ٻاراڻو ادب

سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي روايتن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردار ن بابت ٻارڙن لاءِ لکيل 46 ڪهاڻيون شامل آھن. دادا سنڌي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگھندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.“
  • 4.5/5.0
  • 1317
  • 442
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب نمبر 410


نئون ڇاپو: 2017ع
ڪتاب جو نالو : سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون
ليکڪ: دادا سنڌي
لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 150/= رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


ISBN: 978-969-9866-74-6

“Sindh Joon Tareekhi Kahaniyoon”
(Historical Stories of Sindh)
By: Dada Sindhi
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

اسٽاڪسٽ
سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، 03133692150
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
سنڌيڪا بوڪ شاپ، اقراءَ سينٽر، جي پي او روڊ، لاڙڪاڻو فون: 0331-3480039
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- افضل بوڪ اسٽال، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچي 03333509236 ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر، بخاري ڪتاب گهر بئراج روڊ، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر، نيم ڪي چاڙهي سکر- مدني ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي ماسٽر اينڊ ماسٽر ڪتاب گهر حيدرآباد- شير يزدان بوڪ شاپ،درگاهه ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، فون:0306-3665563، سارنگ بوڪ اسٽور، ڪنڊيارو- سچل ڪتاب گهر درازا درگاهه سچل سرمست - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، صديق حيدر ڪتاب گهر، شڪارپور
ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037


لکپڙهه لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com

ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي روايتن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردار ن بابت ٻارڙن لاءِ لکيل 46 ڪهاڻيون شامل آھن. دادا سنڌي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگھندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.“
ھي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

ارپيم پنهنجي مهربان ۽ پياري استاد
سائين ايم-اي کوکر
کي.
”ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.“

دادا سنڌي

مهاڳ

تاريخ هڪ مستقل فن آهي، تاريخ قوم جو عظيم ورثو آهي. تاريخ قوم جي تجربيگاهه آهي. تاريخ جي ليبارٽري ۾ قوم جي نسل کي عظيم درس ڏنو وڃي ٿو. قوم فردن جو مجموعو آهي ۽ فرد تاريخ جي پيداوار آهي. تاريخ نئين نسل جي اوسر ڪندي آهي. تاريخ فرد ۾ حب الوطني جو جذبو، ٻڌي، اتحاد، کري کوٽي جي سڃاڻ، پنهنجن پراون، سڄڻن ۽ دشمنن، غدارن ۽ سرويچن جي پرک پيدا ڪندي آهي. تاريخ هڪ روشن منارو آهي، جيڪو ايندڙ نسل جو سونهون بڻجي، منجهن پنهنجي اباڻي ورثي جي ساڃهه پيدا ڪندو آهي. تاريخ ئي زندهه قومن جي جيوت جو نشان آهي. قوم جي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي، جنهن قوم جي تاريخ نه آهي، اها قوم دنيا ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي نٿي سگهي. تاريخ اهو روشن ڏيئو آهي، جيڪو ساڻيهه ۽ ساڻيهين جي جٽاءَ جو راز ٻڌائي ٿو. تاريخ اهو آئينو آهي، جنهن ۾ ان قوم جو ماضي جهلڪون ڏيندي نظر اچي ٿو ۽ اها قوم پنهنجي شاندار ماضيءَ کي اڳيان رکي حال ۽ مستقبل جي اوسر ڪري تي. تاريخ هر قوم جي نئين اوسر ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿي ۽ نئين نسل جي تربيت ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي، جو زندهه ۽ خوددار قومون، پنهنجي تاريخ کي محفوظ ڪنديون آهن. پنهنجيون تاريخي روايتون، نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ وڏا وڏا جتن ڪنديون آهن.
اسان جي تاريخ عظيم آهي، اسان جو تاريخي ورثو قابل فخر آهي. اسان عظيم تاريخ جا وارث آهيون. اسان عظيم قوم جا فرد آهيون ۽ اسان جون تاريخي روايتون به عظيم آهن. اسان تاريخ جي هر دور ۾، پاڻ کي دنيا جي وڏن ۽ جابر ڦورن ۽ لٽيرن کان بچائڻ لاءِ، آزاديءَ جي نعمت کي قائم رکڻ لاءِ، وطن جي بقا ۽ سالميت لاءِ، ليون ۽ لڄن، ٻنين ۽ ونين جي حفاظت لاءِ سِرَن جا سودا ڪيا. سچ پچ انهن سر ڏنا، پر سُر نه ڏنو. وڙهندي وڃي سوريءَ سامهان ٿيا، پر ڌارين آڏو پنهنجي قومي سڃاڻپ، خودداري، انانيت ۽ وطن دوستي جي جذبي، احساس ۽ تقاضا کي مَرُ لائڻ نه ڏنائون.
هيءَ حقيقت آهي ته، ٻار آئنده جو ابو آهي. مستقبل جو اڏيندڙ آهي، اسان جي سهڻن ۽ وڻندڙ سپنن جي تعمير آهي، اسان جو قيمتي اثاثو آهي. ان ڪري سندس ذهني تعمير به ايئن ڪرڻ گهرجي، جيئن هو پاڻ ۾ زندهه قومن واريون روايتون ۽ گڻ پيدا ڪري، هڪ زندهه قوم جو فرد بڻجي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ هڪ ڪارگر ايڪو بڻجي سگهي. چوڻي آهي ته: ”ٻار آهي مڇ جو وار، جيڏانهن ورائينس، تيڏانهن تيار.