شخصيتون ۽ خاڪا

ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن

ڪتاب ”ماڻھو جيڪي مرڻا ناھن“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڊونلڊ ڪلراس پيٽي جي لکيل ڪتاب Lives of Destiny جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. ھو لکي ٿو:
”موزارٽ، ليونارڊو ۽ مائيڪل اينجليو اهي شخصيتون آهن جيڪي هڪ ”ديو“ جيان منهنجي سوچن جي بوتل ۾ سالن کان بند هيون. مون نو سال اڳ انهن جو اظهار مختصر نموني ڪيو هيو. مون جڏهن ڊونالڊ ڪلراس پيٽيءَ جو ڪتاب Lives of Destiny پڙهيو هيو ته ان جي لکڻيءَ مونکي ايترو متاثر ڪيو جو مان لکت ۽ گفتگوءَ ۾ پيو ان جا حوالا ڏيندو هوس. ان ساڳي ڪتاب مان ڪجهه چونڊ شخصيتن جو ترجمو ڪري اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.“
  • 4.5/5.0
  • 3948
  • 1474
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن

والٽئر

”مان اوهانجي هر لفظ سان اختلاف ڪريان ٿو پر توهان جي خيالن جي اظهار جي حق لاءِ مرڻ گهڙيءَ تائين وڙهندو رهندس“.
جيڪڏهن توهان پڇندءُ ته سڀ کان پهريون اهو جملو ڪنهن چيو ته گهڻا ماڻهو فخر سان چوندا ”والٽئر“.
پر اهو جملو حقيقت ۾ عظيم فرانسيسي ۽ اخلاقي قدرن جي علمبردار والٽئر جو نه آهي، اهو جملو اصل ۾ ان جي جيون ڪٿا لکندڙ مصنف جو آهي جنهن ان جملي ۾ ان جي خيالن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ زندگيءَ جو خلاصو بيان ڪيو آهي.
تنگ نظري ۽ هٺ ڌرميءَ جي دور ۾ والٽئر جديد دور جو اڳواڻ هيو، ان هميشه اهو نعرو هنيو ”پنهنجو پاڻ سوچيو، جڏهن ڪا به قوم سوچڻ شروع ڪندي آهي ته ڪا به شيءِ ان جي راهن ۾ رڪاوٽ نه بڻبي آهي“.
هن جي ڪنهن به همعصر عوام جي ايڏي وڏي تعداد کي پنهنجو پاڻ سوچڻ نه سيکاريو ۽ هنجي تعليم سان پوري يورپ ۾ جيڪا روشنيءَ جي لهر ڦهلي ۽ جيڪا اڃا تائين دنيا جي اڀ تي ڇانيل آهي ان کي ڪابه طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي.
جيڪي ماڻهو توهان کي عقل استعمال ڪرڻ نٿا ڏين اهي هر ڳالهه کي ڪوڙو چئي ان کان لنوائين ٿا پر والٽئر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته توهان جنهن ڳالهه تي يقين نه ٿا ڪيو ان ڳالهه جي باري ۾ شڪ ظاهر ڪيو. جن ماڻهن والٽئر جي لکڻين جو هڪ لفظ به نه پڙهيو آهي، اهي توهان کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا ته والٽئر ملحد هيو، پر والٽئر ان ڳالهه جو جواب اهڙن ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ خدا کي هيٺين لفظن ۾ ڏنو.
”اي ڌڻي، تنهنجا ڪرشما تنهنجي ذات جا دليل آهن. اي ڌڻي، منهنجو اهو آخري اقرار ٻڌ، جيڪڏهن مون ڪا غلطي ڪئي ته اها تنهنجي قانون جي ڳولا لاءِ هئي. منهنجو من راهن تان ڀٽڪي سگهي ٿو، پر ان ۾ صرف تنهنجي ذات جو ئي ڏيک آهي“.
والٽئر لا مذهب هوندي به ڪڏهن مذهب جي سادگين تي حملو نه ڪيو، هن اصل ۾ تو هم پرستي ۽ اکيون ٻوٽي پويان لڳڻ واري اعتقاد خلاف آواز اٿاريو.
والٽئر 21 نومبر 1696ع ۾ پيرس ۾ پيدا ٿيو، ان جو نالو فرينڪوئي ميري اروٽ رکيو ويو، ستن سالن جي عمر ۾ سندس ماءُ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. والٽئر جي صحت جيڪا ننڍي هوندي کان ئي خراب هئي اها ان جي مرڻ گهڙي تائين ٺيڪ نه ٿي سگهي. هو بت ۾ حد کان وڌيڪ سنهو ۽ ننڍي قد وارو هيو، هن جي طبعيت ننڍپڻ کان جوشيلي هئي، هن کي لکڻ، پڙهڻ سان شروع کان لڳاءُ رهيو، ڳالهه ٻولهه اهڙي هوندي هيس جو ماڻهو ان تي چڙ کائيندا هيا، پر سچ هجڻ ڪري ان کي نندي به نه سگهندا هيا.
