موت کان پوءِ جو معاملو
[/b]هن دنيا ۾ حياتيءَ جي خاتمي کان پوءِ انسان تي ڇا گذري ٿو ۽ کيس ڪهڙيون ڳالهيون درپيش اچن ٿيون تن سڀني کي بيان ڪرڻ کان اڳ هڪ مقدمي جي تمهيد ناگريز آهي. موت کان پوءِ وارين حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته پهريائين روح کي سمجهيو وڃي.
عام مفسرن روح جي مسئلي کي متشابهات جي ضمن ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نتيجو هي نڪتو آهي ته ڪو به مفڪر مابعد الموت جي مسئلي جي ويجهو وڃڻ جي جرائت نه ٿو ڪري. عقايد جي ڪتابن ۾ توحيد ۽ نبوت جي مسئلي کي ته عقلي مڃيو وڃي ٿو، ليڪن قبرجي عذاب کان وٺي ويندي حشر نشر، جزا ۽ سزا جي سڀني ڳالهين جو دارومدار محض منقولات تي آهي. قبر جي عذاب کي فقط مڃيو وڃي ٿو ڇالاءِ جو حديث ۾ آيل آهي. شاهه صاحب جي نزديڪ موت کان پوءِ ايندڙ جنهن زندگيءَ کي قرآن پيش ڪري ٿو تنهنجي احاطي کان عقل قاصر نه آهي.
[b]انساني بدن ۾ نسمه جي حقيقت
[/b]انسان جي جسم اندر هڪ لطيف بخار موجود آهي جو انسان جي چئن خلطن جي خلاصي جي پيدائش آهي. اهي چار خلط هي آهي: سودا، صفراءَ، بلغم ۽ خون، ليڪن انهن ۾ خون جو حصو البته سوايو آهي، تنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو (لطيف بخار) خون جي خلاصي مان بڻجي ٿو. هي چار خلط وري چئن عنصرن (اربع عناصر٩ يعني هوا، مٽي، پاڻي ۽ باهه، مان جڙيل آهن. هيءُ بخار جو هڪ سفيد ڪوهيڙي مثل هڪ مليل شيءِ آهي سو ساري ڪثيف جسم ۾ پکڙيو پيو آهي ۽ جسم جي هر حصي کي پنهنجي ڪم ۾ لائڻ لاءِ هيءُ ئي جوابدار آهي.
حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن کان هن جي حقيقت ڪا مخفي ڪا نه آهي. جيستائين اهو انسان (يا ڪنهن حيوان) جي جسم ۾ آهي تيستائين اهو انسان (يا حيوان) جيئرو آهي، ۽ جڏهن اهو جسم کان جدا ٿئي ٿو تڏهن انسان مري وڃي ٿو. انهيءَ لطيف بخار کي اسين ”نسمو“ سڏيون ٿا. بدن ۾ ان جو مثال ايئن آهي جيئن گلاب جو عرق، گلاب جي گل ۾ يا ڪوئلي ۾ باهه.
[b]هيءُ روح هيٺاهين قسم جو آهي جنهن جي پيدائش (تڪوين) هيئن ٿئي ٿي.
[/b] کاڌو جڏهن معدي ۾ پهچي ٿو تڏهن پهريائين اتي پچي ٿو. اتان پوءِ ان جو خلاصو بخار جي صورت وٺي جيري وٽ اچي ٿو جتي وري ٻيو دفعو پچي ٿو. ان بعد هيءُ پچيل بخار چئن خلطن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. خون وارو خلط قلب جي طرف ڇڪجي اچي ٿو، جتي ان جي هڪ خالي خاني ۾ ڪٺو ٿئي ٿو ۽ ڦري هڪ باريڪ هوا جي صورت وٺي ٿو، جا (هوا) وري دل جي هڪ ٻئي خاني ۾ جمع ٿئي ٿي. انهيءَ کان پوءِ ان باريڪ هوا جو ڪجهه حصو دماغ جي طرف چڙهي ٿو ۽ اتي وڃي ڏهن حصن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿو. انهن مان پنج ته ظاهر آهن جهڙوڪ: ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ جون قوتون جن ۾ نسمي جو حصو سرايت ڪري وڃي ٿو. ان سببان ئي اکيون ڏسن ٿيون ۽ ڪن ٻڌن ٿا. اکيون ۽ ڪن وغيره نسمي جا اوزار آهن جن جي وسيلي هو ڏسي ۽ ٻڌي ٿو.
[b]باطني حواس جو بيان
[/b]باقي پنج باطني حصا آهن جيئن ته حس مشترڪه، خيال، وهم، قوت حافظه جا معاش کي محفوظ رکي ٿي ۽ قوت مدرڪھ، جا انهن ٻنهي (ظاهري ۽ باطني) قوتن جي جامع آهي ۽ انهن ۾ تصرف به ڪري ٿي. هي پويون پنج قوتون، پوءِ جيتوڻيڪ کڻي انهن جون دماغ ۾ پنهنجون پنهنجون خاص جايون آهن، مگر تنهن هوندي به انهن جو حڪم ساري بدن تي جاري ساري اهي.
نسمي جي هڪڙي قسط دماغ کان لهي اچي جيري وٽ پهچي ٿي ۽ پوءِ اتي مختلف عضون ۽ قوتن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿي، جي قوتون وري ساري بدن ۾ روان ۽ دوان آهن. اهي پوءِ بدن ۾، پيدا ڪرڻ، وڌائڻ، خوراڪ پهچائڻ ۽ صورت ٺاهڻ (توليد، تنمية، تغذية ۽ تصوير) جو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. جيري ۽ دماغ جون قوتون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل سنڍيل آهن، ۽ نسمي جي باقي هڪ قسط جا قلب ۾ رهي ٿي سا ٻنهي دماغي ۽ جگري قوتن ۾ تصرف ڪري ٿي.
نسمو هڪ شهر جي نظام مثل آهي. جيرو گويا انهيءَ شهر جو هڪ گورنر آهي جنهن تي آمدنيءَ ۽ روانگيءَ جو ڪم رکيل آهي. عضوا، انهيءَ شهر جي رهاڪن (باشندن) مثل آهن ۽ دماغ هڪ اهو ڏاهو حڪيم آهي جو بادشاهه کي هر وقت مشورو ڏئي ٿو ۽ قلب هڪ بي پرواهه بادشاهه وانگر اهي. هو جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻ گهري ٿو تڏهن ان کي پوري ڪرڻ لاءِ سارو زور لائي ٿو ۽ پنهنجي حڪم کان هٽي ئي نه ٿو ۽ بدن جي ساري رعيت کي سندس چوڻ مڃڻو ئي پوي ٿو.
