تعارف: منهنجو بابا سائين
بابا سائين، سنڌ جو هڪ پڙهيو لکيو باشعور ۽ انسان دوست شخص آهي. بابا جو جنم 21 سيپٽمبر 1960، تعليم ايم اي (سنڌي) ۽ ايم ايڊ اٿس. هي هڪ ئي وقت استاد، اديب، شاعر، اسڪائوٽ ليڊر، ريڊيو ڪمپيئر، ڪرڪيٽ ڪمينٽريٽر، ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ڪواليفائيڊ امپائر آهي.
بابا سائين تازوئي ڊسمبر 2019ع ۾ اسڪائوٽنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن (ALT) اسسٽنٽ ليڊر ٽرينر جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.
بابا سائين سال 1974ع کان ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري لکي ادبي سفر جي شروعات ڪئي. هن گل محمد ”گل“ دايو، گل محمد جوکيو، استاد گل محمد دايو ۽ استاد گل دايو جي نالن سان ڪهاڻيون، گيت، غزل، وايون، ڪالم، ڪهاڻي ڪالم، ڪتابن تي تبصرا ۽ سوين علمي ادبي پروگرامن جي رپورٽنگ ڪئي آهي. بابا جي لکڻ ۾ تسلسل نه رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هي زندگيءَ جو گهڻو عرصو غربت سان جنگ لڙندو رهيو آهي. بابا سائين تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ سال 1980ع کان سرڪاري نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. آخرڪار غربت جڏهن ناسور بڻجي پيس ته هن مجبور ٿي 27 سال نوڪري ڪري سال 2006ع ۾ رضاڪارانه رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. جڏهن پرائمري استاد هو، تڏهن هو پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف جو سرگرم عهديدار ۽ ميمبر هو ۽ ادبي طور بابا 1980ع کان سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي. جيتوڻيڪ بابا سان ادبي سنگت ۾ زيادتيون به ٿيون جنهن سبب ڪافي عرصو سنڌي ادبي سنگت کان پاسيرو رهيو مگر هڪ دفعو ٻيهر سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سرگرم ترين عهديدار آهي.
بابا سائين رٽائرمينٽ کان پوءِ به خاموش ٿي گهر ۾ ڪو نه ويٺو پر هن ڪجھ سال SEF جي اسڪولن ۾ پرنسيپال جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ هن وقت هڪ خانگي اداري گلوبل سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيوآهي. بابا سائين طبيعت ۾ ماٺيڻو سنجيده، خوش مزاج ۽ خوش اخلاق رهيو آهي. بابا سائين ٻارڙن سان ڏاڍي محبت ڪندو آهي. هي اڄ به جڏهن ڪم ڪار کان واندو ٿي گهر ايندو آهي ته رات جي وقت پنهنجي پيءُ ماءُ سميت ساڻس گڏ رهندڙ ٽن سالن جي ڏوهٽي مصعب علي کي ٻاراڻيون ڪهاڻيون، بيت، گيت ٻڌائيندو آهي. اهو ڏسي منهنجي به دل چوندي آهي ته جيڪر مان به هڪ دفعو وري ٻار بڻجي وڃان ۽ اڳ جيان بابا جي ٻانهن تي سمهي مٺڙا مٺڙا گيت ۽ بيت ٻڌان !!
علي حسنين ميمڻ/لاڙڪاڻو