“ نفسياتي طرح ٻار ۾ وڏن جي نقل ڪرڻ جي جبلت ۽ ذاتي لاڙو موجود آهي، ان ڪري تاريخ جا عظيم واقعا، ڪهاڻيءَ جي شڪل ۾ ٻڌائي، منجهس تاريخي شعور پيدا ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي ٻار شوق سان ٻڌندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيءَ مان ٻار جي کوجنا واري امنگ کي تسڪين ملي ٿي ۽ هو سوچن ۾ پنهنجون اڌوريون خواهشون پوريون ٿيندي ڏسندو آهي. ان ڪري تاريخي ڪردارن کي ڪهاڻي جي روپ۾ پيش ڪري، ٻارن آڏو آڻجي ته جيئن هو سٺن ڪردارن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪري، انهن ۾ جذب ٿي وڃن ۽ خود ان وانگر پاڻ کي محسوس ڪن ۽ ان جهڙو رول ادا ڪن. اهڙيءَ طرح ٻار جي ذهني نشونما به ٿيندي، سندس صلاحيت به اجاگر ٿيندي ته منجهس وطني لاڙو، ذهني سجاڳي ۽ قومي درد به پيدا ٿيندو. اهوئي سبب آهي جو زندهه قومون تاريخ لکڻ لاءِ وڏا وڏا قومي ادارا قائم ڪنديون آهن.
اهو ارادو ڪري مون 1974ع کان سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، جيڪي ماهوار ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ ڇپيون. انهن ڪهاڻين کي سنڌ جي ٻارن ڏاڍو پسند ڪيو ۽ منهنجي حوصله افزائي ڪئي وئي. اهڙي طرح مون ٻارن جي هر رسالي ۾ ڪهاڻيون لکيون. ”گل ڦل“ جي مانائتي ايڊيٽر سائين انور هالائي زور ڀري مون کان هر مهيني ڪهاڻي وٺڻ شروع ڪئي، جن مان ڪجهه ڪهاڻيون هن ڪتاب ۾ ڏيان ٿو.
هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.
جيڪڏهن سنڌ جي ٻارڙن هن ڪتاب کي پڙهي، ان زرين اصول ”پاڻ لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئڻ“ کي اپنائي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين جي اتساهه لاءِ پاڻ کي وقف ڪيو ته آءٌ سمجهندس ته مون کي هن ڪتاب جو لاڀ حاصل ٿيو.
مان سائين نياز همايوني جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن مسودي کي نظر مان ڪڍي،غلطين جي نشاندهي ڪئي ۽ ساڳئي وقت سائين محمد ابراهيم جوئي جن جو به ٿورائتو آهيان، جنهن نيڪ مشورن سان نوازيو ۽ مسودي کي ڏٺو.


دادا سنڌي

سنيها سڄڻن جا

* محمد ابراهيم جويو
سچ پڇو ته، سنڌ جي تاريخي ڪهاڻين لکڻ جو منهنجو به ڏاڍو شوق هو، پر اهو ڀلو ڪم اوهان هٿ ۾ کنيو آهي. انهيءَ ڳالهه تي مون کي بيحد دلي خوشي آهي. هڪڙو اردو ۾ ڪتاب ”سنڌ ڪي تاريخي ڪهانيان“ مولوي اعجازالحق قدوسي به لکيو آهي. اهو ڪتاب خود به اڻ پورو آهي ۽ لکيل به خاص وطن دوستي جي خيال کان نه آهي.

* نياز همايوني
هي يار سنڌ جي نئين توڙي پراڻي نسل کي، تاريخ جي سمجهاڻي ۾، پنهنجائپ جو احساس ڏياري، سنڌ لاءِ سٺايون پيدا ڪرڻ جو ڪوڏيو آهي.

