ٻاراڻو ادب

گيت گُلڙن لاءِ

استاد گل دايو ھڪ املھ ڪردار آهي. جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ گذاريو آهي. ”گيتَ گلڙن لاءِ“ ۾ موجود هر نظم ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ سکيا لاءِ سمورو سامان سانڍيل آهي. ٻار هنن نظمن کي پڙهي ۽ ٻڌي خوش ۽ گد گد بہ ٿيندا تہ وري انهن نظمن ۾ سمايل پيغام تي عمل ڪري شائستگي، اخلاق جي بلندي ۽ علم جي واڌاري واري راهہ تي بہ گامزن ٿيندا. هن ڪتاب جي هر نظم ۾ پنھنجو مخصوص مزو ۽ لطف موجود آهي جيڪو ٻارن کي گهڻو پسند ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 738
  • 229
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book گيت گُلڙن لاءِ

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: گيت گلڙن لاءِ
شاعر: استاد گل دايو
صنف: ٻارڙن لاءِ شاعري
ڇاپو: پهريون
تعداد: 1000
ڇاپي جو سال: 2020ع
ڪمپوزنگ: علي پٺاڻ
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: مصور منگي 03053845227
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
قيمت: 120 روپيه
ڪتاب نمبر: 58
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گھر
books.sindhsalamat.com

لکپڙهه لاء
عيسيٰ ميمڻ
سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
03337555986
استاد گل دايو
03103602597

ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ) ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

ارپنا

پنهنجي معصوم ڏوهٽن
محمد مصعب جوکيو
عبدالبصير (برهان علي) جوکيو
۽
اولاد وانگر نپايل حاجي عبدالمجيد دايو جي ٻارڙن،
عبدالمصور دايو،
نمرا مجيد دايو ۽ ردا مجيد دايو کي،
جن کي ٻانهن تي سمهاري
ڪهاڻيون ۽ گيت ٻڌايا ۽ سندن ٻاتڙين ٻولين سان
ڏات جي جيڪا ديوي لٿي، انهيءَگيت ۽ بيتن لکڻ لاءِ اتساهيو.


استاد گل دايو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گيت گُلڙن لاءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ٻارڙن لاءِ لکيل شاعريءَ جي ھن ڪتاب جو تخليقڪار استاد گُل دايو آھي.
استاد گل دايو ھڪ املھ ڪردار آهي. جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ گذاريو آهي. ”گيتَ گلڙن لاءِ“ ۾ موجود هر نظم ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ سکيا لاءِ سمورو سامان سانڍيل آهي. ٻار هنن نظمن کي پڙهي ۽ ٻڌي خوش ۽ گد گد بہ ٿيندا تہ وري انهن نظمن ۾ سمايل پيغام تي عمل ڪري شائستگي، اخلاق جي بلندي ۽ علم جي واڌاري واري راهہ تي بہ گامزن ٿيندا. هن ڪتاب جي هر نظم ۾ پنھنجو مخصوص مزو ۽ لطف موجود آهي جيڪو ٻارن کي گهڻو پسند ايندو.
هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون پياري عيسيٰ ميمڻ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

رابندر ناٿ ٽئگور لکيو هو ته ”جيستائين هن ڌرتيءَ تي ٻار پيدا ٿين ٿا تيستائين اهو سمجهڻ گهرجي ته خدا اڃان انسان مان مايوس نه ٿيو آهي”. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته ٻار هن ڪائنات جي سونهن ۽ مستقبل جي ضمانت آهن. هر سماج ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو سلسلو ان جي پيدا ٿيڻ سان ئي شروع ٿي ويندو آهي. ٻارن جي پرورش ڪرڻ بي حد ڪٺن ڪم به آهي. اسان جي سماج ۾ ٻارن جي تربيت پهرين ماءُ جي گود ۾ ٿئي ٿي، ان کان پوءِ گهر، پاڙو، شهر ۽ اسڪول ئي تربيت جا وڏا گهر آهن. جيتري ٻارن جي تربيت بهتر ٿيندي سماج جي ترقي به اوتري ئي بهتر ۽ تيزي سان ٿيندي. ٻارن لاءِ لکيل ادب جو بنيادي ڪارج به ٻارن جي نشونما ڪرڻ ئي آهي. سنڌي ادب ان ڏس ۾ ماضيءَ جي هڪ تاريخ رکي ٿو.
موجوده وقت ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي ڊوڙ ۾ ٻارن جي تربيت جا بنيادي ادارا خود زوال جو شڪار آهن پر اڃان ڪي “ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي” آهن جيڪي ٻارن جي تربيت ۽ ان جي نشونما لاءِ ٻارن لاءِ اڄ به لکي رهيا آهن استاد گل دايو اهڙو ئي املھ ڪردار آهي. جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ گذاريو آهي. استاد گل دايي هڪ استاد کان وٺي هڪ اديب ۽ شاعر تائين، هڪ ادبي ورڪر کان وٺي سماجي خدمتن تائين جيڪو نور نچويو آهي. اهو خود هڪ الڳ تاريخ آهي. جيترو استاد گل دايي جيڪي خدمتن ڪيون آهن. ان کي اڃان اوتري مڃتا نه ملي سگهي آهي. پر يقينن تاريخ استاد گل جي پورهيي کي ڪڏهن به ضايع ٿيڻ نه ڏيندي. سندس هي ڪتاب “گيتَ گلڙن لاءِ” استاد گل کي محبتن جي هڪ ڀيٽا آهي. سندس هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ پاران شايع ڪرائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. اميد ته اوهان طرفان مثبت موٽ ملندي.


[b]عيسيٰ ميمڻ
[/b]چيئرمين
سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري.

تعارف: منهنجو بابا سائين

منهنجو پنهنجو بابا ته عرصي کان راهه رباني وٺي وڃي ابدي ننڊ ستو آهي پر بابا جي وڇوڙي کان پوءِ مون کي هڪ اهڙو شخص مليو جنهن کي استاد گل دايو جي نالي سان سڄي سنڌ سڃاڻي ٿي. هن شخص مون کي ٻاروتڻ کان جوانيءَ تائين ڪڏهن ۽ ڪنهن به مهل ايئن محسوس ٿيڻ نه ڏنو آهي ته مان ڪو سندس ويڳو آهيان. بابا جون نياڻيون (منهنجون ڀينر) ۽ بابا جا ڪجھ ٻيا عزيز کيس “بابا سائين” ڪري مخاطب ٿيندا آهن. ڀلي کيس ڪو پيٽ ڄائو پٽاڻو اولاد ڪونهي پر مان جڏهن کيس “بابا سائين” چئي مخاطب ٿيندو آهيان ته سندس چهرو ٻهڪي پوندو آهي.
بابا سائين، سنڌ جو هڪ پڙهيو لکيو باشعور ۽ انسان دوست شخص آهي. بابا جو جنم 21 سيپٽمبر 1960، تعليم ايم اي (سنڌي) ۽ ايم ايڊ اٿس. هي هڪ ئي وقت استاد، اديب، شاعر، اسڪائوٽ ليڊر، ريڊيو ڪمپيئر، ڪرڪيٽ ڪمينٽريٽر، ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ڪواليفائيڊ امپائر آهي.
بابا سائين تازوئي ڊسمبر 2019ع ۾ اسڪائوٽنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن (ALT) اسسٽنٽ ليڊر ٽرينر جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.
بابا سائين سال 1974ع کان ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري لکي ادبي سفر جي شروعات ڪئي. هن گل محمد ”گل“ دايو، گل محمد جوکيو، استاد گل محمد دايو ۽ استاد گل دايو جي نالن سان ڪهاڻيون، گيت، غزل، وايون، ڪالم، ڪهاڻي ڪالم، ڪتابن تي تبصرا ۽ سوين علمي ادبي پروگرامن جي رپورٽنگ ڪئي آهي. بابا جي لکڻ ۾ تسلسل نه رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هي زندگيءَ جو گهڻو عرصو غربت سان جنگ لڙندو رهيو آهي. بابا سائين تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ سال 1980ع کان سرڪاري نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. آخرڪار غربت جڏهن ناسور بڻجي پيس ته هن مجبور ٿي 27 سال نوڪري ڪري سال 2006ع ۾ رضاڪارانه رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. جڏهن پرائمري استاد هو، تڏهن هو پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف جو سرگرم عهديدار ۽ ميمبر هو ۽ ادبي طور بابا 1980ع کان سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي. جيتوڻيڪ بابا سان ادبي سنگت ۾ زيادتيون به ٿيون جنهن سبب ڪافي عرصو سنڌي ادبي سنگت کان پاسيرو رهيو مگر هڪ دفعو ٻيهر سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سرگرم ترين عهديدار آهي.
بابا سائين رٽائرمينٽ کان پوءِ به خاموش ٿي گهر ۾ ڪو نه ويٺو پر هن ڪجھ سال SEF جي اسڪولن ۾ پرنسيپال جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ هن وقت هڪ خانگي اداري گلوبل سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيوآهي. بابا سائين طبيعت ۾ ماٺيڻو سنجيده، خوش مزاج ۽ خوش اخلاق رهيو آهي. بابا سائين ٻارڙن سان ڏاڍي محبت ڪندو آهي. هي اڄ به جڏهن ڪم ڪار کان واندو ٿي گهر ايندو آهي ته رات جي وقت پنهنجي پيءُ ماءُ سميت ساڻس گڏ رهندڙ ٽن سالن جي ڏوهٽي مصعب علي کي ٻاراڻيون ڪهاڻيون، بيت، گيت ٻڌائيندو آهي. اهو ڏسي منهنجي به دل چوندي آهي ته جيڪر مان به هڪ دفعو وري ٻار بڻجي وڃان ۽ اڳ جيان بابا جي ٻانهن تي سمهي مٺڙا مٺڙا گيت ۽ بيت ٻڌان !!


