شاعري

جيون جهاڳ اَجهاڳ

هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محمد ٻارڻ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4499
  • 618
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جيون جهاڳ اَجهاڳ

ترتيب

---

ارپنا

پنهنجو هي پهريون ادبي پورهيو ارپيان ٿو
پنهنجي پيءُ
حاجي محمد صديق ٻارڻ
۽ اُنهي
جيجل حاجياڻي ڀاڳل کي
جنهن جي دُعائن جا در
هر وقت مون لئه هٿن جي کُليل رحل بڻجي
جاڳندا رهندا آهن.
۽
اُن شخصيت
محترم شهيد فاضل راهو کي
جنهن منهنجي شعوري زندگي
تي گهرو اثر ڇڏيو آهي.

سنڌسلامت پاران

سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٽيهون ڪتاب جيون جهاڳ اجهاڳ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محمد ٻارڻ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني. هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت پاران پاران اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد جي مالي تعاون سان ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com

سنگت پاران

سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي منشور ۾ آهي ته اها جديد ادب کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪندي ۽ ماضيءَ ۾ سنگت جي مرڪز ۽ شاخن پاران وقت بوقت مختلف صنفن تي ٻڌل ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن.
هن تي دولت پور صفن ۾ سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي ۾ رپورٽ پيش ڪندي مون سنگت جي شاخن کي گذارش ڪئي هئي ته هو پڻ پنهنجي علائقي جي اديبن جا ڪتاب ڇپرائين ۽ سال 2009ع ۾ جيتريون به شاخون ڪتاب ڇپرائينديون، انهن کي مڃتا شيلڊون ڏنيون وينديون. مونکي خوشي آهي ته سنگت جي ڪيترين ئي شاخن پاران پنهنجي ميمبرن ۽ سٺن ليکڪن ۽ شاعرن جا ڪتاب ڇپرايا ويا آهن اها هڪ للڪار آهي، جيڪا منهنجي سڀني شاخن کي آهي ۽ هن سڀني کي جلد ئي سنگت جي مرڪزي ايوارڊ تقريب ۾ مڃتا شيلڊون ڏنيون وينديون.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان محمد ٻارڻ جي شاعري جو هي ڪتاب ڇپرائيندي اسان پنهنجي اشاعتي سلسلي ۾ هڪ سٺي ڪتاب جو واڌارو ڪندي نهايت خوشي محسوس ڪريون ٿا.
محمد ٻارڻ، هن وقت سنڌي ادبي سنگت سجاول جو سيڪريٽري، سٺو شاعر ۽ محبتي انسان آهي، سندس شاعريءَ ۾ نواڻ سان گڏ، ٺيٺ لاڙي لهجو، ٻوليءَ جو جڙاءُ، حرف تجنيسي ۽ شاعريءَ جي سڀني قدرن جو پورائو ٿيل آهي، سندس هي ڪتاب سنڌي شعري ادب ۾ سٺو واڌارو آهي.

يوسف سنڌي
سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت - سنڌ

مهاڳ

جي ڪَوتا تُنهنجي ڪاڄ اچي!

فارسي زبان جي عظيم ۽ لاجواب شاعر حافظ شيرازي جو هڪڙو تمام زبردست شعر آهي ته:
لطيف است نهاني ڪه عشق آرزو خيزد،
ڪه نام آن نه لبو لال و خط زنگاريست،
جمالِ عشق نه چشم است و زلف و عارض،
هزار نقطدارين ڪاروبارِ دلداريست.
“هيءَ نهايت ڳجهڙي ڳالهه آهي ته عشق جنهن هنڌان اُڀري ٿو، اُن جاءِ جو نانءُ نه ڳاڙها چپ نه ڪاري چت. ماڻهو جي سونهن نه اکيون نه زلف، نڪي ڳل، نه تِر آهن. دلداري جي هن ڳُوڙهي ڪاروبار جا هزارين نقطا آهن.”
واقعي ماڻهو جي سونهن جا ڪئين رنگ آهن. انهن رنگن کي رڳي ڪارين ڪجلين اکڙِين، ڳاڙهسرن ڳلن، گلابي چپن يا ڀنور ڪارن وارن تائين محدود ڪري نٿو سگهجي. نه ئي انهن رنگن کي ظاهري سونهن جي ٻين ڏيک ويک وارن روپن تي منجمند ڪري سگهجي ٿو. سونهن جا انيڪ زاويا آهن. اهي ظاهري به آهن ته لڪل به آهن. اهي رنگ روپ، منهن مهانڊي، قد ڪاٺ، هاٺي ۽ بت بيهڪ ۾ به آهن، ته ادائن، اشارن، مرڪن ۽ ٽهڪن ۾ به آهن، آواز ۾ به آهن، ٽور ۾ به آهن، ته اندر جي لڪل اونهائين ۾ پڻ پنهان آهن. سونهن لامحدود آهي. ان جون وصفون وسعتون ۽ درسن سڀ اپار ۽ ڌار آهن. اها هڪڙي ڪايا ۾ هوندي به ڪئين ڪايائون آهي.
ايئن دلبري، دلداري ۽ عاشقي جي ڪاروبار جا به ڪيئي نقطا آهن. عشق ڪيئن ٿو اُڀري، ڪٿان ٿو اڀري؟ دل ۾ ڪيئن ٿو لهي؟ ڪيئن ٿو ديرا ڄمائي؟ محبوب جي اها ڪهڙي ادا، ڪهڙِي وصف آهي، جيڪا عشق کي تحرڪ ٿي ڏي؟ سونهن جي اها ڪهڙي جهلڪ آهي، جيڪا عاشق جي اندر ۾ عشق جي احساسن ۽ جذبن کي مهميز ٿي ڏئي؟ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن اڀري ٿو؟ اهي وڏا سوال آهن. جن جي جواب کي حافظ ڳجهڙي ڳالهه ٿو ڪوٺي. نه چپ، نه چت، نه عارض، نه گيسوءَ، نه ڪنڍڙا ڪاڪل، نه ڳنڌيل وار، نه ڪاريون چڳون، نه لال لب. هيءَ اڃا ڪا ٻيءَ باک آهي، جتان عشق جو سج نمودار ٿو ٿئي.
اهڙي ريت اها به ڳجهڙي ڳالهه آهي ته عظيم شاعري ڪيئن ٿي سرجي؟ ڪٿان ٿي سرجي ان جو اصل سرچشمو ڪهڙو آهي؟ اها ڪهڙي سَر تان هنجن وانگر اڏار ڀري ٿي؟ ۽ ڪهڙي ساحل تي ڪونجن جيان ڪَرڪندي ڪُڻڪندي اچي لهي ٿي؟
ساڳئي نموني اهو به اهم نقطو آهي ته شاعري جي سونهن ڇا آهي؟ اها ڪهڙي ڳالهه هجي ٿي، جيڪا شاعري کي مجسم حسن بڻائي انساني دل ۽ دماغ تي اثر انداز ٿئي ٿي؟ ۽ کيس اهڙو تاثير ڀريو بڻائي ٿي جو ان جو اثر لهي نه ٿو لهي، يقيناً جڏهن شاعري جا سڀئي عنصر، عوامل ۽ لوازمات پاڻ ۾ ڳنڍجن، گڏجن ۽ جَڙجن ٿا، تڏهن ئي اهوڪيف، سرشاري، تاثر، معنيٰ خيزي ۽ حسن پيدا ٿئي ٿو. پنهنجي جڳهه تي اهو صحيح جواب آهي. پر ان جي درست هوندي به ڪا ڳالهه آهي، ڪجهه آهي، جيڪو رهجي وڃي ٿو. جنهن جو رهجڻ اڻپورائي جو احساس ڏياري ٿو. شاعري، شاعري جو حسن تشريحي وصف ۾ قيد ٿيندي به قيد جي دائري کان ٻاهر رهجي وڃي ٿو. مون کي هن موقعي تي ازرا پائونڊ ياد پيو اچي. ازرا پائونڊ جنهن کي شاعري تي ٻه ڀرپور، سگهارا ۽ بامعنيٰ ليڪچر ڏيڻ کانپوءِ به، بعد ۾ ائين چوندي ڀڻڪندي ٻڌو ويو ته “شاعري اِها ئي آهي، پرمون کي اڃا تائين اها خبر ناهي ته شاعري ڇا آهي!؟”
محمد ٻارڻ جي ڪوتا ڪتاب “جيون جهاڳ اجهاڳ” جو هيءُ مهاڳ لکندي منهنجي ذهن ۾ شاعري جي باري ۾ اهي سوال جاڳي اٿيا آهن. اهي سوال، جن جا جواب بنهه سولا به آهن ته ساڳئي وقت ڏاڍا ڏکيا ۽ پڪڙ ۾ نه ايندڙ پڻ آهن. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته شاعري ڇا آهي. پر اصل ۾ ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته شاعري ڇا آهي. ان ڄاڻ اڄاڻ جي وچ ۾ ساهه کڻندي شاعري ماڻهن جي دلين، دماغن، احساسن، جذبن ۽ رت ۾ رچيل رهي ٿي. جنهن ماڻهو جي من ۾ شاعري ڪر نه موڙيندي هجي، انت اهو ماڻهو ئي مسلڪ تي ئي نه رهندو. آخرڪار شاعري کان پالهو ماڻهو، ماڻهو ڪيئن ٿو رهي سگهي؟ جيڪر انهي ڪري ئي هر ماڻهو جي من ۾ شاعري پاسا ورائيندي رهي ٿي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جي اثر انداز ٿيڻ جي سطح هر ماڻهو تي الڳ ٿلڳ رهي ٿي. اها هرڪنهن تي سندس سمجهه، مزاج، ماحول ۽ حالتن آڌار اثر انداز ٿئي ٿي. پر اها رهي منش جي من ۾ ٿي. پوءِ ڪي ماڻهو انهي معراج تي رسن ٿا، جتي شاعري سان سندس سنڱ سياپو عام معنائن کان مٿي اڀري بدلجي تخليقي ٿي پوي ٿو. هو تخليقڪار ٿي پون ٿا. نئين ڪويتا سرجين ٿا. سنڌ ته وري آهي ئي شاعريءَ جو ديس. شاعري سنڌ جي روح ۾ ساهه کڻي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو عام شاعر ته پنهنجي جاءِ تي، هتي عظيم شاعرن جي به هڪڙي وڏي ۽ سهڻي قطار آهي. سنڌ کانپوءِ عظيم ۽ وڏن شاعرن جي اهڙي وڏي سُهڻي قطار هند، فارس ۽ عرب ديسن جي حصي ۾ آئي آهي. يقينن ڀاڳوند آهن اهي ديس، جن جي ڌرتي تي عظيم شاعريءَ جو جنم ٿئي ٿو.
شاعري کي عام طور تي ٽن خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: عظيم شاعري، سٺي شاعري ۽ عام شاعري. عظيم شاعري هر دور کي متاثر ڪندي آهي ۽ صدين جي سفر جي سگهه رکندي آهي. خود سٺي شاعري کي به وري خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ان جو جيڪو سڀ کان بلند ۽ مضبوط خانو هجي ٿو، اهو پنهنجي دور کي متاثر ڪندو. ٻرانگهون ڀريندو ڪڏهن ڪڏهن عظيم شاعريءَ جي دائري کي وڃي رسندو آهي. باقي عام شاعري سون جي ڇاڻ يا ڪچ وانگر ٿئي ٿي. جنهن کي شاهه ڪاريگر صرافن جي ڪوٺاري نصيب نه ٿيندي آهي. اها ڌار ڳالهه آهي ته عام پڙهندڙن يا ٻڌندڙن وٽ ڪڏهن ڪڏهن ڪائو ڪچ به اگهامجي ويندو آهي، ائين جيئن غريب ڇوڪرين يا عورتن وٽ سونهري پاڻيءَ ڏنل ڪوڙا ڳهه اگهامجي ويندا آهن.
موجودهه دور ۾ سنڌيءَ ۾ عظيم شاعري جو دارو مدار شيخ اياز، استاد بخاري ۽ نارائڻ شيام تي اچي في الحال بند ٿي چڪو آهي. هي موجودهه دور جي عظيم ٽمورتي آهي. جنهن جي ٻيءَ ڀر بهترين ۽ سٺن شاعرن جي هڪڙي لَنبي ۽ وڻندڙ قطار آهي. جنهن جو هڪڙو اهم ۽ ڀلوڙ نالو محمد ٻارڻ به آهي.
محمد ٻارڻ جي شاعري ۾ اهي سڀئي خوبيون، ڳڻ ۽ صلاحيتون موجود آهن، جيڪي بهترين شاعريءَ جو خاصو هونديون آهن. اهي سڀئي عنصر ۽ وٿون موجود آهن، جيڪي سخن وريءَ جي جان هجن ٿيون ۽ اهي سڀئي خاصيتون نظر اچن ٿيون، جيڪي شاعري کي باڪمال ۽ بلند بنائين ٿيون.
فڪري حوالي سان سندس شاعري ايڏي ڀرپور، گهڻ پاسائين ۽ وقتائتي آهي، جو سنڌ جي سڏ جو پڙاڏو ٿي لڳي. هو لفظن وسيلي پنهنجي دور جي تصوير ٿو ڪڍي. هن جا نقش ايڏا چٽا آهن، جو ڏسندڙ جي اکين ۾ لهي ٿا اچن. هڪ پاسي هو سنڌي سماج جي اندروني خامين، ڪوتاهين ۽ غلطين جي نشاندهي ٿو ڪري، ته ٻئي پاسي سنڌ ملڪ مٿان ڌارين جي غلبي، انياءَ، ڦرلٽ، نا انصافي، جبر ۽ غلامي کي پڌرو ٿو ڪري. هو رڳي انهن کي ظاهر نه ٿو ڪري، پر هو قومي غلاميءَ ڌارين جي غلبي، پنهنجن جي ڪاهلي ۽ سماجي بدعتن تي وار به ڪري ٿو، اڀري الري ٿو ۽ ماڻهن ۾ مزاحمت جا احساس پيدا ڪري ٿو. سندس قومي شاعري ڏاڍي سگهاري ۽ ڀرپور آهي. گڏوگڏ سندس شاعري ۾ جماليات به بلند سطح جي آهي. جنهن جو حسن اک کي موهي ٿو ۽ اندر ۾ رنگ ڀري ٿو. ماڻهو سندس شاعري جو حسن ميڙي مسحور ٿي ٿو وڃي.
فني حوالي کان به محمد جي شاعري ڏاڍي شاندار ۽ نرالي آهي. هن جي قافئي جي جڙت، تجنيس حرفي ۽ لفظن جو سٽاءُ ايڏو ته بهترين ۽ متاثر ڪندڙ آهي، جو گهڻن هنڌن تي هو لاڙ جي لاڏلي عوامي شاعر حاجي احمد ملاح جي ياد ڏياري ٿو ڇڏي. نه فقط ايترو پر هن جو شاعراڻو لهجو ايڏو سرل آهي جو پڙهندڙ ٻوليءَ جي لهرن تي لڙندو لڙندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي. هڪڙو نفيس احساس آهي جيڪو محمد ٻارڻ جي شاعريءَ مان اسري پڙهندڙ جي اندر ۾ لهي ٿو اچي. هن جا غزل هجن يا وايون توڙي نظم. هن جي لهجي جي سرلتا، رواني، عواميت، ٻوليءَ جو حسن ۽ فني سونهن ڪٿي به جهڪي ۽ جهيڻي نه ٿي ٿئي.
“جيون جهاڳ اجهاڳ” جو مسودو پڙهندي آئون ڪيترن ئي شعرن تي نشان هڻي ويس. پر هاڻي جڏهن انهن تي نظر وجهان ٿو ته لڳيم ٿو ته ايترا سارا شعر نه ته هتي ڏيڻ ممڪن آهن ۽ نه ئي وري ان ڳالهه جي ڪا ضرورت ئي آهي. تنهن هوندي به روايت کي ملحوظ رکندي آئون ڪجهه شعر هتي حوالي طور پيش ڪريان ٿو ته جيئن ڪوتا جي ڪاڪ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ مهاڳ جي هن دريءَ منجهان پڙهندڙ ڪوتا ديويءَ جو هلڪو درشن ڪري سگهن.
ڪليون پيون لتاڙجن، سڳنڌ تي پابندي لڳي،
جلاد دور ۾ ڏسو، گلاب روليا ويا.

پياڪ روپ جا سدا ٿا مرڪ جون مڌون گهرن،
اداس مئڪدا ٿيا، شراب روليا ويا
*
مظلوم جڏهن اٿندا ايوان لُڏي ويندا،
سڀ ظالم سندا پختا زندان لڏي ويندا،

مسڪين مڙي هڪ ٿي حق پنهنجا جڏهن گهرندا،
مروان ڏڪي ويندا، شيطان لڏي ويندا.
*
نه هاڻ ننڊ ۾ سمهو ٿيو سجاڳ ساٿيو!
هٿن منجهان وڃي پيو هي راڄ ڀاڳ ساٿيو!

تو گُهور ڪئي ويا سور لهي، مونکي سپنن جي تعبير ملي،
هڪ مرڪ ڇڏيو ماحول لُٽي، جيون کي نئين تعمير ملي.
*
گيت اياز جو، شاهه جي راڳڻي،
ٿي لڳي ساهه کي پدمڻي ڪامڻي.

ڇرڪ ۾ جي ڀڄي، پو جا جهانجهر وڄي،
ان تي ڇمڪار کي، ڇاپي ڪا ڇاپڻي!

پيار سان جي سڏي، هانءُ ٺاريو ڇڏي،
تي ته “ٻارڻ” لڳي، هير ڄڻ ڏاکڻي!
*
او سانوڻ! سگهڙو ورجان تون،
من. تُنهنجي اچڻ تي محب اچي،
ڪا ڄڃ وٺي اچ ڪڪرن جي،
ڪر اولهه اوڀر وسڪارون
من تنهنجي اچڻ تي محب اچي.
*
حقيقت ۾ هيءَ چند جهلڪيون آهن. محمد ٻارڻ جي خوبصورت شاعري اڃا اڳتي آهي. جنهن جو پنهنجو حسن آهي، پنهنجو جادوءَ آهي ۽ جنهن ۾ پڙهندڙن کي پنهنجي سحر ۾ وٺي ڇڏڻ جي بيپناهه شڪتي موجزن آهي.
سنڌي ٻولي جي عظيم، ٻهڳڻي ۽ جديد شاعر شيخ اياز جي هڪڙي لاجواب نظم جون سٽون آهن ته:
جي ڪوتا تُنهنجي ڪاڄ اچي،
مان ٻيهر تو لئه ڳائيندس.
انهن سٽن کي سامهون رکندي آئون بنا ڪنهن جهجهڪ ۽ هٻڪ جي، پڪ سان چئي سگهان ٿو ته محمد ٻارڻ جي شاعري املهه، لاڀائتي ۽ ڪاڄ اچڻ جهڙي شاعري آهي. اها جڏهن هن مجموعي جي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پهچندي، تڏهن نه فقط پڙهندڙن جي دلين کي گرمائيندي، پر هن دور جي اڻٽر گهرجن جي حوالي سان به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. يقيناً هيءَ شاعري نه صرف ٻيهر ٽيهر، پر هر وار ڳائڻ جهڙي شاعري آهي ۽ ديس توڙي دلبر سان محبت ڪندڙ دليون ان کي سدائين ڳائينديون ئي رهنديون.

31 ڊسمبر 2009ع

نواز خان زئور
ڳوٺ احمد خان زئور
ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو.

