پنهنجي پاران:
سنڌي ڪتاب به پڙهندا هئاسين، جن ۾ ناول تمام گهٽ شايع ٿيندا هئا، ڪجهه ته ورهاڱي کان اڳ جا شايع ٿيل هوندا هئا، ڪجهه سنڌي ادبي بورڊ شايع پئي ڪيا، ته ڪجهه مختلف ادارن طرفان پئي شايع ٿيا. جن ۾ به گهڻو ڪري ترجما وڌيڪ هوندا هئا. ۽ جيڪي طبعزاد ناول مون پڙهيا، انهن جي موضوعن جو ڪئنواس ايترو وسيع ڪونه هو، جيترو اڙدوءَ جي ناولن جو هو، سنڌي ناول ۾ ڪردارن جي سماجي طور مايوسي ۽ رومانوي طور دل شڪستيءَ جو گهڻو اظهار هو، ان جي ڀيٽ ۾ اڙدو ناول ۾ طرح طرح جا موضوع پئي آيا:
نسيم حجازيءَ جا تاريخي ناول: محمد بن قاسم، اور تلوار ٽوٽ گئي، شاهين، داستانِ مجاهد، يا ڪرشن چندر جا ناول ايڪ وائلن سمندر ڪناري، غدار، ان داتا، الٽا درخت، شڪست، تين غنڊي، ڇڙي اور گڌا، دل ڪي واديان سوگئين، جب کيت جاگي، طوفان ڪي گليان، آسمان روشن هئي، ڪاغذ ڪي ناوءُ، زندگي ڪي موڙ پر،طلسم خيال، چڙيون ڪي الف ليلا، هم وحشي هين، گرجن ڪي ايڪ شام، ايڪ عورت هزار ديواني، ٽوٽي هوئي تاري، انسان اور گدها. اي حميد: جهان برف گرتي هئي، بادبان کول دو، سمندر جاگتا هئي، بارش ۾ جدائي، جنگل روتي هين، جنگل ڪي آگ، صحرا ڪا بادل، جهيل اور ڪنول، ناريل ڪا درخت، خوشبو ڪا خواب.
ان کان علاوه، پريم چند، سعادت حسن منٽو، اي حميد، ايم اسلم، دت ڀارتي به معاشري جي رڳن کي جهليو ويٺا هوندا هئا، جن ۾ مون کي ڪرشن چندر وڌيڪ معياري لڳندو هو، نصابي ڪتابن ۾ ته ڊپٽي نذير جو به وڏو ذڪر ٿيل هو پر اهو مون کي ڪڏهن نه وڻيو. بس انهن سڀني ۾ منهنجو فيوريٽ ڪرشن چندر ئي رهيو. سندس افسانن جي مجموعي “نيلام گهر” جي حوالي سان کيس اردو جو ٽالسٽاءِ به چوندا آهن، ۽ مان به هن جي لکڻين ۾ سماج جي ذري پرذي تي نگاهه رکڻ واري تخليقي ڏانءَ سبب “اردوءَ جو ٽالسٽاءِ” ئي چوندس.
ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته عصمت چغتائي، واجده تبسم يا هاجره مسرور به انساني رهڻي ڪهڻيءَ جي انهن پهلوئن تي لکيو آهي، جن تي شايد ڪو مرد ليکڪ نه لکي سگهي، انهن جي بيباڪ لکڻين سان سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين کي به ڳڻائي سگهجي ٿو پر مان سمجهان ٿو ته انهن سڀني کان مختلف ليکڪ ڪرشن چندر آهي، جنهن زندگيءَ جي تمام گهڻن پهلوئن تي قلم کنيو آهي.
ڪرشن چندر جي تحريرن ۾ رومانيت ۽ حقيقت پسنديءَ جو نهايت عمدو رنگ موجود آهي، هن جي لکڻ جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هو مختلف موضوعن تي لکڻ کان اڳ ۾ ان جي ڪردارن جي چونڊ ٿو ڪري، پوءِ انهن لاءِ اهڙي صورتحال جو بندوبست ٿو ڪري، جنهن ۾ خود ڪرشن چندر جو مشاهدو ۽ تخليقي عمل گڏجي حقيقت نگاريءَ جو ڪئنواس جوڙي ٿو وٺي. سماجي ساڃاه سبب هن کي موضوعن، ڪردارن ۽ واقعن جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڪابه دقت ڪانه ٿي ٿئي. وڏو ڪمال هن جو اهو آهي جو هو پنهنجي پڙهندڙن جي حلقي کان به پوريءَ طرح واقف آهي، ۽ انهن جي ذهني تروات سان گڏوگڏ انهن ۾ سماجي شعور کي اڀارڻ جو ڏانءُ به هو ڄاڻي ٿو، جنهن جو مثال هن ناول ۾ به جاءِ جاءِ تي ملي ٿو، پر خاص طورآخر ۾ ريل جي سفر دوران ٻن هپي مردن جي “لوطي ذوق” جي حقيقت متعلق لاجواب گفتگو آندي آهي:
هن منهنجي ڳالهه وچ ۾ ڪاٽيندي چيو: “عورت ۽ مرد جي شاديءَ جي رسم هاڻي پراڻي ٿي چڪي آهي، هاڻي ان ۾ ڪو به مزو نه رهيو آهي، پر ٻن مردن جي شاديءَ جو خيال دل ۾ ڪتڪائي پيدا ڪندڙ آهي، ان جومزو ئي پنهنجو آهي، لڳي ٿو ڄڻ اسان زندگيءَ جي نت نون تجربن جي وادين ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، اصل ۾ اسان جو نسل نت نوان تجربا ڪرڻ ٿو چاهي.”
“پر اخلاق؟”
“اسان جي اخلاق جا ماڻا ۽ ماپا ٻيا آهن. اسان پراڻي يورپ جي سماج جا سمورا ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيا آهن.”
مون چيو: “اسان جي سماج جا ماڻا ۽ ماپا اوهان ٽوڙي سگهو ٿا، پر فطرت جي قانون کي ٽوڙڻ ناممڪن آهي. ان شاديءَ مان ٻار پيدا نه ٿا ٿي سگهن، گهر نه ٿو ٺهي سگهي، خاندان جو بنياد ن ٿو پئجي سگهي!”
“گهر ڪير ٿو ٺاهڻ چاهي!” اهو نازڪ بدن هپي چوڻ لڳو،”ٻار ڪنهن کي گهرجن؟ هن جهان ۾اڳ ئي انساني آبادي وڌي وئي آهي. دوزخ ۾ پوي خاندان، اسان کي اسان جي جنسي آزادي گهرجي.”
هڪ ٻي ڳالهه جا ڪرشن چندر جي ناولن جي سٺائيءَ جو سبب آهي، اها آهي هن جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي دسترس:
مون اسٽيشن جي ڀت تي لکيل هيڊي رنگ جي حرفن کي ڏسندي چيو! “هيءَ ڀنسارا جنڪشن آهي”!
اسٽيشن جو نالو منگل کٽا هو. سنگ مرمر جون وڏيون وڏيون سرون ۽ تختا، ڪاٺيءَ جي شهتيرن جيان هڪ ٻئي مٿان اوساريل هئا.
دور هماچل جي ڪنهن واهڻ ۾ يا ڪنهن جهنگل جي ڪناري، مان زمين خريد ڪري فارم ٺاهيندس.
ڀوپال کان ويهن ميلن تي بابا گوري سهاڻي جي سماڌي آهي.
مان نيپال جي جهنگلن ۾ ڏاڍو رليو آهيان.
شپرا (شهپارا) جنڪشن، تمام پري کان شهپارا جو قلعو هو، مون شهپارا کان جيرآباد تائين واري بيابان کي اٺن تي پار ڪرڻ کان ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻ بهتر سمجهيو.
پار پيا ڳوٺ جو رهندڙ آهيان، اتان کان توکي ڪواڙيءَ جي قلعي جو رستو ٻڌائي ڇڏيندس.” سرڀنيءَ جي پهاڙن طرف اسٽيشن کان، ڌوليا کان ۽ اهو ننڍو ۽ سڌو رستو آهي.”
ڌوليا نديءَ جو تيزيءَ سان وهندڙ پاڻي نظر اچي رهيو هو، ٻئي ڪناري تي ڌوليا بستي هئي.
هن جي لکڻين تي بين الاقوامي سياست جو به وڏو اثر هو، ۽ ان ڪري هو انهن ماڳن، ڪردارن ۽ واقعن کي اهڙي انداز سان پيش ڪري ٿو، جو اهي هلندڙ زماني جي مسئلي جو حقيقي حل تلاش ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا:
آڀا ٿورو اڳڀرو ٿيندي پنهنجي هٿ سان منهنجي هٿ کي پڪڙيندي چيو:”اسان هتي ڇو نه ٿا رهي سگهون؟ ستن سالن تائين، تون “ڪلڪته سن” جو ايڊيٽر رهيو آهين، پنجن سالن تائين مان ان جي ايڊيٽر رهي آهيان، ڇو نه اسان ٻئي گڏجي هڪڙو رسالو ڪڍون، گڏ رهون، گڏجي ڪم ڪريون!”
“۽ گڏجي تباهه ٿيون!” مون هن کي چيو.
“تون هر ڳالهه کي منفي رنگ ۾ ڇو وٺندو آهين؟” آڀا شڪايت واري لهجي ۾ مون کي چيو.
“اڄڪلهه ڪلڪتي تي منفي رنگ ڇانيل آهي، ان ڪري مان به ان رنگ ۾ ڳالهايان ٿو، شخصي ڀڃ ڊاهه، بندوق جون ناليون، ٽئگور کان انڪار، انقلاب ته عوام جي مُنڊيءَ ۾ هيري جي ٻُڙي وانگر جڙيل هوندو آهي، اهو عوام کان ڏهه ميل پري ڀڄڻ سان ته حاصل نه ٿيندو آهي آڀا ڊارلنگ.”
ڪرشن چندر پنهنجي ناولن ۾ پڙهندڙن لاءِ جستجو جو عنصر تمام گهڻو پيدا ڪندو آهي. خود هن ناول ۾ هن جي ڪهاڻي گهڙڻ، ان ۾ مختلف موڙ پيدا ڪرڻ، منظر نگاري، تشبيهون، واقعن جو سلسلو، ڪردار ۽ انهن جي گفتگو، پنهنجو هڪ نرالو رنگ رکن ٿا:
ڪرشن چندر وٽ منظر نگاريءَ کي ڀرپور نموني پيش ڪرڻ جو سبب خاص اهو ئي آهي بقول شخصي: “هن جو ننڍپڻ ڪشمير ۾ گهڻو فطرت سان گذريو هو ۽ هو فطرت کي ئي پنهنجو دوست سمجهندو هو.
منظر نگاري :
ٻن پهرن تائين اسان ٻارنهن ڪوهه سفر طئي ڪيوسين، ٿورو آرام ڪرڻ لاءِ رستي ۾ هڪڙي ڳوٺ جي ڀرسان کوهه وٽ ٺهيل بانس جي لڪڙن واري جهوپڙي ۾ ليٽي پياسين. هتي انبن جا ڪجهه وڻ هئا، ڪي ڄمونءَ جا، ڪجهه وڻن مان املتاس جون ڦريون پئي لڙڪيون، انهن جي ڀرسان ئي نانگ جي ڦڻ جهڙا ٿوهر بيٺا هئا. بانس جي جهنڊ جي ويجهو نار جي ڪنجڙاٺ ۾ جوٽيل وهٽ ڦري رهيو هو جنهن کي هڪڙو هاري ڇوڪرو بانس جي ڇڙيءَ سان هڪلي رهيو هو. ۽ ٻنيءَ کي پاڻي ڏئي رهيو هو. صديون پراڻو منظر، نار جي رون رون جي باوجود گهري سانت…..سمهي پئهُ….ڪجهه به ناهي بدليو….سمهي پئهُ ڪجهه به ناهي بدليو…..ٿورو پريان وڻن جي جهڳٽن ۾ گهيريل هڪڙي ڳوٺ جون ڇتيون، ڪجهه ڪچا گهر، ڪي پڪا گهر، ڪٿي ڇٻر ته ڪٿي کِپريل…!
ڪرشن جو چوڻ آهي ته:” فطرت ۾ تخليق به آهي ته تخريب به، وحشت آهي ته سڪون به، اندگيءَ جي اها مفاهمت جڳن کان هلندي ٿي اچي، ان حوالي سان سندس ڪردار نگاريءَ ۾ ان جي جهلڪ نمايان آهي:
“ڪيڏي مرد مار عورت آهي. مگر اڳي ائين نه هئي، “رونق سنگهه مون کي ڌيمي انداز ۾ ٻڌائڻ لڳو.” جيستائين ڀوڳلو حلوائي زندهه هيو، هوءَ ان جي وفادار زال ئي هئي، ڪا به ڳالهه ڪانه ٻڌيسون، پر حلوائيءَ جي مرڻ کانپوءِ جڏهن هن کي پنهنجي ننڍڙي پٽ کي پالڻو پيو ته هن هيءَ دڪان سنڀالي ورتو، تڏهن کان کيس ٻاهرين دنيا سان به واسطو پيو ته هوءَ به هن شڪاري دنيا سان گڏ شڪارڻ ٿي وئي. اسٽيشن تي سڀئي هن کان واقف آهن، سڀئي هن کان ڊڄندا آهن، پوليس وارن کي ته هن مٺ ۾ بند ڪري رکيو آهي، ۽ ڪيترن ڌاڙيلن سا به هن جو تعلق آهي، وڏي جهٽڪي واري عورت آهي.”
ڪرشن چندر واقعي مان واقعو ٺاهڻ، هلندڙ صورتحال کي موڙ ڏيڻ جو به ماهر ڪاريگر آهي، ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ وٽس هر لمحي پڙهندڙ جي تصور ۽ نفسيات جي حوالي سان موڙ ڏيڻ جو فن آهي، ان ڪري پڙهندڙن ۾ به اهڙين تبديلن سبب جستجو وڌڻ لڳي ٿي:
“مون کي شڪ ٿي پيو هو ته منهنجي ڏير منهنجي محبت ۾ جذباتي ٿي منهنجي مڙس کي قتل ڪيو آهي، پر مون ان ڳالهه جو به رڳو شڪ هو پر اهو پوءِ يقين ۾ بدلجي ويو، جڏهن…جڏهن…!”
چوندي هوءَ هڪدم چپ ٿي وئي.
“تڏهن ڇا ٿيو هو؟”
“جڏهن منهنجي ڏير، منهنجي مڙس جي مرڻ کان اٽڪل ڇهن ستن مهينن کانپوءِ مون تي هٿ کنيو هو!”
“هٿ کنيو هو يعني ماريو هو؟”
“نه مون کي بي آبرو ڪيو هو، هڪ رات هڪ طوفاني رات جو هو منهنجي ڪمري ۾ گهڙي آيو ۽ هن انتها درجي جي بي حيائي ڪري منهنجا گل ڦل لاهي ورتا، ڀاڄائيءَ جي رشتي جي نافرماني ڪري هن منهنجي عزت ….”
ڪرشن چندر وٽ سٺن ڪردارن جي سٺائي ۽ سونهن سان گڏ بد ڪردارن جي خباثت ۽ بڇڙائيءَ کي پيش ڪرڻ جو انداز به ايتري قدر نرالو آهي، جو هڪدم ان جو تصور اکين آڏو تري اچي ٿو:
اها سهڻي عورت، اسان جي سامهون ويٺل سيٺ جي قدمن وٽ بيٺي هئي. بندرو قد، نراڙ تي جهومر، مٿي تي رئي جو پلوُ، شرم حياءَ جي تصوير، پر ڪيتري نه سهڻي، جنهن جي سونهن ڏسڻ سان، ڏسڻ جي بک اڃان به وڌندي محسوس پئي ٿي.
هن جي سخت ۽ نفرت ڏياريندڙ چهري تي گهاٽيون ڀرون هيون، جن جي هيٺان ڳاڙهين ڏونرن واريون اکيون. سوڙهي پيشاني، ٿلها چپ ۽ مضبوط ۽ ويڪرو سينو. ڪنن جي هيٺان ڳلن تائين پکڙيل نوڙيءَ وانگر وٽيل گهاٽيون مڇون. هو پيرن کان نهن جي چوٽيءَ تائين پڪو پڪو ڌاڙيل نظر اچي رهيو هو.
تشبيهون:
هر شيءِ ۾ وات وجهڻ ۽ کائڻ جو شوق به مينهن وارو هوس،
چمبيليءَ جهڙي، اڇي رنگ واري نازڪ مکڙيءَ جهڙي.
سوسوڙيءَ جيان، سِي سِي جهڙي آواز جهڙا سندس ٽهڪ.
سج ٻڏي ويو، ۽ نيري آسمان جو شيشو صاف ٿيندو ويو.
مٽيءَ ۽ ڇيڻي جي بوءِ ۾ گل جيان مهڪندڙ ڪنهن جا ٽهڪ.
هن جي نرم نازڪ هٿ جون ميڻ جهڙيون آڱريون، منهنجي من ۾ شمعن جيان ٻري رهيون هيون.
هن جي بدن مان ڀنگ جي بوءِ اچي رهي هئي، شايد اها ڀنگ جي نه پر سندس بدن جي خاص بوءِ هئي.
ڪرشن چندر جي هن ناول ۾ منظر نگاريءَ جو هڪ عجب طلسم اهو آهي، جو ان کي پڙهندي ان جا ڪيترا ئي منظر ڄڻ ڏٺل ڏٺل ٿا ٿي پون، پڙهندي پڙهندي اصل، سنڌ جي وسين واهڻن، ڍورن، نارن، واريءَ جي دڙن ۽ پهاڙي سلسلن جو تصور ۾ کوئجي ٿو وڃجي، خاص ڪري ڀنسارا جنڪشن پڙهندي منهنجي اکين اڳيان “حبيب ڪوٽ” واري جنڪشن اسٽيشن اچي وئي، ساڳيءَ ريت ٻين اسٽيشن متعلق تصور گوسڙجي اسٽيشن کان لهي واه جي ڪَڙَ سان باگڙجي ٿو وٺي هلي.
“هماچل” جا واهڻ، ڄڻ سيوهڻ ۽ ڪاڇي جا واهڻ هجن، ۽ “واهڻ” ڄڻ “خانواهڻ” هجي، بخشاپور هجي، ۽ ڪنهن “جهنگل” جو تصور ۾ مان ته مرڻاس مرحوم سان ڄڻ گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلي جي پاسي پيو هلندو وڃان.
ڀوپال کان ويهن ميلن تي بابا گوري سهاڻي جي سماڌي جو خيال انهيءَ ئي پل مون کي ادل سومري، اياز عالم سان گڏ اروڙ واري ڪالڪا جي مندر ڏانهن وٺي ويو.
شهپارا کان جيرآباد تائين واري بيابان وري، ننڍپڻ ۾ ڪيل ڊيرا جمالي کان ڳڙهي خيري وارو بيابان ياد ڏياري ڇڏيو.
“پار پيا” ڄڻ “پريالو” هجي، ۽ ڪواڙيءَ جي قلعي جو تصور ته سڌو سنئون”ڪوٽ ڏيجي” گهمائڻ ٿو لڳي، ۽ “سرڀنيءَ جي پهاڙن” ۽ ڌوليا وارو اهو رستو، ڄڻ آڱر جهلي سيوهڻ کان لاهوت وٺي ٿو هلي.
انهن ۽ اهڙين ڪيترين ئي ٻين خوبين جي ڪري ڪرشن چندر اردوءَ ۾ منفرد مقام ته رکي ئي ٿو، پر هو پنهنجي منظرنگاري، معاشرتي عڪاسي، ڪردارن کي پيش ڪرڻ جي طريقي، وقت ۽ جاين جي مٽا سٽا، ڊرامائي انداز جي مڪالمن، ڪهاڻيءَ جي فني سٽاءُ جي ڪري سنڌي پڙهندڙن ۾ به اوترو ئي مقبول آهي، اهو سبب آهي جو هن جا ڪيترا ناول سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪيا ويا آهن.
مون به شروع زماني ۾ ترجما ته اردوءَ تان ئي ڪيا، ۽ منهنجي انهن ترجمن کي ساراهيندي مرحوم شفيع محمد “اوج” علوي (شڪارپوري) چوندو هو ته ترجما ڪرڻ، طبعزاد لکڻ جي مشق سان گڏ پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت به آهي.”
انهيءَ خدمت جي جذبي تحت مون اردوءَ ۽ انگريزيءَ تان ڪافي ترجما ڪيا آهن:
هيري جي چوري (جاسوسي ڪهاڻي، اردو تان ترجمو) روزاني خادم وطن حيدرآباد 07. مارچ 1967ع.
ٻار ۽ ڪوڙ (نفسياتي مضمون، اردو تان ترجمو) ماهنامه اديون ڪراچي سيپٽمبر 1970ع.
سپنن جو سنسار (خوابن جي نفسيات: انگريزيءَ تان ترجمو) ٻه قسطون، ماهوار پروڙ ڪراچي نومبر، ڊسمبر 1989ع ۽ اپريل 1990ع.
حقيقت ۽ آزادي، (فلسفو، اردو تان ترجمو) يارهن قسطون روزانو جاڳو ڪراچي، 23 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر 1995ع.
عربي شاعري نئين دور ۾، (اردو تان ترجمو) ماهوار مومل ڪراچي، جولاءِ 1997ع.
محبت به قيامت به، (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو قسطوار) ماهوار پرک ڪراچي، آڪٽوبر، نومبر 2004ع ۽ جنوري، فيبروري 2005ع،
ڪرسمس جو بهشتي وڻ (دوستو وسڪي جي ڪهاڻي، انگريزيءَ تان ترجمو) ماهوار ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي، جون، جولاءِ 2005ع.
نجوميءَ جو ڏينهن (آر ڪي نارائڻ جي ڪهاڻي، انگريزيءَ تان ترجمو) ماهوار ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي، آڪٽوبر 2005ع.
محبت به قيامت به، (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو) ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي، جون، جولاءِ 2005ع.
قلوپطره (ناول، اردو تان ترجمو) ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي، آگسٽ 2005ع.
“سپنن جو سنسار (ايمل اِي گوٿائيل جي Hand Book of Dream Analysis جو ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ 2007ع.
هن زماني جو هڪ ڏينهن، (گارشيا مارڪئيز جي ڪهاڻي، انگريزيءَ تان ترجمو) ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، جولاءِ، ڊسمبر 2007ع.
مون ته لڳائي سپني ول: نجيب محفوظ جا خواب، (اردو تان ترجمو؛ ٻه قسطون) ماهوار پرک ڪراچي، اپريل، مئي 2010ع.
پبلو نرودا جي آتم ڪهاڻي (اردو تان ترجمو) ماهوار پرک ڪراچي، مئي2010ع.
انگريزيءَ تان سڌو سنئون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ مون کي سائين امداد حسينيءَ سمجهائيندي چيو هو ته: “ انگريزيءَ تان اردو الٿو ٿيل کي وري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪبو ته ان ۾ ڪافي ڪميون رهجي وينديون، بهتر آهي ته ماڻهو انگريزيءَ تان ترجمو ڪري.”
ان ڪري هاڻي مون ڪجهه انگريزي ڪتابن تان ئي ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جيڪي ڪجهه اڻ پورا ۽ اڻڇپيل به آهن، جن تي ڪم ڪري رهيو آهيان:
سٺو دوست (ليو شائوچي جي ڪتاب How to be a Good Communist جو ترجمو، انگريزيءَ تان).
پيهي جان پاڻ ۾ (پائلو ڪوهلو جي ناول الڪيمسٽ جو ترجمو، انگريزيءَ تان).
تزڪ تيموري (زبيده ڊوسل جي انگريزي ڪتاب جو ترجمو).
شخصيت جو انتظام (فرائيڊ جي ليڪچر جو ترجمو، انگريزيءَ تان).
منهنجو داغستان (رسول همزاتوف جي ڪتاب جو ترجمو، انگريزيءَ تان)
خوابن جي تشريح: سگمنڊ فرائيڊ جي ڪتابThe Interpretation of Dreams جو ترجمو(جيمس اسٽرئچي جي انگريزي ترجمي تان).
ڪرشن چندر جي هن ناول جي ترجمي ڪرڻ ۾ مون سنڌي زبان جي تقدس کي قائم رکڻ جي ڪوشش ته وڏي ڪئي آهي، پر ان هوندي به ڪٿي ڪا ڪمي ڪوتاهي رهجي وئي هجي ته معذرت خواه آهيان. مان پنهنجي هن نوجوان دوست انعام عباسيءَ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ناول کي شايع ڪري، منهنجي همت افزائي ڪئي آهي.
04. 11. 2012ع
بيدل مسرور بدوي
ڪراچي. سنڌ