ٻاراڻو ادب
گيت گُلڙن لاءِ
استاد گل دايو ھڪ املھ ڪردار آهي. جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ گذاريو آهي. ”گيتَ گلڙن لاءِ“ ۾ موجود هر نظم ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ سکيا لاءِ سمورو سامان سانڍيل آهي. ٻار هنن نظمن کي پڙهي ۽ ٻڌي خوش ۽ گد گد بہ ٿيندا تہ وري انهن نظمن ۾ سمايل پيغام تي عمل ڪري شائستگي، اخلاق جي بلندي ۽ علم جي واڌاري واري راهہ تي بہ گامزن ٿيندا. هن ڪتاب جي هر نظم ۾ پنھنجو مخصوص مزو ۽ لطف موجود آهي جيڪو ٻارن کي گهڻو پسند ايندو.
- 5.0/5.0
- 738
- 229
- 3 سال اڳ
- 0
![Title Cover of book گيت گُلڙن لاءِ](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/paryal_dayo.jpg)
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گيت گُلڙن لاءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ٻارڙن لاءِ لکيل شاعريءَ جي ھن ڪتاب جو تخليقڪار استاد گُل دايو آھي.استاد گل دايو ھڪ املھ ڪردار آهي. جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ گذاريو آهي. ”گيتَ گلڙن لاءِ“ ۾ موجود هر نظم ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ سکيا لاءِ سمورو سامان سانڍيل آهي. ٻار هنن نظمن کي پڙهي ۽ ٻڌي خوش ۽ گد گد بہ ٿيندا تہ وري انهن نظمن ۾ سمايل پيغام تي عمل ڪري شائستگي، اخلاق جي بلندي ۽ علم جي واڌاري واري راهہ تي بہ گامزن ٿيندا. هن ڪتاب جي هر نظم ۾ پنھنجو مخصوص مزو ۽ لطف موجود آهي جيڪو ٻارن کي گهڻو پسند ايندو.
هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون پياري عيسيٰ ميمڻ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ استاد گل دايو
- ڇپيو ويو 2020
- ڇپائيندڙ سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 30/May/2020
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 229 ڀيرا