* انور هالائي
دراصل سنڌ جون هي تاريخي ڪهاڻيون گهٽ مگر سنڌ جي تاريخ جا اهم باب آهن. سنڌ جي ٻارن لاءِ مشعل راهه آهن. دادا سنڌيءَ جي هيءَ محنت قابلِ تحسين آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ٻيا به ٻارن جا هڏڏوکي پيدا ٿين ته هو سنڌي ٻارن لاءِ، نون نون موضوعن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي ٻارن کي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ، محرومي جو احساس نه ٿيندو.
جتي ماڻڪ ماڳ، تتي چوران تڪيو،
سنئون تن سڀاڳ، اُمل جن اوباهيو.

* سرور سيف
تنهنجون تاريخي ڪهاڻيون پڙهي، ايئن لڳندو آهي، ڄڻ سنڌ جي قومي تاريخ جو مطالعو ٿو ڪريان.

* غلام محمد کوکر
دادا سنڌي، جنهن جوش ۽ جذبي سان سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون لکي رهيو آهي، سي پڻ تعريف جي لائق آهن. البته هڪ ڳالهه جو اشارو ڪندس ته دادا سائين سنڌ جي ڪلاسيڪل تاريخ بابت اڄ به پراڻن مفروضن ۽ فارسي ليکڪن جي غلطين کي ٻيهر ورجائي رهيو آهي. ان ڏس ۾ خاص طرح کيس سيد حسام الدين راشدي جي تاريخي ڪتابن جو اڀياس لازمي طرح ڪرڻ گهرجي. نه ته، اسان جي تاريخ وقت جي گهرجن جو پورائو نه ڪري سگهندي.

* طاهر سنڌي
دادا سنڌي جي لوچ ۽ سوچ، مرحوم گدائي جيان، تازي تواني آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ نئين ٽهيءَ جهڙي نئين نواڻ موجود آهي.

* اي- آر ڪنول
دادا سنڌي، تاريخ جا ورق ٻڌائي، نوجوان نسل کي، سنڌجي تاريخ ڏانهن متوجهه ڪري ٿو.

بهادر ايلچي

پيارا ٻارو! سنڌ تي عربن جي راڄ پوري ٿيڻ کانپوءِ سومرن جي حڪومت جو دور شروع ٿيو، جيڪو 1051ع کان 1351ع تائين پورا 3 سئو سال هليو. سومرا خاندان سنڌ جو پهريون مسلمان خاندان آهي، جنهن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. هن خاندان جو ٽيون حاڪم، جنهن جو نالو دودو هيو، سنڌ جو هڪ بهادر، سرويچ ۽ غيرتمند فرزند ٿي گذريو آهي. هي ڀونگر جو پٽ هو، جنهن ٻه شاديون ڪيون هيون. هڪ لوهاري، جنهن مان کيس چنيسر ڄائو ۽ ٻي سومري، جنهن مان کيس ٻاگهل ٻائي ۽ دودو ڄائو. جڏهن دودو وڏو ٿيو ۽ شادي ڪيائين ته کيس هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو ڪوئل هو ۽ چنيسر کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ننگر رکيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن ڀونگر مري ويو، ته سومرن جو اچي گادي تي تڪرار ٿيو. ڪو چوي ته دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان آهي، اهو تخت تي ويهي ته ڪو چوي ته چنيسر وڏوآهي اهو تخت ڌڻي ٿئي، آخر گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ دودي کي تخت تي ويهاريو ويو.
اهو ڏسي، چنيسر کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو دهليءَ ڏانهن دانهون کڻي ويو. اتي سمرقند کان آيل هڪڙي رهزن حاڪم علاؤالدين ترم شيرين کي پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جي سنڱ جي لالچ ڏيئي، هو سنڌ تي چاڙهي آيو. اها حالت ڏسي سومرن، چنيسر جي پٽ ”ننگر“ (جيڪو ان وقت ٻارهن ورهين جو ٻار هو ۽ دودي جو ڄاٽو هو) کي ايلچي ڪري ترم شيرين جي درٻار ۾ موڪليو. ترم شيرين سان ننگر نهايت مدبرانه نموني ڳالهه ٻولهه ڪئي، آخر ترم شيرين کيس چيو ته ”سنڌ جو تخت چنيسر کي ۽ ٻاگهل جو سنڱ مون کي ڏيو، باقي اوٽ موٽ جو خرچ اوهان کي معاف ڪيم.“ اهو ٻڌي ننگر بهادري سان کيس جواب ڏنو ته، ”اسين سنڌي سومرا، ڌارين ۾ پنهنجو سنڱ ڪين ڏيندا آهيون، جيڪو اسان جي نياڻين جو نالو وٺندو آهي، سو اسان جي ترارن جي هيٺان ايندو آهي. اسين پنهنجو ٻچو ٻچو قربان ڪنداسين پر پنهنجي قومي غيرت ۽ عزت نيلام نه ڪنداسين. ساڻيهه ۽ ننگ ڪنهن نه وڪيا آهن. اسين سِر ڏينداسين پر سَت نه ڇڏينداسين.“ اهڙو برجستو ۽ بي ڊپو جواب ترم شيرين کي زهر وانگر لڳو ۽ ننگر کي اتي ئي شهيد ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ننگر پنهنجن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ساٿين سميت ترم شيرين جي وحشي دردن سان پنهنجو سر تريءَ تي رکي وڙهيو ۽ ميدان تي دشمنن هٿان وڙهندي شهيد ٿيو. ان کانپوءِ سومرن ترم شيرين سان زبردست جنگ ڪئي، جنهن ۾ دودي جهڙو جوڌو مڙس ۽ ٻيا ڪيترائي سورهيه سومرا ميدان تي مارجي ويا پر ترم شيرين نه سنڌ وٺي سگهيو ۽ نه ٻاگهل ٻائي ماڻي سگهيو، پر سڄو پنهنجو لشڪر مارائي ناس ڪرائي، هٿين خالي موٽي ويو.
پيارا ٻارو، سومرن جي دور جي هن واقعي مان اسان کي سياڻپ ۽ سورهيائي، حب الوطني ۽ قرباني، غيرتمندي ۽ جرئت جي عظيم جذبن جو سبق ملي ٿو. ننڍڙي ننگر جو اهو تاريخي ڪردار، قومي غيرت ۽ حوصلي جو شاندار مثال آهي، جنهن اٿاهه لشڪر جي سامهون ٻاگهيءَ جو سنڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري، پنهنجي ساڻيهه جي شان ۽ عزت جو بچاءُ ڪندي پنهنجي سر جي قرباني ڏيئي، اسان لاءِ هڪ اڻ وسرندڙ سبق جو نقش ڇڏيو آهي. ننگر لاءِ ئي سنڌ جي سرمست شاعر، سچ چيو آهي ته:
هڪ جوءَ، ٻي جوءِ، ڇڏن ڪين جوان،
اهڙا به انسان جيڪي ننگن تان نثار ٿيا.