علي حسنين ميمڻ/لاڙڪاڻو

مهاڳ: ٻارن جو روح ريجهائيندڙ شاعري

سنڌي ٻولي ۾ ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ جو رجحان اهڙي ترقي ڪري نه سگهيو آهي جنهن طرح يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ نظر اچي ٿو. انهن ملڪن ۾ ٻارن جي ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جي ڪارڪردگيءَ سميت ٻارن لاءِ ادب جي ترقي لاءِ جوڙيل سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جو ڪردار ۽ ڪم به اهم آهي. اسان وٽ ٻاراڻي ادب کي ترقي وٺرائڻ واري حوالي سان سرڪار يا ان جي سهڪار سان قائم ڪي خاص ادارا موجود ڪونهن. ڪي ٿوري تعداد ۾ اهڙا قابل تعريف اديب ۽ شاعر ضرور آهن جيڪي ٻارن جي ادب جي اهميت جي مدِنظر نه رڳو انهن لاءِ ادب تخليق ڪندا رهن ٿا پر پنهنجي هڙئون وڙئون خرچ ڪري اهو ادبي مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپرائيندا به رهن ٿا ته ٻارن تائين پهچائڻ جي ڪوشش به ڪندا رهن ٿا، استاد گل دايو به اهڙن ئي قدر لائق باشعور ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو وڏي عرصي کان ٻارن جي علمي ۽ ادبي اوسر لاءِ پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو.
استاد گل 1974ع ۾ قلم ۽ قرطاس ساڻ ڪري ادبي دنيا ۾ تڏهن داخل ٿيو هيو جڏهن پاڻ به اڃا چوڏهن سالن جو ٻار ئي هيو ۽ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري لکندو هيو، پر هاڻي جڏهن هو سٺ سالن جي عمر کي پهتو آهي تڏهن به ٻارن لاءِ لکڻ ڪو نه ڇڏيو اٿائين جيڪا ڳالهه سنڌ جي نئين نسل سان سندس محبت، شفقت ۽ ڪمٽمنٽ واري جذبي کي ظاهر ڪري ٿي. استاد گل تمام گهڻو لکندڙ نثر نويس ۽ شاعر هجڻ سان گڏ اسٽيج، تنظيم ڪاري ۽ ميڙ ۽ ميڙاڪن ۾ متحرڪ رهندڙ شخص به آهي. هن نه رڳو ادب تخليق ڪيو آهي ۽ ان جي تقريبن هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر هو عملي طور تي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ميڙاڪن جو منتظم، اسٽيج ۽ ريڊيو جو ڪمپئير ۽ اسڪائوٽس گروپ جو ليڊر به آهي ته بي لوث رضاڪار طور تي عام ڀلائي لاءِ پنهنجون خدمتون به سرانجام ڏئي رهيو آهي. وٽس لکڻ لاءِ دنيا جهان جا هزارين موضوع موجود آهن جن مان هن ڪيترن تي نثر ۽ شاعري جي صورت ۾ لکيو آهي پر ٻارن لاءِ لکڻ سندس وڏي وٿ آهي، ڇاڪاڻ ته هو اديب ۽ شاعر هجڻ سان گڏ هڪ سٺو ۽ قابل استاد به آهي، هو ٻارن جي نفسيات، سندن سماجي، تعليمي ۽ تربيتي گهرجن کي سٺي نموني سمجهي ٿو. هو اها ڳالهه به بخوبي ڄاڻي ٿو ته تعليم سان گڏ تربيت به لازمي آهي جيڪا ٻار جي شخصيت سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ادب ۽ آرٽ زندگيءَ جا ترجمان هجڻ سان گڏ بهترين تربيت جو پراثر ذريعو به آهن. جيڪڏهن ٻار کي رسمي تعليم سان گڏ ادب ۽ آرٽ سان به متعارف ڪرائبو ته هو مستقبل ۾ معاشري جي سٺي سمجهه ۽ ادراڪ رکندڙ باشعور شهري بڻجي سماج جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو مثبت ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ادب آرٽ ۽ ڪرافٽ ٻارن جي تخليقي صلاحيتن کي اڀارڻ، انهن ۾ مشاهدي جي قوت کي جلا بخشڻ ۽ زندگيءَ جي نازڪ نفيس ۽ پيچيده پهلوئن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
استاد گل دايو ٻارن جي تعليم لاءِ رڳو تعليمي ادارن ۾ وڃي اتي ڪلاس روم ۾ پڙهائي پنهنجو ڪردار ادا نه ٿو ڪري پر اسڪول کان ٻاهر به سندن تعليم، تدريس ۽ تربيت جا ذريعا تخليق ڪندو رهي ٿو. ٻارن لاءِ سندس شاعري به اهڙن ذريعن مان هڪ آهي. درسي ڪتابن ۾ نثري سبقن سان گڏ نظم جي صورت ۾ شامل سبقَ به شاعري جي تدريسي پهلو جو واضع ثبوت آهن، بلڪه ڪن حالتن ۾ ته نثر کان وڌيڪ شاعري ٻارن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿي ۽ سندن ذهني پختگي، يادگيري واري قوت ۽ تصوراتي سگهه کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان حوالي سان استاد گل جو ٻارن لاءِ هي شعري مجموعو “گيت گلڙن لاءِ” به قابل ذڪر آهي.
“گيتَ گلڙن لاءِ” ۾ موجود هر نظم ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ سکيا لاءِ سمورو سامان سانڍيل آهي. ٻار هنن نظمن کي پڙهي ۽ ٻڌي خوش ۽ گد گد به ٿيندا ته وري انهن نظمن ۾ سمايل پيغام تي عمل ڪري شائستگي، اخلاق جي بلندي ۽ علم جي واڌاري واري راهه تي به گامزن ٿيندا. هن ڪتاب جي هر نظم ۾ پنهنجو مخصوص مزو ۽ لطف موجود آهي جيڪو ٻارن کي گهڻو پسند ايندو. هونئن به فطري طور تي ٻار مزي جا متلاشي هوندا آهن. تربيتيافته ۽ تجربيڪار استادن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته راند روند واري طريقي ۽ مزيدار سرگرمين ذريعي ٻار جي ڄاڻ ۾ به اضافو ڪري سگهجي ٿو ته سندن ٻي پراثر ۽ معياري سکيا به ڪري سگهجي ٿي. اسان کي اهڙو ئي تاثر ”چنگجي“ جي عنوان واري نظم مان به ملي ٿو جنهن جا ٻه بند هيٺئين طرح آهن.
چائنا چــنــــگچي ٺاهي آهي،
سستو ٿي هـر هنڌ پهچائي.
چين جي هـيءَ ايجاد ڏسي،
پوءِ پـاڪــسـتان بڻائي آهي.
چنگچيءَ متعلق ان نظم ۾ ٻارن کي هن دور جي سستي سواري ۽ ان جي ايجاد ڪندڙ ملڪ چين بابت آگاهي ڏني وئي آهي ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هاڻي اسان جو ملڪ پاڪستان به اها سواري ٺاهي رهيو آهي. ان نوعيت جا نظم ٻار جي مزي واري گهرج ۽ ڄاڻ ۾ به اضافو ڪن ٿا.
پاڻيءَ جي اهميت ۽ انساني صحت لاءِ صاف سٿري پاڻي جي ضرورت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ استاد گل جو هي خوبصورت نظم ڏسو:
پِيــو پِيـــو اي ٻـــارو پـــاڻي،
اوٻـــاري ۽ ڇـــاڻـــي پــاڻـــي.
پاڻــي هر هنڌ پاڪ نه آهي،
ســارو پــاڻي صاف نه آهي.
هـــن ۾ هِــــن زهــريلا مادا،
بئڪٽيريـا اڇـــلايــــل کــاڌا.
پــــوءِ پئــيـــو ڀـل ٻارو پاڻي،
اوٻـــاري ۽ ڇــــــاڻي پـــاڻــــي.
اهڙا ٻيا به ڪيترا ئي نظم آهن جيڪي ٻار جي دلچسپي واري خيال سان گڏ سندن ڄاڻ ۾ اضافي جي مقصد لاءِ به لکيا ويا آهن، جن ۾ “آبي بخار”، “چقمق”، “ڪمپيوٽر”، “انٽرنيٽ”، “ٻوٽا”، “شاهه لطيف جو پڙهون رسالو”، ۽ “ڌرتي ۽ سج” وغيره قابل ذڪر آهن.
ٻيا نظم به اهڙا ته مزيدار ۽ ٻارن جي مزاح واري حس کي ڇهندڙ ثابت ٿيندا جو هو انهن کي زور سان پڙهي پڙهي نه رڳو پاڻ کي وندرائيندا پر پنهنجي آس پاس موجود ٻين ٻارن يا وڏن کي به انهن مان حض حاصل ڪرڻ جو موقعو ميسر ڪري ڏيندا. مثال طور ڪجهه نظمن مان چونڊيل هيٺ ڏنل بندن کي پڙهو:
بابا مون کي بيٽ وٺي ڏي،
ڪرڪيٽ واري هيٽ وٺي ڏي.

