ٻاراڻو ادب

گيت گُلڙن لاءِ

استاد گل دايو ھڪ املھ ڪردار آهي. جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ گذاريو آهي. ”گيتَ گلڙن لاءِ“ ۾ موجود هر نظم ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ سکيا لاءِ سمورو سامان سانڍيل آهي. ٻار هنن نظمن کي پڙهي ۽ ٻڌي خوش ۽ گد گد بہ ٿيندا تہ وري انهن نظمن ۾ سمايل پيغام تي عمل ڪري شائستگي، اخلاق جي بلندي ۽ علم جي واڌاري واري راهہ تي بہ گامزن ٿيندا. هن ڪتاب جي هر نظم ۾ پنھنجو مخصوص مزو ۽ لطف موجود آهي جيڪو ٻارن کي گهڻو پسند ايندو.
Title Cover of book گيت گُلڙن لاءِ

مشڪرن جي ٽيم

مشڪرن جي ٽيم


کِلو کِلو سڀ جائي پائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي.

سِرون رکي ٿا اسٽم ٺاهن،
سوٽيءَ کي ٿا بيٽ بڻائن،
رٻڙائي ٿا بال هلائن،
مئچ ۾ کائن ڀڳڙا لائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي.

سُٿڻ مٿان ٿَنَ شرٽون پاتل،
بوٽ گهڻن جا آهن ڦاٽل،
وارَ اٿن برگر جيئن ڪاٽيل،
راند اچينِ ٿي ڪونه ڪا ڪائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي.

پاڻ کي هي اسٽار ٿا ڀانئن،
بابر، شعيب ۽ عامر سڏائن،
ڪو ٿو لڳي آفريدي ڄائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي،
مشڪرن آهي ٽيم بڻائي.