ٻاراڻو ادب

گيت گُلڙن لاءِ

استاد گل دايو ھڪ املھ ڪردار آهي. جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ گذاريو آهي. ”گيتَ گلڙن لاءِ“ ۾ موجود هر نظم ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ سکيا لاءِ سمورو سامان سانڍيل آهي. ٻار هنن نظمن کي پڙهي ۽ ٻڌي خوش ۽ گد گد بہ ٿيندا تہ وري انهن نظمن ۾ سمايل پيغام تي عمل ڪري شائستگي، اخلاق جي بلندي ۽ علم جي واڌاري واري راهہ تي بہ گامزن ٿيندا. هن ڪتاب جي هر نظم ۾ پنھنجو مخصوص مزو ۽ لطف موجود آهي جيڪو ٻارن کي گهڻو پسند ايندو.
Title Cover of book گيت گُلڙن لاءِ

اداري پاران

رابندر ناٿ ٽئگور لکيو هو ته ”جيستائين هن ڌرتيءَ تي ٻار پيدا ٿين ٿا تيستائين اهو سمجهڻ گهرجي ته خدا اڃان انسان مان مايوس نه ٿيو آهي”. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته ٻار هن ڪائنات جي سونهن ۽ مستقبل جي ضمانت آهن. هر سماج ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو سلسلو ان جي پيدا ٿيڻ سان ئي شروع ٿي ويندو آهي. ٻارن جي پرورش ڪرڻ بي حد ڪٺن ڪم به آهي. اسان جي سماج ۾ ٻارن جي تربيت پهرين ماءُ جي گود ۾ ٿئي ٿي، ان کان پوءِ گهر، پاڙو، شهر ۽ اسڪول ئي تربيت جا وڏا گهر آهن. جيتري ٻارن جي تربيت بهتر ٿيندي سماج جي ترقي به اوتري ئي بهتر ۽ تيزي سان ٿيندي. ٻارن لاءِ لکيل ادب جو بنيادي ڪارج به ٻارن جي نشونما ڪرڻ ئي آهي. سنڌي ادب ان ڏس ۾ ماضيءَ جي هڪ تاريخ رکي ٿو.
موجوده وقت ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي ڊوڙ ۾ ٻارن جي تربيت جا بنيادي ادارا خود زوال جو شڪار آهن پر اڃان ڪي “ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي” آهن جيڪي ٻارن جي تربيت ۽ ان جي نشونما لاءِ ٻارن لاءِ اڄ به لکي رهيا آهن استاد گل دايو اهڙو ئي املھ ڪردار آهي. جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ گذاريو آهي. استاد گل دايي هڪ استاد کان وٺي هڪ اديب ۽ شاعر تائين، هڪ ادبي ورڪر کان وٺي سماجي خدمتن تائين جيڪو نور نچويو آهي. اهو خود هڪ الڳ تاريخ آهي. جيترو استاد گل دايي جيڪي خدمتن ڪيون آهن. ان کي اڃان اوتري مڃتا نه ملي سگهي آهي. پر يقينن تاريخ استاد گل جي پورهيي کي ڪڏهن به ضايع ٿيڻ نه ڏيندي. سندس هي ڪتاب “گيتَ گلڙن لاءِ” استاد گل کي محبتن جي هڪ ڀيٽا آهي. سندس هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ پاران شايع ڪرائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. اميد ته اوهان طرفان مثبت موٽ ملندي.


[b]عيسيٰ ميمڻ
[/b]چيئرمين
سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري.