الطاف شيخ ڪارنر

دهليء جو درشن

محترم الطاف شيخ جو هي سفرنامو ”دهليء جو درشن” هندستان ڏانهن سفر بابت آهي جيڪو بس جي ذريعي واگهه بارڊر ذريعي ڪيو اٿس۔ ٽيڪسٽ ڪاپي محترم سائين انجنيئر عبدالوهاب سهتو المنعم لائبرري لاڙڪاڻو جي تعاون سان ملي. اي بڪ سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران اي بوڪ جي صورت ۾ محترم عبداللطيف انصاريء جي ڪوششن سان پيش ڪيو ويو آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 4698
  • 891
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دهليء جو درشن

انڊيا ۽ دهليءَ سان واسطو رکندڙ ڪجهه اهم سن

هندستان جي تاريخ سان واسطو رکندڙ ڪجهه اهم سن جيڪي هن سفرنامي ۾ ٻڌايل جاين ۽ ڳالهين کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا.

-محمود غزنيءَ جا انڊيا تي حملا: 100
-سينا گهراڻي جي حڪومت جي شروعات :1150
-راجپوتن جي آخري بادشاهه پرٿوي راج جي وفات :1192
-ترڪيءَ جي فاتحن هٿان سينا گهراڻي جو خاتم: 1202
-اتر انڊيا ۾ مسلمانن جي حڪومت جي شروعات غلام گهراڻو 1206_ 1290
-قطب دين ايبڪ :1206_ 1210
-آرام شاهه :1210 _1211
-التمش شمس الدين :1211_1236
-فيروز شاهه پهريون :1236_ 1236
-رضيه بيگم : 1236 _1240
-بهرام شاهه : 1240_1242
-مسعود شاهه: 1242_1246
-محمود شاهه پهريون: 1246_1266
-بلبن : 1266_1287
-ڪيڪباد :1287_1290
-ڪايو مارٿ : 1290_1290
-چنگيز خان جي اڳواڻيءَ ۾ منگولن جو انڊيا تي پهريون حملو: 1221
-ڏکڻ هندستان ۾ وجي نگر سلطنت جي شروعات: 1230
-خلجي گهراڻي جي انڊيا تي حڪومت: 1290_1320
-جلال الدين خلجيءَ هن گهراڻي جي حڪومت قائم ڪئي :1290_1294
-علاؤ الدين خلجيءَ پنهنجي چاچي ۽ سهري جلال الدين کي قتل ڪري تخت تي ويٺو 1294_1316
-مارڪو پولو جو انڊيا اچڻ : 1288
-علاؤالدين بعد خلجي گهراڻي جا ڪجهه حاڪم ٿيا جن ۾ قطب الدين وڌيڪ رهيو 1316_1320
-تغلق گهراڻي جي حڪومت 93 سال رهي
-غياث دين تغلق : 1320_1413
-محمد بن تغلق : 1325_1351
-(هن جي دؤر ۾ پليگ (وبا) شروع ٿي جنهن ۾ سندس اڌ فوج مري وئي. پليگ جو سال 1334
-فيروز تغلق 1351_1388
-فيروز تغلق سنڌ تي حملو ڪيو 1326
-آخري تغلق حاڪم محمود نصير دين 1294_1413
-هن جي ڏينهن ۾ تيمور انڊيا تي حملو ڪيو 1398
-دهليءَ تي سيد گهراڻي جي حڪومت 1414_1451
-لوڌي گهراڻي جي حڪومت 1451_1526
-بهاول خان لوڌي 1451_1489
-سڪندر لوڌي 1489_1517
- ابراهيم لوڌي 1517_1526
-گرونانڪ جو جنم ۽ سک ڌرم جي شروعات (وفات؛ 1545ع) 1469
-لوڌي گهراڻي جي حاڪم سڪندر لوڌيءَ آگري شهر جو بنياد رکيو 1494
-پورچو گال جو جهازي واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف گڊ هوپ، لتاڙي انڊيا ڪاليڪٽ بندرگاهه ۾ 1498
-ڪوچين ۾ پورچو گالي ڪالوني ٺاهين 1502
-پورچو گالين جو حملو ۽ گواتي قبضو 1510
-فرغانا شهر ۾ ظهير دين بابر جو جنم 1483
-بابر ۽ ابراهيم لوڌيءَ جي پاڻيپٽ جي ميدان ۾ لڙائي 1526
-بابر جي سوڀ ۽ مغل گهراڻي جي شروعات 1526
-بابر جي حڪومت 1526_1530
-همايون جي حڪومت 153-1540
-شير شاهه سوريءَ جي حڪومت 1540_1555
-همايون جو دهليءَ تي وري قبضو 1555_1556
-اڪبر جي حڪومت 1556_1605
-اڪبر پنهنجي حڪومت کي وڌائي ۽ سڌاري آڻي 1556
-اڪبر جي راجپوتانا جي هندو شهزادي پدمني سان شادي 1562
-رايل چارٽر ذريعي انڊيا ۾ ايسٽ انڊيا قائم ٿي 1600
-اڪبر جي وفات 1605
-جهانگير جي حڪومت 1605_1627
-گجرات صوبي جي سورت شهر ۾ انگريزن جي پهرين فيڪٽريءَ جو قائم ٿيڻ 1612
-شيوا جي ڄمڻ جو سال 1627
-شاهجهان جي حڪومت 1627_1658
-شاهجهان جي راڻي ممتاز محل جو ڊليوري دوران موت ۽ تاج محل جو ڪم شروع ڪرائڻ 1631