........
آئي آئي گرمي آئي،
ٻارن آهي ٺوڙهه ڪرائي.
ڪڻ چاچي کان ڪن مامي کان
حجم کان ڪن پاڪي گهمرائي

.............
نالو منهنجو مڇر خان
دنيا ۾ آهيان بدنام
جنهن تنهن کي مان چڪ ٿو پايان
ڪن ۾ رات جو راڳ ٻڌايان.

اهي مٿيان نظم ۽ اهڙا ئي ٻيا جهڙوڪ “ڪلفيءَ وارو ڪاڪو”، “اسڪائوٽ مان آهيان ٻارو”، ۽ “هو جمالو” وغيره ٻار جي مٿان اهڙي خوشگوار ڪيفيت طاري ٿيندي جيڪا سندس دماغي صلاحيتن جي واڌاري، تازگي ۽ خوشين ۾ اضافي جو سبب بڻجندي.
هن شعري مجموعي ۾ سڀني نظمن کان پهريان ڏنل حمد ۽ دعا وارا نظم به پنهنجي اندر ۾ اهڙو روحاني تاثر رکن ٿا جو انهن کي پڙهڻ سان دل باغ بهار ٿي وڃي ٿي.
مان اميد ڪريان ٿو ته استاد گل دايو ٻارن جي ادب جي ترقي واري ڏس ۾ پنهنجي هن ڪوشش کي اڳتي جاري رکندو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن کي سندس ٻيا به شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ميسر ٿيندا رهندا.

[b]پروفيسر مختيار سمون
[/b]ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
12-02-2020

پنهنجي پاران

مان ڪو شاعر يا اديب نه آهيان پر بنيادي طور تي مان ”ماستر“ آهيان. ها ايترو ضرور آهي جو مون هڪ سڄاڻ ماستر جي حيثيت ۾ جيڪو ڪجھ پرايو آهي ۽ گهڻو عرصو سنڌي ادبي سنگت ۾ رهڻ ڪري، اديبن ۽ شاعرن کان جو ڪجھ سکيو آهي. انهيءَ جو سادڙو اظهار منهنجون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون آهن. وري انهن سادين سودين لکڻين جي عڪس طور، ٻارڙن لاءِ شاعري تي مشتمل منهنجو پهريون ڪتاب “گيتَ گلڙن لاءِ” اوهان جي هٿن ۾ آهي. منهنجو هي ڪتاب ٻاراڻي ادب جو ڪو شهپارو نه پر يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ واري مثال جو هڪ ننڍڙو نمونو آهي. اميد ته ادب جي دنيا ۾ قبوليت حاصل ڪندو.
مون مٿي جيڪو پاڻ کي ”ماستر“ لکيو آهي، انهيءَ ماستر هئڻ تي مون کي فخر آهي ڇاڪاڻ ته موجوده دور ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ مدرس کي جيڪڏهن ”ماستر“ چئبو آهي ته هو تپي باھ ٿي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هنن کي هڪ ته انهيءَ لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم جي ڄاڻ ڪونهي ۽ ٻيو وري سماج جي اڌ پڙهيل ماڻهن، ماستر کي ناڪاره، ڪم چور ۽ گوسڙو ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن ڪري ذڪر ڪيل مدرس پاڻ کي ”ماستر“ چوائڻ کي برو محسوس ڪن ٿا.
منهنجا ڀاءُ ”ماستر“ لفظ ”مستر“ مان ورتل آهي ۽ ”مستر“ رازي جو هڪ وڏو هٿيار آهي، جنهن سان هو ڀتين، ڇتين ۽ بلاڪن جي سڌائي رکڻ جو ڪم ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ئي ”ماستر“ وري ”ٻارڙن جي دماغ“ کي علم جي ذريعي سنوت ۾ آڻيندو آهي. مون ٻارڙن لاءِ هي جيڪو پيار جو پورهيو ڪيو آهي، ڪوشش ڪري ان ۾ تفريحي عنصر شامل رکي ”ماستر“ واري انداز ۾ ٻار تائين ڄاڻ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. اميد ته منهنجي ننڍڙي ڪوشش کي ٻارن تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪندئو.

آسائتو

[b]استاد گل دايو
[/b]مينهل ڪالوني ايئر پورٽ روڊ لاڙڪاڻو.

شاعري

---

حمد

مُـــــنهنجــــــا مــــــٺڙا مــــــولا ســائين،
سَڀ جــــــي تــــــون ٿــو آس پُڄائين.
تـــون ئي آقــــــــــا، تـــــــون ئي داتــا،
تــــــون ئي سَڀ کي رزق رَســـائين.
ڪَک پَن ۾ تون، هِنَ هُن ۾ تــون،
تــون ئي ٻاجهه جا ڪَڪر وَســائين.
مـــــــــان ٿـــــو ننڍڙا هٿڙا جـــوڙيــان،
تنهنجي درِ ٿـــــــــو گـــــوڏا کـــوڙيان.
مــــــــالــــــڪ مـــــٺڙا علم عطا ڪر،
ننڍڙي وڏڙي مـــــعــــاف خـــطا ڪَرِ.
مــــــــولا ســـــائين همت ڏي تـــــــون،
جبلــــــــن جيـــــڏي طاقت ڏي تــــون.
سنڌ سڄيءَ جـــــي ڪـــــــــــر سَڻائي،
ڌرتـــــــي ٿئي جيئين ســـاري سائي.
مُـــــنـــهنجـــا مـــــٺڙا مـــــــولا ســائين،
سَڀ جــــــي تـــــون ٿــو آس پُڄـائين.

ٻار جي دُعا

ٻار جي دُعا

مــــــــــولا منهنجو عــــرض اگهــــاءِ،
ديـــس منهنجي تـــي مِينهن وســاءِ.
مِينهن وَسڻ سان ساوَڪ ٿيــندي،
ٿَـــــــر بَـــــــر ۾ خــوشحالي ايــندي.
ٿيندا لَنب، ليــــــــــــون ۽ گــــــــــاهه،
مـــــــــولا منهنجو عـــــــرض اگهـاءِ.
مينهڙو وسندو، ويــــڙهـــــا وَسنـدا،
ادڙا، ادڙيــــــــــون پــــــــاڻي پيئـندا،
بــــــــــرپــــٽ ۾ گـلزاري ٿيـــــــندي،
ڍور ڍڳـــــــا ســـــڀ چـــــارو چـــرندا،
بــــــادل گــــرجــي زور سـان وسندا،
تَـــــــل تَــــرايُــــون ســـڀ تَـــرِ ٿيندا.
وٺــــنداسين ســـــــڀ مٽـــــيءَ هُـــڳاءُ،
مـــــــــولا منهنجو عــــــرض اگهـــــاءِ،
وَسنـــــــدو مِينهن ته اَنُ به ٿيــــــندو،
چـــــــــــــــاڙهينداسيـــــــن ٻــــــوڙپُلاءُ،
مـــــــــــولا منهنجو عـــــــــرض اگهاءِ،
ديس منهنجي تــــــــــي مِينهن وساءِ.

ننڊ ڪراءِ

ننڊ ڪراءِ


مُصـــــــور مُنهنجو پـــــوٽــــو آهـي،
گهر ۾سڀ ڪو هن کي چـــاهي،
رات ٿئي ٿي مون کي چوي ٿو،
بـــــــــابـــــــــا ســــــــائين ننڊ ڪـــراءِ،
گهــــــــوڙي وارو بيـــــــــت ٻُـــــــڌاءِ.
بـــــــــابــــا پنهنجي ٻانهن سُمهاري،
ڀُــــــوري مينهن جـــو کير پيئاري،
ٿـــــــــڌڙا ڀــــــي مون کي ڪڍجانءِ،
بــــــــابـــــــــــــا ســــــائين ننڊ ڪــــراءِ،
گهــــــــــــوڙي وارو بيـــــــــت ٻُــــڌاءِ.

بــــــــابــــــا، سسئي ڀيـــڻ ٿي ماري،
ادي ســــــــــــــورٺ ٿــــــــي ڊيڄـاري،
چئـــــي ٿي رات جو ٻـــاهر ويندين،
ڪـــــــولـــــــر جــــو پــاڻي هاريندين،
رات جـــــــي مـــــاءُ تـوکي کائيندي،
اُن کـــــــان پنهنجو خيال ڪـــجانءِ،
بـــــــــابـــــــــا ســــــــائين ننڊ ڪـــراءِ،
گهــــــــوڙي وارو بيـــــــــت ٻُـــــــڌاءِ.
بابا مان جـــــــــــــڏهن وڏو ٿيندس،
رات جــــي ماءُ کي گولي هڻندس،
مـــــــــٺڙا بـــــــــابـــــــا هـــڪڙو ڀيرو،
ڏائـــــــــــــڻ ڏيکــــــــاري ڇـــــــڏجانءِ،
بـــــــــابـــــــــا ســــــــائين ننڊ ڪـــراءِ،
گهــــــــوڙي وارو بيـــــــــت ٻُـــــــڌاءِ.

ڪُتڙو

ڪُتڙو

مـــــــون وٽ نـــــنڍڙو ڪُتڙو آهـــــــي،
چَڪُ ڀي ڪنهن کي ڪِين ٿو پــائي.
نــــــــــــرم، نـــــــــــرم آ پشــــــم جهڙو،
اڇــــــــــي ڪــــــاري رنـــگ جو گهِرو.
مــــــــانـــــــي پاڻـــــي ڪِيـن گهُري ٿو،
تنگ ڀي ڪنهن کي ڪِين ڪري ٿو.
ڪاريون ڪاريون اکڙيون هن جون،
جــــــــــــن کــــــي ويٺو ٿـــــــو ٽمڪائي،
مـــــــون وٽ نـــــنڍڙو ڪُتڙو آهـــــــي،
چَڪُ ڀي ڪنهن کي ڪِين ٿو پــائي.
ٻــــــــــــــــــــارو، هــــــي رانديڪو آهـي.
سَــــچي پَــــچيءَ جــــــو جـــائــي ناهي،
بـــــــابــــــــا ڪــــراچيءَ مان هي تحفو،
خـــــــــــاص اســــــان لاءِ آنــــــــدو آهــي.
سَــــچي پَـــــچيءَ جــــي ڪُتڙي کــي،
جـــــــو ٻالــــــڪ ٿـــــو کـــاڌو کــارائي،
تنهن ٻــــــالـــــڪ تـــــي مالڪ سائين،
رحمــــــت جــــــــا ٿــــــو مينهن وَسائي.

شاهه لطيف جو پڙهون رسالو 

شــــــــــاهه لـــــــطيف اســــان جـو يارو،
پـــيـــارن ٻــــــــارن جـــــــو به آ ٻــــــارو.
امُـــــــــــن جـــــو جنهن پيغــــام ڏنـو آ،
ســــــــــــــــنڌيءَ ۾ قــــــــــــرآن ڏنــــــو آ،
هــــــــن جــــــــو رسـالو حَق جي وائي،
ٻـــــــارن ســــــنڌ سَــــــڄيءَ ۾ ڳــــــائي.
بيـــــت لـــــطيف جــا درس اســان لئه،
پـــــــڙهـــڻ آ جن کـي فرض اسان لئه.
دنــــــيا لاءِ هِــــــنِ پيـــــار جـــو نيـــاپو،
سُــــــــک، ســــــلامتي، جَــــڳَ جـياپو.
شاهه جي سُورمي سسئي، سـورٺ،
جن کي پڙهڻ سان وڌي ٿي همــــت.
شـــــــــاهه جـــــــي مارئي ٿـر جي ڄائي،
وطـــــــــن جــــــي جنهن آ حُـــــب ٻُـڌائي.
اچـــــــو ته ٻـــــارو ڪــريون ڪو چارو،
شــــــــــاهه لــــــطيف جو پڙهون رسالو،
شــــــــــاهه لـــــــطيف جو پڙهون رسالو.

ٻوٽا

ٻوٽا

ٻـــــــــوٽــــــا پنهنجا ســـــــاٿي آهــــن،
آڪــــســـيجن ٿـــــــا هِـــــي پهچائـن.
کـــــــــــاڌي لـــــــئه انسانـن سان گڏ،
جـــــــانور ڀـــي ٿــــا هنن کي چاهِن.
هــــــــي وڌي جـــــــڏهن وڻ ٿين ٿا،
ڀـــــــــاڄـــــيون ميـــوا جــامَ ڏين ٿا.
ٻـــــــــوٽــــــن جــــا ٻِجَ، پَـن ۽ ميوا،
دوا ٺــــــــــاهـــــڻ ۾ ڪـــم اچـن ٿا.
هوا مان گـــــــدلاڻ کــــي چــوسي،
صـــــاف ۽ تـــــازي هــــوا ڏين ٿا.
ٻـــــوٽا ٿــــڌڙي ڇــــانوَ به ڪـن ٿا،
واهـــــن جــــا هي ڪپر جهلين ٿـا.
ٻـــــوٽن مـــــان ته فـــروٽ ملي ٿو،
مــــــاکي کونئر ۽ جـوس ملي ٿو.
يــــــــاد رکـــــــــو اي پــيـــارا ٻــارو،
ابـــــــي امــــــڙ جــــي اکين جا تارؤ.
ٻـــــــوٽــــــن کــــي جو ڀاءُ ڪَٽي ٿو،
تنهن کــــــــان هــادي رب رُسي ٿو.

انٽرنيٽ

انٽرنيٽ

شاگرد: انٽـــرنيــــٽ ڇـــــــا آهــــي ســــــــــائيـــــن؟
ڇـــــــــــــو آهــــــي ۽ ڇــــــــاهي ســـائين؟
استاد: پُــــــٽ هـــــــي هـــــڪـــڙو ذريـــعو آهـي،
جيڪــــو ٿــــــــو دنيا ســـــــان مـلائـــــي.
هــــــن کـــــي مــــلائي ڪمپيوٽر سان،
جــــــــڏهــــن به ڪـــو ٿـــو بٽڻ دٻــــائـي،
ڪــــــمپيوٽـــــر جـــي اسڪـــــرين ٿــي،
طــــــرحين طـــــرحين ڄــــاڻ ٻُـــــڌائــــي.
هِـــــــــن جــــــــي ذريعــــــي دنيــا جــــــــــا،
انمول ڪــــتاب پڙهي سگهجــــن ٿــــا،
هـــــــــن جـــــــي مدد ســـــان دنيــــا جـــــا،
سڀ ملڪ ڏِسي پَســـــي سگهـــــــن ٿـا،
هِـــــــن جـــــي وسيلــــي قومــــن جـــون،
ٻـــــوليون ٿيون ٻُـــڌڻ ۾ ســـــڀ اچــن،
هِـــــــــنَ جـــــــي ذريعــــــي دنيــــــا ســان،
دوستيون به وڌائي ٿيون سگهجـــــن.
هـــــــــن کـــــي هــــلائڻ لاءِ اســــان کان،
ڪــــــاڪــــو وٺـــي ٿـو ٿورو ڪِرايــــو،
ٻـــــــــــــــــــــــارو انٽرنيــٽ هــــــــــــلايــــو،
پنـــــــــهنــــــجــــي مــــــعـلومـــات وڌايـــو.

ڪرڪيٽي ٿيندس

ڪرڪيٽي ٿيندس

بــــــابــــــا مــــون کـــــــي بيٽ وٺي ڏي،
ڪــرڪيٽ واري هيٽ وٺـــــــــــــي ڏي.
شــــــاهــد آفــــريـــدي مــــــــــــــان ٿيندس،
هــــــــــــر بــــالــر کي خــوب ڪُٽيندس.
هُـــــــڪُ، پُــــــلُ ۽ ڪَٽِ شاٽون کـيڏي،
بــــــــال کـــي بائونڊري پار ڌڪيندس.
ڇَــــــڪا، چــونڪا کوڙ هڻــــي مــــــان،
شـــــوقــــيـــنـن کـــــــــان دادُ به وٺـــندس.
سِلـــــــــپ ۾ ڪــــيپر سان گڏ بيهـــي،
ڏکيون ڏکيون ڪئچون پڪــڙيندس.
ڪيــــــــپٽن چـــــونــــدو گَليءَ ۾ بيهـو،
اُتــــــــــــڙي ڀـــــي هر شاٽ روڪيندس.
مئـــــــــــــچ ۾ گِگلي بــــــال ڪيــــرائي،
ٽِيـــــــــــم اڳيئن جـــــــــــا لاههَ پَٽيندس.
بـــــــــابــــــا مـان ڪـــــــرڪـيٽي ٿيندس.
بـــــــــابــــــا مــان ڪـــــــرڪـيٽي ٿيندس.
بـــــــــــــابــــــا مــــون کي بيٽ وٺي ڏي،
ڪــرڪيٽ واري هيٽ وٺــــــــــــي ڏي.

چنگچي

چنگچي

چـــــــــــائنا چنگچي ٺاهــــــــي آهـــــــــي،
سســـتـــــو ٿــــــــي هــــر هنڌ پهچائـــي.
چيـــــــــــن جــــي هـــيءَ ايجاد ڏِســــــي،
پــــــــــــــوءِ پاڪستان بڻائـــي آهــــــــي.
ٻـــــــــــــارو هــــــــيءَ عوامـــي گـــــــاڏي،
سڀ ڪنهن کي ٿي سُک رسـائـــــــي.
ٻــــــــــــارن کـــي اسڪول ڇڏي ٿــــي،
روڊ تـــــــــــــــــــي ڏاڍو تيز هلــــي ٿــي.
مـــــــــــــــــــــايون ڪاڪا سڀ چڙهن ٿا،
ٻـــــــــارَ به ڏاڍا مـــــــــــــزا وٺـــــــن ٿــــــــا.
شَهــــــر سڄـــــي ۾ چڪـــر هڻــي ٿي،
مــــــاڻهن کــــي هيءَ ٽَڪــــر هڻي ٿي.
وٺـــــــي ٿــــي سڀ کــــان فـل ڪرايو،
ٻارن سان ڪجهه رعايت ڪري ٿي.
ٻهــراڙين ڏانهن وڃـــــڻ لڳـــــــــــي آ،
ڳوٺ جون سواريون کڻڻ لڳـــــي آ.
اُتان جي ڪچڙن رستن تــــــي هيءَ،
ٻيـــــــڙيءَ وانـــــــگر ٿـــــي لـــوڏائـــي.
چـــــــــــائنا چنگچي ٺاهــــــــي آهـــــــي،
سســـتـــــو ٿــــــــي هــــر هنڌ پهچائـي.