ته به سلهاڙي گهمي ساٿ سين (شاعر پاران)

حساس احساسن جو انسان تڏهن ئي ڪجهه لکي سگهندو آهي جڏهن انهيءَ جي روح کي ڪو تاثر پائيندڙ زخم غمن جي گهيري ۾ آڻي وٺندو آهي، ديس سڄو ئي درد جو دوزخ بڻجي ڌڳڻ لڳندو آهي. جيئن هر روز اخبارن ۾ قتل، ڌاڙن، اغوائن، چورين، زورين، ڪارو ڪاريءَ جهڙين ڪُڌين قهري ڪارواين کي پڙهي، يا حاڪمن جون اُرهه زورائيون ڪامورن جون مستيون، جاگيردارن، سرمائيدارن جون هٺ ڌرميون، واپارين جي ذخيره اندوزي ۽ بليڪ ميلنگ، سنڌ سان وفاق جي ناانصافين، سنڌ جي حقن تي ڌاڙا لڳندي، سنڌوءَ تي زوري زبردستي ڊيم ٺاهڻ جون ڪوششون، يا اُن مان ڪئنال ڪڍڻ، ٻي پاسي مذهبي ڀائپي جي آڙ ۾ ڪنڌ ۾ پيل دهشت گردن جن جو آهستي آهستي وسيلن تي قابض ٿيڻ ۽ باقاعده رٿابنديءَ تحت سنڌ کي ڳڙڪائڻ جون سازشون، ڪنهن حساس ماڻهوءَ کي خاموش رهڻ نه ڏينديون آهن.
مون سان به اِها ويڌن هوندي آهي، سو وقت جي وحشي ڪٺور حالتن کي ڏسندي جو ڪجهه محسوس ٿيندو آهي، اُهي اندر جا اُڌما شاعريءَ جي روپ ۾ پنن تي پڌرا ٿيندا آهن.
مون پاڻ کي شاعر سمجهيو ئي ناهي، جو ڪجهه اندرَ ۾ اُڌمي ٿو، اُن کي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي. ها، وڏڙن ڀاءُ محمد صالح راز، والد صاحب حاجي محمد صديق سائل، ٻن مامن محمد صالح صمصام، حاجي حمزه وصالي ۽ ناني حاجي آدم جن جو رت ۾ اثر ضرور آهي، جيڪي تمام سٺا شاعر رهيا آهن. ان کان علاوه استاد محترم سائين سرويچ سجاولي، سائين محمد خان مجيدي، سانگي سجاولي ۽ ارشاد ساگر جن سان ويجهڙائپ ۽ محبت لکڻ لاءِ اُتساهيو.
مون لکڻ جي شروعات ته 1977ع کان ڪئي، پر پوءِ ڪافي عرصو ادبي حلقي کان پاسيرو رهيس، جنهن جو سبب ذاتي مصروفيتون هيون.
هڪ ڀيري سائين سرويچ سجاولي حال احوال ورتائين، بعد ۾ پُڇيائين ته ابا ڏي خبر لکين پيو؟ مون وراڻيو نه سائين لکجي ڪونه ٿو، وري پڇيائون ڪو عشق ڪيو اٿئي، مون ساڳيو جواب ڏنو نه سائين، تنهن تي پاڻ چيائون جي عشق ناهي ته لکي ڪونه سگهندين.
پر اڄ اعتراف ڪندي ذري برابر هٻڪ نٿو محسوس ڪريان، ها مون عشق ڪيو آهي سنڌ سان، سنڌوءَ سان، سنڌوءَ جي پاڪ پويتر پاڻيءَ سان، سنڌ جي زرخيز زمين سان، سنڌ جي ڍنڍن ڍورن سان، جبلن ٿر جي ڀِٽن سان، روهيڙن سان، سنڌ جي ثقافت سان، سنڌ جي ماڻهن هارين، مزدورن، لابارا ڪندڙ لاهيارن، گاهه ڪندڙ گاهين، مال چاريندڙ ڌنارن سان، جيڪي نٽهڻ اُس ۽ هٿ پير ساڻا ڪندڙ سيءَ م به پنهنجي ڪِرت سان سچا هوندا آهن، انهن سان عشق ڪيو آهي ۽ سونهن منهنجي ڪمزوري رهي آهي.
هڪ ڳالهه واضح ڪندس ته منهنجو شروعاتي مواد ڪوتاهين سبب سنڀالجي نه سگهيو، هڪ ڊائري خيرپور ضلعي جي ڳوٺ رسولپور جي رهندڙ ’صوفي عالم شر‘ جيڪو سجاول برانچ آفيس ۾ تپيدار هو، پڙهڻ لاءِ کنئي ۽ واپس نه ڪئي، تان جو هو هتان بدلي ٿي ويو، باقي ٻه ڊائريون مونکان به گم ٿي ويون.
آئون بيحد ٿورائتو آهيان دوست نواز خان زئور جو جنهن معنيٰ خيز مُهاڳ لکي محبت، پيار ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏياريو.
آئون پياري ڀاءُ اياز امر شيخ جو به احسان مند آهيان، جنهن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکي محبت جو ثبوت ڏنو ۽ هر وقت رهنمائي ڪئي.
آئون نهايت ٿورائتو آهيان پياري دوست گل حسن جاکري جو جنهن سهڻن صاف اکرن ۾ ڪتاب جو مسودو فيئر ڪيو. هتي آئون يوسف سنڌي، سورج سجاولي، محمد صالح نوحاڻي، عبد سنڌي ۽ بشير ميراڻي جن جو به شڪريو ادا ڪندي سرهائي محسوس ڪندس، جي وقت به وقت ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا.
تري ڦاٽي ڪنگري، ٺلها ڦيرا ڏي،
آڻي نڪي ني، ته به سلهاڙي گهمي ساٿ سين.
(شاهه)
سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت


اوهانجي محبت جو طلبگار
محمد ٻارڻ
3515395-0345

غزل

---

ارض افلاڪ جو بيشڪ، بنائيندڙ آ ربّ هڪڙو.

ارض افلاڪ جو بيشڪ، بنائيندڙ آ ربّ هڪڙو.
دنيا ۾ سج چنڊ تارا، سجائيندڙ آ ربّ هڪڙو.

جهان ۾ رونقون جيڪي، گلن ٻوٽن جي رنگن ۾،
انهن سڀني نظارن کي، نکاريندڙ آ ربّ هڪڙو.

خزانا موتين هيرن، جواهر لعل و مرجان جا،
خلق جي خواهشن موجب، اُپائيندڙ آ ربّ هڪڙو.

بنان پوکڻ جي ڌرتيءَ تي، ٿئي ٿي سونهن ۽ ساوڪ،
گهٽا مان مينهن ملڪن تي، وسائيندڙ آ ربّ هڪڙِو.

بنان پالڻ سنڀالڻ جي، وڌن ويجهن پکي پکڻ،
انهن کي هر طرح هرهنڌ، سنڀاليندڙ آ ربّ هڪڙو.

ڪِنين جو قوت پاڻي ۾، جبل ۾ ڪِن جو، صحرا ۾،
رزق هر ڪنهن کي هرهنڌ تي، رسائيندڙ آ ربّ هڪڙو.

ڪٿي”ٻارڻ” ڪري سگهبي، حمد هاديءَ سندي پوري،
سڄي سنسار ساري کي هلائيندڙ آ ربّ هڪڙو.

ڏني ريت محمّد عجب انقلابي.

ڏني ريت محمّد عجب انقلابي.
غلامن کي جنهن آ، نوازي نوابي.

بلاول جيان بخت، ٻي ڪنهن جو ٿيندو،
ملي جنهن کي محمّد وٽان ماهتابي.

ٿيا چاڪ بيمارَ، جسماني ذهني،
ڏسڻ ساڻ صورت، صحي صحتيابي.

رهي برتري ناهي، رنگ و نسل جي،
پرينءَ وٽ جي پهتا، سي بنيا اصحابي.

ملي جوت “ٻارڻ” جهان کي حقيقي،
ڪرم ٿيو قرب ٿيو، ملي ڪاميابي.




ا

اَذان عشق جي ڏئي، ڪجن ٿا سجدا سونهن کي.

اَذان عشق جي ڏئي، ڪجن ٿا سجدا سونهن کي.
ٻڌي ادب سان هٿ ٻئي، ڏجن ٿا سجدا سونهن کي.

ڀلي ڀري کڻي اچو، ڪي جام روپ جا اڃان.
گواهه رهجو ساقيو، ٿين ٿا سجدا سونهن کي.

اڙي مُلان هٽو پري، رکو شرعَ کي پاڻ وَٽ،
نماز نينهن نيّتي، سونهنِ ٿا سجدا سونهن کي.

اسانجو حج اَڪبري، سڄڻ ڏٺي ادا ٿئي،
اصل اِهي عبادتون، هجن ٿا سجدا سونهن کي.

گناه يا ثواب سان، قطعي ڪو واسطو نه آ،
اسانکي بس سنجهي صبح، سُجهن ٿا سجدا سونهن کي.

انوکي عشق جي رسم، جهان کان الڳ ٿلڳ،
جتي جي ريت ۾ روا، رهن ٿا سجدا سونهن کي.

اوهانجي مرضي مُفتيو، وڻي جا فتوى پيا ڏيو،
نگاهه ٿي جُهڪي پوي، پڄن ٿا سجدا سونهن کي.

هر رات پٺيان ٿو ڏينهن اچي، هي رات ڏسي مايوس نه ٿي.

هر رات پٺيان ٿو ڏينهن اچي، هي رات ڏسي مايوس نه ٿي.
هيءَ ڏيهه مٿي جا آهي ڏکي، حالات ڏسي مايوس نه ٿي.

انياءُ ڪٿي بي انت ٿئي، خاموش نه ويهه هٿ پير ته هڻ،
هٿ ظالم جا مضبوط نه ڪر، ظلمات ڏسي مايوس نه ٿي.

هن پاپ مٿي پڇتاءُ ته ڪر، باغي نه سهي حامي ته نه ٿي،
انصاف امن جي ڪنڌ مٿي، ڪو ڪات ڏسي مايوس نه ٿي.

هي وقت هميشه هڪڙو رهي، ناممڪن آ ايئن ٿي نه سگهي،
هيءَ سخت گهڻي بدبخت بُري، اوقات ڏسي مايوس نه ٿي.

ڪو نيٺ صبح ٿي پوندو چٽو، هو باک ڦٽِي اهڃاڻ مليو،
هيءَ “ٻارڻ” جي ٻڌ ڳالهه چٽِي، هيھات ڏسي مايوس نه ٿي.

ڌرتي ڏسي ڏکن ۾، آڪاش اک پَٽِي آ.

ڌرتي ڏسي ڏکن ۾، آڪاش اک پَٽِي آ.
دوکا فريب ٿيندي، وشواس اک پٽِي آ.

هو ماٺ ۾ پٿر پر، گهڙجي ٿيو جي مورت،
ازخود انهيءَ ڳالهايو، سنگتراش اک پٽِي آ.

مسڪين جي ٻچن وٽ، بک ساڻ گڏ بيماري،
افسوس پر نه ان تي، اوباش اک پٽِي آ.

ساري عمر نهاري، جن نور آ وڃايو،
سي نيڻ پوريا تان، اوڪاش اک پٽِي آ.

ٻوڙا نٿا ٻڌن پر، “ٻارڻ” عجب ٿئي ٿو،
دانهون ٻڌي دُکين جون، هڪ لاش اک پٽِي آ.

جنت جهڙي دنيا هن ۾، جهنم جيئن گذاريون پيا.

جنت جهڙي دنيا هن ۾، جهنم جيئن گذاريون پيا.
نه کڙيا گلڙا جيون ۾، ڪنڊن سان پرت پاريون پيا.

تمنائون ويون چٿجي، چتا تي چاهتون چڙهيون،
لهي ويو سج اميدن جو، نراسا ٿي نهاريون پيا.

اُجهاڻا ديپ آسن جا، اميدون خاڪ ۾ مليون،
جدائيءَ ۾ جلائي دل، ملهايون ڏڻ ڏياريون پيا.

لڳي ويا پيارتي پهرا، پرين پنهنجا پُڇايون ڪيئن،
پيا زنجير رسمن جا، ته گوندر منجهه گهاريون پيا.

عذابن ۾ عمر گذري، خوشيءَ جي آرزو ڌنڌلي،
جيئڻ جُٺيون ٿيو آهي، ٻري “ٻارڻ” ڪو ٻاريون پيا.

سجودِ سونهن تي بندش، ثوابَ روليا ويا.

سجودِ سونهن تي بندش، ثوابَ روليا ويا.
حسين ۽ رنگين ڪئين، خوابَ روليا ويا.

ڪليون پيون لتاڙجن، سُڳنڌ تي پابندي لڳي،
جلاد دؤر ۾ ڏسو، گلابَ روليا ويا.

نه محفلون سنگيت جون، نه گيت پيار جا ڇڙن،
ٿو روڳ راڳ مان بکي، ربابَ روليا ويا.

پياڪ روپ جا سدا، ٿا مرڪ جون مڌون گُهرن،
اداس مئه ڪده ٿيا، شراب روليا ويا.

ٽياس تي ٽنگي رهي، آ هر ڪنواري ڪلپنا،
روئي ٿو آسمان ڀي، شهابَ روليا ويا.

ذهن پيا جنجهوڙجن، رهي ٿو ڏات تي ڏمر،
ضميرَ ڪن سوالَ ٿا، جواب روليا ويا.

ٿي ظلمتن جي انتها، شعور کي گُهٽيو ويو،
خزانا جن ۾ علم جا، ڪتاب روليا ويا.

ڏاڍ کي جيڪا ڏڪائي، شاعري اهڙي کپي.

ڏاڍ کي جيڪا ڏڪائي، شاعري اهڙي کپي.
ظالمن جي ننڊ ڦٽائي، شاعري اهڙي کپي.

لال لبڙن تي ڳلن تي، آ گهڻو لکيو گهڻن،
هاڻ سنڌ کي جا بچائي، شاعري اهڙي کپي.

باغ بُلبل جي پچر، هاڻي پُراڻي ٿي لڳي،
حق حسابن سان ورائي، شاعري اهڙي کپي.

هي غلامي جو جياپو، ٿي پيو آ جُٺ وڏي،
آجپي ڏي وک وڌائي، شاعري اهڙي کپي.

قوم جي حالات کي، جنهن جنهن ڪيو آ تنگ تر،
لوڪ ۾ تن کي لکائي، شاعري اهڙِي کپي.

سونهن تي حملا هلائون، ٿا ٿين ڪهڙِي سبب،
ڪارو ڪاري کي مٽائي، شاعري اهڙي کپي.

قوم جي تقديرکي “ٻارڻ”ڪري جيڪا بُلند،
نينهن جو ناتو نڀائي، شاعري اهڙي کپي.

نه تڙپي سگهون ٿا، نه ڦٿڪي سگهون ٿا.

نه تڙپي سگهون ٿا، نه ڦٿڪي سگهون ٿا.
مُئا جي نه آهيون، ڪڏهن جي سگهون ٿا.

پروان کي پنهنجو، بنائڻ نه آيو،
اسين پاڻ ڪنهن جا، نه ڪي ٿي سگهون ٿا.

دفن دل اندر ڪئين، ڪيون سين اميدون،
نه ڪُرڪي سگهون ٿا، نه مُرڪي سگهون ٿا.

وسڻ جا سڄي مُند، آگم اکين ۾،
نه ترسي سگهون ٿا، نه بَرسي سگهون ٿا.

اَنائن جي “ٻارڻ” ۾ اهڙِو ٻرياسين،
رُٺاسين ته هاڻي، نه پرچي سگهون ٿا.

هڪ سونهن ٻي سچائي، پردن ۾ هوندي آهي.

هڪ سونهن ٻي سچائي، پردن ۾ هوندي آهي.
بي لوث ميٺ، محبت فردن ۾ هوندي آهي.

در در تي دربدر ٿي، ڳولهين پيو ڀلا ڇا،
دل جي دوا ته دلبر، دردن ۾ هوندي آهي.

مسجد ۾ مومنن تي، بوڇاڙ گولين جي،
اهڙي ته ريت دهشتگردن ۾ هوندي آهي.

انجام عهد پنهنجا، ڪوڙا نٿا نڀائين،
وعدي وفاجي خوبي، مردن ۾ هوندي آهي.

عاشق اصل کان “ٻارڻ” پڌرا چٽا لکن ۾،
سڪ جي ته ساک چهرن، زردن ۾ هوندي آهي.

مظلوم جڏهن اُٿندا، ايوان لُڏي ويندا.

مظلوم جڏهن اُٿندا، ايوان لُڏي ويندا.
سڀ ظلم سندا پُختا، زندان لُڏي ويندا.

مسڪين مڙي هڪ ٿي، حق پنهنجا جڏهن گهرندا،
مروان ڏڪي ويندا، شيطان لڏي ويندا.

ڪم ظرف بنهه ڊڄڻا، سڀ ظلم ڪرڻ وارا،
گڏ قوم ڏسي تن جا، ايمان لڏي ويندا.

نيپال جيئان هاڻي تحريڪ هتي هلندي،
ڪئين شاهه ٻُڏي ويندا، ڪئين خان لڏي ويندا.

ڪشڪول ڀڃي ڇڏبا، پنڻون نه اٿئون هاڻي،
حق هاڻ وڙهي وٺبا، هامان لڏي ويندا.

هڪ ساٿ جڏهن ٿيندا، مزدورَ ٻيا هاري،
دهشت سا ڏسي “ٻارڻ” ٻلوان لڏي ويندا.

گونگا نه ٿيو، ٻوڙا نه ٿيو، ڪجهه ٻئي جي ٻڌو ڪجهه پاڻ چئو.

گونگا نه ٿيو، ٻوڙا نه ٿيو، ڪجهه ٻئي جي ٻڌو ڪجهه پاڻ چئو.
سنڌڙي جي حقن جي ڳالهه وڏي، آواز سڄڻ سرواڻ چئو.

ڪنهن جي نه ڪٿي پرواهه ڪريو، بيباڪ ٿيو بي خوف رهو،
ڪنهن کان نه لڪو، ڪنهن کان نه ڊڄو، حق سچ چٽو چرياڻ چئو.

ڪمزور مٿي جو ظلم ڪري، ان ظالم تي ڦٽڪار وجهو،
جو مهرڪري مسڪين مٿي، ان جي ته چٽي واکاڻ چئو.

انڌير اهو انياءُ ڏسي، خاموش رهڻ سمجهان ٿو ظلم،
مزدور ڪسانو هنر مندو، ٿي پنهنجا خود اڳواڻ چئو.

دل لاهيو متان گهٻرايو متان، دودي جي روايت زنده رکو،
سرڪپجي وڃي پر شل نه جُهڪي، هي ٻول وچن ٻلواڻ چئو.

آڪاش کان به پنهنجون، سوچون اُڏار اڳتي.

آڪاش کان به پنهنجون، سوچون اُڏار اڳتي.
فرسوده هر فڪر کان، آجو گذار اڳتي.

جي راز رمزون لِڪيل، ڳجهه ڳولهي کول تن جو،
جيون جو آهي رکڻو، مقصد معيار اڳتي.

انسان فرشتن کان، آ مانَ ۾ مٿاهون،
حيواني حرڪتن کان، خود کي بيهار اڳتي.

کايو پيو جهان ۾، ڪئين جانور جيئن ٿا،
ڍورن ڍڳن کان البت، رکجي شمار اڳتي.

ڪرڻو آ زندگي ۾، ڪجهه قوم ملڪ لاءِ،
ڏيهن ۾ ڏيهه جو جيئن، رهجي وقار اڳتي.

محنت سچي لڳن سان، سڀ يارَ آهي ممڪن،
جيون جي ڪشتي ڪُن مان، عاقل اُڪار اڳتي.

ذهنن تي آهي “ٻارڻ” اونڌاهه انڌ ڇانيل،
روشن ڪري اندرَ جو، سج سو اُڀار اڳتي.

افسوس اٿم هن قوم مٿي، ڪاسمجهه عقل ڪجهه ڪونه اٿس.

افسوس اٿم هن قوم مٿي، ڪاسمجهه عقل ڪجهه ڪونه اٿس.
جنهن ريت ٺهي تقدير پوي، سوعمل دخل ڪجهه ڪونه اٿس.

هر بار هلي اُن راهه مٿي، جت چوٽَ لڳي ۽ ٽوٽ ٿئي،
پر پوءِ به اهائي مت مُنجهيل، سُڌ سوچ اصل ڪجهه ڪونه اٿس.

جو چور هجي شهزور هجي، ان ساڻ ڪڏهن ليکو نه لٿو،
هن ماٺ وڌو مجبور ڪري، في الحال فضل ڪجهه ڪونه اٿس.

ٿا پير چمون ان پيرَ سندا، جو بد عمل بدڪار بنهه،
بيمار ذهن مفلوج ٿيا، ڪا سُرت سڦل ڪجهه ڪونه اٿس.

جو تنگ ڪري بي رنگ ڪري، تنهن جي ڪا سڃاڻپ ٿي نه سگهي،
جيئن جاڳ اچي ڪو ڀاڳ وري، سچ سو ته شُغل ڪجهه ڪونه اٿس.

تاريخ پڙهي تحقيق ڪري، ڪنهن سوچ اندر “ٻارڻ” ٿو پوان،
ماضي جي مقابل حال ٻيو، ڪو نقش نقل ڪجهه ڪونه اٿس.

سنڌ شاد ٿئي آزاد ٿئي، سو شال سگهوئي وقت اچي.

سنڌ شاد ٿئي آزاد ٿئي، سو شال سگهوئي وقت اچي.
سڀ سرها ٿيون واڌايون ڏيون، ڪو دؤر سُٺو ڪٽ مست اچي.

هر روڪ لهي هر بند ٽُٽي، بس قول فعل آزاد هجي،
هر ماڻهو سکيو آرامي هجي، ڪو ڏينهن نه ڪنهن تي سخت اچي.

ڪمزور سڀئي شهزور ٿين، ڪو ڏاڍ ڏمر ڏهڪا نه رهي،
سنڌ ديس سڄو آباد ٿئي، مزدور جو موٽي بخت اچي.

حقدار کان حق ڦرجي نه سگهي، دلين تي ڪٿي ڌاڙو نه لڳي،
خوشحال هتي هر ماڻهو هجي، انصاف امن سربست اچي.

سڀ جوڙَ ملي هڪ جوڙ ٿيون، سنڌ واسي ملي يڪ مشت جيون،
“ٻارڻ” جي پڄي شل آس اِها، خوشحالي هتي بي انت اچي.

نه هاڻ ننڊ ۾ سمهو، ٿيو سجاڳ ساٿيو.

نه هاڻ ننڊ ۾ سمهو، ٿيو سجاڳ ساٿيو.
هٿن منجهان وڃي پيو، هي راڄ ڀاڳ ساٿيو.

لِڪل هٿن جون قوتون، سدائين تاڪ تاڙ ۾،
ڦُري پٽِي لُٽي ويا، سي مانِ ماڳ ساٿيو.

هجي حيات ڪاٺ ۾، رهون تڏهن به ماٺ ۾،
اِها نه آ عقلمندي، اِهو اَڀاڳ ساٿيو.

هو چورَ اِبنِ چور اڄ، پيا ڌڻي ٿي سنڌ جا،
ڪڏهن نه اهڙو ڏيهه کي، مليو ڏهاڳ ساٿيو.

جهالتن جي ظلمتن، تباهه قوم کي ڪيو،
اڃان به ساڳيو اُهو، رواج راڳ ساٿيو.

معيار غير تي مگر، گهٽايو ڪونه دوستن،
غدار جو جتي ڏسو، لڳايو آڳ ساٿيو.

اڃان اکيون نٿيون کُلن، رهون ٿا گهري ننڊ ۾،
حقيقتن ۾ چٽ ٿيو، چمن جو چاڳ ساٿيو.

قدم اڳيان وڌائجي، نه وقت هي وڃائجي،
اسانجي منزلن اڳيان، آ رڻ اجهاڳ ساٿيو.

منهنجي گيتن جون اُڏارون، ڪي ته تو وٽ پهتيون.

منهنجي گيتن جون اُڏارون، ڪي ته تو وٽ پهتيون.
ساهه منهنجي جون سنڀارون، ڪي ته تو وٽ پهتيون.

هر صدا آڪاش تائين، گونج پهچائي ڇڏي،
دل سنديون دانهون پڪارون، ڪي ته تو وٽ پهتيون.

هڪ جهلڪ تنهنجي ڏسڻ لئه، جهاتيون پاتيون اکين،
منهنجي نيڻن جون نهارون، ڪي ته تو وٽ پهتيون.

ڪو چريو مونکي چوي يا، ڪو سڏي عاشق پيو،
خلق واريون خبرون چارون، ڪي ته تو وٽ پهتيون.

راتَ روئي رت ڦڙن سان، مون ڪتابت جا ڪئي،
پيار جون پيارا پچارون، ڪي ته تو وٽ پهتيون.

باغبان بنجي بنايم، باغ من جي کيٽ ۾،
ان منجهان “ٻارڻ” بهارون، ڪي ته تو وٽ پهتيون.

رڳو نه گهر سجاڳ ڪر.

رڳو نه گهر سجاڳ ڪر.
سمورو تر سجاڳ ڪر.

اُٿار قوم ننڊ مان،
هر ناري نر سجاڳ ڪر.

شڪاپور، سکر ٺٽو،
شهر شهر سجاڳ ڪر.

ويا وسيلا ٿي هڙپ،
مٺي، امر سجاڳ ڪر.

تقاضا وقت جي اِها،
نگرنگر سجاڳ ڪر.

ٻچي، ٻُڍي، جوان کي،
تمام تر سجاڳ ڪر.

ٿي سنڌ جو پيامبر،
ڏهر ڏهر سجاڳ ڪر.

شعور ڏي ڌنار کي،
ڪسان هر سجاڳ ڪر.

امن ۽ آجپي جي لئه،
ته جهنگ جهر سجاڳ ڪر.

چنڊ جي راتين چٽين ۾، چاهتون لـُٽجي وَيون.

چنڊ جي راتين چٽين ۾، چاهتون لـُٽجي وَيون.
روح، راتاها لڳا ۽، راحتون لٽجي ويون.

رونقون ۽ رنگ سارا، اُجڙي ويا منٽن اندر،
پيار محبت جون سُنهري، ساعتون لٽجي وَيون،

ماترايان دل کي ڪيئن، ڪهڙي ته دلجوئي ڪريان،
ڪونه پرتو آ پرين، ڪل آٿتون لٽجي وَيون.

جُستجو جاکوڙ ساري، خاڪ ۾ منهنجي ملي،
دل کي بهلائڻ سنديون، دريافتون لٽجي ويون.

ساهه ۾ سڪ سوز “ٻارڻ” ڳوڙهو جهٽ جاڳي پيو،
روز مرڪڻ ۽ کلڻ جون، عادتون لٽجي وَيون.

گل خار ٿيا آهن، گلزار ڇڏي وڃبو.

گل خار ٿيا آهن، گلزار ڇڏي وڃبو.
جي يار ڌڪاريندو، سنسار ڇڏي وڃبو.

مون آس رکي ڪيڏي، چاهت جو صِلو ملندو،
افسوس اهو دل جو، اصدار ڇڏي وڃبو.

جيئن ترڪِ وفا وارو، ماحول منڊل منڊيو،
ان کان ته شڪسته ٿي، سينگار ڇڏي وڃبو.

سودو نه سڦل آهي، ٻيو پيار سوا ڪوئي،
ڪيڏي به منافي جو، واپار ڇڏي وڃبو.

“ٻارڻ” به ٻري هاڻي، بس راک رهيو آهي،
هي سوز سڙڻ سڀ ڪجهه، لاچار ڇڏي وڃبو.

پرائي کي پنهنجو، چوڻ آهي غلطي.

پرائي کي پنهنجو، چوڻ آهي غلطي.
مري جو نه تنهن لئه، مرڻ آهي غلطي.

ويو لوڪ سارو جفا ۾ جڪڙجي،
وفا جي نظرسان ڏسڻ آهي غلطي.

جڏهن بي وفائي، پُني اوج تي آ،
ته ڏوراپو ڪنهن کي، ڏيڻ آهي غلطي.

سچائيءَ جي مهراڻ، ۾ لٽ اُڏاڻي،
اُڃي جو انهيءَ ڏي، وڌڻ آهي غلطي.

چئو صاف “ٻارڻ” وفا ڪونه ملندي،
حقيقت تي پردو، وجهڻ آهي غلطي.

وڳوڙي وحشين جا هت، وٿاڻ ڪو نه ٿا کپن.

وڳوڙي وحشين جا هت، وٿاڻ ڪو نه ٿا کپن.
اسانکي سنڌ ۾ پِٽيا، پٺاڻ ڪو نه ٿا کپن.

ڪٿان ڪٿان کان قافلا، اچن پيا قطاريا،
سوات مالاڪنڊ جا، ننڌاڻ ڪونه ٿا کپن.

اسانکي اٽڪلون ڪري، ٿو اقليت ۾ آڻجي،
سنڌي عوام کان سوا، سنڀاڻ ڪونه ٿا کپن.

اڳي به ڪنڌ ۾ پيا، ڪي ڀائپي جي آڙ ۾،
تڏهن ٿا اڄ چٽو چئون، فلاڻ ڪونه ٿا کپن.

اسانجو ساهه سنڌ ۾، اسانجي جند سنڌ آ،
اسانکي اوپرا اڏا، اڏاڻ ڪو نه ٿا کپن.

تڙيا جي پنهنجي ڏيهه مان، انهن جي راهه روڪجي،
جلاد قوم جا هو ڄٽ، ڄٽاڻ ڪو نه ٿا کپن.

متان گذارج غلام بنجي.

متان گذارج غلام بنجي.
جيءُ آجپي جو امام بنجي.

سماج کي ڪر شعور ارپن،
نئون پوي جيئن نظام بنجي.

غدار سان هٿ وجهي نه کائج،
حلال ويندو حرام بنجي.

نه ڏاڍ اڳيان جهڪائي گردن،
ڪٽائي ڇڏ سر صدام بنجي.

حقيقتن کان نه موڙ منهنڙو،
بطور بالا حڪام بنجي.

سجاڳ ٿي خود ڏي جاڳ جڳ کي،
لطيف وارو ڪلام بنجي.

نه ٻول”ٻارڻ” حضور، جي، سر،
خودي جو خود وڃ پيام بنجي.

دوست پنهنجي ديس جي، دستور جون ڳالهيون نه پُڇ.

دوست پنهنجي ديس جي، دستور جون ڳالهيون نه پُڇ.
ڏاڍ جون ڏهڪاءُ جون، ڏک سور جون ڳالهيون نه پڇ.

ٿو هتي مسڪين ئي، آزارجي اٺئي پهر،
بي پهچ مظلوم جون، مجبور جون ڳالهيون نه پُڇ.

هڙ وسيلا هڪڙي پاسي، ٻي طرف محروميون،
قائدي قانون جون، منشور جون ڳالهيون نه پُڇ.

هت ٻنيون توڙي ونيون، ڦُرجو وڃن زوري هٿان،
ظاهري هي ظلم ٿيا، مستور جون ڳالهيون نه پڇ.

هر طرح حق جي حفاظت، ٿي ٿئي دنيا اندر،
پر هتي جي معاملي، مذڪور جون ڳالهيون نه پڇ.

جانور سان جيڪو ورتاءُ، نامناسب نا روا،
سو ٿئي مزدور سان، مزدور جون ڳالهيون نه پڇ.

جان آزارن مان “ٻارڻ” ڪيئن ڇڏايون ڇا ڪجي.
جو اندر ۾ ٿو اچي، ان پور جون ڳالهيون نه پُڇ.

تو گهور ڪئي ويا سور لهي، مونکي سپنن جي تعبير ملي.

تو گهور ڪئي ويا سور لهي، مونکي سپنن جي تعبير ملي.
هڪ مرڪ ڇڏيو ماحول لُٽي، جيوَن کي نئين تعمير ملي.

سنگيت ڇڙيا ۽ گل ٽڙيا، مهڪار کُلي من معطر ٿيو،
ٿو ڀاڳ مٿي شڪرانا چوان، آ خواب ڀلي تقدير ملي.

ارمان پُنا احسان ٿيا، انعام مليا ٻيو ڇا ته گهران،
محبوب ڪيو تو قرب وڏو، هي مان مليو توقير ملي.

هن سونهن مٿي سرگهورڪريان، ڌن مال ڏيان قربان ٿيان،
ٿي ڏاڍي خوشي ويو رنگ رچي، آ پيار سندي تصويرملي.

ٿي ڳالهه صفا ڪئي يار وفا، هن جيون مان وئي جملي جفا،
“ٻارڻ” کي وري سڪ قرب ڀري، جذبات سندي جاگير ملي.

وقف آ سنڌ جي لاءِ قلم منهنجو ذهن منهنجو.

وقف آ سنڌ جي لاءِ قلم منهنجو ذهن منهنجو.
لکان پيو گيت سنڌڙيءَ جا، انهيءَ ۾ من مگن منهنجو.

قلم جي جنگ مون جوٽي، بغاوت ظالمن سان ڪئي،
پٽيندس ظلم جون پاڙون، اهو آهي وچن منهنجو.

غدارن ۽ مڪارن کي، ڳڻي ڳولهي ڪجي پڌرو،
لهن چوغا چڱائي جا، اهو مطلب متن منهنجو.

محبت ديس سان جنهن جي، انهي سان منهنجا سڀ رشتا،
هندو توڙي مسيح مسلم، برادر برهمن منهنجو.

اندر ۾ آس هڪڙِي آ، ڏسان شاداب سنڌ “ٻارڻ”
امن ۽ آجپو ماڻيون، ته جهومان ٿئي جشن منهنجو.

اڃان به چنگ پيو چُري.

اڃان به چنگ پيو چُري.
ڪماچ ڪنڌ ٿو گهري.

ڏياچ ڏيهه ۾ گهڻا،
اڏي ڏي ساهه ڪو سُري.

صدا ۽ ساز جي سنگت،
نه ٻول ٻاجهه جو ٻُري.

اسانکي آجپو کپي،
جُهري ته ڪو ڀلي جُهري.

خوابَ عمر ڀر ڏٺا،
وٺون ڪا ساڀيان ڦُري.

هُئو ڪو ساٿ ۾ سڄڻ،
ٿو نانوءَ هانوءَ تي هُري.

زندگي ڪالهه پڻ، ٿي تماشا هئي.

زندگي ڪالهه پڻ، ٿي تماشا هئي.
هڪڙِي شيطان جي، اهڙِي آشا هئي.

ڏينهن تاريخ ۾، سو بُرو ليکبو،
جو ڪراچي لهوَ، ساڻ لاشا هئي.

ڪير چوندو سياست انهيءَ کي ڀلا،
غنڊه گردي اِها، بي تحاشا هئي.

مائرن کان ڇنا، لال لختِ جگر،
خوني هولي هئي، قهري ڀاشا هئي.

ڪنهن به روڪيو نٿي، ڪنهن به ٽوڪيو نٿي،
آشتي شانتي، هوند حاشا هئي.

(نوٽ: 12مئي 2007ع تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي ڪراچي آمد تي دهشت گردن طرفان سندس استقبال سبو تاز ڪرڻ لاءِ ٿيل خونريزيءَ تي لکيل.)

شباب جي مئي منجهان پيئڻ لئه، نوان پراڻا پياڪ آيا.

شباب جي مئي منجهان پيئڻ لئه، نوان پراڻا پياڪ آيا.
نه پور مَٽ اڄ سخي ٿي ساقي، چريا اياڻا پياڪ آيا.

ٿي ناچو نچندا پتنگ ٿي پچندا، چتا تي چڙهياسي ڪيئن بچندا،
هي جان جند جي لڳائي بازي، عقل اڏاڻا پياڪ آيا.

شراب سونهن جو چُڪو چکيائون، نه مال ڌن کي مِٺو رکيائون،
وصال جي واٽ تي ويچارا، سي ٿي ويگاڻا پياڪ آيا.

سماجي رشتا سڀيئي ٽوڙِي، نئون ڇڏيائون جهان جوڙي،
پيار ساقي چٽو چئي سي، نچي نماڻا پياڪ آيا.

خلوص “ٻارڻ” اندر ۾ آهي، مگر سحر ڪو نظر ۾ آهي،
اکين جا ڪشتا کڻي سوالي، اُڃا اجهاڻا پياڪ آيا.

حقن جي لاءِ ضرور هاڻي، جدوجهد ۽جهاد ٿيندو.

حقن جي لاءِ ضرور هاڻي، جدوجهد ۽جهاد ٿيندو.
حرام خورن جي ڪاڻ سنڌ جو، ٻچو ٻچو هر فولاد ٿيندو.

حساب وٺبا سڀئي سنڀالي، رَتيءَ برابر رکت نه رکبي،
جيئڻ جي لاءِ اسانکي آخر، عزيز پنهنجو مفاد ٿيندو.

کِلي خوشيءَ سان نه حق ملندا، اها ته هرڪنهن کي ڄاڻ آهي،
ڦُري پٽي جي ڦٻيا هميشه، وڏو انهن سان فساد ٿيندو.

ظلم جڏهن بي حساب ٿيندو، خلاف ان جي محاذ ٺهندو،
انهي کي سوگهو ڪرڻ کپي جو، ته شامتي آ صياد ٿيندو.

ظلم گهڻو ئي سهي ٿڪاسين، نه هاڻ “ٻارڻ” سهپ رهي آ،
بچاءُ ڪارڻ ڪو ويڙهه وارو، بهادريءَ سان بنياد ٿيندو.

جُڳن کان جاڳيون اکيون، نظارا ننڊ ۾ آهن.

جُڳن کان جاڳيون اکيون، نظارا ننڊ ۾ آهن.
اڃا موسم جي مستي جا، اشارا ننڊ ۾ آهن.

ڪڏهن ڪنهن سمجهيو ناهي، روئن پازيب جاگُهنگهرو،
نچي ٿي پيٽ لئه ناري، پنارا ننڊ ۾ آهن.

سُڪي ويا کيت سنڌڙيءَ جا، سنڌوءَ ۾ پئي اُڏي واري،
سڙيون ٻيڙيون رُليا ناکا، ڪنارا ننڊ ۾ آهن.

چڙهيا جي چاڙهه جوڀن جي، ڪندا ڪنهن جند جي ڳولا،
جواني جاڙ ٿي جيءَ جا، جيارا ننڊ ۾ آهن.

نشا جي نينهن جا چڙهندا، وري ناهن ڪڏهن لهندا،
نه موکي کول مٽ مَڌ جا، متارا ننڊ ۾ آهن.

ڪڏهن هن سونهن تي”ٻارڻ” نه ڪوسو واءُ سهندو آ،
هوا پاسي کان گذري وڃ، پيارا ننڊ ۾ آهن.

ڪو ماڻهو متان ماري نه هجي.

ڪو ماڻهو متان ماري نه هجي.
چمچو نه هجي، چاري نه هجي.

کٽڪو ٿو رهي، خدشو ٿو رهي،
الفت ۾ ادا ڪاري نه هجي.

انڌير نگر جي انڌ اندر،
ڪا ڀيڻ سڏي ڪاري نه هجي.

خوشحال سڄو شل ملڪ ٿئي،
ڪٿ آهه وفغان زاري نه هجي.

انصاف امن جو وقت اچي،
هي ظلم ستم جاري نه هجي.

ٿاڻي تي مُنافق مُرڪن پيا،
بيڏوهه ٻَڌو هاري نه هجي.

هر صبح سکن جي ساک ڏئي،
ڪا شام ڏکن واري نه هجي.

“ٻارڻ” جي اهائي آس سدا،
ڪا مهل ڪٿي ڀاري نه هجي.

گناهه يا ثواب جي، ڪجي ته ڳالهه ڪيئن ڪجي.

گناهه يا ثواب جي، ڪجي ته ڳالهه ڪيئن ڪجي.
حساب ياڪتاب جي، ڪجي ته ڳالهه ڪيئن ڪجي.

جتي اکيون اُڃيون رهن، نگاهه سونهن لئه سڪي،
نزاڪت وحجاب جي، ڪجي ته ڳالهه ڪيئن ڪجي.

بهار باغ کان پري، اُجاڙ چار سُو چٽو،
ڀلا اُتي گلاب جي، ڪجي ته ڳالهه ڪيئن ڪجي.

سِڪون چينَ چٽ ٿيا، ننڊون رُسي ويون پري،
حَسين ڪنهن خواب جي، ڪجي ته ڳالهه ڪيئن ڪجي.

فراق يار جا سوين، ٿين ٿا سور سامهان،
“ٻارڻ” انهيءَ عذاب جي، ڪجي ته ڳالهه ڪيئن ڪجي.

ڳالهه حق جي ڪجي، صاف سچ جي ڪجي.

ڳالهه حق جي ڪجي، صاف سچ جي ڪجي.
پٺ ڀرائي نه ڪا، ڪوڙ ڪچ جي ڪجي.

ڪيتريون سنڌ تي، روز ڪاهون ٿين،
پر حفاظت سندس، هر انچ جي ڪجي.

سارَ سُکين جي اڄ، لوڪ سارو لهي،
پر مدد جي ڪجي، بي پهچ جي ڪجي.

ڇو خراجون ڏجن، ولد قاسم کي ير،
ياد ڏاهر جي، ڪا ته چچ جي ڪجي.

طرف منزل جڏهن، ڪيئي راهون ٿيون،
پوءِ “ٻارڻ” پسند، واٽ وچ جي ڪجي.

زبان توڙي قلم ۾ ڪو، اثر شمشير ڪر پيدا.

زبان توڙي قلم ۾ ڪو، اثر شمشير ڪر پيدا.
سنواري سنڌ ساريءَ کي، نئين ڪشمير ڪر پيدا.

جهالت جي وڃي ظلمت، علم جي جوت جرڪي پئي،
عمل توڙي فڪر ۾ ڪو، وري تنوير ڪر پيدا.

مسيحا ٿو سڏائين جي، ته ڪر علاج دردن جو،
دوا دردن دکن جي ڪا، اصل اڪثير ڪر پيدا.

فقط قسمت مٿي تڪيو، رکي ويهڻ سُٺو ناهي،
ٿئي تقدير جيئن روشن، اها تدبير ڪر پيدا.

سجاڳي قوم ۾ “ٻارڻ” ٿئي من تنهنجي شعرن سان،
غزل ۾ گيت گفتي ۾، گهڻو تاثير ڪر پيدا.

ڪشڪول ٽوڙ پهرين، خود دار پو سڏائي.

ڪشڪول ٽوڙ پهرين، خود دار پو سڏائي.
ڪشتي پڄا ڪناري، پتوار پو سڏائي.

همدرد جي نه آهين، هوڪا ڏيڻ ڇڏي ڏي،
احساس ڌار دل ۾، دلدار پو سڏائي.

ڪهڙي طرح ڪرين ٿو، دعوى ٺلهي اجائي،
خوشبوءِ پڄاءِ جڳ کي، گلزار پو سڏائي.

نفرت ٿي جا وڌائي، دولت اها ڪنهن ڪم جي،
من ۾ سمائي محبت، زردار پو سڏائي.

دشمن ڏکيو آ “ٻارڻ” توتي ته حيف آهي،
غم درد لاهي ان جا، غمخوار پو سڏائي.

ملوڪ ملڪ سارا پر، نمايان آ نواب سنڌ.

ملوڪ ملڪ سارا پر، نمايان آ نواب سنڌ.
رنگين رنگ انيڪ ٿيا، عطرعنبر تراب سنڌ.

لطيف ۽ اياز جو، هي ديس آهي دلربا،
ملير ڪاڇو، کيرٿر، حسين ڪو خواب سنڌ.

ننگر ٺٽو ۽ مڪّلي، منجهس موهن جو دڙو،
ثقافتي مثال سوَ، سنڌو ڪيو شهاب سنڌ.

ڀليون ٻنيون ڀلا فصل، ڀلا سنڌي سچارڙا،
پريم پيار جا ملن، ثبوت سوَ ثواب سنڌ.

سدا بهار سان سنبل، چنبيلي موتيا ٽڙن،
سڳنڌ سان روح واسيا، گلن ڪئي گلاب سنڌ.

سڌير ڪيترا سنڌي، پڙهيا لکيا فلاسفر،
جنين جي سوچ سمجهه سان، ٿي آ فيضياب سنڌ.

جڏهن ڪڏهن جتان ڪٿان، لکين لڏا لڏيا اچن،
انهيءَ مان صاف صاف آ، سلامتيءَ جو باب سنڌ.

ڪري کرميٽ ڪن کٽيو، ڪڏهن توکي ڪڏهن مونکي.

ڪري کرميٽ ڪن کٽيو، ڪڏهن توکي ڪڏهن مونکي.
ڦُريو ڪنهن آهي ڪنهن ڦٽيو، ڪڏهن توکي ڪڏهن مونکي.

جنجهوڙيو روح کي رسمن، هٿوڙا ذهن تي وسيا،
گهُٽا ڏيئي ويو گهُٽيو، ڪڏهن توکي ڪڏهن مونکي.

اٽي توڙِي لٽي جا ۽، اَجهي جا آسرا ڏيئي،
ڀري بازار ۾ لُٽيو، ڪڏهن توکي ڪڏهن مونکي.

حقن جي حاصلاتن جا، سنهرا باغ ڏيکاري،
انهن سورن اندر سٽيو، ڪڏهن توکي ڪڏهن مونکي.

وڏن چالاڪ ماڻهن کي، اسين پرکي نه سگهياسين،
ڏٽا ڏيئي جنين ڏٽيو، ڪڏهن توکي ڪڏهن مونکي.

دغا دوکي فريبن سان، ڏکوئن ڏيهه واسين کي،
بگهڙ جيئن پاپين پٽيو، ڪڏهن توکي ڪڏهن مونکي.

سکڻ سمجهڻ جي اي “ٻارڻ” رکون ٿا آرزو هر پل،
اچي ويرين آهي وٽيو، ڪڏهن توکي ڪڏهن مونکي.

وندر روح راحت، ربابن ۾ ڳولهه.

وندر روح راحت، ربابن ۾ ڳولهه.
حُسن سونهن شوخي، شبابن ۾ ڳولهه.

محبت وفا جي، اٿئي جي تلاش،
سچائي، صداقت، حجابن ۾ ڳولهه.

ٿيڻ لا تعلق، گُهرين ٿو جهان کان،
نشو سو اکين جي، شرابن ۾ ڳولهه.

سڳنڌ ساهه ۾ جي، سمائڻ ٿو چاهين،
پرينءَ جي سا گفتن، گلابن ۾ ڳولهه.

طلب تانگهه دل ۾، اٿئي جي علم جي،
خزانو سو “ٻارڻ” ڪتابن ۾ ڳولهه.

راهه جيڪو تڪي، تنهن نظر کان پُڇو.

راهه جيڪو تڪي، تنهن نظر کان پُڇو.
سور ڪيڏا مليا، دل جگر کان پُڇو.

ڪونجڙي جا ڇني، ساٿ پنهنجي وٽان،
روهه ويندل انهيءَ، جي ولر کان پُڇو.

سنگتراشي ۾ ٿي، جيڪا اذيت ملي،
مورتي جو بنيو، اُن پٿر کان پُڇو.

ڪيڏو پيارو لڳو، هو پيارو پرين،
سُرمئي شام جي، اُن پهر کان پُڇو.

ڪيڏي آهي ڪٺن، اوسيئڙي جي گهڙي،
ڪنهن جي لاءِ بيٺل، منتظر کان پُڇو.

هيل سنڌ تي ڪڪر، ناهي “ٻارڻ” وٺو،
قحط ڪيڏو ٿيو، سو ته ٿر کان پُڇو.

جنميا اندر ۾ جي سي، جذبا دفن ڪياسين.

جنميا اندر ۾ جي سي، جذبا دفن ڪياسين.
دل جي لحد ۾ سڪ جا، لاشا دفن ڪياسين.

جيڪي چوڻ گهرون ٿا، سو ڏيهه کي ڏکوئي،
مجبور ٿي گلابي، گفتا دفن ڪياسين.

بي خوف ٿي حياتيءَ، ۾ ڪو نکار آڻيون،
خطرات خوف کُٽڪا، خدشا دفن ڪياسين.

سچ ساڻ ساٿ پُختو، جُڙيل ازل کان آهي،
باقي ٻيا رواجي، رشتا دفن ڪياسين.

محبت اها غنيمت، جيڪا ملي پرينءَ کان،
هر تاجوَر جا تحفا، تمغا دفن ڪياسين.

پينو پيار جا ٿي، در در صدا هڻون ٿا،
ٻي بيک جي پنڻ، جا ڪشتا دفن ڪياسين.

چهرن اندر چتائي، انسان ڳولهيان پيو.

چهرن اندر چتائي، انسان ڳولهيان پيو.
هٽَ هٽَ تي پيار محبت، ايمان ڳولهيان پيو.

انڌا ۽ اونڌا ويڄو، جهليو نه منهنجو رستو،
آئون اڃان ٻيو ڪو، لقمان ڳولهيان پيو.

جنّت جي ڏيو نه لالچ، دوزخ جو ڏيو نه دڙڪو،
دردن جو دربدر ٿي، درمان ڳولهيان پيو.

نفرت جي باهه ڇڏيون، دليون دکائي ٻاري،
مُک مُک تي محبتون ۽، مُسڪان ڳولهيان پيو.

“ٻارڻ” اصل ۾ مونکي، سچ جي تلاش آهي،
ان سونهن جو اکين سان، ايوان ڳولهيان پيو.

گيت اياز جو، شاهه جي راڳڻي.

گيت اياز جو، شاهه جي راڳڻي.
ٿي لڳي، ساهه کي، پدمڻي ڪامڻي.

سامهون شرمائي ٿي، روح گرمائي ٿي،
ڏاڍو ڀرمائي ٿي، نرتڪي ناچڻي.

ناز انداز سان، مٺڙي آواز سان،
جيتي دليون وئي، پريت جي پالڻي.

جلوه گر سوبسو، اپسرا هو بهو،
جيءَ لاءِ ته سا، مند آ سانوڻي.

پيار سان جي سڏي، هانءُ ٺاريو ڇڏي،
ٿي ته “ٻارڻ” لڳي، هير ڄڻ ڏاکڻي.

جهڙو سڄڻ آ سهڻو، تهڙي وفا ڪري ٿو.

جهڙو سڄڻ آ سهڻو، تهڙي وفا ڪري ٿو.
تڏهن ته هر ڪو هُن تان، جندڙي فدا ڪري ٿو.

لک لوڪ ۾ مسيحا، خدمت خلق جي ڪن ٿا،
پر ديد ساڻ دلبر، دل جي دوا ڪري ٿو.

نازڪَ نزاڪتن سان، نيچايون نوابيون،
هوش وحواس تن جا، کن ۾ خطا ڪري ٿو.

مون ساڻ مهربانيون محبوب جون هميشه،
ڳائي ڳڻي نه سگهبا، وڙَ هو وڏا ڪري ٿو.

“ٻارڻ” ٻيا به ڪيئي، قربان جان ڪن ٿا،
لاهي نقاب رُخ تان، جڏهن نگاهه ڪري ٿو.

جڏهن جاني جلوه، نمائي ڪري ٿو.

جڏهن جاني جلوه، نمائي ڪري ٿو.
تڏهن ساري دنيا، توائي ڪري ٿو.

خطا هوش اُت، ڪيترن جا ٿين ٿا،
مهر جي نظرجت، سوائي ڪري ٿو.

ٿيو رات ڪاري به روشن پوي ٿي،
جڏهن هو نقابِ، ڪُشائي ڪري ٿو.

ٿين قيد داناءَ، حُسن جي سحر ۾،
عقل عاقلن جو، هوائي ڪري ٿو.

ٿيان ڇو نه قربان “ٻارڻ” اُنهيءَ تان،
سدا جو ته مون سان، وفائي ڪري ٿو.

سڄڻ تون سراپا وفا ٿو لڳين.

سڄڻ تون سراپا وفا ٿو لڳين.
بنهه منهنجي دل جي، دوا ٿو لڳين.

جڏهن منهن اگهاڙي، ٿو سامهون اچين،
تڏهن سونهن جو، ديوتا ٿو لڳين.

سڏين پاڻ وٽ يا، جي مون وٽ اچين،
تڏهن منهنجي قسمت، مِٺا ٿو لڳين.

اندر منهنجو ٺاري، ڇڏين ٿو پرين،
وَٺي جي ڪا ٿڌڙي، هوا ٿو لڳين.

ڏٺم تو ۾ پنهنجا سمورا عمل،
صفا مونکي منهنجي ڪٿا ٿو لڳين.

رچيا رنگ تو ۾، سندرتا سندا،
اَنوکي اَنوکي، ادا ٿو لڳين.

اُٿي ويٺي “ٻارڻ” گُهران روز جا،
اندر جي اُهائي، دعا ٿو لڳين.

پيرَ نازڪَ کنيا، ڇير ڇم ڇم ڪئي.

پيرَ نازڪَ کنيا، ڇير ڇم ڇم ڪئي.
روح تازو ٿيو، ذوق زم زم ڪئي.

سونهن جي جوت سان، ڏات نکري پئي،
دل جي آڪاش تي، روپ رم جهم ڪئي.

ضبط جذبات تي، ڪجهه نه منهنجو رهيو،
حوصلو ويو هليو، تنهن نه هم تم ڪئي.

بيخودي ڇائنجي، ويئي ماحول تي،
دل تي ديوانگي، ديد دم دم ڪئي.

ٿي سجايو پيو، آهي “ٻارڻ” جيئڻ،
مُرڪي محبوب آ، مَست موسم ڪئي.

روپ ۾ انڊلٺ اُفق وارا عمل.

روپ ۾ انڊلٺ اُفق وارا عمل.
گفتگو آ گيت وايون ۽ غزل.

رنگ سارنگ جا سمورا يار ۾،
پيار دل جي ٿر مٿي وسندڙ بدل.

سينڌ سهڻي جي لڳي ٿي ڪهڪشان،
نيڻ ڄڻ ڪينجهر اندر ٽڙيا ڪنول.

سونهن جو سنڌو چوان ساگر چوان،
لوڏ ۾ لهرن جيان ارڏا عمل.

آس جي آڪاس جو آ چنڊ هو،
ڇو نه “ٻارڻ” دل ڏيئي اُن تي اُڇل.

نه ديرو حرم جي، تمنا ڪئي آ.

نه ديرو حرم جي، تمنا ڪئي آ.
اسان بس صنم جي، تمنا ڪئي آ.

ڇڏي جنگ جهيڙو، محبت گُهرون ٿا،
نظر جي ڪرم جي، تمنا ڪئي آ.

ڀلي ڌار گهاري، ٻي دنيا سموري،
سڄڻ جي سنگم جي، تمنا ڪئي آ.

اسانکي ڏيو سنڌ جا واسطا حق،
نه باغِ ارم جي، تمنا ڪئي آ.

جنم هن ۾ “ٻارڻ” جو جرڪايو جيون،
ڪڏهن ٻي جنم جي، تمنا ڪئي آ؟

سونهن جي سنسار جو، سُهڻا تون آهين آفتاب.

سونهن جي سنسار جو، سُهڻا تون آهين آفتاب.
تنهنجي جلون سان ٿيا ٻيا، سونهن وارا فيض ياب.

سونهن جو تون شهنشاهه، ٻيا سڀئي تو وٽ گدا،
هوش کان نڪرن هزارين، جي هَٽي مُک تان نقاب.

جنهن ڏٺي صورت سندءِ، ٿيندو سو مجني کان مٿي،
گُم خيالن ۾ ئي هوندو، جاڳندي ڏسندو خواب.

قرب تنهنجو جي ملي، دنيا ته جنت ٿي پوي،
زندگي بنجي وڃي هيءَ، خوبصورت ڪامياب.

ٻي نه “ٻارڻ” جي تمنا، يار سُهڻي کان سوا،
سو ملي مون ساڻ منهنجو، محترم عالي جناب.

هوش وحواس هوندي، بي هوش ٿو رهان.

هوش وحواس هوندي، بي هوش ٿو رهان.
ڇا ٿو پڇين ته ڇالئه، خاموش ٿو رهان.

ڪنهن ڏوهه جو تصّور، ناهي شعور ۾،
پوءِ به ري گناهي، روپوش ٿو رهان.

شايد ڪڏهن ڪو ايندو، جو انتظار آ،
بس آجيان ڪرڻ لئه، پُر جوش ٿو رهان.

ساهي پٽڻ جي سامت، ناهي ڏني ڏکن،
سورن اندر به سرهو، سنتوش ٿو رهان.

ڏوهي چوي زمانو، ان جو فڪر نه آ،
پنهنجي ته ليکي “ٻارڻ” نردوش ٿو رهان.

جدا ڀلي ڪر تون يار جيئري، مگر مرڻ تي ضرور روئيندين.

جدا ڀلي ڪر تون يار جيئري، مگر مرڻ تي ضرور روئيندين.
جڏهن ڇڏي هي جهان ويندس، اهو ٻڌڻ تي ضرور روئيندين.

ڀلي ستائي ڀلي رنجائي، ڀلي جگر تي خنجر هلائي،
مٺا تون منهنجي هميشه لاءِ، جدا ٿيڻ تي ضرور روئيندين.

ظلم ڀلي ڪر ستم ڀلي ڪر، ڪرين ٿو جيڪي اهو ڪندو ڪر،
مگر هي لاشو مٽيءَ ۾ مٺڙا، دفن ڪرڻ تي ضرور روئيندين.

هزارين آسون اُميدون منهنجون، گهڙي گهڙي ۾ ختم ڪيون تو،
قبر وٽان اومـٺا تون منهنجي، ڪڏهن لنگهڻ تي ضرور روئيندين.

سوين سمايون اندر ۾ ڳالهيون، مگر اي “ٻارڻ” ٻرڻ سُٺوآ،
ڪڏهن ته “محمد” سندو تون نالو، وٺِي سڏڻ تي ضرور روئيندين.

عشق جي آزار غم، ڏک سور جون ڳالهيون نه پُڇ.

عشق جي آزار غم، ڏک سور جون ڳالهيون نه پُڇ.
اهلِ دل کان دين جون، دستور جون ڳالهيون نه پُڇ.

رات جا پويان پهر، جاڳي ڪٽيا جن هيڪلا،
ڪيفيت ڪيڏي ڪٺن، ان پور جون ڳالهيون نه پُڇ.

دل گُهريا جن کان پري، عيدون ڪري سگهندا ڪٿي،
عيد محرم جي مثل، عاشور جون ڳالهيون نه پُڇ.

زخم ڦٽ دل جا ڇُٽائي، ويڄ ڪي سگهيا ڪڏهن،
نينهن جي ناحق ڪيا، ناسور جون ڳالهيون نه پُڇ.

ٻڙڪ “ٻارڻ” ڪڍ نه ٻاهر، ٻوليون ٻولين ٿو ڇو،
مامرا مخفي ڀلا، مذڪور جون ڳالهيون نه پُڇ.

نظرِ ڪرم جي آهيون، قابل ڪڏهن ڪڏهن.

نظرِ ڪرم جي آهيون، قابل ڪڏهن ڪڏهن.
ٿيندو شرف اِهو آ، حاصل ڪڏهن ڪڏهن.

وچ سير مان گهڻائي، ٻي پار پهتا ٻيڙا،
ٻوڙي ڇڏيندو آهي، ساحل ڪڏهن ڪڏهن.

ويڄن به سر وڃايا، ڪيئي وِڄا ڪندي پر،
ٿي ٿو پوي مسيحا، قاتل ڪڏهن ڪڏهن.

سج چنڊ چمڪندا پيا، تحقيق تا قيامت،
پرسي به ٿيندا آهن، گهائل ڪڏهن ڪڏهن.

چريا چئي وٺن ٿا، ڪنهن وقت ڳالهه ڪم جي،
ڀُلجي ٿو ڪو اڪابر، عاقل ڪڏهن ڪڏهن.

ماڻهوءَ جي سمجهه سِڌ تي، ڪو اعتبار ناهي،
پڙهيو لکيو ٿئي ٿو، جاهل ڪڏهن ڪڏهن.

هڪ رنگ ۾ هميشه دنيا رهي نه رهندي،
رنگ ڪو ٿئي ٿو ان ۾، شامل ڪڏهن ڪڏهن.

ٿيندي رهي آ “ٻارڻ” حق جي فتح هميشه،
حق تي ٿئي ٿو قابض، باطل ڪڏهن ڪڏهن.

وبا جيئن ويڙهي وئي منشيات.

وبا جيئن ويڙهي وئي منشيات.
ڌِڪي جنهن تباهيءَ ڏي آندو حيات.

نه محفوظ پوڙها، جوان توڙِي ٻار،
هليو هر عمرتي اهو قَهري ڪات.

زهر آهي ناسور، جي آ مثال،
تباهي سو آڻي پيو ڏينهن رات.

اُجاڙيا جنهن لعنت، گهڻا گهر تمام،
جَزا ٿي لُٽي تنهن، سڄي ڪائنات.

ٿيون مائرن جون، نگاهون نراس،
رهيو ڀينرن جو، سهارو نه ساٿ.

ٿيا پيءُ پوڙها، پريشان حال،
ڪي معصوم ڀائر منجهه مشڪلات.