انساني نسمي جي هيءَ خاصيت آهي ته بغير زبان جي چکي به سگهي ٿو ۽ ڪنن کانسواءِ ٻڌي به سگهي ٿو. اهو هن طرح آهي ته نسمي ۾ هڪ اجمالي حس موجود رهي ٿو جنهن جو نالو حس مشترڪ آهي، انهيءَ جي ذريعي انسان جي پنجن حواسن مان هر هڪ حس صرف پنهنجي خيالي قوت سان شين جو اڳ ۾ ئي ادراڪ ڪري وٺي ٿو مثلا: چکڻ جي حس جي خيالي قوت هيءَ آهي ته انسان جڏهن کاڌي جي ڪنهن مزيدار شيءِ کي ڏسي ٿو تڏهن چکڻ کانسواءِ ئي محض ڏسڻ سان ان جو وات پاڻي ٿي وڃي ٿو.
جڏهن ماڻهو ڪنهن مهلڪ بيماريءَ يا ڪنهن چوٽ لڳڻ يا ڪنهن ٻئي اهڙي سبب ڪري مري ٿو تڏهن سندس نسمو گهڻو هيڻو ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو، ڇا لاءِ جو چار خلط جي ان جي پيدائش جا ذميوار هئا سي باقي نه رهيا، مگر ان هوندي به هو بالڪل فنا نه ٿو ٿئي ۽ منجهس حياتي ٿوري يا گهڻي قائم رهي ٿي ۽ پوءِ قدرت جي طرفان ان تي رحمت ۽ شفقت جي پلٽ ٿئي ٿي، جنهن سببان ان جي حياتيءَ ۾ وڌيڪ قوت اچي وڃي ٿي ۽ هو ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙو ٿي پوي ٿو. هن دنيا ۾ جيئن نسمي لاءِ هيءُ بدن هڪ سواري آهي تيئن آخرت ۾ وري نسمو حقيقي روح لاءِ هڪ سواري ٿي رهندو.
[b]حقيقي روح (لقبي ناطقه) ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي آهي
[/b]حقيقي روح مان مراد انساني روح آهي جنهن کي فيلسوف نفس ناطقه چون ٿا. اهو هڪ فرداني حقيقت ۽ نوراني نقطو آهي. ان ۾ برخلاف نسمي جي (جنهن جي مقدار ۽ ڪيفيت ۾ ماڻهوءَ جي ڄمڻ کان ويندي سندس مرڻ تائين تبديليون ٿينديون رهن ٿيون) ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ٿي اچي. ان جو سڌو سنئون تعلق نسمي سان رهي ٿو ۽ ان جي ذريعي باقي جسم سان نفس ناطه هڪ شخصي صورت آهي جنهن سبب انساني فرد، اهو فرد سمجهيو وڃي ٿو. صورتن جي ته خاصيت ئي اها آهي جو اهي مناسب هيوليٰ سان تعلق رکن ٿيون ۽ اهو مناسب هيوليٰ اهڙو هجي جيئن انهن صورتن کي صحيح چٽي سگهي. نفس ناطقه نهايت صاف ۽ نهايت لطيف صورت آهي تنهن ڪري ان کي نهايت لطيف جسم سان تعلق رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چاروئي ڪو نه آهي، ليڪن اهو لطيف جسم اهڙو معتدل هجي جيئن حقيي روح (نفس ناطقه) سان گهڻي ڀاڱي مشابهت رکندڙ هجي ته جيئن اهو روح ان ۾ پنهنجو ظهور چڱيءَ طرح سان ڪري سگهي. نسمو ڇاڪاڻ ته نهايت لطيف ۽ معتدل آهي تنهن ڪري حقيقي روح سان تعلق رکڻ جو پورو اهل آهي.
[b]موت جي معنيٰ آهي نسمه جو بدن کان جدا ٿيڻ
[/b]موت جي وقت اهو نسمو آهي جو جسم کان جدا ٿي وڃي ٿو ۽ جنهن سبب موت واقع ٿئي ٿو. اصلي روح جو تعلق پوءِ به نسمي سان قائم رهي ٿو. اهو بالڪل غلط آهي ته موت وقت حقيقي روح، مادي (نسمي) کان مطلقا الڳ ٿي ويندو آهي. اهو مادي (نسمي) اندر اهڙي طرح سان حلول ڪري ويندو آهي، جهڙي طرح نسمو پاڻ جسم ۾ حلول ڪري ويو هو ۽ جهڙي طرح هي جسم هن دنيا ۾ نسمي لاءِ هڪ سواري هو تهڙي طرح نسمو خود موت بعد حقيقي روح (نفس ناطقه) لاءِ هڪ سواري بڻجي ويندو. ٻين لفظن ۾ ان هنڌ حقيقي روح جو بدن نسمو هوندو.
خاڪي مادي جي زائل ٿيڻ ڪري حقيقي روح (نفس ناطقة) کي ڪو به نقصان ڪو نه ٿو رسي. پوءِ ان جو حال ان ماهر ڪاتب جيان ٿئي ٿو جنهن جون آڱريون جيڪڏهن ڪٽيون به وڃن ته به سندس ڪتابت جو ملڪو پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ٿو.
ماڻهوءَ جي موت بعد سندس هي خاڪي جسم ڳري، فنا ٿي وڃي ٿو ۽ روح جو تعلق وڃي ٿو نسمي سان رهي ۽ نسمو باطل نٿو ٿئي، ڇالاءِ جو جيڪڏهن نسمو باطل ٿي وڃي ته پوءِ ماڻهوءَ کي جزا ۽ سزا ڪيئن ملي. نسمي کانسواءِ رڳو نفس عذاب يا ثواب جي لائق ئي نه آهي تڏهن اهو خدا تعاليٰ جي حڪمت جي سراسر خلاف چئبو جو ان کي مادي کانسواءِ رنج يا راحت پهچائي وڃي. انهيءَ جو مثال اسان اڳيان موجود آهي.
جڏهن بدن باطل ٿي ويندو آهي يعني ته روح کانئس جدا ٿي ويندو آهي تڏهن نه ته ان کي ڪو تپ ئي ايندو آهي ۽ نه منجهس ڪا ڦٽ ڦرڙي پيدا ٿيندي آهي ۽ نه ان کي انهيءَ سبب ڪو ايذاءُ ئي رهندو آهي. الله تعاليٰ جو ته پنهنجي مخلوق ۾ هڪ راز رکيل آهي ته هو ڪنهن به شيءِ سان اهڙو معاملو نٿو ڪري جو ان جي جبلت (طبيعت) جي تقاضائن جي خلاف هجي.
نفس ناطقة جي اها هڪ جبلي تقاضا آهي ته سندس تعلق جسقم سان اهڙو رهي جهڙو معدني، نباتي، حيواني ۽ انساني صورت جو تعلق جسم سان رهي ٿو. انسان جي مرڻ کان پوءِ نسمو، جسم جون قلبي ۽ دماغي قوتون پنهنجي هوائي جوهر ۾ قائم رکيون ايندو آهي ۽ قبر ۾ عذاب يا ثواب به انهيءَ نسمي سان کيس ڏنو ويندو.
[b]عالم برزخ يا قبر جي سمجهاڻي
[/b]موت کان پوءِ انسان هڪ اهڙي عالم (جهان) طرف منتقل ٿئي ٿو جنهن کي پيغمبر جي زبان مطابق عالم قبر چيو وڃي ٿو جنهن جي سمجهاڻي از حد ضروري آهي.
انسان ننڊ ۾ ڪي خواب لهي ٿو ۽ هو جو ڪجهه انهن خوابن ۾ ڏسي ٿو سو سندس خيالن، ۽ علمن جو عڪس آهي. هي خيال ان جي بيداريءَ جي حالت ۾ سندس گهڻن مشغولين سبب دٻيل رهن ٿا. ننڊ ۾ جڏهن حواس ڪم ڪرڻ کان بيهي (معطل ٿي) وڃن ٿا تڏهن اهي آساني سان ظاهر ۽ آڏو اچي وڃن ٿا. صفراوي مزاج ننڊ ۾ ڏسي ٿو ته مان هڪ خشڪ جهنگل ۾ آهيان، اونهاري جو ڏينهن آهي ۽ جهولو لڳي رهيو آهي ۽ عين انهيءَ وقت انهيءَ جهنگل کي باهه اچي وڪوڙيو آحي. مان هر طرف کان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ هٿ پير هڻان ٿو مگر ڀڄي نڪرڻ جي ڪا واهه نه ٿو ڏسان، تان جو ان ٻيلي (جهنگل) کي باهه ساڙيندي مون کي به وڪوڙي وڃي ٿي، جنهن سببان مون کي گهڻو درد ۽ ايذاءَ رسي ٿو.
انسان جيڪڏهن غور ڪري ته هو سمجهي ويندو ته ننڊ جي عالم ۾ اهي سندس خيال ئي هئا جي هڪ صورت وٺي آيا. بس، قبر واري دنيا کي به هن خوابن واري دنيا تي قياس ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن قبر واري عالم کي عالم رويا سڏيو وڃي ته به بيجا نه ٿيندو. فرق فقط هيءُ آهي ته خوابن واري دنيا مان ماڻهو جلدي سجاڳ ٿي هن مادي دنيا ڏانهن واپس اچي ٿو، ليڪن قبر واري دنيا ۾ هن کي اها ننڊ هوندي جنهن مان هو قيامت کان اڳ جاڳي نه سگهندو. جيڪڏهن ماڻهوءَ کي ننڊ کان پوءِ سجاڳي نه ٿئي ته هو ان خواب کي هڪ حقيقت ۽ سچي ڳالهه ئي سمجهندو ۽ جو ڪجهه ڏسي ٿو تنهن ۾ ذرو به شڪ نه آڻيندو.
[b]قبر واري جهان کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو.
[/b]اهو ماڻهو جنهن تي هن (مادي) دنيا ۾ سبعيت غالب آهي سو قبر ۾ ڏسندو ته هڪ درندو (وحشي جانور جهڙوڪ شينهن يا بگهڙ) پنهنجي چنبن سان مون کي رهڙي رهيو اهي. ڪنجوس وري ڏسندو ته مون کي نانگ ۽ وڇون ڏنگي رهيا آهن ۽ اتي فوقاني علمن جو نزول کيس ٻن فرشتن جي صورت ۾ نظر ايندو جي ان کان سندس پروردگار، سندس دين ۽ حضرت محمد ﷺ جن بابت سوال ڪندا.
آنحضرت جن هڪ دفعي حضرت عمرؐ کي چيو ته تنهنجو ان وقت ڪهڙو حال هوندو جڏهن ٻه فرشتا منڪر ۽ نڪير زمين کي پنهنجن ڏندن سان کوٽيندا تو وٽ ايندا. انهن جا وار گوڏن تائين لٽڪيل هوندا ۽ سندن آواز گجگوڙ جي طرح هوندو ۽ سندن اکيون بجليءَ جيان چمڪندڙ هونديون. انهن جون اکيون نيريون هونديون ۽ سندن هٿن ۾ لوهه جا گرز هوندا ۽ هرگز ايترو ته ڳرو هوندو جو ان کي اهل مني گڏجي به کڻي نه سگهندا، ليڪن انهن جي هٿن ۾ هڪ رواجي سوٽيءَ (لٺ) مثل هوندا. ان تي حضرت عمرؐ عرض ڪيو ته ڀلا، سائين، ان وقت مان پنهنجي هن موجوده حال تي هوندس. پاڻ فرمايائون ته هائو: تنهن تي حضرت عمرؐ چيو ته پوءِ مان انهن لاءِ ڪافي آهيان.
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا عمل موچارا ۽ پسنديده آهن ته هو ان مهل (قبر ۾) خوبصورت ملائڪن کي ڏسي ٿو جن جي هٿن ۾ پٽ جا وڳا ۽ مشڪ هوندي آهي. پوءِ ان لاءِ آسمانن جا دروازا کلي پوندا آهن ۽ هر طرف کان ڀلي نالي سان سڏيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن هو ڪافر آهي ته ان تي ڪار منهان ملائڪ نازل ٿين ٿا جن جون اکيون نيريون هونديون آهن ۽ سندن هٿن ۾ مترقا هوندا آهن.
هن ڳالهه کي هيئن چوڻ به درست آهي ته ”جڏهن ٻانهو مري ٿو تڏهن قبر ۾ ٻه ملائڪ وٽس اچن ٿا جن مان هڪڙي جو نالو منڪر آهي ۽ ٻئي جو نڪير. اهي پوءِ کانئس سندس رب سندس دين ۽ آنحضرت ﷺ جن بابت سوال پڇن ٿا. پوءِ جيڪڏهن هو مومن اهي ته چوي ٿو ته منهنجو دين اسلام آهي ۽ حضرت محمدﷺ الله تعاليٰ جل جلالھ جو ٻانهو ۽ رسول آهي. ان کان پوءِ سندس قبر ۾ جنت جو دروازو کوليو وڃي ٿو ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته تون بي فڪر ٿي مٺي ننڊ ڪر، پر جيڪڏهن ٻانهو ڪافر آهي ته هو ڪو به جواب ڏيئي نٿو سگهي. سندس قبر پوءِ سوڙهي ڪئي وڃي ٿي تان جو سندس پاسريون اچيو ٿيون هڪ ٻئي سان ملن، ۽ دوزخ مان تپايل مترقن سان کيس ماريو ۽ ڪٽيو وڃي ٿو.
هن ساڳيءَ عبارت کي هن طرح ادا ڪرڻ به صحيح آهي ته جڏهن مڙدو قبر داخل ٿئي ٿو تڏهن هڪ موچاري منهن وارو وٽس اچي کيس چوي ٿو ته مان تنهنجو صالح عمل آهيان، جنهن سان پوءِ هن جي دل لڳي ٿي ۽ سندس لاءِ بهشت جو دروازو کوليو وڃي ٿو جتان نهايت وڻندڙ ۽ عطريلي هوائون اينديون رهن ٿيون. ٻانهو جيڪڏهن مومن نه آهي ته هڪ ڪارمنهو وٽس حاضر ٿئي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته مان تنهنجو برو فعل آهيان. هو ان کي ڏسي گهٻرائجي وڃي ٿو ۽ پوءِ سندس لاءِ دوزخ جو دروازو کوليو وڃي ٿو جتان هر وقت بدبوءِ دار ۽ ساڙيندڙ هوائون وٽس اينديون رهن ٿيون.
هي مٿيان بيان ڪيل واقعا سڀ هڪ حقيقت آهن، انهن ۾ نڪي مجاز آهي ۽ نه وري ڪو معنوي ڳالهين جي حسي ڳالهين ذريعي ڪا تشبيهه آهي. هيءَ انهن واقعن جي هڪ عرفي تعبير (سمجهاڻي) آهي جا عام طور تي خود تعليم ڏيڻ وقت متعين ڪئي ويندي آهي.
ليڪن هتي هن ڳالهه کي ياد رکڻ گهرجي ته اهڙن واقعن کي سمجهائڻ لاءِ ٻه عبارتون آهن. انهن مان هڪڙي عرفي عبارت آهي جنهن ۾ واقعي کي بعينھ (جيئن آهي تيئن) بيان ڪيو ويندو آهي، مثلا: بيماريءَ جي حالت ۾ چئبو آهي ته فلاڻي کي تپ آهي يا مٿي ۾ سور آهي وغيره. ٻي عبارت طبيب ۽ ڊاڪٽر واري آهي، ۽ اهو انهيءَ مرض (تپ يا مٿي جي سور) لاءِ هيئن چوندو آهي ته فلاڻي تي صفراءَ جو غلبو ٿي ويو آهي جنهن سببان منجهس هي اثار پيدا ٿيا آهن. پيغمبر ۽ نبي سڳورو هميشه پهرين عبارت (يعني عرفي عبارت) استعمال ڪندو آهي، يعني ته هو اها زبان ۽ ٻولي ڳالهائيندو آهي جا عام ماڻهو ڳالهائيندا ۽ سمجهندا آهن.
[b]قبر ۾ ٻن قسمن جي سزا ملندي
[/b]بهر ڪيف قبر ۾ ماڻهو کي ٻن قسمن جي سزا ملندي. پهرين هيءَ ته ان جيڪي چڱايون يا برايون ڪيون هونديون تن جو ادراڪ ان لاءِ راحت ۽ رنج جو باعث ٿيندو. هو جڏهن ملا اعليٰ کي پنهنجي طرف نفرت يا خوشي سان نظر ڪندو ڏسندو تڏهن هن جي خوشي يا رنج جي ڪا حدئي ڪا نه رهندي. هو انهن کي ڪنهن پردي کانسواءِ ظاهر ظهور ڏسي يا پردي اندر انهن جو معائنو ڪري ڪجهه فرق ڪو نه ٿو آڻي. جيئن ڪنهن وقت هو پنهنجي خيال ۾ ڪن شين جون شڪليون ڇڪي آڻيندو آهي ۽ ان سببان رنج يا راحت حاصل ڪندو آهي. مثال طور ننڊ وارو پنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي کي هڪ وحشي جانور جي صورت ۾ ڏسندو آهي.
جزا سزا جو ٻيو قسم هيءُ آهي ته اتي ڪن ملائڪن کي جي ان هنڌ ۽ ڪم لاءِ مقرر ڪيل آهن، الهام ڪيو ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو هڪ سهڻي يا ڪوجهي صورت ۾ سندس اڳيان ٿي کيس ڏک يا سک پهچائيندا.
قبر جي جهان جي زندگي به هن جهان جي زندگيءَ جو تتمو آهي ۽ ان جو بنياد به هن جهان تي رکيل آهي ۽ اتي جو ڪجهه وهي واپري ٿو سو گويا هڪ پردي جي پٺيان ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن ڪو شخص هن دنيا ۾ منهمڪ ۽ غرق نه ٿو رهي ته ان کي هن دنيا کي ڇڏڻ مان ڪا تڪليف محسوس ڪا نه ٿيندي. ان جو مثال ظاهر آهي. هڪڙو شخص آهي جو حج يا ڪنهن ڏورانهين سفر جو قصد ڪري ٿو ته هو لامحاله ان سفر ۾ پيش ايندڙ تڪليفن يا راحتن کي به خوب ڄاڻي ٿو مگر باوجود ان جي هو پنهنجي سفر تي نڪري ٿو ۽ دوران سفر ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف يا ملال محسوس نه ٿو ڪري ۽ پٺيان پنهنجي گهر جو آرام ۽ آسائش، مال ۽ ملڪيت، اهل ۽ عيال جو وڇوڙو کيس پنهنجي هن سفر ۾ ڪا به تڪليف نٿو رسائي. هوڏانهن هڪ ٻيو شخص آهي جو هن دنيا جي لذتن ۾ صفا غرق ٿي ويو آهي ۽ جنهن کي پنهنجي مال ۽ ملڪيت، اهل ۽ اولاد سان غير معمولي الفت ۽ محبت آهي. هاڻي اهڙو شخص جڏهن ڪنهن ڏورانهين سفر تي ويندو تڏهن ان کي پنهنجي گهر جي سڀني شين جي جدائي يقينا رنج پهچائيندي جنهن جو نتيجو هي نڪرندو ته هو پنهنجي سفر ۾ ڏاڍو ڍلو هلندو ۽ هر قدم تي انهن شين جي جدائي جو بار محسوس ڪندو رهندو.
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته قبر ۾ جو دک ۽ آرام ملي ٿو سو انسان جي عملن جو نتيجو آهي. اهي عمل ئي آهن جي اتي مناسب صورتون اختيار ڪن ٿا جنهن سببان ميت کي ڏک ۽ سک نصيب ٿئي ٿو.
جانور جيڪو به ڪم ڪن ٿا پوءِ ڀلي کڻي اهو اختياري ئي ڇو نه هجي، تنهن جو اثر سندن دلين تي نه ٿو پوي. اهو اثر سندن دلين تي ڄمي نه ٿو ۽ نه وري انهن جون دليون انهن فعلن جي روح جي رنگ ۾ رڱجن ٿيون. انسان جي حالت ئي ڪجهه ٻي آهي. هن کان جو به فعل صادر ٿئي ٿو بشرطيڪه اهو هن جي پوري رضا ۽ ارادي سان ٿيل هجي تنهن جو اثر سندس نفس ناطقو في الفور قبول ڪري وٺي ٿو ۽ ان فعل جي اثر کي هضم ڪري پاڻ ۾ جذب ڪيو ڇڏي ٿو، ۽ ان کي وٺي ۽ پاڻ ۾ اهڙي طرح جاءِ ڏئي ٿو جهڙي طرح ڪنهن شيءِ کي ڳهيو وڃي.
بهرحال انسان جو به ڪم پختي ارادي سان ڪري ٿو تنهنجو ٻج پهريائين ان جي روح مان ئي نڪري ٿو ۽ ڦهلجڻ کان پوءِ موٽي روح جي ئي طرف واپس اچي ٿو (نڪرڻ وقت ته هي ٻج ننڍو هو ليڪن واپس ٿيڻ وقت گهڻو ڦهليل ٿئي ٿو) ۽ ان (روح) جي دامن کي چنبڙي ان سان ملحق ٿي وڃي ٿو. گويا هر شخص جا اعمال سندس نسمي ۾ محفوظ رهن ٿا ۽ مرڻ کان پوءِ جڏهن مادي بدن ڀڄي ڀور ٿيندو تڏهن سندس اعمال نهايت واضح شڪل ۾ کيس محسوس ٿيڻ لڳندا.
معاد ۾ مواخذو فقط انهن عملن تي ٿيندو جي انسان جي قلبي قوتن جو نتيجو هوندا. باقي اهي عمل جي انسان جي طبعي ۽ ادراڪي قوتن سببان صادر ٿين ٿا تن تي جزا سزا مرتب نه ٿي ٿئي مثلا: حرص ۽ حسد وغيره جي محض هڪ خيال ۽ نفس جي پنهنجي ڪهاڻي آهن ۽ جي نفس جي جڙ نٿا پڪڙين ۽ منجهس فنا نه ٿا ٿين، يا وري اهي ڪم جي هنگامي حالتن سبب واقع ٿين ٿا جيئن ته ريا، شهرت ۽ وڏائي وغيره.
امام غزاليءَ ته هر اخلاقي برائيءَ جي سزا جو خوف ڏياريو آهي حالانڪه اصل حقيقت هيءَ آهي ته بندي کي هر جزا سزا انهن عملن جي ملندي جي هن جي نسمي جي اصل مان ڦٽي ڦاٽي نڪرندا ۽ جي هو (نسمو) دنيا مان لاڏاڻي وقت پاڻ سان کنيو هلندو.
موت کان پوءِ انسان جو ٻيو جزو يعني ملڪيت وارو ظاهر ۽ غالب ٿيندو ۽ پهريون جزو (يعني بهيميت) انهيءَ جي اندر لڪل رهندو. بعض حڪماءَ جو خيال آهي ته پهريون جزو (بهيمت) موت بعد بالڪل غائب ٿي ويندو. شاهه صاحب جي فلسفي ۾ ان ڳالهه کي قبول ڪري نه ٿو سگهجي. بهشتي زندگي تائين نسمي جو وجود باقي رهي ٿو.
قبر ۾ ڪنهن زماني تائين ته ماڻهو ائين سمجهندو ته مان هتي اهڙي جو اهڙو آهيان جهڙو دنيا ۾ هوس، فقط بدن نه هجڻ جي ڪري ڪم ڪري نه ٿو سگهان. جيستائين هي خيال رهندو تيستائين ان زماني کي عالم قبر چيو ويندو. مگر هي خيال ويندو آهستي آهستي گهٽبو ۽ جڏهن هي خيال اڌ کان گهٽ ٿي ويندو ۽ ملڪيت غالب ٿيڻ لڳندي تڏهن ان کي هي خيال پيدا ٿيڻ لڳندو ته مون کي ملڪي قوتن سان اتصال پيدا ڪرڻ گهرجي. پوءِ جڏهن ملڪيت ظاهر ۽ غالب اچي ويندي تڏهن قبر جو زمانو پورو ٿيو.
[b]قيامت، دوزخ ۽ بهشت جو بيان
[/b]عالم قبر (قبر جي جهان) جي حالتن کان پوءِ عالم حشر، دوزخ ۽ بهشت جي حالتن جو مختصر احوال ملاحظه فرمايو:
انسان کي جڏهن قبر ۾ ڪافي عرصو گذري وڃي ٿو تڏهن سندس نسمي جي نظام ۾ خلل پيدا ٿئي ٿو ۽ هو (انسان) پنهنجي گهري ننڊ مان جاڳي اٿي ٿو.ا نساني نفس (نفس ناطقه) ته پنهنجي جاءِ تي مستقل ۽ قائم رهي ٿو ۽ جو ڪجهه نسمي ۾ آهي سو سندس تابعدار ۽ خادم بڻجي وڃي ٿو. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته نسمي کي جا کاڌ خوراڪ ملندي هئي تنهن کي بند ٿئي هاڻي ڪي ورهيه گذري ويا ۽ ان درميان جهان ۾ ڪئين واقعا ٿيا جن هر عنصري شيءِ جي بگاڙ جي گهر ڪئي.
بعد ۾ ان تي عالم مثال جو انڪشاف ٿئي ٿو ۽ اهو عالم علم جو آهي جنهن ۾ جهل کي ڪا به جاءِ ڪانهي ۽ نه ان ۾ ڪا ويسر ۽ ڀل آهي. اهو ته روحن جي جهان جي هڪ چٽي شرح آهي ۽ هن مادي جهان جي هر ننڍي وڏي شيءِ کي حاوي (سمايون پيو) آهي.
هن هنڌ ان تي مثالي علوم نازل ٿين ٿا ۽ هو پاڻ به هڪ مثالي شخص بڻجي وڃي ٿو. اتي جي حالتون مٿس وارد ٿين ٿيون سي سندس ان (موافق يا مخالف) ڪشش موافق هونديون آهن جا هن کي ان عالم مثال ۽ ان جي حقيقتن ڏانهن هئي. جيڪڏهن سندس نسمي ۾ چڱن خصلتن جون نشانيون اڃان باقي آهن ته ان حالت ۾ هو مثالي واقعا مڪمل طور تي ملاحظو ڪندو، ٻيءَ حالت ۾ اهي ان کي گهٽ ۽ اڻپورا نظر ايندا، ليڪن اهي واقعا (جي هو ڏسندو) ڪي خواب ڪو نه هوندا جن جو سندس علم کان ٻاهر ڪو وجود ئي ڪو نه هوندو.
اهو سڀ عالم مثال ۾ موجود هوندو، جنهن کي جيڪڏهن اسان عرفي زبان ۾ بيان ڪرڻ چاهيون ته هيئن چونداسون ته اهو (قيامت جو جهان) هڪ جسماني عالم آهي ۽ حد درجي جو صاف آهي گويا اهو صفائي منجهه صفائي آهي ۽ انهيءَ ڏينهن ائين چيو ويندو ته زمين ۽ آسمان بدلجي ٻيا ٿي پيا آهن.
جڏهن اسين چئون ٿا ته اهو صفاءُ في صَفاءِ (صفائيءَ منجهه صفائي) هوندو تڏهن ان مان مراد هي آهي ته اهو هن دنياوي جسمن جي ميراڻ کان پاڪ ۽ صاف هوندو.
حشر جي ڏينهن جي حقيقت هي آهي ته اتي خاڪي نفسن (نفوس ارضيه) جون گهڻيون انفرادي خصوصيتون جي عناصرن جي باهمي ميلاپ ۽ ڪثيف مادي سبب پيدا ٿيون هيون، وينديون رهنديون (ختم ٿي وينديون) پوءِ اتي هر هڪ نفس شفاف جسم جي طرح نوعي حقيقتن جو عڪس پيش ڪري ٿو. انهي تي نوعي تقاضا ظاهر ٿي مٿس غلبو حاصل ڪري وٺي ٿي.
هن مادي دنيا ۾ ان جو مثال هيئن سمجهو ته انسان جي نوعي صورت تقضا ڪري ٿي ته هڪ فرد جا ٻه هٿ، ٻه پير ۽ ٻه اکيون وغيره هجن، ليڪن ڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته مادي ۾ ٻن ٻن عضون پيدا ڪرڻ جي لياقت (استعداد) نه هوندي آهي. تنهن ڪري انهيءَ وقت جو ٻار پيدا ٿئي ٿو سو منڊو وغيره ٿئي ٿو. هاڻي هن ناقص ٻار (منڊي وغيره) جي پيدائش ۾ قصور مادي جو آهي ۽ نه نوعي صورت جو.
اهڙي طرح سان غير مادي زندگي جي ڪمن ۾ به نوعي صورت تقاضا ڪري ٿي مثلا: اها تقاضا ڪري ٿي ته انسان جي اندر اهڙو سليم عقل هجي جو وهمن جي غلاظت سان ناپاڪ ٿيل نه هجي، ته جيئن پاڪيزگي جي سبب هو خدا تعاليٰ جي طرف کان صحيح علم حاصل ڪري سگهي، ۽ اها هيءَ به تقاضا ڪري ٿي ته انسان جي قوت متخيله صحيح هجي ته جيئن اها شين کي عالم مثال جي ڪيفيت جي مطابق شڪل ڏيئي سگهي.
مطلب ته انهيءَ هنڌ انفراديت جا احڪام باقي نٿا رهن ۽ نوعي تقاضا غالب رهي ٿي ۽ اها عقلي ۽ خيالي قوتن جي لحاظ کان ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي ۽ انساني فرد، نوعي تقاضائن کي اهڙو پوريءَ طرح سان ظاهر ڪري ٿو جو ان کان زياده ان لاءِ ممڪن ئي نه آهي. هيءَ اها ڪفيت آهي جنهن متعلق قرآن حڪيم چوي ٿو ته: لَقَدْ كُنْتَ فِيْ غَفْلَةٍ مِّنْ هٰذَا فَكَشَفْنَا عَنْكَ غِطَآءَكَ فَبَصَرُكَ الْيَوْمَ حَدِيْدٌ.
[b]جسمن کي ڪٺو ڪري ٻيو دفعو روح ڦوڪڻ ڪا نئين حياتي ڪانه آهي
[/b]هتي هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته جسمن کي ڪٺو ڪري منجهن ٻيو دفعو روح ڦوڪڻ ڪا نئين حياتي ڪا نه آهي. اها به اڳين گذريل حياتيءَ جو تتمو آهي. انهن ٻنهي ۾ اها ساڳي نسبت آهي جا سبب کي پنهنجي مسبب سان ٿئي ٿي. جيئن مثلا: گهڻي کاڌي کائڻ جو نتيجو بد هاضمو آهي.
جيڪڏهن اسان فرض ڪريون ته حشر بالڪل هڪ نئين زندگي آهي ته ان جي معنيٰ ته هيءَ ٿيندي ته جن ماڻهن کي آخرت ۾ زندگيءَ جي نعمت نصيب ٿيندي سي اهي انسان نه هوندا جي هن دنيا ۾ زندهه گهمندا ڦرندا هئا. جيڪڏهن ائين هجي ته پوءِ ثواب ۽ عذاب ڏيڻ بي معنيٰ ٿي پوندو ڇالاءِ جو هيءُ فعل سبب ۽ مسبب جي نظام جي سراسر خلاف آهي.
البته هڪ ڳالهه خيال ۾ رکڻ ضروري آهي ته جا شيءِ ٻيو دفعو ٺهندي آهي سا پهرين (اصلي) شيءِ نه هوندي آهي مگر اها پهرين شيءِ جي مثل هوندي آهي. اهڙي طرح قيامت جي ڏينهن انسان کي جو ٻيو دفعو جسم ڏنو ويندو اهو هن دنياوي جسم جو اصل جسم نه هوندو مگر ان جي مثل هوندو.
ان کان پوءِ حساب ڪتاب شروع ٿيندو ۽ بندن جا اعمال تارازيءَ ۾ توريا ويندا ۽ انهن کي دوزخ جي مٿان هڪ اڏيل پل تان لنگهڻو پوندو جا ترار کان تکي ۽ وار کان سنهي هوندي.
[b]پلصراط مان مراد شريعت جو سڌو رستو آهي
[/b]پل مان مراد شريعت جو سڌو رستو (صراط مستقيم) آهي، جو اتي هڪ جسماني صورت ۾ ظاهر ٿيندو. الله تعاليٰ جي انهيءَ قول ”هي منهنجو سڌو رستو آهي تنهنڪري انهيءَ تي هلو ۽ ٻيون واٽون نه وٺو“ جي پاڻ سونهارن هڪ سڌي ليڪ ڪڍي سمجهاڻي ڏني هئي، جنهن (سڌي ليڪ) جي چوڌاري ٻيون ڏنگيون ڦڏيون ليڪون هيون.
حقيقت ۾ پل انهيءَ نظام جو هڪ مثال ۽ نمونو آهي جو انسان جي طبيعت ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ماڻهن ۾ ان کي پار پوڻ ۾ جو فرق آهي، سو به انهن جو ان (نظام) جي پيروي ڪرڻ ۾ فرق جوئي نتيجو آهي. يعني ته اهو شخص جو شريعت تي بالڪل پورو هلندو سو ان پل تان وڄ وانگر نڪري ويندو.
[b]حشر ۾ ميزان يا تارازي جو مطلب
[/b]تارازيءَ مان مراد هيءَ آهي ته ان هنڌ انسان جا چڱا ۽ برا ڪم هڪ خاص ”مقدار“ وٺي ظاهر ٿيندا. اهو مقدار عالم مثال جي مادي جي حال مناسب هوندو مثال: اها تارازي، عالم مثال ۽ مادي عالم جي بين بين هڪ قسم جي مادي (جسماني) صورت ۾ ظاهر ٿيندي. انهيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته مادي جسم مثالي قوتن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندا.
الله تعاليٰ جي صفتن مان هڪ علم تميزي (العلم التمييزي) به آهي. ان صفت جو خاصو ئي آهي ٻن شڪي ۽ منجهيل شين ۾ فرق پيدا ڪرڻ. انهيءَ ڏينهن ان جو عڪس تارازيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو جا پوءِ چڱاين ۽ مٺاين ۾ فرق ڪندي.
حساب به الله تعاليٰ جي تمييزي علم جي صفت جي مظاهرن مان هڪ مظهر آهي، جو تارازيءَ جي کڙي ٿيڻ وقت اجمالي طور ظاهر ٿيندو مگر اهڙي طرح جهڙي طرح دنيا ۾ ڪنهن شيءِ کي تارازيءَ ۾ ترندو ڏسبو آهي، ۽ هيءُ حال هڪ گهڙي پل جي ڳالهه هوندي جنهن ڏانهن الله تعاليٰ جو ڪلام اشارو ڪري ٿو ”وَ اللّٰهُ سَرِيْعُ الْحِسَابِ۰۰۲۰۲ “.
[b]حوض ڪوثر کان مطلب نبيﷺ جن جي هدايت آهي
[/b]حوض ڪوثر مان مراد نبي ڪريم جن جي هدايت آهي جا خدا تعاليٰ جي طرفان کين ملي هئي ۽ جا پوءِ هن دنيا ۾ جاري ٿي ويئي. اها انهيءَ ڏينهن پاڻيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي ڇا لاءِ جو علم ۽ پاڻيءَ ۾ گهري مشابهت آهي. هر نبي کي پنهنجو پنهنجو حوض هوندو ليڪن آنحضرت ﷺ جن جو حوض سڀني حوضن جو اصل هوندو. دنيا ۾ شرعي هدايت جي جنهن دل کولي پيروي ڪئي هوندي سو ان حوض مان خوب پيالا ڀري پيئندو ۽ جنهن گهٽ پيروي ڪئي هوندي تنهن کي ان مان حصو به اوترو ئي ملندو.
پاڻ سونهارن فرمايو آهي ته جنت ۾ هڪ نهر آهي جا خدا تعاليٰ مون کي عطا ڪئي آهي. اها کير کان زياده اڇي ۽ ماکيءَ کان زياده مٺي آهي ۽ اها ايتري وڏي ۽ ڪشادي آهي جيئن مشرق ۽ مغرب درميان فاصلو آهي، جو ان مان پاڻي پيئندو تنهن کي وري ڪڏهن به اڃ نه لڳندي ۽ جو ان مان وضو ساريندو سو ڪڏهن ميلو (گدلو) نه ٿيندو.
[b]بهشت خدا پاڪ جي جمالي تجلي جو نالو آهي ۽ دوزخ جلالي تجلي جو
[/b]بندن جو جڏهن حساب پورو ٿيندو تڏهن انهن مان ڪي بهشت ۾ ويندا ته ڪي دوزخ ۾ داخل ٿيندا. خدا تعاليٰ جي جمالي تجلي جو نالو بهشت آهي ۽ سندس جلالي تجلي جو نالو دوزخ آهي. بهشت ۾ ان جون جمالي تجليون، حورن، محلاتن، لذيذ طعامن ۽ خوبصورت پوشاڪ ۾ ظاهر (متمثل) ٿينديون ۽ دوزخ ۾ وري سندس جلالي تجليون ان جي بالڪل برعڪس صورتون اختيار ڪنديون.
چڱو هاڻي اسين عرفي عبارت (عام ٻولي) ۾ انهن سڀني واقعن جو ذڪر ڪريون ٿا جي ماڻهن کي ان جهان ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ ماڻهن کي ڪٺو ڪندو ۽ اهي هن کي چڱيءَ طرح سان ڏسي سگهندا. هو پوءِ ان بندي کي چوندو جنهن سندس کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت پئي ڪئي ته هو انهيءَ جو پوءِ لڳ ٿئي. پوءِ هو انهيءَ (پنهنجي معبود) جي پٺيان لڳندو تان جو هو (معبود) ۽ ان جا پوءِ لڳ اچي دوزخ ۾ ڪرندا. دوزخ جي مٿان هڪ پل کڙي ڪئي ويندي جا ترار کان تکي ۽ وار کان سنهي هوندي ۽ ماڻهن کي انهيءَ جي مٿان گذرڻ لاءِ چيو ويندو. پوءِ ڪي ته وڄ وانگر گذري ويندا، ڪي تيز هوا وانگر نڪري ويندا ۽ ڪي پيرن ڀر هلندا ۽ ڪي ته وڍجي دوزخ ۾ ڪري پوندا. انهيءَ ڏينهن ماڻهو ٽولن ۾ ورهايل هوندا. جيڪي خوش نصيب هوندا سي بهشت ۾ داخل ٿيندا جنهن ۾ حورون، غلمان، محل ماڙيون ۽ لذيذ قسمن جا طعام ۽ رنگ برنگي پوشوڪون هونديون. هو اتي پنهنجي پروردگار کي بالڪل چٽيءَ طرح ڏسندا. ليڪن جيڪي بدنصيب هوندا، سي دوزخ ۾ گهڙندا جنهن ۾ نانگ ۽ وڇون هوندا، گرم پاڻي ۽ پونءِ هوندي ۽ جا جوش کان پئي واڪا ڪندي.
[b]اصحاب اليمين ۽ اصحاب الاعراف جو بيان
[/b]قيامت جي ڏينهن ماڻهو مختلف ٽولن ۾ منقسم ٿيل هوندا، جن مان هڪڙو ٽولو اصحاب اليمين (ساڄي هٿ وارا٩ جي نالي سان هوندو. ان جا وري گهڻائي قسم آهن جي ڳاڻاٽي کان ئي ٻاهر آهن، ليڪن انهن ۾ هر قسم جا نيڪ لوڪ اچي وڃن ٿا.
انهن ۾ هڪڙو ٽولو اصحاب الاعراف جي نالي سان به هوندو. انهيءَ ۾ اهي ماڻهو اچن ٿا جن نه ته ڪا چڱائي ڪئي ۽ نه ڪا برائي، ۽ جيڪڏهن ڪا چڱائي ڪيائون به ته به رسم جي لحاظ کان ۽ اهي گهڻي غفلت ۾ محو هئا. الله تعاليٰ انهن کي حشر کان پوءِ معاف ڪري بهشت ۾ داخل ڪندو.
اصحاب الاعراف، مختلف قسم جا ماڻهو اچي وڃن ٿا. انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جن کي دين اسلام جي دعوت نه پهتي مثلا: اهي ماڻهو جي جبلن جي چوٽين تي رهن ٿا. جن نه ته خدا سان شرڪ ڪيو آهي ۽ نه وري ڪو ان تي ايمان ئي آندو. انهن جو مثال جانورن وانگر آهي، جن جو الله تعاليٰ ڏانهن ڪو توجهه ئي نه ٿو رهي ۽ اهي فقط زندگيءَ جي ضروري ترقي ڪرڻ ۾ رڌل هئا. يا وري انهن کي اسلام جي دعوت ته پهتي ليڪن انهن جي جهل سبب ان انهن کي ڪو به فائدو نه پهچايو. اهي اهڙا آهن جن نه اسلام جي زبان کي سمجهيو (ته اسلام ڇا آهي) ۽ نه وري انهيءَ جي دليلن کي ئي سمجهيو. انهن جي پرورش ئي ڪجهه اهڙي ٿيل هئي جو هو ڪنهن نازڪ خيالي ۽ باريڪ بينيءَ ڏانهن ڪو توجهه ئي نه ڏيئي سگهيا.
