ٻاراڻو ادب

گيت گُلڙن لاءِ

استاد گل دايو ھڪ املھ ڪردار آهي. جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ گذاريو آهي. ”گيتَ گلڙن لاءِ“ ۾ موجود هر نظم ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ سکيا لاءِ سمورو سامان سانڍيل آهي. ٻار هنن نظمن کي پڙهي ۽ ٻڌي خوش ۽ گد گد بہ ٿيندا تہ وري انهن نظمن ۾ سمايل پيغام تي عمل ڪري شائستگي، اخلاق جي بلندي ۽ علم جي واڌاري واري راهہ تي بہ گامزن ٿيندا. هن ڪتاب جي هر نظم ۾ پنھنجو مخصوص مزو ۽ لطف موجود آهي جيڪو ٻارن کي گهڻو پسند ايندو.
Title Cover of book گيت گُلڙن لاءِ

پنهنجي پاران

مان ڪو شاعر يا اديب نه آهيان پر بنيادي طور تي مان ”ماستر“ آهيان. ها ايترو ضرور آهي جو مون هڪ سڄاڻ ماستر جي حيثيت ۾ جيڪو ڪجھ پرايو آهي ۽ گهڻو عرصو سنڌي ادبي سنگت ۾ رهڻ ڪري، اديبن ۽ شاعرن کان جو ڪجھ سکيو آهي. انهيءَ جو سادڙو اظهار منهنجون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون آهن. وري انهن سادين سودين لکڻين جي عڪس طور، ٻارڙن لاءِ شاعري تي مشتمل منهنجو پهريون ڪتاب “گيتَ گلڙن لاءِ” اوهان جي هٿن ۾ آهي. منهنجو هي ڪتاب ٻاراڻي ادب جو ڪو شهپارو نه پر يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ واري مثال جو هڪ ننڍڙو نمونو آهي. اميد ته ادب جي دنيا ۾ قبوليت حاصل ڪندو.
مون مٿي جيڪو پاڻ کي ”ماستر“ لکيو آهي، انهيءَ ماستر هئڻ تي مون کي فخر آهي ڇاڪاڻ ته موجوده دور ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ مدرس کي جيڪڏهن ”ماستر“ چئبو آهي ته هو تپي باھ ٿي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هنن کي هڪ ته انهيءَ لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم جي ڄاڻ ڪونهي ۽ ٻيو وري سماج جي اڌ پڙهيل ماڻهن، ماستر کي ناڪاره، ڪم چور ۽ گوسڙو ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن ڪري ذڪر ڪيل مدرس پاڻ کي ”ماستر“ چوائڻ کي برو محسوس ڪن ٿا.
منهنجا ڀاءُ ”ماستر“ لفظ ”مستر“ مان ورتل آهي ۽ ”مستر“ رازي جو هڪ وڏو هٿيار آهي، جنهن سان هو ڀتين، ڇتين ۽ بلاڪن جي سڌائي رکڻ جو ڪم ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ئي ”ماستر“ وري ”ٻارڙن جي دماغ“ کي علم جي ذريعي سنوت ۾ آڻيندو آهي. مون ٻارڙن لاءِ هي جيڪو پيار جو پورهيو ڪيو آهي، ڪوشش ڪري ان ۾ تفريحي عنصر شامل رکي ”ماستر“ واري انداز ۾ ٻار تائين ڄاڻ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. اميد ته منهنجي ننڍڙي ڪوشش کي ٻارن تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪندئو.

آسائتو

[b]استاد گل دايو
[/b]مينهل ڪالوني ايئر پورٽ روڊ لاڙڪاڻو.