سترهن سالن جي عمر ۾ والٽئر باقاعدي لکڻ شروع ڪيو، هن جي پيءُ کي ان ڳالهه جي پهريون ئي خبر هئي ته والٽئر ننڍي هوندي کان ئي لکڻ طرف راغب آهي، هن جي اٿڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ مان ڊرامي جو ڏيک پيو ايندو هيو. والٽئر جي پيءُ اهو نه پئي چاهيو ته هن جو پٽ ليکڪ يا ڊراما نويس ٿي فاقا ڪشيءَ جي زندگي بسر ڪري، هن جو پيءُ فرانس جي دولتمند ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هيو ۽ فطري طرح تمام سخت گير هيو. هن والٽئر جي لڇڻن کي پرکي هن کي زبردستي هڪڙي وڪيل وٽ نوڪري ڏياري ڏني، جيڪا هن کان نه ٿي سگهي ۽ هو ان پيشي ۾ تمام بريءَ طرح ناڪام ٿيو. هن کي جڏهن سفارتي نمائندي جي طور هالينڊ موڪليو ويو ته هن سفارتي ضابطن کي ٽوڙي ڇڏيو، هن هالينڊ ۾ زندگيءَ جو پهريون عشق ڪيو ۽ هن چاهيو پئي ته شادي کان سواءِ پنهنجي محبوبا کي فرانس وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي پر سفارتي سطح تي جڏهن اها خبر عام ٿي ته هن کي ڏاڍو خوار ۽ خراب ڪيو ويو ۽ هن کي تمام وڏي ذلت سان وطن واپس موڪليو ويو. هن فرانس اچي وري لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو، هن کي پنهنجي سرمائيدار پيءُ ان جي اجازت ڪڏهن به نه ڏني، هو نه پيو چاهي ته ڪو هن جو پٽ اديب ٿي مفلسيءَ واري زندگي گذاري، “مصنف ٿيندين ته بک مرندين”. هو والٽئر کي چوندو هيو، پر والٽئر پنهنجي پيءُ جي ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ مجبور ٿي هن کي پنهنجي پيءُ دولت جي ورثي کان بي دخل ڪيو، جيئن هو لکڻ تان هٿ کڻي هن جي ڳالهه کي مڃي پر تاريخ ثابت ڪيو ته اها والٽئر جي پيءُ جي غلطي هئي، هن کي لکڻ اهو ڪجهه ڏنو جنهن کان دنيا جو وڏي ۾ وڏو سرمائيدار به محروم آهي.
ڏهن سالن جي اندر والٽئر پئرس جو مالي طرح سکيو ماڻهو بڻجي ويو، اهو سڀ ڪجهه اهڙي نموني سان ٿيو جو والٽئر نه پئسي جي طلب ڪئي ۽ نه ئي ڪو پيشاوراڻي (Professional) لکڻ کي ترجيح ڏني پر هن هڪ سچي قلمڪار جي حيثيت سان اهو ڪجهه لکيو جو ان وقت جي حڪومت پريشان ٿي وئي، هن جي ڪتابن تي بندش وڌي وئي ۽ هن جا ڊراما پئرس جي ٿيٽرن ۾ ٽن ڏينهن کان مٿي نه هلندا هيا، حڪومت هن جي ڊرامي کي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ٻنجو ڏئي بند ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي هئي. اها ئي ڳالهه هئي جو والٽئر هڪدم اڀري فرانس جي افق تي هڪ نئين ستاري جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. ماڻهو هن جا ڊراما ڏسي ان جا مڪالما ياد ڪندا هيا ۽ ان ڊرامي جي بند ٿي وڃڻ کان پوءِ فرانس جي گهٽين ۾ بيهي انهن کي ورجائيندا هيا. هن جي ڊرامن جي گفتگوءَ ۾ سماج ۽ حڪومت جي ناقص پاليسين تي چڀندڙ تنقيد سمايل هوندي هئي، جنهن ڪري فرانس جي غريب عوام ان کي پنهنجي دل جو آواز سمجهي دماغن ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. هن جا ناول ۽ ٻيون لکڻيون بندش پوڻ کان پوءِ سياسي جماعت جي پمفليٽن وانگر لڪ ڇپ ۾ وڪامجڻ لڳندا هيا ۽ اهي پڻ فرانس جي ڀرپاسي وارن ملڪن تائين ڦهلجي ويا، جنهن ڪري والٽئر نه صرف مالي طرح مستحڪم ٿيو پر شهرت به هن جي حصي ۾ رٺل محبوبا وانگر موٽي آئي.