پاڻي

پاڻي

پِيو پِيو اي ٻــــــــــــــــــــــــــــارو پاڻي،
اوٻـــــــــــــــــاري ۽ ڇـــــــــــــاڻي پـاڻي.
سمنڊ جـــــــــو پاڻــــــي کــارو آهـي،
نـــدين مـــــــــان ٿو واهه وهائــــــــي.
پـــــــــــاڻي هر هنڌ پاڪ نه آهــــــي،
ســــــــــــــــارو پــاڻي صاف نه آهي.
هِــــــــــــــنَ ۾ هِـــــــنِ زهريلا مــادا،
بئڪٽيريــــــــــا اُڇـــــــــــلايل کـاڌا.
گهـــــــرن جـــــو سارو گندو پاڻي،
ڦـــوڳ مليل جنهن ۾ انسانـــــي.
دريـــــــائن ۾ جڏهن پـــــوي ٿــــو،
انهن کي گندو خـوب ڪري ٿـو.
پيئڻ کان اڳ هن کي ٽهڪايو،
سنهڙي ڪــــــــــــــپڙي ۾ ڇـــاڻايو.
پـــــــــــــوءِ پِيئو ڀَــــــلِ ٻارو پاڻي،
اوٻــــــــــــاري ۽ ڇـــــــــاڻي پــــــاڻي.
پـــــــــاڻي پيئڻ جي ڪم اچي ٿو،
کـــــــــــاڌي، وهنجڻ لاءِ کپــــي ٿو.
هـــــــــــاري ٻَنين ۾ ٿو پهچائــــي،
هــــــــــــــن جـــــي وسيلي اَنُ اُپائي،
پـــــــــــاڻي سَڀَ لئه ساهه به آهــــي،
ٻـــــارو سنڌ سڄيءَ جو سمجهــو،
پــــــــــاڻيءَ منجِهه پَساههُ به آهـي.
هيءَ هلي ٿو سنڌو نديءَ مــــــان،
ڍنـــــــڍن، واهــــــن ۽ ڌرتيءَ مــــان.
هـــــــــاڻـــــي ڌاريا سنڌو نديءَ تي،
ڪــــــــــــــالا، ڀـــــــاشا ڊيـم ٿا ٺاهن،
ٻـــــــــــــارو سڀ هوشيار ٿِجو جــو،
هـــــــــــي ڀــــــــاڙيا ٿــا سنڌ سُڪائن.
جــــــــــــــــڏهن اوهــان کي سَڏُ ٿئي،
هـــر ســـــنــــڌي مــــــاڻـــهو گـڏ ٿئي،
پـــــــــوءِ اتڙي سڀ پهچــــي وڃجو،
۽ فلسطيني ٻـــــــــــارن وانـــــــــــگر،
کڻــــــــــــي گُليلـــــــي يــا ڪــــو پٿر،
پـــــــــــاڻيءَ جــــي ڌاڙيلن جو سڀ،
دُون ڀَڃــــــــــي ان ســـــــــان ڇڏجـــو.

وئڪيشن جو ڪم اُڪلايون

وئڪيشن جو ڪم اُڪلايون

اچو ته ٻارو فيئر بوڪ ٺاهيون،
وئڪيشن جو ڪـــــم اُڪــلايون.
انگريزيءَ جــــــــو بـــوڪ آ پورو،
ســـــــــائنس جـــو ٿم ٺهيل اڌورو،
سَڀُ بــــوڪ ٺاهــي فرض نڀايون،
اچــــو ته ٻارو فيئر بوڪ ٺاهيون،
وئڪيشن جـــو ڪــــــــم اُڪلايون.
هـــــــــــوم ورڪ آ پــــــــورو ڪرڻو،
نئين ســـــــــــــــــــــــــالِ آ نمبر کڻڻـو.
مـــــــحنت تـــــــــي اڄ زور لڳايـون.
اچو ته ٻارو فيئر بوڪ ٺاهيــــــون،
وئڪيشن جو ڪـــــم اُڪــــــلايون.
اي بـــــــــــي ســــــي ڊي ياد آ ڪرڻي،
رياضيءَ جي هـــڪ مشق آ سکڻي.
نئين ڪـــــــــــــلاس لاءِ تياري ٻارو،
هــــــــــاڻي کان ئي ڪرڻ ٿا چاهيون.
اچو ته ٻارو فيئر بوڪ ٺاهيــــــون،
وئڪيشن جو ڪـــــم اُڪــــــلايون.
ڪــــــــــم اُڪلائي پوءِ گهُمنداسين،
مــــــامــــــا جن جي ڳوٺ وينداسين،
رانديون رونديون وقت سان کيڏي،
دوستن ڏي ڀــــــي گهمڻ وينداسين،
انٽرنيٽ تـــــــــــــي ٿــــــــــورو ويهــي،
ڇـــــــــــــو نه ڀــــــــلا ڪــا ڄاڻ وڌايون.
اچو ته ٻارو فيئر بوڪ ٺاهيــــــون،
وئڪيشن جو ڪـــــم اُڪــــــلايون.

ڪمپيوٽر

ڪمپيوٽر

ڪــــمپيوٽر هـــــڪ مشين آهــــي،
سڀ ڪم جـــلـــدي ٿـــو اُڪـلائي.
هـــــــن جــــــا چار حصــا ٿيندا هِن،
ڪمپيوٽر جي چئن حصن مـان،
هڪڙو ٿو ”ڪي بورڊ“ سڏائـي.
ٻيو حصـــو ڪمپيوٽـــر جو ٿـو،
پاڻ کي ”سي پي يو“ چورائــي.
هن جو جيڪو ٽيـــــون حصو آ،
تنهن کـــي ”مــــــــانيٽر“ چئبو آ.
ڪـــــمپيوٽر جـــــو چوٿــو حصو،
سچ پچ ”مــــــائوس“ جهڙو آهي.
ســـــــي پـــــــي يو ۽ مـــــــــــــانيٽر،
پــــــــــــاڻمرادو ڪـــــــن ٿــــــا ڪم.
ڪندو آهي ڪي بورڊ سدائين،
مـــــــــليل ڊيٽــــا گــــــڏ گـڏ هر دم.
پــــــــــــــروگـــرام هـــــــــلائڻ خاطر،
مائوس سان سڀ ڪِلڪِ ٿا ڪن.
ڪِلڪِ ڪرڻ سان ڪمپيوٽر ٿو،
نئين نئين پيو ڄـــــــــــــاڻ ٻُڌائي.
هــيءَ بجليءَ جي مشين آهـــــــي،
جهٽ پَٽِ سڀ ڪم ٿو اُڪلائي.
ڪــــــمپيوٽــــــر ڪتاب لکــي ٿو،
بيمارين جو علاج ڏســـــــي ٿـــــو.
آفيسن، اسڪولــن ۾ هـــــــــــــــي،
لِکَ پَڙهَه جـا هي ڪم ڪري ٿو.
ٻَٽن ڪلاڪن جي ڪم کي هـي،
چــــــند گهڙيـن ۾ ٿـــــــو اُڪلائي.
ڪــــمپيوٽر هـــــڪ مشين آهــــي،
سڀ ڪم جلـــــدي ٿـــــو اُڪـلائي.

چقمق

چقمق

پـــيـــــــارا ٻــــــــــارو، عــــــــلــــــــــم پِرايون،
چقمق بـــــــــابت ڄــــــــــــــاڻ وڌايــــــــــــــون.
چقمق هـــــــڪ اهــــــڙو پُــــرزو آهــــــــــــي،
لوههَ نِڪل کــــــــي ڪشش ڪــــــــــندو آ،
هــــــــي جتڙي ڀـــي ٽنگيل هـــــــــــوندو آ،
طـــــــــــرفن جـــــــــــي پيو ڄـــــــاڻ ڏيندو آ،
هـــــــــــــي جنهن کي ڀي ڪشش ڪندو آ،
تنهن کــــــــــي چقمقـــــــــــي شئي چئبو آ.
ڪوڪا، ٽاچنيون، سُيون پِتل جـــــــــون،
سڀ جو سڀ هن ڏانهن ڇڪجن ٿيون.
ڪــــــــــتـــــــــاب، شيشو، پيـــــــن، پــٿــر،
هــــــــــــــن ذريعـــــــــي ڪـــــونه ٿا ڌِڪجن.
چقمق بــــــــــــــرقــــــــــي يــــــــــــا هـــٿــرادو،
انهن جا گــڻ ٿا گڏجـــــي ڳــــــــــايـــــــــــون.
پيارا ٻــــــــــــــارو، عــــــــلـــــم پِــــــــــرايون،
چقمق بــــــــــــابــــت ڄــــــــــــــــاڻ وڌايـــــون.

چيڪلو

چيڪلو

چيڪلو جيئن جيئن گول ڦري ٿو،
ٻـــــــــارن کـــــي تيئن مـزو اچي ٿو.
ڪـــــو گهوڙي تي ڪو هاٿيءَ تي،
ويٺــــــــــي ويٺــــــي ٽهڪ ڏئــــي ٿـو.
جيڪو ٻار جهازَ چڙهـــي ٿـــــــــــــو،
پاڻ کي پائليٽ هو سمجهي ٿــــــو.
چيڪلو جيئن جيئن گول ڦري ٿو،
ٻــــــــــــــــارن جـــــــــــــو آواز اچي ٿو.
ڪـــــــــــــاڪـــــــــــا ٿورو تيز ڦيرايو،
گهڻو اڃــــــــــــــــان ڀـــي مزو کارايو.
چيڪلو جا جڏهين چِيڪٽ ٿين ٿا،
ٻـــــــــــــــار ٻُـــــــڌي ڏاڍا ٽَهڪَ ڏين ٿا.
چيڪلو جيئن جيئن ڏئي ٿو ڦيرا،
ٻــــــــــــار کِلـــــي کِلــــــي ٿين ٿا کيرا.
چيڪلو جيئن جيئن بيهڻ لڳي ٿو،
ٻـــــــــــارن جـــــو مُنهن لهڻ لڳي ٿو.