جنت جهڙو جيون، جهنم جنجال،
هلاڪت ۾ هر هنڌ، انسان ذات.

ڪجي سوچي “ٻارڻ” ڪا سهڻي صلاح،
ملي هن مصيبت، مان جڳ کي نجات.

اسين اصل کان اُداس آهيون.

اسين اصل کان اُداس آهيون.
نماڻا آهيون، نراس آهيون.

ظلم ڏسي ٿا لُڇون ۽ ڦٿڪون،
طبيعتن جا حساس آهيون.

سرها ٿيون ٿا ڪري وفائي،
ٿيا سچ سان روشناس آهيون.

حساب ڏيندا رهون ڏينهاڻي،
قيام جي آس پاس آهيون.

نه پنهنجي عيبن تي پوش “ٻارڻ”
مگر گهڻن جو لباس آهيون.

واپار جي رَوِش کي، واپار ۾ رهڻ ڏي.

واپار جي رَوِش کي، واپار ۾ رهڻ ڏي.
جذبا جي پيار وارا، سي پيار ۾ رهڻ ڏي.

هر ڳالهه جو علحده، دستور هوندو آهي،
هرڪو اصول پنهنجي، مقدار ۾ رهڻ ڏي.

گل کان ته ڪنهن به حيلي خوشبوءِ ڦري نه سگهبي،
مهڪار گل ۽ بلبل، گلزار ۾ رهڻ ڏي.

نقصان يا نفعي کي، محبت ۾ ناهي ڏسڻو،
گهاٽو ٿئي ته ٿي پئي، اک يار ۾ رهڻ ڏي.

“ٻارڻ” جهان کي تون، سمجهائي ڪو نه سگهندين،
پرپاڻ کي ته پنهنجي، اختيار ۾ رهڻ ڏي.

جو ڪنڌ ڏئي سنڌ تان، منصور اُهو آهي.

جو ڪنڌ ڏئي سنڌ تان، منصور اُهو آهي.
سنڌ ماءُ سڌوري جو، نظر نور اُهو آهي.

جو قيد رُڳا ڪاٽي، حق پو به چوي ويٺو،
هن قوم ڪيو دل سان، منظور اُهو آهي.

سنڌ لاءِ وڙهي جيڪو ، سنڌ لاءِ ڪڙهي جيڪو،
هنڌ سنڌ اندر ٿيندو، مشهور اُهو آهي.

رت ست وڃائي جو، ڏينهن رات ڪري محنت،
پر پو به ڏکيو گهاري، مزدور اُهو آهي.

جو کيت سدا کيڙي، سنگ سونَ سمان ميڙي،
افسوس اڃان تائين، مجبور اُهو آهي.

سڀ هونِ سکيا سرها، گهاري نه ڏکن ۾ ڪو،
“ٻارڻ” جو چٽو مقصد، منشور اُهو آهي.

گهڻو مند موسم گلابن جي ڳولهيم.

گهڻو مند موسم گلابن جي ڳولهيم.
گهٽي ڄڻ ڪنڊن جي، عذابن جي ڳولهيم.

ڏٺم ننڊ ۽ جاڳ ۾، جيڪي اڪثر،
سڦل ساڀيان تن، خوابن جي ڳولهيم.

بظاهر ته ماٺار، جيون ۾ آهي،
پئي راهه رُت، انقلابن جي ڳولهيم.

گناهن جي دلڪش، نگر ۾ گذاري،
دنيا دور کان ئي، ثوابن جي ڳولهيم.

پروڙڻ ڏکيو آهي، پڌري جهان کي،
حقيقت نقابن، حجابن جي ڳولهيم.

نه مفهوم سمجهڻ جي “ٻارڻ” ڪيم ڪا،
ڪچائي ڦڪائي، ڪتابن جي ڳولهيم.

اکيون عقل اٿئي تان، اوندهه کي ڇڏي ڏي.

اکيون عقل اٿئي تان، اوندهه کي ڇڏي ڏي.
رستو سڌو آ پڌرو، ٻي راهه کي ڇڏي ڏي.

قاضي اندر ۾ تنهنجي، موجود هوندو آهي،
فتوى جي خوف خطري، پرواهه کي ڇڏي ڏي.

من جي مندر ۾ سُهڻي، رک مورتي تراشي،
تون بُت شِڪن ته ناهين، ڀڃ ڊاهه کي ڇڏي ڏي.

سونهان گهڻا ڇڏي هڪ، رهبر ۽ رهنما ڪر،
ڪوڙي انڌي عقيدي، ويساهه کي ڇڏي ڏي.

ڀلجي ڪڏهن نه ڪنهن جي، سوچج بدي برائي،
تون ڪر چڱا چڱائي، بدخواهه کي ڇڏي ڏي.

ٻُڌ جي ٻين جي “ٻارڻ” پر سمجهه پنهنجي رکجي،
هر ڳالهه تي اجائي، واه واه کي ڇڏي ڏي.

عشق جي آڳ ۾، پير پائي ته ڏس.

عشق جي آڳ ۾، پير پائي ته ڏس.
پيار ڪنهن سان ڪري دل لڳائي ته ڏس.

نينهن ناتوڳنڍي، ماڻ ڪي محبتون،
ڪنهن پياري مٿان، من لٽائي ته ڏس.

پيار انسان لئه، آ ضروري گهڻو،
پيار جي راه ۾، وک وڌائي ته ڏس.

نفرتون جو ڪري، ان سان ڪر محبتون،
دشمنن کي به ايئن، آزمائي ته ڏس.

پيار محبت بنان، ڪهڙو “ٻارڻ” جيئڻ،
ساٿ سان زندگي، ڪجهه سجائي ته ڏس.

سڄڻ سدائين اکيون هي تنهنجي، اچڻ جون واٽون تڪينديون آهن.

سڄڻ سدائين اکيون هي تنهنجي، اچڻ جون واٽون تڪينديون آهن.
ڪٿان تون ايندين ڏسي ڏسائون، صبر ۾ ڏينهڙا ڪٽينديون آهن.

پتا پڇيائون هوا کان تنهنجا، جواب ڪو جنهن ڏنو نه تن کي،
خبر نه آهي ته اڻ ڏٺي ڪيئن، سمائون ساريون سلينديون آهن.

سماج هن جا ظلم سندا سڀ، محاذ ٽوڙِي اچي مان ملندس،
پيار وارن کي ريتون رسمون، ڪڏهن نه جاني جهلينديون آهن.

خيال توڙي خواب تنهنجا، گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ تلاش تنهنجي،
نه روپ ڪنهن تي پرينءَ ري پرچن، نه پاڻ پنهنجو پلينديون آهن.

گذار “ٻارڻ” تون آس ۾ ڏينهن، ملي ته “محمد” سڄڻ به ويندا،
جدا رهڻ جون گهڙيون ئي ازخود، ملڻ جون راهون ڏسينديون آهن.

عيد اچي وئي، تون به اچي وڃ.

عيد اچي وئي، تون به اچي وڃ.
مُند مچي وئي، تون به اچي وڃ.

سانوڻ وسيو ٿي سرهائي،
پوک پچي وئي، تون به اچي وڃ.

جذبن جيءَ ۾، جهيڙي جنگ،
رچنا رچي وئي، تون به اچي وڃ.

پيار جي ڌُن تي، ساري نگري،
ناچ نچي وئي، تون به اچي وڃ.

هر ڪنهن ساهه ۾ ، سِرجي “ٻارڻ”
سونهن سچي وئي، تون به اچي وڃ.

اُداس شام جا پهر، قرار جي صدا هڻن.

اُداس شام جا پهر، قرار جي صدا هڻن.
جِندون جيئڻ جي واسطي، پيار جي صدا هڻن.

وجود وحشتن سبب، اُجاڙِ جي لپيٽ ۾،
تڏهن ٿا گيت پريت جا، بهار جي صدا هڻن.

فريب جي آ ضرب سان، يقين ٿيو ذرا ذرا،
صداقتون لُڇي لُڇي، سڪار جي صدا هڻن.

نه روح راحتون رهيون، نه چاهتن جي چاندني،
انيڪ ساهه الفتن، اُڌار جي صدا هڻن.

اچو وَسو اي بادلو، ڏڪار ڏيهه کي ڏنگيو،
ٿا مورَ مرگهه، اُڃ مري، ملهار جي صدا هڻن.

سڄڻ ته ساڳيو ئي آ، نه ياد وعدا ته ڇا،
اکيون اکين کي بس رڳو، نيهار جي صدا هڻن.

اڃان به آس جا ڏيئا، جهڪا سهي ٻرن پيا،
سرير سونهن سوڀيا، نکار جي صدا هڻن.

ڀريا ٿريا مئي جا مٽ، ڪلال ڪن ڪرم نٿا،
پياڪ روپ جا پيا، خمار جي صدا هڻن.

سڳنڌ جي آرزو رکي، گلاب پوکيون پيا.

سڳنڌ جي آرزو رکي، گلاب پوکيون پيا.
خزان هتي هميشه آ، بهار ڳولهيون پيا.

غنڊن جي وحشتن سبب، بمن جو دونهه ٿو گُهٽي،
امن هتي به آڻجي، اهو ئي سوچيون پيا.

حسين هن زمين کي، اُجاڙيو پيو وڃي،
ڏڦير جي ٿا ڪن بپا، انهن کي روڪيون پيا.

رهي ٿو جان تي جبر، ڪيو وڃي پيو قهر،
اڃان به زندگي زهر، عذاب ڀوڳيون پيا.

جوان خودڪشيون ڪري، حياتيون ختم پيا ڪن،
ڪڙو هي جام موت جو، هٿن سان اوتيون پيا.

اڃا به جي نه ڪجهه ڪيو، ته پو بقا ۾ آهي شڪ،
تڏهن ته جابرن سان جنگ، جيئڻ لئه جوٽيون پيا.

هلائن حڪم ٿيو حاڪم، چنڊا چرٻٽ نسورا ڄٽ،

هلائن حڪم ٿيو حاڪم، چنڊا چرٻٽ نسورا ڄٽ،
صفا ناهن سهي سالم، چنڊا چرٻٽ نسورا ڄٽ.

زمانن کان زماني جو، رهيو دستور هي آهي.
ڪمينا قوم جا قاسم، چنڊا چرٻٽ نسورا ڄٽ.

ڪتن ڪڪڙن رڇن واريون، وتن ويڙهون ڪرائيندا،
ڪڏهن ناهن ٿيا نادم چنڊا چرٻٽ نسورا ڄٽ.

امن انصاف کي جڪڙي، رکيائون پنهنجي هٿ وس ۾،
ڪندا سي ڪيئن نيا ناظم، چنڊا چرٻٽ نسورا ڄٽ.

نه اخلاقي نه قانوني،حدن جي پاسداري ڪن،
وڏا رهزن وڏا ظالم، چنڊا چرٻٽ نسورا ڄٽ.

انڌا اونڌا گونگا ٻوڙا، وڏن پيٽن سان پيٽوڙي،
ويا بنجي اهي بالم، چنڊا چرٻٽ نسورا ڄٽ.

ٿئي جيڪو پيو “ٻارڻ” لڪايو ٿو وڃي سوئي،
لکن ٿا ڪوڙ ڪي، راقم، چنڊا چرٻٽ نسورا ڄٽ.

جي روڪي سگهين ٿو، ته گولين کي روڪ.

جي روڪي سگهين ٿو، ته گولين کي روڪ.
ڀلا راندين رت، رتولين کي روڪ.

ٿيا هاري مزدور آهن سجاڳ،
اٿئي سگهه ٽپي تن، جي ٽولين کي روڪ.

وڏو ٿي اَبي جو، ورائج پلانڌ،
انهن مائرن جي، ئي لولين کي روڪ.

ڏئي ڪن ٻڌين پيو، جي پنهنجي خلاف،
انهن ٽوڪرن ۽، ٺٺولين کي روڪ.

هُئي اک ملائڻ جي ڪنهن کي مجال،
مگر هاڻ هل اک مچولين کي روڪ.

ٿيو دؤر تنهجي حڪم جو تمام،
کڻي ٻاڙِين ٻيلي، ٻولين کي روڪ.

اُٿي آجپي لاءِ، “ٻارڻ” عوام،
انهن سمنڊ جي، ڇوٽ ڇولين کي روڪ.

دل جي دنيا دنگ اسانجو.

دل جي دنيا دنگ اسانجو.
چُرندو رهندو چنگ اسانجو.

ڪنهن کي وڻندا ناهيون سائين،
اهڙو روپ ۽ رنگ اسانجو.

ڪنهنجي چاهڻ لائق ناهيون،
آڏو اُبتو ڍنگ اسانجو.

سک نه هڪڙي ساعت سريو،
اهڙو اڙيو انگ اسانجو.

جذبن تي پئي جبري بندش،
سورن سان آ سنگ اسانجو.

قهري رسمن قانونن سان،
اٽڪيو من اڙٻنگ اسانجو.

دهشت گردن جي هٿ “ٻارڻ”
ناموس توڙي ننگ اسانجو.

وفا جي حنا رنگ، لاتا جڏهن.

وفا جي حنا رنگ، لاتا جڏهن.
جُڙيا جابجا نينهن، ناتا جڏهن.

هوا گُنگنايو، اڱڻ مهڪيو،
گهٽيءَ ۾ پرينءَ، پير پاتا جڏهن.

گلابن سڳنڌ کي، وکيري ڇڏيو،
ڪَلين پيار جا، راڳ ڳاتا جڏهن.

ڪيون چنڊ تارن، به سرگوشيون،
انهن روپ جا، راز ڄاتا جڏهن.

وڏي دل جي ساگر، ۾ آئي اُٿل،
ٿيا نيڻ ڪنهن لاءِ، آتا جڏهن.

رچي روح ۾، رچنا “ٻارڻ” امر،
کڻي خط پهتا، کنياتا جڏهن.

بي جوڙ رشتا ڪيئي، هت جوڙ جي وڃن ٿا.

بي جوڙ رشتا ڪيئي، هت جوڙ جي وڃن ٿا.
پر رشتا جي مناسب، سي ٽوڙجي وڃن ٿا.

وحشت عروج تي آ، ٿو ڄاڻي هر ڪو ماڻهو،
دلين اندر ته خنجر، ڪئين کوڙجي وڃن ٿا.

ويساهه گهاتين جي،ڪهڙي ڪٿا ٻڌايون،
ويجهن گهڻن جا اڪثر، منهن موڙ جي وڃن ٿا.

دولت مندن جي هٿ ۾، انصاف جي آ ڏوري،
تڏهن ته خون ناحق، هت ٻوڙ جي وڃن ٿا.

سچ سونهن آ حقيقي، “ٻارڻ” مڃان ٿو ليڪن،
ماڻهو سچي ٻڌڻ تي، باهوڙجي وڃن ٿا.

وري به ڪي نوان پئي، عذابَ زندگي گُهري.

وري به ڪي نوان پئي، عذابَ زندگي گُهري.
وفا جي آرزو رکي، سراب زندگي گهري.

حسين صورتن جي آ، طواف ۾ محو نظر،
تڏهن به سونهن سوڀيا، شباب زندگي گهري.

پرينءَ جي آس پاس ۾، رهي سڦلتا ماڻجي،
سڳنڌ سان روح واسجي، گلابَ زندگي گهري.

ازل کان هي اُڃيون اکيون، ڪڏهن نه پيتي ڍاپجن،
چڙهن ڪي کيپَ چاهه جا شراب زندگي گهري.

پيار ۾ فنا ٿيڻ، جو شوق ساهه ۾ رکي،
اندر جي آڳ ۾ جلي، عتاب زندگي گهري.

نه ٿي سگهي دنيا جنت، نه ساڀيان پلئه پئي،
تڏهن به ڪي سُندر سُندر، خوابَ زندگي گهري.

نه فاصلا گهٽي سگهيا نه حوصلا وڌي سگهيا،
سوال سامهون ڪيترا، جواب زندگي گهري.

حقيقتون لڪيون رهيون، ڳُجها رهن ٿا راز ڪئين،
“ٻارڻ” هي عشق جا کليا، ڪتاب زندگي گهري.

هر روز مِٺا مونسان، تڪرار چڱو ناهي.

هر روز مِٺا مونسان، تڪرار چڱو ناهي.
بي ڏوهه ڏيڻ ڏک غم، آزار چڱو ناهي.

ٿي پيار محبت سان، دلين کي ملي راحت،
افسوس مگر تنهنجو، انڪار چڱو ناهي.

هر راز ڳجهو دل جو، دل منجهه رکڻ گهرجي.
هِن هُن جي اڳيان الفت، اظهار چڱو ناهي.

الزام تراشيءَ جي، حد ڪاته هئڻ گهرجي،
هر ڏوهه مڙهڻ مون تي، سرڪار چڱو ناهي.

“ٻارڻ” تي سدا ايڏو، ناراض رهين ڇو ٿو،
ڪنهن وهم اجائي جو ويچار چڱو ناهي.

ٿي تڙپي تولئه ديد پرين.

ٿي تڙپي تولئه ديد پرين.
اڄ ڪيئن ملهايان عيد پرين.

ويا مِٽجي سُک، سڀ سورن ۾،
ڪا پوري ٿي نه، اُميد پرين.

ٿي من وستي، ۾ ڌُنڌ ڪُڏي،
اچ اُڀري تون، خورشيد پرين.

توکي پنهنجو جيون اَرپي،
مون ڪَيڙا غم خريد پرين.

بسِ “ٻارڻ” کي آ تانگهه سندءِ،
ور هاڻ ڪري تاڪيد پرين.

چڙهئي سج چريا، تون تارا نه ڳولهه.

چڙهئي سج چريا، تون تارا نه ڳولهه.
ڪُنن منجهه ڀلجي، ڪنارا نه ڳولهه.

دغائن جي دستور، جو آ عروج،
اياڻا اجايا، سهارا نه ڳولهه.

سفر لاءِ ساٿي، ته گهرجي ضرور،
انڌيري ۾ اک جا اشارا نه ڳولهه.

تڙپ جي نه آهي، ته ڪهڙي تلاش،
گهڙي لاءِ گهرگهر، گذارا نه ڳولهه.

اکين ۾ نه “ٻارڻ” رهي التماس،
نوان نينهن وارا، نظارا نه ڳولهه.

اچ پرين چاهه جو، چنگ چوري ڏسون.

اچ پرين چاهه جو، چنگ چوري ڏسون.
پيار جي راهه ۾، پاڻ گهوري ڏسون.

ڪو ته منڊجي منڊل، ڪاڪ اڏجي نئين،
نفرتن جو نگر، جاني جهوري ڏسون.

منزلون مختصر، ٿي پون پيار جون،
محبتي من گُهريا، ڏيهه ڏوري ڏسون.

روز هڪ ٻئي کي آ، نامناسب ڏسڻ،
ڪنهن سڀاڳي صبح، ڏڻ سڳوري ڏسون.

پابنديون پاڻ تي، ڪيئي پهرا پيا،
اڄ ته احوال ڪي، يار اوري ڏسون.

اچوته قوم ملڪ جا، ڪي پاسبان ٿي رهون.

اچوته قوم ملڪ جا، ڪي پاسبان ٿي رهون.
ظلم ۽ ڏاڍ جي اڳيان، اٽل چٽان ٿي رهون.

بُرن مٿي ڪڙي نظر، رکي ڪريون سي وائکا،
امن امان جا سنوان، سِڌا نشان ٿي رهون.

اميد جي ڪرن ڦُٽي، اچو ملي اڳيان وَڌون،
تمام حق ڦري وٺون، جري جوان ٿي رهون.

جنين سدا ڦريو لُٽيو، انهن جي راهه روڪيون،
غريب هن عوام جي، کُلي زبان ٿي رهون.

جدا جدا الڳ الڳ، ٿيو پيا ورهائجون،
مِڙي جُڙي ٻڌي ڪجي، ته بي گمان ٿي رهون.

سَمورا طلسمن سندا، هي سومنات ڊاهبا،
جيئڻ جي ڪاڻ جانبو، جُدا جهان ٿي رهون.

حقن جي حاصلات لئه “ٻارڻ” سجاڳ قوم ڪر،
وطن جي کيت کيت جا، ڪمي ڪسان ٿي رهون.

ارپي ڇڏيم حياتي، محبت پيار کي.

ارپي ڇڏيم حياتي، محبت پيار کي.
گهوري آ سر به ڏيڻو، آخر هي يار کي.