والٽئر جي ناولن ۽ ڊرامن جو پس منظر گهڻو ڪري ايران، يونان، پيرو ۽ چين رهيا آهن، هر ماڻهو انهن ۾ لڪيل مذهبي توهم پرستي ۽ وقت جي حاڪم جي تابعداري ڪندڙ مذهبي پيشوائن خلاف طنز کي محسوس ڪري مرڪڻ کان وٺي ويندي ٽهڪ ڏئي کلي سگهي ٿو. هن جي اهڙين لکڻين خلاف حڪومت انهن تي بندش وجهڻ کان پوءِ والٽئر کي ستت ئي گرفتار ڪري بيسٽل جيل ۾ قيد ڪيو، ان زماني ۾ ڪنهن به شخص کي قيد ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ثبوت جو هجن لازمي تصور نه ڪيو ويندو هيو، صرف ان کي شڪ جي بنياد تي ڪيترا ئي سال قيد ۾ر کي سگهبو هيو، جيستائين ان جو ڪو سفارشي يا دوست نه پيدا ٿئي جيڪو ان جي معاملي ۾ دلچسپي وٺي جيل مان آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڏئي، والٽئر جي دوستن به ان لاءِ ڀڄ ڊوڙ شروع ڪئي ۽ انهن کي والٽئر کي آزاد ڪرائڻ ۾ يارهن مهينا لڳي ويا. جيل مان نڪرڻ وقت والٽئر جي صحت بلڪل تباهه ٿي چڪي هئي ۽ هو حد کان وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو هيو، پر جيل جي سختين هن کي جسماني طرح ڪمزور ڪيو ۽ هن جي سوچڻ کي وسيع ڪري اڃا به حد کان وڌيڪ بي باڪ ۽ بي خوف ڪري ڇڏيو. جيل مان نڪرڻ کان پوءِ هن تي جڏهن هڪ احمق قسم جي نواب شيوليئر ڊي روهان فحش قسم جي تنقيد ڪئي ته والٽئر به سخت لفظن ۾ ان جو جواب ڏنو، جنهن جو انجام اهو ٿيو جو شيوليئر جي ڇاڙتن هڪ ڏينهن والٽئر کي رستي ۾ روڪي ڏنڊن سان حملو ڪيو ۽ نواب صاحب پنهنجي گاڏيءَ مان ويهي انهن ڇاڙتن کي مارڪٽ جي سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪندو رهيو.
والٽئر ڪنهن حد تائين ته پنهنجي خلاف ناانصافين کي برداشت ڪري ويندو هيو پر هو ٻين سان ٿيندڙ ناانصافين اڳيان ڪنڌ کڻي بيهي رهندو هيو،. جڏهن فرانس جي ان وقت جي سڀ کان وڏي اداڪارا ايڊرني ليڪوريٽر سڪرات جي حالت ۾ هئي ته والٽئر کي خبر پئي ته پادري هن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪري رهيا آهن ته هوءَ مرڻ کان اڳ پنهنجي فن کي گند سڏي خدا کان معافيءَ جي طلبگار ٿئي جيئن ان جي روحاني ڇوٽڪاري لاءِ دعا گهري سگهجي. ان زماني ۾ ايڪٽرن سان ائين ٿيندو هيو ته مرڻ وقت انهن کي پنهنجي ايڪٽر طور گهاريل زندگيءَ کي گناهه قرار ڏئي معافيءَ تي مجبور ڪري انهن کان اهو اقرار ڪرايو ويندو هيو ته واقعي انهن پنهنجي زندگي گناهن ۾ بسر ڪئي آهي جنهن لاءِ ڇوٽڪاري جي دعا گهري وڃي. پر عظيم اداڪارا ليڪوريٽر جيڪا والٽئر جي محبوبا هئي، سڪرات جي حالت ۾ به سخت لفظن ۾ ان ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ڪو هن جي زندگي ڪنهن گناهه جو حصو هئي. هن جي اها ڳالهه ٻڌي پادري هن جي روحاني ڇوٽڪاري جي دعا گهرڻ بنا ائين ئي هليا ويا ۽ پوليس ان جي لاش کي دفن ڪرڻ کان اڳ زوريءَ کڻي وڃي هڪ کڏ ۾ اڇلائي مٿان چوني جو ليپو ڪرائي ڇڏيو. والٽئر جي دل ۾ ان ڏينهن کان مذهب خلاف نفرت پيدا ٿي ۽ مذهب خلاف هن جي اها نفرت نه ڪو فرانس ۽ مسيحت تائين محدود رهي، پر هر اهو ظلم جيڪو پروٽسٽنٽ فرقي کان ٿيندو هيو يا ڪيٿولڪ فرقي کان، فرانس ۾ ٿيندو هيو يا فرانس کان ٻاهر، والٽئر ان ظلم خلاف هڪ آواز بڻجي اٿندو هيو. هو چوندو هيو ته ”جيڪو شخص مونکي ائين چوي ٿو ته منهنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته خدا توکي تباهه ڪري ڇڏيندو، اهو دراصل ائين چوي ٿو ته منهنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته مان توکي تباهه ڪري ڇڏيندس“.