مثالي انصاف

سنڌ تي سومرن جي راڄ ختم ٿيڻ کانپوءِ، سمن جي حڪومت شروع ٿي. سما سنڌ جو هڪ طاقتور ۽ مالدار قبيلو هو. سما اصل ۾ سام جي اولاد مان آهن، جيڪو سام بن نوح جي نسل مان هو. هن قبيلي جي اوائلي زماني کان سنڌ ۾ حڪومت پئي رهي آهي. ان حڪومت کي ”سنڌ سما“ سڏبو هو ۽ ان جو تختگاهه ”سمانگر“ هو،. سامبل هن خاندان جو راجا هو، جنهن دنيا جي عظيم ڌاڙيل سڪندر يوناني سان به جنگ ڪئي هئي. اُهي پوءِ نيرون ڪوٽ ۽ ٻڌيا جا به حاڪم ٿيا. اهي الور جي برهمڻن جي خلاف هئا. سما بن سيو راج، راءِ چچ بن سيلائج جي ڏينهن ۾ ديبل جو حاڪم هو. 711ع ۾ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ ۾ آيو، تڏهن هي قبيلو مسلمان ٿيو. جڏهن عربن جي حڪومت جو سنڌ ۾ زوال آيو، تڏهن سمن جي مدد سان سومرن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ سمن ئي کين اوائلي سوڀن ۾ مدد به ڪئي، پر ڪجهه وقت کانپوءِ هنن ٻنهي سنڌي قبيلن جي پاڻ ۾ اڻ بڻت ٿي پئي. ان ڪري سمن گڏجي، انڙ سمي جي سرواڻي هيٺ سومرا خاندان جي آخري حاڪم ارميل کي قتل ڪري، بادشاهي لشڪر کي شڪست ڏيئي، 1351ع ۾ حڪومت تي قبضو ڪيو ۽ ”سما خاندان“ جي حڪومت جو بنياد وڌو. هن خاندان جو ٽيون حاڪم، خيرالدين ڄام تماچي هو جيڪو علاؤالدين ڄام جونا جو پٽ هو ۽ 1366ع کان 1375ع تائين حڪومت ڪيائين. هن جي ڏينهن ۾ محمد شاهه تغلق سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر ٺٽي جي ويجهو پلو کائيندي مري ويو. محمد شاهه جي وصيت موجب سنڌو درياءُ جي ڪناري تي ئي فيروز شاهه دهلي جو بادشاهه مقرر ٿيو. ڄام خيرالدين نه صرف سندس بادشاهيءَ کي نه مڃيو پر سندس ايتري ته مخالفت ڪيائين جو هن شهنشاهه هند کي آخر سنڌ ڇڏڻي پئي ۽ ڄام خيرالدين سيوهڻ تائين، فيروزي لشڪر جو پيڇو ڪندي کيس سنڌ مان هڪالي ڪڍيو.
ڄام خيرالدين نه صرف بهادر سپاهي ۽ غيرتمند سنڌي هو، پر هڪ عادل حڪمران به هو. اچو ته مان اوهان کي سندس انصاف جي هڪ ڳالهه ٻڌايان: هڪ دفعي هو پنهنجن نوڪرن سان گڏ شڪار تي ويو. ڏسي ته جهنگ ۾ ڪجهه هڏيون پيون آهن. هو بيهي رهيو ۽ ڪجهه وقت تائين هڏين کي ڏسڻ کانپوءِ، نوڪرن کان پڇيائين: ”هي هڏيون مون کان ڇا ٿيون گهرن!“ هي عجيب سوال ٻڌي سڀ چپ ٿي ويا. ڄام چيو ته ”هي مظلوم انسانن جون هڏڙيون، مون کان انصاف جي گهر ڪري رهيون آهن. ايستائين مان هتان نه چرندس جيستائين مظلومن جي داد رسي نه ڪندس.“ آخر پڇا تي معلوم ٿيو ته 7 سال اڳ گجرات جو هڪ قافلو هتان لنگهيو هو ۽ ڪن چورن ان کي لٽي ڦري ماري ڇڏيو هو. ڄام اهو ٻڌي تپي باهه ٿي ويو ۽ چورن کي ڳولرائي، انهن کان مال وٺي، گجرات جي بادشاهه جي معرفت سندن وارثن کي پهچايائين ۽ چورن کي ڦاسي ڏياري ڇڏيائين. هن ننڍڙي ملڪ جي بادشاهه جو ههڙو مثالي انصاف دنيا جي تاريخ ۾ ورلي ملندو.

آزاديءَ جي راهه

ٻارو! هي تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جن ڏينهن ۾ ساري هندستان تي، محمد شاهه تغلق حڪومت ڪندو هو. هن جو اصل نالو جونا خان هو. هن پنهنجي پيءُ کي ٺڳي ساڙي ماري، بادشاهي حاصل ڪئي. انهيءَ دور ۾، سنڌ به دهليءَ سلطنت جي قبضي هيٺ هئي، جنهن تي هڪ گورنر راڄ ڪندو هو، جيڪو مرڪز طرفان ٿاڦيل هوندو هو. ان وقت سنڌ صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو ۽ عمادالملڪ نالي گورنر مقرر ٿيل هو جيڪو ڏاڍو ظالم ۽ خونخوار هو.
سنڌ جا رهاڪو فطرتاً آزادي پسند آهن ۽ هو گهڻو وقت محڪوم رهي نٿا سگهن. ان وقت به هتي ڪي اهڙا سورهيه ۽ سوڍا پٽ هئا، جن آزاديءَ جي چڻنگ پئي دکائي ۽ ان لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ دستور هوندو هو ته هر شهر جو منتظم به بادشاهه طرفان مقرر ٿيل هوندو هو، ان ڪري سيوهڻ جو سردار به رتن نالي هڪ هندو هو. جنهن کي بادشاهه ”سنڌ سردار“ جو لقب ڏيئي سيوهڻ ۽ ان جا پرڳڻا جاگير طور عطا ڪري، هتان جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. هن اچڻ سان ئي سختي شروع ڪئي ۽ جيڪي چونڊ ماڻهو سياسي شعور ۽ قومي سجاڳي رکندڙ هيا ۽ جن کي پنهنجي جنم ڀومي جي آبرو جو احساس هو، تن کي گرفتار ڪرائي سخت سزائون ڏنيون. اهڙي طرح هي هٿ جو گڏو، تغلق جي اشارن تي پنهنجي ئي گهر جا سورهيه مارڻ لڳو. اهي ظلم ڏسي، هتان جي عوام امير ونار ۽ امير قيصر جي هٿ هيٺ منظم ٿي، رات جي اونداهيءَ ۾ ناظم جي تنبوءَ تي حملو ڪري، هن اقتدار جي بکئي ۽ حڪومت جي پٺوءَ کي قتل ڪري، سنڌ کي هن ظالم کان نجات ڏياري. سنڌين متفق راءِ ٿي ونار انڙ کي پنهنجو سردار بڻائي ”ملڪ فيروز“ جو لقب ڏئي سنڌ جو حاڪم بڻايو.
اها خبر جڏهن بادشاهه محمد تغلق کي پئي، تڏهن هو باهه ٿي ويو. سندس اقتدار جي ڪوٽ کي اڏوهي کائي ڇڏيو. سنڌ جهڙو سرسبز، خوشحال ۽ آسودو صوبو هٿان هليو ويو. سوني آني ڏيڻ واري ڪڪڙ جي وڃڻ تي هن کي ايڏو ارمان ٿيو جو بروقت سنڌ جي گورنر عمادالملڪ کي حڪم ڏنائين ته هو هڪ وڏو لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهي وڃي ۽ باغين کي سخت سزا ڏئي. حڪم ملندي ئي هو هڪ وڏو ڪٽڪ سيوهڻ تي چاڙهي آيو. هتان جي رهاڪن ساڻس جنگ ڪئي، پر لکن جي لشڪر کي، هڪ شهر وارا ڪيئن پهچن؟ آخر هو قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيا. عمادي فوج شهر جو گهيرو تنگ ڪري، منجنيقون استعمال ڪيون ۽ مٿن گولا وسائڻ لڳا. مجبور ٿي شهر جا رهاڪو، سر تريءَ تي رکي، ميدان جنگ ۾ ڪڏي پيا، زبردست جنگ لڳي. آخر بادشاهي لشڪر صلح جو ڍؤنگ رچائي، لڙائي بند ڪرائي. جڏهن امير ونار پنهنجي ساٿين سان گڏجي وٽن صلح جا شرط ٻڌڻ آيو، تڏهن هنن دغا سان کيس قتل ڪري، سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ۽ انهن جو سمورو مال ضبط ڪيو. سيوهڻ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ، عمادي لشڪر شهر کي ڦري چٽ ڪري ڇڏيو. هو هر روز، انهن آزاديءَ جي پتنگن مان چونڊ ڪري، ڪن کي قتل ڪرائيندو هو ته ڪن جون جيئري کلون لهرائيندو هو. اهي انساني کلون بهه سان ڀرائي سيوهڻ جي قلعي جي ديوار تي لٽڪايون ويون، جن کي ڏسي ماڻهو هيسجڻ ۽ دهلجڻ جي بجاءِ انهن سورمن جي ڪارنامن تي فخر ڪرڻ لڳا. انهن سورهين جون سسيون وري وچ شهر ۾ گڏ ڪرايون ويون، جيڪي هڪ ٽڪري وانگر نظر اينديون هيون. سندن ڏيک ڀيانڪ ۽ خوفناڪ هوندو هو. جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن سسين جي ان ٽڪري کي ڏٺو هو.
ٻارو، ڪجهه وقت ته سنڌ ۾ سانت رهي پر پوءِ وري به بغاوت ٿي. ان وقت محمد شاهه تغلق پاڻ ڪاهه ڪري آيو، پر حق ۽ سچائيءَ جي متوالن هر راهه تي، هنن ظالم حاڪمن کي مات ڏئي سنڌ مان تڙي ڪڍيو. اڄ نه اهو محمد شاهه تغلق آهي نه عمادالملڪ آهي پر سنڌ آباد آهي ۽ سدا آباد رهندي.

سچ جا سرواڻ

هندستان جو بادشاهه محمد شاهه تغلق حد درجي جو ظالم ۽ خونخوار حاڪم هو. ڪڏهن ڪو اتفاق هوندو، جو سندس دروازي تي ڪنهن انسان ڦٿڪي دم نه ڏنو هجي. هر وقت اتي لاش پيل هوندا هئا. هو ننڍي توڙي وڏي ڏوهه جي هڪ جهڙي سزا ڏيندو هو، جنهن ۾ علماءُ ڪرام، شريعت جا صاحب، طريقت جا ڌڻي، صالحين ۽ ولي الله اچي وڃن ٿا. هن بادشاهه جسماني سزا جا به عجيب طريقا ايجاد ڪيا، جن ۾ جيئري جي کل لهرائڻ، منجنيق ۾ وجهي اڏائڻ، هاٿيءَ جي اڳيان اڇلائڻ ۽ ڪوڙا لڳائڻ به اچي وڃن ٿا.
چون ٿا ته شيخ شهاب الدين جيڪو وقت جي وڏن مشائخن ۽ صالحين مان هو سو چوڏهن ڏينهن جو لاڳيتو روزو رکندو هو. قطب الدين جهڙا بادشاهه سندس در جو سلامي ڀريندا هئا. هن کي محمد شاهه پنهنجي نوڪري ۾ رکڻ جي آڇ ڪئي پر هن انڪار ڪيو. ان تي همراهه آپي کان ٻاهر نڪري ويو، کيس سخت عذاب ڏئي شهيد ڪرائي ڇڏيو. حضرت بهاءُالدين ذڪريا رحه جي پوٽي شيخ هود کي به هن بي درديءَ سان مارايو.
محمد شاهه تغلق جي هن سفاڪانه دور ۾ سنڌي ويچارا به ڪئين مارجي ويا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته بادشاهه جي درٻار ۾ ٻه سنڌي فقهه جا عالم رهندا هئا. هن کين حڪم ڪيو ته ”آءٌ هڪ امير کي فلاڻي ملڪ جو والي مقرر ڪريان ٿو. اوهان ساڻس گڏجي وڃو. ان ملڪ جي رعيت اوهان جي حوالي ڪريان ٿو، تنهن ڪري هي امير به جيئن اوهان چوندا، ايئن ڪندو رهندو.“ تنهن تي هنن سنڌي صاف دل عالمن کي کڻي ٿي کُٽي، سو سچ ڳالهائيندي چيائون: ”اسان هن امير تي شاهدن وانگر رهنداسون ۽ جيڪي به سچ هوندو هن کي چوندا رهنداسين.“ بس سائين، بادشاهه بِر ٿي ويو، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس، غضبناڪ آواز ۾ چيائين: ”توهان جي نيت ٺيڪ نه آهي، توهان سنڌي ڏاڍا چالاڪ آهيو، توهان جو خيال آهي ته منهنجو مال کائيندا رهو ۽ ان جو الزام وري هن بيوقوف ترڪ امير تي لڳائيندا رهو.“ ايئن چئي حڪم ڪيائين: ”هنن ٻنهي سنڌين کي شيخ زاده نهاونديءَ وٽ وٺي وڃو.“ هيءَ شيخ عذاب ڏيڻ جو ناظم اعليٰ هو ۽ عجيب طريقن سان ماڻهن کي جسماني ۽ ذهني سزائون ڏيندو هو. هن ٻنهي سنڌين کي صلاح ڏني: ”بادشاهه اوهان کي مارائڻ ٿو چاهي، ان ڪري کڻي پنهنجو ڏوهه قبوليو.“ هنن ويچارن جي نيت خراب هجي ته مڃين سو شيخ حڪم ڪيو ته هنن کي عذاب جو مزو چکرايو وڃي. بس سائين پوءِ ته هن دنيا جي دوزخ جا داروغا اچي ويا جن کين سنئون سڌو زمين تي ليٽائي، سندن سينن تي تتل لوهه جون سرون رکيون، ٿوري دير کانپوءِ جڏهن اهي ٺري ويون، تڏهن انهن کي لاهڻ سان گڏ، سيني جو گوشت به گڏ لهندو آيو. پوءِ وري انهن زخمن تي گند به مليو ويو. اهڙي طرح کين ٻيا انيڪ ايذاءُ ڏيئي، بادشاهه جي حڪم تحت قتل ڪيو ويو.
اهڙي طرح هي سنڌي فقهه جا عالم سڳورا، تاريخ ۾ حق جون روايتون ڇڏي، سچ جي سينڌ ۾ هميشه لاءِ سينڌور ڀري پاڻ کي امر بڻائي ويا.

