مهاڳ: ٻارن جو روح ريجهائيندڙ شاعري
استاد گل 1974ع ۾ قلم ۽ قرطاس ساڻ ڪري ادبي دنيا ۾ تڏهن داخل ٿيو هيو جڏهن پاڻ به اڃا چوڏهن سالن جو ٻار ئي هيو ۽ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري لکندو هيو، پر هاڻي جڏهن هو سٺ سالن جي عمر کي پهتو آهي تڏهن به ٻارن لاءِ لکڻ ڪو نه ڇڏيو اٿائين جيڪا ڳالهه سنڌ جي نئين نسل سان سندس محبت، شفقت ۽ ڪمٽمنٽ واري جذبي کي ظاهر ڪري ٿي. استاد گل تمام گهڻو لکندڙ نثر نويس ۽ شاعر هجڻ سان گڏ اسٽيج، تنظيم ڪاري ۽ ميڙ ۽ ميڙاڪن ۾ متحرڪ رهندڙ شخص به آهي. هن نه رڳو ادب تخليق ڪيو آهي ۽ ان جي تقريبن هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر هو عملي طور تي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ميڙاڪن جو منتظم، اسٽيج ۽ ريڊيو جو ڪمپئير ۽ اسڪائوٽس گروپ جو ليڊر به آهي ته بي لوث رضاڪار طور تي عام ڀلائي لاءِ پنهنجون خدمتون به سرانجام ڏئي رهيو آهي. وٽس لکڻ لاءِ دنيا جهان جا هزارين موضوع موجود آهن جن مان هن ڪيترن تي نثر ۽ شاعري جي صورت ۾ لکيو آهي پر ٻارن لاءِ لکڻ سندس وڏي وٿ آهي، ڇاڪاڻ ته هو اديب ۽ شاعر هجڻ سان گڏ هڪ سٺو ۽ قابل استاد به آهي، هو ٻارن جي نفسيات، سندن سماجي، تعليمي ۽ تربيتي گهرجن کي سٺي نموني سمجهي ٿو. هو اها ڳالهه به بخوبي ڄاڻي ٿو ته تعليم سان گڏ تربيت به لازمي آهي جيڪا ٻار جي شخصيت سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ادب ۽ آرٽ زندگيءَ جا ترجمان هجڻ سان گڏ بهترين تربيت جو پراثر ذريعو به آهن. جيڪڏهن ٻار کي رسمي تعليم سان گڏ ادب ۽ آرٽ سان به متعارف ڪرائبو ته هو مستقبل ۾ معاشري جي سٺي سمجهه ۽ ادراڪ رکندڙ باشعور شهري بڻجي سماج جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو مثبت ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ادب آرٽ ۽ ڪرافٽ ٻارن جي تخليقي صلاحيتن کي اڀارڻ، انهن ۾ مشاهدي جي قوت کي جلا بخشڻ ۽ زندگيءَ جي نازڪ نفيس ۽ پيچيده پهلوئن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
استاد گل دايو ٻارن جي تعليم لاءِ رڳو تعليمي ادارن ۾ وڃي اتي ڪلاس روم ۾ پڙهائي پنهنجو ڪردار ادا نه ٿو ڪري پر اسڪول کان ٻاهر به سندن تعليم، تدريس ۽ تربيت جا ذريعا تخليق ڪندو رهي ٿو. ٻارن لاءِ سندس شاعري به اهڙن ذريعن مان هڪ آهي. درسي ڪتابن ۾ نثري سبقن سان گڏ نظم جي صورت ۾ شامل سبقَ به شاعري جي تدريسي پهلو جو واضع ثبوت آهن، بلڪه ڪن حالتن ۾ ته نثر کان وڌيڪ شاعري ٻارن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿي ۽ سندن ذهني پختگي، يادگيري واري قوت ۽ تصوراتي سگهه کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان حوالي سان استاد گل جو ٻارن لاءِ هي شعري مجموعو “گيت گلڙن لاءِ” به قابل ذڪر آهي.
“گيتَ گلڙن لاءِ” ۾ موجود هر نظم ۾ ٻارن جي دلچسپي ۽ سکيا لاءِ سمورو سامان سانڍيل آهي. ٻار هنن نظمن کي پڙهي ۽ ٻڌي خوش ۽ گد گد به ٿيندا ته وري انهن نظمن ۾ سمايل پيغام تي عمل ڪري شائستگي، اخلاق جي بلندي ۽ علم جي واڌاري واري راهه تي به گامزن ٿيندا. هن ڪتاب جي هر نظم ۾ پنهنجو مخصوص مزو ۽ لطف موجود آهي جيڪو ٻارن کي گهڻو پسند ايندو. هونئن به فطري طور تي ٻار مزي جا متلاشي هوندا آهن. تربيتيافته ۽ تجربيڪار استادن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته راند روند واري طريقي ۽ مزيدار سرگرمين ذريعي ٻار جي ڄاڻ ۾ به اضافو ڪري سگهجي ٿو ته سندن ٻي پراثر ۽ معياري سکيا به ڪري سگهجي ٿي. اسان کي اهڙو ئي تاثر ”چنگجي“ جي عنوان واري نظم مان به ملي ٿو جنهن جا ٻه بند هيٺئين طرح آهن.
