روزمرھ جي سنڌي زندگيءَ ۾ شاھه جا قول : ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي
موڪلاڻيءَ وقت ھن صاحب پنھنجي نئين ڪتاب ”واڄٽ ويراڳين جا“ (۱۹۸۷ع) جي ھڪ ڪاپيءَ تي ھي لفظ لکيا: ”اسان جي شاھ لطيف جي مداح ڊاڪٽر جوتواڻيءَ جي خدمت ۾.“ اھا ڪاپي مون کي سوکڙيءَ طور ڏيئي چيائين، ”بقولِ شاھ لطيف؛ ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“
مون اھا ڪاپي کانئن وٺي اکين تي رکي. ھن صاحب اھا مون کان واپس وٺي ان تي اھي لفظ جيڪي وات سان چيا ھئائين، سي لفظ لکيا: ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“ منھنجي ٻنھي ھٿن ۾ ٻنھي اکين تي رکيل اھا ڪاپي وري جڏھن آئي، ته مون کي لڳو ان ڏينھن ۱۲ جولاءِ ۱۹۸۷ع تي ھيءُ موتي ھڪ ناچيز بندو ھڪ خاص چيز بڻجي پيو. اُمالڪ موٽ ۾ مون وراڻيو؛ ”لطيف جي چواڻيءَ منجھان مان اوھان جي خدمت ۾ ھڪ بيت نذر ڪريان ٿو:
”حبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪِئو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اھو ئي ٿيو.“
ھن ننڍي مضمون جي شروعات ۾، پنھنجي زندگيءَ مان اُن ھڪ واقعي جو اھو بيان ان جي ڀومڪا طور ڪم آندل آھي. ان بيان مان، ھن ننڍي مضمون جي حوالي ۾ منھنجي ذھن ۾ گھڻيئي ڳالھيون اٿيون آھن. پر انھن مان ڪن ڳالھين اسان جو گڏيل ڌيان لھڻو.
جيئن انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر ۽ اردوءَ ۾ مرزا غالب (اھي ٻه محض مثال آھن) پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ واري قوم جي عام و خاص ماڻھن جي زبان تي چڙھيل آھن، تيئن اسان جي سنڌي قوم جي (جي ايم سيد وانگي) اعلى ماڻھن ۽ (ھن بندي جيان) ادنى ماڻھن جي زبان تي شاھ لطيف چڙھيل آھي. شيڪسپيئر، مرزا غالب ۽ شاھ لطيف جھڙا وڏا شاعر پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ واري قوم جي زبان تي براجمان آھن. اھي ان جي اعلى خواھ ادنى فردن جي ذھن ۾ لٿل ھوندا آھن. مٿي بيان ڪيل واقعي ۾ جي ايم سيد صاحب چيو، ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“ ھن بندي آکيو، ”حبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪِئو، سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اھو ئي ٿيو!“
ھر ھڪ قوم جي گھرُو حياتيءَ ڪي اھڙا شخص پڻ ھجن ٿا، جي پنھنجي گذاري وڃڻ کان پوءِ پنھنجي ڏيل ڏول ۾ حاضر نه ھئڻ جي باوجود پنھنجي ڏات ۽ ڏانءَ ڪري سدا حيات ھوندا آھن. انھن ڀاتين کان سواءِ ڪي ڀاتي اھڙا به ھوندا آھن، جي روحاني طرح انھن سان گڏوگڏ رھي، انھن گھرن جو (واسطيدار سموري سماج جو) ذھني ماحول ٺاھيندا آھن. سنڌي سماج ۾ سنڌيءَ جو مايه ناز شاعر شاھ لطيف ھڪ اھڙو ئي مثال آھي. جڏھن جي ايم سيد صاحب چيو، ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“ ته کيس ان وقت شاھ لطيف جو اھو فقرو ياد ھو ليڪن اھو ضروري ناھي ته کيس شاھ لطيف جو اھو سمورو بيت پنھنجي پوري حوالي سان گڏ ياد آيو ھجي. اھڙيءَ طرح، جڏھن ھن بندي وراڻيءَ ۾ شاھ لطيف جي رسالي مان، ”حبيبن ھيڪار...“ واري بيت جو اقتباس ڪم آندو ته ان وقت کيس ان بيت جي مخصوص حوالي جي قطعي يادگيري نه ھئي. شاعر شاھ لطيف سندن تحت الشعور ۾ ھو. اھڙا شاعر ديوين ديوتائن وانگر ھوندا آھن. اھي تحت الشعور يا اَوِچيتن مان اُٿي اچي زبان تي ويھندا آھن.