هن جي اهڙن نظرين ڪري هن کي هڪ دفعو وري بيسٽل جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي ان شرط تي ڇڏيو ويو ته فرانس کي ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويندو. هن کي تمام مجبوريءَ جي حالت ۾ فرانس ڇڏي برطانيه روانو ٿيڻو پيو. 1726ع ۾ هو هڪڙي ”ديٽ سنڊي“ جي ڏينهن برطانيا پهتو ۽ هن ٽيمز درياهه وارو مشهور جشن ڏٺو. پنهنجي برطانوي زندگيءَ ۾ هو ويسٽ منسٽر ايبي ۾ سر آئزڪ نيوٽن جي دفنائڻ واري منظر کان ڏاڍو متاثر ٿيو، اهو ان ڪري جو ان وقت فرانس نه ته ڪنهن سائنسدان کي نائٽ جو اعزاز ڏنو هيو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي پروقار طريقي سان دفنايو ويو هيو. هو انگريز قوم جي ان ڳالهه کان تمام متاثر ٿيو ته انگريز قوم جيئرن شاعرن ۽ دانشورن کي به اهڙي ئي عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿي، جيئن ملٽن ۽ شيڪسپيئر کي. برطانوي پارليامينٽري نظام جي قوت ۽ آزادي کي ڏسي هن کي اتان گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو مليو، برطانوي انصاف ۽ عدالتن جي طور طريقن کي ڏسي هن کي حيرت ٿي ته فرانس جي مقابلي ۾ برطانوي سماج ڪيترو نه حقيقت تي مبني ۽ اتان جي عوام جو ڪنهن حد تائين ترجمان آهي. جتي والٽئر برطانيه جي پارليامينٽري ۽ عدالتي نظام کان متاثر ٿيو اتي هن برطانوي سرمائيڪاريءَ جا جديد گر به سکيا. هن محسوس ڪيو ته برطانيه جو سرمائيدار ۽ ڪاروباري ماڻهو ڪيترو نه ذهين ۽ پنهنجي ڪاروباري وسعت لاءِ صحيح اڳڪٿي ڪندڙ آهي، هن برطانوي سرمائيڪاري نظام کان اهو ڪجهه پرايو جو هن کي فرانس واپس اچڻ کان پوءِ پاڻ کي مالي طرح مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي محسوس نه ٿي.
1729ع ۾ جڏهن والٽئر پنجٽيهن سالن جو هو ته هن کي فرانس واپس اچڻ جي اجازت ملي ۽ جڏهن هو فرانس واپس پهتو ته هن کي ڪنهن به مالي دشواري جو منهن نه ڏسڻو پيو، جڏهن هن کي هڪ رياضي دان کان اها خبر پئي ته هن سال سرڪاري خزاني جي سربراهه کان قومي لاٽريءَ جي ٽڪيٽن جي جاري ڪرڻ ۾ غلطي ٿي آهي ته والٽئر هڪ سنڊيڪيٽ تشڪيل ڏني جنهن سمورين ٽڪيٽن کي خريد ڪري ورتو. جڏهن قومي خزاني جي سربراهه کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته هن لاٽريءَ جي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر والٽئر ان خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي اڍائي لک ڊالرن جيڏي وڏي رقم ملي وئي. ايتري عقلمندي دنيا جي ڪنهن اديب يا شاعر ۾ مشڪل سان نظر ايندي پر والٽئر اهو سڀ برطانوي ڪاروباري نظام مان پرايو هيو. ان وڏي رقم مان هن هندستان، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن مال موڪلڻ واري ڪاروبار جي شروعات ڪئي.
والٽئر نه ته ڪو ولي هيو ۽ نه ڪنهن ڪليسا جي راهب وانگر، هن جيئري پنهنجي پئسي کي خرچ ڪري زندگيءَ جو ڀرپور مزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هو آسائش پسند، خوبصورت گاڏين جو شوقين ۽ قيمتي ڪپڙن پائڻ جو ڪوڏيو هيو. هن کي دنيا جون سڀ خوبصورت شيون پسند هيون، هو ٻين کي به اهو ئي مشورو ڏيندو هيو ته جيڪڏهن توهان کي دنيا جون مسرتون نصيب ٿين ته انهن جو ڀرپور لطف وٺو. هو عيش ۽ عشرت ڪندڙ فرانسيسي ڪليسا جي پادرين وانگر ان ڳالهه کي خدا جي مرضيءَ ڏانهن منسوب ڪري پاڪدامنيءَ جي دعوا جو طلبگار نه هيو. هن کي ڪجهه ماڻهو ان ڪري بدڪار سڏيندا هيا جو هو فرانس جي اداڪارائن کان وٺي ويندي نوابن جي طلاق يافته زالن تائين هر ذهين عورت جو مداح هيو. 1734ع کان 1749ع تائين هو ايملي مارڪوئيس سان گڏ رهيو جيڪا هڪ نواب جي طلاق ڏنل زال هئي. هن جي دوستن ۾ حسين اداڪارا ليڪوئر کان وٺي ويندي هڪ ڇوڪريءَ سان پڻ تعلقات هيا جنهن کي هو پيار مان ”ملن“ سڏيندو هيو. دنيا جو وڏي ۾ وڏو انسان جتي گهڻين خوبين سان مالا مال آهي اتي هو عيبن کان به پاڪ نه آهي. والٽئر انسان ذات جي آزادي ۽ ان جي ڪرتوتن ۽ عملن کي ناجائز ذريعن سان دٻائڻ جي خلاف هيو پر هن جون ڪجهه ڪمزوريون به هيون، هو پاڻ پڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو. هر ٿوري ڳالهه تي هو جذباتي ٿي ويڙهه تي لهي ايندو هيو، جڏهن جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو چاڙهو نه ڏسندو هيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ به دير نه ڪندو هيو. جڏهن اهڙي خطري ۾ وڪوڙجي ويندو هيو جنهن مان جان بچائڻ جي اميد نه هوندي هيس ته پوءِ اتان ڀڄڻ ۾ به دير نه ڪندو هيو. هو تن آسان هيو، بي آراميءَ کان هن کي نفرت هئي. ڪڏهن ڪنهن اڻ وڻندڙ صورت حال کان بچڻ لاءِ پاڻ کي بيمار تصور ڪندو هيو يا ڪوڙ ۾بيمار ٿي پوندو هيو. ان جي باوجود والٽئر جو اخلاقي تصور انهن ماڻهن کان گهڻو مٿي هيو جيڪي هن جي ڪردار کي ننديندا هيا. هن وٽ انسان پنهنجي ڪرتوتن لاءِ آزاد ۽ انهن جو پاڻ ذميوار هيو. ان جو ضمير ان جو وڏو محتسب هيو.