سندن علم جي پهچ ۽ ڇيڙو اهو وڃي رهيو جو هو سمجهڻ لڳا ته مسلمان اها قوم آهي جنهن جي مٿن تي ههڙا ڪم ههڙا پٽڪا آهن ۽ سندن چولا به ههڙي ڪهڙي قسم جا آهن. هو فلاڻيون شيون کائن ٿا ۽ فلاڻين کي حرام سمجهن ٿا. يا وري سندن خيال هو ته مسلمان اهي آهن جي اسان سان ملڪ خاطر وڙهن ٿا جنهن ڪري اسان کي به انهن سان وڙهڻ ضروري آهي. هاڻي ڇاڪاڻ ته هو ڍورن مثل آهن ۽ خدا تعاليٰ سان شرڪ نه ڪيو اٿن تنهنڪري انهن تي ميار ڪا نه آهي پوءِ کڻي انهن جا مزاج صحيح ۽ سالم ڇو نه ئي هجن ۽ منجهن ڪو نقص نه ئي هجي.
اصحاب الاعراف ۾ اهي ماڻهو به اچي وڃن ٿا جن جي سمجهه ناقص آهي جيئن ٻار، چريا، ڀوڪ ۽ بي وقوف، ۽ جهنگلن جا رهاڪو جي حق ۽ باطل ۾ فرق ڪري نه ٿا سگهن ۽ پنهنجن ڪمزورين سبب خدا تعاليٰ کي خير ڪو سڃاڻن ۽ ياد ڪن ٿا. انهن ۾ فقط ايتري ايمان جو هئڻ ڪافي آهي جيترو ان شيدڻ ٻانهيءَ ۾ هو جنهن کان جڏهن خدا جي رسول پڇيو ته خدا تعاليٰ ڪٿي آهي تڏهن آسمان طرف اشارو ڪيائين ۽ ان تي پاڻ سڳورن فرمايو ته هيءَ مومنياڻي آهي.
ازان سواءِ اهي ماڻهو جن وٽ شريعت نه پهتي آهي ۽ کين تبليغ پوريءَ طرح سان نه ڪئي ويئي آهي ۽ انهن جا شڪ شبها دور نه ڪيا ويا آهن تن تي شريعت جي طرفان ڪا سزا عائد نه ٿيندي ۽ اهي به اعراف ۾ ئي رهندا.
[b]انسان جي ترقي ڪا بهشت تي ختم نه ٿيندي
[/b]انسان جي ترقي ڪا بهشت ۽ دوزخ وٽ ختم نه ٿي ٿئي. هن جي آڏو هڪ اعليٰ ۽ بلند منزل آهي جنهن تي پهچڻ لاءِ هو بيتاب رهي ٿو. بهشت ۾ حياتي گذارڻ کي به جڏهن ڪافي عرصو گذري ويندو تڏهن نسمو ڪمزور پئجي ويندو ۽ نفس انساني جي مناسب ويندو پاڻ ۾ هر پهلو کان تبديلي آڻيندو تان جو معاملو اچي انساني نفس (الانسانيته، نفس ناطقه) تي بيهندو ڇالاءِ جو موت کان پوءِ ترقيءَ جو دارومدار نسمي جي انحلال تي آهي. هن کي هر گهڙي مٿان ڇڪون ۽ ڪششون ٿينديون رهنديون ۽ انسان هيءَ منزل طئي ڪري آخر الاهي روح يا ملڪوتي روح ۾ تبديل ٿي ويندو.
[b]باري تعاليٰ سان وصال متعلق مولانا عبيد الله سنڌي جي سمجهاڻي
[/b]آخر ۾ اسان مرحوم مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تقرير جو خلاصو پيش ڪريون ٿا جا هن هڪ دفعي درس ڏيندي ڪئي هئي:
”روح تي بدن صرف غلاف آهي ۽ نسمي ۾ مثالي قوت ڀريل آهي جنهن جي ذريعي انساني نسمو محفوظ رهي ٿو. قرآن شريف ۾ آيل آهي ته: اِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ يعني ته ڪو به جيءُ اهڙو ڪونهي جنهن تي هڪ نگهبان مقرر ٿيل نه آهي. جهڙي طرح ستارو پنهنجي روشنيءَ کي محفوظ رکي ٿو تهڙي طرح مثالي قوت،نسمي کي محفوظ رکي ٿي ۽ اها ان (نسمه) جي سڀني جزن تي غالب رهي ٿي. نسمو، ڪاغذ مثل آهي، ۽ چڱا يا برا ڪم جي ارادي سان ڪيا وڃن ٿا سي ان تي نقش ٿي، چٽجي وڃن ٿا ۽ مثالي قوت جي ذريعي انهن جي حفاظت ڪئي وڃي ٿي، ۽ اهڙي طرح سان انسانيت محفوظ رهي ٿي.
نسمي تي علاوه مثالي قوت جي، ٻيون ٻه قوتون پڻ اثر انداز ٿينديون رهن ٿيون. انهن مان هڪڙي ملڪي قوت آهي جا ملاءُ اعليٰ جو هڪ نور آهي ۽ جنهن جي جاءِ حظيرته القدس آهي. هيءَ ملڪي قوت نسمي سان ڳنڍجي سنڍجي ويئي آهي. نسمي تي اثر ڪندڙ ٻي قوت نفس ناطقو آهي، جو نوع انساني جي امام جو عڪس آهي ۽ منجهس ان جي صورت رهي ٿي. ملڪي قوت نفس ناطقه جي اندر رهي ٿي ۽ ان اندر حظيره القدس جو نور ملڪي روح آهي.
انساني بدن جي ضايع ٿيڻ سان ڪو به عمل ضايع نه ٿو ٿئي. جهڙي طرح نانگ پنهنجي کل لاهي ڦٽي ڪندو آهي تهڙي طرح روح هي بدني لباس لاهي ٻيو لباس پهريندو آهي. گهڻي زماني گذرڻ کان پوءِ نسمي ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ ڪو وقت اهڙو ايندو جو ان جي جاءِ اچي مثالي قوت والاريندي. پوءِ جڏهن مثالي قوت به ڪنهن مدت بعد ڪمزور پئجي ويندي تڏهن ساري انسانيت جنهن جي اها حفاظت ڪري رهي هئي سا ملڪي قوت جي حفاظت هيٺ اچي ويندي. مگر جڏهن طويل عرصي گذرڻ کان پوءِ ملڪي قوت به ضعيف ٿي ويندي تڏهن ساري انسانيت ۽ ۽ ان جا ملڪات الاهي روح ۾ محفوظ ٿي ويندا، يعني ته مرڪزي نقطي شخص اڪبر تائين پهچي ويندا. هاڻي هي مرڪزي قوت، جنهن جو انسان ترقي ڪندي هڪ جزو بڻجي وڃي ٿو تنهن تي تجلي اعظم جو هر وقت پرتو پوندو رهي ٿو ۽ بس ان جي ذريعي هن جو تجلي اعظم سان اتصال قائم ٿي وڃي ٿو ۽ هيءُ آهي بندي جو باري تعاليٰ سان اتصال ۽ وصال.