اھڙن ڪجھ شاعرن جي شاعريءَ ۾ quote-ability يا اقتباس پذيرائي ھوندي آھي. ڇو ھوندي آھي؟ ان ڳالھ تي سڀ کان پوءِ اينداسين. ھاڻي اسين اھو ڏسون ته اھا وصف ڪھڙن لفظن ۾ ادا ٿيندي آھي. اوھين پٺيان نظر ورائي ڏسو. جي سيد صاحب چيو، ”بقولِ شاھ لطيف؛ ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“ ھن ”بقول“، لفظ جي لام اکر ھيٺان زير ڏيئي بقولِ شاھ لطيف ۾ اضافت ڪم آندي ۽ ٻين لفظن ۾ چيو؛ ”شاھ لطيف جي قول موجب.“ ... ۽ ھن بندي آکيو، ”شاھ لطيف جي چواڻي مان اوھان جي خدمت ۾ ھڪ بيت نذر ڪريان ٿو، ”حبيبن ھيڪار...“ ٻين لفظن ۾ اھا ڳالھ اسين ھيئن چئي سگھون ٿا ته انگريزي لفظ quote-ability لاءِ جي ايم سيد ”قول“ لفظ ۽ مون ”چواڻي“ لفظ ڪم آندو. مٿي ڪٿي ان لاءِ ”اقتباس“ لفظ پڻ ڪم آيو آھي، پر اقتباس extract يا excerpt لاءِ ڪم آڻڻ گھرجي، quotation لاءِ نه، ڇاڪاڻ ته ان پٺيان گھڻي تڻي باشعور ڪوشش ھجي ٿي. ليڪن جڏھن ”چواڻي“ صحيح آھي ته پوءِ ”چوڻي“ صحيح ڇو ڪين آھي؟ ٻنھي ۾ ڪھڙو فرق آھي؟
جيئن چواڻي لفظ quotation جي معنى ڇڏائي ٿو. اُتي ”چوڻي“ لفظ پھاڪي جي معنى ۾ مروج ٿي ويو آھي. ھاڻ ڪي چواڻيون ”چوڻين“ جو درجو حاصل ڪن ٿيون، اھي پھاڪا ٿي وڃن ٿيون. ننڍي ھوندي، سنڌي فائينل جي امتحان ۾ يا مئٽرڪ ۾ سنڌي وشيه واري پريکيا ۾ ڪنھن ھڪ پھاڪي تي پڻ مضمون لکڻ لاءِ چيو ويندو ھو ۽ مون کي ياد آھي ته ھڪ امتحاني پيپر ۾ مون کي ”ڏک سکن جي سونھن، گھوريا ڏک سکن ري“ موضوع تي مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو ھو. خود مون پنھنجي اڌ يا پڪي زماني ۾ ھاءِ اسڪول يا بي اي جي سنڌي وديارٿين لاءِ پيپر ڪڍندي ان وشيه تي مضمون لکڻ لاءِ پئي چيو آھي. اھو ته تازو، وڏي عمر ۾ پتو لڳو اٿم ته جنھن کي مون خالص ”چوڻي“ سمجھيو ھو، سا حقيقت ۾ شاھ لطيف جي چواڻي آھي، جا اڳتي ھلي موجودھ زماني ۾ چوڻي ٿي پيئي آھي. ائين ئي ھڪ دفعي شاھ جي رسالي جا پنا اٿلائيندي سر حسيني جي داستان ڇھين جي آخرين بيت تي نظر پيم ته ڏٺم، لکيل هو:
”ڏک سکن جي سونھن، گھوريا ڏک سکن ري،
جنـِـيـن جــيءَ ورونـھــن، سـڄـڻ آيــو مان ڳري.“