ڳڻپ جو قاعدو

ڳڻپ جو قاعدو

هڪ ايڪو هِڪ،سبق ويهي لِــکُ.
ٻائيڪا ٻه، ڪم کان ڪانهـي نَنهن.
ٽي ايڪا ٽي، پينسل مون کي ڏي.
چار ايڪا چــــار، ٻيڙا ٿيندا پـــــــــار.
پنج ايڪـــــــــا پنج، الله ڏيندو گنج.
ڇهه ايڪا ڇهه، امـــــــــــان پــاتــا ڳَههَ.
ستَ ايڪا ست، واڻيم ويهي کـــٽ.
نَوَ ايڪا نَوَ، ڪـانـــــگ لاتــــــــي لَنوَ.
ٻُـــــــــــــــڙي ايڪـــو هڪ ڏهاڪو ڏهه،
ٿلهو ڪـــــــاڪــــــــو ڪــــري پيو ڦَهه.

چڍڙي

چڍڙي

آئــــــــــــــي آئـــــــــــــــي گـــرمــــي آئي،
ٻـــــــــــــــــــارن آ چـــــــــڍڙي سبرائـي.
چـــــــــــــــــــڍڙي پائي خوش ٿين ٿا،
ڊوڙون پــــــــــائي نچن ٽپن ٿـــــــــــا.
هيڏي ســـــــــــــاريءَ گـرميءَ ۾ اڄ،
چـــــــــــــــــڍڙي ٻـارن کي ڪم آئي.
آئــــــــــــــي آئـــــــــــــــي گـــرمــــي آئي،
ٻـــــــــــــــــــارن آ چـــــــــڍڙي سبرائـي.
ڪِن وٽ اي سي ڪن وٽ ڪولر،
ڪِن وٽ فرجون، ڪِن وٽ فريزر.
ڪِــــــــــــــن آ گــــــــــرمي مارڻ خاطر،
گهرن پنهنجن ۾ بـــــــــرف گهرائي.
آئــــــــــــــي آئـــــــــــــــي گـــرمــــي آئي،
ٻـــــــــــــــــــارن آ چـــــــــڍڙي سبرائـي.
شهر جـــــــــــــا ٻارڙا نلڪــن هيٺان،
چڍڙيون پــــــــائــــــــــي وهنجن ويٺا.
ڳــــــــــــوٺ جـي ٻارن گوڏيون پائي،
واههَ ۾ آهـــــــــــــي ٽُٻــــــي لڳائـــــي.
آئــــــــــــــي آئـــــــــــــــي گـــرمــــي آئي،
ٻـــــــــــــــــــارن آ چـــــــــڍڙي سبرائـي.

پورهيت ٻار

پورهيت ٻار

ٻار ٿا پورهيو ڪن ويچـــارا،
گهر جا حال ٿَنِ پورا ســــارا.
عُمر اٿن اسڪول وڃڻ جي،
عِلم، عقل اخلاق سکڻ جي.
بيراگيري هــــــــــي ڇــــا ڄاڻن،
مجبوريءَ ۾ چانهه ٿــــــا ڇاڻِن.
گهر جي چُلهه کي ٻارڻ خاطر،
ڪَمَ ٿا ڪـــــــــن مزدورن وارا.
ٻار ٿا پورهيو ڪــــــن ويچارا،
گهر جا حال ٿن پـورا ســـــــارا.
پورهيت ٻار بيمار رهــــــن ٿــا،
ڏاڍ سان جنسي شڪار ٿين ٿا.
هنن جي ڪو به نه دانهن ٻُڌي ٿو،
ڪــــــــــونه ڪـــوئي فرياد وٺي ٿو.
روئندي روئندي عمر ٿــا گهارن،
فوٽ پاٿـــن تـــــي رات گـــــــذارن.
ڪارخــــــــانن ۾ ڪم هي ڪن ٿا،
بَٺن تــــــــي بيٺا سِرون ڍوئـــن ٿا.
ڳڻتي انهيءَ ۾ ڳرندي ڳرنــدي،
ڀرن ٿا ٿــــڌڙا روز شوڪـــــــــارا،
ٻـــــار ٿا پورهيو ڪــــــن ويچارا،
گهر جـــــــا حــــــال ٿَنِ پورا سارا.

ڌرتي ۽ سج

ڌرتي ۽ سج

سائنس مان هـــــــــي ڄاڻ ملي ٿي،
ڌرتي سج جي گــــــــــول ڦري ٿي.
هن جي اهڙي ڦيري کــــــــان پوءِ،
دنيا ۾ ڏينهن رات ٿئي ٿـــــــــــي.
سج هڪ روشن تـــــارو آهـــــــــي،
سج سان ڌرتي روشن ٿئي ٿــي.
هن جي گرميءَ مان ڌرتيءَ کـي،
پَتي ڪروڙين مَس ملـــــــي ٿـــي.
سج جا نَوَ گــــرهه ٿيندا هِـــــــــــــن،
جن مـــــــــــــان هڪڙو آ ڌرتي ڀي.
سج ڌرتيءَ کان ڏيڍ سئو ملين،
ڪــــلـــوميٽرن کان پري آ ٻارو.
سج جي روشني سيڪنڊ اٺن ۾،
ڌرتيءَ تـــي پهچي ٿي يــــــــــــــارو،
ڌرتــــــــــي پنهنجي ماءُ آ پيارئــــو،
سڀ ڪنهن لئه آ جــــيءَ جــــــيارو.
انهيءَ ڪري ڌرتيءَ سان ٻـــــارو،
محبت پنهنجـــــي دل ۾ ڌاريــــــو.
محبت پنهنجـــــي دل ۾ ڌاريــــــو.

ڏونءَ جي کوڙي پڙهڻ جو جديد طريقو

ڏونءَ جي کوڙي پڙهڻ جو جديد طريقو

ايـــــــــــڪ ڏون ڏون،
سُستي نه ڪر تون.

ٻهِ ڏون چــــــــــــــــــــــــــــار،
وقت نه پنهنجو خــــــار.

ٽهِ ڏون ڇَــــــــــــــــــهه،
گهوڙي ڪــــيو گَههُ.

چـــــــــــــــــار ڏون اَٺَ،
کڻـــــــــــــــي اچ کــٽ.

پنـــــــــــــــــج ڏون ڏهه،
لاهيو پنهنجـــا نَنهن.

بوٽ، سوٽ ۽ ٽاءِ

بوٽ، سوٽ ۽ ٽاءِ

بــــابـــــــا مون کي بوٽ وٺي ڏي،
ڳـــــــــاڙهي ٽاءِ ۽ سوٽ وٺي ڏي.
مان ويندس اسڪـــــــول سڀاڻي،
ڪتاب ڪـــــــاپيون ڇاتيءَ تاڻي.
سيءَ آ ڏاڍو ڪـــــــوٽ وٺي ڏي،
بــــابـــا مون کي بوٽ وٺي ڏي،
ڳــــــاڙهي ٽاءِ ۽ سوٽ وٺي ڏي.
پنهنجي مٺڙي ٻولي پڙهندس،
انگريزي ۽ سائنس به سکندس.
گهر تــــوڙي اسڪول ۾ ويهي،
ڪمپيوٽر جـــــي ڄاڻ به وٺندس.
مانيٽر جــــــــــــــــــــي هلائڻ خاطر،
بس هڪڙو ريموٽ وٺـــــــي ڏي،
بــــابـــــــا مون کي بوٽ وٺي ڏي،
ڳـــــــــاڙهي ٽاءِ ۽ سوٽ وٺي ڏي.
رٻڙ، ســــــانچو، پينسل گهُرجي،
پڙهڻ لئه ڏاڍي محنت گُهرجــــي،
محنت لئه ٿي صحت گهُرجــــي.
صحت لاءِ فـــــــــروٽ وٺـــي ڏي،
بــــابـــــــا مون کي بوٽ وٺي ڏي،
ڳـــــــــاڙهي ٽاءِ ۽ سوٽ وٺي ڏي.
لُــــــــول ۽ پــــاپـــا ڪِين وڻن ٿا،
چِيگمَ پيٽ ۾ سُور وجهن ٿـــا.
کائڻ لئه اکـــــروٽ وٺـــــــــي ڏي،
بــــابـــــــا مون کي بوٽ وٺي ڏي،
ڳـــــــــاڙهي ٽاءِ ۽ سوٽ وٺي ڏي.

قلفيءَ وارو ڪاڪو

قلفيءَ وارو ڪاڪو

قلفــــــــــــيءَ وارو ڪــــاڪـــــــــو آيو،
ٻـــــارن گهَر ۾ شــــــــور مچايـــــــــــو.
بـــــــــــــابــــــــــــا مون کي روپيو ڏي،
امـان مــــونــــــکــــــــي روپيــــــو ڏي،
قلفــــــــــــــــي کير مــــــــلائيءَ واري،
ڀـــــــــــــــريل آهي پِستن سان ساري.
ٿـــــــــــــــڌڙي ٿـــــڌڙي مٺڙي مٺڙي،
ڪــــــــــــــاڪــــــــي تازي آهي ٺاهي.
ٻـــــــــــــــارو جلـــــــدي جلــــــــدي اچو،
ٿـــڌڙي مٺڙي قلفــــــــي وٺــــــــــــــــو.
ٻارن جو وري هــــــــــوڪـــــــو ٻُڌو،
خـــــــــرچيءَ لاءِ وٺـــــــي زور ڀريو.
هنن جـــــــــــــــــي اهڙي تڪڙ ڏِسي،
ڪنهن کي ماءُ ۽ ڪنهن کي پيءُ،
روپيو روپيــــــــو آ ڌار ڏنـــــــــــــــــــو.
جنهن مــــــــــــــــان ٻارن قلفي آندي،
مــــــــزي مــــــزي ســان ويهي کاڌي.

