نبوّت
[/b]معلوم هئڻ گهرجي ته محققن جي نزديڪ نبوت ڪا ڪسبي شيءِ ڪانهي جا نفساني ۽ بدني رياضتن سان حاصل ڪري سگهجي ۽ اها پيدائشي شيءِ به ڪانهي جو پيغمبر جي نفس کي هن طرح پاڪ ڪري پيدا ڪيو ويو هجي جو اهو پنهنجي جبلت ۽ پيدائش ڪري (ملڪن وانگر) اهڙن ڪمن ڪرڻ تي مجبور هجي جي تقدس جي مناسب هجن. مطلب ته، قضا ۽ قدر جي ڪارڪنن پيغمبر جي نفس کي پيدا ڪرڻ وقت هرون ڀرون اهڙو پاڪ پيدا نه ڪيو آهي، جو مجبور ٿي کانئس پاڪ فعل صادر ٿيندا رهن، پبلڪ نبوت هڪ اعليٰ درجي جو مرتبو آهي جو ڪنهن مقرر وقت تي عنايت ٿئي ٿو.
حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن دنيا جي حالت بگڙي خراب ٿي پوي ٿي تڏهن اها خود تقاضا ڪري ٿي ته خدا تعاليٰ، بني آدم جي سڌاري ۽ درستيءَ لاءِ ڪو ارادو فرمائي سندن مدد ڪري. ان وقت ماڻهن ۾ جيڪو سڀني کان زياده پاڪيزه، زياده سچار ۽ وڏي همت وارو هوندو آهي تنهنجي دل ۾ هيءُ خيال وڌو ويندو آهي ته هو اٿي ماڻهن کي انهن علمن ۽ عملن جو حڪم ڪري جن ۾ سندن اصلاح ۽ چڱائي آهي. پوءِ جيڪڏهن هو سندس حڪم کي مڃڻ لاءِ تيار ٿين ۽ سندس سڏ اونائين ته چڱو، ٻيءَ حالت ۾ هو زبان يا ترار ذريعي ساڻن جهاد ڪري، ۽ ان جهاد کي ايستائين جاري رکيون اچي جيستائين سعادت مند بدنصيبن کان نکڙي عليحدا ٿي وڃن ۽ دنيا هدايت جي نور سان چمڪڻ لڳي.
ان وقت دنيا جي هيءَ گهر رهندي آهي ته، خدا تعاليٰ، انسانن جي ڀلائي جو ڪو ارادو ڪري، ۽ کين نجات ۽ ڇوٽڪاري جي راهه ڏيکاري ۽ ان جي اهڙي گهر ان پاڻيءَ جي گهر مثل هوندي آهي جو گرم ٿيڻ کان پوءِ هوا ۾ بدلجي وڃڻ چاهيندو آهي.
جڏهن جهان جي واقعي اهڙي گهر ٿئي ٿي تڏهن الاهي قضا به ستن آسمانن تان لهي ملا اعليٰ تي نازل ٿئي ٿي ۽ پوءِ ملا اعليٰ به انهيءَ رنگ ۾ رڱجي وڃي ٿو ۽ انهيءَ پاڪ نفس يعني پيغمبر جي روح لاءِ (جنهن جي نبوت جو تقرر الاهي ارادي ۾ ٿي چڪو آهي) پنهنجي برڪتن جا واهڙ وهائي ڇڏي ٿو ۽ مناسب صورتن جي شڪل وٺي سندس آڏو اچي ٿو ۽ سندس روح ۾ ظاهري ۽ باطني علوم هاري ۽ پلٽي ٿو.
بعد ۾ هيءُ پاڪ نفس به ان غير مادي تدبير کان واقف ٿي وڃي ٿو جا ستن آسمانن کان لهي سدرته المنتهيٰ وٽ اچي مثالي حڪمن جو لباس پهري، ملا اعليٰ ۾ مشهور ٿي زمين تي نازل ٿئي ٿي. اهائي تدبير ملا اعليٰ جي (مناسب) پوشاڪ پهرڻ کان پوءِ وري ٻيو دفعو لفظن ۽ حرفن جي لباس ۾ ملبوس ٿي انهيءَ پيغمبر جي دل تي لهي ٿي.
انهيءَ وقت شرعي اصطلاح ۾ ائين چيو ويندو آهي ته فلاڻي شخص کي الله تعاليٰ نبي ڪري موڪليو آهي، ۽ حڪمن احڪامن جي تبليغ ڪرڻ جو کيس حڪم ڪيو ويو آهي ۽ مٿس وحي نازل ٿيو آهي.
[b]نبيءَ جون صفتون
[/b]ها، هي ڳالهه ضرور آهي ته هيءَ دولت (نبوت) فقط انهيءَ شخص کي ڏني وڃي ٿي جنهن جو نفس، پاڪ (قدسي) هوندو آهي ۽ پنهنجي اصلي پيدائش ۾ ملااعلي ۾ شمار آهي. ۽ جنهن جون ملڪي قوتون گهڻو ظاهر ۽ روشن هونديون آهن. ۽ ان جو بدني مزاج نهايت اعتدال ۾ هوندو آهي.
ان (پيغمبر) جي طبيعت باوجود مضبوط هئڻ جي سندس دل (قلب) جي مطيع هوندي آهي ۽ سندس دل (قلب) نهايت قوي ۽ دلير هوندي به عقل جي فرمانبردار هوندي آهي. ان جو عقل وري جيتوڻيڪ نهايت تيز ۽ صحيح هوندو آهي مگر ته به ملا اعليٰ جي پيروي ڪندو آهي. هو گويا ملا اعليٰ جو هڪ نسخو (يعني انهن مان هڪ) ۽ آرسي آهي.
انهيءَ جي قوت عاقله، ملا اعليٰ جي ادراڪ سان پوري مشابهت رکندي آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي اهو وحي کي جلدي قبول ڪندو آهي. سندس عملي قوت نهايت صلاحيت ۾ هوندي آهي، جنهن ڪري عصمت سندس صفتن مان هڪ هوندي آهي. هي سڀ لياقتون ۽ خوبيون نبوت لاءِ اشد ضروري آهن.
جهان جي پالڻهار جو اهو دستور رهيو آهي ته هو نبوت فقط انهن کي عطا ڪندو آهي جي اهڙين صفتن جا پيدائشي مالڪ هوندا آهن .اهڙا به گهڻا ئي ماڻهو آهن جن جا نفس پاڪ ۽ صاف ۽ مٿي ڄاڻايل صفتن مان گهڻن جا مالڪ به آهن، ليڪن تنهن هوندي به نبوت سندس نصيب ۾ نه آهي.
[b]بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي رسالت سونپڻ جي جاءِ کي خوب ڄاڻي ٿو.
[/b]نبوت جي اثبات جي بيان ۾ شاهه صاحب چوي ٿو ته ”اهو معلوم آهي ته مادي تي انساني صورت تڏهن پلٽي ويندي آهي جڏهن اها الاهي انسان سان ڪجهه نه ڪجهه مشابهت رکندي آهي. جيڪڏهن مادو به نهايت معتدل ۽ لطيف آهي ته پوءِ ان جو تعلق به ان صورت سان گهرو ۽ گهاٽو رهندو آهي. اهو شخص جو هر لحاظ کان ڪمال رکي ٿو تنهنجو تشبهه الاهي انسان سان گهڻو رهي ٿو. نتيجو اهو ٿو نڪري جو اهڙي ڪامل شخص جو مادو، انسانيت جي احڪامن ۽ علمن جي ظهور لاءِ هڪ آله ڪار بڻجي وڃي ٿو، ۽ پوءِ ان جي دل جي پاڙ مان حقيقي علم ۽ پسنديده اخلاق سواءِ ڪنهن تعليم ۽ ڪسبي تڪليف برداشت ڪرڻ جي ڇوليون هڻي ٻاهر نڪرن ٿا.
جنهن انسان جو نفس بي حد پاڪ صاف ۽ مضبوط آهي تنهنجو جبروت سان مناسب اتصال قائم ٿي وڃي ٿو. انهيءَ اتصال مان مراد اها صورت آهي جا جبروت سان تشبيهه هئڻ جي اعتبار کان انهيءَ انسان تي پلٽي ويندي آهي. نبيءَ جي حالت ۾ ههڙي قسم جو تشبيهه ان جي اصل فطرت ۽ جبلت ۽ منڍ کان ئي موجود هوندو آهي.
اهڙيءَ قسم جي انسان (يعني پيغمبر) تي مبدا اعليٰ کان حقيقي علم، خاص ڪري اهي علم جي انسان جي نوع جي جبلت ۾ رکيا ويا آهن، بغير ڪنهن فڪر، سوچ ۽ ويچار جي متشرح ٿيندا رهن ٿا، ۽ الاهي احوال يعني ”انسان اڪبر“ جي ڪيفيت سان هو علي الخصوص متڪيف ٿي ۽ سندس رنگ ۾ رڱجي ۽ ساڻس اتصال پختو رکي، الاهي فيض جي ظهور لاءِ، جنهن تي بشري نظام هن ناسوتي عالم (جهان) ۾ قائم آهي، هڪ جارح ۽ تمثال بڻجي پوي ٿو، گويا هڪ روشن قنديل بڻجي وڃي ٿو جنهن جي روشنائي ساري مخلوق لاءِ هن زندگي ۽ آخرت ۾ هڪ رهبر ۽ رهنما جو ڪم ڏئي ٿي.
نبوت جي هن قدر حقيقت ۾ ته ڪنهن به قوم کي اختلاف ڪو نه آهي. سڀيئي قومون نه رڳو نبوت جي ان قسم کي ممڪن سڏين ٿيون پر ان جي واقع هجڻ ۽ وجود ۾ اچڻ تي پڻ متفق آهن. اهو ته سبب آهي جو هر قوم پنهنجي بزرگ ترين بندن جي تابعدار ۽ پوءِ لڳ رهي ٿي، ڇا لاءِ جو اها انهن ۾ غير معمولي حدس ۽ تيز فهميءَ جون نشانيون ڏسي ٿي. اختلاف رڳو هن ۾ رهيو آهي ته اهڙن نبين تي ڪو ملڪ به لٿو آهي يا نه يا وري انهن سان خدا جو ڪلام ٿيو آهي يا نه؟
مطلب ته، جڏهن انساني نوع پنهنجي دنياوي ۽ اخروي زندگي ۾ ڪنهن وڏي مصيبت ۽ هلاڪت سان دوچار ٿي پوندو آهي ۽ اتان خلاصي پائڻ جي ڪا اميد باقي نه رهندي آهي تڏهن حظيرة القدس (الملاء اعليٰ) ۾ انهيءَ جي ڇوٽڪاري جو انتظام ڪيو ويندو آهي. انهيءَ وقت دنيا ۾ جو شخص ڪامل استعداد رکندڙ ۽ پاڪيزه اخلاق جو مالڪ هوندو آهي، تنهن کي چونڊي سندس مناسب تربيت ڪئي ويندي آهي ۽ انهن مڙنئي ڪمالات سان کيس مالا مال ڪيو ويندو آهي جي ان جليل القدر منصب لاءِ ضروري هوندا آهن. ان جو حڪم نافذ ٿيندو آهي ۽ دنيا ۾ ان وقت جيڪي به ماڻهو حق کي قبول ڪرڻ جو استعداد رکندڙ هوندا آهن تن جي دلين ۾ ان پيغمبر جي پيروي ڪرڻ جو خيال وڌو ويندو آهي. اهڙي طرح سان هڪ برگزيده جماعت ظهور ۾ ايندي آهي جنهن جي بدولت اهو مقصد پورو ٿيندو آهي.