”جيڪڏهن انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ته هن کي اڪيلي سر پاڻ تي حڪومت ڪرڻي آهي، جيڪڏهن انهن انسانن تي ڪو ظلم مڙهيل آهي ته ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ گهرجي“. والٽئر چوندو هيو ۽ جن شين کان هو نفرت ڪندو هيو اهي نفس پرستي نه پر ناانصافي ۽ غير برابري، ظلم ۽ ڏاڍ هيو. اهي شيون اڄ به اسان جي سماج ۾ موجود آهن ۽ موجود رهنديون، جيستائين ڪو والٽئر پيدا ٿي انهن کي پڌرو ڪري ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ نه پتوڙي.
هو هر سچي ڳالهه ڏاڍي بهادري ۽ بي باڪيءَ سان ڪندو هيو، اهڙي شاندار ڳالهه جيڪا ڪاوڙ کي مزاح ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي هئي ۽ باهه کي روشنيءَ جو روپ بخشيندي هئي، هو مذاق ۾ چوندو هيو ”مان چاهيان ٿو جيڪا ڳالهه منهنجي ذهن ۾ اچي اها هڪدم چئي ڏيان“ ۽ اهي ڳالهيون جيڪي هن جي ذهن ۾ آيون ۽ هن چئي ڏنيون اهي ڪتابن جي نوانوي جلدن تي مشتمل آهن. هن پنهنجا خيال پنهنجي نظمن، ناولن ۽ مضمونن ۾ ظاهر ڪيا آهن ۽ پڻ انهن ڏهه هزار خطن ۾ جيڪي هن يورپ جي مختلف مفڪرن تي لکيا. روس جي ڪيٿرائن اعظم پهريون ان ڳالهه جو خيال رکندي هئي ته هوءَ والٽئر جي خطن جا ايترا ترت جواب نه اماڻي متان هو انهن مان بيزار نه ٿي وڃي، پر هن خطن جي ڏي وٺ واري عمل ۾ والٽئر کي پاڻ کان اڳرو پاتو. ڪيٿرائن والٽئر ڏي تحفا پڻ اماڻيندي هئي. سويڊن جي بادشاهه گستافس ٽئين والٽئر جي نظرين کان متاثر ٿي اهو وعدو ڪيو ته هو والٽئر جي ٻڌايل انسان دوستيءَ جي معيار مطابق زندگي بسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. فريڊرڪ اعظم جيڪو انهن ڏينهن ۾ جرمنيءَ جو ولي عهد هيو ان والٽئر کي پنهنجي ملڪ اچڻ جي دعوت ڏني، جڏهن والٽئر ان جي دعوت تي جرمنيءَ جو سفر نه ڪيو ته فريڊرڪ اعظم چمڙا پوش ٿي پاڻ والٽئر وٽ حاضر ٿي ان جي قدمن کي چميو. والٽئر سان ملاقات ڪرڻ وارن کي ان سان ملڻ ۾ ڏاڍي ڏکائپ محسوس ٿيندي هئي ڇو جو والٽئر جو ڪنهن به جاءِ تي ٺڪاڻو نه هوندو هيو. ڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ جلاوطن هوندو هيو، ڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ زمين دوز ڪاروائين ۾ مصروف هوندو هيو. هن جو لکيل هر ڪتاب اقتدار تي قابض حڪمرانن جي ڪاوڙ ۽ غضب کي ڀڙڪائي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ جلد ان ڪتاب يا مصنف خلاف ڪاروائي شروع ٿي ويندي هئي. ڪيترا دفعا هن جي ڪتاب جي نئين ڇاپي کي چوسول تي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ ان باهه جي روشنيءَ ۾ پورو يورپ اهو ڏسندو هيو ته ظالم حڪمرانن، جادوءَ جي ٽوٽڪين، بادشاهن جي حقن، درسگاهه جي ڪند ذهن پروفيسرن ۽ فلسفين ۽ زندگيءَ جي ضابطي جي باري ۾ والٽئر جي ڪهڙي راءِ آهي ۽ انهن جي متعلق جيڪي چون ٿا ته دنيا جيئن آهي ٺيڪ آهي ۽ ائين ئي سٺي آهي. والٽئر جڏهن به ڪو قدم کڻي اڳتي وڌندو هيو ته اهو ڪنهنجي پير مٿان وڃي پوندو هيو، هن جي ڳالهايل هر جملي ۾ ٻئي کي فنا ڪرڻ جيتري قوت هوندي هئي، هن ڪارڊينل مزارين جي باري ۾ چيو ”هو انهن سڀني نيڪين جو خطاوار هيو جيڪي ان کان نه ٿيون“. اهڙيون ڳالهيون والٽئر ئي ڪري پئي سگهيو، جيڪي اڄ جي سياستدانن سان پڻ لاڳو ڪري سگهجن ٿيون.