ٻارن لاءِ انعام

ٻارن لاءِ انعام

ڀائو مان هڪ ماستر آهيــــــان،
ٻارن کي ٿو روز پڙهايـــــــــان.
هنن سان ڏاڍو پيار ڪيان ٿو،
سڀ کــــي ڏاڍو مــانُ ڏيان ٿــو.
ٻار ڀي منهنجي عزت ڪن ٿا،
دلچسپيءَ سان سڀ پڙهن ٿــا.
هي اسڪول اچڻ کان اڳ ۾،
مـــــــــــــــاءُ پيءُ کان دعا وٺن ٿا.
وقت تي هي هر روز اچن ٿا،
ننڍن وڏن جــــي عزت ڪن ٿا.
ننڍڙا تـــــــــــــوڙي وڏڙا سڀئي،
ڀيڻ ۽ ڀاءُ ســـان پيار ونڊين ٿا.
جڏهن جڏهن امتحان ٿئي ٿــو،
تڏهن تڏهن انعام کڻن ٿـــــــــــا.
انهيءَ ڪري آءٌ ٻارن لاءِ ٿــــــو،
گيتَ گلڙن لاءِ پـــيـــو ٺاهيــــــان.
ڀائو مان هڪ ماستر آهيــــــــان،
ٻارن کي ٿو روز پڙهــايـــــــــــان.

ٺوڙها ٻار

ٺوڙها ٻار

آئــــــــــــي آئــــــــــــــي گرمي آئــــي،
ٻـــــــــــــــــــارن آهي ٺوڙهه ڪرائي.
ڪِن چاچي کان ڪِن مامي کـان،
حجم کان ڪِن پاڪِي گُهمرائي.
ٻـــــــــــــــارن جـا ڏِسُ وارَ لَهي وِيا،
سَڀ جا سَڀ ڏِسُ ٺوڙها ٿي ويا.
ٺـــــــــــــــوڙهـــــــــــا ٻارَ وڻن ٿا ڏاڍا،
مُـرڪي ڳولِن وار ٿـــــــــــــا پنهنجا.
ٺــــــــــوڙهه کـــــــي آيـــــا تيل لڳائي.
پنهنجي ٺوڙهه کي سڀ چمڪائي.
اهــــــــــــــــو ڏِســي ٿو ٽَهڪي بيٺو،
ڀــــــــــــــــاڄيءَ وارو نـــــــورو ڀائي.
آئــــــــــــي آئــــــــــــــي گرمي آئــــي،
ٻـــــــــــــــــــارن آهي ٺوڙهه ڪرائي.

ڇَنَنَن ڇَنِ، ڇَنَنَن ڇَنِ

ڇَنَنَن ڇَنِ، ڇَنَنَن ڇَنِ

بـــــــــــلب آ ٺــــــــــــــاهيو ايڊيسن،
ڇَـــنَــــــــنَـــــن ڇَــــــنِ، ڇَنَنَن ڇَــنِ،

هن کان اڳ ۾ هڪ رولو هو،
گهرن ۾ اوندهه جو اولو هـــو،
بلب ٺھڻ سان آ ٿــي ويــــــــــــو،
جڳ سارو روشـــــــــن روشـــن،
ڇَـــنَــــــــنَـــــن ڇَــــــنِ، ڇَنَنَن ڇَــنِ،

بَتين تــــــي ٻارَ اڳي پڙهندا ها،
سُٺــــــــــا سُٺــــــــا نمبر کڻندا ها،
اچو ته ٻــارَ پڙهي بَلبَنِ تـــــــــــي،
کڻون ڪا پهرين پــــــــــوزيشن،
ڇَـــنَــــــــنَـــــن ڇَــــــنِ، ڇَنَنَن ڇَــنِ،

بلب کان وڌ ٽيوب لائٽ به آهي،
رات کي جيڪا ڏينهن بڻـــــائي،
لائيٽ ۽ بلبن جي جڳ مڳ ۾،
ٻــــــــــــــــــارو کيڏي ڪيو جَشنُ،
ڇَـــنَــــــــنَـــــن ڇَــــــنِ، ڇَنَنَن ڇَــنِ،
بلب ٿا سِجَ چَنڊَ کي شرمــائن،
سڀ ماڻهو ٿا هِنن کي چــــاهِن،
گلڙن جهڙا بلب ٺهي ويــــــــــــا،
جــــــــــــن کي ٻار ڏسي مُرڪن،
ڇَـــنَــــــــنَـــــن ڇَــــــنِ، ڇَنَنَن ڇَــنِ.

اسڪائوٽ مان آهيان ٻارو!

اسڪائوٽ مان آهيان ٻارو!

اســـــــڪــــــــائوٽ مان آهيان ٻارو!
سڀ ڪنهن کي ٿو چاهيان ٻارو!
مـــــــــلڪ مـــــــذهب کان بالاتر ٿـي،
رنــــــــــــگ نسل کان اعليٰ تر ٿي،
شاهه لطيف جي سِٽَ بڻجي مــان،
تَتيءَ ٿَڌيءَ ٿــــــــــــو ڪاهيان ٻارو!
اســـــــڪــــــــائوٽ مان آهيان ٻارو!
سڀ ڪنهن کي ٿو چاهيان ٻارو!
اسڪــــــــــارف آ سڃــاڻ اسان جي،
بيج ٻُڌائـــــــــــــــن ڄـــــاڻ اسان جي،
شولڊرن واري خـــــــــاڪــي وردي،
دنيا ۾ سڃاڻ اســـــــــــــان جـــــــــــي،
ٽِن آڱرين سان ڪـــري سلام ٿو،
واعــــــــــــدو يــــــــــاد ڏياريان ٻارو!
اســـــــڪــــــــائوٽ مان آهيان ٻارو!
سڀ ڪنهن کي ٿو چاهيان ٻارو!
اســڪائوٽ بڻجي عزت ملي ٿي،
حــوصلي سان گڏ همت وڌي ٿي،
آئــــــــــوٽنگ وقت رهي ڪئپمن ۾،
نظم ۽ ضبط سان تربيت ٿئي ٿي،
اسڪائوٽنگ مان جو سِکيا وٺي ٿو،
ســـــڀ جــــــــــــي همت وڌايـــــان ٻارو!
اســـــــڪــــــــائوٽ مـــــــــان آهيان ٻارو!
سڀ ڪنهن کي ٿو چاهيان ٻـــــــــارو!
عـــلـــــــــم سـان منهنجي محبت آهي،
هُنر ســــــــــــــــــــان ڏاڍي چـــــاهت آهي،
انهيءَ ڪـري ٿو ڪَکن پَنن مـــــــــــان،
مــــــــــــــــاڊل ويٺو ٺـــــــــــاهيان ٻـــــارو!
اســـــــڪــــــــائوٽ مـــــــــان آهيان ٻارو!
سڀ ڪنهن کي ٿو چاهيان ٻـــــــــارو!
انسانيت ســـــــــــــــــــان پيار آ مُنهنجو،
خدمت ڪرڻ ۾ شــــــــــــــان آ مُنهنجو،
دنيا مـــــــــان ڏُک سُور ڀَڄائــــــــــــــــي،
هـــــــــــــــــــــــرهنڌ امن ٿو چاهيان ٻارو!
اســـــــڪــــــــائوٽ مـــــــــان آهيان ٻارو!
سڀ ڪنهن کي ٿو چاهيان ٻـــــــــارو!

مڇر خان جي لَٻاڙَ

مڇر خان جي لَٻاڙَ

نــــــــــــــــالــــــــــــــو منهنجو مڇر خان،
دنيا ۾ آهيان بــــــــــــــــــــدنـــــــــــــــــام.
جنهن تنهن کي مان چَڪُ ٿو پايان،
ڪَــــــــــــــنَ ۾ رات جو راڳُ ٻُڌايان،
راڳُ ٻُــــــــــــــڌائي جُهمريون پــــايان،
ڪيو اٿم سڀ کــــــــي پريشـــــــــــــان.
نــــــــــــــــالــــــــــــــو منهنجو مڇر خان،
دنيا ۾ آهيان بــــــــــــــــــــدنـــــــــــــــــام.
چَڪَ منهنجي کــــــــــان سڀ ڊڄَنِ ٿا،
پَڪا ۽ پوڙهـــــــــا دُور ڀڄن ٿـــــــــــــــا،
وڏا چَڪِڻَ جـــــــــــــــو وَجُهه نٿا ڏيـن،
ٻارَ ته آهــن خـــــــــــــــاص نشـــــــــــــــان.
نــــــــــــــــالــــــــــــــو منهنجو مڇر خان،
دنيا ۾ آهيان بــــــــــــــــــــدنـــــــــــــــــام.
مـــــــــــــليريا جـــــــــــي آهيان بيماري،
بڻجان ٿو جنهن تنهن لاءِ خــــواري،
مون کي ڏسي سڀ ايئن چـــون ٿا،
تــــــــــــــــــوبهه زاري الا امــــــــــــــــــــان.
نــــــــــــــــالــــــــــــــو منهنجو مڇر خان،
دنيا ۾ آهيان بــــــــــــــــــــدنـــــــــــــــــام.
مـــــــــاري مون سان ڪيو ٿا تعدي،
مــــــان به ڪيان ٿو سڀ سان ڏاڍي،
ڪيئن ڪيان ۽ ڪاڏي وڃان جو،
آهيــــــــــان ننڍڙو ۽ نـــــــــــــــــــــادان،
نــــــــــــــــالــــــــــــــو منهنجو مڇر خان،
دنيا ۾ آهيان بــــــــــــــــــــدنـــــــــــــــــام.
ٻــــــــــــــــــــارو مـــون ڏي ڪَنُ ڪيو،
غـــــــــــور سان ”گل“ جي ڳالهه ٻُڌو،
کَــــــــــــڏن کُٻن تــــــــي چُونو هاريو،
گهرن پنهنجن ۾ مَيٽِ کي ٻاريو،
صاف رکو گهٽين ۽ گهر کــــــــي،
ڇُٽي پوي مڇر مـــــــــــــــان جـــــانِ،
نــــــــــــــــالــــــــــــــو منهنجو مڇر خان،
دنيا ۾ آهيان بــــــــــــــــــــدنـــــــــــــــــام.