انهيءَ ڪامل شخص جي دل ۾ اهڙا علوم متمثل ٿيندا آهن جن ۾ سڀني ماڻهن جي فلاح ۽ بهبودي هوندي آهي. هن قسم جو تمثل ڪڏهن خواب جي ذريعي ته ڪڏهن وحي جي نازل ٿيڻ جي وسيلي ٿيندو آهي. ڪڏهن ته خود فرشتو سامهون ٿي ساڻس گفتگو ڪندو آهي ۽ الله تعاليٰ جو کيس پيغام ٻڌائيندو آهي. الله تعاليٰ جو هي هڪ غير متبدل قانون آهي ته هو ان جي دوستن کي سندن دشمنن تي فتح بخشي ۽ انهن کي هر ڪنهن قسم جي ڪاميابي ۽ ڀلائيءَ سان بهره ياب فرمائي. اهو نبوت جو اصل آهي.
نبوت جي زماني ۾ جڏهن حظيرة القدس (روح القدس، الملاء الا علي) جو فيض دنيا ۾ هر طرف ڦهلبو ويندو آهي تڏهن معمول (عادت) خلاف اهڙيون ڳالهيون ظاهر ٿينديون آهن جي رواجي طور اڳي ڪڏهن به ظاهر نه ٿيون آهن. انهن ئي برڪتن جي ظاهر ٿيڻ کي معجزا سڏيو وڃي ٿو.
نبوت جي حقيقت ۽ اثبات بابت جو ڪجهه شاهه صاحب ٻڌايو سو مٿي ذڪر ٿي چڪو. مناسب آهي ته نبوت بابت ڪن ٻين مفڪرن ۽ عارفن جي ڪلام کي به قلم بند ڪيو وڃي ته جيئن موازني ڪرڻ ۾ سهنجائي ٿئي.
[b]اشاعرن ۽ ڪن عارفن جي نبوت بابت تحقيق
[/b]اشاعرن جي نزديڪ نبوت جي تعريف هيءَ آهي.
”پيغمبر اهو آهي جنهن کي خدا تعاليٰ چيو هجي ته مان توکي رسول ڪري موڪليو آهي، ماڻهن کي منهنجو پيغام وڃي پهچاءِ يا اهڙا ڪي ٻيا لفظ چيا ويا هجن. پيغمبر ٿيڻ لاءِ ڪو به اهڙو شرط نه آهي (جو ان جي لڀڻ ڪري ضرور ان کي پيغمبر بڻايو وڃي ) ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي قابليت جو ئي شرط آهي، بلڪه خدا تعاليٰ پنهنجي رحمت سان جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي خاص ڪري وٺي ٿو.
هيءَ سمجهاڻي (تعريف) اهڙي آهي جو ڪنهن شخص کي نبي چوڻ نبيءَ جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو. ڇالاءِ جو عام ماڻهن کي اها خبر ڪيئن پوي ته فلاڻي شخص سان خدا تعاليٰ ڳالهايو (هم ڪلام ٿيو) آهي. انهيءَ ڪري اشاعرن، نبوت جي پرک لاءِ معجزي کي دليل قرار ڏنو آهي، يعني ته جنهن کان معجزو ظاهر ٿيو تنهن بابت هي يقين ڪيو ويندو ته خدا تعاليٰ ان سان مخاطب ٿيو آهي.
[b]نبوت جي باري ۾ امام رازي جي راءِ
[/b]نبوت جي حقيقت جي باري ۾ امام رازي پنهنجي راءِ پيش ڪندي چوي ٿو ته:
نبوت جا قائل ٻن قسمن جا ماڻهو آهن. پهرئين قسم وارن جو چوڻ آهي ته معجزن جو ظاهر ٿيڻ نبيءَ جي سچائيءَ جو دليل آهي ۽ هيءُ قديمي (قديم مذهب جو) طريقو آهي، ۽ عام ماڻهو انهيءَ طريقي تي هلن ٿا. ٻئي قسم وارا، وري اهي آهن جي پهريائين هن ڳالهه کي نظر هيٺ آڻن ٿا ته صحيح عقيدا ۽ خير جا ڪم ڪهڙا آهن، ان بعد هو ان شخص کي ڏسن ٿا جو ماڻهن کي سچي دين طرف دعوت ڏئي ٿو، ۽ هن حقيقت جو به معائنو ڪن ٿا ته هو ماڻهن کي باطل کان هٽائي حق جي طرف مائل ڪرڻ ۾ ڪهڙو قوي اثر رکي ٿو، جنهن بعد ئي هو ان جي سچائيءَ جا قائل ٿي سندس تابعدار بڻجن ٿا. هيءُ طريقو نهايت مقبول آهي ۽ منجهس شبهات جي گنجائش خير ڪا آهي.
امام صاحب هن ٻئي طريقي کي خوب پسند ڪيو ۽ انهيءَ طريقي جو ثبوت خود قرآن شريف مان پيش ڪيو هو اڳتي هلي چوي ٿو ته نبوت صرف، قوت نظري ۽ قوت علمي جي ڪمال جو نالو آهي ۽ معجزي وغيره کي ان ۾ ڪو دخل ڪونهي.
[b]امام غزالي جي نبوت جي حقيقت بابت راءِ
[/b]امام غزاليءَ نبوت جي جا حقيقت ٻڌائي آهي سا وڌيڪ واضح ۽ چٽي آهي. هو چوي ٿو ته: ”ڄاڻڻ گهرجي ته انسان جي اصل فطرت جو جوهر خالي ۽ سادو خلقيو ويو آهي. ان کي الله تعاليٰ جي جهانن جي ڪا خبر ڪانهي ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي جهان جي خبر ادراڪ ذريعي ئي پوي ٿي.
پهرئين شيءِ جا ماڻهوءَ ۾ خلقي ويئي، سا ڇهڻ جو حس هو جنهن سان هو مثلا: گرميءَ ۽ سرديءَ وغيره جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو. ڇهڻ جو حس، رنگن ۽ آوازن جي پروڙ کان قاصر آهي. ٻيو منجهس ڏسڻ جو حس پيدا ڪيو ويو، جنهن وسيلي هو رنگن ۽ شڪلين جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو. ان بعد منجهس ٻڌڻ جو حس پيدا ڪيو ويو، تنهن کان پوءِ کيس ذوق جو حس ڏنو ويو.
جڏهن ٻار ستن سالن جي ويجهو ٿئي ٿو تڏهن منجهس ”تميز“ جو حس خلقيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ کيس عقل ڏنو وڃي ٿو، جنهن سان هو ”واجب“ ”جائز“ ناممڪن ۽ ٻين اهڙين شين جو ادراڪ ڪري ٿو جي اڳ ۾ ڪو نه هيون.
عقل کان اڳتي ۽ مٿي به هڪ حالت آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ لاءِ هڪ نئين اک کلي ٿي جنهن سان هو مستقبل جي حالتن کي چٽيءَ طرح ڏسي سگهي ٿو. هتي عقل اهڙو لاچار آهي جهڙو تميز جي قوت معقولات جي ادراڪ ڪرڻ کان لاچار آهي ۽ حس جي قوت تميز جي شين کان بي وس آهي.
جهڙي طرح تميز جي درجي کي پهتل (مميز) اڳيان جڏهن عقلي شيون آنديون وڃن ٿيون، تڏهن هو انهن کي رد ڪري ٿو ۽ مڃي نٿو، تهڙي طرح سان جڏهن ڪنهن عاقل جي سامهون نبوت جون ڳالهيون اچن ٿيون، تڏهن هو انهن کان انڪار ڪري ٿو ۽ مٿن ايمان نٿو آڻي. هي نسورو جهل آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ڪا اهڙي سند ئي ڪانهي، سواءِ هن جي ته اها هڪ اهڙي حالت آهي، جنهن کي هو نه رسيا آهن، تنهن ڪري سندن خيال موجب اها موجود ئي نه آهي.
تحقيق الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق تي خاص مهرباني ڪري. کين به نبوت جي خاصيت مان هڪ نمونو عطا ڪيو آهي ۽ اهو آهي ”ننڊ“ ننڊ ۾ ماڻهو آئينده جي حال جو ادراڪ ڪري ٿو، پوءِ اهو چٽو يا مثال جي پوشاڪ ۾ ڍڪيل، جو تعبير جي ذريعي ظاهر ٿيو پوي.
باقي جيڪڏهن ڪنهن کي نبوت جي ممڪن هجڻ ۾ ئي شڪ آهي ته ان جي ممڪن هجڻ جو دليل ان جو موجود هجڻ ئي ڪافي آهي، ۽ ان جي موجود هجڻ جو دليل وري هيءُ آهي ته جهان ۾ ڪيترا اهڙا علم موجود آهن، جي عقل سان ته ڪڏهن به حاصل ڪري نٿا سگهجن.
هن دليل مان هيءُ ڳالهه پڌري ٿي پئي ته وجود ۾ اهڙي طريقي جو هجڻ ممڪن آهي، جنهن سان اهي ڳالهيون پروڙي سگهجن ٿيون، جن کي عقل نٿو پروڙي سگهي، ۽ ان مان مراد نبوت آهي.
نبوت جون ڪيتريون ئي خاصيتون آهن جن مان ڪي تصوف جي طريقي تي هلڻ سان ”ذوق“ مان ئي سمجهه ۾ اينديون. جيڪڏهن ڪنهن کي تصوف ۾ ”ذوق“ نصيب نه ٿيو آهي ته هو نبوت جي حقيقت کي سمجهي به نه سگهندو.
اهو شخص جو هيءُ گمان رکي ٿو ته، ”ڪشف“، صاف دليلن تي موقوف ۽ منحصر آهي ته پوءِ ان ڄڻڪ الله تعاليٰ جي وسيع رحمت کي تنگ ڪيو آهي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن نبيءَ جي سچائي معلوم ڪرڻ چاهي ته ان کي جڳائي ته ان جي قول ۽ فعل تي فڪر ڪري، ان جي ارشادن ۽ هدايتن تي غور ڪري، ۽ هن ڳالهه ڏي ڌيان نه ڏئي ته هن لٺ کي نانگ بڻائي ڇڏيو يا چنڊ کي چيري وڌو.