ايمليءَ جي موت کان پوءِ والٽئر ڏاڍو اٻاڻڪو ٿي پيو، هو فرانس جهڙي ملڪ ۾ صرف انهن محبتن جي سهاري ئي رهيل هيو جيڪي هن کان کسجي ويون، والٽئر فرانس کي هڪ دفعو وري الوداع چئي فريڊرڪ اعظم جي دعوت تي جرمني هليو ويو. فريڊرڪ اعظم هڪ وڏو ادب نواز ۽ پارکو ماڻهو هيو. والٽئر سان هن جا تعلقات جوانيءَ وارن ڏينهن کان ئي رهيا هيا. هنن هڪٻئي جي ڪردار جي سرعام واکاڻ ڪئي هئي، پر اندروني طرح ٻئي ارڏا، خود پسند، طاقتور ۽ چالاڪ هيا. والٽئر جي جرمني پهچڻ کان پوءِ فريڊرڪ محسوس ڪيو ته هن جو جڳ مشهور مهمان هن لاءِ ڪڏهن به درٻاري مسخرو ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي، والٽئر فريڊرڪ ۽ جرمنيءَ جي سرمائيدارن جي فوجي ذهنيت کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو، هن فريڊرڪ جي هر ان عمل تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني جيڪو انسان ذات لاءِ هاڃيڪار هيو. اهڙيءَ طرح والٽئر فريڊرڪ جي رستن ۾ ڪنڊن جيان ثابت ٿيو. فريڊرڪ لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه رهيو ته هو انهن ڪنڊن کي هٽائي رستو صاف ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ والٽئر هڪ دفعو وري پاڻ کي بي يار۽ مددگار پاتو. فريڊرڪ نه صرف هن لاءِ جرمنيءَ جو رستو بند ڪيو پر پنهنجي شهنشاهي غضب ۽ دٻاءَ سان يورپ جا سڀ رستا هن لاءِ بند ڪرائي ڇڏيا.
آخرڪار 1755ع ۾ هن پيرسن فلسفيءَ دنيا جي هڪ آزاد جمهوري ملڪ سئزرلينڊ ۾ پناهه ورتي. هن هر ايندڙ ملاقاتيءَ جو فرشتن جهڙي مرڪ سان استقبال ڪيو. ڪافيءَ جا دور هلندا ها ۽ والٽئر راتين جو دير تائين انهن محلفن ۾ جيڪي يورپ ۾ مثالي تصور ڪيون وينديون هيون، پنهنجي شاندار گفتگوءَ سان رونق بخشيندو هيو. ماڻهو ٽي ڏينهن رهڻ لاءِ ايندا هيا ۽ ٽي ٽي مهينا ٽڪي پوندا هيا. ”خدا مون کي منهنجي دوستن کان محفوظ رکي“. والٽئر ٿڌو ساهه کڻي چوندو هيو، ”دشمنن سان ته مان پاڻ ئي نبري پوندس“.
هن جون سخاوتون هن جي مهمان نوازيءَ جي بنسبت لڪل هونديون هيون. ڪيترائي غريب ۽ مسڪين، سياسي يا مذهبي جنون جو شڪار ٿي هن جي در تي ايندا هيا، والٽئر اهڙن ماڻهن لاءِ باقاعدي گهر اڏائڻ شروع ڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اتي هڪ ڳوٺ آباد ٿي ويو. هن ڳوٺ جي ماڻهن کي انهن جي صلاحيتن مطابق ڌنڌا کولي ڏنا، انهن ۾ گهڻا ماڻهو گهڙي سازيءَ جو ڪم ڄاڻيندا هيا، والٽئر جلد گهڙي سازيءَ جي ڪاروبار جو سيلز ايجنٽ بڻجي ويو، هو پنهنجي ماڻهن جون ٺاهيل گهڙيون ٻين جي مقابلي ۾ ٽين حصي جيتري رقم جي رعايت سان وڪڻندو هيو، جنهن ڪري هن جو اهو ڪاروبار ڄمي هلڻ لڳو، انهن گهڙين جا اشتهار هو پاڻ لکندو هيو، جيڪڏهن اڄ اهو اشتهار ڪنهن وٽ محفوظ آهي ته اهو بي بها آهي.
والٽئر چاهي ها ته پنهنجي پيريءَ جا ڏينهن ڏاڍي آرام سان گذاري ها، هو دنيا جو امير ترين ماڻهو هيو پر هن جي حق لاءِ وڙهندڙ طبيعت هن کي هڪ دفعو وري سڪون سان ويهڻ نه ڏنو. 1762ع ۾ جڏهن ٽونور جا مذهبي جنوني ان شهر ۾ چار هزار ماڻهن جي قتل جي ٻه سوئين ورسي ملهائي رهيا هئا جن کي مذهبي جنون تحت قتل ڪيو ويو هيو ته هڪ نوجوان شخص کي ڦاسيءَ تي لٽڪيل ڏٺو ويو. هر طرف اهي ئي چئمگويون گشت ڪري رهيون هيون ته اهو نوجوان رومن ڪيٿولڪ هيو جيڪو پروٽسٽنٽ ٿيڻ چاهي پيو. مذهبي جنونين ان ڳالهه کي غلط نموني سان پيش ڪيو، انهن راءِ ڏني ته ان نوجوان کي پنهنجي پيءُ زان ڪيلاس جيڪو هڪ ڪمزور ۽ شريف ماڻهو هيو ڦاسي ڏني آهي، جنهن کان پوءِ زان ڪيلاس تي گهڻو تشدد ڪيو ويو. جڏهن ته هن ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪو هن پنهنجي پٽ کي ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙهيو آهي تڏهن به هن کي ناحق موت جي سزا ڏني وئي، نه صرف ايترو پر پوري زان ڪيلاس گهراڻي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
والٽئر ان معاملي ۾ دلچسپي ورتي ۽ قانون جا بخيا اڊيڙڻ شروع ڪيا. هن تعزيراتي قانونن جي حقيقت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، جيڪا نه صرف فرانس پر پوري يورپ ۾ رائج هئي. انهن قانونن جي تحت جيوريءَ جو ڪو به تصور نه هيو. ملزم کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ وڪيل جو حق نه هيو. ان جي حمايت ۾ ڪا به شهادت قبول نه ڪئي ويندي هئي. الزام لڳائڻ وارا لڪيل طريقي شهادت ڏيندا هيا. والٽئر کي اهو به معلوم ٿيو ته گهڻا فوجداري قانون لکت ۾ موجود نه آهن، اهي صرف وڪيلن جي حافظي تائين محدود هيا ۽ اهي جڏهن ڪنهن کي سزا ڏياريندا هيا ته پنهنجي حق ۾ انهن قانونن جي تشريح ڪندا هيا. ان زماني جي سرمائيدار ۽ اثر و رسوخ واري طبقي کي اهڙن قانونن جي دهشت گردين جو ڪو به علم نه هيو، اهي ان مان مطمئن هيا ۽ سمجهندا هيا ته غريب جن کي سزائون ملن ٿيون اهي قدرتي طور ڏوهي آهن، والٽئر پنهنجي تمام اثر رسوخ ۽ دولت جي زور تي ان معاملي کي پنهنجن هٿن ۾ کنيو. ٽن سالن تائين بقول هن جي هن کي مرڪڻ جيتري مهلت به نه ملي. هن جي راتين جي ننڊ حرام ٿي وئي، هن جي هر گهڙي قانون جي ماهرن، ڪليسيا جي وارثن ، بادشاهن ۽ يورپ جي پريس تي ان مطالبي ۾ گذرندي هئي ته زان ڪيلاس جي مقدمي کي ٻيهر هلايو وڃي، عوام جو ان تي وڏو ردعمل ٿيو ۽ نيٺ بادشاهه مجبور ٿي والٽئر جو اهو مطالبو منظور ڪيو. زان ڪيلاس جي موت کان پوءِ جڏهن ان جي مقدمي جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ته والٽئر عدالت کان اهو تسليم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته زان ڪيلاس بي ڏوهي هيو ۽ ٽائوس جي عدالت جنهن زان ڪيلاس کي موت جي سزا ڏئي ڦاهي تي لڙڪايو هيو، هڪ وڏي شرمندگيءَ سان همڪنار ٿي وئي.