پوءِ ته مون ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل شاھ جي رسالي پٺيان ڏنل ”شاھ مان چونڊ ماڻڪ موتي لال“ عنوان سان فھرست تي نظر وڌي. اھو ڏسي گھڻو گھڻو عجب لڳم ته اسين سنڌي لوڪ اُن فھرست مان ڪيتريون سٽون، شاھ لطيف جا ڪيترا قول، ڪيتريون چواڻيون، پنھنجي روزمرھ جي زندگيءَ ۾ ڪم آڻيندا آھيون. واقعي انھن مان ڪيتريون چواڻيون، چوڻيون ٿي پيئون آھن. ڪي چواڻيون سنڌي ليکڪن ۽ شاعرن جي ڪتابن جا نالا ٿي ڪتب اچي رھيون آھن. ۱۳ جولاءِ ۱۹۸۷ع تي جي ايم سيد صاحب پنھنجو ڪتاب ”واڄٽ ويراڳين جا“ مون کي سوکڙيءَ طور ڏنو. ان جو نالو شاھ لطيف جي سُر رامڪليءَ جي داستان پھرئين جي ٻن بيتن (نمبر ۸ ۽ ۹) جي آڌار تي رکيل آھي. بيت نمبر ۹ ھيٺينءَ ريت آھي:
واڄـٽ ويــراڳــيـن جــا، مـون وٽ وڏو مال،
مـقــالـــن مـھـنـد ٿـيــا، ڪـونھـي وٽــن قـــال،
حاصل جنين حال، آئون نه جئندي اُن ريءَ.
جي ايم سيد صاحب ئي پنھنجي ان ڪتاب جو نالو شاھ لطيف جي چواڻيءَ تي ڏنو آھي، بلڪ بيشمار سنڌي شاعرن ليکڪن جھڙوڪ (وري به مثالن طور) شيخ اياز، نارايڻ شيام، ھري دلگير، گوبند مالھي، موتي پرڪاش، وينا شرنگي پڻ پنھنجن ڪتابن جا نالا شاھ لطيف جي چواڻين تي ڏنا آھن. شيخ اياز جو ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، نارايڻ شيام جو ”آڇيندي لڄ مران“، ھري دلگير جو ”موج ڪئي مھراڻ“، گوبند مالھيءَ جو ”ديسي سيڻ ڪجن“، موتي پرڪاش جو ”سي سڀ سانڍيم ساھ سين“، ڪلاپرڪاش جو ”جي ھينئڙي منجھ ھُرن“، وينا شرنگيءَ جو ”ڪڇان تان ڪافر“ وغيرھ اھڙا ڪتاب آھن، جن ۾ نثر، نظم، ناول ۽ سفرناما اچي وڃن ٿا.
جتي شاعر ۽ ليکڪ ائين ڪن ٿا، اُتي وري ڪي ودوان پنھنجن (لکيل يا مرتب ڪيل) ڪتابن ۾ شاھ لطيف جون چواڻيون Epigrams يا مھاڳي اقتباس طور ڪم آڻين ٿا. ھتي ھڪ ئي بئٺڪ ۾ لکيل، ھن مضمون ۾ ڪجھ به مڪمل ناھي. سڀ ڪجھ مثالي آھي. خدا جي خدائي پڻ مثالي آھي ۽ اسين سڀ ان ۾ species يا نمونا آھيون. سو اچو ته شاھ لطيف جي ھڪ چواڻي، ھڪ مثال طور ڏسون:
ڪلياڻ آڏواڻيءَ پنھنجي مرتب ڪيل شاھ جي رسالي (۱۹۵۸ع) ۽ ھيٺين سٽ Epigrams طور ڪم آندي آھي:
”دلبر ھن دنيا ۾، وڃي رھندو واس.“
.. ۽ واقعي، سندس اھو رسالو ھن دنيا ۾ سندس واس يا سڳنڌ ٿي رھيو آھي.