نبوت جي ثابتي ۽ حقيقت بابت امام ولي الله ۽ ٻين مفڪرن جي بحث مان هيءُ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب جي سمجهاڻي گهڻو وزندار، معقول ۽ جاذب آهي. ان تي تفصيلي بحث اڃان باقي آهي.
بهرحال جڏهن به ڪنهن پيغمبر کي مبعوث ڪيو ويندو آهي تڏهن ان جي بعثت مان هيءَ مراد هرگز نه هوندي آهي ته ان کي آسمان کان زمين طرف، يا مشرق کان مغرب ڏانهن يا هڪ شهر کان ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن موڪليو وڃي.
رسول کي موڪلڻ جي معنيٰ ته هيءَ آهي ته خدا تعاليٰ جي قائم ڪيل ارادي موجب عام انسانن کي الاهي شريعت کان آگاه ڪيو وڃي ته اها انهن جي سڌاري ۽ ڪاميابيءَ جو سبب ٿئي. انهن جو عقل ۽ ادراڪي قوتون، حق جي علم سان ڀرجي ٽمٽار ٿين،چڱا ڪم ڪيا وڃن ۽ برن کان پاسو ڪيو وڃي. يا وري رسول کي موڪلڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته جڏهن بني آدم ۾ شرڪ ۽ ظلم ڦهلجي وڃي ٿو ۽ جو بغير نبيءَ ۽ رسول کي موڪلڻ جي دفع ٿي نٿو سگهي تڏهن هڪ پيغمبر کي موڪلي ان کي دفع ڪيو وڃي. جڏهن ته هر فرد بشر نبي يا رسول بڻجي نه ٿو سگهي ۽ نه وري هر وقت ۽ هر زمانو نبي يا رسول جي ظاهر ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ڪري حڪمت الاهي اهو گهري ٿي ته رسول جي بعثت جي لاءِ هڪ خاص وقت ۽ خاص فرد اڳ ۾ ئي مقرر ڪيو وڃي. پوءِ جڏهن اهو وقت ايندو آهي ۽ اهو مقر ٿيل فرد به موجود هوندو آهي تڏهن ان کي پنهنجي ڪم لاءِ خاص چونڊيو ويندو آهي ۽ نبوت ۽ رسالت جو خيال سندس دل ۾ وڌو ويندو آهي.
[b]نبوت جي ظهور جا مختلف طريقا
[/b]هن هنڌ هيءُ معلوم هئڻ گهرجي ته مختلف وقتن ۾ نبوت جي صورت به مختلف ٿيندي آهي. نبي، ڪڏهن بادشاهه ۽ خليفي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي ته ڪڏهن وري ڪنهن ماهر عالم جي پوشاڪ ۾ نمودار ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن زاهد ۽ مرشد جي صورت ۾ ظهور ڪندو آهي. اهڙي طرح سان نبيءَ جي ظاهر ٿيڻ جا سبب، فعل ۽ آثار به مختلف رهيا آهن.
آنحضرت ﷺ جن جي رسالت، رياست، خلافت، عالميت، زاهديت ۽ مرشديت جي جامع هئي.
ان کانسواءِ ڪي اهڙيون وصفون به آهن جي نبوت جي اصل ۽ حقيقت سان ڪو واسطو نه ٿيون رکن مثلا: دل وڻندڙ سونهن، فائق نسب، مٺو آواز، بدني طاقت ۽ بهادري وغيره.
[b]نبوت ڪبريٰ جو بيان
[/b]نبوت جي لازمي ڳالهين مان هڪ ڳالهه هيءَ آهي ته هو نفس ناطقه جي ٻنهي قوتن يعني قوت عامله ۽ قوت عاقله ۾ اهڙو برک هجي جو باقي مخلوقات کان نکڙيل ۽ ممتاز نظر اچي. ان جا مڙئي علم ۽ معرفتون وهبي هجن، فڪر ۽ خيال جو نتيجو نه هجن، جيئن عام انسانن جي حالت ۾ ٿئي ٿو.
اخلاق ۾ هر پهلو کان ڪامل هجي ۽ عالم بالا ڏانهن طبعا (طبيعت ڪري) زياده مائل هجي ڇالاءِ جو هو پنهنجي اصل فطرت ۾ عالم مثال جو هڪ نقشو آهي ۽ سندس نفس انساني صورت سان ڪلي تدبير ڪري مشابهت رکندڙ آهي.
هو عصمت جو مجسمو هجي ۽ کانئس شرع جي خلاف ڪو به ڪم صادر نه ٿئي ۽ معصوم ته هو هر حالت ۾ ٿيڻو ئي آهي ڇالاءِ جو ان جي قلب جي آئيني تي حظيرة القدس جو عڪس هر وقت پوندو رهي ٿو ۽ هر اها شيءِ جا الله تعاليٰ کي پسند يا ناپسند آهي تنهن جو اثر ان (حظيرة القدس) ۾ ظاهر ٿئي ٿو جنهن کان هيءُ پيغمبر في الفور واقف ٿي وڃي ٿو، تنهن ڪري ان کان ڪنهن گناهه جي صادر ٿيڻ جو ته ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
ان کانسواءِ خود غيبي اسباب به ان (پيغمبر) جي غالب اچڻ، ڪامياب ٿيڻ ۽ سندس بلند شان ۽ عالي مرتبي جي تقاضا ڪندڙ هجن. هن کي پنهنجي دشمن تي فتح حاصل ٿئي ۽ ان دشمن جون سازشون کيس ڪو به نقصان پهچائي نه سگهن ۽ سندس جماعت هميشه سرفراز رهي. هو پيش ايندڙ واقعن کي خواب ۾ ڏسي ۽ پوءِ اهي ٿيڻ به اهڙي طرح جهڙي طرح هن کين خواب ۾ ڏٺو هو.