جيئن ئي زان ڪيلاس جو مقدمو کٽيو ويو، اهي سڀ ماڻهو والٽئر وٽ اچي گڏ ٿيا جن سان قانوني ناانصافيون ٿيون هيون، والٽئر انهن سڀني کي پنهنجا حق وٺرائي ڏنا. هن کي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ ان ڳالهه تي ايندي هئي ته ڪليسا کي اهڙا اختيار ڇو آهن، جن تحت اهي ڪليسائي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهوءَ کي عذاب پهچائڻ کان وٺي ويندي ڦاسي چاڙهڻ تائين خودمختيار هيا. هن مطالبو ڪيو ته مذهب کي سياست ۽ قانون کان الڳ ڪيو وڃي. مذهب جو ڪم صرف روحاني اصلاح تائين محدود ڪيو وڃي، جيستائين گناهن جو تعلق آهي ته انهن جي سزا مذهبي طرح خدا وٽ هجڻ گهرجي، ڪليسا کي خدائيءَ جو حق نه ٿو پهچي، جيستائين قانون جو تعلق آهي ته هر ڪنهن کي قانون سان محبت هئڻ گهرجي ۽ جيڪو شخص ان جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت نه آهي.
مرڻ کان پهريون والٽئر جي دل ۾ هڪ دفعو وري فرانس کي ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي. ڊسمبر 1777ع ۾ هڪ ڏينهن پئرس جي هڪ محصول چوڪيءَ وٽ هڪ آفيسر ڪنهن گاڏي کي چڪاس لاءِ روڪيو. هن ان گاڏيءَ ۾ اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪا ناجائز شيءِ ته ان ۾ موجود نه آهي. گاڏيءَ جي اندران هڪ ڪمزور ۽ جهيڻو آواز آيو.”هن گاڏيءَ ۾ مون کان سواءِ ڪا به ناجائز شيءِ موجود نه آهي“. چنگيءَ جي آفيسر گاڏيءَ جي دريءَ مان ليئو پائي اندر ويٺل پوڙهي شخص کي نهاريو ۽ هن جي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. ”توهان موسيو والٽئر؟“ ان آفيسر چيو، والٽئر جو پوڙهو منهن هاڻي ڪنهن لاءِ به اڻ ڄاتل نه رهيو هيو، لکين ماڻهو ان شڪل کي ڏسي سڃاڻي ويندا هيا ته اهو پوڙهو آزاديءَ جو ڪرڻو والٽئر آهي.
پئرس جا لکين ماڻهو پنهنجي محبوب رهنما جي آجيان لاءِ گڏ ٿي ويا. اها ئي نيشنل اڪيڊمي جنهن روايتن جي پابندي ڪندي والٽئر کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هيو، هن لاءِ عزت جا دروازا کولي ڇڏيا ”ڪوميڊي فرانسيسي“. جي عمارت ۾ هن عظيم ڊرامانگار جي آجيان ڪرڻ لاءِ پوري ڪاسٽ جمع ٿي وئي ۽ هن جو آخري ڊرامو اتي ئي پيش ڪيو ويو، جنهن جو اڀ ڏاريندڙ نعرن سان اختتام ٿيو.
ٽياسي سالن جي عمر ۾ والٽئر وفات ڪئي. هن مرڻ کان اڳ پنهنجي سيڪريٽريءَ کي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو ۽ هڪ اهڙو جملو لکرايو جيڪو والٽئر جي من جي صفائي ۽ وسيع دماغ سوچن جو ترجمان آهي.
”مان خدا جي عظمت جو اقرار ڪندي، پنهنجن دوستن لاءِ محبت دل ۾ سانڍي، پنهنجن دشمنن کان نفرت نه ڪندي ۽ توهم پرستي کي ناپسند ڪندي مري رهيو آهيان“.
مئي 1778ع ۾ والٽئر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. ڪليسا جي پادرين هن جي لاش کي دفن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٿي سگهي ٿو هن جي لاش سان به اها ئي حالت ٿي ها جيڪا مشهور اداڪارا ليڪوريٽر جي لاش سان ٿي هئي، پر والٽئر جا دوست هن جي لاش کي ڪجهه اهڙي نموني سنڀاليندا کڻي هليا ويا جو سپاهين کي اهو دوکو ٿيو ته والٽئر جيئرو آهي. شهر کان ٻاهر تڪڙ ۾ پروقار طريقي سان والٽئر کي دفن ڪيو ويو.
والٽئر مري چڪو هيو پر نظرياتي طرح هو فرانس جي عوام ۾ جيئرو هيو. هن جي ان نعري نيٺ پنهنجو اثر ڏيکاريو ته ”اي انسانو سجاڳ ٿيو ۽ پنهنجا زنجير ٽوڙي ڇڏيو“.
1791ع ۾ فرانس ۾ انقلاب رونما ٿيو ته والٽئر جو لاش کوٽي ڪڍي ان کي عزت ۽ احترام سان پئرس آندو ويو ۽ پوري رات بيسٽل جي کنڊرن تي فاتحانا انداز ۾ رکيو ويو. اڍائي لکن جي عوامي جلوس گهوڙن تي سوار ۽ پيدل فوجي دستن سان گڏ فرانس جي هن عظيم انقلابي کي پوري رات سلامي پيش ڪئي ۽ پوءِ هن جي لاش کي پيانٿيال ۾ دفن ڪيو ويو، جتي فرانس جون عظيم هستيون دفن آهن.