سهرا ڳايون

سهرا ڳايون

ڳــــــايو ڳــــــــــايو سَهرا ڳـــــــايو،
ڀينر گڏجي جُهمريون پايــــــــو،
ڀــــــائوءَ جي اڄ شادي آهـــــــي،
دُهــــل ۽ تاڙيون تيز وڄايــــــو،
ماما گهوٽ کي ڳانو ٻَڌنـــــدو،
مُنهن تي سُهڻا موڙ به رکندو،
شام جو گهر ۾ ٻُڪي ٿيندي،
مـــــاسي چاچي ڏيبُ به ڏيندي،
جــــــلدي جلدي ميڪپ ڪريو،
چِلڪــــــــي وارا ڪپڙا پــــــايو،
ڳــــــايو ڳــــــــــايو سَهرا ڳـــــــايو،
ڀينر گڏجي جُهمريون پايــــــــو،
بَسِ تـــــــي ڄڃ وٺي هلنداسين،
اُتڙي ڀــــــــــي سهرا چونداسين،
ڪنواريتن جـــــي گهر ۾ پُهچي،
شاديءَ رسمون خوب ڪنداسين،
وار به پنهنجــــــا سيـــــــــــٽ ڪيو،
۽ رنگ برنگي چوڙيون پـايـــــو،
ڳــــــايو ڳــــــــــايو سَهرا ڳـــــــايو،
ڀينر گڏجي جُهمريون پايــــــــو،
ڪُنوار اسان جي گهر ۾ ايندي،
ڏاڍي بـــــــــــــــاغ بهــــاري ٿيندي،
اوڙي پاڙي واريــــــــون اينديون،
ڪُنوار کي سڀئي مُوڙو ڏينديون،
گهوٽ ۽ ڪُنوار جي ويهڻ خاطر،
سُهڻي سُهڻي سيج وڇـــــــــــــايــــو،
ڳـــــــــــايو ڳـــــــــــايو سَهرا ڳـــــــايو،
ڀينر گــــــــڏجي جُهمريون پايــــــــو.

موبائل

موبائل

مـــــــــــــوبائل تي مئسيج آيــــــو،
ٻــــــــارو، پنهنجو وقت بچايـــــو.
گذريل وقت نه مـــــــوٽي ايندو،
هــــــــــن جو هـــــر پل آ سرمايـو.
خوب پڙهو ۽ خوب لکو سڀ،
ڄاڻ پنهنجيءَ کي روز وڌايــو.
موبائل رِنگ ٽون وڄــــايــــــــو،
بابا مون سان هــــو ڳالهايـــــــــو.
پُٽڙا مان ڀٽ شـــــــاهه ۾ آهيان،
ڀٽ ڌڻيءَ جي ســامهون بيهي،
ڌڻيءَ اڳيان پيو ٿــــــــو ٻاڏايان.
سنڌ سڄي آبـــــــاد رهـــــــــــــــي،
۽ گهرڙو پنهنجو شـــــاد رهي.
سومر تي گهر مــوٽي ايندس،
تــــوکي هڪڙو تـــحفو ڏيندس.
تحفو تنهنجي ڀيڻ ڏسي پــــوءِ
چــوندي واهه واهه ڳايو ڳايــــو،
مـــــــــــــوبائل تي مئسيج آيــــــو،
ٻــــــــارو، پنهنجو وقت بچايـــــو.

هو جمالو

هو جمالو

اسين سنڌي ٻـــــــــارڙا سنڌ جا، هو جمالو،
اسان کــــــــــــي پڙهڻ تي ناز آ، هو جمالو،
پنهنجي ٻـــــــــولي ڀي ممتاز آ، هو جمالو،
اسان جو شــــــــان ڀريو انداز آ، هو جمالو،
منهنجو جمـــــــــــالو ڪتاب ۾، هو جمالو،
اسان کي ڪتابن سان پيار لا، هو جمالو،
آهيون سنڌڙيءَ جو سينگار لا، هو جمالو،
اسين سنڌ جا هون معمار لا، هـــــو جمالو،
منهنجو جمالو ڪتاب ۾، هــــــــــــــو جمالو،
اسان وٽ دنبورو هڪ ساز آ، هو جمالو،
شـاهه لطيف جي هيءَ ايجاد آ، هو جمالو،
سـنـڌي ٽوپي پنهنجو شان آ، هــو جمالو،
سُهـڻو اجرڪ آهي سڃاڻ لا، هـــو جمالو،
مُهيـن جو دڙو ڀي پهچان آ، هــو جمالو،
منهــنجو جمالو ڪتاب ۾، هــــــو جمالو،
منهنجو جمالو جهاز ۾، هـــــــــــو جمالو،
هـــــــــــو جــمالــــــــو واهه واهه جمالـــــــــو،
هـــــــــــــــو جــمالــــــــــــو واهه واهه جمالـو.

مشڪرن جي ٽيم

مشڪرن جي ٽيم


کِلو کِلو سڀ جائي پائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي.

سِرون رکي ٿا اسٽم ٺاهن،
سوٽيءَ کي ٿا بيٽ بڻائن،
رٻڙائي ٿا بال هلائن،
مئچ ۾ کائن ڀڳڙا لائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي.

سُٿڻ مٿان ٿَنَ شرٽون پاتل،
بوٽ گهڻن جا آهن ڦاٽل،
وارَ اٿن برگر جيئن ڪاٽيل،
راند اچينِ ٿي ڪونه ڪا ڪائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي.

پاڻ کي هي اسٽار ٿا ڀانئن،
بابر، شعيب ۽ عامر سڏائن،
ڪو ٿو لڳي آفريدي ڄائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي.

پاڻُ ملهايون

پاڻُ ملهايون

اچو ته ڪرڪيٽ ٽيم بڻايون،
سڀني ساٿين کي کيڏايون.

ماجد ٽيم جو ڪيپٽن ٿيندو،
اسٽم بئٽ ۽ بال آڻيندو،
اصغر مئچ ٻڌي جڏهن ايندو،
مالڪُ سائين ڪندو سڻايون.
اچو ته ڪرڪيٽ ٽيم بڻايون،
سڀني ساٿين کي کيڏايون.

ٽاس کٽي واري وٺنداسين،
ڇڪن تي ڇڪا هڻنداسين،
سنگل، ڊبل ۽ چونڪا ٺاهي،
ڏيڍ سئو کن اسڪور ڪنداسين،
مقرر اٺ اوورَ سڀ کيڏي،
ڇو نه ڀلا پوءِ دلِ بهلايون.
اچو ته ڪرڪيٽ ٽيم بڻايون،
سڀني ساٿين کي کيڏايون.

فيلڊنگ جڏهن اسان جي ٿيندي،
ٽيم مخالف کيڏڻ ايندي،
فاسٽ کان فاسٽ سڀ بالَ هلائي،
ٽيم سڄيءَ کي آئوٽ ڪنداسين،
مئچ کٽي، سهڻو کيڏي،
ڇو نه ڀلا پوءِ پاڻ ملهايون.
اچو ته ڪرڪيٽ ٽيم بڻايون،
سڀني ساٿين کي کيڏايون.

اچ، اچ منهنجا ننڍڙا ڀا

اچ، اچ منهنجا ننڍڙا ڀا


ڪانوَ ادا تون اوري آءُ،
اچ، اچ منهنجا ننڍڙا ڀاءُ.

شايد توکي بک لڳي آ،
مون ڀي ماني ڪونه کاڌي آ،
امڙ ڏنو آ سُڪو لولو،
اچ اچ گڏجي مونسان کاءُ.
ڪانوَ ادا تون اوري آءُ،
اچ، اچ منهنجا ننڍڙا ڀاءُ.

بابا ڪالهه کان ڪم تي ويو آ،
ڀت جو ديڳڙو دم تي پيو آ،
امڙ چوي ٿي بابنهن ايندو،
ڳڙ مٺائي جامُ آڻيندو،
ٻرڪي ڀت تي کائينداسين،
ڪونهي مون وٽ ٻوڙُ پلاءُ.
ڪانوَ ادا تون اوري آءُ،
اچ، اچ منهنجا ننڍڙا ڀاءُ.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/3pWZ3Yk.jpg[/img]