سوکڙيءَ طور ملندڙ ڪتابن ۾ اُھي ڪتاب پڻ اچي وڃن ٿا، جن جا دلدار خريدار پنھنجن دوستن کي اُھي ڪتاب ڏيڻ/ڊاڪ رستي موڪلڻ کان اڳ انھن جي سر ورقن تي پنھنجي سڪ ڀريل سنيھي ۾ شاھ لطيف کي ياد ڪن ٿا. سندس شاعريءَ مان ڪا نه ڪا سٽ لکن ٿا. سنڌ جي اديب رکيل مورائيءَ، ھند جي اديب لڇمڻ ڪومل لاءِ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ”اسان جو ڳوٺ جعفر خان لغاري“ (۱۹۹۸ع) خريد ڪيو ۽ ان جي سر ورق تي ھيٺيون سنيھو درج ڪيو، ”دادا لڇمڻ ڪومل لاءِ، ڀٽائيءَ جي ھن سٽ سان:
”ڪو ڳنڍيندڙ ھوءِ، ته پريت پراڻي نه ٿئي.“
رکيل مورائي، ڪراچي، ۲۵ جون، ۱۹۹۹ع.
ان قسم جا پڻ انيڪ مثال ملندا.
مون پنھنجي جيون ۽ ساھت تي پٺيان نظر ورائي، ته ڏٺم؛ اُن ۾ شاھ لطيف جي رسالي مان ھيٺيون سٽون ڪم آندل ھيون:
اک الٽي ڌار، ونءُ اُلٽو عام سين.
اندر تون اجار، پنا پڙھندين ڪيترا؟
آئون ڪئن سوڙين سمھان؟ مون ورُ گھاري ولھ.
آئون ڪئن لوئي لاھيان، ڪارڻ ٻن ڏينھان؟
بک وڌائون بگرين، جوڳي ڪندا جڃ.
ٻيا در تن حرام، ايءُ در جنين ديکيو.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل وھڻ جي.
ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.
پريان سندي پار جي، مڙيئي مٺائي.
پنھون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ھئا.
جھڙا اچن ڏينھڙا، تھڙا ويٺي گھار.
جي ليلائي نه لھين، ته پڻ ليلائيج.
جيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار.
جيڏو تنھنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان.
ڏات ناھي ذات تي، جو وھي سو لھي.
ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري.
سڀيئي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم.
سنھيءَ سئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساھ.
سندو واريءَ ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو؟
عاشق زھر پياڪ، وھ ڏسي وھسن گھڻو.
ڪا مونھين ۾ گھٽ، نات سڄڻ سٻاجھا گھڻو.
ڪنور پاڙون پاتار ۾، ڀنور ڀري آڪاس.
ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
لھرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ ھيڪڙو.
محروم ئي مري ويا، ماھر ٿي نه مئا.
مرڻ! مون سين ھل، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان!
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه مات.
نيرانا ئي نيڻ، نيئي آڇ پرين کي.
ورُ سا سُڃي ويڙھ، جنھن ۾ سڄڻ ھيڪڙو.
وکر سو وھاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
ھوءَ جا پائين پير ۾، تنھن جُتيءَ نه جيھي.
ھيڏا ھاڃا ٿين، بُري ھن ڀنڀور ۾.
يار سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني.
انھن مان ڪيتريون سٽون جدا جدا ھنڌن تي ڪيل منھنجين تقريرن ۾ يا الڳ الڳ وقتن تي پنھنجن دوستن ۽ رشتيدارن ڏانھن لکيل خطن ۾ شامل ٿيل ھيون. اھي ڪل ملائي ۳۳ سٽون مون کي ڏاڍيون پريه رھيون آھن. اھڙيءَ طرح ٻين کي انھن ۳۳ سٽن مان پڻ ڪن سٽن کان سواءِ ٻيون گھڻيئي سٽون پياريون رھيون ھونديون. اسان سڀني سنڌين جي جيون درشٽي شاھ لطيف جي اھڙين سٽن مان ٺھي آھي. مون ڏٺو، مٿي ڪٿي ذڪر ڪيل ”شاھ مان چونڊ“ ماڻڪ، موتي، لال واري فھرست مان ۳۰ سٽون منھنجيءَ ان فھرست ۾ دوھرايل آھن. ارٿات، اِڪائي ۽ ڏھائيءَ جي ٻن جڳھين تي ساڳيو انگ ۳ آھي. ۽ اڪائيءَ وارو انگ ۳ منھنجن پيارين ٽن سٽن ڏانھن ۽ ڏھائيءَ وارو انگ ۳ منھنجين ۽ ٻين سڀني جي پيارين سٽن ڏانھن اشارو ڪن ٿا. خاص منھنجين ٽن سٽن وارا ٽي بيت آھن:
سنھيءَ سئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساھ،
ويــٺــي ســاريـان ســـومــرا! گـــولاڙا ۽ گـاھ،
ھـنـئـون منھنجو ھت ٿيو، ھت مٽي ۽ ماھ،
پـکــن منجھ پـسـاھ، قـالـب آھــي ڪــوٽ ۾.
(سُر مارئي، داستان ۷، بيت ۱۲)
محروم ئي مري ويا، ماھر ٿي نه مئا،
چـڙيءَ جـيـئن چھنج ھڻي، لڏيائون لُئا،
حـبـاب ئـي ھــئــا، انھـيءَ واديءَ وچ ۾.
(سُر آسا، داستان ۴، بيت ۳)
مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين،
ولھـيءَ جـي وٿـاڻ تـي، توڏ نه تنوارين،
ھـيــڏا ھـاڃــا ٿـيـن، بـري ھـن ڀـنڀـور ۾.
(سُر حسيني، داستان ۴، بيت ۱۰)
ھاڻي مان پنھنجي اڳ ۾ ڪيل واعدي مطابق ان سوال جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ته شاھ لطيف جھڙن ڪجھ شاعرن جي شاعريءَ ۾ quote-ability يا اقتباس پذيرائي ڇو ھوندي آھي؟ اميد ته ھيستائين ايندي ايندي اوھان کان شاھ لطيف جو ھيٺيون اُھو بيت نه وسريو ھوندو، جو مون ۱۳ جولاءِ ۱۹۸۷ع تي جي ايم سيد صاحب جي نذر ڪيو ھو:
حبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪِئو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اھو ئي ٿيو!
جي ايم سيد سان گفتگوءَ جي حوالي ۾ ان بيت جي ھڪدم واري تڪڙي معنى اھا نڪري ٿي ته ھن صاحب ھڪوار مھر وچان مون کي پنھنجو بڻايو ته مون لاءِ اُھو اھڙو اھم واقعو ھو، جنھن جو پنھنجي باقي حياتيءَ ۾ بار بار ذڪر ڪرڻ مون لاءِ سڀاويڪ ٿي پيو آھي. اھا معنى موجودھ حوالي ۾ منھنجو نڪته نگاھ کان ڪھڙي معنى ۾ آھي. ليڪن جنھن شاعر شاھ لطيف اھو بيت چيو آھي، تنھن شاعر شاھ لطيف جي نڪته نگاھ ۾ ڪھڙي معنى آھي؟ اھا معنى ڪافي اونھي آھي ۽ ڪافي وسيع آھي. اُن ۾ اونھائي ۽ وسعت ٻيئي وصفون آھن. شاھ لطيف چوي ٿو ته جنھن شخص سچ جو مشاھدو ماڻيو آھي، ته ان شخص لاءِ اھو مشاھدو زندگي جي انيڪ اسٿتيئن (حالتن طريقن) مان لياڪا پائي ٿو. انيڪ اسٿتيئن سان لاڳو ھجي ٿو. ھڪوار زندگيءَ جي سچ تائين رسائين زندگيءَ جي جدا جدا صورتحالن سان ثابت قدم رھي وابسته ھجي ٿي. اسان کي مشاھدي ماڻيندڙ جا قول زندگيءَ جي نانا (گوناگون) اسٿتيئن سان ٺھڪندڙ لڳن ٿا.
***