مڙس مٿير

”هي سنڌ جا ماڻهو.....آخر هي ڪهڙي قسم جا جوڌا آهن ۽ سندن وڙهڻ جو ڍنگ ڪهڙو آهي؟ هي شهنشاهه محمد تغلق سان به صفون ٻڌي وڙهيا، جو هو آخر گهڙي تائين، افسوس جون تريون مهٽيندي چوندو رهيو ته، ”مرض مان ڇٽس ته هنن ماڻهن کي ضرور سيکت ڏيندس.“ هندستان جي شهنشاهه فيروز تغلق، دهليءَ ۾ پنهنجي وزيراعظم خان جهان سان سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ وقت، صلاح مشورا ڪندي اها گفتگو ڪئي.
پيارا ٻارو! اهو سمن جي حڪومت جو دور هو، جن 1351ع کان 1519ع تائين حڪومت ڪئي. هن خاندان جو اٺون حاڪم ڄام بابينو (ثاني) هو، جيڪو ڄام خيرالدين بن ڄام تماچيءَ جو پٽ هو. هن سنڌ تي 15 ورهه ڏاڍي شان ۽ شوڪت سان راڄ ڪيو. ساموئيءَ جو شهر به هن ٻڌايو هو.
ڄام بابيني جي دور ۾ فيروز شاهه تغلق، اندر جي باهه اجهائڻ لاءِ ۽ سنڌين کان محمد تغلق جي شڪست جي بدلي وٺڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. خزانن جا منهن کوليائين. سپاهين تي انعامن اڪرامن جون نوازشون ڪيائين. بزرگن جون زيارتون ڪري دعائون پنيائين ۽ اڳواٽ، خير خيراتون ڪري فتحيابي لاءِ ڏاڍا جتن ڪيائين.
هڪ ڏينهن نيٺ هي هندستان جو بادشاهه 90 هزار سوار، 84 هزار پيادا ۽ 480 هاٿي ساڻ ڪري سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي حضرت فريد شڪر گنج جي چانئٺ چمي ۽ منت گهري هو سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيو. سڀ کان اڳ فوج کي حڪم ڏنائين ته سنڌو درياءَ جي ڪناري تي، جيڪي به ٻيڙيون آهن، سي قبضي هيٺ آنديون وڃن. اهڙي طرح سنڌي مهاڻن جون هڪ هزار ٻيڙيون ناحقي کسجي ويون. جڏهن ڄام بابيني کي اها خبر پئي ته هن کلئي ميدان ۾، دهليءَ جي انهي اٿاهه لشڪر سان جنگ جوٽي. سنڌ واسين جي همت، جوانمردي، شجاعت ۽ دليري فيروز شاهه جي اٽڪل سوا لک فوج کي اهڙا ته ٽوٽا چٻايا، جو دهلي جي هن ساري چونڊ لشڪر جي چيلهه ئي ڀڄي پئي. لاچار شهنشاهه هند، هڪ جنگي ڪائونسل سڏائي اعلان ڪيو ته ”منهنجو ارادو آهي ته هتان واپس موٽان ۽ گجرات هلي نيون فوجون تيار ڪريان ۽ جيستائين هنن سنڌين کي آڻ نه مڃائي اٿم، تيسين مون تي آرام حرام آهي.“ هن لڙائي ۾ سنڌين جيڪا بهادري ڏيکاري، ان لاءِ فيروز شاهه جو خاص درٻاري شمس سراج عفيف ”تاريخ فيروز شاهي“ ۾ لکي ٿو: ”سنڌ جا ماڻهو بهادر، انجام جا پڪا، جنگ جا ڪوڏيا ۽ ديس جي حب ۾ دل ۽ دولت لٽائڻ واري جذبي سان سرشار آهن. اهي ڏاڍي شان شوڪت سان، هر وقت لڙائي لاءِ تيار رهندا آهن، سڀ مڙس مٿير آهن. سندن مڙسي ۽ مردانگي جي سڄي جهان کي خبر آهي، هر جوان زور ۽ طاقت ۾، پنهنجي زماني جو رستم آهي.“
جڏهن هي شاهي فوج، ناڪام ٿي واپس موٽي، تڏهن هنن پوئتان پنهنجي بچاءَ لاءِ بنگال جي نواب ظفر خان کي سندس بنگالي فوج سميت مقرر ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ ڪي سنڌي ماڻهو، سونهان ڪري زوري کنيا ته جيئن اهي کين گس ڏيکارين. انهن سنڌي سونهن کين رولي رولي ڪونجي رڻ ۾ آڻي ڇڏيو. اتان جو پاڻي تمام کارو هو ۽ اڳتي وڃڻ جي واٽ به تمام ڏکي هئي. شهنشاهه جڏهن اها حالت ڏٺي، تڏهن ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ سنڌين کي گهرائي کانئن پڇيائين: ”اوهان اسان کي هت ڇو آندو آهي.“
سنڌي سوڍن جواب ڏنو ته: ”اوهين اسان جي ساڻيهه ۽ ساڻيهين جا دشمن آهيو ۽ اسان کان آزادي جي نعمت کسي غلام بڻائڻ آيا آهيو، ان ڪري اوهان کي اهڙي هنڌ وٺي آيا آهيون، جتان ڪو به زندهه ڪو نه بچندو. اها خاطري اٿئون ته پڪ اوهين اسان کي جيئرو ڪو نه ڇڏيندا، پر اها ڪا وڏي ڳالهه ڪا نه آهي. اسان جي قربانين جي ڪري، اسان جي پياري ڏيهه تان ڏرت ٽري ويندو، هيءَ جان ديس تان گهوري ته به ٿوري، اوهان جلد مري ويندؤ ۽ سنڌ کي فتح ڪرڻ جو اوهان جو خواب ڪڏهن به پورو ڪو نه ٿيندو.“ فيروز شاهه اهو جواب ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ سڀني سنڌين کي دردناڪ نموني قتل ڪرائي ڇڏيائين. رڻ ۾ بادشاهه جو لشڪر ڏاڍو حيران ٿيو، بک، اڃ، ڪمزوري ۽ بيماري سندن حال هيڻو ڪري وڌو. هنن پنهنجو قيمتي سامان بيابان ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترو ئي لشڪر بک وگهي مري ويو. سندن سواريءَ جا جانور به گهڻي ڀاڱي اتي ختم ٿي ويا. هوڏانهن دهلي ۾ هُل پئجي ويو، چئي: ”شهنشاهه پاڻ ته مئو پر فوج به چٽ ڪيائين.“
جيڪي هندستاني سورما، سنڌ ۾ موجون ماڻن لاءِ هندستان کان پڳون ٻڌي، وڏي رعب تاب سان نڪتا هئا، تن جي گهرن ۾ روڄ شروع ٿي ويو. جيڪي ٻين جي گهرن ۾ ماتم وجهڻ آيا هئا، تن جو پنهنجو گهر ماتم ڪدو بڻجي ويو. بادشاهه ڇهن مهينن جي رولