي يوگ وشست، گيتا، سوامي وويڪانند ۽ سوامي تيرٿ جون تقريرون ۽ افلاطون، اسپنوزا ۽ نوفلاطونيت(Neo platonism) جي ڪتابن کي بہ پڙھڻ گھرجي.

(2) قياسي ۽ سائنسي کوجنا جو ذريعو:
مذھبن جي تاريخ ۾ ٻڌائي آيو آھيان تہ مذھبن جي ڪھڙيءَ طرح شروعات ٿي ۽ ڪيئن آھستي آھستي ٿي، حالات جي تقاضا، معاشري جي تبديليءَ ۽ معلومات جي فراوانيءَ بعد، ان جي ابتدائي عقيدن، رسمن۽ رواجن ۽ قاعدن قانونن ۾ تبديلي ايندي ويئي. ان کوجنا مان سائنسي علم جي ماھرن مختلف علمن جي آڌار تي، ھڪ ڳالھہ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ، تہ خوف ۽ اميد جي بنياد تي، پيدا ٿيل عقيدا ۽ دستور روز بروز ارتقا ڪندا آيا آھن، ۽ آئينده بہ سندن ارتقا ھلندي رھندي. تنھنڪري، ٻين علمن جھڙوڪ طب، علم ڪيميا، علم حيات وغيره وانگر، مذھب بہ سماجي ۽ ذھني معلومات جو ھڪ علم آھي ، جو، باوجود مختلف عقيدن ۽ دستورن جي، بنيادي طرح وڌندڙ ۽ سڌرندڙ علم آھي. جيئن مٿي ذڪر ڪيل علمن ۾ مختلف کوجنائن بعد ڪي نظريا قائم ٿي وري بدلجن ٿا، اھڙي ساڳي حالت ھن سان بہ لاڳو آھي. ڪنھن بہ مذھب جو اعتقادي نظريو ۽ سماجي دستورالعمل دائمي نہ آھي. اھو، قانون ارتقا مطابق، ترقي ڪندو ۽ تبديل ٿيندو رھي ٿو.
اسلام جي اھل طريقت جي چوڻ مطابق، اسلام خود دين فطرت (قانون ارتقا يا ترقي پذير تبديل جو قانون) آھي. اُھو ان مطابق ، حالات جي تقاضا موجب، ترقي ڪندو رھي ٿو. اُن جا بنيادي متا اتحاد انساني، امن عالم ۽ انسانذات جي ترقي آھي. انھيءَ آڌار تي ھنن پيغمبر اسلام کي رحمت العالمين سڏيو، جنھن جي تعليم سڀ لاءِ يڪسان ھئي. قرآن ان بابت صاف فرمائي ٿو:
“ان الذين آمنوا، والذين ھادوا، والنصارى ، و اصابئين من آمن باالله واليوم آخر و عمل صالحن فلھم اجرھم عند ربھم ولا خوف عليھم ولا ھم يحزنون.”
(يعني جن ايمان آندو آھي (مسلمان) ۽ جي يھودي يا نصارى يا ٻئي مذھب جا آھن، تن مان جن خدا تي ايمان آندو آھي ، مستقبل (آخرت) (انسانذات جي ترقيءَ) ۾ مڃين ٿا ۽ چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي خدا وٽان فائدو ملندو ۽ اُھي نجات پائيندا.)
باوجود انھي صريح حڪم جي، نجات ۽ دائمي خوشي جو حقدار صرف مسلمانن کي ڄاڻڻ، جن ۾ غاضب، زاني، راشي ۽ بدڪار بہ اچي ٿي ويا، دين فطرت جي خلاف ھو.
اھل طريقت توڙي مذھب جي ارتقائي تاريخ جي محققن ۽ کوجنا ڪندڙن جي راءِ موجب پڻ دين اول کان وٺي ھڪ رھيو آھي ۽ رھندو. جدا جدا سمجهاڻيون اُن جا جدا جدا پھلو آھن. جيئن باغ ۾ رنگارنگي گل اُن جي حسن کي وڌائين ٿا، تيئن مختلف نظريا باغ جي سونھن جا ڪارڻ بڻجن ٿا. اُھو ھر ھڪ ماڻھو جي ذوق تي ڇڏيل آھي، جيڪو گل وڻيس، سو اُن جا پن پسند ڪري. سمورو باغ انسانذات جي گڏيل ملڪيت آھي. اِھا کوجنا بہ مذھب کي ھڪ ثابت ڪري ٿي.
ھاڻ سوال اٿندو تہ اِنھن ٻن متضاد نظرين – مذھب گهڻا آھن ۽ مذھب ھڪ آھي، ۾ سمجهوتو ڪيئن ٿي سگهندو؟
اُن لاءِ ھن وقت تائين ٻہ طريقا اختيار ڪيا ويا آھن:
(1)سڀني مذھبن جي بھترين ڳالھين کي گڏي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ، ۽ (2) ھر ھڪ عالمگير مذھب کي زور وٺائي، ٻين کي ان ۾ مدغم ڪرڻ، تاريخي تجربي موجب ٻئي طريقا ناڪامياب ثابت ٿيا آھن. گرونانڪ، ڪبير ڀڳت، صوفي بزرگن، راجا رام موھن راءِ وغيره طرفان ٿيل ڪوششون مرڳو جدا جدا فرقن جي صورت اختيار ڪري ويون. ٻئي طرف چار عالمگير مذھب، ڪروڙھا ماڻھن کي پاڻ ۾ سمائڻ جي باوجود، ساري انسانذات کي وحدت خيال ۽ عمل موجب يڪسان نہ ڪري سگهيا آھن، مرڳو انھن ۾ سوين فرقا پيدا ڪري، مذھب جي نالي ۾ انسانذات جي وچ ۾ تفاوت جون ديوارون کڙيون ڪري ڇڏيون اٿن. اُھي مذھب جا فرقا، مستقل مفاد جي صورت اختيار ڪرڻ ڪري، خوشي ءَ يا زوريءَ سان، انسانذات کي گڏڻ ۾ بھرحال ناڪامياب ٿيا آھن. بلڪه، خيال ۽ عمل جي نقطي نگاه کان سندن موجودہ باھمي ورھاستون يا ھڪٻئي کان علحدگيون ئي مصنوعي آھن. منجھائڻ ھر ھڪ مذھب ۾ ساڳيءَ ئي حد ۽ انداز جا چڱا مندا پيا آھن.
ھاڻ صرف ھڪ طريقو وڃي رھيو آھي ته، آخري طرح اِنسانذات جي وحدت ۽ خيال ۽ عمل تي پھچڻ تائين، حال گڏجي گذاري(Co-existence) يا، ٻين لفظن ۾، باھميءَ رواداريءَ جي بنا تي، سڀئي مذھب، فرقا ۽ نظريا پنھنجا جدا عقيدا، رسمون رواج ۽ عبادتون قائم رکندي، انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ باھمي تعاون ڪن. اُن لاءِ منظم دينن(Institutionalised Releigions) جي مستقل مفاد (Vested Interests)کي ٽوڙڻ لازمي ٿي پوندو. دين شخصي عقيدا ڪري ڪتب آڻبا، انھن جي منظم نظامن۽ مستقل مفاد کي ڇڏڻو پوندو.

فصل چوٿون: اسلام جا ٻہ تعبير

مولانا ابوالڪلام آزاد، سرمد شھيد تي پنھنجي لکيل ديپاچي ۾ فرمائي ٿو، “ايشيا ۾ ھميشه پاليٽڪس مذھب جي پردي ھيٺ رھي آھي. ھزارين خونريزيون، جي پوليٽيڪيل سببن ڪري ٿيون آھن، تن کي مذھب جي چادر پھرائي ، ڍڪيو ۽ لڪايو ويو آھي. اسلام جي ھنن تيرنھن سؤ ورھين جي عرصي ۾ فقيھن جو قلم ھميشه اگھاڙي تلوار رھيو آھي، ۽ ھزارن حق پرستن جو خون ان جي فتوائن ڪري ٿيو آھي. اسلام جي تاريخ ڪٿي بہ کڻي پڙھو، تہ اوھان کي سؤ مثال ملندا، جن مان پتو پوندو تہ جڏھن ڪو حاڪم خونريزيءَ تي آماده ٿئي ٿو، تہ مفتيءَ جو قلم ۽ سپھه سالار جي تلوار ٻنھي گڏجي کيس ڪم ڏنو آھي. اھو (فتوا جو قلم) صرف صوفين ۽ ملڪي رھنمائن تائين ئي بس نہ ٿيو آھي، پر شريعت جي عالمن مان بہ جي نڪتہ بين ۽ اسرار حقيقت جا عالم ٿيا، تن کي بہ فقيھن جي ھٿان مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون ۽ سر ڏيڻ سان ئي نجات ملين.”
ھن وقت بہ ساڳي حالت آھي. اسلام ۽ مسلم قوم جي نالي ۾ ماڻھن کي جھڙي طرح گمراه ڪيو ويو آھي يا ستايو ويو آھي، تنھن جي ترجماني شاھ صاحب جو ھي بيت ڪري سگهي ٿو:
“حقيقت ھن حال جي، جي ظاھر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃڻ وڻ ٻري، اوڀڙ اڀري ڪين ڪي!”
جيڪڏھن ان مسئلي تي غور سان نظر ڪبي، تہ سارين خرابين جو ڪارڻ اسلام جو غلط تعبير ڏسڻ ۾ ايندو. آءُ سمجهان ٿو تہ وقت اچي ويو آھي، جو انھي مسئلي تي کليل بحث ڪري، ماڻھن اڳيان پيش ڪيو وڃي.
ھتي اسان وٽ، عوام کي مذھب جي نالي ۾ ظاھر ظھور گمراه ڪيو پيو وڃي، ۽ موقعي بي موقعي ۽ ھر وقت، پوريءَ پوريءَ منافقيءَ جي حد تائين، مذھبي طريقئه حڪومت جو راڳ آلاپيو وڃي ٿو. انھن بي بنياد ۽ محض ڏيکاءَ جي ڳالھين ملڪي مسئلن کي منجھائي ڇڏيو آھي ۽ حالتون نازڪ ڪڙيءَ تي اچي بيٺيون آھن، جن ملڪ جي بھي خواھن کي ڳوڙھي غور ۽ فڪر ۾ وجهي ڇڏيو آھي. منھنجي خيال ۾ اِنھي سموري خرابي جو ڪارڻ بہ اسلام جو غلط تعبير آھي. جيستائين انھي سوال کي پوري طرح نہ سمجهيو ويو آھي، ان وقت تائين ماڻھن کي صحيح نتيجن تي پھچڻ جو امڪان ڪونہ آھي.
ماڻھن ۾ محبت ۽ اتفاق، امن ۽ سلامتي، ڀلائي ۽ بھتري آڻڻ واسطي، جي راھون ۽ رستا، طريقا ۽ تجويزون سوچيون يا رٿيون ويئون آھن، تن ۾ مذھب کي مکيه درجو حاصل آھي. جيتوڻيڪ دنيا جا عالمگير مذھب بنيادي طرح ماڻھن کي محبت ۽ امن جو سبق سيکارڻ ۽ سندن فلاح ۽ بھبوديءَ لاءِ ايجاد ڪيا ويا ھئا، ليڪن تجربي مان اھو ثابت ٿيو آھي تہ انھن کي اڪثر طور شخصي ۽ گروھي مطلبن ۽ طبقاتي مفاد لاءِ ڪتب آندو ويو آھي؛ جنھنڪري مذھبن ماڻھن ۾ اتفاق جي عيوض نفاق، محبت جي عيوض نفرت، عقل جي عيوض وھم پرستي ۽ سڌاري جي جاءِ تي بگاڙو پئي پيدا ڪيو آھي.
مذھب بذات خود مقصد ۽ مرادون نہ ھئا، پر اتحاد، امن ۽ انساني ترقي جي حصول جا ذريعا ھئا، جن جي افاديت جو سمورو مدار انھن جي پوئلڳن جي ارادن ۽ عملن تي رھيو ٿي.
اسلام کي بہ دنيا جي ٻين مکيه عالمگير مذھبن مان ھڪ ڪري پئي ڳڻيو ويو آھي. مسيحت، ٻڌمت، ھندو ڌرم ۽ ڪميونزم نظرئي جي پوئلڳن وانگر، ھن جي پيروئن بہ اھو اعتقاد ويٺل آھي تہ سندن مذھب مڪمل فلسفي حيات جو حامل آھي، ۽ انسانذات کي نيٺ انھي طريقي حيات اختيار ڪرڻ مان نجات حاصل ٿيڻ واري آھي. ۽ اُن منزل مقصود تي پھچڻ لاءِ اسلام جا اصل کان ٻہ جدا تعبير پئي ڪيا ويا آھن. ٻين عالمگير مذھبن جي بہ ساڳي حالت آھي.
ھتي اسان اسلام جي انھن جدا تعبيرن تي بحث ڪنداسون.
1 اسلام جي ھڪڙي تشريح يا ھڪڙو تعبير حڪمران طبقي جي طرفدار عالمن ۽ فقيھن طرفان ڪيو پئي ويو آھي، جي خود اڪثري صاحب اقتدار طبقي جا فرد يا مستقل مفاد جا حامي ھئا.
2 اسلام جي ٻي تشريح يا ٻيو تعبير راسخ العلم صوفياي ڪرام ۽ اھل طريقت طرفان پئي ڪيو ويو آھي، جن جو تعلق صاف دل ۽ عام غريب طبقي جي ماڻھن سان پئي رھيو آھي.

پھريون گروه ماڻھن کي مختلف مذھبن ۽ فرقن ۾ ورھائڻ جو ڪارڻ بنيو. ٻئي گروه جي ڪوشش جملي انسانذات کي محبت جي ڏوريءَ ۾ پوئي، ھڪ ڪرڻ طرف پئي رھي آھي؛ ھنن کي ظاھري ڪثرت مذاھب پويان بنيادي وحدت پئي ڏسڻ ۾ آئي آھي.
حڪمران طبقي جي طرفدار گروه جو اسلامي تشريح جا مکيه اصول ھي رھيا آھن؛
(1)ھنن اسلام کي دنيا جو آخري، مڪمل ۽ عالمگير دين تسليم ڪيو ٿي، جنھن جي رائج ٿيڻ بعد اڳوڻا سڀئي مذھب منسوخ ۽ خارج ٿي ويل سمجهيائون ٿي.
(2) انھن دين کي انسانذات جي سڀني مشڪلات جو حل ڄاڻي، ماڻھن جي فلاح ۽ بھبودي لاءِ مڪمل فلسفي حيات جو حامل ڄاتو ٿي.
(3) اُنھن مذھب جي سموري تعليم جو منبع قرآن شريف کي سمجهيو ٿي، جنھن کي پيغمبر محمد صلعم جي ذريعي خدا جو نازل ٿيل ڪلام تسليم ڪيائون ٿي، ۽ ان ۾ ھر زماني، ھر حالت ۽ ھر ضرورت جو حل سمايل ڄاتائون ٿي، جنھن ۾ نہ تبديلي آئي ھئي ۽ نہ اچي سگهي ھئي.
(4) حضرت محمد صلعم کي دنيا جو آخري پيغمبر سمجهيو ٿي ويو. تنھن کان پوءِ نہ نبي پيدا ٿيڻ وارو ھو نہ دين اچڻ وارو ھو. سندن حديثن ۽ سنتن کي قرآن جي تشريح لاءِ سند ڪري ورتو ويو ھو.
(5) انھي دين جي معتقدن کي، وحدت خيال ۽ عمل ڪري، دنيا جي چونڊيل ۽ مثالي قوم شمار ٿي ڪيو، جن کي انسانذات جي رھبري ۽ اڳواڻي ڪري، ان کي راهِ راست تي آڻڻو ھو.
(6) مڪمل ۽ صحيح دين ھئڻ ڪري، اسلام جي ساري دنيا ۾ پکڙجڻ ضروري ھو. انسانذات جي جملي مشڪلات جي نجات انھيءَ ذريعي ٿيڻ واري ھئي. انھيءَ جي دائري کان ٻاھر جملي ماڻھو گمراھ ھئا، ۽ انھن کي راه راست تي آڻڻ ھر ھڪ مومن جو فرض ھو. تبليغ ۽ جھاد انھي لاءِ ٻہ لازمي جز ھئا.
(7) انھي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، سياست کي مذھب جي ماتحت ھلائڻو ھو، جنھنڪري حڪومت جي واڳ خليفي اسلام يا امير جي ھٿ ھيٺ رھڻ واري ھئي. مسلمانن کي حڪومت جو نظام قرآن ۽ سنت نبويءَ جي بنيادن تي صالح ماڻھن ذريعي ھلائڻو ھو، جنھن جي تشريح صرف مذھبي عالم (ملا) ڪرڻ جو اھل ھئا.

ٻئي طرف صوفياي ڪرام ۽ اھل طريقت طرفان اسلام جو تعبير ڪيو ٿي ويو، جنھن جا مکيه اصول ھي ھئا؛
(1)انھن جي نقطي نگاه موجب الله تعالى طرفان ھر ملڪ، قوم ۽ زماني لاءِ انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ وقت بوقت پيغامبر پئي آيا آھن، جن سڀني جي تعليم جا بنيادي مقصد ساڳيا ھئا. انھن جي آندل پيغام ۾، باوجود ظاھري گونا گونيءَ جي، بنيادي وحدت سمايل ھئي. اسلام انھي حقيقت جي اظھار جو پيغام آندو.
(2) انھي تشريح مطابق ھر ماڻھو دنيا ۾ خدا جو نائب يا خليفو ھو، جنھن ۾ خداني نور سمايل ھو. جھڙي طرح سج جي روشني يا ھوا چند قبيلن ۽ قومن جي خاص ملڪيت يا ھڪ ھٽي بنجي نہ ٿي سگهيي؛ اھڙي طرح انھيءَ عالمگير اخوت، امن ۽ ڀلائي جي پيغام کي ڪنھن فرقي، مذھب، گروه يا قوم ۾ محدود ڪرڻ قانون فطرت ۽ روح اسلام جي خلاف ھو.
(3) دين رضاڪارانہ حاصل ڪيل عقيدن جو طريقي ڪار زندگي ھو. حڪومت يا جماعتي نظام ذريعي انھن خيالن جو پرچار ۽ زوريءَ تسلط ماڻھن جي شخصي آزادي جي خلاف ھو. انھيءَ پيغام جي پکيڙڻ لاءِ باھمي گفتگو، رواداري، خدمت خلق، عمده اخلاق ۽ محبت جا ذريعا اختيار ڪرڻا ھئا، جنھنڪري دين جو ملڪ جي سياست کان علحده رھڻ ضروري ھو. مذھب ماڻھوءَ جو شخصي معاملو ھو، نہ جماعتي.
(4)انھيءَ دين فطرت کي چند ماڻھن جي گروھ ۾ محدود ڪري، کين جدا قوم شمار ڪرڻ، يا چند عقيدن ۽ دستورن سان ان کي وابستہ ڪري، جدا مذھب ۽ مذھبي نظام بنائڻ، ان جي بنيادي مقصدن جي خلاف ھو. ھنن جي خيال موجب، ھر راسخ العقيده ۽ صالح عمل وارو ماڻھو مسلمان ھو، پوءِ ظاھري طور ھو کڻي، موجودہ گروه بندي موجب، ڪرستان، ٻڌ، ھندو، يھودي وغيره مذھبن يا ڪھڙن بہ ٻين نظرين جي پوئلڳن ۾ شمار ٿيندو ھجي. اھڙي طرح ھر فاسق ۽ بدڪردار ماڻھو غير مسلم ھو، پوءِ کڻي ظاھري طور ھو مسلم گروه بندي ۾ شمار ٿيندو ھجي. مذھبن جي موجودہ گروه بنديءَ غلط ۽ مصنوعي ھئي.
(5) ھر اُھا ڳالھہ جا خود مطلبيءَ تي مبني ھجي، ھر اھا ڳالھہ جنھن مان نفرت ۽ نفاق پيدا ٿيڻو ھو، ھر اھا ڳالھہ جا رضامندي جي خلاف ۽ زور زبردستيءَ ذريعي عمل ۾ آندي وڃي، ۽ ھر اھا ڳالھہ جنھن مان انساني اتحاد، امن ۽ ترقيءَ خلاف فرقيوارانہ ۽ گروه بنديءَ جي بوءِ ايندي ھجي، سا ڪفر ھئي، پوءِ کڻي اسلام جي لباس ۾ ان کي ڍڪيو وڃي.

مٿي ٻنھي گروھن جي اسلامي تشريح جا مکيه متا بيان ڪرڻ کان پوءِ ، آئون ھيٺ پھرين تشريح جي غلط ۽ ٻئي تعبير جي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليل پيش ڪندس.

جيڪڏھن تعصب ڇڏي، انھيءَ سموري مسئلي تي منصفانہ غور ڪبو، تہ معلوم ٿيندو تہ نہ صرف پاڪستان ۾ مشڪلاتن جو بنيادي ڪارڻ اسلام جي ملا واري تشريح ڏسڻ ۾ ايندي، بلڪه دنيا جي اڪثر مسلمانن جي پست حاليءَ ۽ تنزل جو مکيه ڪارڻ اسلام جي اھا تشريح معلوم ٿيندي. اھا ڳالھہ اڄڪلھه جي پيداور نہ آھي، پر پيغمبر اسلام جي وفات کان وٺي ھلندي پئي اچي. حضرت محمد صلعم، پيغامبر ۽ غير معمولي منتظم ھئڻ ڪري، رسالت ۽ حڪومت جو ڪاروبار ساڳئي وقت خوش اسلوبي سان ھلائيندو پئي آيو. ليڪن ھن جي وفات بعد، جڏھن رسالت جو ڪم پورو ٿيو، تہ مذھبي عقيدن جي اشاعت ۽ سياسي ڪاروبار ھلائڻ بابت سندن پوئلڳ ٻن راين ۾ ورھائجي ويا، جنھنڪري اسلام جي جدا جدا تشريح ٿيڻ لڳي.
ھڪڙا دين کي منظم ڪري، حڪومت ذريعي، ان جي نظام ۽ فروغ جا حامي ٿيا. ٻيا، ديني ڳالھين کي ماڻھوءَ جو شخصي معاملو سمجهي، ان ۾ اختلاف راءِ جائز ڄاڻائي، ان جي نظام کي سياست ملڪ کان علحده رکڻ جا طرفدار بنيا.
ھڪ ڌر، مذھب کي منظم ڪري، ان جو نظام ۽ فروغ حڪومت ذريعي ڪرڻ گھريو. اُنھن مذھب ۽ سياست کي گڏي، مسلمانن جي علحده سوسائٽي قائم ڪرڻ لاءِ تبليغ ۽ جھاد کي پنھنجي پاليسي جو لازمي جُز قرار ڏنو. اھو گروه حڪومت ذريعي، مذھب جي مشتھريءَ، تبليغ ڪرڻ، زور زبردستي ڪتب آڻڻ ۽ لالچ ڏيڻ سان، لياقت ھوندي نہ ھوندي مسلمانن جو تعداد وڌائڻ جو حامي ھو. ٻيءَڌر، ماڻھن کي چند عقيدن ۽ دستورن جي سوسائٽي ۾ داخل ڪرڻ جي عيوض، اسرار الاھي ۽ رموز ڪائنات جي کوجنا، خدمت خلق ۽ عمده اخلاق جي تلقين ڪئي. ھيءُ گروه رضاڪارانہ طور سالم دل ۽ دماغ ارادتمندن کي تربيت ڏيڻ ۾ مشغول ٿيو. وٽن لياقتن ۽ چونڊ کي ترجيح ڏني ويندي ھئي، ۽ مشتھريءَ کان گوشو ڪيو ويندو ھو؛ وٽن لالچ کان پري رھي، سادي زندگي گذارڻ کي مقدم ۽ لازمي سمجهيو ويندو ھو.
جيئن تہ ماڻھن جو گهڻو تعداد جاھل، خود مطلب، وھم پرست، طاقت جو پوڄاري ۽ انڌي تقليد جو حامي، پراڻن دستورن ۽ رواجن جو عادي پئي رھيو آھي، ان ڪري دنيا ۾ اڪثر ڪري حڪمران طبقي واري اسلامي تشريح جا پوئلڳ گهڻا پئي رھيا آھن. جيئن تہ سالم دل ۽ دماغ، بي طمع، ساده مزاج، اقتدار ۽ شھرت کان گوشو ڪندڙ، آزاد خيال ۽ بي ڊپا ماڻھو ٿورا ٿين ٿا، ان ڪري ٻئي اسلامي تعبير جو علم ۽ فائدو محدود ماڻھن کي پئي نصيب ٿيو آھي.
انھيِءَ پوئين گروه ۾ ڪي اعتدال پسند ھئا، جن حڪمران طبقي جي مخالفت، ڪثير تعداد جماعت جي لحاظ، مصلحت وقت، عام ماڻھن جي ڪم فھمي ۽ خود مطلبيءَ وغيره سببن ڪري، انھيءَ تعليم کي مخفي رکي، سينہ بسينہ راز طور، خاص سمجهدار ۽ چونڊيل ماڻھن کي پئي تعليم ۽ تربيت ڏني. ليڪن انھن ۾ بہ ڪي انتھاپسند ۽ انقلابي ھئا، جن حڪمران طبقي جي مخالفت، مصلحت وقت وغيره جو خيال نہ ڪري، انھن رازن ۽ حقيقتن جو اعلانيه اظھار ڪيو؛ جنھنڪري حڪمران طبقي ۽ انھن جي طرفدار مذھبي ملن طرفان مٿان جماعت ۾ انتشار، وقت جي خليفي سان بغاوت ۽ عام تسليم ڪيل مذھبي عقيدن، دستورن ۽ رواجن جي انحرافيءَ جا الزام لڳائي، کين باغي، ڪافر، زنديق ۽ بدعتي قرار ڏيئي، سخت سزائون ڏنيون ويون.
حضرت امام حسين عيله السلام، منصور حلاج، شمس تبريز، سرمد شھيد، شاه عنايت، مخدوم بلاول وغيره جا نالا انھي ڊگھي لسٽ مان مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا، جن آزادانہ اظھار راءِ جي ڪري قربانيون ڏنيون. صحيح بخاري ۾ ابن عباس کان روايت آھي تہ “مون کي آن حضرت صلعم کان ڪي اھڙيون ڳالھيون معلوم ٿيون آھن، جي ھن وقت ظاھر ڪريان تہ مارجي وڃان.” انھن حقيقتن کي مدنظر رکي، حافظ شيرازي جھڙي رند کي بہ مجبورن چوڻو پيو تہ
مصلحت نيست ڪه از پرده برون افتد راز،
ورنہ در مجلس رندان خبري نيست ڪه نيست.
(يعني، اھا ڳالھہ مصلحت ڀري نہ آھي تہ راز کي پردي کان ٻاھر ڪجي؛ نہ تہ رندن کي گهڻيون خبرون آھن)
شاھ سائين ان تي فرمائي ٿو تہ –
کران وجهه م وات، ڍول منھنجي ڳالھڙي،
مڇڻ رتي رات، اورڻ ۾ اونھي ٿي.
مسلمان حاڪمن جي فتحن بعد، حڪمران طبقي طرفان مسلمانن جي نئين ٺاھيل جماعت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سھولتن جي مھيا ڪرڻ، ٻين مذھبن جي پوئلڳن کي تڪليفون ڏيڻ ۽ اسلام کي چند عقيدن، عبادتن، رسمن ۽ دستورن ۾ محدود ڪرڻ ڪري، ظاھري طرح مسلمانن جو تعداد تہ وڌڻ لڳو، ليڪن حقيقي طرح اسلامي تعليم جا ڄاڻو ٿورا پئي رھيا آھن. ڪيترن مورخن جو رايو آھي تہ اڪثر مسلمان حڪومتن جو اسلامي اصولن سان واسطو نہ پئي رھيو آھي.
ھن وقت بہ ساڳي حالت آھي.
















(2)
حڪمران طبقي جي اسلامي تشريح جا نقص
ھنن جو پھريون مکيه عقيدو اسلام جي آخري، مڪمل ۽ عالمگير دين ھئڻ جو آھي. اسان کي ڏسڻو آھي تہ سندن اھا دعوى تاريخي حقيقتن ۽ عقل جي ڪسوٽيءَ تي ڪيتري قدر ٺھڪي اچي ٿي. ھن سوال کي پوري طرح سمجهڻ لاءِ ان کي ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي، بحث ڪريون ٿا:
(الف) مذھب ڇا آھي؟
(ب) مسلمانن جي حڪمران طبقي جي دعوى، اسلام جي آخري، مڪمل ۽ عالمگير مذھب واري، ڪيتري قدر صحيح آھي؟

(الف) مذھب ڇا آھي.
اھو سوال نھايت وسيع آھي، جنھن تي ھزارھا ڪتاب لکجي چڪا آھن ۽ اڃان لکجن پيا. ھن ڪتاب جي پھرين ٽن فصلن ۾ بہ ان تي مختصر روشني وڌي اٿم. پر وري حافظي کي تازي ڪرڻ لاءِ چند ڳالھيون دھرايان ٿو.
تاريخي ۽ سائنسي کوجنا مان ائين ظاھر ٿيڻ لڳو تہ ھن زمين تي ماڻھو کي پئدا ٿئي لکين ورھيه گذري چڪا آھن – جيتوڻيڪ دنيا جا ٽي مکيه مذھب، جڊيزم (يھوديت Judaism) ، ڪرسچئنسٽي ( مسيحت Christianity) ۽ اسلام – جمله انسان ذات کي حضرت آدم عليه السلام جي نسل مان شمار ڪن ٿا، جنھن بابت سندن چوڻ آھي تہ مٽيءَ مان خدا سائينءَ ان جو بوتو ٺاھي، ان ۾ روح ڦوڪيو. مسلمانن وٽ حضرت محمد صلعم کان وٺي حضرت آدم تائين شجرو بہ موجود آھي، جنھن حساب موجب حضرت آدم ساڍا ست ھزار ورھيه اڳي پيدا ٿيو ھو. ان کان اڳي زمين تي ماڻھو ڪونہ ھئا. ھو دنيا جو پھريون ماڻھو ۽ پيغمبر ھو. مذھب ان کان پوءِ پيدا ٿيا، وغيره ھاڻ سوال اٿندو تہ سائنسي ۽ تاريخي کوجنا سچي يا مٿي ذڪر ڪيل مذھب جون مروج ۽ مشھور روايتون سچيون. ھن وقت، سواءِ تعصبي انڌن ۽ جاھل ماڻھن جي، سمجهدار ماڻھو وڃن ٿا تاريخي ۽ سائنسي معلومات ۾ اعتبار ڪندا. خود مٿي ذڪر ڪيل مذھبن جا ڪي عالم به، مذھبي ڪتابن جو نئون تعبير ڪندي، قديم روايتن کي رد ڪرڻ لڳا آھن. ھن وقت تائين ٻہ لک ورھيه اڳ جي انساني پئدائش جا ثبوت ملي چڪا آھن ؛ اڳتي ھلي ڇا ٿو ظاھر ٿئي، ان بابت چئي نٿو سگهجي.
آءُ تاريخي ۽ سائنسي تحقيقات کي صحيح ڄاڻي، انسان جي پئدائش لکا ورھيه اڳي ٿيڻ جو قائل آھيان. ان ڪري مذھبن جي پيدائش کي بہ اوترو ئي پراڻو سمجهان ٿو.
سائنس جي کوجنا مان پتو پوي ٿو تہ ماڻھو جانور مان ترقي ڪري، پنھنجي موجودہ جسماني ۽ ذھني درجي تي پھتو آھي. ظاھر آھي تہ ان درجي تي پھچڻ تائين ھن کي ڪروڙين ورھيه لڳا ھوندا. ان کان پوءِ، ھن نامعلوم عرصي تائين جھنگلن، مرغزارن، ۽ پاڻي جي ڀر وارن ملڪن ۾ وحشياني زندگي پئي گذاري آھي. ڳالھائڻ جي قوت، وڌيل خواھش ۽ سمجهه جي ڏاتين ڪري، ھن مان ڪيترن گروھن، قديم زماني کان، مڪاني حالتن، گروھي نفعن نقصانن ۽ مختلف خواھشن جي تقاضائن جي ڪري، خوف ۽ وھم جي بنياد تي چندا عقيدا، رسمون ۽ رواج ايجاد ڪيا ھئا، جن کي مذھب جي ابتدائي صورت سان مشابھت ڏيئي سگهجي ٿي. ھر ملڪ ۽ قبيلي جا اھڙي طرح بنيل عقيدا ۽ دستور علحده ھئا. ليڪن بنياي طرح انھن جي پيدا ٿيڻ لاءِ اسباب گهڻو ڪري ساڳيا ھئا. جيئن وقت گذرندو ويو ۽ ماڻھو وحشيانہ درجي کان مٿي چڙھي، مختلف بدو يانه، زراعتي، تجارتي، ھنري ۽ سائنسي دورن مان لنگهڻ لڳا، تہ ھن جي اصل عقيدن ۽ دستورن ۾، معاشري جي تبديليءَ، نئين معلومات جي فراھميءَ ۽ تجربن ڪري، ڦير گھير اچڻ لڳي، جا اڳتي پڻ ھميشه ٿيندي رھندي.
ھن وقت جا عالمگير مذھب – ھندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، مسيحت ۽ اسلام – سڀئي گذريل پنجن ھزارن ورھين کان پوءِ جي پيداور آھن. ليڪن ان کان اڳ بہ ماڻھن وٽ مذھبي عقيدا ۽ دستور ھئا. جڏھن پوري طرح تحقيقات ڪجي ٿي، تہ موجودہ عالمگير مذھب سڀ قديم مذھبي عقيدن، رسم رواج، دستورن ۽ عبادتن تي تعمير ٿيل معلوم ٿين ٿا. ھنن چئن مذھبن کي عالمگير انھي ڪري سڏيو وڃي ٿو، جو انھن جا پوئلڳ ڪيترن ڪروڙن ماڻھن تي مشتمل آھن ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ رھن ٿا.
ھن ڳالھہ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي تہ انھن عالمگير مذھبن ۾ کانئن اڳ وارن مذھبن جي عقيدن ۽ دستورن کان ڪي وڌيڪ اضافا ٿيل آھن، انھن ۾ خدا جي تصور، حيات بعد الممات، محبت، امن ۽ فلاح انسانيءَ متعلق نوان اضافا آھن. ليڪن زيادھہ تر اُھي مذھب قديم عقيدن، رسم رواج ۽ دستورن تي مشتمل آھن. ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي تہ عالمگير مذھب جي بانين، عام ماڻھن جي قديم روايات، گذشتہ عقيدن ۽ دستورن سان وابستگيءَ ، گهڻن ماڻھن جي ذھني پستيءَ، جھالت ۽ وھم پرستي کي نظر ۾ رکي، ڪيترن پراڻن عقيدن، رسم و رواج ۽ دستورن کي ڪڍڻ کان پاسو ڪيو آھي. ڇو تہ کين خبر ھئي تہ گهڻا ماڻھو، قدامت پسند ھئڻ ڪري، صفا نئين ڳالھہ نہ سمجهي سگهندا ، ۽ نہ ان کي قبولڻ لاءِ تيار ٿيندا.
اھا حالت تقريبن ھر ھڪ عالمگير مذھب جي آھي. مذھب اسلام بہ اھڙين ڳالھين کان خالي نہ آھي. اُن جا اڪثر عقيدا ۽ دستور اڳوڻن مذھبن، قبيلائي عقيدن ۽ دستورن تان ورتل آھن، ۽ ٻين عالمگير مذھبن سان مشابھت رکن ٿا. ھن مذھب جا بہ نوي سيڪڙو عقيدا ۽ دستور قديم مذھبن جي وھم پرستي ۽ خوف مان پيدا ٿيل عقيدن ۽ دستورن جي پيداور آھن. اسلام جي ذڪر ڪيل ھيٺ مکيه عقيدن ۽ دستورن جي اصل بابت کوجنا ڪبي، تہ معلوم ٿيندو تہ اھي نہ صرف عربن جي ايام جاھليت بلڪه انسان جي وحشي دور جي روايات تي تعمير ٿيل آھن، جن جي موجودہ زماني جي حالتن موجب ڪا ضرورت نہ رھي آھي. عقل ۽ سمجهه جي ڪسوٽيءَ تي اھي بيسود معلوم ٿين ٿا. منجھائن ڪن جي تہ ڪا مراد ۽ مطلب ئي نٿو ڏسڻ ۾ اچي، بلڪه اُھي اڄوڪي حالت موجب مضحڪه خيز ۽ طفلانہ حرڪتون پيون معلوم ٿين.
مثلن، ملن واري تشريح موجب اسلام جا جي مکيه عقيدا ۽ دستور ليکجڻ ۾ اچن ٿا، سي ھيٺيان آھن:
1 خدا جي شخصي تصور جو عقيدو.
2 خلقت انسان، حيات بعد الممات، عالم برزخ، روز قيامت، پلصراط، ميزان، بھشت ۽ دوزخ جا عقيدا.
3 حج ڪرڻ، ڪعبي جو طواف، مينا ۾ شيطان کي پٿريون ھڻڻ، ڊڪون پائڻ وغيره.
4 جانورن جي قرباني، صدقا وغيره
5 ختنو يا طھر ڪرائڻ.
6 جانورن جي نحس ۽ سعد، حلال ۽ حرام جو عقيدو.
7 مري ويلن لاءِ طعام، ڪپڙا وغيره ڏيڻ ۽ ختما ڏيارڻ.
8 تعويذ ۽ ڌاڳا، ڦيڻا ڇنڊا وغيره ڪرڻ.
9 مزارن جون زيارتون ڪرڻ، ختما ڏيارڻ، دعا گھرڻ.
10 عبادتون، ورد، وظائف ۽ روزا رکڻ، وغيره.
جنھن صورت ۾ مٿي ذڪر ڪيل اسلام جي تسليم ٿيل عقيدن ۽ دستورن کي عرب ايام جاھليت ۽ وحشيانہ دؤر جي مذھبن مان اخذ ڪيل عقيدا ۽ دستور سڏڻ جي راءِ ظاھر ڪئي اٿم، ان ڪري بھتر اھو ڄاڻان تہ ھر ھڪ ڳالھہ لاءِ مختصر طور دليل ۽ ثابتيون پيش ڪريان.

1 خدا جي شخصي تصور جو عقيدو:
ماڻھو ڪمزوريءَ، تڪليف، خوف ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ اڪثر ڪنھن مدد لاءِ منتظر پئي رھيو آھي، ۽ انھيءَ مدد واسطي ابتدا کان وٺي ھن ڪي مددگار يا معبود پئي چونڊيا آھن، جن کان مھل سر مدد يا آٿٿ وٺڻ لاءِ ھو ملتجي پئي رھيو آھي. تاريخ جي ڳوڙھي مطالعي مان معلوم ٿيندو تہ ان لاءَ ھن ڪنھن وقت جانورن جھڙوڪ: ھاٿي، شينھن، ڍڳي، واڳونءَ، نانگ ۽ عقاب وغيره جي پرستش پئي ڪئي آھي ، تہ ڪنھن زماني ۾ جبلن، دريائن، سمنڊن، وڻن، باھ، ڌرتيءَ، جن ڀوت، سج چنڊ ۽ تارن جي پوڄا بہ ڪئي آھي. آخر ۾ خود ماڻھوءَ جي پرستش جو دستور پيو، جنھن ۾ قبيلن جا وڏا، جادوگر، مذھبي مھندار ۽ بادشاھ معبود ٿي ليکجڻ لڳا، ۽ اڳتي وڌي، بت پرستيءَ جو رواج پيو.
ان کان پوءِ، عالمگير مذھبن طرفان انھيءَ انساني تصور جو خدا مٿي آسمان ۾ ويٺل ڄاڻي، ان کي ڪائنات جي پيدا ڪرڻ، فنا ڪرڻ، ماڻھن جي رزق ڏيڻ ۽ ھر معاملي تي نظرداري ڪري، انعام ۽ سزا ڏيڻ وارو سمجهي، ان جي عبادت ڪرڻ جو رواج وڌو ويو. بائيبل جي ڪتاب “پيدائش” جي باب اول جي آيت 26 ۾ ڄاڻايل آھي تہ “خدا ماڻھوءَ کي پنھنجي صورت تي بنايو.” اھڙي طرح عربي ۾ چوڻي آھي تہ : خلق الله الاآدم على صورتہ (معني آدم کي خدا پنھنجي صورت تي پيدا ڪيو).
اھڙي طرح سان، ٻين مذھبن وانگر، مسلمانن به، ملا جي تشريح مطابق، خدا جي انساني تصور جا اصول قبول ڪري، ان جي عبادت ڪرڻ شروع ڪئي، جنھن موجب خدا ستين آسمان تي ڪرسيءَ تي ويٺل ھو، ھن کي ھٿ، پير، اکيون، ڪن، منھن ۽ جسم ھو؛ ھو ساري ڪائنات جو پيدا ڪندڙ، رزق ڏيندڙ، جزا ۽ سزا جو مالڪ ۽ ماريندڙ ھو. پيغمبر حضرت محمد صلعم معراج تي حضرت جبريل سان گڏجي وٽس ستين آسمان تي ويو ھو. قيامت جي ڏينھن ھو ھيٺ لھي اچي ويھندو. سڀني ماڻھن جا حساب ڪتاب سندس اڳيان تارازيءَ ۾ توري تپاسيا ويندا. پوءِ اھي ان موجب بھشت ۽ دوزخ ۾ موڪليا ويندا، وغيره. مسلمانن جا نھايت مکيه امام ۽ عالم انھي نظريي ۾ اعتقاد رکندڙ ھئا، جھڙوڪ امام مالڪ بن انس رضه، امام احمد بن حنبل رضه، امام دائود بن علي رضه، ابن تميم رضه، ابن قيم رضه، ابن حزم رضه ۽ شوڪاني انھيءَ راءِ جا شمار ڪيا وڃن ٿا. (ڏسو “مذھب اسلام” از محمد عبدالغني) قرآن شريف ۽ حديثن مان اھڙي عقيدي جي فائدي ۾ ڪيترا حوالا پيش ڪري سگهجن ٿا. مثال لاءِ ھيٺيون آيتون ۽ حديثون انھي سلسلي ۾ پيش ڪري سگهجن ٿيون.
(1)الرحمان علي العرش الستوى
(معنى – الله سائين آسمان تي ويٺل آھي.)
(2) وجاءَ ربڪ والملڪ صفاَ صفا
(معنى – جڏھن تنھنجو رب آيو، تہ ملائڪ صفون ٻڌيو (ساڻس گڏيا) آيا.)
(3) ثم دنى فتدلى فڪان قوب قوسين او ادنى
(معني – جڏھن (حضرت محمد صلعم خدا کي) نزديڪ ٿيو، تہ (خدا) لھي آيو، پوءِ (پيغمبر ۽ خدا جي وچ ۾) فرق صرف ڪمان جي ٻن گوشن جيترو يا ان کان بہ گهٽ وڃي رھيو.)
(4) يدالله فوق ايديھم
(معنى – الله جو ھٿ انھن جي مٿان آھي.)
(5) ويبقى وجهه ربڪ ذوالجلال والاڪرام
(معنى – باقي وڃي تنھنجي رب جو منھن رھندو.)
(6) ويوم يڪشف عن ساق
(معنى – جنھن ڏينھن تنھنجي رب جي ٽنگ جي بڪي کلندي. )
اھڙي طرح حديثن مان بہ ان ڳالھہ جي ثابتي ملي ٿي. حضرت ابوھريره کان ڪتاب صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ روايتون آھن ته:
(1)وماالنار فلا تمتلى حتي يضيع الله رجله
(معني (قيامت جي ڏينھن) دورزخ تيسن تائين ڪونہ ڀرڀا، جيسين تائين الله تعالى سندس پير ان ۾ نہ وجهندو.)
(2) ينزل ربنا تبارڪ و تعالى ڪل ليلتہ الي السماء الدنيا
(معنى – اسان جو رب تعالى ھر رات آسمان کان زمين جي طرف ھيٺ لھي اچي ٿو (خبر چار لھڻ لاءِ) ).
حضرت عبدالله بن مسعود کان صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ روايت آھي تہ :
(3) ان الله يمسڪ السماوات يوم لقيامت على اجمع و الارض على اصبع الخ
(معنى – الله تعالى قيامت جي ڏينھن آسمانن کي ھڪ آڱر تي جھليندو ۽ زمين کي ٻيءَ آڱر تي جھليندو.)
اھي چند حوالا آھن، جن مان ثابت ٿئي ٿو تہ مسلمانن جي گهڻي حصي ۾ خدا بابت اھڙو انساني تصور وارو اعتقاد ويٺل آھي. جڏھن کان فيلسوفن۽ صوفياي ڪرام انھيءَ تصور خلاف دليل ڏنا، تہ ڪن مسلمانن عالمن مجبورن انھي جي جواب ۾ خدا جي بي شڪل ۽ بي مثال معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ليڪن اڃان تائين ملا جي تشريح ۾ مڃيندڙ خدا کي انساني صفتن سان منسوب ڪندا اچن ٿا – جھڙيءَ طرح ؛ ڏسڻ، ٻڌڻ، راضپو، ناراضپو، حساب ڪتاب جي بنياد تي بھشت، دوزخ، وغيره. ڪي اڃان تائين اھڙا بہ آھن، جي خدا جي مٿي ذڪر ٿيل شخصي تصور ۾ مڃيندڙن کانسواءِ ٻين کي قرآن ۽ حديث جا منڪر ٿا ڄاڻن.

2 خلقت انسان، حيات بعدالممات، عالم برزخ، روز قيامت، پلصراط، ميزان، بھشت ۽ دوزخ جا عقيدا:
اِنھن ڳالھين بابت ملا جي تشريح ۾ مڃيندڙن ۾ ڪي خاص عقيدا ويٺل آھن، جي اڳين مذھبن جي عقيدن تان ورتل آھن. ان موجب سندن چوڻ آھي تہ روز ميثاق تي خدا صاحب جڏھن “ڪن” (ٿي پئو) جو لفظ ڪڍيو، تہ ساري ڪائنات پيدا ٿي پيئي، ۽ انھيءَ سان گڏ انساني روح بہ پيدا ٿيا، جن کان خدا پڇا ڪئي تہ ھو کيس سڃاڻن ٿا! تڏھن ھنن ھائوڪار ڪئي. اُھي انھيءَ وقت کان وٺي روحن جي دنيا ۾رھن ٿا، جتان سندن تقدير ۾ لکيل وقت تي ھن دنيا ۾ اچي، وري مرڻ بعد ھو عالم برزخ ۾ وڃي رھن ٿا، جتي قيامت جي ڏينھن تائين ھوندا. اُتي ھن دنيا وانگر گھمن ڦرن ٿا، کائين پين ٿا، ختمن ۽ خيرات ذريعي ھتان موڪليل کاڌو پيتو ڪپڙو کين پھچي ٿو. قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو، ان جو پتو پيغمبر خدا کي بہ ڪونہ ھو. پر ھن ڪي نشان ٻڌايا آھن، جن مان ھڪ اھو تہ عام ماڻھو شھري زندگي گذارڻ لڳندا. قيامت کان اڳ حضرت اسرافيل ھڪ نفيل مان آواز ڪڍندو، جنھن جي اثر کان زمين ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندي، جبل ڪپھه جي پوڻين وانگر اڏامڻ لڳندا ۽ ان کان پوءِ وري زمين ھموار ٿيندي، بارشون جام پونديون، ۽ ماڻھو کنڀين وانگر سندن اڳين جسمن سان ٻاھر اڀرندا. ھر ڪو مذھب وارو سندس نبيءَ جي پويان نفسي نفسي ڪندو رھندو. سج ھيٺ لھي نيزي پاند اچي بيھندو. پوءِ سڀني کي پلصراط تان لنگهڻو پوندو ، جا وار کان سنھي ۽ تلوار کان تکي ھوندي. جن ماڻھن مسجدون ٺھرايون ھونديون يا (جانورن جون) قربانيون ڏنيون ھونديون، سي انھن تي سوار ٿي، سولائيءَ سان پار اڪري ويندا. ڪيترا گنگھار پار اُڪري نہ سگهندا ۽ آڙاھ ۾ ڪري پوندا. ان پل جي ٻئي طرف الله سائين ويٺل ھوندو. ترازي ٽنگي پيئي ھوندي، جنھن ۾ ھر ھڪ ماڻھو جو ڏوھ ثواب سندس روبرو توربا. جي ڪنھن جا ڏوھ زيادھہ ٿيا، تہ کيس دوزخ ۾ موڪليو ويندو، ۽ جي ثواب گهڻا ٿيا تہ بھشت ۾ وٺي ويندس. بھشت جو ذڪر ڪندي چيو وڃي ٿو تہ اتي عاليشان بنگلا ۽ محلاتون ھونديون، جن ۾ عمدا باغ ھوندا، ماکيءَ ۽ کير جون نھرون ھونديون. اُتي جي رھاڪن کي کي سوين حورون ۽ غلمان (حسين ڇوڪرا) انعام طور ڏنا ويندا. دوزخ جو نھايت خطرناڪ روپ ظاھر ڪيو وڃي ٿو، جتي باھين جا آڙاھ ھوندا، جن ۾ ڏوھاڙين کي ملائڪ گرزن سان طرح طرح جا عذاب پيا ڏيندا، ۽ جنھن ۾ مسلمانن جي اٽڪل ٽن سؤ فرقن مان صرف ھڪ فرقي کي بھشت ۾ داخل ڪري، ٻين سڀني کي دوزخ ۾ وڌو ويندو. غير مسلم بہ دوزخ ۾ ھوندا. ان ڪري دوزخ ۾ انسانن جو ڪثير تعداد ھوندو. باقي بھشت تي بہ ھن دنيا جي سرمائيدارن وانگر چند ماڻھن جي ھڪ ھٽي ھوندي.
اِھي اعتقاد ملا جي تعبير واري اسلام جا مکيه جزا آھن، جنھن موجب خدا کي ظالم ڊڪٽيٽر (واحد القھار) ڪري ڏيکاريو وڃي ٿو، جو اربھا ماڻھن کي صرف ان ڪري سزائون ڏيندو، جو ھو اسلام جي ملا واري مضحڪه خيز تعبير جا پوئلڳ نہ ھوندا. رب العالمين، انھيءَ نقطہ نگاه موجب، صرف اسلام جي ھڪ فرقي جي پارٽي جو ليڊر بنجيو پوي.
جيڪڏھن تاريخ مذاھب جو مطالعو ڪبو، تہ معلوم ٿيندو تہ مٿي ذڪر ڪيل ڳالھين مان ڪيترا عقيدا قديم مذھبن تان ورتل آھن. مصر جي احرامن جي اندر، جي يھودي ۽ عيسائي مذھبن کان بہ اڳ جا ٺھيل آھن، اھڙيون تصويرون ڏنل آھن، جن مان ھنن عقيدن جا نشان ملن ٿا. انھن عقيدن جو مفصل مطالعو ڪبو، تہ معلوم ٿيندو تہ انھن مان ماڻھن جي قديم وھم پرستيءَ ۽ ڏند ڪٿائن جا آثار ملندا.
آءُ نٿو سمجهان تہ جنھن ملا واري مذھب جا بنيادي عقيدا اھڙي قسم جا ھجن، سو مڪمل ۽ آخري دين سڏڻ جو لائق ٿي سگهي ٿو.
3 حج ڪرڻ، ڪعبي جو طواف، منا ۾ شيطانن کي پٿريون ھڻڻ ۽ ڊڪون پائڻ،حجر اسود کي چميون ڏيڻ وغيره:
انھن مان ڪيترا رواج ۽ دستور عرب جي ايام جاھليت ۾ رائج ھئا. ڪي تہ حضرت ابراھيم جي وقت کان بہ پراڻا ھئا.
ڪعبي جي عمارت، جا ھن وقت چورس آھي، ان بابت چوڻ ۾ اچي ٿو تہ گهڻي وقت کان اڳي اُتي عربن جو عبادتگاه ھو، جنھن کي حضرت ابراھيم ۽ حضرت اسماعيل درست ۽ پاڪ ڪري، پنھنجي مسلڪ جو عبادتگاه بنايو. ڪن تاريخ دانن جو مرڳو چوڻ آھي تہ ڪعبي جي ڪنڊ ۾ رکيل حجر اسود اڳوڻي عبادتگاه ۾ رکيل فيلس يا لنگم جو پٿر آھي. ڪي چون ٿا تہ اڳوڻي ڪثير ديوتائن جي مورتين مان اھو زهره جي ديوتا جي نشاني ھو، جنھن کي عزت خاطر اتي رکايو ويو.
ڪعبي ۾ اڳيئي ھر سال ماڻھو ميلي تي ايندا ھئا. ڪعبو اڳوڻي مندر جي جاءِ تي ٺھيل آھي. ڪعبي جي چؤطرف طواف ڪرڻ جو دستور بہ گهڻي وقت کان قديم سورج ديوتا جي پوڄارين ۾ مروج ھو، جي سيارن جي سج جي چؤڌاري طواف ڪرڻ جي رسم موجب ائين ڪندا ھئا. شيطانن کي پٿرين ھڻڻ بابت چوڻ ۾ اچي ٿو تہ اُھي قديم عرب جي مخالف ديوتائن جي بتن جي خلاف احتجاج ڏيکارڻ لاءِ ھنيون وڃن ٿيون. ان جاھلانہ دستور کي اڃا تائين قائم رکيو اچن. منا ۾ ڊڪون پائڻ جي دستور بابت چوڻ ۾ اچي ٿو تہ حضرت ابراھيم جي مصري بيبي ھاجران سندس سائڻ ساران بيبيءَ جي خوف کان ھن طرف نڪري آئي، تہ کيس سندس پٽ حضرت اسماعيل ڄائو. پاڻي ڪونہ ھو، جنھنڪري، مضطرب ٿي، ان جي ڳولا ۾ ڊڪون پاتائين ۽ پوءِ فرشتن جي مدد سان کوھ پيدا ٿي پيو. اھي ڊڪون انھيءَ رسم ادا ڪرڻ لاءِ پاتيون وڃن ٿيون.
انھن سڀني ڳالھين ۾، سواءِ قديم دستور ۽ رسمن دھرائڻ جي، ڪا ھدايت ۽ رھبري جي ڳالھہ نہ آھي، جو ملا واري اسلام کي آخري ۽ مڪمل بنائي، جيڪو حج جي اھڙين قديم رسمن جي دائگيءَ کي فرض ٺھرائي ٿو.

4 جانورن جي قرباني:
قرآن ۾ آھي تہ حضرت ابراھيم خواب لڌو تہ خداوند فرمائي ٿو تہ حضرت اسماعيل پنھنجي پٽ کي قربان ڪر. انھي حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ ھن حضرت اسماعيل کي ڪُٺو ٿي، تہ ان جي جاءِ تي ملائڪن گھيٽو آڻي رکيو. اُنھيءَ سنت قائم رکڻ لاءِ قرباني ڪئي وڃي ٿي. بائيبل ۾ حضرت اسماعيل جي عيوض حضرت اسحاق جو نالو آندو ويو آھي. بھرحال ٻنھي ڪتابن ۾ قرباني جو ڪارڻ خدا جو حڪم ٻڌايو وڃي ٿو.
قديم مذھبن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ ماڻھوءَ ۽ جانورن جي قربانيءَ جو دستور حضرت ابراھيم عليه السلام کان ھزارھا ورھين اڳ جو پراڻو آھي. گهڻو ڪري ھر قديم مذھب ۾ ان جو دستور ھو. تاريخي کوجنا مان پتو پوي ٿو تہ اھو وحشيانہ دور جي وھم پرستيءَ جو رواج ھو، جنھن ۾ معبودن جي غصي ۽ ڪاوڙ کي دور ڪرڻ يا انھن جي رضامنديءَ خاطر ساري قبيلي کي بچائڻ لاءِ ھڪ ماڻھوءَ جي قرباني ڏني ويندي ھئي. اُنھيءَ زماني ۾ خدا جو تصور خوفناڪ جاندار يا ديوتا وانگر ھو، جو سواءِ ماڻھوءَ جي رت ڏيڻ جي راضي نہ ٿيندو ھو. حضرت ابراھيم جو خدا بابت تصور بہ شخصي ھو. جنھنڪري ان کي راضي ڪرڻ لاءِ ھن پٽ کي قربان ڪرڻ گھريو ٿي.
بائيبل (توريت) جي ڪتاب “پيدائش” جي باب 18 ۾ لکيل آھي تہ تہ خدا جلشانہ ٻپھرن جو ممري ۾ حضرت ابراھيم عليه السلام جي تنبوءَ ٻاھران آيو، جنھن تي حضرت ابراھيم عليه السلام کيس منٿ ڪري، پير ڌوئاري، ٿلھو گابو ڪھي، ماني پچارائي کارائي. خدا ماني کائڻ بعد کيس دعا ڪئي تہ تنھنجي بيبي ساران مان توکي پٽ ڄمندو. ھي ان وقت ٻيئي ڪراڙا ھئا، ايتري قدر جو بيبي ساران جي ماھواري بہ بند ٿي ويئي ھئي. نيٺ ان دعا موجب بيبي ساران مان حضرت ابراھيم کي فرزند ڄائو، جنھن جو نالو حضرت اسحاق رکيائين. ان وقت حضرت ابراھيم عليه السلام جي عمر ھڪ سؤ ورھيه ھئي ۽ بيبي ساران 90 ورھين جي ھئي. اِنھن ڳالھين ۽ مٿي بيان ڪيل قرآن ۽ حديث ۾ آيل ذڪر مان معلوم ٿئي ٿو تہ حضرت ابراھيم جو خدا بابت ڪھڙو تصور ھو. خدا جي رحمان ۽ رحيم ھئڻ جو تصور بعد جو آھي. خبر نٿي پوي تہ ان وحشياني دور جي يادگار قربانيءَ کي اسلام جو مکيه جزو قرار ڏيئي، ملا صاحب ڪھڙيءَ طرح ان کي مڪمل ۽ آخري دين سڏي ٿو.
5 ختنو يا طھر ڪرائڻ:
بائيبل جي ڪتاب “پيدائش” باب سترھين ۾ ڄاڻايل آھي تہ “جڏھن حضرت ابراھيم 99 ورھين جو ٿيو، تہ خدا کيس ڏسڻ ۾ آيو ۽ چيائينس تہ تو ۽ مون ۾ عھد ٿو ڪريان تہ توکي اولاد ڏيندس. جن مان بادشاھ پيدا ٿيندا. اھي مونکي خدا ڪري مڃيندا. ان جي عيوض ۾ طھر ڪرائج، ۽ پنھنجي اولاد کي بہ طھرجڻ جي ھدايت ڪج.” ان تي حضرت ابراھيم عليه السلام طھر ڪرايو، ۽ سندس فرزند حضرت اسماعيل 13 ورھين جو ھو، تنھن جو بہ طھر ڪرايائين.”
مسلمانن ۾ طھر ڪرائڻ جو دستور سنت ابراھيمي پوري ڪرڻ لاءِ ھلندو اچي. ھاڻ تاريخي کوجنا مان معلوم ٿيو آھي تہ اھا رسم قديم وحشي قومن ۾ عام ھئي. آسٽريليا، نيوزيلينڊ، قديم آفريڪا ۽ آمريڪا جي وحشي قومن ۾ اھو رواج ڏٺو ويو آھي، جن جو حضرت ابراھيم يا مسلمانن سان ڪو واسطو نہ ھو. شو مھراج جي عضوي تناسل وڍڻ جي ڏند ڪٿا، جنھن مان لنگم جي پرستش جو بنياد پيو، ۽ قديم يونانين ۽ ٻين قومن ۾ فيلس جي پوڄا مان پتو پوي ٿو تہ انھن رسمن جي وچ ۾ ڪو ڳانڍاپو آھي. حضرت ابراھيم ڪا نئين ڳالھہ ڪانہ ڪئي ھئي. خبر نٿي پوي تہ اھڙين قديم رسمن کي مذھب ۾ جاءِ ڏيئي، ۽ ان جو مکيه جزو قرار ڏيڻ سان ملا جو اسلام ڪھڙي طرح مڪمل ۽ آخري دين بنجيو پوي ٿو. ان سموري مسئلي بابت احوال معلوم ڪرڻو ھجي ته، تہ سرجان فريرز جي لکيل ڪتاب “گولڊن بو” مان يا “انسائيڪلوپيڊيا آف ريلجن ۽ اِيٿڪس” ۾ لفظ “فنلزم” تحت پتو پئجي سگهندو. ان مسئلي تي ٻيا بہ ڪيترا ڪتاب لکيل آھن.

6 مري ويلن کي ختما ڏيارڻ:
آءُ مٿي ٻڌائي آيو آھيان تہ تہ مسلمانن اڳين مذھبن کان جي عقيدا ھٿ ڪيا آھن، انھن مان ھڪ اھو بہ آھي تہ ماڻھو جي انتقال ڪرڻ کان پوءِ سندس روح قيامت تائين عالم برزخ ۾ رھي ٿو، جتي ھن دنيا وانگر کائي پئي ۽ ھلي چلي ٿو. ھن جون انھي دنيا ۾ بہ اھي ساڳيون ضرورتون آھن. تنھنڪري ان واسطي کاڌي پيتي، ڪپڙي وغيره جو انتظام ڪرائڻ سندس پوين لاءِ لازمي ڳالھہ آھي. ھتي جو بہ کاڌو، ڪپڙو وغيره سندس نالي ۾ ڪن رسمن سان ڏنو ويندو، سو وڃي کيس رسندو. ان ڪري ماڻھوءَ جي گذرڻ کان پوءِ ڪي ڏڻ وار مقرر ڪيا ويا آھن، جن تي انھيءَ رسم جي ادائي ڪئي وڃي ٿي – جيئن تہ ٽيجھو، ستون ڏينھن، ايڪيھو، چاليھو، ٻارھو خاص طرح انھيءَ ڪم واسطي مقرر ڪيل آھن، جن تي گذر ڪيل ماڻھوءَ جا عزيز قرآن شريف جا ختما ڪرائي يا ڪن سورتن کي پڙھي، مري ويلن جي روحن کي بخشائين ٿا، ۽ ملن، فقيرن، غريبن کي کاڌو، ڪپڙو وغيره ڏين ٿا. مسلمانن ۾ اھو اعتقاد ويٺل آھي تہ اھڙن موقعن تي مري ويلن جا روح گهر ۾ اچن ٿا ۽ جڏھين ڏسن ٿا تہ سندن نالي ڪجھه ڪيو وڃي ٿو تہ خوش ٿي موٽي وڃن ٿا، نہ تہ رنج ٿيو بددعا ڪندا وڃن ٿا.
جيڪڏھن انھي دستور يا عقيدي جو پورو مطالعو ڪبو، تہ ڏسبو تہ اھو عقيدو موجودہ سڀني عالمگير مذھبن ۾ رائج آھي، ۽ ان جو رواج انسان جي وحشيانہ دور کان پيل ڏسڻ ۾ ايندو. قديم زماني جي قبرن کوٽڻ مان پتو پيو آھي تہ انھن ماڻھن ۾ اھو عقيدو ويٺل ھو تہ مرڻ کان پوءِ بہ ماڻھو جون ساڳيون ضرورتون رھن ٿيون. مصر جي اھرامن مان ھٿ آيل شين مان پتو پوي ٿو تہ مري ويلن سان کاڌي پيتي، ڪپڙي، ھار سينگار، ھٿيارن ۽ سواريءَ وغيره جا سامان گڏ دفن ڪندا ھئا. ڪن جڳھن تي زالن ۽ نوڪرن کي بہ ساڻس گڏ دفن ڪيو ويندو ھو، يا ساڙيو ويندو ھو تہ اھي مري ويلن جو ساٿ ڏين ۽ انھن جي خدمت ڪري سگهن. چين ۾ اھو بہ دستور عام ھو. جڏھين چنگيز خان منگول بادشاھ وفات ڪئي، تہ ساڻس گڏ چونڊ زالن کي جيئري دفن ڪيو ويو ھو. جملي مذھبن ۾ انھيءَ ڳالھہ جو مختلف نمونن ۾ اعتقاد پئي رھيو آھي. ھندن جي ستيءَ جي دستور جو بہ ان سان لاڳاپو ڏسجي ٿو. مسلمانن به، اڳين مذھبن جي پوئلڳي ڪندي، کاڌي پيتي وغيره ڏيڻ جو دستور چالو رکيو ۽ ختما ڏيارڻ شروع ڪيا. ھندن جا چائنٿا ۽ پاٺ ساڳئي دستور جھڙا آھن.
مسلمانن جي اعتقاد ۾ عجيب تضاد آھي. ھڪ طرف چيو وڃي ٿو تہ ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس عملن موجب جزا ۽ سزا ملندي. ٻئي طرف ختما، درود ۽ خير خيرات ميتن جي نالي ۾ ڪرايا وڃن ٿا. – چي، انھن جو ثواب انھن کي پھچندو! جي پوئين دستور کي مڃبو، تہ عمل بيڪار ٿي پوندا. ھر ڪو شاھوڪار پنھنجي عزيز کي، جو کڻي زاني، ظالم، بداخلاق رھيو ھجي، ختما ڏياري، ملن ۽ غريبن کي سٺا طعام ۽ ڪپڙا وغيره ڏيئي، نجات ڏيارائي سگهي ٿو. اِنھيءَ ڳالھہ ۾ عقيدي رکڻ ڪري سٺن ۽ برن عملن جو تفاوت مٽجي ويندو. اِنھيءَ دستور ۾ ڪھڙي خوبي آھي، جنھنڪري ملا واري اسلام کي مڪمل ۽ آخري مذھب چئي سگهبو، ۽ ان جي پوئواري ڪندڙ ماڻھن کي دنيا جي ٻھترين قوم سڏي سگهبو.

7 ڪن جانورن کي نحس ۽ ڪن کي حلال ڄاڻائڻ:
مسلمانن وٽ ڪي جانور پليت ۽ حرام آھن ۽ ڪي حلال آھن، جن مان سوئر کي خاص طور پليت سمجهيو وڃي ٿو. اھو دستور يھودين ۾ بہ آھي.
ھاڻ اچو تہ تاريخي حقيقتن جي بنياد تي انھيءَ رواج جو مطالعو ڪريون. انسان جڏھن جھنگلن ۾ وحشي زندگي گذاريندو ھو، تہ وھم پرست ھئڻ ڪري، ڪيترين ڳالھين مان سوڻ وٺندو ھو. جڏھن صبح جو اٿي جھنگل ۾ کاڌي ھٿ ڪرڻ، شڪار يا دشمن سان لڙڻ ويندو ھو، تہ مفيد نتيجي لاءِ اڪثري سوڻ وٺندو ھو. جيئن تہ جھنگل ۾ پکين ۽ جانورن کان سواءِ ٻي ڪا جاندار شيءِ ڪانہ ھوندي ھئي، تنھن ڪري شروع ۾، جڏھن ٻاھر نڪرڻ وقت کين اھڙي جانور تي نظر پوندي ھئي، جنھن بابت ڪن خاص ۽ محدود تجربن مان ھن کي وھم ويھجي ويو ھو تہ ان ڪري سندن ڪم سرانجام ٿيو ھو، تہ اھڙي جانور کي ھو سڀاڳو سمجهڻ لڳندا ھئا، ۽ جي ان جي ڏسڻ جي ڪري ڪم سرانجام نہ ٿيو ھو، يا ڪو نقصان پھتو ھو، تہ ان جانور کي نڀاڳو سمجهڻ لڳندا ھئا. انھيءَ طرح مختلف قبيلن وٽ ڪي جانور سڀاڳا ۽ ڪي نڀاڳا شمار ٿيڻ لڳا، جن کي تاريخ دانن ٽوٽم (Totem)۽ ٽبو (Taboo)جي نالي سان سڏيو آھي. انھن وھمن ڪري، ڪيترن سڀاڳن (ٽوٽم) جانورن جا بت ٺاھي، ھنن پاڻ وٽ رکيا، تہ جي صبح جو مٿن نظر پوندي، تہ سارو ڏينھن خيريت سان گذرندن. انھن جانورن کي ھو پنھنجا حامي ۽ مددگار سمجهڻ لڳا. انھن جانورن جي اڳتي ھلي وٽن پرستش شروع ٿي. اھڙي طرح نڀاڳن جانورن کي ھو مارڻ لڳا، يا انھن جي بد سوڻ کان بچڻ لاءِ ڪي ٻيا طريقا سوچيا ويا ۽ انھن تي عمل ٿيندو رھيو. شينھن، ھاٿي، ڳئون، عقاب، اڙدھا وغيره جي پوڄا جا نشان انساني سماج ۾ اڃان تائين موجود آھن. ڪيترن قبيلن تہ مرڳو پاڻ تي مددگار جانورن جا نالا رکايا، جھڙوڪ مزاري، ڪيھر، واگھا، بنو اسد وغيره. اھڙي طرح ماڻھن تي بہ جانورن جا نالا رکجڻ لڳا، جھڙوڪ شير شاھ، ھاٿي سنگھه، ڪيھر، اسدالله وغيره ٻھراڙين ۾ تہ اڃا تائين سوڻ ورتا ويندا آھن. ٻاھر وڃڻ وقت سھي تي نظر پوڻ، کٻي پاسي کان تتر جي تنوارڻ، لومڙ يا گدڙ جي منھن پوڻ وغيره مان سوڻ ورتا وڃن ٿا.
انھن ڳالھين جي اصل جي عالمن کوجنا شروع ڪئي آھي. اھڙيءَ ڪيل کوجنا مان سوئر جي پليت ٿيڻ بابت ھيٺيون احوال معلوم ٿي سگهيو آھي. ڪيترا ھزار ورھيه اڳي ايشيا مائنز (ترڪي) جي ڦراگيا ۽ لڊيا جي ٻن پرڳڻن جا قديم رھاڪو اَٽيس نالي ديوتا ۽ سندس زال سبلي جي پوڄا ڪندا ھئا، جنھن بابت پنھنجن ڏند ڪٿائن مان معلوم ٿيو ھون تہ اٽيس جڏھن سوئرن جي شڪار ٿي ويو ھو، تہ سوئر کيس ماري وڌو ھو، جنھن ڪري انھن ديوتا جي پوئلڳن وٽ سوئر نڀاڳو (ٽئبو) ٿي پيو ھو. اتي جا رھاڪو اصل، سامائيٽ نسل جا ھئا، تنھن ڪري انھن ماڻھن جي پوين ۾، نسل بعد نسل سوئر لاءِ نفرت ھلندي آئي آھي. جنھن صورت ۾ يھوديءَ ۽ مسلمان عرب سامائيٽ نسل جا ھئا، ھنن پڻ ان قديم رواج کي بحال رکيو. (ڏسو ڪتاب “گولڊن بو” از سر جا فريزر).
ھاڻ، غور ڪبو تہ معلوم ٿيندو تہ سوئر کي حرام يا پليت انھن قديم ڏندڪٿائن جي بنياد تي ٺھرايو ويو آھي؛ قرآن بہ انھيءَ قديم رواج جي بنياد تي ان کي، ماڻھن جي قديم روايتن ۽ عقيدن کي نظر ۾ رکي بحال رکيو.
انھيءَ مثال مان پتو پئجي سگهي ٿو تہ ملا واري اسلامي تشريح جي ڪيترن عقيدن جا اصل بنياد ڪھڙا آھن. ان جو گهڻو حصو قديم دستورن تان ورتل آھي ۽ ٿورو عقل ۽ سمجهه مطابق ايجاد ڪيو ويو آھي. اھڙن عقيدن واري ملا جي مذھب کي آخري ۽ مڪمل سڏڻ ڪيتري قدر بجا ٿيندو ، اھو ھر عقل وارو پاڻ سمجهي سگهي ٿو.

8 تعويذن، ڌاڳا ۽ ڦيڻا، ڇنڊا وغيره:
ھي عقيدو ۽ رواج بہ مسلمانن جي گهڻي ڀاڱي ۾ عام جام آھي. انھيءَ تي ڪيترا ڪتاب لکيل آھن، جن ۾ ھن عقيدي ۽ رواج جي جواز ۾ قرآن ۽ حديثن جا حوالا ڏنا وڃن ٿا. البت، ڪي ماڻھو اڄڪلھه جي علمي ھوا ۽ وھابين جي تعليم ڪري، انھن ڳالھين مان ويساھ وڃائي ويٺا آھن، ليڪن ان جي اھا معنى نہ آھي تہ ملا جي تعبير واري اسلام ۾ اھي ڳالھيون رائج نہ ھيون، ۽ ڪن مسلمانن جو انھن ۾ اعتقاد ڪونہ آھي. اڄڪلھه جي پيرن فقيرن ۽ ملن مان تہ گهڻن جو گذر ئي ان تي آھي. اڃا تائين مسلمانن جو گهڻو حصو انھن ڳالھين جي افاديت ۾ ويساھ رکي ٿو.
ھي ڳالھيون بہ انسان جي قديم وحشي دور جو يادگار آھن. تفاوت ٿورو آھي. اڳي ڌاڳن وٽڻ بعد ۽ ڦيڻن رکڻ مھل جادو يا منتر اُچاريا ويندا ھئا. ھاڻ، قرآن جون آيتون يا صلواتون پڙھيون وڃن ٿيون. ڌاڳا، اڳي وانگر ھاڻي به، ڪاري يا اڇي سُٽ، ۽ وڻن ۽ جانورن جي کلن مان وٽيا وڃن ٿا. تعويذن تي اڳي ٻيا اکر يا نشان ڪڍيا ويندا ھئا، ھاڻ ابجد جي حساب موجب نقش ڀريا وڃن ٿا يا مٿن قرآن جو آيتون، ملائڪن جا نالا وغيره لکيا وڃن ٿا. ڌوپ واس ۽ صدقي ۾ جانورن کي گھوري ڦٽو ڪرڻ جو راوج ساڳيو اڳوڻو جاري رکيو ويو آھي.
ان جي تھه ۾ اصل ڳالھہ ڪن شين، لفظن ۽ نشانن جي سڀاڳي ۽ برڪت واري ھئڻ جي آھي. اھي رواج ڪڏھين کان پيا، انھن جا اصل سبب ڪھڙا ھئا، ان تي ڪتاب موجود آھن، جن مان وڌيڪ احوال معلوم ٿي سگهندو. اھي سڀ ڳالھيون وھم پرستيءَ جي بنياد تي بنايل آھن. ملا جي تعبر واري اسلام ۾ انھن جي موجودگي دين کي مڪمل ۽ آخري حيثيث ڪھڙي طرح عطا ڪري سگهي ٿي، سا ڳالھہ ھر صاحب عقل سمجهي سگهي ٿو.

9 مزارن جون زيارتون، ختما ڏيارڻ ۽ دعائون گھرڻ:
مسلمانن جي گهڻي حصي ۾ مزارن (قبرن) تي وڃي ختمن ڏيڻ ۽ دعائن گھرڻ جو رواج گهڻي وقت کان چالو آھي. منجھن عقيدو ويٺل آھي تہ مرڻ کان پوءِ، ماڻھوءَ وٽ قبر ۾ منڪر نڪير نالي ملائڪ ايندا، ھن کان اٿاري ڪي سوال پڇندا، ۽ جي ھن ٺيڪ جواب نہ ڏنا تہ قبر ۾ کيس عذاب ڏنو ويندو. ان ڪري مرڻ وقت کيس ڪلمو طيب پڙھايو ويندو آھي. چون ٿا تہ ھن کان پھرين سوال اھو پڇيو ويندو تہ تنھنجو خدا ڪھڙو آھي؟ رسول جا نالو ڇا اٿئي؟ دين ڪھڙو اٿئي؟ “الله ربي، محمد رسولي، اسلام ديني” جا لفظ قبر تي پڙھيا ويندا آھن، تہ اُھي ٻڌي ميت کي جواب ڏيڻ ۾ سھولت ٿئي.
اھي سڀ عقيدا قديم وحشي قومن جي عقيدن تان ورتا ويا آھن، جن ۾ مري ويل مائٽن جي پوڄا ٿيندي ھئي، جن کي ھو پنھنجو رکوال سمجهندا ھئا. آسٽريليا، نيوزيلينڊ، قديم آمريڪا ۽ آفريڪا جي وحشي قومن جا احوال پڙھڻ مان انھن عقيدن جو احوال ملي ٿو. جپان ۾ اڃا تائين مري ويل مائٽن جي پوڄا ٿيندي آھي. مصر، چين ۽ وچ ايشيا جي قديم قبرن ۾ ماڻھن کي “ممي” ڪري پورڻ وقت کاڌي، ڪپڙي وغيره جون شيون ساڻن گڏ پوريندا ھئا. عام ويساھ ويٺل ھو تہ مئي کان پوءِ بہ روح بدن سان گڏ رھن ٿا. جي بدن سلامت اٿن تہ قيامت جي ڏينھن انھن جسمن کي اٿڻ ۾ تڪليف ڪانہ ٿيندي. ازانسواءِ انھن مئن جي ڪفن سان گڏ “پاپيروس” جي پني تي سندن اڳتي جي ھدايت لاءِ ڪي خاص ڳالھيون ڪفن تي لکي ڇڏيندا ھئا. مسلمانن ۾ بہ ڪفن تي عھدنامون ۽ ٻين اکرن لکائڻ جون ڪن ڪن جاين تي رواج آھي. قبرن مٿان قرآن جون آيتون اڃا تائين لکايون وڃن ٿيون. مسلمانن ۾ بزرگن جي درگاھن تي منتون باسڻ، جھنڊون لھرائڻ، پڙ يا غلاف چڙھائڻ، ميندي لڳائڻ، ڌمالون ھڻڻ، نفيلون ۽ نقارا وڄائڻ ۽ ٻيا اھڙا دستور سڀ انھن قديم رسمن ۽ دستورن تان ورتل ڏسجن ٿا.

10 عبادتون، ورد وظائف ۽ روزا رکڻ:
انھن ڳالھين جو رواج پڻ، مختلف نمونن ۾، اڳين مذھبن تان ورتل ڏسجي ٿو. ڪن لفظن جو بار بار دھرائڻ ۾ خاص تاثير ھئڻ جو دستور وحشيانہ دؤر کان مروج آھي. انھن لفظن جي ذريعي قديم زماني ۾ مؤڪلن جي حاضر ڪرڻ، جنن ڪڍڻ، ويرمٺ پڙھڻ ۽ جنن کي تابع ڪرڻ جو اھتمام ڪيو ويندو ھو. ورت يا روزا رکڻ جو عام دستور ھو، جن جي لاءِ بدن جي پاڪيزگيءَ ۽ نفس مارڻ وغيره جا عقيدا جوابدار ھئا. انھن سڀني ڳالھين ۾ موجودہ علم ۽ کوجنا بعد معلوم ٿيو آھي تہ سواءِ نفسياتي(Psychological) اثر جي ڪوبه خاص تاثير ڪانہ آھي. انھن ڳالھين ڪري اسلام جي ٻين مذھبن تي فوقيت يا ان جي مڪمل ۽ آخري مذھب جي دعوى ۾ ڪابہ تقويت ڪانہ ملي سگهندي.
مٿي ذڪر ڪيل تفصيل مان پتو پوي ٿو تہ ملا جي تشريح وارو اسلام ڪيئن نہ قديم مذھبي دستورن، عقيدن ۽ عبادتن جي طريقن سان ڀريو پيو آھي. ان ڪري ملا جو ھي چوڻ تہ سندس تشريح وارو اسلام مڪمل ۽ آخري دين آھي، سراسر غلط ۽ بي معنى آھي. جھڙيءَ طرح ڪي ساھ وارا جانور مختلف ارتقائي منزلون طئي ڪندا، ماڻھوءَ جي درجي تي پھتا آھن، اھڙو ساڳيو قانون مذھبن سان بہ لاڳو آھي. انساني سمجهه، علم، رسمون ۽ رواج، عقيدا ۽ دستورالعمل، زماني جي مختلف دورن، انساني تجربن ۽ معاشرن جي تبديلين سبب، ارتقا ڪندا رھن ٿا. تنھنڪري اخلاقي قانونن، معاشري جي رسمن رواجن ۽ مذھبي عقيدن ۾ بہ حالتن جي تقاضا موجب تبديلي ۽ ترقي جاري رھڻي آھي. ان ڪري، مذھبي عقيدن ۽ قانونن کي محدود ڪري، آخري شڪل ڏيئي، مڪمل سڏڻ خود دين فطرت (اسلام جي روح) جي خلاف آھي. خود اسلام جو مذھب بہ ان عام قانون کان مستنثى نٿو ٿي سگهي. جنھن ڳالھہ جي ابتدا ۽ انتھا جو پار نہ آھي، ان کي انتھا تائين ڪن دستورن ۽ عقيدن ۾ بند ڪري ڇڏڻ قانون فطرت (ارتقا) جي اڻڄاڻائي ۽ عقل جي خامي آھي. اسلام جي نالي ۾ اھڙي دعوى ڪندڙ جاھل ملن کي اھا بہ خبر نٿي پوي تہ دين فطرت کي اِنھي طرح مڪمل ۽ آخري سڏي، محدود ڪرڻ مان ان جو قدر ۽ قيمت وڌي ٿي يا گهٽجي ٿي! “عالمگير” لفظ اسلام لاءَ ڪتب آڻڻ ۾ ڪجھه ھرج نہ آھي، جيڪڏھن ان جي معنى اھا ورتي وڃي تہ ان جا پوئلڳ ڪروڙن جي تعداد ۾ دنيا جي گهڻن حصن ۾ رھن ٿا. اُنھيءَ معنى موجب، ھندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، ڪرستانن جو مذھب، ۽ ڪميونزم جا نظريا ۽ عالمگير حيثيت رکن ٿا. ليڪن ائين سمجهڻ تہ ساري انسانذات جي نجات ۽ ڇوٽڪارو ملا جي تشريح واري اسلامي جماعت ۾ شامل ٿيڻ مان حاصل ٿيڻ وارو آھي ۽ آخر ساري انسانذات ان جماعت ۾ داخل ٿيڻي آھي، سا ڳالھہ غلط، ڌوڪو ۽ حقيقي اسلام جي تعليم جي خلاف آھي.
مٿي مختصر طور ٻڌائي آيو آھيان تہ تہ مذھبي عقيدن ۽ دستورن، رسمن ۽ رواجن ۽ عبادتن جي ابتدا ڪيئن ٿي ۽ آھستي آھستي انھن ۾، حالتن ۽ وقتي تقاضائن سبب، ڪيئن تبديليون اينديون ويئون. ان مان اھو بہ ظاھر ٿئي ٿو تہ مذھبن جو تاڃي پيٽو ساڳئي مواد مان ٺھيل آھي. پر ملڪي ضرورتن، طبقاتي مفاد ۽ زماني جي تقاضائن پٽاندڙ ان جي ڊزائين ۽ رنگ وغيره عليحده پئي رھيو آھي. صوفيءَ جي نقطي نگاه موجب، اھي عقيدا، رسمون ۽ رواج ۽ دستورالعمل جاھلن جي طفل تسلى لاءِ مصنوعي ٺاھيا ويا آھن. اھل نظر ۽ حقيقت شناس ماڻھن وٽ انھن جي ڪابہ وقعت نہ آھي.
غالب فرمائي ٿو تہ –
مجھه کو معلوم ھي جنت کي حقيقت ليکن،
دل کي بھلاني کو غالب يه خيال اچھا ھي.
سنڌ جي مشھور صوفي شاھ نصير فرمايو آھي تہ –
“بھشت دلاسو، دوزخ دڙڪو، ڪوڙي سامي، ڪوڙو ڪڙڪو،
منھنجا لاڳاپا ويا لھي، شاھ حسين تنھنجي شوق ۾.”
قرآن جون ھيٺون آيتون ملا طرفان اسلام جي مٿي بيان ڪيل تعبير مطابق مسلمانن جي جدا، برتر ۽ اعلى سوسائٽيءَ ھجڻ واري تخيل جي خلاف ثبوت ڏين ٿيون.
(1)يومنون بما انزل اليڪ وما انزل من قبلڪ (سوره بقر)
(يعني – جو توتي نازل ٿيو آھي ان تي ۽ جو توکان اڳ نازل ٿيل آھي اُن تي ايمان آڻين ٿا.)
جي اڳين ۽ پوين ۾ تفاوت ھجي ھا، تہ ٻنھي ڳالھين ۾ ويساھ رکڻ جي ڪيئن تلقين ڪئي وڃي ھا!
(2) ان الذين آمنو والذين ھادوا والنصارى ، والصائبين من آمن باالله واليوم الآخر وعمل صالحاَ فلھم اجرھم عند ربھم ولا خوف عليھم ولا يحزنون. (سوره بقر)
(معنى – اوھان مان ايمان آڻيندڙن (مسلمانن)، يھودين، نصارن ۽ ٻين مذھب وارن مان، جن جو بہ الله، يوم الآخر (مستقبل) ۾ ايمان آھي ۽ اُھي عمل صالح ڪن ٿا، انھن کي خدا وٽان ان جو اجورو ملندو ۽ کين نجات ملڻ واري آھي.)
ھتي، الله ۾ اعتبار آڻڻ جي معنى اھل نظر اڳيان اھا آھي تہ اُن تي ايمان ھجي تہ ڪائنات پلئن ۽ مقصد سان پيدا ڪيل آھي ۽ الله ان جو خالق آھي. يوم الآخره” ۾ اعتبار جي معنى اھا آھي تہ انسان جي ارتقا ۽ خوش مستقبل ۾ يقين ھجي. “عمل صالح” جي معنى انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقي ءَ لاءِ ڪوشان رھڻ آھي.
(3) آمن الرسول بما انزل اليه من ربه والمومنون. کل آمن بالله و ملائڪتہ و کتبه ورسله لا نفرق احدَ من رسله.
(يعني حضرت محمد صلعم ۽ مومنن جو ان ۾ ويساھ آھي، جو مٿس خدا طرفان لٿو. سڀئي الله تعالى ، ان جي ملائڪن، ڪتابن ۽ رسولن جي صداقت ۾ ويساھ رکن ٿا. ۽ انھن جي تعليم ۾ ڪوبه فرق نٿا ڄاڻن. )
انھيءَ جي حقيقي معنى اھا ٿئي ٿي تہ رسولن ۽ ڪتابن جي ظاھري ڪثرت پويان حقيقي وحدت ھئڻ ڪري سڀني ۾ اعتبار رکڻ ضروري آھي. ان جي اھا معنى ھرگز نٿي ٿي سگهي جيئن ملا چون ٿا تہ اسلام جي اچڻ ڪري ٻيا مذھب ۽ انھن جا ڪتاب سڀ منسوخ ٿي ويا، ۽ اسلام جدا، برتر مڪمل ۽ آخري مذھب ٿي ويو. جي ائين ھجي ھا، تہ سڀني پيغمبرن ۽ ان جي ڪتابن ۾ بنا فرق جي ايمان آڻڻ جي ھدايت ئي ڪانہ ڪئي وڃي ھا. ان مان اھڙي معنى ڪڍڻ روح اسلام ۽ قرآني تعليم جي خلاف ٿيندي.










حڪمران طبقي جي طرفدار گروه جي اسلامي تشريح مطابق سندن ٻيو مکيه عقيدو ھي بہ آھي تہ اسلام انسانذات جي جملي مشڪلات جو حل ۽ مڪمل فلسفي حيات آھي:
انھي مسئلي تي روشني وجهڻ لاءِ ضروري آھي تہ ھيٺين ٻن سوالن جا جواب ڏجن.
(الف) انسانذات جا ڪھڙا مشڪل؛ اسلام جي ذريعي حل ٿي سگهن ٿا؟
(ب) اسلام ڪھڙو مڪمل فلسفه حيات ڏسي ٿو؟

(الف) انسانذات جا مشڪل ڪھڙا آھن؟
اھي ٻن قسمن جا آھن : (1) بنيادي (اھم)، (2) فروعي (رواجي).

(1)بنيادي مسئلا: ھر دؤر ۽ ھر زماني ۾ انسانذات کي ھي مسئلا درپيش اچن ٿا، جھڙوڪ (1)نفرت ۽ نفاق، (2) خوف ۽ بدامني، (3) جھالت ۽ وھم پرستي، (4) غربت ۽ مسڪيني.
جيڪڏھن ڪو چوي ٿو تہ اسلام مان انھن مسئلن جو حل ملي سگهي ٿو، تہ اھو صرف اسلام جي صوفيائي تعبير سان ملي سگهندو، ۽ نہ ملا واري تشريح مان، جو انھن مشڪلاتن جي پيدا ڪرڻ، زور وٺائڻ ۽ برقرار رکڻ جو حامي آھي. انسانن کي جدا جدا مذھبن ۽ فرقن ۾ ورھائڻ جو باعث اھا تشريح آھي. غير مذھب يا فرقي جي ناپسنديءَ، گلا ۽ مخالفت ڪرڻ جي ڪري نفرت ۽ نفاق پيدا ٿئي ٿو. اھو ڪم في سبيل الله ملا سر تي کنيو آھي. ھن دنيا ۾ ڪافرن جي مخالف جھاد ڪرڻ جو دڙڪو ۽ آخرت ۾ خدائي عذاب جو دڙڪو خوف خدا پيدا ڪري ٿو، جنھن مان بدامني پيدا ٿئي ٿي. وحشيانہ دؤر ۾ پيدا ٿيل عقيدن ۽ دستورن منجھه ماڻھن کي ڦاسائي رکڻ، ۽ خدا، قرآن ۽ رسول جي نالي ۾ ماڻھن کي عقل ۽ سمجهه جي پوئلڳيءَ کان منع ڪرڻ بہ انھيءَ تشريح جا جزا آھن. تنھنڪري اھو چوڻ تہ صرف انھيءَ اسلام ۾ انھن مسئلن جا حل ڄاڻايل آھن، روح اسلام جي خلاف آھي. ھر ملڪ، قوم ۽ زماني ۾ نوان مسئلا پيدا ٿيندا رھندا. انھن جا حل بہ عقل، تجربي ۽ حالتن جي تقاضا موجب وقت بہ وقت ڳولڻا آھن. “امرت ڌارا” وانگر ھڪ دوا سڀني مرض جو علاج بنجي نہ ٿي سگهي. ازانسواءِ غربت ۽ مسڪينيءَ کي دور ڪرڻ جو ڪو بہ حل اسلام طرفان سواءِ زڪوات، وياج جي منع ۽ خيرات جي ڄاڻايل نہ آھي، جن تي اڳتي بحث ڪيو ويندو. جيڪي ماڻھو ملا جي تشريح واري اسلام کي انسانذات جي جملي مشڪلات جو حل ۽ مڪمل فلسفي حيات سڏين ٿا، سي يا تہ حقائق دھر کان اڻ واقف آھن، يا تعصب جا پڙدا سندن اکين تي چڙھي وڃڻ ڪري، ڏسي نٿا سمجهن.
جيتري قدر مون غور ڪيو آھي، ملاجي تشريح وارو اسلام ھيٺين ڳالھين جو ڪارڻ بنجي ٿو؛
1 فسطائيت جو رجحان پيدا ڪري جمھوريت کي ٽوڙڻ جو حامي ٿئي ٿو.
2 انسانذات اندر مذھبي تعصب پيدا ڪري نفرت ۽ نفاق پيدا ڪري ٿو.
3 فوق العقل ڳالھين جي بنياد تي ھر عقلي ۽ سائنسي کوجنا جي راھ ۾ رڪاوٽ جو باعث بنجي ٿو.
4 تشدد ۽ جھاد جي تلقين ڪري، بدامنيءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿو.
5 شخصي ملڪيت جو بچاءُ ڪري غربت ۽ مسڪيني دور ڪرڻ جي آڏو اچي ٿو.
6 وحشيانہ دؤر جي مروج قانونن جي تائيد ڪري ٿو.
7 قومن جي برتريءَ ۽ ليڊرشپ جي ھڪ ھٽيءَ جي فسطائي اصول جو حامي آھي.
8 قرآن جي صريح حڪم تہ نجات صرف خدا ۾ اعتبار رکڻ ، انسانذات جي روشن مستقبل ۾ ويساھ آڻڻ ۽ چڱن عملن وارن کي حاصل ٿيندي، جنھن ۾ مذھب جو فرق نہ ھوندو، ھيءُ نجات کي، مذھبن جي موجودہ مصنوعي ورھاست موجب، مسلمانن تائين محدود رکي، انھن ماڻھن کي جي محض نالي ۾ مسلمان آھن، جدا برگزيده قوم سڏي ٿو.
9 ڏات الاھيءَ جي وقت بوقت رھبريءَ کان منڪر ٿي، دين فطرت (قانون ارتقا) جي خلاف، فلسفي حيات کي 13 سؤ ورھيه اڳي ڏسيل حلن تائين محدود رکڻ چاھي ٿو.
(2) فروعي مسئلا:
فروعي مسئلا ۽ مشڪلاتون ھر ملڪ ۽ زماني جو جدا جدا ٿين ٿيون، جھڙوڪ : سرد ملڪن جون مشڪلاتون ۽ مسئلا علحدا ٿين ٿا، ۽ گرم ملڪن جا علحدا. قطبن جي نزديڪ ملڪن جا ڏينھن راتيون بيحد گهٽ وڌ ٿين ٿيون ۽ مصنوعي سيارن ۾ ڦرندڙ ماڻھن جا ڏينھن راتيون تمام ننڍيون ٿيون پون اھڙين حالتن ھيٺ، رواجي طرح 12 ۽ 14 ڪلاڪ جي ڏينھن رات جي بنياد تي ٺھيل پروگرام ھلي ڪين سگهندا. ملا جي اسلام ۾ پنج نمازون فرض آھن، پر ملا کي خبر نہ ھئي تہ 24 ڪلاڪن ۾ سج لھي ۽ اڀري نٿو، اتي روزا ڪيئن رکبا ۽ نمازون ڪھڙي طرح پڙھيون وينديون. ساڳي حالت مصنوعي سياري ۾ ڦرندڙ ماڻھن جي ٿيندي – اڌ ڪلاڪ ڏينھن ۾ ڪيئن ٽي نمازون ۽ رات جو ٻہ نمازون پڙھبيون. اڌ ڪلاڪ روزي جي معنى ڇا ٿيندي. اھي ۽ ٻيون اھڙيون ڳالھيون آھن، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھر ملڪ جا مسئلا ۽ مشڪلاتون علحده ٿين ٿيون. انھيءَ ڪري لازمي طور انھن جا حل ۽ علاج بہ علحده ھئڻ گھرجن.
اھڙيءَ طرح سان مختلف زمانن جي حالت آھي. انسان جي وحشياني دؤر جا مسئلا ۽ مشڪلاتون علحده ھيون. ان ۾ ماڻھو اگھاڙا گھمندا ھئا، ۽ باھ، تير ڪمان، پوک وغيره شين جو اڃان کين پتو ڪونہ ھو. ان وقت کين ھر روز روزگار جي ڳولا ۾ ڦرڻ، جانورن کان پاڻ بچائڻ، سماوي آفتن جي خطرن سبب ۽ مستقل جاءِ رھائش نہ ھئڻ ڪري سدائين خوف ۽ وھم ھيٺ گذارڻو پوندو ھو. اھڙين حالتن جي بنياد تي ھنن ڪي عقيدا ۽ دستور مرتب ڪيا. ان کان پوءِ انسان ترقي ڪري بدويانہ دؤر ۾ آيو، جنھن ۾ جانورن کي گوشت ۽ کير لاءِ پالڻ، ان جي چارڻ، حفاظت ڪرڻ ۽ چراگاھن تان باھمي تصادم جا مسئلا کين درپيش آيا. ان وقت قبيلائي زندگي اختيار ڪيائون، جن جا مسئلا وحشياني دور کان گهڻي قدر جداگانہ نہ ھئا. آھستي آھستي ٿي، خانہ بدوش زندگيءَ کان تنگ ٿي، ماڻھو دريائن جي ڀر تي يا جھنگلن ۾ ھڪ جاءِ تي رھي، پوک ڪري، ان تي گذر معاش ڪرڻ لڳا جنھن دؤر جا مسئلا وري علحده ھئا. ان ۾ گهر اڏي ھڪ جاءِ تي ويھڻ، جھنگل ڪپي آبادي ڪرڻ، ۽ ان جي پکين ۽ جانورن کان حفاظت ڪري، اناج ڪٺو ڪري، سال لاءِ محفوظ ڪرڻ وغيره قسمن جا مسئلا پيدا ٿين ٿا. اھڙيءَ طرح تجارتي، ھنري ۽ سائنسي دؤر جون مشڪلاتون ۽ مسئلا علحده ٿين ٿا. انھيءَ مان پڌرو آھي تہ ھر دؤر جي مختلف مسئلن جا حل علحدا ٿيڻ گھرجن ۽ ٿين ٿا.
تنھنڪري اھو چوڻ تہ اسلام ۾ ھر مشڪلات ۽ مسئلي جو مفصل ذڪر ۽ انھيءَ جو حل موجود آھي، خودفريبيءَ ۽ جھالت کان وڌيڪ ڪجھه نہ آھي. زندگيءَ جا فروغي مسئلا ۽ مشڪلاتون زماني ۽ ملڪن جي تقاضائن موجب بدلبيون رھن ٿيون. انھن جا حل، پيدا ٿيڻ بعد، سوچي سمجهي ڪڍيا وڃن ٿا. اسلام جي ھي دستورالعمل 13 سؤ ورھيه اڳ عرب جي ملڪ ۾ بدويانہ ماحول اندر وجود ۾ آيا. تنھن ۾ ڄاڻايل فروعي دستورالعمل سڀني مسئلن جا حل ۽ ھر ملڪ ۽ زماني سان لاڳو ٺھرائڻ غلط ۽ اڻ پورو آھي. جھڙيءَ طرح ھر بيماريءَ لاءِ جدا علاج ٿين ٿا، اھڙي طرح ھر مشڪلات جو حل بہ جدا ٿئي ٿو. ھر ملڪ ۽ زماني جي اڻ پيدا ٿيل مسئلن جو حل اڳ ۾ شمار ڪري مقرر ڪرڻ ڪيترقدر ٺيڪ ٿيندو، اھو ھر صاحب عقل سمجهي سگهي ٿو. اھڙيءَ ڳالھہ ۾ اعتقاد رکڻ قدرت جي لامنتاھي ۽ گوناگون مسئلن کي بي خبري ٿيندي. حضرت محمد صلعم جي زماني ۾ سامھون آيل مسئلن جي وقتي ڏسيل حلن کي ھر زماني لاءِ موزون ۽ ڪارگر سمجهڻ – اھا ڳالھہ فطرت خلاف آھي. اھو چوڻ تہ رسول مقبول صلعم جي بدويانہ دؤر جا ۽ انھي وقت جي عرب معاشري کي مدنظر رکي ٻڌايل حل زراعتي، تجارتي، ھنري ۽ سائنسي دؤرن جي مسئلن لاءِ ڪارآمد ٿيندا، سا ڳالھہ خوش اعتقاديءَ ۽ جھالت کان وڌيڪ حيثيث نٿي رکي. خود رسول مقبول صلعم جي قول ۽ فعل مان ظاھر ٿئي ٿو تہ انھيءَ ڳالھہ ۾ سندن بہ عقيدو نہ ھو.
ھڪ ڀيري رسول مقبول صلعم کان پڇيو ويو تہ قيامت بابت خبر ٻڌايو، تہ چيائين کيس خبر نہ ھئي. ملا کان جڏھن پڇبو تہ ھو قيامت جي معنى قديم ڏند ڪٿائن تي ٻڌل عقيدي موجب ٻڌائيندو. ليڪن عقل جي ڪسوٽي لڳائڻ بعد اھو عقيدو غلط ثابت ٿيندو. حقيقت ۾ يوم الآخرت جي معنى انسان ۽ دنيا جي مستقبل جو احوال آھي. اھا معنى صرف آءُ پنھنجي طرفان ڪونہ ٿو ڪڍان، پر دنياوي اسلام جي وڏي عالم ۽ محقق، فيلسوف شيخ الاڪبر محي الدين ابن عربي جا بہ اھڙا رايا ھئا. ان بابت سندس رايو ھيٺيون آھي:
“آخرت سدائين ٺھندي رھي ٿي، دنيا جي پوريءَ طرح پڄاڻي،نہ ٿيڻ واري آھي، نڪاڪا ان جي آخري حد آھي. جنھن کي آخرت سڏجي ٿو سا سدائين پيئي ھلي. ھيءَ دنيا ۽ ٻي دنيا صرف ھر وقت ۽ ھر زمان ۾ پيدائش عالم جي جدا جدا ۽ نون نون مظھرن جا جدا جدا نالا آھن، ۽ شڪلين بدلائڻ جا مظھر آھن. ھڪ شڪل گم ٿئي ٿي تہ اھا ٻي شڪل اختيار ڪري ٿي. اھا تبديلي ھميشه جاري آھي. ڪالھه جي آخرت اڄ آھي ۽ اڄ جي آخرت سڀان ٿيندي.”
ان مان صاف ظاھر آھي رسول مقبول صلعم جي قيامت بابت بي خبري ظاھر ڪرڻ مان اڳڪٿي نہ ڪرڻ جو مقصد ھو.
اھڙيءَ طرح ھڪ ٻي روايت آھي تہ پاڻ سڳورا ھڪ ڀيري کجين جي باغ جي ڀرسان لنگھي رھيا ھئا، تہ ڏٺائون تہ ماڻھو نر کجين جو ٻور کڻي مادي کجين جي مٿان اڇلايو پئي. پاڻ ائين ڪرڻ کان منع ڪيائون –چي، قدرت پاڻھي اھو ڪم پورو ڪندي. ليڪن ان سال کجين گهٽ ڦر ڏنو. جڏھن کين اھا خبر ٻڌائي ويئي تہ پاڻ ان تي فرمايائون تہ “آئنده ڀلي اوھان پنھنجي مرضيءَ ۽ تجربي بابت ٻور ڇٽيندا ڪريو، اسان جو خاص ڪم رسالت آھي، مون کي ھر ڳالھہ ۾ دست اندازي ڪرڻ ٺيڪ نہ آھي.” ان جو مطلب اھو نڪري ٿو تہ پاڻ خاص ماھرن جي ڪمن جي اھميت تسليم ڪري، انھن کي آزاد ڇڏي ڏيڻ گھريائون ٿي.
رسول مقبول ٻن حيثيتن ۾ ڪم ڪيو آھي. ھڪ وقت سياسي منتظم جي حيثيث ۾، ۽ ٻيو پيغمبر خدا جي حيثيث ۾. انھيءَ ڪري پنھنجي نسبت بہ جدا جدا رايا ڏنا اٿس. جڏھن ھن سياسي منتظم جي حيثيث ۾ ڪم ٿي ڪيو، تہ چيائين ٿي تہ آءُ اوھان وانگر ماڻھو آھيان. جنھن جي معنى اھا ٿيندي تہ پاڻ ھر بشر وانگر خوبين ۽ خامين جو حاصل ھو. ان وقت ٻانھون ۽ گناھن کان ڇوٽڪاري لاءِ دعا گھرندڙ ھو. ٻئي وقت “فقاب قوسين او ادنى” جو مالڪ ٿي، معراج انساني حاصل ڪرڻ جي دعوى ٿي ڪيائين. ان وقت “انا احمد بلاميم” بہ ھو ۽ مدينت العلم بہ ھو. ان ڪري سندس ٻنھي حيثيتن کي ھڪ شمار ڪرڻ حقيقتن جي خلاف ٿيندو.
رسول مقبول يا قرآن طرفان ٻڌايل وقتي يا فروعي مسئلن جون ڳالھيون ماڻھن جي سمجهه ۽ زماني جي حالتن جي تقاضا مطابق ھيون اھي دائمي حڪم جو رتبو نٿيون رکي سگهن. اُھي عارضي ھيون. ۽ حالتن ۽ معاشري جي تبديليءَ ڪري پنھنجي افاديت گم ڪري چڪيون آھن. انھن کي ھر زماني ۽ حالت لاءِ مفيد چوڻ، روح اسلام، قانون فطرت ۽ حقيقت محمدي جي خلاف ٿيندو.
ملا جي دعوى کي مزيد غلط ثابت ڪرڻ لاءِ بھتر ٿيندو تہ اسان ھن وقت جي مشڪلاتن ۽ مسئلن جو ذڪر ڪري ٻڌايون تہ سندس اسلامي تشريح مطابق ان ۾ انھن جو حل موجود نہ آھي. منھنجي نظر ۾ ھن وقت جا مکيه مسئلا، جن ڪري نفرت ۽ بدامنيءَ پيدا ٿئي ٿي، سي ھيٺان آھن:
(1)آمريت (ڊڪٽيٽري)
(2) افلاس (غربت)
(3) مستقل طبقاتي مفاد(Vested class interest)
(4) تشدد (زور زبردستي)

(1)آمريت (ڊڪٽيٽري):
صحيح طور آمريت جي معنى آھي تہ ڪي شخص، گروه، طبقا۽ مذھب جا پوئلڳ سندن علم، عقل ۽ معلومات کي مڪمل ڄاڻي، انھيءَ جي صداقت تي اصرار ڪن ۽ ٻين تي اھا راءِ زوري مڙھڻ جي ڪوشش ڪن. انھيءَ نقطي نگاه رکڻ بعد آزادنہ اختلاف راءِ ۽ بحث مباحثي جي گنجائش ڪانہ ٿي رھي. عوام کي شخصن، گروھن، نظرين يا مذھبن جي صداقت ۾ ويساھ رکڻ ۽ تقليد ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وڃي ٿي. خودمختيار حاڪم، طبقا ۽ مذھبي گروه ماڻھن جي ڀلائيءَ ۽ حفاظت جا ٺيڪيدار بنجي پون ٿا. سندن ھر ڳالھہ کي صحيح سمجهي، بنان چون و چران جي ان جي تعميل ڪرڻي پوي ٿي.
ان طرح اسلام جو ھڪ گروه سمجهڻ لڳو تہ کين آخري سچ معلوم ٿي ويو آھي. انھيءَ کان پوءِ نئين معلومات ٿيڻ واري نہ آھي. علم عقل جي آخري حد تيرنھن سؤ ورھيه اڳ عرب ۾ پھچي چڪي ھئي. اھو سڀ خدا صاحب سندس پيغمبر جي ذريعي قرآن ۾ ظاھر ڪري چڪو آھي. ان ۾ سڀ ڄاڻايل ڳالھيون حرف آخر سمجهڻ گھرجن. اھي چون ٿا تہ عقل ۽ سمجهه انساني خام آھي. عام ماڻھو ٻارن وانگر اڃا صحيح ۽ بالغ نظر نہ بنيا آھن. ان ڪري ماڻھن کي خدا جي حڪم جي پيروي ڪرڻ لازمي آھي. جنھن سڀ قرآن ۾ چئي ڇڏيو آھي. جنھن جي تشريح ملا کي ڪرڻي آھي. ساڳي طرح موجودہ دؤر جي مختلف ڊڪٽيٽرن جو چوڻ آھي؛ تنھن ڪري ملا جي تشريح وارو اسلام ۽ موجودہ ڊڪٽيٽر سڀ آمريت جي اصول ۾ مڃين ٿا. جنھن جو بنياد ڪنھن اختياري يا سند تي رھي ٿو. جا خدا، رسول، قرآن، ڪارل مارڪس ڊڪٽيٽر، نظريي يا طبقي جي ھئڻ واري آھي. عملي طرح ان جي تشريح جو حق وري چند ماڻھن جي ھٿ ۾ رھي ٿو. جي ملا، پارٽي طبقي جا ڪارڪن يا ڊڪٽيٽر جا صلاحڪار ٿين ٿا.
صحيح اسلامي تعليم موجب آمريت ھر صورت ۾ غلط ۽ نقصان ڪار آھي. انھيءَ تعليم موجب انسان زمين تي خدا جو نائب آھي. رسول مقبول صلعم جو آخري پيغام ۽ سمجهاڻي اھا ھئي تہ ماڻھو قبيلائي دؤر مان نڪري جمھوري دؤر ۾ گھڙي چڪو ھو. ان ڪري ھو مساواتي بنياد تي آزاد ھو. انڌي تقليد وارو زمانو ختم ٿيڻ وارو ھو. ھو ماڻھن جون، انسانذات جي وچ ۾، مذھبن، رنگن، نسلن جي نالن ۾ کڙيون ڪيل ديوارون ڊاھڻ آيو ھو. ماڻھن کي عقل جي رھبريءَ ۾، اتحاد انسانيءَ، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جي بنيادي نڪتن جي روشنيءَ ۾، باھمي صلاح مشوريءَ سان، فيصلا ڪري ڪم ڪرڻا ھئا.
صوفياءِ ڪرام اسلامي تعليم جو اھو پھلو پئي پيش ڪيو آھي. ان ڪري حڪمران طبقي انھن کي الله، رسول، قرآن ۽ مذھب جي برخلافيءَ جي نالي ۾ باغي ٺھرائي، سزائون پئي ڏنيون آھن.
ساڳي طرح اڄڪلھه جا ڊڪٽيٽر بہ آزاد خيال ماڻھن تي ملڪ، قوم ۽ نظريي جي مخالفت جو بھتان لڳائي سزائون ڏين ٿا.
شاھ ولي الله عليه دھلوي، اھڙين حالتن ۽ ڳالھين کان متاثر ٿئي چوي ٿو تہ
“فڪ ڪل نظام”
(معنى – اڳين ڪيل فرسوده نظامن کي ٽوڙي، عقل جي بنياد تي ملڪي ضرورتن جي لحاظ سان عوام جي فلاح ۽ بھبوديءَ لاءِ نوان رستا سوچيو.)
ملا جي تشريح وارو اسلام آمريت جو حامي آھي. ان ڪري ان مان اڄڪلھه جي مسئلن جو حل ڪھڙي طرح حاصل ٿي سگهي ٿو!

(2) افلاس (غربت)
ھن وقت دنيا جي سامھون جيڪو مکيه مسئلو آھي ، سو آھي ڪثير تعداد ماڻھن جي غربت جو. ٻين ملڪن کي ڇڏي پاڪستان تي نظر ڪبي، تہ ان ۾ ماڻھن جو گهڻو حصو اٽي، لٽي، اجھي، علاج ۽ روزگار وغيره کان محروم رھي ٿو. جن جون انساني ضرورتون بہ پوري طرح ميسر نٿيون ٿي سگهن. 5 سيڪڙو ماڻھو مس شاھوڪار يا صاحب اقتدار جا ھوندا.
ھاڻ ڏسڻو آھي تہ قرآن ۽ حديث ۾ انھي مسئلي جي حل ڪرڻ لاءِ ڪھڙو علاج ڏسيل آھي. جيڪڏھن پوريءَ طرح جانچ ڪبي تہ ان لاءِ اُتي زڪوات، وياج جي منع ۽ خيرات جا طريقا ڏسڻ ۾ ايندا. اچو تہ انھن ٽنھي ڏسيل علاجن جي افاديت تي، موجودہ معاشري جي نقطي نگاه کان نظر ڪريون.
زڪوات پيسي، سون، چاندي ۽ مال تي مقرر ڪيل آھي. ان مان ھن دؤر جي مسئلن حل ممڪن نہ آھي. روڪڙا پيسا ھن وقت گهر ۾ ماڻھو ڇٽو رکن ٿا. يا تہ بئنڪن ۾ رکن ٿا يا واپار ۽ ڪارخانن ۾ سيڙائن ٿا. بئنڪن وارا اھي پئسا ماڻھن کي واپار ۽ ڪارخانن وغيره لاءِ نفعي ٿي ڏين ٿا. اسلام ۾ وياج جي بندش ڪري، ماڻھو بئنڪن ۾ پيسا نہ رکندا. بئنڪن کان سواءِ وڏا ڪارخانا يا وڏي پيماني تي واپار ھلي ڪين سگهندو.
موجودہ معاشري ۾ دنيا جو اقتصادي نظام ٻن جدا دستورن تي ٻڌل آھي: ھڪ سرمائينداري نظام آھي، ۽ ٻيو سوشلسٽ يا ڪميونسٽ نظام آھي. سرمائيداري نظام ۾ بئنڪن، وڏن ڪارخانن ۽ تجارتي ادارن جو وجود پيدا ٿئي ٿو. جنھن ڪري ھڪڙا تمام شاھوڪار ٻيا غريب ٿيو وڃن. ڪميونسٽ نظام موجب ساري خانگي ملڪيت ختم ٿي، جماعت جي ھٿ ۾ اچيو وڃي. اسلام ٻنھي جي مخالف آھي. ھڪ طرف اُھو شخصي ملڪيت کي ختم ڪرڻ جي خلاف آھي تہ ٻئي طرف وياج بند ڪري موڙيءَ مان ٻارنھن مھينن ۾ اڍائي سيڪڙو وصول ڪرڻ گھري ٿو، جنھن جي خرچ لاءِ بہ مقرر ڪم ڏسي ٿو. اڄڪلھه جون حڪومتون وڏيون ۽ وسيع ڪاروبار ھلائڻ واريون ٿي پيئون آھن. انھن جي مختلف ڪاروبار ھلائڻ لاءِ گهڻي پيسي جي ضرورت ٿئي ٿي، جنھنڪري مختلف ٽئڪسون وجهي ڪاروبار ھلايو وڃي ٿو. ماڻھو ھڪ طرف اھي ٽئڪسون ادا ڪن. ٻئي طرف وياج نہ وٺن، ۽ مور جو چاليھون حصو سال بسال ڏين، تہ پوءِ موجودہ تمدن جو معاشرو ھلي ڪين سگهندو، ۽ ماڻھن کي وري بدويانہ دؤر ۾ موٽي وڃڻو پوندو. خيرات رضاڪارانہ طور ڏجي ٿي، ان تي عمل ٿيڻ مشڪل آھي. مطلب تہ ملا جي مذھب اسلام ۾ ھن دؤر جي معاشري جي اقتصادي حالت درست ڪري، افلاس دور ڪرڻ جو حل موجود نہ آھي. ڪي ماڻھو اڄڪلھه اسلام کي مروڙي، سوشلزم جي اصولن جو حامي چوڻ لڳا آھن. اھا ڳالھہ طفل تسليءَ ۽ خودفريبيءَ کان مٿي نہ آھي.
اسلام جي صوفيانہ تشريح موجب، اِھي ڳالھيون معاشري سان واسطو رکندڙ ھئڻ ڪري، ان جي تبديليءَ جي حالت ۾، عقل جي روشني م عام مفاد جي بنياد تي فيصل ڪرڻيون آھن. مذھب جو انھن ڳالھين سان واسطو ڪونہ رھڻو آھي.

(3) طبقاتي مفاد:
ٽيون مشڪل مسئلو، جو ھن وقت دنيا جي سامھون آھي، سو آھي طبقاتي مفاد جي استعمال غرضيءَ (ايڪسپلائٽيشن) جو آھي، جنھن ۾ سرمائيدار، مذھبي مھندار، سامراجي ۽ سندن ايجنٽ اچي وڃن ٿا. اھي ملڪ جي حڪومت، پيسي، پيداور ۽ ورھاست جي ذريعن کي سندن مفاد لاءِ ڪتب آڻين ٿا، جنھنڪري گهڻو تعداد ماڻھن جو غريب ۽ محڪوم رھي ٿو. پنھنجي اقتدار قائم رکڻ لاءِ ھو ڇڙواڳ شخصي آزاديءَ ۽ مذھب جي نالي کي ھٿيو بنائين ٿا. روس ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اُن جي گهڻي استعمال ڪري، ردعمل طور ماڻھو مرڳو مذھب کان بيزار ٿي پيا.
بدقسمتيءَ کان ھن دنيا ۾ ھن وقت پاڪستان ئي ھڪ ملڪ آھي، جتي اھي طبقا اسلام جي غلط تشريح کي ھٿيو ڪري، ڪتب آڻي رھيا آھن. اُھي ئي آھن، جي عوام جي سادگيءَ ۽ مذھبي اعتقاد جو ناجائز فائدو وٺي، اسلامي شريعت کي ھر مرض جو علاج ۽ اسلامي آئين ۽ قانون جو راڳ ڳائي رھيا آھن. پاڪستان انھي بنياد تي قائم ڪيو ويو. پر باوجود ان جي باني جي 11 آگسٽ 1947ع واري ھدايت جي، اُن جي مستقبل جي پاليسي کي بہ مذھبي بنياد تي ھلڻ جي گفتگو ڪري رھيا آھن. نتيجي طور، پاڪستان کي عوامي مفاد جي عيوض ڪاموري، ڪارخانيدار، تاجر ۽ زميندار جي فائدي لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي. تنھنڪري اسلام جي ملا واري تشريح جا نقصان کولي پڌرا ڪرڻ جي جيتريقدر ھتي ضرورت آھي، ٻئي ڪنھن ھنڌ نہ آھي.
ھندستان ۾ مسلمانن کي مذھب جي نالي ۾ مستقل مفاد لاءِ برغلائڻ اڄڪلھه جو نہ آھي. ليڪن اورنگزيب جي دؤر کان وٺي ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ اھو سلسلو ھليو اچي. سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ بہ اھڙين ڳالھين کان متاثر ٿي، سنڌ جي انقلابي شاعر ۽ درويش سچل سرمست عليه الرحمتہ کي چوڻو پيو تہ –
جيسين منبر مسجد، مناري ويران نہ ٿيسين ،
حال حقاني ميان سچو، حاصل نہ ٿيوي!
يعني جيستائين ملا جو مسجد جي منبر تان بيھي، اسلام جي غلط تعبير جي نالي ۾، ماڻھن کي ڌوڪو ڏيڻ ۽ مسجد ۾ ان غلط تشريح جي پرچار ڪرڻ جو سلسلو جاري ھوندو، ان وقت تائين صحيح حقيقتن جو معلوم ٿيڻ مشڪل آھي. انھيءَ ڪري ڳالھہ جي پڌر پوڻ لاءِ، ملا جي ڍڪوسلي کي ڊھڻ گھرجي.

(4) تشدد (زور زبردستي) ؛
چوٿون مشڪل مسئلو دنيا جي سامھون تشدد (ھنسا) جو آھي. انھيءَ لفظ جي صحيح معنى اھا ٿئي ٿي تہ ماڻھن ۾ ويساھ ويھاريو وڃي يا ويٺل ھجي تہ ھر ڳالھہ جو فيصلو طاقت ۽ زور جي وسيلي ٿي سگهي ٿو – پوءِ اھا طاقت حڪومت جي ھجي، ھٿيارن جي ھجي، مذھب جي نالي ۾ ھجي، يا ڪنھن نظريي مثلن ڪيمونزم يا فاشيزم جي ھجي. جيڪا بہ ڳالھہ باھمي گفتگو ۽ ھڪٻئي جي رضامندي سان نٿي ڪئي وڃي، ۽ “سند ۽ اختياري” جي آڌار تي ڪئي وڃي ٿي، سا تشدد ۾ شمار ٿي سگهي ٿي.
دنيا جي ٻن مذھبن جو بنياد عدم تشدد يا اھنسا تي رکيل ھو. جھڙوڪ ھندوئزم ۽ ڪرسچئنٽي. ھندو ساھ واري شيءِ کي ان ڪري کائيندا بہ نہ ھئا – چي انسان کي تہ ڇڏيو، پر جانورن کي ايذائڻ بہ پاپ آھي. پر تاريخ شاھد آھي تہ ان جي پوئلڳن ڪروڙھا ماڻھن کي اڇوت بنائي ڇڏيو. مھاتما گانڌي اھنسا جي ذريعي آزادي حاصل ڪئي. اڄ اُھي ھندو خسيس ڳالھين تان فرقيوار فسادن ۾ رت ھاري رھيا آھن. ڪرستانن کي حضرت عيسى جو چوڻ ھو تہ “جيڪڏھن توکي ڪو ھڪ ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ڦيرائي ٻيو ڳل ڏينس” – يعني مخالف کي محبت سان مطيع ڪرڻو ھو، نہ زور زبردستيءَ سان. ساري يورپ ۽ آمريڪا ۾ انھيءَ مذھب جا پوئلڳ رھن ٿا. پر ڏسڻو آھي تہ انھن مان گهڻا ماڻھو ان ھدايت ۾ اعتبار رکن ٿا. اھي ئي ماڻھو آھن، جن طاقت جي آڌار تي ساريءَ دنيا ۾ پنھنجو سامراج قائم ڪيو. اھي ئي آھن، جن جي ڪري ٻہ مھاڀاري لڙايون لڳيون، جن ۾ ڪيئي لک ماڻھو قتل ٿيا. ھيڏيءَ ساريءَ تھذيب ۽ تمدن ھوندي، ھو عملي طرح انھيءَ ڳالھہ کان بيزاري نٿا ڏيکارين. اقوام متحده قائم ڪرڻ بعد، ھو تڪراري ڳالھہ جو فيصلو باھمي گفتگو ۽ سمجهوتي سان ڪرڻ جي راڳ ڳائڻ جي باوجود، ھو روز بروز جنگي ھٿيارن ٺاھڻ ۾ چٽاڀيٽي ڪري رھيا آھن.
بدقسمتي سان ملا واري اسلام جو بنياد ئي محبت جي عيوض زور زبردستيءَ تي پيو. جھاد اُن جو مکيه رڪن شمار ٿيڻ لڳو، جنھن جي معنى ئي زور زبردستيءَ سان راءِ مڃائڻ يا مسئلو حل ڪرڻ آھي. انھي اصول مڃڻ ڪري مسلمان گهڻين مصيبتن جو شڪار ٿيا آھن، پر صوفياءِ ڪرام جي ھدايتن جي، صاحب اقتدار طبقي جي مستقل مفاد خاطر ان ڳالھہ کان باز نٿا اچن.
ھتي پاڪستان ۾ باوجود ظاھري گفتگو جي تہ ھو تڪراري ڳالھين جو فيصلو باھمي گفتگو ۽ سمجهوتي سان ڪرڻ جا حامي آھن، عملي طرح ھنن جو زور زبردستيءَ ۾ ويساھ پئي رھيو آھي. ننڍن صوبن کي، ھزارھا ورھين جي روايات باوجود، زور زبردستيءَ سان مٽائڻ جمھوريت کي ڏنڊي جي آڌار تي ختم ڪرڻ، اسلام جي نالي ۾ ماڻھن جو توجه حقيقي مسئلن کان ھٽائي ھنگامي مسئلن طرف نيڻ، ماڻھن کي انساني بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ وغيره، سڀ ڳالھيون انھيءَ تشدد جي پاليسيءَ جي شاخ آھن.
صوفيءَ جي نظر ۾، تشدد ۽ زور زبردستيءَ اسلامي تعليم جي خلاف آھي، بلڪه ڪفر آھي. تشدد نفرت ۽ نفاق پيدا ڪري ٿو. اسلام محبت ۽ امن جو مذھب آھي. ھنن وٽ اڳرائي ڪرڻ خطا کائڻ جي برابر آھي.
ملا واري اسلام ۾ جھاد مذھب جو بنيادي رڪن ٿيو پوي. قاديانين حالات حاضره کان متاثر ٿي، جھاد کي غير ضروري ٺھرايو، تہ انھن کي ملن اسلام کان خارج ڪري ڇڏيو، ڄڻ تہ اسلام سندن ملڪيت ھئي، جنھن ۾ ڪنھن کي رھڻ جي اجازت ڏين يا نہ ڏين. بلا شرڪت غيري، سندن اختيار جي ڳالھہ ھئي.
صوفيءَ جو جھاد پنھنجي نفس سان آھي. ھن جا دشمن ٻاھر نہ آھن، پر اندر اٿس. خود مطلبي، خود بيني، چڙ، نفرت سڀ کيس ماري مات ڪرڻا آھن. ھن کي ھر طرف پرين نظر اچي ٿو؛ تنھنڪري جي کر سامھون اکيون کڻي ٿو، تہ بہ پرين پيو پسي. ھو بقول شاھ لطيف عليه الرحمتہ “دل جي دشمن کي دسڻ” جو قائل آھي.
ملا جي مذھب موجب، مذھب ماڻھو جو شخصي معاملو نہ آھي. ان ۾ ملا ۽ حاڪم کي بہ دخل رھي ٿو؛ جنھنڪري ماڻھن جي سياسي، اقتصادي، معاشرتي ۽ سماجي معاملن ۾، مذھب جي نالي ۾، ملا ۽ حاڪم گڏجي دست اندازي ڪرڻ لڳن ٿا. ائين مذھب زندگيءَ جي ھر پھلو تي حاوي ٿيو پوي. اٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ، باھمي تعلقات ويندي خيالن تي بہ مذھب کي دخل ٿيو پوي. اڄڪلھه مغربي ملڪن کي شڪايت آھي تہ ڪميونسٽ ۽ فاشسٽ ملڪن ماڻھن جي آزاديءَ کي محدود ڪري، کي سوسائٽي جي مشين جو پرزو بنائي ڇڏيو آھي. پر کين خبر نہ آھي تہ موجودہ ملا واري اسلام ۾ ماڻھوءَ جي حالت ان کان بہ بدتر ٿيو پوي. ڪميونسٽ ملڪن ۾ ماڻھن جي آزادي عوام جي اقتصادي نفعي جي نالي ۾ سلب ڪئي وڃي ٿي. ھتي ماڻھن جي آزادي تي ھڪ طبقي جي فائدي خاطر رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون. ڪميونسٽ ملڪن ۾ ڪارل مارڪس جي نظريي جي تشريح، عقل جي بنياد تي، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪثرت سان ڪئي وڃي ٿي. ھتي اسلام جي تشريح جا ٺيڪدار مخصوص ماڻھو ٿين ٿا، جنھن تي عقل جي بنياد تي بحث ڪرڻ جي اجازت نہ آھي.
مٿي ذڪر ڪيل دليلن مان پتو پئجي ويندو تہ ملا واري اسلامي تشريح ۾ دنيا جي موجودہ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن جو ڪو حل موجود نہ آھي. جيڪي ماڻھو اھو آواز اٿاري رھيا آھن، سي سندن مستقل مفاد خاطر ماڻھن کي ڌوڪو ڏيئي رھيا آھن. بلڪه آءُ ائين چوندس تہ ھي ملا جي تشريح وارو اسلام انسانذات جي ترقيءَ جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ آھي.

(ب) اسلام ڪھڙو فلسفه حيات ڏسي ٿو؟
آءُ مٿي ٻڌائي آيو آھيان تہ ٻين مذھبن وانگر اسلام بہ زندگيءَ بابت ڪي بنيادي نقطا اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جا پيش ڪيا آھن؛ ليڪن زندگي جي روزمره جي ڪاروبار لاءِ، موجودہ معاشري جي ضرورت مطابق، وٽس ڪوبه نظريو يا دستورالعمل موجود نہ آھي. جيڪي اھي ڳالھيون ڪن ٿا، سي يا تہ جاھل آھن يا ڌوڪو ڏين ٿا. حقيقت ۾ سندن ڳالھيون حقيقي اسلام جي روح ۽ ان جي ارتقائي تعليم جي خلاف آھن.


حڪمران طبقي جي طرفدار گروه جي تشريح موجب سندن ٽيون عقيدو آھي تہ جملي معلومات ۽ ھدايت جو مخزن قرآن آھي:
ھن گروه جو چوڻ آھي تہ
(الف) قرآن خدا جو ڪلام آھي،
(ب) ان ۾ زندگيءَ جي ھر مسئلي بابت ھدايتون ڏنل آھن، ۽
(ت) ان جو ھر لفظ سند ۽ قابل عمل آھي. بھتر آھي تہ اسان ان مان ھر سوال تي بحث ڪريون.

(الف) قرآن خدا جو ڪلام آھي:
قرآن خدا جو ڪلام آھي، ان جي تشريح ۾ ملا ۽ صوفيءَ جي وچ ۾ وڏو تفاوت آھي.
ملا جوچوڻ آھي تہ قرآن خدا وٽان لکجي، تيار ٿيڻ بعد، آھستي آھستي ٿي، آسمان تان وحي جبرائيل ذريعي، مختلف وقتن تي رسول تي لٿو. رسول ڪريم اُھي لفظ اچاريندو ويو. اصحابي ياد ڪندا لکندا ويا. ملا جا اھي خيال خدا جي شخصي تصور سان ٺھڪي اچن ٿا، جو تصور غير اسلامي ۽ جھالت جي دؤر جو يادگار آھي. آسمان جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو تہ ست آھن، جي ڇتين وانگر ھڪٻئي جي مٿان آھن. تن جو مرڳو وجود ئي ڪونہ آھي. خدا قرآن لکائي، ۽ فرشتو کڻي اچي رسول کي ٻڌائي، اھي سڀ ڳالھيون خدا جي بي مثال، بي شڪل، ھر ھنڌ حاضر ناظر ۽ ھر شيءِ ۾ موجود ھئڻ واري تصور جي ۽ وحدت الوجود واري نظريي جي خلاف آھي.
صوفيءَ جو نقطہ نگاه ان بابت علحده آھي. ھن جي تصور ۾ خدا بي مثال، لامڪان، لازمان، قياس، وھم ۽ گمان کان مٿي، ھر جاءِ حاضر ناظر، ھر شيءِ ۾ سمايل آھي، ۽ ڪن جي چوڻ موجب تہ الله تعالى کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن شيءِ جو وجود ئي ڪونہ آھي. ھو ذات آھي، ٻي سڀ صفات آھن. پر ھنن جي خيال موجب پيغمبر، حڪيم، شاعر ۽ سائنسدانن کي جيڪا معلومات ٿئي ٿي، اھا ڏات الاھي آھي؛ ليڪن خدا ڪتاب لکي رکي ۽ ملائڪ کڻي اچي رسول کي ٻڌائي، اھا ڳالھہ ذات پاڪ جي شان اعلى جي خلاف آھي.

(ب) قرآن ۾ دنيا جي ھر ڳالھہ جو حل ڏنل آھي:
ملا جي چوڻ موجب قرآن ۾ ڪائنات جي ڪل رازن جو علم سمايل آھي. ھن جي خيال موجب موجودہ دؤر جي حڪومتن جي آئين لاءِ مواد بہ قرآن مان ملي سگهي ٿو. ھن معاشري جي اقتصادي، سماجي، سياسي، ھنري ۽ سائنسي ڳالھين لاءِ ھدايتون بہ ان مان ملي سگهن ٿيون. مطلب تہ سڀ ڳالھہ جو پتو ان مان پئجي سگهي ٿو. روز قيامت تائين جيڪي معاشرا پيدا ٿيڻ وارا آھن يا ماڻھن جي سامھون جيڪي مسئلا اچڻ وارا آھن، انھن سڀني جو حل ان ۾ موجود آھي.
ملا جون اھي دعوائون غلط، بي بنياد ۽ عقل کان ٻاھر آھن. سواءِ عقل کان انڌي، ڪوتاه نظر ۽ اسرار الاھيءَ جي بي انت وسعت کان غير واقف ماڻھو جي، اھا ڳالھہ ڪير بہ مڃي نہ سگهندو.

قرآن شريف چئن قسمن جي آيتن جو مجموعو آھي:
(1)کليل فيصلہ ڪن آيتون، بنيادي اصولن بابت
(2) تشبيھي طور ڏنل آيتون
(3) وقتي حڪمن جون آيتون، جي حالتن بدلجڻ ڪري منسوخ ٿي چڪيون آھن.
(4) فروعي مسئلن بابت آيتون

(1)بنيادي اصولن جون آيتون: اھي ھيٺين قسمن جون آھن؛
(الف) ھر زماني، قوم ۽ ملڪ ۾ خدا جي طرفان پيغمبر ۽ مصلح موڪليا وڃن ٿا، جي ماڻھن کي وقت بوقت سمجهاڻيون ۽ ھدايتون ڏين ٿا.
(ب) انھن سڀني جي پيغام ۾ بنيادي وحدت سمايل آھي.
(ت) اسلام دين فطرت (قانون ارتقا ) آھي.
(ث) دنيا جي ھر شيءِ، جنھن ۾ جاندار شيون، روح ( Mind)، مذھب، دنيوي معلومات، انھيءَ ارتقائي قانون مطابق روز بروز ترقي پذير آھن.
(ج) مذھب جا بنيادي مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم آھن.
(ح) ارتقا جو ضد تنزل (ڪفر) آھي، جو نفاق ۽ نفرت مان پيدا ٿئي ٿو.

(2) تشبيھن ۽ مثالن جون آيتون: اھي ھيٺيئن قسم جون آھن؛
(الف) جن ۾ اڳين قومن ۽ پيغمبرن وغيره جا قصا ڏنل آھن.
(ب) جن ۾ ماڻھن جي پيدائش، آسمانن وغيره جو بيان ڏنل آھي.
(ت) جن ۾ روز قيامت، بھشت، دوزخ وغيره جو ذڪر ڪيل آھي.
اھي سڀ ڳالھيون مثال طور ڏنل آھن. انھن کي انھيءَ کان وڌيڪ وقعت ڏيڻي نہ آھي. انھن جي لفظي معنى ۾ چنبڙي پوڻ مان غير مذھب ۽ صاحب عقل اڳيان اسلام جي اھميت گهٽائڻ جي برابر ٿيندو. اھي ڳالھيون عقل، تجربي ۽ تاريخ جي روشنيءَ ۾ غلط ثابت ٿي چڪيون آھن، جھڙوڪ آدم کي مٽيءَ مان ٺاھي، ان ۾ روح ڦوڪڻ، ستن آسمانن جو ڇتين وانگر ھئڻ، وغيره وغيره.

(3) وقتي حڪمن جون آيتون: اھي انھيءَ قسم جون آيتون آھن، جي ھنگامي حالتن ھيٺ ڪيل حڪمن بابت ھيون، جن کي بعد ۾ حالتن بدلجڻ ڪري منسوخ يا رد ٿيل سمجهيو وڃي ٿو، جھڙوڪ: جھاد، مال غنيمت، غير مسلمن کي ھر ھنڌ قتل ڪرڻ وغيره.

(4) فروعي مسئلن بابت حڪمن جون آيتون: جن ۾ انھيءَ دؤر جي معاشري ۽ دستورن کي مدنظر رکي، ماڻھن جي روزمره زندگيءَ بابت عارضي ھدايتون ڏنل آھن، جھڙوڪ؛ چوري لاءِ ھٿن جو ڪپڻ، ڏوھ جو بدلو وٺڻ، سنگسار ڪرڻ، قرباني ڪرڻ، وياج نہ وٺڻ، ۽ زڪوات بابت، حلال ۽ حرام بابت، ۽ ٻيون اقتصادي، سياسي ۽ معاشرتي مسئلن سان واسطو رکندڙ ڳالھيون.
اھي سڀ حڪم عارضي سمجهڻ گھرجن، جي معاشري تبديل ٿيڻ بعد معطل ٿي وڃن ٿا. اھو قانون جملي مذھبي ڪتابن سان لاڳو آھي. ملا اھو چوي ٿو تہ ٻيا الھامي ڪتابن جا حڪم منسوخ ٿي ويل آھن، پر اھو ساڳيو قانون قرآن سان لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھي. اڳين الھامي ڪتابن جا حڪم منسوخ ڇو ٿيا؟ انھيءَ لاءِ نہ تہ اھي الھامي نہ ھئا يا جيئن ملا ٿو چوي تہ انھن کي بدلايو ويو آھي قرآن خود شاھدي ڏئي ٿو تہ اڳين پيغمبرن ۽ ڪتابن کي مڃڻ مسلمان لاءِ لازمي آھي. جي اُھي بدلايل ھجن ھا، تہ انھن تي ايمان آڻڻ جي معنى ئي ڪانہ ھئي. انھن جي حڪمن جي منسوخي ان ڪري ھئي تہ اھي جنھن دؤر ۽ معاشري لاءِ نافذ ٿيا ھئا، اھو بدلجي چڪو ھو. ساڳي حالت، ساڳئي نھج وارن قرآني حڪمن سان بہ لاڳو ٿئي ٿو. زماني ۽ معاشري بدلجڻ بعد، اھي مدي خارج سمجهي منسوخ ٿيل سمجهڻ گھرجن. ڇا چوريءَ لاءِ ھٿ وڍائڻ، ڪن ڏوھن ۾ سنگسار ڪرائڻ، وحشيانہ دؤر جي رواج قربانيءَ وغيره کي ھن سائنسي دؤر ۾ جاري رکڻ ڪري، اسلام جي وقعت وڌي ٿي يا گهٽجي ٿي؟ پر ملا ائين مڃڻ لاءِ تيار نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ ان ڪري پنھنجي طبقي جي اقتدار ختم ٿيڻ جو انديشو اٿس.
اھوئي سبب آھي تہ مسلمانن ۾ سوين فرقا پيدا ٿي پيا آھن. معاشري جي قانونن بابت ملا جي اسلام ۾ سائنسي دؤر تہ ڇڏيو، پر زراعتي، تجارتي، ۽ ھنري دؤر جي ضروريات مطابق بہ ھدايتون نہ ڏنل آھن. ٻين مذھبي ڪتابن وانگر قرآن مان بنيادي ڳالھين بابت حوالا وٺي سگهجن ٿا. باقي روزمره جي ڳالھين لاءِ قرآن جي رھبري منسوخ سمجهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ انھن جي افاديت ڪانہ رھي آھي. رستن جي مؤثر ٽرئفڪ، پارليامينٽ جي ڪارگذاري، جديد بين الاقوامي قانونن، جديد جنگي ھنر، سائنسي کوجنا بابت قرآن ڪھڙي ھدايت ڏيئي سگهي ٿو، جو دنيا جي ھر مشڪل مسئلي جي حل لاءِ سند يا مخزن ڪري ڪتب آڻجي.
ھي خيال رڳو منھنجا نہ آھن، پر گهڻي وقت کان ڪيترن بزرگن جي دماغ ۾ رھيا آھن ، جن جي آڌار تي ھڪ شاعر چيو آھي؛
ماز قرآن مغز را برداشتيم،
استخوان پيش سگان انداختيم.
(معنى اسان قرآن مان مغز ڪڍي ورتو، باقي ھڏا ڪتن لاءِ ڇڏي ڏنا اٿئون.)
ھن زماني جي مشھور فلاسافر، برنارڊشا جملي مذھبي ڪتابن لاءِ ساڳي ڳالھہ ھن لفظن ۾ پيش ڪئي آھي؛ “مذھبي ڪتابن کي صبح جي اخبار وانگر پڙھي، انھي مان ڪم جون ڳالھيون اخذ ڪري، پوءِ کين ڪاغذ جي ٽوڪريءَ (ڪٻٽ) ۾ رکي ڇڏڻ گھرجي.”
سڀ مذھب سندن ڪتابن کي الھامي سڏين ٿا. خود قرآن بہ ان ڳالھہ جو ثبوت ڏي ٿو. ان ۾ اھو لکيل آھي تہ پيغمبرن ۽ انھن جي ڪتابن تي ايمان آڻڻ ضروري آھي. ايمان آڻڻ جي معنى اھا ٿي نٿي سگهي تہ پيغمبر برابر سچا ھئا، سندن ڪتاب بہ الھامي ھئا، پر ھاڻ بدلجي بيڪار ٿي چڪا آھن. جي قرآن اچڻ وقت اھي سمورا منسوخ ٿيل ھجن ھا، تہ پوءِ انھن تي بنا تفريق ايمان آڻڻ جو سوال ئي ڪونہ پيدا ٿئي ھا. قرآن ۾ اھو بہ لکيل آھي تہ پيغمبر صلعم اڳين پيغمبرن جي تعليم کي دھرائڻ آيو ھو. پوءِ، ملا چوي ٿو تہ انھن ڪتابن جا احڪام منسوخ ٿي چڪا آھن، اھا ڳالھہ سمجهه ۾ نٿي اچي. صوفيءَ جي ان بابت اھا سمجهاڻي آھي تہ قديم ڪتاب بہ قرآن وانگر چئن قسمن جي مواد تي ٺھيل ھئا، جن جا بنيادي اصول قائم رھيا، باقي ٻيو مواد حالتن جي تبديليءَ موجب لائق عمل نہ رھيو آھي. اھو ساڳيو قانون سڀني ڪتابن سان، بمع قرآن جي، لاڳو ٿيڻو آھي. دين فطرت (قانون فطرت) جي تقاضا اھا آھي.

ھن گروھ جو چوٿون عقيدو اھو آھي تہ حضرت محمد صلعم آخري نبي آھي. ان کان پوءِ نبي نہ اچڻ ورو آھي، نہ دين پيدا ٿيڻ واو آھي:
ھن عقيدي بابت ملا ۽ صوفيءَ جا جدا رايا آھن. ملا جو تخيل خاتم النبيءَ جي عقيدي بابت ھيءُ آھي ته:
(1)حضرت محمد صلعم ھڪ نئون دين پيش ڪيو، جنھن سڀني اڳين دينن کي منسوخ ڪيو، ۽ ان کان پوءِ ٻئي دين جو پيدا ٿيڻ بند ٿي ويو.
(2) ھن دين جا پؤئلڳ، رسول مقبول صلعم جي اڳواڻيءَ ھيٺ جدا قوم بنجي پيا.
(3) اھا قوم ساريءَ دنيا جي قومن کان بھتر ۽ انھن جي رھبري ڪرڻ واري ھئي.
(4) رسول صلعم مڪمل اسوه حسنى (بھترين خوبين) جو مالڪ ھو، جن ۾ روحاني ۽ جسماني ٻئي خوبيون شامل ھيون.
(5) ان جو ھر حڪم ۽ عمل، بھترين سمجهي، ان جي پيروي ڪرڻ گھرجي.
(6) ھو دشمن تي سختي ڪندڙ ۽ دوستن تي مھربان ھو.
(7) ھو انسانيءَ زندگي جي رھبريءَ لاءِ سڀ ڪجھه ٻڌائي ويو آھي.
ليڪن صوفيءَ جي نقطہ نگاھ موجب، اھڙن عقيدن مان ڪي رسول مقبول صلعم جي اعلى مرتبي ۽ مشن سان ٺھڪندڙ نہ ھئا.
(ب) صوفيءَ جو رسول مقبول صلعم بنسبت تخيل ھيءَ آھي:
(1)رسول مقبول صلعم نئون دين ڪونہ آندو ھو، پر دين فطرت (قانون ارتقا) جي تلقين ڪئي، ۽ اُھو ئي جملو پيغمبرن جي دينن جو مطلب ھو.
(2) پاڻ ماڻھن جي وچ ۾ قومن، نسلن، رنگن، مذھبن جي نالي ۾ کڙي ڪيل امتيازن کي مٽائي، انسانذات لاءِ اتحاد، امن ۽ ترقيءَ جو پيغام آندو ھئائون.
(3) سندن عالمگير تعليم کي جدا دستورن، عقيدن ۽ مذھبي نظام ۾ محدود ڪرڻ، سندن مقصد اعظم(Mission) جي خلاف ھو.
(4) رسول مقبول صلعم کي صرف مسلمانن جو اڳواڻ بنائڻ ٺيڪ نہ ھو. ھو رحمتہ العالمين ۽ شفيع المذنبين ھو. ھن کي دنيا جي برسر پيڪار مذھبن مان ھڪ گروھ جو ليڊر بڻائڻ سندس مرتبي ۽ مقصد جي خلاف ھو.
(5) دنيا جو ھر صالح ماڻھو سندس پوئلڳن مان ھو ۽ ھر غير صالح سندس پوئلڳن جي قطار کان ٻاھر ھو.
(6) رسول مقبول صلعم جي زندگيءَ جا ٻہ مقصد ھئا:
1 ظاھري، جنھن جو واسطو حڪومتي نظام، دنيوي معاملات سا ھو، جا عارضي ڳالھہ ھئي. سندن وصال کان پوءِ، اھا مشن پوري ٿي.
2 باطني، جنھن جو واسطو ماڻھن جي صحيح تعليم، اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح سان ھو، جنھن جو مطمع نگاه اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم ھئا، جا دائمي مشن ھئي، ۽ ان جو ڪم قائم رھڻو آھي. صوفيءَ، پوئين خيال جو حامي ھئڻ ڪري، ظاھري مشن جي ڪم کي اھميت نہ ڏني. ھن رسول مقبول صلعم کي ٻيءَ نظر سان ڏٺو ٿي، جنھن لاءِ شاھ لطيف فرمائي ٿو ته:
“جيئن ڏٺو ھو مون، آرياڻي اوھان نہ ڏٺو ھو.”
ھن جو حقيقت محمدي ۾ ويساھ ھو، جنھن مطابق ھو مدينتہ العلم، رحمتہ العالمين ۽ صاحب قاب قوسين ھو.
(7) صوفي خاتم النبين جي معنى اھا ڪڍي ٿي تہ ھاڻ انسان، ارتقائي طور، ذھني طرح انھيءَ درجي تي پھچڻ شروع ٿيو ھو، جو پيغمبرن طرفان کيس فوق العقل ۽ الھامي حڪمن ۽ ڳالھين ٻڌائڻ جي ضرورت نہ رھي ھئي. ھاڻ خالق ۽ مخلوق جي وچ مان پردا ھٽجي، مابين سڌو لاڳاپو قائم ٿيڻ وارو ھو. وچ واري ٽياڪڙجي ضرورت نہ رھي ھئي.
(8) ھو راحتہ اللعاشقين ھو، يعني محبت وارن جو آڌار ۽ رھبر ھو؛ ھن جي پيغام جي ڪنجي پريم ۽ عشق ھو.
حب عشق دل وچ نہ مايس، پوش فقيري پايس،
دليان لٽاوڻ دي ڪيتي، چاڪ لقب جا لايا.
(9) شريعت جا قانون صوفيءَ لاءِ منسوخ ٿي چڪا ھئا. ھاڻ، انھن جي چارچ جمھوري حڪومتن جي ھٿ ۾ اچي چڪي ھئي.
صوفيءَ ان ۾ ملا جو دخل بيجا ٿي سمجهيو. دين منظم جي ضرورت وٽس ختم ٿي چڪي ھئي. سندس نظر ۾، اھي صرف ملا ۽ سندس طبقي جي مستقل مفاد لاءِ قائم رکيا پئي ويا. دين شخصن ۽ خدا جي وچ جو معاملو ھو. ان ۾ ٻئي کي دخل اندازيءَ جو حق نہ ھو. ھو اسلام کي اتحاد، امن ۽ انساني ترقيءَ جو پيغام سمجهي، مذھبي نظامن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن ۽ فرقن جي خلاف ھو. ھن فطرت جي اڻ کٽ نعمتن ۽ وسيع اسرارن کي چند عقيدن، دستورن ۽ مذھبي قانونن ۾ محدود ڪرڻ نٿي گھريو.

ھن گروھ جي تشريح جو پنجون عقيدو ھي تہ مسلمان وحدت خيال ۽ عمل موجب علحده ۽ چونڊيل قوم ھئا، جن کي دنيا جي قومن جي رھبري ۽ اڳواڻي ڪرڻي ھئي:
صوفين جو انھيءَ نظريي ۾ ويساھ نہ ھو. ھنن ان کي صحيح اسلامي تعليم جي خلاف ٿي سمجهيو. ھنن کي معلوم ھو تہ ظاھري مسلمان نالي ھيٺ سڏجڻ وارا ماڻھو ڪڏھين بہ ھڪ خيال ۽ عمل جا نہ رھيا ھئا. منجھن 350 فرقن کان مٿي گروه پيدا ٿي پيا ھئا، جن ھڪٻئي کي ڪافر ۽ گمراه ٿي سڏيو. انھن ھڪٻئي جا رت ھاريا ھئا. ٻيو تہ ڇڏيو، ليڪن رسول مقبول صلعم جي ڏھٽي امام حضرت حسين عليه السلام کي ڪٽنب سميت شھيد ڪري، ان جو سر مبارڪ نيزي تي چاڙھي، مھينن تائين گھمايو ويو ھو. سندن بدن مبارڪ تي گھوڙا ڊوڙائي ان کي ڪچلايو ويو ھو. سوين مسلمان ولين، عالمن ۽ بزرگن کي اختلاف راءِ رکڻ ڪري، سنگسار ۽ قتل ڪرايو ويو ھو. منصور، سرمد، شاه عنايت، بلاول، شمس تبريز وغيره سڀ مسلمانن ھٿان شھيد ٿيا ھئا. حاڪم جڏھين بہ ڪنھن تي ناراض ٿيو ٿي، تہ مفتيءَ جي فتوى ۽ سپه سالار جي تلوار ھمشيه سندس حڪم ھيٺ گڏجي ڪم ڏنو ٿي. ساري مسلم دنيا جي تاريخ ان تي گواه آھي. مسلمان ڪڏھين بہ ھڪ خيال ۽ عمل جا نہ رھيا آھن. جيڪي انھن کي ھڪ جدا قوم سڏين ٿا، سي يا تہ تاريخ کان اڻواقف آھن، يا ڌوڪو ڏيڻ ٿا گھرن – پوءِ ڪي ماڻھو کڻي، سندن مقصد خاطر، انھن کي ڪھڙن بہ سھڻن ۽ وڏن نالن ۽ لقبن سان سڏين.
صوفيءَ کي ڇڏي، جيڪڏھن عقل ۽ تجربي جي ڪسوٽي تي ملا جي انھيءَ نظريي جي پرک ڪبي تہ بہ غلط ثابت ٿيندو.
تازو 1953ع ڌاري، پنجاب ۾ ٿيل فسادن جي جاچ ڪرڻ واسطي پاڪستان سرڪار ٻن ھاءِ ڪورٽ جي ججن، ھر ھڪ جسٽس محمد منير ۽ جسٽس رستم ڪيانيءَ، تي مشتمل ھڪ ڪميشن مقرر ڪئي ھئي. انھن سندن رپورٽ ۾ چيو آھي تہ جڏھين پاڪستان جا مکيه عالم وٽن شاھدي ڏيڻ لاءِ آيا، تہ انھن کان سوالن پڇڻ تي، کين معلوم ٿيو تہ انھن جو اسلامي حڪومت ۽ اسلامي نظريه حيات بابت ڪو ھڪ رايو نہ ھو. ھر ھڪ جدا خيال ظاھر ڪيا ٿي. ھر ھڪ فرقي جي عالم ٻئي فرقي جي پوئلڳن کي گمراه ۽ ڪافر سڏيو ٿي. ججن جو رايو ھو تہ جي سڀني ٿي اعتبار ٿي ڪيائون، تہ ڪوبه مسلمان راه راست تي ڏسڻ ۾ نٿي آين.
اھو حال آھي اُن فرضي مسلمان قوم جي عقيدن جو، پر جي اوھان سندن عمل تي نظر ڪندا، تہ توھان کي ان مثالي قوم ۾ راشي، زاني، چور، بدڪار، ظالم، منافق، غريبن جو رت چوسڻ وارا ۽ ھڪٻئي جا دشمن ڏسڻ ۾ ايندا، مطلب تہ قديم چوڻي تہ ”مسلماني در ڪتاب، مسلمانان در گور” جو صحيح نقشو نظر سامھون ايندو. اھڙين حالتن ھيٺ، ھنن کي ڪھڙي طرح خيال ۽ عمل تي ٺھيل مثالي قوم سڏي سگهجي ٿو. اھڙي قسم جي قوم نہ اڳي ڪنھن بہ زماني ۾ رھي آھي، نہ ھن کان پوءِ ٿيڻ جو امڪان اٿس. ھندستان جي صاحب اقتدار طبقي جي چند ماڻھن سندن طبقاتي مفاد خاطر عوام کي گمراه ڪرڻ لاءِ، اھو نظريو ايجاد ڪيو آھي. اڄڪلھه مسلمان جي نالي سان سڏجڻ وارا ماڻھو دنيا جي مھذب ۽ ترقي يافتہ قومن جي مقابلي ۾، حر حالت پٺتي پيل آھن. انھن کي بھترين قوم شمار ڪري، دنيا جي اڳواڻي جي دعوى ڪرڻ خود فريبيءَ، فريب ڪاريءَ ۽ جھالت جي مظاھري کان سواءِ ٻيو ڪجھه نہ آھي.
انھيءَ قومي تخيل کي نظر ۾ رکي، پاڪستان ٺاھڻ لاءِ مسلمانن جي صاحب اقتدار طبقي گهر ڪئي – سنہ 1943ع ڌاري سنڌ ۾ ھڪ اشتھار ورھايو ويو ھو، جنھن ۾ ھيئن لکيل ھو تہ ؛
پاڪستان ڇا لاءِ قائم ڪيو وڃي؟
(1)ان ۾ حڪومت الاھي قائم ڪئي ويندي.
(2) جنھن ۾ سڀني رھاڪن کي سياسي، اقتصادي ۽ معاشرتي ھڪجھڙائي ھوندي.
(3) حڪومت جون واڳون صالح ۽ ايماندار ماڻھن جي ھٿ ۾ ھونديون.
(4) ھر فرقي جي حقن جي حفاظت ڪئي ويندي.
(5) جتي حڪومت جو فرض ھوندو تہ ملڪ مان غربت، ظلم، جھالت، سرمايه داري دور ڪري.
(6) جتي جوا، زنا، شراب خوري، وياج خوري، رشوت، چور بازاري وغيره ختم ڪئي ويندي.
(7) جنھن ۾ عدل ۽ انصاف ماڻھن کي مفت پلئي پوندو.
(8) عزت جو معيار طاقت ۽ پيسي تي نہ ھوندو، بلڪه چڱن اخلاقن تي رکيو ويندو.
ھاڻ ڏسو تہ پاڪستان بنجڻ کان پوءِ، انھن اصولن جي ڪيتري قدر وعده وفائي ڪئي ويئي آھي. آسپاس تي ٿوري نظر وجهڻ بعد پتو پئجي ويندو تہ مٿي ذڪر ڪيل خرابيون، جن جي بند ڪرڻ لاءِ وعدو ڪيل ھو، تن ۾ واڌارو ٿيو آھي. گهٽتائي ڪانہ ٿي آھي. پاڪستان صاحب اقتدار طبقي جو چراگاه بنجي پيو آھي. عوام جي حالت روز بروز تباه ٿيندي وڃي ٿي. ان جي پس منظر ۾ جي واقعا سرزد ٿيا، انھن جو اختصار ھي آھي تہ :
(1)ڪروڙھا ھندو مسلمان سندن اباڻا وطن ڇڏي، دربدر ٿي، وڃي ڏورانھن ڀاڱن ۾ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رھيا.
(2) ڪيئي لک ماڻھن جا قتل ٿيا. ڪيئي ھزار زالون اغوا ٿيون. اربن جي ملڪيت تباه ۽ برباد ٿي.
(3) ماڻھن ۾ جو نفرت جو ٻج پکڙيو، اھو نہ رڳو ھندن جي خلاف عام ٿيو، ليڪن مستقل مفاد جي خلاف ھر آواز اٿاريندڙ ماڻھو ان جو نشانو بنايو ويو.
انھن سارين خون خرابين کان پوءِ بہ جدا ٿيل ملڪ امن ۾ رھن ٿا ۽ عوام جو ڀلو ٿيندو رھي ھا تہ اھي اڳوڻا ٿيل نقصان سڦلا سمجهڻ ۾ اچن ھا.
جيڪڏھن ان ساري مسئلي تي غور سان نظر ڪبي تہ انھن سارين خرابين جو ڪارڻ اسلام جي ملا واري تشريح ڏسڻ ۾ ايندي، جنھن موجب وحدت خيال ۽ عمل ڪري مسلمان نہ رڳو الڳ قوم ھئا، بلڪه بھترين ۽ ٻين سڀني کان اعلى ۽ افضل قوم ھئا. حقيقت ۾ اسلام دنيا ۾ محبت ۽ امن جو پيغام کڻي آيو، مگر اھو انھيءَ ملا واري تشريح ۽ نظرين ڪري نفرت ۽ بدامنيءَ جو باعث پيو بڻجي. اسان انسانذات جي مجموعي مفاد جون ڳالھيون وساري ويٺا آھيون. اھو سڀ ان لاءِ ڪيو وڃي ٿو، جو ان مان چند ماڻھن ۽ گروھن جي مستقل مفاد کي فائدو پھچي ٿو.
ھن وقت پاڪستان ۾ انھي نظريي جي ڪري ئي ھيٺيون مشڪلاتون سامھون آيل آھن.
(1)پاڪستان جا غير مسلم پاڻ کي، ڌاريو ڄاڻي، محفوظ نٿا سمجهن.
(2) ننڍن صوبن جا رھاڪو سنڌي، بلوچ ۽ پختون سندن جملي مصيبتن جھڙوڪ: ون يونٽ جي قيام، زمين، واپار، تعليم، ڪارخانن، ڪلچر ۽ زبان جي نقصان جو باعث انھيءَ نظريي کي سمجهن ٿا.
(3) بنگاليءَ انھيءَ ڪري اڪثريت مان ڦريو اقليت ٿيو پون.
(4) ھندستان سان ڪشمير جي سوال، ۽ افغانستان سان پختونستان جي سوالي تي سمجهوتو ٿي ڪين سگهيو آھي. انھيءَ ڊپ کان پيدائش جو گهڻو حصو بچاءُ تي خرچ ڪرڻو پوي ٿو ۽ انھيءَ ڪري ڌارين حڪومتن جو محتاج رھڻو پيو آھي.
(5) انھيءَ ڪري ملڪ جي سياست کي ھنگامي نعرن تي ھلائي، عوام جو توجهه سندن حقيقي مسئلن کان ھٽائي، حڪمران طبقو پنھنجو راڄ قائم رکيو اچي.
(6) انھيءَ ڪري، حڪومت جو ڪاروبار مذھبي بنيادن تي ھلائڻ جو راڳ اچاريو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ سڀ ڪنھن کي پتو آھي تہ موجودہ ھنري سائنسي دؤر جي ضروريات مطابق حڪومت ھلائڻ لاءِ ملا جي تشريح واري اسلام مان ڪابہ رھبري ملي ڪين سگهندي. موجودہ حڪومتن جي قانونن جو اسلام سان سواءِ وراثت ۽ نڪاح وغيره معاملن جي ، ڪوبه واسطو نہ آھي.
(7) مذھب جي غلط استعمال ڪري، ملڪ جو نوجوان طبقو اسلام جي ملا واري تشريح کي حقيقي مذھب سمجهي، ان مان بيزار ٿيندو پيو وڃي.
ھيءَ صرف منھنجا خيال نہ آھن، پر ملڪ جا مکيه مفڪر ۽ عالم انھيءَ قسم جي تشريح جي افاديت ۾ شڪ آڻڻ لڳا آھن.
علامه عنايت الله مشرقي مرحوم، سندس ڪتاب “تذڪره” ۾ لکيو آھي تہ ماڻھن جي موجودہ گروه بندي مصنوعي ۽ غير حقيقي آھي. ھر صالح ماڻھو، پوءِ ظاھري طور ھو ڪھڙي بہ مذھبي گروه بنديءَ ۾ شامل ھجي، مسلمان آھي ۽ ھر غير صالح ماڻھو غير مسلم آھي.
علامه آءِ – آءِ قاضي جي چوڻ موجب صحيح مسلمان پنھنجي بلند خيال ۽ عمده اخلاق ڪري، ھر جاءِ تي رھڻ جي لائق آھي. اڳي چند ماڻھن دنيا ۾ صحيح اسلامي تعليم کي فروغ ڏنو. ھن وقت ان دين فطرت جي پوئلڳن کي ڪمزور سمجهي، شفاخاني ۾ پناه گزين ڪرڻ، صحيح اسلامي تعليم کان ناواقفي ۽ مسلمان سڏائيندڙن جي بي ھمتيءَ جو ثبوت آھي.

ھن گروه جو ڇھون عقيدو آھي تہ انسانذات جي نجات اسلام مان ٿيڻ واري آھي، ان ڪري ان جي پکيڙڻ لاءِ جھاد ضروري آھي:
اھو عقيدو حالات حاضره ۽ عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ بعد نقصانڪار ۽ فرسوده ڏسڻ ۾ ايندو. ھيٺين سببن ڪري:
(الف) مٿي ٻڌائي آيو آھيان تہ اسلام جو واحد ۽ واضع تخيل نہ ڪڏھن موجود رھيو آھي نہ رھڻ جو امڪان اٿس. تنھنڪري سوال اٿندو تہ ڪھڙي اسلام مان دنيا جي مشڪلاتن کان نجات حاصل ٿيڻ واري آھي، جنھن لاءِ جھاد ڪرڻو آھي. مولانا عبيدالله سنڌي اھي ڳالھيون ڏسي اڳيئي فرمايو آھي تہ “ ھندستان ۾ ڪن مسلمانن کي سندن شخصيتن بابت ھڪ وھمي تصور ويٺل آھي، جنھن جو عملي دنيا ۾ ڪو وجود ئي ڪونہ آھي. اسان ڪنھن زماني کان ھڪ اھڙي اسلامي جماعت جو نالو وٺي رھيا آھيون، جنھن بابت اسانجي ذھنن ۾ نہ ڪو صحيح نقشو آھي ۽ نہ اھا جماعت دنيا ۾ ڪٿي وجود ۾ آھي. اسان پاڻ کي اھڙيءَ خيالي دنيا ۾ محدود ڪري ڇڏيو آھي، جو نہ رڳو اسان ٻين مسلمان ملڪن جي تاريخ، ترقي ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجھد کان غير واقف رھجي ويا آھيون، پر خود پنھنجي ملڪ ۾ بہ اسان جي اڳيان ڪو مقرر ٿيل عملي نظريو موجود نہ آھي.”
ھن وقت جا اڪثري مسلمان دنيا جي مھذب ملڪن جي ماڻھن کان علمي،ا خلاقي، ھنري، تمدني، ۽ معاشرتي طور پٺتي پيل آھن، سي ڪھڙي طرح مھذب، متمدن، عالم، بااخلاق ۽ طاقتور قومن کي سبق ڏيئي انھن جي رھبري ڪري سگهندا. ملا واري اسلام ۾ رکيو ڇا آھي، جنھن مان ھنن کي سبق ملندو. ڪنھن جي مت کٿي آھي، جو غريب، جاھل ۽ وھم پرست ماڻھن جي سوسائٽيءَ ۾ اچي شريڪ ٿيندو.
حقيقت ۾ ھن وقت جي ضروت ان ڳالھہ جي تقاضا ڪري ٿي تہ ملا واريءَ تنگ نظريءَ جو خاتمو ٿيڻ گھرجي نہ ڪه فروغ. ملا جي تشريح پوءِ ان کي علامه اقبال جي پشتي ھجي يا مولانا مودوديءَ جي، وحشيانہ دؤر ۽ فسطائيت جي روايات جي حامل، ماڻھن ۾ نفرت ڦھلائڻ جو باعث، جمھوريت جي دشمن، ۽ گمراھيءَ ۽ جھالت جو نشان آھي. ان جو ٽوڙڻ ھن دؤر جي اھم ضرورت آھي.
ھونئن بہ جھاد يا زور زبردستيءَ ذريعي دين ڦھلائڻ جو خيال ھن ائٽمي دؤر ۾ اھڙو آھي، جھڙو جھرڪيءَ جو باز سان لڙڻ جو ارادو. زور زبردستيءَ سان پنھنجي راءِ ٻين تي مڙھڻ کان خود مغربي ملڪ ، باوجود ايڏي ساز و سامان جي، بيزار ٿي، باھمي سمجهوتي لاءِ گڏجي گذاري(Co-existence) يا رواداريءَ جو اصول، ڪم از ڪم اصولي طرح قبولي چڪا آھن. رشيا جا ڪميونسٽ، جن جي نظريي ۽ پاليسيءَ جو بنيادي متو خوني انقلاب ھو، ھاڻ ان کي ڇڏي باھمي تعاون يا علمي، تھذيبي۽ اقتصاديءَ چٽاڀيٽيءَ جي ذريعي کي اختيار ڪري رھيا آھن. ھن وقت دنيا ۾ صرف ڪميونسٽ چين، پاڪستان ۽ اسرائيل جا چند گروه آھن، جن جو اڃا پنھنجن خيالن جي ڦھلاءُ لاءِ زور زبردستي ۾ اعتقاد آھي. ھنن ويچارن کي ڪھڙي خبر تہ ھن ائٽميڪ دؤر ۾ زور زبردستيءَ جي گفتگو ڪرڻ ڪيتري قدر نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. البت ملڪ اندر مخالف راءِ کي دٻائي، گروھي تسلط قائم رکڻ لاءِ، ان کي ھو استعمال ڪري سگهن ٿا.

ھن گروه جو ستون عقيدو مذھب ۽ سياست کي گڏي ھلائڻ جو آھي:
انھيءَ جو لازمي نتيجو اھو نڪرندو تہ حڪومت جي واڳ خليفي اسلام، امير جماعت يا ڪنھن آمر شخص يا گروه جي ھٿ ۾ رھندي.
حڪومت جي نظام جو راڳ قرآن ۽ سنت جي نالي ھيٺ صاحب اقتدار طبقي جي نمڪ خوار ملا جي تشريح مطابق، ھلائڻو پوندو. تاريخ شاھد آھي تہ ملا جي مذھب جي اھا غلط تشريح ڪيتري قدر ماڻھن جي مصيبت جو ڪارڻ ثابت ٿي آھي.
ان ۾ عقل جي بدران سند ۽ اختياريءَ جي بنيادن تي مخصوص ماڻھن جي تشريح مطابق، ڪاروبار ھلڻ وارو آھي. اھا حڪومت جمھوري سڏي نہ سگهبي. اھا حڪومت موجودہ زماني جي زبان ۾ فسطائي طريقي جي حڪومت ليکجڻ ۾ ايندي.
قرآن ۽ سنت جا ھن وقت تائين سوين تعبير ٿيا آھن، جنھن ڪري مسلمانن ۾ سوين فرقا پيدا ٿي پيا آھن. انھن مان ڪھڙي تشريح صحيح ۽ ڪھڙي غلط ھوندي، ان جو فيصلو ڪير ڪندو ۽ ٿي بہ سگهندو، يا ڳالھہ ناممڪن پيئي نظر ۾ اچي. 1375 ورھين تائين انھيءَ مسئلي جو فيصلو نہ ٿي سگهيو آھي، سو ھاڻ ڪھڙا اسباب ۽ امڪان پيدا ٿيا آھن، جن جي آڌار تي انھيءَ دائري ۾ حق يا ناحق جو فيصلو ٿي سگهندو. خود حڪومت جي ڪارڪنن ۽ ملن جو انھي مسئلي تي اتحاد ٿيڻ مشڪل آھي. مثال وٺو: عائلي قانون جو. ملا اڪثري ان جا مخالف آھن. حڪومت جا ڪارڪن ان جي فائدي ۾ آھن؛ ليڪن ٻئي اسلامي حڪومت جو راڳ آلاپي رھيا آھن. آخر ۾ ڳالھہ وري حڪومت جي ڪارڪنن جي بيھڻي آھي. ملا شور ڪري ماٺ ڪري ويھي رھندا. سندن ھٿ ۾ طاقت ڪھڙي آھي، جو پنھنجو فيصلو مڃائي سگهندا. تازو چنڊ ڏسڻ جي معاملي ۾ ساڻن جا ڪاروائي ڪئي ويئي. اھا ھر ڪنھن کي معلوم آھي، پر ھنن جا مفاد اھڙا آھن، جو ڪجھه ڪڇي نٿا سگهن. ڪنھن کي کٽيءَ کنيو آھي، جو سھيو سکيو جندڙو تڪليف ۾ وجهي.
اسلام جي نالي ۾ گمراھ ٿيندڙ ماڻھو تاريخ تي نظر وجهي ڏسندا تہ پتو پئجي ويندن تہ مذھب ۽ سياست گڏي ھلائڻ ڪري، ڪيترا نقصان ٿيا آھن. ان آزمودي بعد عيسائين، ھندن ۽ اڪثر مسلمان ملڪن ان مان بيزاري ڏيکاري آھي. سياست ۽ مذھب کي گڏي ھلائڻ جا طرفدار اسلام جا دوست نہ آھن، پر دشمن آھن. روس ۾ دھريت جي زور وٺڻ جو ڪارڻ اھائي ڳالھہ ھئي. مذھب ھميشه چالاڪ سياستدانن ۽ صاحب اقتدار طبقي جي ھٿ ۾ رانديڪو ٿي، ڪتب آيو آھي. ملا کي ڪھڙي مجال آھي جو سندس رزاق حاڪم جي حڪم جي انحرافي ڪري. جن انحرافي ڪئي، انھن جا مثال اکين اڳيان اٿس. اسلامي تاريخ ان تي شاھد آھي تہ ملن اڪثري پنھنجن مربي حاڪمن جي اشاري تي، سندن فائدي خاطر اسلام کي ٽوڙي مروڙي پئي ظاھر ڪيو آھي.
اسلام يا ٻين مذھبن جي ڪتابن، دستورن ۽ شريعتن ۾ ڪابہ اھڙي ڳالھہ موجود نہ آھي. جا موجودہ ھنري ۽ سائنسي دؤر جي ضروريات مطابق ڪارگر ٿي سگهي. مذھب ماڻھن لاءِ ٺاھيا ويا آھن، نہ ماڻھو مذھبن لاءِ. جڏھين حالتن جي تقاضا موجب مذھبي شريعتون ان لاءِ ڪار آمد نٿيون ٿين، تہ پوءِ انھن سان محض رسمي ڳانڍاپي ذريعي ڪوبه مسئلو حل ڪونہ ٿو ٿئي. وقت اچي ويو آھي تہ ماڻھن کي ذھن نشين ڪرايو وڃي تہ ملا صاحب اقتدار جو ٻانھن ٻڌو ٻانھون آھي، جو مذھب کي مستقل مفاد جي فائدي لاءِ ڪتب آڻڻ گھري ٿو. ھاڻ ان جي اِنھي اصلي ڪردار کي سڃاڻڻ گھرجي. ھن وقت ٻيا سڀ مسلمان ملڪ ملا جي اِنھي نقطي نگاه کي ختم ڪري چڪا آھن. دنيا ۾ صرف پاڪستان ئي ھڪ ملڪ آھي، جتي اھو راڳ ڳايو ٿو وڃي.
ھتي پاڪستان ۾ پھرين انگلينڊ جي پارليامينٽري طرز جي حڪومت ھئي. ھاڻ ڪنٽرولڊ جمھوريت جي نالي سان حڪومت ھلائي وڃي ٿي. سندن قانون رومن قانونن جي بنياد تي ٺھيل آھن انھن جو سمورو ڪاروبار يورپي طرز تي ھلي رھيو آھي. پوءِ بہ عوام کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ قرآن ۽ شريعتي قانونن جا نالا ڪتب آندا وڃن ٿا.
ملن کي خبر آھي تہ پراڻا شريعتي قانون جھڙوڪ چور جا ھٿ وڌائڻ، زانيءَ کي سنگسار ڪرائڻ، مذھبي اختلاف رکندڙ کي قتل ڪرائڻ، ڏاڙھي رکائڻ، وياج بند ڪرائڻ، شراب تي بندش وجهڻ، زالن کي پردو ڪرائڻ، تصويرون نہ ڪڍائڻ، مينا بازارين کي بند ڪرائڻ وغيره لاءِ ھو ڪجھه نٿا ڪري سگهن. پوءِ بہ ھو اسلامي قانونن جو نالو اچاريندا وتن ٿا. ان مان ھر ڪو ذي عقل ماڻھو سمجهي سگهي ٿو تہ ان مان سندن مقصد، سندس مستقل مفاد لاءِ عوام کي ڌوڪي ۾ رکڻ کان سواءِ، ٻيو ڪجھه نہ آھي.
تاريخ شاھد آھي تہ برھمڻن ڪروڙھا ماڻھن کي مذھب جي نالي ۾ اڇوت بنائي ڇڏيو آھي. ساڳيءَ طرح پادرين مذھب جي نالي ۾ ھزارھا ماڻھن کي زنده جلائي، ۽ صليبي جنگين ۾ تباھ ڪري ڇڏيو. مسلمانن جي تاريخ مان بہ سوين اھڙا مثال ملندا، جنھن ڪري مذھب جي نالي ۾ نہ صرف ماڻھن جي آزاد راءِ ۽ عمل تي بندش وڌي وئي، پر اختلاف رکندڙ عالمن ۽ درويشن کي سخت سزائون ڏنيون ويئون. منصور کي سنگسار ڪرائڻ، شمس تبريز جي کل لھرائڻ، سرمد کي قتل ڪرائڻ، شاھ عنايت کي شھيد ڪرڻ، بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙائڻ جا مثال تاريخ جون حقيقتون بنيل آھن.
خلافت جي اختلاف ڪري شيعا سني فرقا پيدا ٿي پيا. امام حسين عليه السلام جي شھادت، بغداد جو منگولن ھٿان قتل عام، ھندستان ۾ اورنگزيب جي پاليسيءَ ڪري، مغلن جي طاقت ختم ٿيڻ، سڀ انھيءَ پاليسيءَ جا چند مثال آھن. انھيءَ جو فائدو وٺي، مسلمان حاڪمن ملا کان جھاد جي فتوى ڪڍائي، ڌارين ملڪن تي ڪاھون ڪيون. عرب، مغل ۽ ترڪ سامراج اھي ئي ھٿيار ڪتب آندا. محمود غزنويءَ ۽ تيمور لنگ جون غارتگريون سڀ مذھبي رنگ ۾ ھيون. باوجود ان جي ملن انھن کي غازي ۽ صاحب قرآن جا لقب عطا فرمايا.
اسان جو صاحب اقتدار طبقو، ٻاھرين دنيا کي ڌوڪي ڏيڻ خاطر، اختلافي مسئلن کي باھمي گفتگو ۽ صلح ڪن طريقن سان حل ڪرڻ جو آواز ڪڍي رھيو آھي. قومن جي خود اراديءَ جي نالي ۾ ڪشميري مسلمانن کي آزادي ڏيارڻ گھري ٿو. پر ھنن کان ڪو پڇي تہ سنڌ، بلوچستان ۽ پختونن جي آزاديءَ کي ڪھڙي اصول موجب سلب ڪيو اٿن. ھاٿيءَ جا کائڻ جا ڏند ھڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا. آمرانہ حڪومت جو سرشتو، مخالفن جي آواز کي دٻائڻ، ننڍن صوبن جا حق مارڻ، ماڻھن جا بنيادي انساني حق کسڻ، سڀ مذھب ۽ سياست کي گڏي ھلائڻ جي شاخ آھن.
ھن وقت جڏھين سڀ مذھب خدا ۾ ويساه، شخصي آزاديءَ ۽ حيات بعد الممات جي عقيدن جي بچاءُ ۾، مٽيريلزم جي زد کان محفوظ رھڻ لاءِ، موت ۽ حياتي جي جنگ لڙي رھيا آھن، جنھن ۾ مٽريلزم عوام جي ڀلي لاءِ سائنس ۽ عقل سان ملبوس ٿي، مذھب جي ھر عقيدي کي منھدم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، اھڙي وقت ۾ عقل جي تقاضا اھا آھي تہ جملي مذھبن کي سياسي ڳالھين کان علحده رکي، پاڻ ۾ اتحاد ڪري، دھريت جي وڌندڙ سيلاب کي منھن ڏيڻ گھرجي. پر ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي تہ اسلام ملا جي چوگان شطرنج ۾ روز بروز کيلوڻو ٿي ڪم اچي رھيو آھي. منجھائڻ اختلاف گهٽجڻ جي بجاءِ وڌي رھيا آھن. مذھبن جي حالت اھڙي آھي، جو ٻيڙي ڪن ۾ اچي پوي ۽ ناخدا پاڻ ۾ وڙھندا رھن. مذھب جو مڙدو نرڳ وڃي يا سرڳ وڃي، تنھن جي ھنن کي پرواھ نہ آھي. کين سندن مستقل مفاد محفوظ رکڻا آھن.
جيڪڏھن اسان جي ملڪ کي مٿي ذڪر ڪيل خرابين کان بچائڻو آھي، اخلاقي معيارن کي قائم رکڻو آھي، ظلم ۽ تشدد، نفرت ۽ استعمال غرضيءَ جي بيمارين کان ماڻھن کي آزاد ڪرڻو آھي، تہ مذھب کي سياست کان علحده ڪرڻو پوندو. ملا جي اسلامي تشريح کي ترڪ ڪري مذھب جي اھڙي تشريح ۾ اعتقاد رکڻو پوندو، جا موجودہ سائنسي دؤر جي تقاضا موجب انسان ذات جي مشڪلات کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندي ھجي.






(3)

صوفيائي ڪرام جي اسلامي تعبير جي وضاحت

قرآن ۾ ڪيترن جڳھين تي راسخون في العلم، متقين ۽ اولي الالباب جو ذڪر آيل آھي.
ھيٺون آيتون ان جي دليل ۾ پيش ڪريان ٿو:
(1)ھوالذي انزل عليڪ الکتاب منہ آيات محڪمات ھن ام الڪتاب وآخر متشاباھات فاما الذين في قلوبھم زيغ فيتبعون ما تشابه منہ ابتغاءَ الفتنہ و ابتغاءَ تاويله، وما يعلمه تاويله الا الله والراسخون في العلم يقولون آمنا بہ – کل من عند ربنا وما يذکر الا اولي الالباب.
معنى ھن اوھان تي ڪتاب نازل ڪيو آھي، جنھن جون ڪي آيتون فيصل ڪن (چٽيون) آھن. جي بنيادي آھن، ٻيون تشبيھي آھن پوءِ اھي ماڻھو جن جون دليون گمراھ آھن، سي تشبيھي حصي جي پيروي ڪري ان مان فتنا پيدا ڪن ٿا ۽ پنھنجي مرضي مطابق معنى ڪڍن ٿا. پر انھن جي صحيح معنى الله ۽ حقيقت الاشيا (راسخون في العلم) تي فڪر ڪرڻ وارن کان ٻئي کي خبر نہ آھي، جي چون ٿا اسان ايمان آندو آھي ان تي، جو خدا طرفان عطا ٿيل سمجهه ذريعي اسان کي معلوم ٿيڻو آھي – اھا ڳالھہ اھي ڪن ٿا، جي صاحب غور ۽ فڪر آھن.
(2) ذالڪ الڪتاب ھدى للمتقين.
معنى – ھي ڪتاب صاحب تقوى جي رھبري ڪري ٿو.
(3) قدخلت من قبلکم سنن فيسرو في الارض فانظرو ڪيف ڪان عاقبه المکذبين ھذا بيان للناس و ھدي وموعظتہ للمتقين.
معنى – اوھان کان اڳي ڪيتريون قومون ٿي گذريون آھن. سير ڪري ڏسو تہ غلط رستي تي ھلندڙن جو ڪھڙو حشر ٿيو، ھي ڳالھيون ۽ ھدايتون انھن ماڻھن لاءِ آھن جي تقوى جا صاحب آھن.
ھاڻ سوال اٿندو تہ اھي راسخ في العلم، اولي الالباب ۽ متقي ڪير آھن؟ ائين تہ ھر ڪو عقل ۽ حسن کان پاڻ کي خالي ڪونہ ٿو ڄاڻي. ملا بہ چئي سگهن ٿا تہ اھي وصفون يا خطاب سندن لاءِ بيان ڪيل آھن، تنھن ڪري ان سوال جي جواب لاءِ ضرور ڪا ڪسوٽي مقرر ڪرڻي پوندي. انھي ڪسوٽيءَ جو خود قرآن ۾ فيصلو ٿيل آھي تہ اھي ماڻھو ھيٺن وصفن وارا ھوندا.
(1)دنيا گھمي، تاريخ جو مطالعو ڪري، حقيقتن کان واقف ٿيا آھن.
(2) اھي ماڻھو جي، مقاصد انساني، يعني اتحاد، امن ۽ فلاح ۽ بھبودي انسانذات مان واقف آھن.
(3) اھي، جي غور ۽ فڪر بعد صحيح نتيجن تي پھچن ٿا.
(4) اھي، جي ماڻھن جي وچ ۾ فتني ۽ فساد جو ڪارڻ نٿا بنجن.
دنيا ۾ جملي ماڻھو ھڪ جھڙي صلاحيت، علم، اخلاق ۽ نفسياتي اصلاح جا نہ آھن. ڪي وھم پرست ۽ ڪي جاھل آھن. ڪي آزاد خيال ۽ عالم آھن. ڪي ڪٺور دل تہ ڪي رحمدل آھن. ڪي خود مطلب تہ ڪي پراپڪاري. سڀ شيءِ جا ٻہ پاسا آھن. اھڙي طرح ماڻھن جو طبعي رجحان، ارتقائي درجو ۽ طريقي ڪار بہ علحده ٿئي ٿو.
اھڙي حالت ابتدائي زماني کان ھلندي اچي ٿي. مذھبن ۽ علمن جي تاريخ تي نظر ڪبي تہ ان مان انھيءَ فطري رجحان جو پتو پئجي سگهندو.
مذھبي ماڻھن ۾ ھڪڙا ظاھري ۽ دنيوي ڳالھين سان زيادھہ دلچسپي رکندڙ آھن، ٻيا باطني ۽ حقيقي ڳالھين طرف توجهه ڏين ٿا. پھرئين قسم ۾ جادوگر، ظاھري مذھب سان واسطو رکندڙ، پنڊت، پادري، ربي، ملا وغيره داخل آھن. ٻئي قسم ۾ حڪيم، پيغمبر، ولي الله، درويش، راھب، سنت ۽ سنياسي شامل آھن.
جيئن تہ ڪثرت تعداد ماڻھن جو جاھل، وھم پرست، خودمطلب غير صالح پئي رھيو آھي، ان ڪري دنيا ۾ ھمشه پھرئين قسم جي مذھبي عقيدن ۽ دستورالعمل جو چالاڻو پئي رھيو آھي. ٻئي قسم جي ماڻھن، ٿورائيءَ ھئڻ ڪري، مصلحت وقت عام ماڻھن جي ڪم فھميءَ خود مطلبيءَ ۽ وھم پرستيءَ جو لحاظ رکي، پنھنجي تعليم کي چونڊيل ماڻھن تائين محدود پئي رکيو آھي.
جيڪڏھن صاحب طريقت ماڻھن جي تاريخ جو مطالعو ڪبو، تہ معلوم ٿيندو تہ اھڙي قسم جي تعليم جا آثار دنيا جي ھر مھذب قوم ۽ متمدن ملڪ ڏسڻ ۾ ايندا. يونان، مصر، عرب، ايران، چين ۽ ھندستان ۾ اھڙي تعليم جا آثار ملن ٿا. انھن جماعتن جا ھر ملڪ قوم ۽ مذھب ۾ بنيادي متا ھڪجھڙا ھئا.
مسلم صوفيائي ڪرام اسلام جو تعبير اُنھن اصولن مطابق پئي ڪيو آھي، جنھن جو بنياد عشق ۽ علم تي رکيائون ٿي، جن جي پڄاڻي يا حد مقرر ٿيڻ واري نہ آھي؛ زندگيءَ وانگر اھي سدائين ارتقائي تحرڪ ۾ ھئا –
نڪو سنڌو سور جو، نڪو سيڙھو سڪ،
عدد نہ آھي عشق، پڄاڻي پاڻ لھي.
صوفين جو چوڻ آھي تہ رسول مقبول صلعم، جي عام لاءِ ھدايتون ڏنيون، اھي شريعتي قانون بنيون، ۽ جي خاص لاءِ سمجهاڻيون ھيون، اھي طريقت ۽ معرفت جي علمن جو باعث بنيون. صوفين وٽ انھيءَ خاص علم جو شھر يا مخزن رسول مقبول ھو ۽ حضرت علي ان جو دروازو ھو. ان کان پوءِ خود طريقت جا ڪارڪن ٻن گروھن ۾ ورھائجي ويا:
ھڪڙن اخلاق جي درستيءَ ۽ نفسياتي اصلاح طرف زيادھہ توجه ڏنو، ۽ ٻين حقيقت اشيا ۽ انسانذات جي مجموعي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ زندگيون صرف ڪيون.
صوفين جو پھريون گروه:
ان ۾ مکيه چار طريقا پيدا ٿيا: قادري، سھروردي، چشتي ۽ نقشبندي. جن جي بزرگن، ماڻھن جي اخلاق کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، جيئن تہ رضا تي راضي رھڻ، ھر وقت شڪر ڪرڻ، مصيبت کي صبر سان برداشت ڪرڻ، ماڻھن سان فضيلت جو ورتاءُ وٺن، برن ڪمن کان ڪنارو ڪرڻ، حق ۽ صداقت مطابق پنھنجي قول ۽ فعل کي سنوارڻ، ۽نفسياتي اصلاح لاءِ تعصب، غصي، نفرت، تشدد، ڪيني وغيره کان گوشو ڪرڻ. اھڙن بزرگن ۾ حضرت جنيد بغدادي عليه، شبلي عليه، شيخ عبدالقادر جيلاني عليه، شيخ ابو نجيب سھروردي عليه، خواجه معين الدين اجميري عليه ۽ خواجه بھاءَ الدين نقشبندي عليه مکيه ھئا. اھي نہ صرف پڙھيل ۽ سمجهدار ماڻھن تي اثرانداز ٿيا، پر عام ماڻھن کي بہ پنھنجي طرف راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. انھن جي مکيه پاليسي اھا ھئي تہ مذھب جي ظاھري عقيدن ۽ دستورن جي ڇيڙڇار نہ ڪري، ان تي ھلندي، عوام ۽ خواص جي اخلاقي ۽ نفسياتي اصلاح لاءِ ڪوشش ڪندا رھن. انھن بزرگن، ماڻھن جي اخلاق ۽ نفس جي درستيءَ لاءِ گهڻو ڪجھه ڪيو.

صوفين جو ٻيو گروه:
ان گروه ھر ھڪ ڳالھہ جي تھه تائين وڃڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کي اھڙو مستغرق ڪري ڇڏيو، جو مذھبن جي ظاھري تسليم ڪيل دستور ۽ عقيدن جي افاديت ئي وٽانئن ختم ٿي ويئي. زندگي ڇا آھي؟ ان جي گذارڻ جا مقصد ڪھڙا آھن؟ ۽ حيات بعدالممات ۽ ڪائنات جي ٻين اونھين ڳالھين جي کوجنا طرف، ھو غور فڪر ڪندا رھيا.
انھن مصر، يونان، ايران ۽ عرب جي قديم فيلسوفن ۽ اھل طريقت جي معلومات مان فائدو ورتو، ۽ پاڻ بہ ان تي غور فڪر ڪندا رھيا. انھيءَ معلومات کان متاثر ٿي، ھنن ڪثرت مذاھب، دستورن ۽ عقيدن پويان بنيادي وحدت جو راز حاصل ڪري ورتو. تنھنڪري ھنن حوصلي کان ڪم وٺي، جملي مذھبن جي ظاھري عقيدن ۽ دستورن کي فرسوده ۽ غلط ڄاڻي، حقيقي مسئلن جي اپٽار ڪئي. ھنن کي پتو پئجي ويو ھو تہ مذھبن جا بنيادي مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم ھئا. موجودہ ظاھري مذھبن جي ڪثرت ان جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ ھئي. اھي مذھب مستقل مفاد بنجي پيا ھئا؛ جي نفرت پيدا ڪري انسانذات ۾ نفاق جو ڪارڻ بنيا ھئا. ان ڪري امن جي بجاءِ فساد پيدا ٿيو ھو. بدامنيءَ ۽ فساد جي حالتن ۾ انساني ترقيءَ جي راھ رڪجيو وڃي. مطلب تہ بقول شاعر –
رند روز شب آھن سدا، وحدت جي واديءَ ۾ غرق
وارو حال ھون. انھن پنھنجو رھبر عشق ۽ علم کي بنايو ھو. انھيءَ گروه ۾ ڪيئي بزرگ ٿي گذريا؛ پير منصور عليه، خواجه فريدالدين عطار عليه، شمس تبريز عليه، شيخ محي الدين ابن عربي، سرمد شھيد عليه، شاھ عنايت الله شھيد عليه، سچل سرمست وغيره مکيه ھئا.
انھن ۾ ھڪ گروه سالڪن جو ھو ۽ ھڪ مجذوبن جو. ٻئي وحدت الوجود (ويدانت، ھمه اوست) جا قائل ھئا. ليڪن ڪن مصلحت خاطر ، ملا واري مذھب جي کليءَ مخالفت ڪرڻ کان گوشو ڪيو، جن ۾ مولانا روم، شاھ ولي الله، شاھ عبدالطيف وغيره مکيه ھئا.
اِنھي ابتدائي تمھيد بعد، آءُ ٻئي گروه جي صوفين جي نقطہ نگاه تي روشني وجهندس.

صوفياءِ ڪرام جو پھريون عقيدو ؛
ڪثرت مذاھب پويان بنيادي وحدت جي پرک:
انھيءَ عقيدي جا ھيٺيان پھلو ھئا:
(الف) خدا سائينءَ طرفان ھر ملڪ، قوم ۽ زماني ۾ انسانذات جي اصلاح ۽ رھبري لاءِ حڪيم، پيغمبر، رشي پئي آيا آھن.
(ب) انھن جي تعليم مان ڪي بنيادي ۽ دائمي قسم جون ھدايتون ھيون، ۽ ڪي فروعي ۽ عارضي قسم جون ھدايتون ھيون.

(الف) ھر زماني ۾ برگزيده شخص جو اچڻ: صوفي ھن ڪائنات جي پيدا ٿيڻ کي حادثو تصور نٿو ڪري. ھن جي ڪنن ۾ “ما خلقت ھذا باطلا (معنى – ڇا، ھي سارو مانڊاڻ بنا ڪنھن مقصد جي بنايل آھي؟) جو آواز گونجي رھيو آھي. ھو ان کي ھڪ رٿا مطابق ڪن خاص مقصدن لاءِ پيدا ڪيل سمجهي ٿو. رٿا ۽ مقصدن ۾ ويساه ڪرڻ بعد ھن جو خيال ان طرف وڃي ٿو تہ ان ساري معاملي پويان ڪا وڏي طاقت ڪار فرما ھوندي. ان جا نالا ۽ تصور کڻي ڪھڙا بہ ھجن، پر ان جي وجود بابت کيس شڪ نٿو رھي. ان جا ڪي تصور ۽ نالا صفاتي آھن ۽ ھڪ ذاتي آھي. پيغمبر خدا صلعم ان ذاتي نالي کي الله جي نالي سان سڏيو. اھڙيءَ طرح ٻين مذھبن ۾ بہ ڪي ذاتي نالا آھن. ھنن جو عقيدو آھي تہ رٿا موجب ڪي شيون مظھر ۾ اچي، شڪل وٺي، ڪجھه وقت رھي، وري شڪل مٽائي ٻي صورت اختيار ڪن ٿيون. اھو سلسلو سدائين قائم رھي ٿو. بزرگن ان پلئن ۽ مقصد بابت وقت بوقت کوجنا ڪري، ان بحر عميق مان ڪي موتي ڪڍي ٻاھر ڪيا آھن –
شيوا ڪري سمونڊ جي، جت جر وھي ٿو جال،
سوين سپجن سمونڊ ۾، ماڻڪ موتي لعل،
جي ماسو جڙئي مال، تہ پوڄارا پر ٿئين. (شاھ سائينءَ)
جھڙي طرح ڪائنات جي پيدائش ۽ تبديليءَ جو سلسلو اڻ کٽ آھي، اھڙي طرح کوجنا جو سلسلو بہ ھميشه جاري رھڻ وارو آھي. ان جو انت ۽ علم ان ذات حقيقيءَ کان سواءِ ٻين کي تمام ٿورو ملي ٿو.
يسئلونڪ عن الروح قل الروح من امر ربي وما اوتيتم من العلم الا قليلاط
معني اي پيغمبر ماڻھو جيڪڏھن ان روح (راز حقيقي) بابت پڇا ڪن، تہ کين جواب ڏي تہ اھو خدا جو ڳجھه آھي. ماڻھن کي ان جو تمام ٿورو پتو پئجي سگهي ٿو. پيغمبر، حڪيم، سائنسدان، ان جا غواص (ٽوٻير) آھن، جي ٽٻيءَ مان ڪو داڻو ھٿ ڪري اچن ٿا.

(ب) برگزيده شخصن جي تعليم: جا ٻن ڀاڱن تي مشتمل آھي؛ (1) انھي پلئن (رٿا) ۽ مقصدن بابت معلوم ڪيل راز ٻڌائڻ، ۽ (2) ماڻھن جي حالتن ۽ ضرورتن پٽاندڙ ڪي اصلاحي ۽ تنظيمي تجويزون ڏسڻ. پھريون ڀاڱو دائمي ۽ بنيادي قسم جو آھي، ۽ ٻيو ڀاڱو عارضي ۽ فروعي قسم جو آھي.
دائمي ۽ بنيادي قسم جي تعليم جا ٻہ جزا آھن. ھڪ رٿا سان واسطو رکندڙ جزو، ۽ ٻيو مقاصد سان واسطو رکندڙ جزو.
رٿا سان واسطو رکندڙ : اھي ڳالھيون اسرار ڪائنات، خلقت اشيا، روح ۽ ماده (جسم ۽ جوھر) جي حقيقت، تسلسل حيات ۽ ان جي قسمن جي ڳالھين وغيره سان لاڳاپو رکن ٿيون. صوفي ان جي تشبيھه بحر عميق يا وسيع صحرا سان ڪري ٿو، جنھن جي سنڌي سيڙھي جو پتو نہ ھئڻ ڪري، حيرت ۾ اچي وڃي ٿو. خواجه حافظ صاحب ان جي ترجماني ھيٺين طرح ڪري ٿو:
کس ندانست که منزل گه معشوق کجا ست،
اين قدر ھست که بانگ جرسي مي آيد؛
در ھر طرف که رفتم جز حيرتم نيفزود،
فرياد زين بيابان وز راه بي نھايت.
باوجود انجي، ھو ڳولا ۾ سرگردان رھي ٿو. انھيءَ ۾ لطف اچيس ٿو. شاھ سائينءَ ان کي ھيٺين طرح پيش ڪري ٿو.
ڳوليان ڳوليان م لھان، شال م ملان ھوت،
من اندر جا لوچ، متان ملڻ سان ماٺي ٿئي.

(2) مقصد سان واسطو رکندڙ مسئلا: صوفي ڪائنات ۾ زندگيءَ جو مقصد ارتقائي راھ ۾ مسلسل جدوجھد ڏسي ٿو. انھيءَ ارتقا ۽ جدوجھد کي ھو عشق يا محبت جي نالي سان سڏي ٿو. ان کي ھو ھر مذھب جو روح سمجهي ٿو. ان جي پختگيءَ لاءِ، ھو ڪي اصولي قانون مقرر ڪري ٿو، جي کيس بي انت راھ ۾ رھبري ڪن ٿا. اھي اتحاد، امن ۽ ترقي انسانيءَ جا اصول آھن. ھن کي اھا پرواھ نہ آھي تہ ڪڏھين مقصد حاصل ٿيندا. پر اھا ڳالھہ ھن لاءِ ڪافي آھي تہ ھن جي ساري زندگيءَ ان راھ ۾ صرف ٿئي ٿي.
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گران بود، ادا شد چه بجا شد.

جي قيام مڙن، تہ بہ ويجھا ڀانئج سپرين. (شاھ)

فروعي ۽ عارضي قسم جون ھدايتون: اھي ٽن قسمن ۾ ورھايل آھن ؛ (ا) عقيدن سان واسطو رکندڙ ھدايتون، (2) باھمي تعلقات سان واسطو رکندڙ ھدايتون، (3) رسومات ۽ عبادات سان واسطو رکندڙ ھدايتون.

(1)عقيدن سان واسطو رکندڙ ھدايتون: صاحب فھم ۽ فراست کي جڏھين پتو پيو تہ انساني طبيعتن کي موڙي فرمانبدار بنائڻ ۽ درست ڪرڻ لاءِ خوف ۽ لالچ جي نفسياتي اثر کي گهڻو دخل آھي، تہ ھنن انھي ٻنھي ڳالھين جي استعمال مان ڪم وٺڻ شروع ڪيو آھي. جن کي بدني طاقت ۽ پيسو ھو، انھن ھنن ڳالھين کي ملڪي نظم ۽ نسق جي برقرار رکڻ ۽ پنھنجي شخصي ۽ طبقاتي مفاد جي قائم رکڻ لاءِ ڪم آندو؛ ليڪن جن کي بدني ۽ مالي طاقت جي عيوض علمي ۽ عقلي ڏاتيون عطا ٿيل ھيون، انھن وري ماڻھن جي وھم پرستي، لڪل طاقتن جي خوف، قديم عقيدن ۽ مختلف قسم جي ڪمزورين مان فائدو وٺي، ڊپ ۽ دلاسو ڏيئي، مذھبن جي ترتيب، نظام ۽ فروغ لاءِ انھن کي ڪم آندو.
اھڙي طرح، حاڪمن گذريل قبيلائي روايات، شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي مدنظر رکي، ملڪي نظام لاءِ ڪي دستور مرتب ڪيا، جن کي اڳي ھلي قانون جي نالي سان سڏيو ويو؛ ۽ مذھبي مھندارن گناه ۽ ثواب، سزا ۽ جزا لاءِ قانون ۽ دستور مرتب ڪري، انھن کي شريعتون سڏيو. ٻنھي جا بنيادي محرڪ جذبا (Incentives)ساڳيا خوف ۽ لالچ ھئا. تفاوت ۾ ٻنھي ۾ ھي ھو تہ ملڪي حڪومتن جي سزا جلد ملڻ واري ھئي ۽ مذھب وارن جي جزا ۽ سزا جو آخرت ۾ بھشت ۽ دوزخ جي صورت ۾ ملڻ جو انتظار ڪرڻو ھو. اھل حڪومت ۾ ظالم ۽ خود مطلبين جو تعدا زيادھہ ھو، ۽ مذھبي مھندار انھن کان نرم ۽ ڪجھه قدر رحمدل ھئا.
ڪنھن وقت اھي ٻيئي اداره علحده پئي ھليا آھن. ليڪن اڪثري ٻنھي جا مستقل مفاد ڪم و پيش ساڳيا ھئڻ ڪري، ٻنھي گڏجي ھڪٻئي جي تعاون سان ڪم ڪيو آھي. انھيءَ ڏس ۾ شاذ و نادر مذھبي مھندارن جو اثر غالب رھيو آھي. اڪثر ڪري، حاڪمن سان سندن مستقل مفاد ڳنڍيل ھئڻ ڪري، اھل حڪومت جي مرضي مطابق مذھبن کي مروڙي پئي ڪتب آندو آھي. ازانسواءِ ماڻھن بہ حڪام وقت جي طاقت کي نقد ۽ مذھبي مھندارن جي قوت کي اُڌارا ڄاڻي، پھرئين کي ترجيح پئي ڏني آھي. حاڪمن جي جزا ۽ سزا ترت ملڻ واري ھئي. مذھبي جزا سزا لاءِ قيامت تائين ترسڻو ھو.
جيستائين حد کان وڌيڪ اِنھن ٻنھي گروھن سندن شخصي ۽ طبقاتي مفاد لاءِ حڪومت ۽ مذھب جو ناجائز استعمال نہ پئي ڪيو، ماڻھن سندن معمولي خود غرضي ۽ ظلمن کي برداشت پئي ڪيو. پر جڏھين بہ ٻنھي يا ھڪ جو ظلم ۽ استعمال غرضي حد کان لنگھي ٿي ويئي، تہ ڪيترن کي غيرت ٿي آئي، ۽ ھنن ان جي خلاف بغاوت ڪئي ٿي، يا ڪم از ڪم آواز اٿاريو ٿي.
گذريل پنج سؤ ورھين کان دنيا جي اڪثر ملڪن جون سماجي حالتون بدلجي چڪيون ھيون. ماڻھن حڪومتن ۽ مذھبن جي جوڙجڪ ۽ دستورن تي سوچڻ شروع ڪيو ھو، انھيءَ ڪري پھرين مغربي ملڪن،پوءِ انھن جي پوئلڳيءَ ۾ ٻين ملڪن به، حڪومتون جمھوري طريقي تي ھلڻ لڳيون، ۽ ماڻھن مذھبن کي سياست کان جدا ڪري، مذھب کي ماڻھوءَ جو شخصي عقيدو ٺھرائي، عقل جي بنياد تي ھر ڳالھہ سوچڻ شروع ڪئي.
مسلمان جي ڪثرت تعداد ملڪن بہ انھيءَ مطابق ھلڻ شروع ڪيو؛ ليڪن بدقسمتيءَ سان ھن وقت دنيا ۾ صرف پاڪستان ئي ھڪ مسلمان ملڪ آھي، جنھن ۾ باوجود معاشري ۽ حالتن جي بدلجڻ جي بہ چند گروھن جي مستقل مفاد خاطر، ملا جي شموليت سان، مذھب جو ناجائز استعمال ٿي رھيو آھي.
آءُ مٿي ٻڌائي آيو آھيان تہ ملا جي تشريح واري اسلام جا اڪثر عقيدا ۽ دستور عقل ۽ سائنسي تجربن جي بنياد تي غلط، فرسوده ۽ بيڪار بنجي چڪا آھن. انھن جي ملڪي معاملن ۾ دست اندازي عارضي ۽ وقتي ضرورتن جي تقاضا ڪري ھئي؛ پر ھن وقت حالتن ۽ معاشري جي تبديلي ڪري، اھي عقيدا ۽ دستور دقيانوسي پيا معلوم ٿين. خود صحيح مذھب اسلام جي عزت ۽ وقار قائم رکڻ خاطر انھن کي خير باد چوڻ گھرجي. اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ملا ۽ حاڪم ان ڳالھہ تي رضامند نہ ٿيندو، جو سندن مستقل مفاد لاءِ، اھي ھٿي ڏيندڙ ۽ سندن عوام تي اقتدار قائم رکڻ لاءِ ڪار آمد آھن.
ملوڪيت ۽ ملا لازم و ملزوم آھن ٻئي،
سڃاتو جن اڃا پوريءَ طرح قرآن ئي ناھي.
“خواب”
ليڪن ھر آزاد خيال ۽ اسلام جي صحيح تعليم مان واقف ماڻھوءَ جو فرض ٿيو پوي تہ انھيءَ “تشدد ۽ تقوى” جي ڪڙي کي ٽوڙڻ لاءِ ڪوشش ڪري. اِھي ويچار گهڻي وقت کان اھل دل ۽ خدا ترس بزرگن طرفان ظاھر پئي ڪيا ويا آھن، جن جا زرين قول ھر ٻوليءَ ۾ اڄ بہ موجودہ آھن.
اسان جو شاھ سائين عليه الرحمتہ فرمائي ٿو:
ملين مٺو ماءُ، پتو ڦٿس پيٽ ۾،
سڃاڻي الله ، ٽٻي ڏنائين ڌوڙ ۾. (شاھ)
سچل سرمست عليه الرحمتہ فرمائي ٿو ته
منجھائي ماڻھن کي، ماضين، مذھبن،
محڪم ماڻھن کي ڪيو، تن جي زنجيرن،
ھون حديثن ڪينڪي، نہ ۾ آيتن،
سي سوگھا سڀئي ڪيا، نامراد نيرن.

(2) باھمي تعلقات سان واسطو رکندڙ ھدايتون: انھن ڳالھين جو اخلاق سان واسطو آھي. انگريزي ۾ ان کي (Ethics)سڏجي ٿو.مذھبي شريعت ۾ فقه ذريعي ان جو اظھار ڪيو ويو آھي.
باھمي تعلقات سان واسطو رکندڙ دستور ۽ قانون بدليل حالتن جي تقاضا، نت نين معاشري جي ضرورتن، مختلف نسلن، ملڪن جي ماڻھن جي قديم روايات ۽ رجحانن سبب وقت بوقت پئي تبديل ٿيا آھن، ۽ ٿيندا رھندا. مذھبي قانون بہ انھي عام ارتقائي قانون کان ڇٽل نہ آھن. ملڪي مدبرن، پيغمبرن ۽ مصلحن، انھن ڳالھين کي نظر ۾ رکي، جماعتي دستورن جي تعمير پئي ڪئي آھي. ھن سلسلي ۾ ڪي اھڙيون ڳالھيون آھن، جن بابت گهڻي غلط فھمي پکڙيل آھي، تنھنڪري ضرورت آھي تہ پھرين انھن کي صاف ڪجي.
ان باري ۾ پھرين ڳالھہ ھي ياد رکڻ جھڙي آھي، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، تہ ماڻھن جي باھمي تعلقات جا قانون، پوءِ اھي حڪومتن طرفان ٺاھيل ھجن يا مذھبن طرفان، دائمي ٿي نٿا سگهن. اھي حالتن جي تبديليءَ ۽ معاشري جي ڦير گھير سبب بدلجي سگهن ٿا.
ٻي ڳالھہ ھيءَ تہ عام ماڻھو نفسياتي طور قدامت پسند آھن، جن عقيدن ۽ دستورن سان مانوس ٿيو وڃن، تن کي بدلائڻ تي جلد رضامند نہ ٿا ٿين.
ٽين ڳالھہ ھيءَ آھي تہ مذھبي يا جماعتي دستورن جي ھلائڻ جي چارج جن ماڻھن جي ھٿ رھي ٿي، تن جي مستقل مفاد جي تقاضا انھن جي بدلائڻ جي خلاف رھي ٿي.
چوٿين ڳالھہ تہ اسلام جي نالي ۾ مقرر ٿيل شريعتي قانون، عرب ملڪ جي بدويانہ دور ۾ تيار ڪيل ھئا، جنھن وقت معاشرو قبيلائي بنيادن تي تعمير ٿيل ھو. موجودہ تمدن، ھنري ۽ سائنسي دؤر جو تقاضائون علحده آھن.
تنھنڪري، موجودہ دؤر جي بدليل حالتن ۽ معاشري جي ڦير گھير ڪري، ملڪن ۽ قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڳالھين سان تعلق رکندڙ مسئلا نئون رخ اختيار ڪري ويا آھن؛ تنھنڪري ملا واري تشريح جا شريعتي دستور سندن افاديت وڃائي چڪا آھن. وقت آيو آھي تہ انھن کي بدليل حالتن جي تقاضا ۽ معاشري جي ضرورتن مطابق، نون نظرين جي بنياد تي، عوام جي رضامندي سان، نئين سر مرتب ڪيو وڃي. ان لاءِ ھيٺين ڳالھين بابت خاص توجه لھڻو:
(1)ماڻھن جي غربت ۽ بي روزگاري دور ڪري، سندن معيار زندگيءَ بلند ڪرڻ لاءِ تجويزون رٿڻ.
(2) دنيا ۾مروج سياسي نظرين مان ڪھڙو اسان لاءِ موزون ۽ ڪارآمد ٿي سگهندو، ان تي غور ڪرڻ.
(3) اخلاقي ۽ سماجي قانونن ۽ دستورن جي نئين سر ترتيب.
صوفي ۽ جديد علم ۽ سائنس سان ملبوس ماڻھو قديم مذھبي شريعتن جي افاديت ختم ٿيل ڏسي ٿو. ھن کي معلوم آھي تہ اھي دستور يا اخلاقي قانون وقتي ضرورتن ۽ معاشري جي تقاضائن مطابق بنايل ھئا، جي حالتن جي بدلجڻ ڪري، تبديل ٿيڻ گھرجن؛ پر ملا طرفان ان جي مخالفت ٿئي ٿي. چي، اھي قانون بدلجي نٿا سگهن، جو اسلام دين مڪمل آھي؛ پر مٿي ذڪر ڪيل ماڻھن کي پتو آھي تہ ملا طرفان اھڙي ڳالھہ جو اظھار تعجب خيز نہ آھي. ھڪ تہ ان مان سندن مستقل مفاد کي نقصان پھچڻ جو انديشو آھي. ازانسواءِ خود سندس اسلامي تشريح غلط بنيادن تي تعمير ٿيل آھي.
صوفيءَ جي نظر ۾ ماڻھو نورالاھي ھئڻ ڪري، مذھبن جا غلام ٿي نٿا سگهن. مذھبي دستور سندن مفاد لاءِ بنايل ھئا. جڏھين اھي زماني جي تبديليءَ ڪري، فائدي جي بدران نقصان جو باعث بنجن ٿا، تہ انھن کي ھو غير موسمي ڪپڙن وانگر اڇلي ڦٽو ڪري ٿو.
بيدل سائين فرمائي ٿو ته
مذھب واري قيد کون بيدل، عشق ڪيو آزاد!
ٻئي درويش چيو آھي ته
ڏسو عشق جا انصاف، مڙيئي مذھب ڪيائين معاف!

(3) رسومات ۽ عبادات: انسان نفسياتي طور ذي حس ۽ جذباتي جانور آھي. ھر خوف، نقصان، رنج، غصو، ڳڻتي وغيره سندس قلبي سڪون ۽ دلي جمعيت کي لوڏيو ڇڏي.
جھڙيءَ طرح جسماني بيمارين لاءِ ڪي عارضي ۽ ڪي دائمي علاج حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن طرفان رٿيا ويا آھن، اھڙي طرح ذھني ۽ نفسياتي تڪليفن جي رفع ڪرڻ يا گهٽائڻ لاءِ بہ ڪن بزرگن طرفان ڪي عارضي ۽ ڪي دائمي قسم جون تدبيرون سوچيون ۽ ڏسيون ويئون آھن.
ليڪن ھيءَ ڳالھہ صاف سمجهڻ جي لائق آھي تہ جھڙيءَ طرح جسماني مرضن جي علاج لاءِ مختلف وقتن ۾ معلومات ۽ تجربن جي بنياد تي جدا جدا علاج رٿيا ويا ھئا. جھڙوڪ ڪنھن وقت سڱيون ھڻائڻ، رما لڳائڻ، سيرون ڇوڙائڻ، ڏنڀ ڏيڻ، کلون چاڙھائڻ ۽ مارون ڏيئي بيماري ڪڍڻ جو عام دستور ھو، ليڪن ھاڻ انھن کي وحشيانہ علاج سمجهي ترڪ ڪيو ويو آھي ۽ انھن جي جاءِ تي جديد ايلوپيٿي وغيره علاج ڪيا وڃن ٿا؛ اھڙيءَ طرح نفسياتي تڪليفن لاءِ بہ ڪي طريقا ۽ تجويزون سوچيون ويئون ھيون، انھن ۾ ڪريا ڪرم، عبادتون، ورد، وظيفا، ڦيڻا، ڇنڊا، ڌاڳا، تعويذ وغيره شامل ھئا.
مسلمانن ۾ ھيٺيان عبادت جا طريقا مروج آھن: (1) نماز، (2) وظيفا، (3) چله ڪشي، (4) قرآن خواني، (5) درود خواني وغيره.
نماز کي مسلماني عبادتن ۾ مکيه درجو حاصل آھي. ان کي ملن اسلام جي مکيه رڪنن مان ھڪ ڪري شمار ڪيو آھي. چيو اٿن ته
روز محشر که جان گداز بود، اولين پرسش نماز بود
(يعني، روز محشر سڀ کان اول نماز بابت پڇا ڪئي ويندي. )
جيڪڏھن انھيءَ مسئلي تي غور ڪبو تہ معلوم ٿيندو تہ نماز مان ھيٺين فائدن حاصل ٿيڻ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو: (1) خدا جي رضامندي، (2) تزڪيه نفس (نفس جي صفائي)، (3) سڪون قلب (دل جي شانتي)، (4) آخرت جو نفعو، ۽ (5) گناھن کان ڇوٽڪاڙو.
انھن ذڪر ڪيل فائدن مان ھر ھڪ تي روشني وجهڻ بھتر ٿو سمجهان.
1 نماز خدا جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ: انھيءَ عقيدي جو بنياد خدا جي شخصي تصور تي رکيل آھي، جنھن مطابق خدا سائين ماڻھن وانگر خوشي ۽ رنج جي صفتن سان موصوف آھي. ملن جو چوڻ آھي تہ خدا سائين سندس پيدا ڪيل ماڻھن جي ھر ھڪ ڪم کي ڏسي رھيو آھي. ھو ڪن ڪمن تي راضي ۽ ڪن تي ناراض ٿئي ٿو. ان بابت مذھبي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل آھي تہ ماڻھن تي ٻن قسمن جا فرائض ٿين ٿا: (1) حقوق الله، (2) حقوق العباد.
حقوق العباد جو ذڪر باھمي تعلقات جي احوال ۾ ڪري آيو آھيان.
نماز حقوق الله ۾ داخل آھي. ملا جو چوڻ آھي تہ خدا سائين ماڻھو کي پيدا ڪيو آھي. ھن کي زنده رکي، گذر مھيا ڪري ڏئي ٿو ۽ کيس تندرستي عطا ڪئي اٿس. ان ڪري، فرمانبدار ۽ صالح بندي ھئڻ ڪري، ھن کي انھن نعمتن واسطي خدا جا شڪرانا بجا آڻڻ لاءِ خدا جي عبادت ڪرڻ لازمي ٿيو پوي، ۽نماز بھترين قسم جي عبادت آھي.

صوفيءَ جي نظر ۾ خدا جو شخصي تصور نا قابل قبول آھي. ھي خدا کي شڪل، مڪان، زمان، اسباب ۽ سڀني انساني صفتن کان مٿي ۽ پاڪ سمجهي ٿو. ھو قائم بذات ۽ بي نياز آھي. ھونہ ڪنھن جو ڄائو آھي، نہ ڪنھن کي ڄڻيو اٿس. ھن کي کاڌي، خوشامد ۽ ٻيءَ ڪنھن بہ شيءِ جي ضرورت نہ آھي. ھو نفسياتي صفتن کان، جن ۾ خوشي ۽ رنج ٻئي اچي وڃن ٿا، آزاد آھي. ھو “ساھ جي رڳ کان ويجھو” ۽ “ھر جاءِ حاضر ناظر” آھي. صوفي جو آخري نڪتو اھو آھي تہ اسان ڪجھه نہ آھيون، سڀ ڪجھه ذات الاھي آھي. صفت کي ڪا جدا ھستي ۽ وجود نٿو ٿئي، ان ڪري نماز جو اھو پھلو صوفيءَ جي نظر ۾ بي معنى ۽ بي مطلب ٿيو پوي
سڀ ڇڏيائون سانگ، ڪندا ڪوه نماز کي،
جيڏانھن عالم آسرو، تيڏانھن ڪن نہ تانگ،
نڪي پڙھن ڪلمو، نڪي ٻڌن ٻانگ،
لاھوتي بي لانگ، عدم کون اڳي ويا. (بيدل)
ان کان سواءَ چله ڪشي، وظيفا ۽ قرآن خواني ۽ درود پڙھڻ وغيره بہ مسلمانن جي عبادت ۾ شامل آھي. اھل علم ۽ تاريخدانن کي پتو آھي تہ زماني قديم کان وٺي، موجودہ مذھبن جي پيدائش کان بہ اڳ، ماڻھن ۾ ڪن لفظن جي دھرائڻ جي تاثير ۾ اعتقاد ھو. ان لاءِ تپسيا ڪرڻ ۽ چلن ڪڍڻ جو رواج بہ جاري ھو. انھن جي اثر سان ھو وڏين طاقتن کي تسخير يا رضامند ڪرڻ جو ويساه رکندا آيا آھن. مسلمانن بہ انھن جي تتبع ۾ انھن ڳالھين جي افاديت ۾ اعتبار پئي رکيو آھي، ليڪن تجربي ۽ عقل جي ڪسوٽيءَ تي انھن جو مؤثر ھئڻ مشڪوڪ ٿي ويو آھي. ان ڪري دانشمند ماڻھو انھن ڳالھين کي طفل – تسلي کان وڌيڪ حيثيث نٿا رکن.
2 نماز نفس جي صفائي يا اندر اجارڻ لاءِ: تزڪيه نفس جي معنى ڪثيف حيواني خواھشن ۽ سڌن مان نجات حاصل ڪرڻ کي سڏيو ويندو آھي. ھاڻ اسان کي ڏسڻو آھي تہ اھي ڪھڙيون خواھشون ۽ سڌون آھن، جن کان ماڻھو کي ڇوٽڪاڙو حاصل ڪرڻ جي طلب آھي.
سڌون ۽ خواھشون ڇا آھن، انھن جي پيدا ٿيڻ جا ڪارڻ ڪھڙا آھن. ان جو ذڪر طوالت جو باعث بنجي، ھن مضمون جي دائري کان ٻاھر ٿي ويندو. ان جي پوريءَ معلومات لاءِ علم نفسيات يا من وديا جي ڪتابن کي پڙھڻ گھرجي، جنھن کي انگريزي زبان ۾ (Pyschology)جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ھتي ھي چوڻ ڪافي ٿيندو تہ فطري سڌن ۽ خواھشن کان قطعي ڇوٽڪارو انسان کي بيڪار ۽ مرده دل بڻائي ڇڏي ٿو. انھن جو ھڪ حد اندر ھئڻ ضروري آھي. صرف، صحيح ۽ غلط جي تميز بعد، انھن جو صحيح طرف رجحان موڙڻ ضروري آھي. انھيءَ واسطي صوفين نفس کي ٽن درجن ۾ ورھايو آھي (ا) نفس آماره، (2) نفس لوامه، (3) نفس مطمئه.
(1)نفس آماره: اھو نفس جو درجو تميز ۽ عقل جي خاصيتن ۾ ناقص ھوندو آھي. جھڙيءَ طرح ڪو جانور سائو گاھ ڏسي، يڪدم خواھش جو تابع ٿي، وڃي اھو کائڻ لڳندو آھي، ۽ نتيجن جي ان کي پرواھ نہ ھوندي آھي، ۽ ان کي اھو پتو نہ ھوندو آھي تہ اھو گاھ پراڻو آھي، جنھن جي کائڻ تي بندش آھي يا ان جي کائڻ مان سندس صحت کي نقصان پھچڻ جو انديشو آھي، وغيره. ماڻھو بہ وحشيانہ دؤر ۾ انھي حالت کي ويجھا ھئا. پر جيئن پوءِ تيئن تجربي ۽ علم ڪري ويا ان کان مٿي چڙھندا. ھن وقت شايد تمام ٿوڙا اھڙا ماڻھو ھجن، جن کي فائديمند ۽ نقصانڪار شين جي تميز نہ ھجي، ليڪن ڇاڪاڻ تہ صحيح ۽ غلط جا معيار ۽ تصور جدا جدا پئي رھيا آھن، ان ڪري اھو معاملو ذرا ڏکيو پيو نظر اچي تہ پوري طرح صحيح تميز پيدا ٿيڻ جي ڪٿ ڪري سگهجي، ۽ اھو نفس آماره جي دائري کان مٿڀرو آھي.
(2) نفس لوامه: نفس جو ھي درجو اھو آھي، جنھن ۾ ماڻھو کي رواجي طرح قبيلي ۽ جماعت جي دستورن ۽ قديم تجربي ۽ روايات مطابق غلط صحيح، بري ۽ ڀلي جي تميز جو پتو پوي ٿو. غلط ۽ صحيح، بري ۽ ڀلي بابت مختلف زمانن ۾ قبيلن، مذھبن ۽ معاشرن جدا جدا معيار قائم ڪيا آھن. تنھنڪري ان جي تميز ۽ ڇنڊڇاڻ مذھبي احڪامن ۽ حڪومتن جي قانونن جي موجودگيءَ ۾ محدود ٿيو پوي. بھرحال ھن وقت ۾ ماڻھو کي ڪجھه مڙيئي خبر ۽ تميز رھي ٿي. پر سوال اٿي ٿو تہ سندس قوت ارادي ايتري مضبوط ٿي آھي يا نه، جو نفسي سڌ کي ڇڏي، دستوري پاپندين جي تعميل ڪري، ھي نفس جو درجو ماڻھوءَ کي دوراھي تي آڻي ٿو، جتي ھو ڪڏھين نفساني خواھشن جي پيروي ڪري ٿو، ڪڏھين اخلاقي دستورن جي پوئلڳي. اڪثري حالتن ۾، نفسياتي خواھشن جي طاقتور ھئڻ ڪري، ھن کان برا ڪم سرزد ٿيو وڃن.
(3) نفس مطمئه: نفس جو ھي اھو درجو آھي، جو ڪن مخصوص ماڻھن کي نصيب ٿئي ٿو. اھي نہ صرف غير معمولي علميت ۽ دانش جي لباس سان ملبوس رھن ٿا، ليڪن انھن جي قوت ارادي ۽ صلاحيت عمل اھڙي درجي تي پھتل آھي، جنھن ۾ ھو اڪثري غلط ۽ برن ڪمن کان پري رھن ٿا. پر “انسان خطا جو گهر آھي، ” جي مثال وانگر، بعضي پيغمبرن ۽ درويشن کان خطائون ٿيو وڃن.
ھاڻ سوال اٿندو تہ نماز ۽ عبادت ڪھڙي نفس واري گروه لاءِ ڪارآمد ٿي سگهي ٿي. جواب ظاھر آھي تہ ان جو فائدو پھرئين ۽ ٻئي گروه کي گهڻو پھچي سگهي ٿو. ٽئين گروه واري کي ان مان ڪو خاص فائدو ڪونہ پھچندو. ليڪن اھو فائدو انھن کي بہ تڏھين پھچي سگهندو، جڏھن نماز يا عبادت صدق دل، خيال جي يڪسوئيءَ ۽ پوري توجه سان ادا ڪئي وڃي. عبادت ڪرڻ وقت اھڙي ماڻھو کي پتو ھجي تہ ڇا چئي رھيو آھي. جنھن جي عبادت ڪريا يا جنھن کان دعا گھري رھيو آھي، ان کي ھو حاضر ناظر ڄاڻي. ان وقت ھن جي دل خام خيالن کان خالي ھجي. اڳي نماز باجماعت پڙھڻ ڪري، صالحن جي صحبت نصيب ٿيندي ھئي. اڪيلي طور پڙھڻ مان غور ۽ فڪر جو موقعو ملندو ھو. پر اندازو لڳائڻو آھي تہ اھڙي قسم جي عبادت گهڻا ٿا ڪن؟ سامان ۾ ملاوت ڪرڻ يا چور بازاري ڪرڻ وارو واپاري نماز ۾ اھي بہ خيال پچائيندو رھي ٿو. رشوتي ڪامورو يا وڏو ماڻھو اڄڪلھه نماز کي پنھنجي پرده پوشيءَ لاءِ ڪم آڻي ٿو. خود مطلب ۽ ظالم پنھنجين خرابين کي ڇڏڻ لاءِ تيار نہ آھن. تہ پوءِ ان جو نتيجو بہ اھو ٿو نڪري تہ عبادت مان ڪن ٿورن جي نفس جي صفائي ٿئي ٿي. عام طرح ان جو اثر تمام گهٽ ٿئي ٿو. نماز يا عبادت جي افاديت جو اھو حال ڏسي، شاھ باھو عليه الرحمتہ فرمايو تہ
نفل نمازان ڪم زنانيان داتي روزي صرفا روٽي ، ھو
مڪي ديول اوئي جاون گهر دي ھوون ٽوٽي، ھو
اُچيان بانگان اوئي ڏيون نيت جنھان دي کوٽي، ھو –
ڪي پرواه تنھانون “باھو”، جنھا گهر وچ لڌي بوٽي، ھو

شاھ لطيف عليه الرحمتہ انھيءَ کي مدنظر رکي فرمائي ٿو:
روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱو ڪم،
اُوڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسجي پرينءَ کي.
علامه شيخ محمد اقبال عليه فرمائي ٿو ته
جو سر بسجده ھوا کبھي، تو زمين سي آني لگي سدا،
ترا دل تو ھي صنم آشنا، تجھي کيا ملي گا نماز مين!
حضرت بلا شاھ عليه فرمائي ٿو ته
روزي حج نماز ني مائي،
مينون پيا نين آن بھلائي.

(3) نماز قلب جي سڪون لاءِ: اھا ڳالھہ حقيقت آھي تہ مشڪلاتن، تڪليفن، بيمارين ۽ ڏکن ۽ دردن جي وقت جڏھين ماڻھو مغموم ۽ مضطرب ٿئي ٿو، تہ ان وقت کيس آٿٿ، ڏڍ ۽ دلاسي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. عبادت اھڙن وقتن ۾ دل جو سڪون ڏئي ٿي. ماڻھو انھن حالتن ۾ جانورن، دريائن، بتن، ديوتائن، ديوين ۽ خدا کان پئي مدد ۽ دعا گھري آھي، ان ڪري کيس تڪليفن مان ڇوٽڪاڙو مليو آھي يا نه، ليڪن نفسياتي طور، عارضي طرح، اطمينان قلب پئي حاصل ٿيو اٿس. ان ڪري عبادت کي دل جي ڇنڊي (Sedative)۽ مفرح(Tranquilizer) دوا طور پئي ڪتب آندو ويو آھي. ليڪن اھو سوال اٿي ٿو تہ ھر دوا جي بي وقت ۽ حد کان وڌيڪ استعمال ان جي افاديت وڃايو ڇڏي. جھڙي طرح دوا جي عادي ٿيڻ ڪري، اُھا اثر وڃايو ڇڏي، اھڙي طرح سان ھر وقت، بنا ضرورت جي، دعا ۽ عبادت جي عادت بہ پنھنجو اثر گهٽايو ڇڏي. ان جو مطلب اھو بہ نہ آھي تہ دل جو سڪون صرف نماز مان حاصل ٿئي ٿو. ھر مذھب وارن ھن عبادت جا جدا جدا طريقا رٿيا آھن. تنھنڪري سڀ ڪنھن طرح جي عبادت دل جي ڇنڊي ۽ مفرح جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي.

(4) نماز آخرت جي فائدي لاءِ: چوٿون فائدو نماز جو آخرت جي ڀلائيءَ جو بيان ڪيو وڃي ٿو. صوفي، ملا واري آخرت کي ڪونہ ٿو مڃي. ھن کي معلوم آھي تہ بھشت، دوزخ، پلصراط، قيامت وغيره اٻوجهه ماڻھن کي لالچائڻ يا ڊيڄارڻ لاءِ ذريعا ڪري پئي ڪتب آندا ويا آھن. انھن جو حقيقت ۾ ڪو وجود ئي نہ آھي. تنھن ڪري جيڪا شيءِ ھجيئي ڪانه، ان جي فائدي لاءِ عبادت ڪرڻ جي ڪا معنى ئي ڪانہ آھي. ازانسواءِ صوفي عاشق آھن. ھن جو ھر ڪم دوست جي رضامندي ۽ دل جي خوشيءَ لاءِ، ۽ نہ سودي ۾ عيوضي وٺڻ لاءِ، ٿئي ٿو. عبادت جي جيڪڏھن ھو ضرورت سمجهي تہ البت محبت الاھيءَ لاءِ ڪري سگهي ٿو. ليڪن آخرت جي نفعي لاءِ عبادت ڪرڻ سندس اصولن جي خلاف آھي.
(5) نماز گناھن کان ڇوٽڪاري لاءِ: عبادت جو اھو تخيل بہ صاحب فھم فراست ۽ صوفيءَ وٽ قابل قبول نہ آھي. ھن کي پتو آھي تہ جماعتي ڏوھ خدا جي عبادت ڪرڻ ڪري معاف نٿا ٿي سگهن. جيڪڏھن ائين مڃبو، تہ پوءِ ھر ڪو ماڻھو چوري ڪري، ڌاڙا ھڻي، ٻين کي ٺڳي، واپار جي شين ۾ ملاوت ڪري، چور بازاري، سمگلنگ، خون، ظلم ڪرڻ بعد، عبادت سان خدا کان معافي وٺي ، آزاد ٿي سگهي ٿو! اھڙي اعتقاد رکندڙن جو خبر نہ آھي تہ خدا بنسبت ڪھڙو تصور آھي. ڇا، ھو عادل نہ آھي، جو سندن خوشامد ۽ رشوت تي راضي ٿي، سندن ھٿان ھڪڙن بندن کي پھتل نقصانن کي نظرانداز ڪري، کين گناھ ۽ ظلم جا ڪيل ڪم معاف ڪري ڇڏيندو. نماز ۽ عبادت ۾ گناھن کان بيزاري ۽ توبه البت ڪجھه معنى رکي ٿي. ليڪن گناھن کان بخشش جو خيال بہ رکڻ خدا جي عادل ۽ مصنف ھئڻ کي غلط ٺھرائڻ جي برابر آھي. ھن وقت حالت ڪھڙي آھي؟ ھر قسم جو ڏوھاڙي پنھنجي ڏوھ وارو ڌنڌو چالو رکيو اچي، ۽ عبادت بہ ڪندو اچي! ان جو مطلب ڪھڙو آھي؟ صوفي ان کي ڌوڪي ۽ منافقي جي نالي سان سڏي ٿو. شاه باھو عليه الرحمتہ فرمائي ٿو تہ
پڙھ پڙھ حافظ ڪرن تڪبر، ملان ڪرن وڏائي، ھو
گليان دي وچ ڦرن نماڻي، بغل ڪتابان چائي، ھو
جتي ڏيکن چڱا چوکا، اتي پڙھن ڪلام سوائي، ھو
ڏوھين جھان انھان دي مٺي “باھو”، جنھان کاڌي بيچ ڪمائي، ھو
اھڙي طرح ٻين مذھبي رسمن جي بہ صاحب فراست وٽ ڪا وقعت نہ آھي. انھن کي ھو قديم زماني جا بيڪار ۽ بي معنى رواج ۽ رسمون ڄاڻي ڦٽي ڪريو ڇڏي. حج ڪرڻ، قرباني ڏيڻ، قبرن تي وڃي دعائون گھرڻ، ختما ڏيارڻ، تعويذ، ڌاڳا، ڦيڻا، ڇنڊا ھڻڻ کي ھو بي معنى ۽ بي مطلب سمجهي ٿو.

(2) صوفي جو ٻيو عقيدو
دين جي نظام کي ھو روح اسلام جي خلاف ڄاڻي ٿو.
صوفي جملي انسانذات کي ھڪ بدن سان تشبيه ڏئي ٿو، جنھن جا عضوا ھڪٻئي کان جدا نٿا ٿي سگهن. ھن جي نزديڪ صحيح انسانيت ان کي چئجي، جو ھڪ ماڻھوءَ جو ايذاءُ ٻئي کي محسوس ٿئي.
انسانيت کي مذھبن، فرقن، گروھن ۽ قومن ۾ ورھائي جدا ڪرڻ کي ھو دين فطرت (اسلام) ۽ مفاد انسانيءَ جي خلاف ٿو سمجهي. ھو ماڻھن جي مذھبن، رنگن، نسلن ۽ نظرين جي نالي ۾ ورھاست مصنوعي ۽ مضر ڄاڻي ٿو. ھن جو متو اھو آھي ته
بني آدم اعضاي يڪ ديگراند،
ڪه در آفرينش زيڪ جوھراند،
چو يڪ عضوه بدرد آورد روزگار،
ھمه عضوھا را نماند قرار.
(معنى – انسان ھڪٻئي جا عضوا آھن، ڇاڪاڻ تہ اصل ۾ اھي ھڪ جنس مان آھن. ان جو مثال ائين آھي تہ جڏھين بدن جي ھڪ عضوي ۾ سور ٿئي ٿو تہ سڀيئي عضوا بي قرار ٿيو پون ٿا.)
تو برايء وصل ڪردن آمدي،
ني برايء فصل ڪردن آمدي.
(معنى – تون دنيا ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آھين، نہ نفاق ڦھلائڻ لاءِ.)
ازانسواءِ صاحب فھم فراست کي معلوم ھو، ۽ صوفي بہ انھيءَ گروه مان ھو، تہ دينن کي منظم ڪرڻ ڪري، ملا جو خدا رسول ۽ قرآن جي نالي ۾، عوام مٿان تسلط قائم ٿيڻ وارو ھو، جا ڳالھہ ھڪ طرف مستقل مفاد پيدا ڪري ٿي ۽ ٻئي طرف انسانن جي آزاديءَ جي راھ ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي. ھن جي خيال موجب اسلام جملي انسانذات جي وچ ۾ ملن، پادرين ۽ پنڊتن وغيره طرفان مذھبن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاھي، اتحاد عالم پيدا ڪرڻ لاءِ آيو ھو، نہ مذھب جي نالي ۾ نئين ديڳڙي چاڙھي، فتني فساد کي وڌائڻ آيو ھو.
صوفي انسان کي خدا جو نائب ڄاڻي ٿو، ان جي آزاديءَ کي مذھب، حڪومت، نسل ۽ رنگ جي نالي ۾ سلب ڪرڻ بنيادي انساني حق خلاف ڄاڻي ٿو. صوفي ھڪ قسم جو مزاجي آھي. (Anarchist)آھي، جو سڀني قيدن کان آزاد ٿيڻ گھري ٿو. انھيءَ ڪري ڪيترا انتھاپسند تارڪ الدنيا، مجذوب ملامتي ٿيو، ملا جي تسلط کان ٻاھر نڪرڻ گھرن ٿا.
صوفي، ھر موجودہ مذھب جي 95 سيڪڙو ڳالھين کي فرسوده، بي معنى ۽ بي سود سمجهي، انھن ۾ اعتبار نٿو رکي. ھو مذھبن جو ست ڪڍي، ڦوڳ ڦٽو ڪرڻ گھري ٿو. ھو عشق ۽ عقل کي ھڪ تصوير جا ٻہ رخ ڄاڻي ٿو، جنھن جي رھبريءَ ھوندي ٻئي ڪنھن جي ھدايت جي ضرورت نٿو محسوس ڪري.
ھو پاڻ کي فطرت جو ايجنٽ ڄاڻي، ھر پراڻي ۽ بي سود شيءَ کي ڊاھي، حالتن ۽ ضرورتن جي تقاضا مطابق، نئين شيءِ بڻائڻ گھري ٿو. فطرت تي جڏھن غور سان نظر ڪري ٿو، تہ کيس ان مان ھر گھڙي انقلاب ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نئين شيءَ پراڻي جي جاءِ وٺندي وڃي ٿي. ڪابہ شيءِ ساڳي جاءِ تي بيٺل نٿو ڏسي. زمين، تارن، چنڊ، سج کي ھو ڦرندو ڏسي ٿو. راتين پٺيان ڏينھن ۽ موسمن پٺيان موسمون بدلبيون ڏسي ٿو. پاڻي ۽ ھوا سدائين تحريڪ ۾ نظر اچنس ٿا. وڻ،جانور ۽ ماڻھو ڄمي وڏا ٿي، مرندا ڏسي ٿو. وري انھن جي جاءِ ٻين کي والاريندو ڏسي ٿو. ماڻھوءَ ۾ ھر گھڙيءَ، دم کڻڻ سان خراب رت کي بدلي ٿيندو ڏسي ٿو. ڪا بہ شيءِ سواءِ ذات الاھيءَ جي، دائم ۽ قائم نٿو ڏسي. ان اڻ کٽ تبديلي جي سلسلي ھوندي، ھن کان ڪھڙي طرح ڪو توقع رکي سگهجي ٿي تہ کيس ڪن مذھبي قانونن جي دائري ۾ محدود ڪري ھلايو وڃي. ھو تحريڪ ۾ دائمي زندگي محسوس ڪري رھيو آھي.
ھن کي ملا يا صاحب اقتدار طبقي طرفان جڏھين، الله، رسول ۽ قرآن جي نالي ۾، ڪن ڪمن جي ھدايت ڪئي وڃي ٿي، تہ ھو جاھل نہ آھي، جو ڳالھہ جي تھه تائين پھچي نہ سگهي، ھو ان کي مستقل مفاد طرفان سندن تسلط قائم رکڻ جو بھانو سمجهي، ان کي نٿو مڃي، ۽ بغاوت ڪري ٿو.
ھو حق کي، سج جي روشني يا ھوا وانگر، ھر ڪنھن جي ملڪيت سمجهي ٿو. ھو ان کي چند فرقن ۽ قومن جي ھڪ ھٽي بنائڻ لاءِ تيار نہ آھن.
ھن جا بنيادي متا فنا ۽ بقا جي اصول تي بيٺل آھن. ھو ھر فرسوده شيءِ، عقيدي ۽ دستور کي ختم ڪرڻ لازم ڄاڻي ٿو. ان جي جاءِ تي نئين ڪارآمد شيءِ، نظريو ۽ دستور آڻڻ گھري ٿو. ھو راز حيات معلوم ڪري ويو آھي، تہ اُھا سدائين گردش ۾ آھن:
موجيم ڪه آسودگيءَ ما عدم ماست،
ما زنده بہ آنيم ڪه آرام نيگريم.
(معنى – زندگي لھر مثال آھي، جا جيستائين تحرڪ ۾ آھي سندس وجود قائم آھي. سندس تحرڪ بند ٿيڻ بعد ان جو خاتمو ٿئي ٿو. )

(3) صوفي جو ٽيون عقيدو
دين ۽ سياست کي علحده رکڻ گھرجي
صوفي دين کي رضاڪارانه، تجربي ۽ علم جي بنياد تي حاصل ڪيل معلومات جو ذخيرو ڄاڻي ٿو، جنھن موجب زندگي بسر ڪرڻ پنھنجو شخصي معاملو ڄاڻي ٿو. ھو ڄائو جدا آھي. مرندو بہ جدا. سندس عقيدن لاءِ جوابدار بہ ھو پاڻ آھي. پوءِ ھو ڪھڙي طرح سان انھن ڳالھين ۾ ٽياڪڙ جي دست اندازي برداشت ڪري سگهي ٿو. حڪومت ۽ مذھبي نظام طرفان سندس عقيدي، خيال ۽ راءِ جي آزاديءَ ۾ دخل کي ھو پنھنجي انساني بنيادي حق جي خلاف سمجهي ٿو.
ھو مذھبي ڳالھين کي باھمي گفتگو، ذاتي تجربي ۽ علم ۽ عقل جي بنياد تي قائم ڪرڻ جو حامي آھي. ھن جي ڪنن ۾ “لا اڪراه في الدين قد تبين الرشد من الغي” (معنى – دين ۾ سختي ۽ زور نہ ھئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ ھدايت جو رستو گمراھيءَ کان پڌرو پيو آھي.) جو آواز گونجي رھيو آھي.
صوفي اھنسا جو قائل آھي. ھو سياست، مذھب، خيال، عمل ۽ روزانہ زندگيءَ ۾ اھنسا جي اصول کي رھبر راھ بنائڻ گھري ٿو. ھو رسول مقبول صلعم جي قول “اظھار اختلاف الراء في امتي رحمته.” (معنى – اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ منھنجي پوئلڳن لاءِ رحمت جو باعث ٿيندو.) کي وڏي اھميت ڏيئي ٿو. ھن جو عقيدو آھي تہ نظر ۽ خيال جي رنگارنگي حسن ازلي کي دوبالا ڪري ٿي.
“مارڻ لاءِ مسڪين جي لکين ناز سکيو آھين نوان نوان !”
جيئن باغ ۾ مختلف رنگن جا گل ان جي زيبائش کي وڌائين ٿا، تيئن ڪثرت خيالات کي ھو وحدت حق جا مختلف پھلو ڄاڻي ٿو:
ھڪ قصر در لک، ڪوڙين منجھنس کڙڪيون،
جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن سڄڻ سامھون. (شاھ)
ھو جدا جدا مذھبن کي ھڪ قالين قدرت جا گونا گون رنگ ڄاڻي ٿو، جي باوجود ظاھر ڪثرت جي ان جي بنيادي خوبصورتي ۽ وحدت کي وڌائين ٿا.
ھو ھندو، مسلم، عيسائي، ٻڌ، يھودي وغيره سڀني ۾ حق جي جھلڪ ڏسي ٿو. جي ظاھري اختلاف ڪري منجھي پون ٿا، تن کي ھو ڪچو ڄاڻي ٿو.
حسن جو حق جو، سو خامي ڀانئين خام،
اچي ٿيا اسلام، ڪفر ڪافر پاڻ ۾ (شاھ)
صوفين ۽ سنتن طرفان مختلف مذھبن کي نزديڪ آڻڻ لاءِ، دنيا ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون پئي ٿيون آھن، جھڙوڪ:
(1)شيخ بدرالدين سماوا طرفان، ترڪيءَ ۾، اسلام ۽ ڪرسچئنٽيءَ کي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
(2) ڪبير ڀڳت ۽ گروناڪ طرفان، ھندستان ۾ اسلام ۽ ھندوازم کي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ٿي.
(3) راجا رام موھن راءِ طرفان، ھندستان ۾ ڪرسچئنٽي ۽ ھندوازم کي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ٿي.
(4) ھنگ سيوچئان طرفان چين ۾ تائوزم ۽ ڪرسچئنٽي کي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ٿي.
(5) اڪبر بادشاھ طرفان ھندستان ۾، اسلام، ھندوازم، جين ازم، ڪرسچئنٽي ۽ زردشتيءَ متي کي ويجھي آڻڻ جي ڪوشش ٿي.
(6) داراشڪوه طرفان ھندستان ۾، جملي مذھبن جي ڪثرت پويان بنيادي وحدت پرکڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي.
(7) شاھ عنايت عليه الرحمته، سچل سرمست عليه الرحمتہ طرفان سنڌ ۾ جملي مذھبن جي ڪثرت پويان بنيادي وحدت پرکڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي.
تنھنڪري صوفي مذھب کي سياست کان علحده رکڻ جو حامي آھي. ھن کي پتو آھي تہ ٻنھي کي گڏي ھلائڻ ڪري، فائدي بدران ماڻھن کي نقصان زيادھہ ٿيو آھي. ھندن، عيسائين، ٻڌن ۽ ٻاھرين ملڪ جي مسلمانن انھيءَ نقطي نگاه کي ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي. ھن وقت صرف پاڪستان ۾ ڪي جاھل، خودمطلب، مستقل مفاد جا حامي ملا ۽ انھن جا طرفدار صاحب اقتدار ان نظريي جا حامي ويجھا رھيا آھن.

(4) صوفي جو چوٿون عقيدو
مسلمانن جي جدا قوم جي تصور جي خلاف آھي.
ھو اسلام جي اعلى اصولن کي چند ماڻھن جي گروه ۾ محدود ڪري، ان کي جدا قوم يا فرقو بنائڻ نٿو گھري. ملن جي اھڙي عقيدي کي ھو روح اسلام جي خلاف ۽ مصنوعي جوڙجڪ ڄاڻي ٿو. انھيءَ نقطي نگاه کان ھو ھر راسخ العقيدہ ۽ صالح عمل ماڻھوءَ کي صحيح مسلمان ڄاڻي ٿو – پوءِ ھو ظاھري طور کڻي ڪنھن بہ مذھبي يا غير مذھبي گروه جو فرد شمار ٿيندو ھجي. انھيءَ اصول ۾ مڃڻ ڪري، ھو مسلمانن جي جداگانہ قوم جي نظريي ۽ اسلام جي جدا مذھبي نظام کي ختم ڪريو ڇڏي.
قرآن شريف جي ھيٺين آيتن جي معنى جي ھن کي پوريءَ طرح پروڙ آھي؛
(1)ان اڪرمڪم عندالله اتقاڪم
(معني اوھان مان پرھيزگار ۽ چڱن عملن وارا ماڻھو ئي خدا کي پسند آھن.)
(2) والذين آمنو و عملوالصالحات – سند خلھم جنات تجري من تحتھاالانھار خالدين فيھا.
(معني جن کي ايمان آھي ۽ عمل صالح ڪن ٿا، سي دائمي خوشيءَ جون نعمتون حاصل ڪندا.)
ان جي وڌيڪ تشريح ملا واري تشريح جي جواب ۾ ڏني ويئي آھي.
ھن مذھبي عقيدن موجب ماڻھن جي ڪفر ۽ اسلام ۾ ورھاست نہ ٿي ڪئي.
ھن جي نظر ۾ اھا ورھاست ھيٺين طرح ھئي:
اسلام ڪفر
(الف) بي طمعي (الف) خودمطلبي
(ب) اتفاق (ب) نفاق
(ت) محبت (ت) نفرت
(ث) اھنسا (ث) زور زبردستي
(ج) اتحاد (ج) فرقه بندي
جيئن تہ سندس نقطي نگاه واري اسلام تي گهڻو بحث ٿيل آھي، انھي ڪري ھاڻي سندس ڪفر وارين ڳالھين تي ڪجھه روشني وجهان ٿو.
(الف) خودمطلبي: صوفيءَ وٽ ھر ڳالھہ، جا شخصي يا مستقل مفاد جي فائدي ۾ ۽ عوام جي نقصان ۾ ھئي، سا خودمطلبي ھئي. صوفيءَ وٽ ھر ڳالھہ، جا ھر فرقي جي فائدي ۾ ۽ انسانيت جي نقصان ۾ ھئي، سا خودمطلبي ھئي. صوفيءَ وٽ ھر ڳالھہ، جا ھڪ مذھب کان ٻين کان وڌيڪ يا جدا ڄاڻندڙ ھئي، سا خودمطلبي ھئي. صوفيءَ وٽ ھر ڳالھہ، جا ھڪ ملڪ جي فائدي ۽ ٻين جي خلاف ھئي، سا خودمطلبي ھئي. ھن خودمطلبي کي ڪفر برابر سمجهيو ٿي.

(ب) نفاق: صوفي جي نظر ۾ حقيقي وجود ذات الاھيءَ جو آھي. ٻيون سڀ شيون ان جون صفات آھن. صفات گوناگون ۽ ڪثير آھن. ذات واحد آھي. ڪثرت کي حقيقت ڄاڻڻ غلطي آھي. صوفيءَ جي نظر ۾ اھا ڳالھہ ڪفر برابر ھئي تہ ھر ڪو پنھنجي راءِ، مذھب ۽ عقيدي کي صحيح سمجهي، ٻين کي غلط ڄاڻي. ان مان نفاق پيدا ٿيڻ جو امڪان ھو، جو بدامني ۽ فساد جو ڪارڻ بنجي ٿو. اسلام صلح ۽ امن جو پيغام آندو آھي، نہ بدامنيءَ جو. انڪري، جا ڳالھہ نفاق جو باعث بنجڻ واري ھئي، تنھن کي ھن ڪنھن بہ صورت ۾ اسلام نٿي سمجهيو، بلڪه ڪفر ٿي ڄاتو – جيتوڻيڪ ملن ان کي قرآن، حديث، شريعت، دين اسلام جا غلاف ويڙھي، کڻي پيش ڪيو ٿي.

(ت) نفرت: صوفي محبت جو متوالو آھي. ھن جي نظر ۾؛
جا ڳالھہ ماڻھن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جو باعث بنجي ٿي،
جا ڳالھہ فرقن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جو باعث بنجي ٿي،
جا ڳالھہ مذھبن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جو باعث بنجي ٿي،
جا ڳالھہ قومن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جو باعث بنجي ٿي،
پوءِ اھا ڳالھہ کڻي اسلام، خدا، رسول يا ڪنھن بہ ٻئي نظريي جي نالي ۾ پيدا ڪئي وڃي ٿي، ڪفر ھئي. جتي محبت ھوندي، اتي نفرت کي جڳھه ئي ڪانہ ملڻي آھي. ھن دنيا جي سارين خرابين جو ڪارڻ نفرت کي ڄاتو ٿي.
دنيا ۾ جنگيون نفرت ٿي پيدا ڪرايون. ھن جي نظر ۾ محبت، دين فطرت ۽ قانون ارتقا ۽ اسلام ساڳي ڳالھہ آھن. نفرت، تنزل ۽ ڪفر ساڳي شيءَ ھئا، تنھنڪري ھن جڏھين دين اسلام جي نالي ۾ صاحب اقتدار طبقي يا ان جي معاون ملا کي نفرت ڦھلائيندو ڏٺو ٿي، تہ بي اختيار چئي ويٺو ٿي:
محبت سندي مام، ڪوڙ پروڙي ڪين ڪي.

(ث) زور زبردستي: صوفي ھر اڳرائي، زور زبرستيءَ، تشدد ۽ اھنسا جي ڳالھہ جي خلاف آھي. ھو ان کي محبت ۽ عشق جي منافي سمجهي ٿو، پوءِ اھا اڳرائي (جھاد) خدا، قرآن، رسول، اسلام، ملڪ ۽ قوم جي نالي ۾ ڇو نہ ڪئي وڃي. ھو رواداريءَ جو حامي آھي. تنھنڪري ھو اھڙو معاشرو آڻڻ گھري ٿو، جنھن ۾،
غريب ۽ شاھوڪار جا تفاوت نہ ھجن،
سياسي تسلط ۽ ڏاڍاين جا تفاوت نہ ھجن،
مذھبي، نسلي ۽ رنگن جا امتياز نہ ھجن، ۽
غير فرقيوار ۽ غير طبقي وار سوسائٽي بنائي وڃي.
ھو جماعتي نظام کي باھمي مشوري ۽ رضامندي جي بنياد تي قائم ڪرڻ گھري ٿو، ھو جملي ماڻھن ۽ قومن کي انسانذات جي واحد سوسائٽي (جماعت) ۾ شامل ڪرڻ گھري ٿو.
ھو مذھب ۽ نظرين جي اختلافن کي بنيادي وحدت جي نظر سان ڏسي، باھمي برداشت(Tolerance) ۽ گڏجي گذارڻ (Co-existence)جو سبق ڏيڻ گھري ٿو.
ھو “لڪم دين ڪم ولي دين” جو پڪو پوئلڳ آھي.

فصل پنجون: تصوف جيئن مون سمجهيو آھي

تصوف جو اکر اڪثر مسلمانن ڪتب آندو آھي. ليڪن صحيح معنى ۾ اھو لفظ جن عقيدن ۽ مقصدن لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. انھن کي ٻين مذھبن جي ساڌن، سنتن، راھبن، بڪشن بہ جدا جدا نالن سان منسوب ڪري پئي استعمال ڪيو آھي. عام طرح ھن لفظ جي تشريح ۾ ھيٺين گروھن حصو ورتو آھي:
(1)افلاطون جو فلسفهء اعيان، نوفلاطونيت، اسپنوزا ۽ ٻين فيلسوفن جا انھيءَ فلسفي جي دائري ۾ بيان ڪيل خيال ۽ رايا.
(2) ويدانيتي سنتن جي تعليم
(3) ڪرسچن، توحيدي ۽ اسٽائڪس (stoics)
(4) ڪي ٻڌ ڌرم جا بڪشو.
(5) جين ڌرم جا ڪي يوگي.
(6) اسلام جا وحدت الوجود صوفي.
(7) ٿياسافسٽ (Theosophists)
(8) جديد مذھب انسانيت جا حامي Modern Humanists)
(9) ٻيون اھڙِي قسم جون روحاني جماعتون(
مسلمانن مان ڪيترن تصوف کي فلسفهء اسلام، روح اسلام، مذھب عشق، نفس مارڻ، اندر اجارڻ، پاڻ سڃاڻڻ وغيره نالن سان سڏيو آھي. ڪن درويشن تہ خود اسلام کي عين تصوف ڄاتو آھي. اھڙيءَ طرح ھر مذھب جي اھل نظر ان جي مقصدن جي حمايت ڪئي آھي.
جھڙيءَ طرح جملي مذھب، باوجود سندن اعلى اصولن جي، سندن پوئلڳن جي خامين ڪري، فرقه بنديءَ، نفاق، مڪر ۽ مستقل مفاد جا اڏا بنجي پيا آھن، ساڳي حالت مختلف مذھبن جي صوفي تحريڪن جي ٿي آھي.
جيڪڏھن ملا واري اسلام جا پوئلڳ نمازون پڙھي، روزا رکي، زڪواتون ڏيئي، حج ڪري، مسجدون ۽ مدرسا ٺھرائي بہ چور بازاري، سمگلنگ، ڪثير تعداد نفعي خوريءَ، وياج خوريءَ، رشوت غريب آزاريءَ ۽ طرح طرح جي بداخلاقيءَ کان نٿا ھٻڪن، ۽ مذھب جا ڪي عالم بہ مذھب کي شاھوڪار طبقي جي مفاد واسطي استعمال عرضيءَ لاءِ ڪتب آڻڻ، اختلاف راءِ کي برداشت نہ ڪرڻ، انسانذات ۾ نفرت، ۽ نفاق پيدا ڪرڻ کان نٿا ڇرڪن، تہ پيران طريقت جي اڪثريت بہ شخصي خدمت ڪرائڻ، بزرگيءَ ۽ شيخيءَ ۾ ڦاسڻ، تصوف جي نالي ۾ گروه بنديءَ ، دقيانوسي خيالن، ڪرامتن، ورد ۽ وظيفن جي تاثير ۾ اعتماد رکي، ماڻھن کي بيڪار ۽ بزدل بنائڻ لاءِ دڪان کوليو ويٺا آھن؛ ان ڪري حقيقي طرح تصوف جو بہ صرف نالو وڃي رھيو آھي.
تعليم يافتہ نوجوان جھڙي طرح انھن ڳالھين ڪري اسلام جي نالي ۾ استعمال عرضيءَ (ايڪسپلائيٽشن) کان تنگ اچي مذھب کان بيزار ٿيندو وڃي، اھڙي طرح صوفيزم جي نالي ۾ روزبروز ٿيندڙ خسيس ڪم، جھڙوڪ پير پرستي، ورد وظيفا، پاڻ سڃاڻڻ کان سواءِ الله سڏائڻ جا نعرا ھڻڻ، حسن پرستيءَ جي نالي ۾ بداخلاقيءَ جا ڪم، ڪم ڪار ڇڏي تارڪ الدنيا ٿي پن مڱ تي گذر ڪرڻ، ۽ نشي پتي وارا ٻيا اھڙا ڪم ڏسي، ان کي مڪر ۽ فريب سمجهي ان کان حقارت ڪرڻ لڳا آھن.
آءُ پھريائين ھن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ۽ پوءِ ان جي جدا جدا فصلن ۾ اِنھي مضمون جي جدا جدا پھلوئن تي خيالن جو اظھار ڪري آيو آھيان. پڙھندڙ ان مان معلوم ڪري سگهيا ھوندا تہ منھنجي سامھون انسانذات جي مجموعي مفاد جا ٽي مقصد رھيا آھن: اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم.
انھيءَ مقصد لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻھن کي ھڪ جاءِ تي گڏجي ڪم ڪرڻ واسطي جمع ڪرڻ لاءِ ڪھڙو نالو ڪتب آڻيان، ان تي گهڻو غور ڪيو اٿم. حقيقت ۾ اسلام جي تشريح ان لاءِ منھنجي نقطي نگاه کان ڪافي ھئي، پر جيئن تہ اھو مذھب جدا دين منظم ٿي چڪو آھي ۽ ان جي پوئلڳن جا مستقل مفاد پيدا ٿي چڪا آھن تنھن ڪري امڪان اھو ڏسڻ ۾ آيم تہ ٻين منظم مذھبن جا پوئلڳ باوجود منھنجي جدا تشريح جي به، ان نالي ھيٺ ڪيل تشريح کان ڇرڪي، تعصب ڪري، ان ڏي توجهه نہ ڪن. ان ڪري مجبورن اھڙو نالو استعمال ڪريان ٿو، جو باوجود ان جي پوئلڳن جي ڪوتاھين ۽ خامين جي بہ پاڻ بين الاقوامي ڪشش رکي ٿو ۽ بي تعصبيءَ ۽ رواداريءَ جي اصولن جو حامي آھي.
بيدل فقير فرمائي ٿو ته
اکران دي وچ جوئي اڙيا
عشق دي چاڙھي مور نہ چڙھيا.
مون کي ڪنھن خاص نالي سان دلچسپي نہ آھي. پر جيئن تہ عالم مڪان ۽ زمان ۾ ڪنھن بہ ڳالھہ جي نالي کان سواءِ اظھار ڪري نٿو سگهجي، تنھن ڪري پنھنجي مقصد کي سنڌ ھند ۽ وچ مشرق جي قديم بزرگن جي آندل نالي، يعني تصوف سان، جنھن کي جديد زبان ۾ “مذھب انسانيت” سڏيو وڃي ٿو منسوب ڪريان ٿو.
ھر ڪو ماڻھو جابه ڳالھہ ڪري ٿو، سا سندس طبعي رجحان ۽ شخصي ڪمزورين کان خالي نہ ھوندي آھي. آءُ بہ ان عام قانون کان مٿي نٿو ٿي سگهان. البت منھنجي، صوفيزم جي تشريح ڪرڻ وقت، حتي الامڪان اھا ڪوشش رھندي، تہ ان ۾ سرزمين سنڌ جي گذريل ٽن ھزار ورھين جي تاريخ ۽ بزرگن جي حتي الامڪان ترجماني ڪريان.
منھنجي نظر ۾ تصوف جا ھيٺان اصول ۽ مقصد آھن:
(1)تصوف، وحدت الوجود(ويدانت) ۾ ويساھ رکڻ کان سواءِ مڪمل ٿي نٿو سگهي –
جنھن مابق ھر شيءِ جو مرڪز ذات الاھيءَ آھي؛ ٻيون سڀ شيون ان جي صفات، تجلي يا پرتو آھن. ھر شيءِ ۾ انتھاپسندي غلط آھي. ھن نظريي جي انتھاپسنديءَ ڪري ھيٺين غلط نتيجن نڪرڻ جو امڪان رھي ٿو، ان کان گوشو لازمي آھي.
(الف) جي سڀ شيءِ ذات حقيقيءَ ۾ سمايل آھي، تہ پوءِ گناه، ثواب، بري، ڀلي، رحمت ۽ لعنت جا فرق مٽجي وڃڻ جي احساس ٿيڻ ڪري، اڪثر صوفي عمل جي زندگيءَ کي بيڪار سمجهي، تارڪ الدنيا ٿين ٿا، جا ڳالھہ حقائق دھر ۽ قانون فطرت جي خلاف آھي. اھڙيءَ ڳالھہ کان بچڻ لاءِ خواجه حافظ فرمايو آھي ته
دوش از مسجد سوي ميخانہ آمد پير ما،
چيست ياران طريقت بعد ازين تدبير ما!
(يعني ڪجھه وقت ٿيو تہ منھنجو رھبر مسجد مان نڪري ميخاني ۾ آيو، طريقت جا دوستو، ھاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي؟)
ان تي وري جواب ڏئي ٿو ته
ما مريدان رو بہ سوي ڪعبه چون آريم چون،
رو بسوئي خانہ خمار دارد پير ما!
(معنى – اسان ارادتمند ۽ صحبتي ھاڻ کان سواءِ ڪعبي طرف وڃي سگهنداسين – جڏھين اسان جو رھبر خمار خانہ ۾ ويٺو آھي.)
ھڪ سنڌي درويش ان ساڳئي خيال کي ھن طرح ادا ڪيو آھي:
جڏان عشق دل وچ نہ مايس، پوش فقير دا پايس،
دليان لٽاوڻ دي ڪيتي، چاڪ لقب چا لايا.
جڏھين منشا ايزديءَ موجب ھي سارو مانڊاڻ ڪنھن رٿا ۽ مقصد سان ٺھيو آھي، تہ ان نقطي نگاه کان ڪم ڪرڻ عين رضا الاھيءَ آھي. ان کان منھن موڙي بيڪار بنجڻ مقاصد زندگيءَ کان اڻ واقفي ۽ انحرافي ٿيندي.
(ب) ٻيو رجحان ان مان اھو ٿو نڪري تہ جڏھن گناه ۽ ثواب ھڪ شيءِ جا ٻہ پاسا ھئڻ ڪري پنھنجي افاديت وڃايو ويھن، تہ پوءِ بري ڀلي جي فرق کي ڪڍي، ماڻھو سڀ ڪجھه ڪرڻ لاءِ آزاد ٿيو پوي. اھا ڳالھہ بہ رٿا ۽ مقاصد زندگيءَ جي قانون خلاف ٿئي ٿي. قانون ارتقا جي تقاضا موجب، ھر ھڪ جز کي ڪل جي مفاد لاءِ جدوجھد ڪرڻي آھي. اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جڏھين زندگيءَ جا مقصد ٿين ٿا. تہ ان ڏس ۾ صحيح علم ، نفسي اصلاح ۽ اخلاق حميده جي تڪميل ضروري ٿي پوي ٿي.
شاھ باھو عليه الرحمتہ ان حالت ۾ فرمائي ٿو تہ –
علمي ٻاجھون ڪوئي فقر ڪماوي ڪافر مري ديوانه، ھو
سو ورھيان دي ڪري عبادت رھي الله ڪنون بيگانه، ھو
غفلت ڪنون نہ کلسن پردي دل جاھل بت خانه، ھو

(2) ان ذات حقيقي جو قياس، گمان ۽ وھم کان مٿي ھئڻ ۾ اعتبار رکڻو آھي.
انھيءَ نقطي نگاه ۾ ويساھ رکڻ ڪري خدا جي شخصي تصور ۽ غير شخصي تصور کي ترڪ ڪرڻو پوندو. شخصي تصور بابت بت پرستيءَ جو ڪارڻ بنجي ٿو، ۽ ٻيو دوئيءَ جو.

(3) صوفي خلقت ڪائنات جي پويان رٿا يا منصوبو(plan) پرکي ٿو:
رواجي طرح جيڪڏھين دنيا جي معاملن ۽ زندگيءَ جي ڪاروبار تي مٿاڇڙي نظر ڊوڙائبي، تہ ان جي ڪارگردگيءَ بي ڍنگي ۽ بنا ترتيب جي ڏسڻ ۾ ايندي. جيئن ته
(الف) ڪروڙين ماڻھو غربت ۽ بي روزگاريءَ جي ڪري، باوجود محنت ۽ مزدوريءَ جي، کاڌي، ڪپڙي، ۽ اجھي لاءِ حيران آھن ۽ چند ماڻھو بنا ڪنھن سخت محنت جي عيش آرام جي زندگي گذاري رھيا آھن.
(ب) ڪروڙين ماڻھو مرضن ۽ مصيبتن ۾ گرفتار آھن – ڪي ڄمندي لنگڙا لولا ۽ انڌا ٿين ٿا، تہ ڪي پوءِ، ۽ ائين بنا علاج جي تڪليفون برداشت ڪري رھيا آھن، تہ ڪي تندرست ۽ توانا، بنا ڪنھن تڪليف جي پينگھي کان قبر تائين عيش جي زندگي گذاري وڃي پار ٿا پون.
(ج) ھيتري علم، تھذيب ۽ تمدن ھوندي، خسيس ڳالھين تان لڙايون شروع ٿي، ڪروڙين ماڻھو ۽ انھن جون ملڪيتون تباھ ٿين ٿيون؛ نہ ڪو کين ان تڪليف کان رھبري ڪري بچائي ٿو، نہ الله تعالى ئي راھ ھدايت ٿو ڏئين.
(د) ھڪڙا ماڻھو حسين ٻيا ڪوجها، ھڪڙا عقل وارا ٻيا جاھل، ھڪڙا شاھوڪار ٻيا غريب، ھڪڙا رحمدل ٻيا ظالم ٿين ٿا.
(ھ) ڌرتيون ڌٻن ٿيون، طوفان لڳن ٿا، سيلاب اچن ٿا، بيماريون پون ٿيون – انھن ۾ لکين ماڻھو تباھ ٿيو وڃن.
اھي سڀ ڳالھيون نظر ۽ غور ڪرڻ بعد ڪائنات جي ڪاروبار ۾ بي ترتيبي ڏيکارين ٿيون. جيڪڏھن ڪو منصوبو يا رٿا ھجي ھا، ۽ اھا ڪنھن عدل ۽ انصاف جي بنياد تي بيٺل ھجي ھا، تہ ائين ڇو ٿئي ھا؟
ٻئي طرف نگاه ڪري ڏٺو ٿي ويو تہ سج جي چوڌاري سيارا، جن ۾ ڌرتي بہ ھئي، مقرر مفاصلن ڌان، ترتيبوار، مقرر وقتن تي چڪر لڳائي رھيا آھن. ڏينھن پٺيان راتيون اچن ٿيون. موسمون مقرر معيادن تي بدلبيون رھن ٿيون. ھر جاندار شيءِ ڄمي، وري مري ٿي. پاڻي سمنڊن مان ٻاڦ رستي ڪڪرن ۾ وڃيو، برف بنجيو، وري پاڻي ٿيو، ندين رستي يا بارشن رستي، پوکن کي سيراب ڪري ٿو. انھن ڳالھين کي ڏسي، خيال پيدا ٿئي ٿو تہ ڪائنات ۾ ڪا رٿا يا ترتيب ضرور آھي، جنھن مطابق ھي سلسلو ھلي رھيو آھي.
انھن مختلف ڳالھين کي مدنظر رکي، ٻہ نظريا قائم ڪيا ويا آھن.
ھڪڙو نظريو اھو ھو تہ جيتوڻيڪ فطرت ۾ ٻہ طاقتون، خير ۽ شر جون، ساڳئي وقت ھڪٻئي جي مخالف ڪم ڪري رھيون ھيون، ليڪن ڪائنات رٿا ۽ مقصد سان ٺھيل ھئي ۽ رٿا ۽ مقصد سان ھلي رھي ھئي.
ٻيو نظريو اھو ھو تہ سارو معاملو حادثن تي ۽ رٿا کان سواءِ ھلي رھيو ھو.
پويون نظريو دھريت جي فلسفي جي پيداور ھو.
وحدت الوجودي صوفين نہ ان تي غور ڪيو ٿو ڏسجي. انھن ھن ٻنھي نظرين ۾ ويساھ نٿي رکيو. ھنن خلقت جي پويان منصوبي کي مڃي، ان کي قانون ارتقا جي ماتحت صرف خير ڪري مڃيو ٿي. انھن مان ڪن مٿي ذڪر ڪيل زندگيءَ جي بي ڍنگاين يا نقصانن کي اسرار جي ڳالھہ سمجهي، ٽاري ڇڏيو ٿي. ڪن ان کي قانون فطرت جي چٽاڀيٽيءَ جا جزا ڏسي، ان کي عارضي سمجهي، مستقل طور ۽ آھستي آھستي ٿي،انھن جي حل ٿيڻ ۾ اعتماد رکيو ٿي.
پر ان ساري معاملي مان ھڪ ڳالھہ صاف ظاھر ٿئي تہ ماڻھن جي تڪليفن ۽ فطرت جي بي ڍنگاين بابت راءِ جي پيدا ٿيڻ جو مکيه ڪارڻ خدا جو شخصي تصور آھي، جنھن مطابق دنيا جي ھر شيءِ سندس نظر ھيٺ سندس رضامندي ۽ ناراضگيءَ جي بنياد تي ھلندڙ ٿي سمجهي ويئي. صوفي، جيڪڏھن بھشت ۽ دوزخ جي نظريي کي نٿو مڃي، تہ خدا جي عدل ۽ انصاف جا ھيٺاھين سطح وارا تصور بہ نٿو مڃي، جنھن مطابق ھر ھڪ ڳالھہ ۾ ان جي نظر ھيٺ رضامندي ۽ ناراضگيءَ جا نظريا ختم ٿي وڃن ٿا. صوفي ڪرامت، معجزي، خرق عادت ۾ ويساھ نٿو رکي.

(4) صوفي انسانذات کي ھڪ جسم واحد ڪري سمجهي ٿو. ھو ماڻھن جي طبيعتن، قبيلن، قومن، نسلن، رنگن، مذھبن ۽ نظرين جي اختلاف جي باوجود، انھن کي ھڪ ئي جنس سمجهي ٿو. انھيءَ ڪري انھن جي اختلافن پويان ھو بنيادي وحدت پرکي ٿو، تنھن ڪري ھن انھن جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ اصول مقرر ڪيا آھن، جن جي ھو مخالفت ۾ ڪابہ ڳالھہ مڃڻ لاءِ تيار نہ آھي.
ھن کي طبيعتن، قبيلن، قومن، نسلن ۽ رنگن جي ڳالھہ ايترو نٿي ڪيو، جيترو الله جي نالي ۾ برپا ڪيل مذھبي نظرين جي ذريعي ماڻھن ۾ پيدا ڪيل اختلافن ڪيو ٿي.
ھو عشق جي ايڏي اوچي مناري تي چڙھيو بيٺو آھي، جتان ڪفر ۽ اسلام جا جھنڊا برابر جھولندا نظر اچنس ٿا. ھوائي جھاز ۾ تمام مٿي اڏامڻ بعد زمين جھڙو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو – ان ۾ زمين جو ھيٺ مٿاھيون، پاڻي، ٻيلا سڀ ھڪ وڏي پکڙيل غاليچي وانگر نظر اچن ٿا. ان وانگر ھي بہ ايڏيءَ اتاھينءَ تان انسانذات تي نظر ڪري ٿو، جو اھي سڀ ھڪ ئي باغ جا جدا جدا قسم جا وڻ ڏسڻ ۾ اچنس ٿا، ان ڪري سندس ڪوشش اھا ئي رھي ٿي تہ انھن ۾ اتحاد آڻي.

(5) وحدت مذاھب: انسانذات جي وحدت ۾ ايمان رکڻ بعد ھو جدا جدا مذھبي نظرين جي پويان بہ وحدت پرکي ٿو. ڪفر ۽ اسلام کي ھو وڻ جي ٽاري سمجهي ٿو. صوفيءَ جو ڪفر اسلام جو تصور، ملا جي تصور کان علحده آھي. ملا ٻئي مذھب يا فرقي جي پوئلڳن کي ڪافر سمجهي ٿو، پر صوفي جملي مذھبن کي ھڪ سمجهي ٿو ۽ دھريت کي جدا سمجهي ٿو، پر انھن ٻنھي کي بہ ھڪ تصوير جا ٻہ پاسا شمار ڪري ٿو: مذھبن کي ھو ارتقا جو حامي ۽ دھريت کي انقلاب جو حامي سمجهي ٿو: ليڪن وري بہ ٻنھي جو منزل مقصود ساڳيو سمجهي، کين صرف طريقهء ڪار جو تفاوت ڄاڻي ٿو.

(6) مذھب جو روح: ھو عشق ۽ علم کي مذھب جو روح سمجهي ٿو. عشق ھن کي اتحاد جو رستو ڏيکاري، امن تي پھچائي ٿو. علم ھن کي ترقيءَ جي راھ تي گامزن ٿيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. مذھب جي ھن روح جي ذريعي ھو مذھبن، فرقن، نظرين جي ڪثرت ۾ وحدت پرکي ٿو. ان راھ ۾ نفرت، نفاق، فرقه پرستي، تعصب ۽ خودمطلبيءَ کي ھو وڏيون رڪاوٽون ڄاڻي ٿو.

(7) طريقت يا ڪلچر: صوفي صاحب دل آھن. ھو دل ۽ دماغ جي زرخيزيءَ لاءِ ڪوشش ڪري، انسانذات کي مھذب بنائڻ گھري ٿو. ان ڪري جديد لفظ ۾ ڪلچر ۾ جيڪي اچي وڃي ٿو، ان جو ھو حامي آھي.
ان لاءِ ھو نفس جي اصلاح لاءِ، خودمطلبيءَ، قومي شعور جي عدم موجودگيءَ، نفرت ۽ نفاق ۽ بزدليءَ کي ڪڍي، اندر اجارڻ جو حامي آھي.
ان ڪري ھو ا خلاق جي درستيءَ لاءِ ڪوشان رھي ٿو. ھر اھا ڳالھہ جا مجموعي مفاد جي حمايت، پراپڪاريءَ جو جذبو، محبت ۽ ھمٿ ڏياري ٿي، تنھن کي ھو اخلاق ڏياري ٿو.
ان لاءِ مذھب جي صحيح تشريح ڪري، روح مذھب کان ھو واقف ٿيڻ گھري ٿو.
اھو سڀ ڪم ھو تاليف قلوب ذريعي ڪرڻ گھري ٿو.
صوفيءَ جي ڪم جو دائرو مخصوص آھي. ھو نہ ڪنھن جي خلاف آھي. نہ ڪنھن جو پوئلڳ آھي. ھو باھمي رواداريءَ(Co-existence) ۾ اعتماد رکي ٿو. ھو مذھبن، نظرين، نسلن جي نالي ۾ انسانذات جي وچ ۾ کڙي ڪيل ديوارن جي ڪيرائڻ جو حامي آھي. ھو ھر ان ڳالھہ جي خلاف آھي، جا انسانذات ۾ نفاق ۽ نفرت پيدا ڪرڻ جو باعث بنجي ٿي – پوءِ ڇو نہ اھي ڳالھيون خدا، پيغمبرن ۽ الھامي ڪتابن جي نالي ۾ ظاھر ڪيون وڃن.