چائنا چــنــــگچي ٺاهي آهي،
سستو ٿي هـر هنڌ پهچائي.
چين جي هـيءَ ايجاد ڏسي،
پوءِ پـاڪــسـتان بڻائي آهي.
چنگچيءَ متعلق ان نظم ۾ ٻارن کي هن دور جي سستي سواري ۽ ان جي ايجاد ڪندڙ ملڪ چين بابت آگاهي ڏني وئي آهي ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هاڻي اسان جو ملڪ پاڪستان به اها سواري ٺاهي رهيو آهي. ان نوعيت جا نظم ٻار جي مزي واري گهرج ۽ ڄاڻ ۾ به اضافو ڪن ٿا.
پاڻيءَ جي اهميت ۽ انساني صحت لاءِ صاف سٿري پاڻي جي ضرورت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ استاد گل جو هي خوبصورت نظم ڏسو:
پِيــو پِيـــو اي ٻـــارو پـــاڻي،
اوٻـــاري ۽ ڇـــاڻـــي پــاڻـــي.
پاڻــي هر هنڌ پاڪ نه آهي،
ســارو پــاڻي صاف نه آهي.
هـــن ۾ هِــــن زهــريلا مادا،
بئڪٽيريـا اڇـــلايــــل کــاڌا.
پــــوءِ پئــيـــو ڀـل ٻارو پاڻي،
اوٻـــاري ۽ ڇــــــاڻي پـــاڻــــي.
اهڙا ٻيا به ڪيترا ئي نظم آهن جيڪي ٻار جي دلچسپي واري خيال سان گڏ سندن ڄاڻ ۾ اضافي جي مقصد لاءِ به لکيا ويا آهن، جن ۾ “آبي بخار”، “چقمق”، “ڪمپيوٽر”، “انٽرنيٽ”، “ٻوٽا”، “شاهه لطيف جو پڙهون رسالو”، ۽ “ڌرتي ۽ سج” وغيره قابل ذڪر آهن.
ٻيا نظم به اهڙا ته مزيدار ۽ ٻارن جي مزاح واري حس کي ڇهندڙ ثابت ٿيندا جو هو انهن کي زور سان پڙهي پڙهي نه رڳو پاڻ کي وندرائيندا پر پنهنجي آس پاس موجود ٻين ٻارن يا وڏن کي به انهن مان حض حاصل ڪرڻ جو موقعو ميسر ڪري ڏيندا. مثال طور ڪجهه نظمن مان چونڊيل هيٺ ڏنل بندن کي پڙهو:
بابا مون کي بيٽ وٺي ڏي،
ڪرڪيٽ واري هيٽ وٺي ڏي.
........
آئي آئي گرمي آئي،
ٻارن آهي ٺوڙهه ڪرائي.
ڪڻ چاچي کان ڪن مامي کان
حجم کان ڪن پاڪي گهمرائي
.............
نالو منهنجو مڇر خان
دنيا ۾ آهيان بدنام
جنهن تنهن کي مان چڪ ٿو پايان
ڪن ۾ رات جو راڳ ٻڌايان.
اهي مٿيان نظم ۽ اهڙا ئي ٻيا جهڙوڪ “ڪلفيءَ وارو ڪاڪو”، “اسڪائوٽ مان آهيان ٻارو”، ۽ “هو جمالو” وغيره ٻار جي مٿان اهڙي خوشگوار ڪيفيت طاري ٿيندي جيڪا سندس دماغي صلاحيتن جي واڌاري، تازگي ۽ خوشين ۾ اضافي جو سبب بڻجندي.
هن شعري مجموعي ۾ سڀني نظمن کان پهريان ڏنل حمد ۽ دعا وارا نظم به پنهنجي اندر ۾ اهڙو روحاني تاثر رکن ٿا جو انهن کي پڙهڻ سان دل باغ بهار ٿي وڃي ٿي.
مان اميد ڪريان ٿو ته استاد گل دايو ٻارن جي ادب جي ترقي واري ڏس ۾ پنهنجي هن ڪوشش کي اڳتي جاري رکندو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن کي سندس ٻيا به شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ميسر ٿيندا رهندا.
[b]پروفيسر مختيار سمون
[/b]ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
12-02-2020