-انگريزن کي بنگال ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت جو فرمان ڏيڻ 1644
-شاهجهان جي پٽ، اورنگزيب جو ڀائرن کي ماري ڇڏڻ، پيءُ کي قيد ڪري تخت تي ويهڻ 1658
-شاهجهان جي قيد ۾ وفات 1666
-سکن جي نائين گرو تيغ بهار جو اورنگزيب جي حڪم سان قتل 1675
- اورنگزيب جي وفات 1707
-اورنگزيب جو وڏو پٽ بهار شاهه پهريون 1707_ 1712
-جهاندار شاهه جي حڪومت 1712_1713
-فرخ سيار جي حڪمت 1713_1719
-محمد شاهه جي حڪومت 1719_1948
-محمد شاهه مغل شهنشاهه جي ڏينهن ۾ ايران جي نادرشاهه جو انڊيا تي حملو ۽ ڦر 1739
احمد شاه بهادر جي حڪومت 1748_1754
-صفدر جنگ جي وفات ۽ سندس مقبرو 1753
-عالمگير دوم جي حڪومت 1754_1759
-افغان حاڪم احمد شاهه ابداليءَ جو دهليءَ تي حملو 1756
-شهنشاهه شاهه عالم جي دهليءَ تي حڪومت 1760 _1806
-اڪبر دوم 1806_1837
-آخري مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر 1837_1858
-حيدر علي/ٽيپو سلطان 1761_1799
-پلاسيءَ جي لڙائي، مغلن کي شڪست، بنگال تي قبضو، انڊيا تي برطانوي حڪومت 1757
-پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي 1761
-بڪسار جي لڙائي 1764
-وارن هئسٽنگس برٽش انڊيا جو پهريون گورنر جنرل مقرر 1772
-انڊيا مان پهرين انگريز نيوز پيپر Hickey`s Calcutta Gazatte in India جو اجرا 1718
-ميسور جي ٽين لڙائي 1790
-رنجيت سنگهه جي پنجاب ۾ حڪومت 1792_1839
-لارڊ بينٽنڪ جو گورنر جنرل مقرر ٿيڻ 1828_1835
-ملڪ ۾ انگريزي ميڊيم ۾ تعليم جي شروعات 1835
-ائنگلو افغان لڙائي 1839_1842
-پوسٽ جي ٽڪليءَ جي شروعات 1854
-ايسٽ انڊيا واپاري ڪمپني خلاف هندستان سپاهين جي آزاديءَ لا جدوجهد/بلوو 1958_1957
- ايسٽ انڊيا ڪمپني بدران انگلينڊ جي تاج جي حڪومت ” برٽش راج“. مغل راڄ جو خاتمو 1958
- رابند ناٿ ٽئگور جو ڄمڻ 1861
- بهادر شاهه ظفر جي وفات 1862
- موهنداس ڪرمچند گانڌيءَ جو ڄمڻ 1869
- بنگال جو خوفناڪ ڏڪار 1874
- ڪانگريس (جيڪا پوءِ انڊين نيشنل ڪانگريس سڏجڻ لڳي) 1885
- سڀاس چندرا بوس جو جنم 1897
بنگال جو ورهاڱو ڪري مشرقي ۽ مغربي بنگال ۽ آسام صوبا ٺاهيا ويا 1905
-مسلم ليگ (آل انڊيا مسلم ليگ) جو ٺهڻ 1906
-بنگال جو وڌيڪ ورهاڱو بهار ۽ اوڙيساصوبا ٺاهي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتي بدران دهلي 1912
-رابندر ناٿ ٽئگور کي نوبل پرائز ملڻ 1913
-مهاتما گانڌيءَ جو ڏکڻ آفريڪا کان انڊيا موٽڻ 1914
-پهرين وڏي جنگ (W.W.I) شروعات 1914
-جاليانوالا باغ ۾ انگريزن طرفان سکن جو قتل عام 1918
-خلافت تحريڪ 1920_1922
-ڪانگريس طرفان سول نافرماني تحريڪ 1930
-برما کي انڊيا کان جدا ڪيو ويو 1937
-ٻي وڏي جنگ WW-11 شروعات 1939
-انگريزن خلاف Quit India تحريڪ 1942
-دهلي ۽ آس پاس جا ارڙهين صديءَ جا شاعر
-بلهي شاهه- پنجابي صوفي شاعر 1680_1752
-شاه عبداللطيف ڀٽائي 1689_1752
-مرزا محمد رفيع سعودا (ارود شاعريءَ کي وڌائي ادبي ڏنو ويو) 1713_1780
-خواجه مير درد ( دهليءَ جي شاعرن جي گڏجاڻيءَ ڪري مشاعري جو بنياد وڌو) 1719_1785
-محمد تقي مير (ڄم: اڪبر آباد، وفات: لکنو، پرگهڻو وقت دهليءَ ۾ رهيو) 1722_1810
وارث شاهه- پنجابي زبان جو شاعر 1730_1790
-محمد ابراهيم ذوق- دهليءَ جو مشهور شاعر 1789_1854
-مرزا اسدالله خان غالب، آگري ۾ ڄائو ۽ دهليءَ ۾ وفات ڪيائين 1797_1869
-مومن 1800_1851
سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر -سومرا 750_1350
-سما 1351_1521
-ارغون 1521_1554
-ترخان 1555_1608
-مغل 1608_1701
-ڪلهوڙا 1701_1783
-ٽالپر 1783_1843
-انگريز 1843_1947