مبدا اعلي سان لاڳاپو قائم رکڻ سان گڏ ان جو نفس اهڙو ته ڪشادو هجي جو ان (نفس) جا علم ۽ همتون قضاءَ ڪلي جو هڪ نمونو بڻجي پون ۽ پوءِ ان جي همت اهو ئي ڪم ڏئي جا درمياني قوت (القوت المتوسطه) ڏئي ٿي، جنهن کي اسين ”مثال“ چئون ٿا.
پيغمبرجي وصفن مان هڪ وصف هيءَ به آهي ته ان جي پيروي ڪرڻ ۽ ان جا حڪم مڃڻ مخلوق تي فرض ڪيو ويندو آهي. غيب جي مالڪ جي اها خواهش هوندي آهي ته هو غالب رهي ۽ ان جو مخالف مغلوب ۽ شڪست خورده. ان جا مددگار ۽ ساٿي به ڪامياب ۽ سعادت مند رهندا آهن. ان جي ملت ۽ دولت وڌي ڊگهي عرصي تائين قائم رهندي آهي.
ان کانسواءِ نبيءَ جي هٿ تي معجزا ظاهر ٿين ٿا. هو ڪن وقتن تي دلين جا ڀيد ڄاڻي ٿو، سندس دعائون قبول پون ٿيون ۽ هو سچا خواب ڏسي ٿو. غير معمولي طاقت جو مظاهرو ڪري ڏيکاري ٿو. سندس جهاڙ موثر ثابت ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ هو مڪمل ضبط ۽ غير معمولي فراست جي نعمت سان نوازيل هوندو آهي.
مطلب ته نبيءَ کي سمجهڻ لاءِ ائين کڻي ڄاڻو ته ان جو مبارڪ جسم چئن شخصن جو حامل هوندو آهي. پهريون، بادشاهه يا حاڪم جنهن کي حڪمت عملي جو ماهر، مدني انسان سڏي ٿو، يعني اهڙو انسان جنهن جي نفس ناطقه جو پاڇو ماڻهن تي پوندو هجي ۽ جنهن پاڇي سبب انساني افراد ۾ اتحاد ۽ انتظام قائم ٿي وڃي.
ٻيو حڪيم، جنهن کي حڪمت عملي مان چڱو ڀاڱو مليل هجي ۽ هو علم اخلاق، گهرو انتظام (تدبير منازل) ۽ ملڪي سياست (سياست مدن) ۾ به خوب واقفيت رکندڙ هجي. هو نه فقط انهن کان واقفڪار هجي پر اهي تحقيقا ۽ تخليقا منجهس نمايان نظر اچن.
ٽيون صوفي مرشد، جو صوفين جي جماعت ۾ ويهي ۽ عجيب ڪرامتن ۽ ڪرشمن جو سرچشمو هجي. پنهنجي ارشاد جي قوت سان گمراهن کي سنئين واٽ لائي کين ڇوٽڪاري جي راهه ڏيکاري. علاوه ان جي، طاعت ۽ رياضت رستي نفس کي ڪيئن سڌاريو ۽ سنواريو وڃي، تنهن کان پڻ پوري ڄاڻ رکندڙ هجي.
چوٿون جبرائيل، جو الاهي تدبير کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ هڪ اوزار (جارحه) آهي. الله تعاليٰ جي حڪمن جي تابعداري ڪرڻ سندس فرض آهي. ان جي جبلت ۽ حظيرة القدس درميان هڪ شاهي رستو بلڪل کليل رهي ٿو، جنهن ڪري اتان عالي علوم، هن پيغمبر جي دل تي هاريا ۽ پلٽيا وڃن ٿا. نتيجي ۾ ان کي قلبي اطمينان، يقين ۽ بزرگي حاصل ٿئي ٿي.
نبوت ڪبريٰ، جا خلافت ۽ رسالت ٻنهي جي جامع آهي تنهن ۾ مٿين وصفن جو موجود هجڻ بلڪل ضروري آهي.
[b]نبين ۾ برتر ۽ ڀلارو نبي
[/b]نبين ۾ سڀني کان برتر ۽ ڀلارو نبي اهو آهي جنهن جي بعثت جو هڪ ٻيو غرض به هجي. پهريون ته هو ماڻهن کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنائيءَ ۾ آڻي، ۽ ٻيو ته، انهيءَ جي قوم، ٻين قومن جي رهبري ۽ خدمت جي لاءِ هڪ بهترين جماعت ثابت ٿئي. هن جي ههڙي قسم جي بعثت گويا ٻن بعثتن کي شامل آهي. ۽ آنحضرت ﷺ جن جي بعثت ههڙي ئي هئي.
پهرين بعثت جي طرف هن آيت ۾ اشارو آهي، هُوَ الَّذِيْ بَعَثَ فِي الْاُمِّيّٖنَ رَسُوْلًا مِّنْهُمْ ۽ ان جي ٻي بعثت جو اشارو هن آيت ۾ موجود آهي. كُنْتُمْ خَيْرَ اُمَّةٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ.
افضل پيغمبر اهو ئي آهي جو فيض رسانيءَ ۾ فائق هجي ۽ جنهن جي وجود مسعود کان جهان کي زياده کان زياده فائدو پهچي.
ڇا لاءِ ته اسان جيڪڏهن آنحضرت ﷺ جن جي افضليت جو انحصار سندن نيڪين تي ڪنداسون ته اهڙين نيڪين جا انبار خود عيسائي به پنهنجي پيغمبر ۾ ثابت ڪندا. ليڪن جنهن پيغمبر جي امت جهجهي ٿئي ٿي ۽ جنهن جي آمد انسان ذات لاءِ زياده ۾ زياده نفع بخش ثابت ٿئي ٿي تنهن پيغمبر جي افضليت قطعي آهي.
شاهه صاحب نبي سائينءَ جي حديث انیْ مُکاثر بکم الامم جي شرح ۾ چوي ٿو ته انهيءَ ۾ هيءَ رمز رکيل آهي ته آنحضرتﷺ جن پنهنجي نيت جي صحت ۽ صفائي جي ڪري ٻين کان افضل ڪو نه هئا. ليڪن حقيقت هيءَ آهي ته جيئن امت جهجهي تيئن الاهي فيض جي پلٽ به جهجهي.
مطلب ته جنهن پيغمبر، انسانيت کي گهڻي ۾ گهڻو فائدو پهچايو سوئي افضل ۽ بهتر آهي. سندن رحمت اللعالمين هجڻ انهيءَ جو چٽو ثبوت ۽ پڪو دليل اهي.
باوجود ان جي جو پاڻ سونهارا افضل الخلق (سڀني کان ڀلارا) هئا ته به فرمايائون ته ”مون کي حضرت يونسؑ کان افضل نه سمجهيو وڃي“ ۽ هيءَ هڪ حقيقت آهي ته هڪ جي ترجيح، اڪثر ڪري ٻئي جي تنقيص ۽ تذليل جو باعث ٿئي ٿي.
هتي هن حقيقت کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن پيغمبر کي غلبو حاصل ڪرڻو هوندو آهي ته ان جي غالب اچڻ جي صورت هيءَ نه هوندي آهي ته انهيءَ سان ڪو فرشتو ساڻ هجي، جو هن ڳالهه جي شهادت ڏئي ته هيءُ سچو رسول آهي، ۽ نه وري ان جي برحق هجڻ لاءِ هيءُ ضروري آهي ته ان لاءِ آسمان مان ڪو ڪتاب لهي جنهن کي ماڻهو پنهنجن اکين سان لهندو ڏسي سگهن، بلڪه جهڙي طرح بادشاهه جهاد ۽ جنگ ذريعي پنهنجن مخالفن تي غالب ايندا آهن، تهڙي طرح رسول جي غلبي جي به حالت (صورت) ٿيندي آهي. هيءُ هڪ طي شده ڳالهه آهي جنهن جي خود اسان جي وجدان شاهدي ڏني آهي.
پيغمبر جي بعثت جا سبب اجمالي طور هن کان اڳ بيان ڪيا ويا آهن، ليڪن هيءَ ڳالهه بخوبي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته انهن سببن جو صحيح علم الله تعاليٰ کي ئي آهي. اسان صرف ايترو چئي سگهون ٿا ته ڪي سبب اهڙا آهن جي جڏهن موجود ٿين ٿا تڏهن پيغمبر جي بعثت جو عمل ۾ اچڻ ناگريز ٿي پوي ٿو.
نبوت جڏهن ظهور ۾ ايندي آهي تڏهن هر حال ۾ اضافي يا نسبي خير کي ئي لحاظ ۾ رکيو ويندو اهي. ٻين لفظن ۾ جڏهن اضافي خير جي ظهور ۾ اچڻ جو انحصار نبيءَ جي بعثت تي هوندو آهي تڏهن حڪمت الاهي جي گهر موجب نبيءَ کي مبعوث ڪيو ويندو آهي.
وري جڏهن نبي دنيا ۾ ايندو آهي تڏهن هو، ماڻهن کان اهڙين ڳالهين جي طلب ۽ گهر ئي نه ڪندو آهي جن جي مڃڻ لاءِ انهن جي فطرت تيار نه هوندي آهي، ڇا لاءِ جو نبوت هميشه فطرت جي ماتحت هوندي آهي.
نبيءَ جو ڪم آهي هر شيءِ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۽ ان کي اهڙو اجارڻ جهڙو اها هئڻ گهرجي. نفس جي اهڙي صفائي ڪري منجهس سڌارو آڻڻ جيئن ان جو پنهنجي پروردگار لاءِ سٺو اعتقاد ٿئي ۽ هو اهڙا ڪم ڪرڻ لڳي جن سبب دنيا ۽ آخرت ۾ ڇوٽڪارو لهي. علاوه ان جي نبيءَ جو اهو فرض آهي ته هو انسان کي اخلاص ۽ احسان جو صحيح سبق پڙهائي ڇا لاءِ جو اهي ٻئي (اخلاص ۽ احسان) دين جو اصل ۽ روح آهن.
هن بحث کي هتي ختم ڪري هاڻي اسين معجزي جي حقيقت ڏانهن موٽون ٿا.
اهي حڪم احڪام جن سبب نبي، ٻين ماڻهن کان مميز ۽ نکڙيل رهي ٿو، تن مان سندس معجزا به آهن جن جو ذڪر اڳ اچي چڪو آهي.
امام رازي، سوره عنڪبوت جي آيت قَالُوْا لَوْ لَا نُزِّلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ جو تفسير ڪندي لکي ٿو ته رسالت لاءِ معجزو شرط نه آهي. اڳتي هلي چوي ٿو ته اهو ئي ته سبب آهي جو حضرت شيث، حضرت ادريس ۽ حضرت شعيب عليهم السلام کان معجزا منقول نه آهن.
اهي ماڻهو جي معجزي جا قائل آهن سي به ان کي پيغمبريءَ جي (فقط) علامت چون ٿا، ۽ ظاهر آهي ته علامت، عين حقيقت نه ٿي ٿئي، يعني ته پيغمبر جي ماهيت ۾ معجزو داخل نه آهي.
[b]معجزن جي حقيقت
[/b]امام ولي الله، معجزي کي نبوت جي اصل کان خارج ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته معجزا به عادي واقعا آهن، يعني ته اهي به ظاهري سببن تي مدار رکن ٿا. پر ڇاڪاڻ ته انهن جا سبب گهڻو گهٽ واقع ٿين ٿا (قليل الوقوع آهن) تنهن ڪري اهي ظاهر به گهڻو گهٽ ٿين ٿا. ائين برابر آهي ته اڪثر نبين سان اهي شامل رهن ٿا، ليڪن نبوت سان معجزي جو شرط لڳائڻ قطعا صحيح نه آهي، يعني ته جيڪڏهن هو معجزا ڏيکاري ته نبي آهي ۽ جيڪڏهن نه ڏيکاري ته نبي ناهي.
حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن ڪنهن شخص کي نبوت جي پوشاڪ پهرائي ويندي آي تڏهن هو حظيرة القدس جي برڪتن جي لپيٽ ۾ اچي ويندو آهي. ان جي هٿان پوءِ اهڙا ڪم ٿيندا آهن جي اڳي ڪڏهن به کانئس ظاهر نه ٿيا هئا. معجزا به انهن برڪتن جو ئي نتيجو آهي. ڪرامتون ۽ غير رواجي ڪم جن کي معمول جي خلاف سمجهيو وڃي ٿو سي خود پنهنجي سر بلڪل رواج مطابق هوندا آهن.
جيستائين هيءُ زمانو هلندو رهندو تيستائين هي غير معمولي ۽ غير رواجي حالتون به ظاهر ٿينديون رهنديون. مجوسين جي دور ۾ چتاءُ، خوشخبري، ڪرشمي ۽ ڪرامت کي ستارن جي طرف منسوب ڪيو ويندو هو.
هيءُ ستاره پرستيءَ جو دور حضرت ابراهيم کان اڳ جو هو جنهن کي صابي دور سڏيو وڃي ٿو، ليڪن جڏهن حضرت ابراهيمؑ جي حنفيت جو زمانو آيو تڏهن اهي شيون ڪامل روحن جي طرف منسوب ٿيڻ لڳيون. ان (حنيفي ملت) کان پوءِ هر ڪنهن ملت ۾ انهن حقيقتن جو عنوان، مختلف بزرگن جا روح ٿيندا آيا، يعني ته انهن حقيقتن جي کلي پوڻ کي انهن روحن جي طرف منسوب ڪيو ويندو هو.
هر وليءَ کان فقط اهي ئي ڪرامتون ظاهر ٿينديون آهن جي ان جي مستتر ڪوڪب جي مناسب هونديون آهن. البته چند قسم جون ڪرامتون وليءَ کان جدا نه ٿيون ٿين. انهن مان نفقھ الغيب به هڪ آهي، يعني ته هن وليءَ کي رزق روزي ڪٿان نه ڪٿان مليو وڃي.
صوفياءَ ڪرام ته پنهنجن مريدن کي ڪرامتن جي طرف لاڙو رکڻ کان هميشه نفرت ڏياريندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪرامتون ڪمال لاءِ ڪو شرط ڪو نه آهن.
آخر ۾ اسان طلسم، نيرنج ۽ تعويذ وغيره، جن تي نبين کانسواءِ ٻين ماڻهن جو عمل رهيو آهي ۽ انهن دعائن ۽ الاهي نالن (اسمن) جي وچ ۾ فرق بيان ڪريون ٿا جن جي تلقين وري نبين سڳورن ڪئي آهي.
اهي ماڻهو جي پيغمبرن جا پوئلڳ نه آهن تن جو طلسم ۽ تعويذ ۾ پهريون مقصد انهن قوتن کي متاثر ڪرڻ (اثر هيٺ آڻڻ) هوندو آهي جي هن جهان ۾ ڦهليل آهن. ٻئي طرف، نبين سڳورن جي ٻڌايل دعائن ۽ انهن جي ٻڌايل الاهي نالن مان مقصد هيءُ هوندو آهي ته جيئن ملا اعليٰ جو توجهه حاصل ٿئي. علاوه ان جي جو شخص پيغمبرن جي ڏسيل دعائن ۽ الاهي نالن (اسماءَ الاهي) جو ذڪر ڪري ٿو، تنهن تي حظيرة القدس جي رحمت نازل ٿئي ٿي ۽ پوءِ ملا اعليٰ جو توجهه ۽ حظيرة القدس جي رحمت پاڻ ۾ گڏجي ان شخص جي ڪارسازي ۽ امداد ڪن ٿيون.