مرڪي مليو جي دلبر، تن من ٺري پيو،
ڪيئن ٿو وساري سگهجي، ٻانهن جي هار کي.

سُر راڳ سڀ ڇڙن ٿا، محبت جي ساز تي،
سانڍيو مون ساهه ۾ آ، سڪ کي ۽ سار کي.

محبت جي لاءِ آدم، جنّت ڇڏي ڏني،
آباد جنهن ڪيو هِن دنيا جي دار کي.

سپنن جون ساڀيائون، سڀ سنگ ساٿ ۾،
تنها جيئي ٿو جو سو، ترسي قرار کي.

جيون اجهاڳ ساگر، ڪشتي بنان ڪڏهن،
پهچي نه سگهيو ڪوئي، پانڌي ٻي پار کي.

“ٻارڻ” ٻکن ۾ منهنجي، منهنجو صنم هجي،
هڪ هي سوال آهي، پرودگار کي.

ڏور منزل نه آ، وک وڌائي هلو.

ڏور منزل نه آ، وک وڌائي هلو.
ٿو کپي ساٿيو، هوش سان حوصلو.

اي غريبو اچو، سڀ مِڙي مُٺ ٿيون،
ظالمن ۾ پوي، خوف کان ٿرٿلو.

ظلم جيڪو سهي، پر به ٿو چُپ رهي،
سو به ظالم اٿو، ظلم جو ڀرجهلو.

هو وڏيرو وڏو، ڏاڍو ڪمزور آ،
جلد پوندو جُهڪي، ٿورو ڪريو بلو.

ڪنهن به فرعون کان، ڇو ڊڄي ٿاڀڄو،
ڪو نه بيهندو ڪو هڪ، پاڻ ۾ جي مِلو.

ملي نه منزل، ته راهه ڳولهيم.

ملي نه منزل، ته راهه ڳولهيم.
وسيلو ڳولهيم، ڪا واهه ڳولهيم.

هِتان هُتان هٿ، جڏهن کنيائون،
ٿيو آ ڪهڙو، گناهه ڳولهيم.

خطائون خاميون، ٿيو پون ٿيون،
نيت سچيءَ سان، نباهه ڳولهيم.

جهان وارن، جڏهن ستايو،
ته شاعريءَ ۾، پناهه ڳولهيم.

ملي جتان جا، به واٽ “ٻارڻ”
اول ۽ آخر، الله ڳولهيم.

اِجهي رنگ محبت، جا ويندا رچي.

اِجهي رنگ محبت، جا ويندا رچي.
پريتن جون پوکون، به پونديون پچي.

ڏبا آجياڻا، پريمي سڏي،
اُتي نينهن ونڊبا، نئين سرنچي.

سڏائبا ميڙاڪا، پاٻوهه سان،
ڀٽائي جي ڀر ۾، ڪي ڪينجهر اچي.

پيا ڳائبا گيت، ميڙائي جا،
اڱڻ هر ڪنهن محفل جي ويندي مچي.

لهي ويندا پهرا، مٿان پيار جي،
دفعه ٿيندا سارا، لُچا لالچي.

نظر پيار تي جي، رکن ٿا ڪڙي،
اُهي ڪنهن به هنڌ تي نه سگهندا بچي.

اِهي ڏيهه ۾ ڏينهن، ايندا وري،
چوي ٿو جو “ٻارڻ” سو ٿيندو سچي.

ڪڏهن ڪي الوداع وارا، اشارا وسرندا ناهن.

ڪڏهن ڪي الوداع وارا، اشارا وسرندا ناهن.
لڳي جن سان وڃي ٿي دل، پيارا وسرندا ناهن.

حياتي جن سان گڏ گهارڻ، جا ڪيئي ها ڏٺا سپنا،
رهن ٿا جيءَ ۾ سي جيءَ، جيارا وسرندا ناهن.

وسايا جن سان گڏ سانوڻ، ڪيا جت واعدا ويهي،
اُهي هنڌ ماڳ ۽ نقشا، نظارا وسرندا ناهن.

وجهي جن جانِ خطري ۾، وسائي پيار جي برکا،
اُهي ثابت سچا من جا، سهارا وسرندا ناهن.

ڪچهريون مچ تي ويهي، ڪيون ڪئين راتيون جاڳي،
اُهي پارن ڀريا سيئڙا، سيارا وسرندا ناهن.

تماچي پاڻ کي سمجهي، بنايو نوري هو ڪنهنکي،
اُهي لهرون اُهي ڪينجهر، ڪنارا وسرندا ناهن.

ڀلي ڇا ٿي پوي “ٻارڻ” مٺا محبوب من گُهريا.
جنين سان پرت هوندي سي، پنارا وسرندا ناهن.

ٿري سونهن جي منهن ويڙهي وئي.

ٿري سونهن جي منهن ويڙهي وئي.
صفا ساهه مُٺ منجهه ميڙي وئي.

لڳي شوق کي بيرُخي جي ضرب،
اميدن جا بَکيا، اُڊيڙي وئي.

ڪري خوب دلڪش، ادائون غضب،
جواني سا جذبات ڇيڙي وئي.

ڀڳو دل جو درپن، نه درشن ٿيو،
جهلڪ اڻ لَکي عقل ٿيڙِي وئي.

گهڙِي سا نه وسري، سگهي ٿي ڪڏهن،
جڏهن ڀرم سارو، بگيڙي وئي.

جڏهن ڀر مان گذري، سراپا سڳنڌ،
کٿوري جان خوشبوءِ، پکيڙِي وئي.

سنڀالي نه ’ٻارڻ‘ سگهيس پاڻ کي،
ڪري رمزون ڪي روح ريڙهي وئي.

اڄ به تنهنجي ديد لئه، دلدار دل ۾ درد آ.

اڄ به تنهنجي ديد لئه، دلدار دل ۾ درد آ.
سور سيني ۾ سوين، ۽ آهه نڪتي سرد آ.

ڏينهن گذريا مينهن وسيا، موسمون آيون وَيون،
ٿي ويا نقشا نوان پر، منهنجو چهرو زرد آ.

سڪ تنهنجي سينو ساڙيو، ساهه سوڙهو ٿيو سندم،
چاهتن چريو چوايو، چرچو هي چئو گرد آ.

بخت جي بدبختي آ، يا بي وسي بيڪار پڻ،
هيڪلو ٿيندو وڃان، مونکان پري هرفرد آ.

مون ته حيلا هڙ هلايا، پر هليو هُن وٽ نه هڪ،
محبتي ميدان جو “محمد” به بنيو مرد آ.

سچ کان سوا سمورا سودا وڻيا نه وڻندا.

سچ کان سوا سمورا سودا وڻيا نه وڻندا.
ناڻا نوازشون ٻيا، نفعا وڻيا نه وڻندا.

غيرن اڳيان گرهه لئه، گوڏا ڀڃي نه وهبو،
اُڇليل ٽڪر سوادي، سڻڀا وڻيا نه وڻندا.

گُهرجي عزت اسانکي، دولت نه ڪائي شهرت،
ڪل امتيازي تحفا، تمغا وڻيا نه وڻندا.

اخلاق ۽ ادب جو، دامن هٿان نه ڇڏبو،
چلاڪي چلولايون، چرچا وڻيا نه وڻندا.

ٻي جي هدايتن تي، ٻولين جيڪي ٻوليون،
سُهڻا هجن سي توڙي، طوطا وڻيا نه وڻندا.

هر موڙ تي هزارين، ڏاها ڏَسينِ ڏِسِيون،
آهي شڪر ريّا جا، رستا وڻيا نه وڻندا.

سڀ ڍونگ ڍنگ “ٻارڻ” مڙهيل منافقي جا،
جڙتو سزا جزا لئه، جرڳا وڻيا وڻندا.

جڏهن به نيڻ توکنيا، گلابي گل ٽڙي پيا.

جڏهن به نيڻ توکنيا، گلابي گل ٽڙي پيا.
ڪَلين ۾ آئي تازگي، چمن ۾ چنگ ڇڙي پيا.

حسين ڪائنات جا، نوان ٿيا روپ رونما،
جهان ۾ عجيب رنگ، جنت سمان جڙي پيا.

او ڍولڻا او ڍوليا، تو راهه ويندا روليا،
ٻهَ ٻول ڪي جي ٻوليا، پکي پکڻ مڙي پيا.

نقاب تو هٽايو، ته مسڪرايو ڪهڪشان،
ٿي آس پوري چنڊ جي، ستارا جهٽ کڙي پيا.

تو آرسون جي موڙيون، ته جام جڳ کي ارپيا،
“ٻارڻ” گهڻا پيئڻ بنان، خمار ۾ ٽڙي پيا.

روح جو روح سان، پيار ٿي ٿو وڃي.

روح جو روح سان، پيار ٿي ٿو وڃي.
اڻ ڏٺو اڻ لَکو، وار ٿي ٿو وڃي.

عشق سختيون ڏسي، موٽندو ڪونه آ،
مشڪلن جو دريا، پار ٿي ٿو وڃي.

گل پٿر جي سيني، تي به کڙيو پون،
مهربان جي ته، ملهار ٿي ٿو وڃي.

ڪجهه ته ڪاغذ مٿي، اوتيو ٿو وٺان،
برهه جو هانءُ تي، بار ٿي ٿو وڃي.

چاهتون محبتون، ڪنهن جي لاءِ وڌن،
ڪو ته اکين سندو، ٺار ٿي ٿو وڃي.

ڪنهن گهڙيءَ ڪنهن مَهل، جي پيارو ملي،
هي ته “ٻارڻ” تڏهن، ٻار ٿي ٿو وڃي.

ڪرين ٿو تون ڪهڙن، گلابن جون ڳالهيون.

ڪرين ٿو تون ڪهڙن، گلابن جون ڳالهيون.
اسان وٽ ته آهن، عذابن جون ڳالهيون.

سَنجهي سورَ آڌيءَ جو، اُڌما اٿن ٿا،
سمهڻ کي سِڪون ڇا، خوابن جون ڳالهيون.

اَٽي سير لاءِ، ڪڙهون منجهه ڪاڙهن،
ٻُڌون ٿا فقط ڪي، ڪتابن جون ڳالهيون.

ملي مهل ڪنهن مَس، مِٺو صاف پاڻي،
ڪري ڪير شربت، شرابن جون ڳالهيون.

همه وقت تو وٽ، اسان واريون عيدون،
مچن محفلون ۽، ربابن جون ڳالهيون.

پيا وقت “ٻارڻ” ڏکيو سکيو ڪاٽيون،
پون ياد ڪنهن پر، ثوابن جون ڳالهيون.

چاهتون چنڊ جون، چاندنيءَ ۾ ڏٺم.

چاهتون چنڊ جون، چاندنيءَ ۾ ڏٺم.
سونهن ڪيڏي امر، سادگيءَ ۾ ڏٺم.

پنهنجي ويساهه تي، شڪ مونکي ٿيو،
پيار ايڏو لِڪل، بي رُخيءَ ۾ ڏٺم.

زندگي ڪيترو، خوبصورت لڳي،
ڪيف ڪاٿو نه ڪو، مئي ڪشي ۾ ڏٺم.

عشق سونهون ٿيو، واٽ پڌري ٿئي،
انتظاري مگر، عاشقيءَ ۾ ڏٺم.

ناهي وسري سگهي، سا گهڙي عمر ڀر،
جيڪا “ٻارڻ” هُئي، بيخوديءَ ۾ ڏٺم.

الڳ اهلِ دل جو، ڌرم هوندو آهي.

الڳ اهلِ دل جو، ڌرم هوندو آهي.
جتي قرب سان گڏ، ڪرم هوندو آهي.

اهو عشق ۾ آهي، جائز بلاشڪ،
دنيا لاءِ جنهن ۾، شرم هوندو آهي.

اڪيلو ڇڏيندو، جڏهن لوڪ سارو،
وفائن جو دل کي، ڀرم هوندو آهي.

جڏهن پيار وارا، ملن پاڻ ۾ ٿا،
زمانو تڏهن ڇو، گرم هوندو آهي.

صنم کي ڪرڻ سجدو، آهي عبادت،
اُهو ڪعبو ڪاشي، حرم هوندو آهي.

دغا دوکو نفرت، ۽ ڪلفت ڪدورت،
محبت جي لاءِ، مرم هوندو آهي.

پرت پيار جي جو، ڪري پاسداري،
اسان لاءِ سو، محترم هوندو آهي.

ٻين کان ٻُڌي ٻول ٻاڙا به “ٻارڻ”
اسانجو ته لهجو، نرم هوندو آهي.

ڪنڊا کنيا سين، گلاب سمجهي.

ڪنڊا کنيا سين، گلاب سمجهي.
گناهه ڪيئڙا، ثواب سمجهي.

وري وري ٿا، ويهون وساري،
حقيقتن کي، خواب سمجهي.

نظر ۾ نفرت، هجي انهيءَ کي،
ڀُلائي ڇڏيو، حجاب سمجهي.

حسين هٿ سان، کلي ۽ خوش ٿي،
زهر پيئون ٿا، شراب سمجهي.

سبق ملي جنهن مان آيتن جو،
رسالو ڇڏيو، ڪتاب سمجهي.

رهن نماڻيون نراس اکيون.

رهن نماڻيون نراس اکيون.
پرينءَ پسڻ لئه اداس اکيون.

سِڪونَ جي لئه سڪنِ سدائين،
هي ننڊ کان ناشناس اکيون.

تلاش ۾ سي تمام جيون،
ڪنديون رهن التماس اکيون.

جتي ڪٿي پرتوا پرينءَ جا،
عجيب آهن عڪاس اکيون.

قصا ڪهاڻيون ڪجن ڇا “ٻارڻ”
برهه ڪيون بدحواس اکيون.

ڏسندي پرين پيارو، سج چنڊ شهابَ وسريا.

ڏسندي پرين پيارو، سج چنڊ شهابَ وسريا.
محبت جو جام مليو، ساقي شراب وسريا.

سرهاڻ پيار جي سان، معطر ٿيو اندر آ،
چمپا چندن چنبيلي، موتيا گلاب وسريا.

هي باب عشق وارو، جيئن مون پڙهي پروڙيو،
مونکان عقل علم جا، ڪل ئي ڪتاب وسريا.

محبت وفا کي ماڻهو، ٿا پاپ ڇا لئه سمجهن،
مونکان پيار ڌاران، سارا ثواب وسريا.

هڪ ديد ساڻ دل کي، اهڙي ملي آ راحت،
هڪدم سڄي عمرجا، رنج غم عذاب وسريا.

هاڻي فقط ڏسان ٿو، هڪڙي پرينءَ جا سپنا،
“ٻارڻ” ٻيا سمورا، آهن خواب وسريا.

دير ڏاڍي لڳي، رات باقي بَتي.

دير ڏاڍي لڳي، رات باقي بَتي.
شوق جي ساهه ۾ موج مَستي مَتي.

مون نهاريو گهڻو، توکي اچڻو نه هو،
شال سڪ جي سڄڻ، ڪا مليئي رتي.

واءُ وريو وري، آ وڇوڙي سندو،
تند پوندي ٽُٽي، جا اڳي نِستي.

مند موٽي وري، تون نه آئين اڃان،
چيٽ ڏينهڙا ويا، آ لِڪڻ تي ڪَتي.

ٿو وڇوڙو لُٽي، روح جون راحتون،
تون جڏهن من ملين، تان ٿيون فرحتي.

آءُ “ٻارڻ” سندي، تون تڏي تي ڪڏهن،
سا گهڙي اڌ گهڙي، زندگي قيمتي.

دلين ۾ درد ايڏا، ڌاريو نه دوستو.

دلين ۾ درد ايڏا، ڌاريو نه دوستو.
جيون ڏکيو ڏکن ۾، ڏاريو نه دوستو.

ڪنهن دانهن ڪوڪ تي ڀي، ڌرجي ڌيان ڪجهه،
پر وارَ ائين ڪنن تان، واريو نه دوستو.

دل جي گُهري انهن سان، ويڇا نٿا سونهن،
پنهنجن وٽان پري ٿي، گهاريو نه دوستو.

جيون پيار ڌاران، سکڻو سُڃو لڳي،
محبت مئي هٿن سان، هاريو نه دوستو.

ايندي بهار موٽي، کڙنديون وري ڪَليون،
مالهي کي ڏيئي مهڻا، ماريو نه دوستو.

باهيون اندر جون آهن، مس مس وساڻيون،
“ٻارڻ” وري ٻيو ڪو، ٻاريو نه دوستو.

شل چيٽ کيٽ ٻنيون، ٻيلا رهن سلامت.

شل چيٽ کيٽ ٻنيون، ٻيلا رهن سلامت.
ڪڻڪون ڪپهه ڪمند، ۽ ڪيلا رهن سلامت.

صدين کان جيڪي آهن، سنڌ جي رهيا ثقافت،
محبوب مشغلا سي، ميلا رهن سلامت.

دلچسپ ڪيڏي آهي، گوءِ ڍڳن ڀلن جي،
ڳاڙها بگا ۽ ساوا، تيلا رهن سلامت.

ڌڻ ۽ ڌنار سنڌ جا، سرها سُکيا گذارين،
ڇانگون ڪري ڇڙن سي، ڇيلا رهن سلامت.

ساوڪ سڪار سنڌ ۾، آهي سنڌو نديءَ سان،
گهوني بگهاڙ جا رس، ريلا رهن سلامت.

مهراڻ موج ماڻي، ٻيهر وري به “ٻارڻ”
واهڙ سڀئي اُنهي جا، ويلا رهن سلامت.

اڄ يار مِٺي منٺار سندي، تصوير ڏسي مون روئي ڏنو.

اڄ يار مِٺي منٺار سندي، تصوير ڏسي مون روئي ڏنو.
هو دور ٿيو ۽ پنهنجي ڦٽل، تقدير ڏسي مون روئي ڏنو.

ٿا قريب ڪچهريون ياد پون، بس هوش عقل سالم نه رهن،
ان درد اندر دل حول ٿيا، دلگير ڏسي مون روئي ڏنو.

هن در تي وڃي دربان ٿيان، دل روز گهڻو ئي چوندي آ،
مجبور ٿيس رسمن جا پيل، زنجير ڏسي مون روئي ڏنو.

سڀ خط کڻي اکين تي رکان، ڇاتيءَ تي رکان چميون به ڏيان،
هڪ حرف پڙهي پرڪونه سگهان، تحرير ڏسي مون روئي ڏنو.

خوشبوءِ جي سنگت هُن ساڻ پڪي جت جت ٿي ويو هٻڪار لڳي،
سرهاڻ رهي من منجهه عطر، عنبير ڏسي مون روئي ڏنو.

“ٻارڻ” مان ٻڌايان ڇا ته ڀلا، هت هاڻ جيئڻ جنجال ٿيو،
هر روز لڳن ڌڪ دوريءَ جا، سي تير ڏسي مون روئي ڏنو.

هڪڙو ستايو دنيا، ٻيو دور تون به آهين.

هڪڙو ستايو دنيا، ٻيو دور تون به آهين.
بيوس ٿيس بنهه مان، مجبور تون به آهين.

هڪ ٻئي کان وياسين وڇڙي، قسمت جي ڳالهه آهي،
چريو ٿو سڏجان جڳ ۾، مشهور تون به آهين.

ڪپڙي لٽي جي ناهي، سينگار سير ڪهڙا،
غم ۾ گذر آ منهنجو، غرقور تون به آهين.

جهڙو جيئڻ جدائي، شايد نه موت اهڙو،
ڇاتي ڇڄي ٿي ڇيهون، چت چُور تون به آهين.

“ٻارڻ” معيار ڪنهن تي، ڪنهن کي ڏيان ڏوراپو،
ٿورا ٿيا جهان جا، مشڪور تون به آهين.

جيڪو به سنڌ واسي، دشمن جو يار هوندو.

جيڪو به سنڌ واسي، دشمن جو يار هوندو.
مخلصّ نه مور سمجهو، پڪ سو غدار هوندو.

سنڌ جي حقن وسيلن، جي جنهن نه ڪئي حفاظت،
ڪيڏو ڪنڌار هوندو، سنڌڙيءَ تي بار هوندو.

ڳالهيون وڏيون ڪري پر، عملن نٿو ڪري ڪجهه،
ڪم ظرف ڪوڙو ڪمتر، ماڻهو مڪار هوندو.

ڏيهي ڏسي ڏکن ۾، جنهن کي نه ڏک ٿئي ٿو،
هوندو اهو اياڻو، يا سو عيار هوندو.

پنهنجن جاعيب ڳولهي، غيرن جي اڳيان کولي،
ان جو ته ڪنهن نموني، پڪ سان پگهار هوندو.

محبت مٽيءَ جي “ٻارڻ”رکجي ضرور دل ۾،
جذبو اهو نه جنهن وٽ، جت ڪٿ خوار هوندو.

چنگيز ويا انگريز ويا، پر سنڌ اڃان آزاد نه ٿي.

چنگيز ويا انگريز ويا، پر سنڌ اڃان آزاد نه ٿي.
ٿو چنڊ مٿي انسان وسي، ڇو ڌرتي هتي آباد نه ٿي.

ٿي دنيا پئي هڪ ڳوٺ مثل، حيرت ٿي لڳي عبرت ٿي وٺي،
افسوس مگر سنڌ واسين کي، هڪ ساٿ رهڻ جي ياد نه ٿي.

ريموٽ ڪٿي روبوٽ ڪٿي، ٿي ترقي آهي چوٽ ڪٿي،
جنهن ساڻ ستابي سنڌ ٿئي، سا چيز اڃان ايجاد نه ٿي.

تخليق ڪلوننگ وارو عمل، هي هيڏو نقل سمجهي نه عقل،
ڪجهه ڪونه ڪري پرسگهيا سنڌي، هيءَ قوم تڏهن ير شاد نه ٿي.

لکَ وارَ ٿين ٿا سنڌ مٿي، ڪي ڌارين جا ڪي پنهنجن جا،
جنهن ساڻ سُکي ٿئي سنڌ امڙ، ڪا اهڙي ڪٿان امداد نه ٿي.

ڪٽ ڪهاڙين لاهيو ساٿي.

ڪٽ ڪهاڙين لاهيو ساٿي.
فولادي هٿ ٺاهيو ساٿي.

همٿ ڪريو وِک وڌايو،
هاڻي هيڻا ناهيو ساٿي.

جنگ وڏي هت ڪرڻي آهي،
سڀئي دودا آهيون ساٿي.

روڪي پاڻي جو به سنڌوءَ جو،
اُن ڪانئر تي ڪاهيو ساٿي.

سنڌ سُڪائڻ لئه جو اڏجي،
ڊيم اُنهيءَ کي ڊاهيو ساٿي.

هٿ هٿ ۾ هٿيار هجي بس،
جيئڻ جي ٿا چاهيو ساٿي.

نظم

---

ضرورت وقت جي آهي، ته باغي ٿي بغاوت ڪر.

ضرورت وقت جي آهي، ته باغي ٿي بغاوت ڪر.
سڏائين ٿو سنڌي سوڍو، ته سنڌڙي جي حفاظت ڪر.

سنڌوءَ ۽ سنڌ تي ويرين، ڪئي آهي نظر ميري،
پنجابين چوڌرين کي آ، مٿي ۾ ٿي پئي ڦيري،
مُهاڏو تن سان اٽڪائي، مڪارن تي ملامت ڪر.

ڪِنن ڪعنال ٿل جهڙا، ڪِنا منصوبا ڪئين جوڙيا،
سنڌوءَ ۽ سنڌ جو نالو مِٽائڻ لئه ڊڪيا ڊوڙيا،
اٿي وڙهه ڪيس سنڌڙيءَ جو، ٿي وارث ۽ وڪالت ڪر.

نه ڪالا باغ ٿو گهرجي، نه ٿل ڪعنال ٿوگهرجي،
اسانکي ديس سنڌ دلبر، سکيو خوشحال ٿو گهرجي،
کڄي ميري جا اک ان ڏي، انهيءَ لاءِ قيامت ڪر.

ڪي ظاهر ڪي ڳجها آهن، حمايت ۾ حرامين سان،
بچائن نوڪريون پيا ڪي، ملائي سُر سلامين سان،
سڃاڻي تن سمورن جي، چٽي پڌري شناخت ڪر.

سجاڳي قوم ۾ “ٻارڻ” اڃان ڀي جي نه ڪا آئي،
ته نڪري وقت هي ويندو، نه رهندي سنڌ ڪٿ سائي،
نڀاڳن نامرادن تي، منجهان نفرت ندامت ڪر.

وڏا مجرم ٿيا منصف، عدالت سوڳ ۾ آهي.

وڏا مجرم ٿيا منصف، عدالت سوڳ ۾ آهي.
شريرن کي عزت اهميت، شرافت سوڳ ۾ آهي.

وڏا ڌاڙيل ۽ رهزن، ڏسو اڳواڻ اڄ آهن،
سزا جن کي ملڻ گهرجي، سي قاضي پاڻ اڄ آهن،
نه نبريا فيصلا اڪثر، تڏهن رت ڇاڻ اڄ آهن،
سچي ڪوڙي کي سمجهڻ تي، شناخت سوڳ ۾ آهي.

حفاظت جو ذمو جن تي، اهي چورن جا ساٿاري،
قضا جي صاحبن وٽ پڻ، هلي اڄ پيئي پاٿاري،
رسيو جيڪو به منصب تي، اهو بنجي ٿو تاتاري،
غريبن لاءِ همدردي، حمايت سوڳ ۾ آهي.

کپي هر حال هر ڀيري، وڏو عهدو حڪومت ۾،
وڃي ناموس نالو پر، ملي پاور ڪنهن صورت ۾،
ظلم زورا وري آهي، سدا جن جي ضرورت ۾،
هلي سوداگري هرهنڌ، سياست سوڳ ۾ آهي.

نه انسانيت ذروجن ۾، ملي تن کي وڏي طاقت،
پيا ڪن هر نموني سان، سي پنهنجي پوري هر حاجت،
اندر ۾ وڍ پون “ٻارڻ” زماني جي ڏسي حالت،
امن انصاف جي عظمت، علامت سوڳ ۾ آهي.

ڪيڏو ته تيز آهي، دنيا اڳيان وڌڻ ۾.

ڪيڏو ته تيز آهي، دنيا اڳيان وڌڻ ۾.
پورا اسين اڃان پر، آهيون جنن ڪڍڻ ۾.

ريموٽ سان هوائي، راڪيٽ پيا هلائين،
ٿيندو صبحاڻي جيڪو سو اڄ، ڏسو ٻڌائين،
ٻي کوج تن جي جاري، ترقي وڏي ڪرڻ ۾،
پورا اسين اڃان پر، پيرن هٿن چمڻ ۾.

ڪن ڪن مريخ تائين، پهچي ڪئي رسائي،
اڳتي وڌڻ جي لاءِ. وک ڪيتري وڌائي،
هٿ پير سي ته هرهر، آهن وري هڻڻ ۾،
پورا اسين اڃان پر، ڌاڳن سڳن ٻڌڻ ۾.

ڪوشش سان ڪاميابي، ٿيندي آ يار حاصل،
ڪجهه ڪونه ملندو ان کي، جو هوندو آهي ڪاهل،
ڪمچور پورو هوندو، صدمان سدا سهڻ ۾،
پورا اسين اڃان پر، سنڌرو ٻڌي سمهڻ ۾.

آ ڊوڙ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ واري،
آهي الائي ڪهڙي ڳجهه ڳوهه ۾ تياري،
ڳولي لڌائون رستا سُکيا ٿيا جيئڻ ۾،
پورا اسين اڃان پر، روئڻ پٽڻ پنڻ ۾.

محنت جفا ڪشيءَ سان، مقدر سنوان ڪيا جن،
پنهنجي جيئڻ جي لاءِ، رستا نوان ڪيا جن،
مشغول سي ته آهن اڳتي وڌي اچڻ ۾،
پورا اسين اڃان پر، ڳالهيون ٺلهيون ڪرڻ ۾.

“ٻارڻ” نصيب ڪنهن جو، چمڪي نٿو ڪو ازخود،
ڪوشش ضرور گهرجي، سالم رکي ڪا سُڌ ٻڌ،
پوءِ نه رهندي مشڪل، منزل مٿي پڄڻ ۾،
پورا اسين اڃان پر، هر ڪنهن اڳيان نمڻ ۾.

انصاف لئه طريقو، آمر ڪيو انوکو.

انصاف لئه طريقو، آمر ڪيو انوکو.
آئين آهي مُعطل، بنيادي حق کي جوکو،
قانون لفظ هاڻي، بي معنى کل ۽ کوکو،
هر ڪو عمل انهيءَ جو، آهي ’دريخ‘ دوکو.
ڏوهي ڇُٽا سزا کان، بي ڏوهي قيد بند ۾،
ڇا ڇا ڪري پيو سو، زورا وريءَ جي انڌ ۾،

راتاهو عدليا تي، ميڊيا تي پابندي آ،
منصف ڪڙن ۾ قابو، وڪلا تي پابندي آ،
دانهن تي آهي بندش، دعوى تي پابندي آ،
ڪنهن فيصلي ڪرڻ تي، فتوى تي پابندي آ.
انياءُ جي انتها ٿي، الزام پر ٻين تي،
هڪڙا پيا ظلم ڪن، اقدام پر ٻين تي.


ڪورٽ جا فيصلا ڪل، بيڪار ٿي ويا اڄ،
ڳجهه ڳوهه ۾ گهڻائي، اقرار ٿي ويا اڄ،
قانون ئي نوان ڪئين، نروار ٿي ويا اڄ،
احڪام حُڪم صادر، هر پار ٿي ويا اڄ.
ايماندار خود کي جنهن ٿي گهڻو سڏايو،
سوداگريءَ ۾ سڀ کان، نڪتو آ سو سوايو.

انصاف جا ترازو، پيمانه کوڙ بنيا،
ڪاري اڇي جا مالڪ بيگانه کوڙ بنيا،
پنهنجي ته ڀڀ ڀرڻ لئه، ديوانه کوڙ بنيا،
مستي انهيءَ ۾ مانگر، مستانه کوڙ بنيا.
هن ملڪ جي هلڻ جو امڪان هاڻ گهٽ آ،
مرڪز سندي علامت، ۾ جان هاڻ گهٽ آ.

وانا سوات ڪوهلو، ۾ باهه جنهن لڳائي،
بگٽي مري قبيلن، تي ڪاهه جنهن ڪرائي،
غنڊن هٿان ڪراچي، رت ساڻ جنهن رنگائي،
تنهن کان ملي نه سگهندي، ڪنهن پر ڪڏهن چڱائي.
رستن تي اچڻو پوندو ڪجهه هاڻ ڪرڻو پوندو،
ظالم کي ماربو يا، وڙهندي ئي مرڻو پوندو.

نظام اهڙو اسان تي مڙهيو، ڪڇڻ پڇڻ جي نه آ اجازت.

نظام اهڙو اسان تي مڙهيو، ڪڇڻ پڇڻ جي نه آ اجازت.
زبان تي تالا ڪپهه ڪنن ۾، روئڻ پٽڻ جي نه آ اجازت.

مٿان کان مڙهجي اچن جي ماڻهو، اهي اسانجو نصيب بنيا،
دغا جا ماهر دوا نه ڄاڻن، تباهه ڪندڙ طبيب بنيا،
جلاد جي هٿ اسانجي قسمت، کِلڻ ملڻ جي نه آ اجازت.

ٻڌڻ ٻڌائڻ تي پابندي آ، گونگا ۽ ٻوڙا ٿيو جيئون پيا،
زهر بنايو ويو آ جيونِ، ڪڙو ۽ قاتل کلي پيئون پيا،
ڪا پنهنجي مرضيءَ مزاج موجب، لکڻ پڙهڻ جي نه آ اجازت.

ڦُري ويا سڀ وسيلا ويري، گذر سفر آ گناهه جهڙو،
اسان سان رَويو رکيو اچن سي، بنهه بُرو بدخواه جهڙو،
مگر انهيءَ جي خلاف ڪوئي، قدم کڻڻ جي نه آ اجازت.

ايوب، يحيى ڪڏهن ضيا، يا ڪڏهن ڪو مشرف مڙهيو ويو آ،
قهر ڪيو آ اسان سان قسمت، سدا ڪو گهاڻو گهڙِيو ويو آ،
اسانکي “ٻارڻ” کُلئي نموني، اٿڻ ويهڻ جي نه آ اجازت.

جيئن ڪونه ڍڳا ڪٿ ڍور ڪُسن،

جيئن ڪونه ڍڳا ڪٿ ڍور ڪُسن،
ائين شينهن هتي شهزور ڪُسن،
افسوس اسانجي مُلڪ اندر،
سڀ ماڻهو مِٺا پيا مور ڪُسن.

جن حق وٺڻ جي ڳالهه ڪئي،
آ فوج انهن تي ڪڙڪي پئي،
قانون انڌو هت ٻوڙو آ،
انصاف عدل جي واٽ وئي.

اڳ سورهيه سوري سينگاري،
پوءِ باهه ڀُٽي تي وئي ٻاري،
اڄ وارو اڪبر بگٽي جو،
ٻي ڪنهن کي ماريندا ماري.

ان ريت ڪُٺائون راهي کي،
پڻ مير ڀُٽي پٽ ڏاهي کي،
بنگال ڌڪي تن ڌار ڪيو،
پيا ڀڙڪائين سي باهي کي.

اڄ جهوڪ جو آ ورجاءُ ٿيو،
ٻيو صوفيءَ جو هڪ ڀاءُ ويو،
تاريخ گواهي ڏيندي خود،
هي هيڏو جو انياءُ ٿيو.

هُن بزرگ جنهن دم حق گهريو،
جيون ان کان آهي ڦريو،
ويو ڏک ۾ سارو ڏيهه ٻُڏي،
هر جيئري جو آ جيءُ جهريو،

هي راند رتولي بند ٿئي،
جي سوچ فڪر هڪ هنڌ ٿئي،
جي ڀيڙا سڀ مظلوم ٿين،
پوءِ ڪو نه جُدا ڪو ڪنڌ ٿئي.

وري به روح رولجي.

وري به روح رولجي.
نئون جهان ڳولجي.
جتي رڳو امن هجي،
چپو چپو چمن هجي،
حسين هر صحن هجي،
ننڍو وڏو مگن هجي،
ڪو باب اهڙو کولجي.
جتي دليون ملائجن،
پرين سان پيچ پائجن،
رفاقتون وڌائجن،
پيا جمالا ڳائجن،
نه ٻاڙو ٻول ٻولجي.
وڃن جُدا ٿيئل ملي،
پُڄن خواهشون دلي،
ڏجن مبارڪون کِلي،
رهون سڀئي ملي جُلي،
وفا پئي وڙولجي.
وڃن ختم ٿي وحشتون،
رهن ڪٿي نه ظلمتون،
کُلي پون ڪي قسمتون،
جُڙن جهان ۾ جنتون،
روحن کي ايئن رڱولجي.
جتي نه بندشون هجن،
رسڻ نه رنجشون هجن،
نه ڪوڪي خود ڪشيون هجن،
خوشيون ئي بس خوشيون هجن،
ڏکن ۾ ڪونه ڏولجي،
نئون جهان ڳولجي.

هرڪا مصيبت سَر مٿي، پڌرو ڳجهو ڳرڻو پوي.

هرڪا مصيبت سَر مٿي، پڌرو ڳجهو ڳرڻو پوي.
اي زندگي تنهنجي ڪري، ڇاڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪوسيون ٿڌيون سرتي سهي، رت ست سڪائي ٿا ڇڏيون،
ڪاڙهن اندر ڪڙهندي نظر، نيڻن وڃائي ٿا ڇڏيون،
ٿو روپ رنگ بگڙي وڃي، صورت ڦٽائي ٿا ڇڏيون،
جند جان کي جوکو ڏئي، پرپيٽ ٿو ڀرڻو پوي.

ٿيندا وڃن جاني جُدا هي سختيون سهڻيون پون،
هن وقت جون هر موڙ تي، خرمستيون سهڻيون پون،
بيڏوهه ڪئين بيواجبيون، بيوقتيون سهڻيون پون،
ڏکيو ڏکن جي ڏاڍ جو، درياءَ ٿو ترڻو پوي.

بڇڙيون بُريون بيماريون، انسان تي ڪئين آفتون،
معذور ٿي ڪي ٿا جيئنِ، ڪن تي سدائين شامتون،
ڪڏهن ڪٿي پکڙي وبا، توبھ تکيريون طاقتون،
ڪهڙو اِهو آهي جيئڻ، هرروز ٿو مرڻو پوي.

ڪنهن جي سهاري جي ڪري، ڪنهن سان ملڻ جي آس تي،
تڪليف هرڪا ٿا سهون، سکيا ٿيڻ جي آس تي،
محرومين هوندي جيئون، ڪنهن هڪ سڄڻ جي آس تي،
افسوس پر هر ڏينهن ٿو “ٻارڻ” اندر ٻرڻو پوي.

ڦُري بينڪون مِلون هاڻي، عشرزڪوات تي آيا،

ڦُري بينڪون مِلون هاڻي، عشرزڪوات تي آيا،
چڱا خاشا به برڪت سان، کري خيرات تي آيا،
انڌن معذور بيواهن، جي آهن مات تي آيا،
حيا هڪڙي رکي پاسي، لهي حرفات تي آيا،
پُڄت وارن پنڻ واري، ڪيو لعنت مٿي لاڙو،
غريبن بي سهارن جي، هنيائون حق مٿي ڌاڙو.

لکايا فرضي ڪِن نالا، ته ڪن مائيٽ لکرايا،
لکايون ڪيترن زالون، ڌيون ڪن پٽ لکرايا،
سُريتون سينڌيون توڙي، جهڳاڙي جُٽ لکرايا،
ڪيو ڪن فيصلو اڌ تي، چرياڻن چِٽَ لکرايا،
وٺي زڪوات جا ڏوڪڙ، زمينون ڪن ته ٺهرايون،
وٺي ڪي گاڏيون آيا، ته ڪن جوڙايون جڳاهيون.

نهاري مستحق ٿڪيا، نه ملين پئسو ڪو پائي،
وڏا ڦورو ڦري سڀ ڪجهه، سڄي هڙ سي ويا کائي،
ڪندا ٻيو ڇا ڀلا آخر، ڏسو ڪيڏي ٿي مهنگائي،
وري ٻي واري جي لاءِ، اٿن اڳواٽ اڳرائي،
نه پِيٽا ڍاپجن پٽيا، ڪيائون پورو پڙ پالهو،
معيارون تن مٿي ڪهڙيون، ڏجي ڪهڙو ڪو اوڀالو.


رکيائون چيئرمين چونڊي، هئا جي حڪم جا بندا،
چون ٿا جيڪي جي حاضر، اهي انصاف ڪيئن ڪندا،
طريقي ان ٿيا آهن، وڏا رولا ريّا سندا،
الائي ڇا ٿئي اڳتي، گهڻو آهيون فڪر مندا،
ڏنگا ڏاڍا ڏکيا آهن، بکين کان وڌ بکيا آهن،
ذلالت ڪن پيا ظالم، سُڃا ڪهڙا سکيا آهن.

ڪيون ڪنهن دانهون يا ڪوڪون، مٿن ٿيون مذمتون آهن،
وڏي واڪي چيائون هي، سياسي رشوتون آهن،
بيانن ۽ بهانن سان، لٽيون تن دولتون آهن،
اچي لالچ اندر لوڀين، کِلايون خلقتون آهن،
خدا جي مار ڪا پوندن، انڌا منڊا اَگها ٿيندا،
عشر زڪوات جي لائق، ڪندو موليٰ سِگها ٿيندا.

ٻڌي هي شعر “ٻارڻ” جو، ڪندا پڪ هُل حشر ڪيئي،
سچي چوندن سچا ماڻهو، سياڻا ۽ سکر ڪيئي،
خدا جو خوف ڌاريندا، سمجهه وارا صدر ڪيئي،
حيا ايندن شرم ٿيندن، ڇڏيندا پڪ پچر ڪيئي،
مگر آثار ڪو اهڙو، اڃان تائين نٿو ڏسجي،
سُڌاري جيڪو سمجهائي، سڄڻ سائين نٿو ڏسجي.

اکين ڪونه اهڙو، ڏٺو اڳ مثال.

اکين ڪونه اهڙو، ڏٺو اڳ مثال.
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.

ڪيو موت مارو، ملڪ راڄ ۾،
ويا ڪيئي کاڄي، انهيءَ کاڄ ۾،
جتان لاش آيا ڀري اسپتال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.

وري ويرَ سامونڊي، دهشت ڪري،
ڇڏيو تنهن ڏکوين کي ڏاري ڏري،
هزارن جو هيڪاندو، هئي هئي وصال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.

هليو مينهن طوفان، ڇٽيهه ڪلاڪ،
وڌا تنهن فراقن، تي واري فراق،
ٿيا ڪيترا ماڻهو، بيوس بتال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.
سڄو پاسو سامونڊي، سختيءَ اندر،
بديڻن کان بربادي ڪيٽي بندر،
ٿي صغرا قيامت، جياپو محال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.

لڙهي گهر ويا ڪئين، ويا ور رُلي،
هوا سخت سامونڊي اهڙي گهُلي،
جيئڻ ٿي پيو جاڙ جنجهٽ جنجال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.

ڇنا موت مائن کان ڪونڌر ڪَٺا،
ٻڍاپي ۾ جن تي، وڇوڙا وٺا،
انهن مائرن جو، ٿو ماري ملال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.

ڪٿي ڀاءُ ڀيڻن، کي ويڙا ڇڏي،
ٿڪيون ڀينرون ڀائرن کي سڏي،
ڪٿي ڀينرن اڳ، ڪيو انتقال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.

ونين کان ويا سر، جا سائين سهاڳ،
ڏکوين کي ڏاڍو، ڏکايو ڏهاڳ،
ٿيا جاڙ تن لئه، جواني جمال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.

نه ڪانڌي نه شامون، نه مليو ڪفن،
لڙهيا لاش ڪيئي، ٿيا ڪي دفن،
نه مانيون نه ختمه نه فاتح جي ڳالهه،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.

مئي ويهه ۽ سال نوانوي،
انهيءَ جهڙي شامت نه ڪنهن تي پوي،
انڌوهناڪ اهڙو، ڪو واقعو وبال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.

اي انسانو ان مان، سبق ڪو وُٺو،
مصيبت اچڻ کان، ڪجي اڳ سَٺو،
اچي شل نه اهڙو، ڪو ظاهر زوال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.

سگهو هاڻ “ٻارڻ” الله ياد ڪر،
ذڪر رب سان دل، پنهنجي آباد ڪر،
هميشه آ قدرت، جو قائم ڪمال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.

برسات جا ستايل، راهون ٿڪا نهاري.

برسات جا ستايل، راهون ٿڪا نهاري.
امداد پرکڻي ويا، ناظم سڄي ٻُهاري.

درياءَ جو بند ڀڄي يا، ٻي ڪا ٿئي تباهي،
طوفان زلزلو يا، آفت اچي اِلاهي،
هي مورَ مُرڪندا پيا، جڳ کان وٺو گواهي،
ڏکين کي ڏينهن ڏکيا، ڏاتار شل ڏياري.

هاڻي وري به آهن، گهر ۽ دڪان ڀريا،
واپارين وڙن وٽ، پت ساڻ پورا پريا،
وارا نيارا تن جا، جي ڳجهه ۾ ٿي ڳريا،
جن جو هُيو گذارو، پٽ سٽ ڪري اُڌاري.


ٽاليون ڀري کڻي ويا، خوراڪ کاڌ واريون،
حاجت مندن کي مليون، پنجن ڪلن سان گاريون،
خلق خدا سان ڪيڏيون، ڪن پيا کلون خواريون،
آهي ڪو مرد مومن، جيڪو اچي سُڌاري.

وٺندا نيون ڪي گاڏيون، ڪي وٺندا ڪي ڪارخانا،
ڪي شاديون ڪندا ٻيون، ڪي شوق شادمانا،
ويندا وڌي انهن جا، انداز آمرانا،
مطلب ته موج ٿي وئي، جنجل ڇڏيا جياري.

خرچا اليڪشن جا، نڪري ويا اڳوڻا،
توڙي ڪيا هُئائون، جي ٻيڻا ٽيڻا چئوڻا،
ويتر ڦٻي ويا سي، آهن اڃان ڏهوڻا،
هن ٻوڏ هيل ڇڏيا، اڳتي گهڻو اُڪاري.

تنقيد واري “ٻارڻ” منهنجي نه آهي عادت،
پر جي سُکين ستابن، جي هيءَ ڏسان ٿو حالت،
تڏهن ڪڙهي ڪريان ٿو، مجبور ٿي بغاوت،
پوءِ ڀلي ڪو بگڙي، نفرت ڪري ڌڪاري.

عظيم ٻولي قديم ٻولي.

عظيم ٻولي قديم ٻولي.
سنڌي سٻاجهي سليم ٻولي.

سڀيئي ٻوليون حسين آهن،
مڃان ٿو سڀ دلنشين آهن،
رسيليون آهن رنگين آهن،
سنڌي سڀن جي زعيم ٻولي.

لطيف جو آ رسالو جنهن ۾،
ملي امن جو حوالو جنهن ۾،
اسين ٿا ڳايون جمالو جنهن ۾،
دلين جي لاءِ شميم ٻولي.

دڙو موهن جو گواهه آهي،
سچل ۽ سامي جو ساهه آهي،
ڪئي حفاظت به شاهه آهي،
نفيس ٻولي نديم ٻولي.

اياز جا گيت وايون وهوا،
بخاري، بيوس، همايون وهوا،
شيام، سرويچ چاهيون وهوا،
آ روح لاءِ رحيم ٻولي.

ڀنڀور مڪلي، نگر جي ٻولي،
مياڻي، روپا، امر جي ٻولي،
سا ڪوٽڏيجيءَ سکر جي ٻولي،
لُٽي نه سگهندو غنيم ٻولي.

ڏسو جتي جي به ويري ڪانئر،
ڪندا هجن تيري ميري ڪانئر،
ڪبا سمورا سي ڍيري ڪانئر،
متان وڃي ٿي عديم ٻولي.

وايون

---

ڇيڙ نه اهڙو راڳي راڳ،

ڇيڙ نه اهڙو راڳي راڳ،
منهنجي چتِ جا چاڪ چڪن ٿا.

درد ڀريو آواز ٻڌي هي،
جوش ۾ ٿي جذبات اواڳ.
منهنجي چِت جا چاڪ چڪن ٿا.

سوز ڪٿان هي آندئي ايڏو،
ڇاتو مليو ڏک ڏُهاڳ،
منهنجي چت جا چاڪ چڪن ٿا.

تنهنجي من ۾ مون جيئن شايد
آهي ڪوئي ورهه ويراڳ،
منهنجي چت جا چاڪ چڪن ٿا.

رُڪجي ويئي دل جي ڌڙڪن،
وسريو چنچل پڻ ۽ چاڳ،
منهنجي چت جا چاڪ چڪن ٿا.

“ٻارڻ” کي تون ٻار نه ايڏو،
راڳ ۾ ٿو آلاپين آڳ،
منهنجي چت جا چاڪ چڪن ٿا.

موت کان جو هٽي،

موت کان جو هٽي،
سو اسان جو نه آ،
سو اسان مان نه آ.

ديس واسين جون ٿو،
جيڪو دليون ڦٽي،
سو اسان جو نه آ،
سو اسان مان نه آ.

مال دولت مٿي،
جو مٽيءَ کي مَٽي،
سو اسان جو نه آ،
سو اسان مان نه آ.

محبتن کي ڇڏي،
نفرتون جو ڇَٽي،
سو اسان جو نه آ،
سو اسان مان نه آ.

ڌارين جون پيو،
جيڪو چانٺيون چٽي،
سو اسان جو نه آ،
سو اسان مان نه آ.

جيڏن ۾ اڄ جاڳ ڏسي،

جيڏن ۾ اڄ جاڳ ڏسي،
مون آ سک جو ساهه کنيو.

ڪينجهر مڪلي ڪيٽي بندر،
موهن وارا ماڳ ڏسي،
مون آ سک جو ساهه کنيو.

سنڌ سنڌوءَ تان سر ڏيڻ لئه،
ڇات نئين ڇُڙ واڳ ڏسي،
مون آ سک جو ساهه کنيو.

چانڊوڪي ۾ چنچل چاهت،
چونئرن اندر چاڳ ڏسي،
مون آ سک جو ساهه کنيو.

“ٻارڻ” ٻنين ٻارن ۾ هي،
مال ڏسي ميهاڳ ڏسي،
مون آ سک جو ساهه کنيو.

آدمي کي اَوّس،

آدمي کي اَوّس،
آجپو ٿو کپي.

سوچ کي لوچ کي،
ڪونه گُهرجي قفس،
آجپو ٿو کپي.

ڪنهن قبوليو ڪڏهن،
ڪونه بيجا حبس،
آجپو ٿو کپي.

قيدِ جنّت منجهان،
نيٺ نڪتو نفس،
آجپو ٿو کپي.

بند هر ٽوڙبو،
نامناسب نحس،
آجپو ٿو کپي.

ظلم ٿيندو ڏسي،

ظلم ٿيندو ڏسي،
ماٺ مونکان نه ٿي.

ڪنهن به هيڻي مٿي،
اهنج ايندو ڏسي،
ماٺ مونکان نه ٿي.

ڪنهن به مسڪين جو،
حق ويندو ڏسي،
ماٺ مونکان نه ٿي.

ڪنهن به مجبور کي،
ير لڏيندو ڏسي،
ماٺ مونکان نه ٿي.

نفرتن جو زهر،
ڏيهه ڏيندو ڏسي،
ماٺ مونکان نه ٿي.

ڪو لُٽيرو لُچو،
حد لنگهيندو ڏسي،
ماٺ مونکان نه ٿي.

ننگ نادار جو،
ڪنهن تڪيندو ڏسي،
ماٺ مونکان نه ٿي.

ڪجهه لکان ڪجهه ڪُڇان،
جڳ جهليندو ڏسي،
ماٺ مونکان نه ٿي.

انياءُ ڏسي خاموش رهان،

انياءُ ڏسي خاموش رهان،
شل وقت ڏکيو اهڙو نه اچي.

انڌير ڏسان ۽ ڪجهه نه ڪُڇان،
ٿي ان تي پردو پوش رهان،
شل وقت ڏکيو اهڙو نه اچي.

هر ڏاڍ ڏمر کي سر تي سهي،
ڪنهن مستيءَ ۾ مدهوش رهان،
شل وقت ڏکيو اهڙو نه اچي.

ڪو واءُ وري سنڌ سڏ ڪري،
ڪن ٽار ڪري ٻي گوش رهان،
شل وقت ڏکيو اهڙو نه اچي.

جي سچ چوڻ جي سگهه وڃي،
ٿي ڪوڙن جو همدوش رهان،
شل وقت ڏکيو اهڙو نه اچي.

هن ذلت جي ماحول اندر،
ارهو نه ٿيان شنتوش رهان،
شل وقت ڏکيو اهڙو نه اچي.

ساهه ۾ آهي سونهن پرستي،

ساهه ۾ آهي سونهن پرستي،
محبت منهنجو دين ڌرم.

دل جي چوڻ تي جوڙي ڇڏيم،
دل ۾ پيار وفا جي وستي،
محبت منهنجو دين ڌرم.

هر جلوي ۾ حق جي تجلي،
حسن به سجدي لائق هستي،
محبت منهنجو دين ڌرم.

دولت وارن دنيا دارن،
جي نه قبوليان بالادستي،
محبت منهنجو دين ڌرم.

ٽوڪ ڪري ٿو لوڪ چوي ايئن،
ڪهڙي “ٻارڻ” کي آ مستي،
محبت منهنجو دين ڌرم.

ڀٽ ڀٽ کان اڄ ڀاگ رُسي ويو،

ڀٽ ڀٽ کان اڄ ڀاگ رُسي ويو،
ٿر تي برکا ٿي جو ناهي.

چونئرو چونئرو اُجڙيل ڏسجي،
چنچلتا ۽ چاڳ رُسي ويو،
ٿر تي برکا ٿي جو ناهي.

روهيڙي جا گُل نه ٽڙيا،
سُندرتا سُهاڳ رُسي ويو،
ٿر تي برکا ٿي جو ناهي.

مُک مُک کان هن مرڪون کسيون،
روحن کان ڀي راڳ رُسي ويو،
ٿر تي برکا ٿي جو ناهي.

پيڙائن ۾ پيڙهجي “ٻارڻ”
ماروئڙن کان ماڳ رُسي ويو،
ٿر تي برکا ٿي جو ناهي.

ويري توکي پنهنجو ووٽ،

ويري توکي پنهنجو ووٽ،
ڪهڙي ريت ڏيان.

اندر تنهنجو آهي ڪارو،
ٻي ته سچائي واري کوٽ،
ساٿي ڪيئن ٿيان.

توکي پوري ڪرڻي آهي،
ساري سالن واري کوٽ،
نانءُ نه تنهنجو نيان.

تنهنجي اک ۾ هرهڪ ماڻهو،
آ ٻار، ٻُڍو، اَڌڙوٽ،
ماري آهين مِيان.

“ٻارڻ” تنهنجو ٿيڻو ناهي،
ويٺو توڙي جنگيون جوٽ،
جيسين تائين جيان.

ماڻين جيسين ماڳ او جندڙي،

ماڻين جيسين ماڳ او جندڙي،
تيسين تائين جاڳ،
الا اوتيسين تائين جاڳ.

سُر جي سُڃن واهيرن سان،
ڀرمي جيسين ڀاڳ اوجندڙي،
تيسين تائين جاڳ،
اَلا اوتيسين تائين جاڳ.

سانت نگر جو سينو چيري،
ڪنهن روڳيءَ جو راڳ او جندڙي،
تيسين تائين جاڳ،
اَلا اوتيسين تائين جاڳ.

انداهي جي وستي ۾ ڪو،
چمڪو ماڻي چاڳ او جندڙي،
تيسين تائين جاڳ،
اَلا اوتيسين تائين جاڳ.

“ٻارڻ” پنهنجا جذبا ارڏا،
’جيون جهاڳ اجهاڳ‘ اوجندڙي،
تيسين تائين جاڳ،
اَلا اوتيسين تائين جاڳ.

جڏهن ڀٽن تي بهار ايندو،

جڏهن ڀٽن تي بهار ايندو،
ته منهنجي دل کي قرار ايندو.

سفاڪ وحشي ڪٺور دلين،
اندر محبت ۽ پيار ايندو،
ته منهنجي دل کي قرار ايندو.

جڏهن به ڌرتيءَ تي مينهن وسندا،
سونهاري سنڌ ۾ سُڪار ايندو،
ته منهنجي دل کي قرار ايندو.

اداسين مان نجات پائي،
نماڻي مُک تي نکارايندو،
ته منهنجي دل کي قرار ايندو.

مُنافقي جو محاذ ٽوڙي،
ملڻ ڪو ساٿي سچار ايندو،
ته منهنجي دل کي قرار ايندو.

غريب جي ڪنهن ڪکائين گهر ۾،
ڪو موقعو خوشگوار ايندو،
ته منهنجي دل کي قرار ايندو.

اميد “ٻارڻ” قوي رکان ٿو،
هلي اڱڻ تي جي يار ايندو،
ته منهنجي دل کي قرار ايندو.

او سانوڻ سگهڙو ورجان تون،

او سانوڻ سگهڙو ورجان تون،
من تنهنجي اچڻ تي محب اچي.

هُن ويندي وقت چيو هو ايئن،
آئي سانوڻ، ايندا سون،
من تنهنجي اچڻ تي محب اچي.

ڪا ڄڃ وٺي اچ ڪڪرن جي،
ڪر اولهه اوڀر وسڪارون،
من تنهنجي اچڻ تي محب اچي.

ڪا بوند وسائي اوسر تي،
۽ ساوڪ ساڻ سجائي ڀون،
من تنهنجي اچڻ تي محب اچي.

سو ايندو “ٻارڻ” مينهن وَٺي،
آ جنهن سان نينهن لڳايو مون،
من تنهنجي اچڻ سان محب اچي.

سدا جي ڏسجن اُداس ماڻهو،

سدا جي ڏسجن اُداس ماڻهو،
اهي يقينن حساس ماڻهو.

ظلم ٿيڻ تي لُڇن ۽ تڙپن،
رهن نماڻا نراس ماڻهو،
اهي يقينن حساس ماڻهو.

وفا ڪندي ٿا عمر گذارين،
سچار محبت شناس ماڻهو،
اهي يقينن حساس ماڻهو.

رکن ٿا دل جون اکيون سي کولي،
ڪندار هن التماس ماڻهو،
اهي يقينن حساس ماڻهو.

سدا اڌورا ڪڏهن نه پورا،
رهن نه “ٻارڻ” جي راس ماڻهو،
اهي يقينن حساس ماڻهو.

ڏات نگر جي واٽ،

ڏات نگر جي واٽ،
اونداهيءَ کي کاٽ.

ڇا ته ڪويتا امرت ارپي،
ويئي ساري اُڃ اُساٽ،
اونداهيءَ کي کاٽ.

آشائن جا ديپ ٻرن ٿا،
مِٽجي اونداهه ٻاٽ،
اونداهيءَ کي کاٽ.

جوتي جرڪي ويئي جڳ ۾،
چنڊ ڪيا چمڪاٽ،
اونداهيءَ کي کاٽ.

ساهت جي آڪاش تي “ٻارڻ”
رهندا اوچا ڳاٽ،
اونداهيءَ کي کاٽ.

پاڻ کي خود آزاريندين،

پاڻ کي خود آزاريندين،
آڳ سان جي ٿو راند رهين.

اُڀ ۾ آگم آهي اڳيئي،
ڌرتيءَ کي به پگهاريندين،
آڳ سان جي ٿو راند رهين.

جوت پکيڙي مچ تي ميڙي،
مستانن کي ماريندين،
آڳ سان جي ٿو راند رهين.

هر من ۾ ٿو ڀنڀٽ ڀڙڪي،
ٻيڻي آڳ اُٿاريندين،
آڳ سان جي ٿو راند رهين.

تيلي ڏيئي چڻنگ دُکائي،
نيٺ ڪو ٻارڻ ٻاريندين،
آڳ سان جي ٿو راند رهين.

اڄ تنهنجي من تصوير ڏسي،

اڄ تنهنجي من تصوير ڏسي،
پيا منهنجا نماڻا نيڻ وسي.

دل چاهه ملڻ جو روز رکي،
پر رسمن جا زنجير ڏسي،
پيا منهنجا نماڻا نيڻ وسي.

گڏ گهارڻ جا جي خواب ڏٺم،
پر اُبتا اڄ تعبير ڏسي،
پيا منهنجا نماڻا نيڻ وسي.

ويو ڀرجي جيون تلخين سان،
هيءَ آس اميد اُڪير ڏسي،
پيا منهنجا نماڻا نيڻ وسي.

آشائن تي جيئندي “ٻارڻ”
نيٺ ڦٽي تدبير ڏسي،
پيا منهنجا نماڻا نيڻ وسي.

سونهن جي امرت مڌ اڃان،

سونهن جي امرت مڌ اڃان،
پياسو آهيان سُرڪ پيار.

نيڻ کڻي ڏس مون ڏي نرمل،
ٿورا تنهنجا لک مڃان،
پياسو آهيان سُرڪ پيار.

شوق وڌي ٿو ڏسندي منهڙو،
ٻي ڪنهن درتي ڪيئن وڃان،
پياسو آهيان سُرڪ پيار.

جنهن ۾ تنهنجو ناهي درشن،
اهڙو درپن ڇو نه ڀڃان،
پياسو آهيان سُرڪ پيار.

سونهن نگر تي سَوَ سَوَ پَهرا،
“ٻارڻ” ٻيا سڀ سرَ سُڃان ،
پياسو آهيان سُرڪ پيار.

رسمون رواج ٽوڙي،

رسمون رواج ٽوڙي،
پنهنجو ڪبو پرينءَ کي.

پرواهه جڳ جي ناهي،
ان کان به منهن موڙي،
پنهنجو ڪبو پرينءَ کي.

دشمن ٿئي زمانو،
سارو جهان توڙي،
پنهنجو ڪبو پرينءَ کي.

ڪهڙو به واءُ ورندو،
طوفان ڪوئي ٻوڙي،
پنهنجو ڪبو پرينءَ کي.

“ٻارڻ” ٻيون ٻين سان،
جانب سان جيءُ جوڙي،
پنهنجو ڪبو پرينءَ کي.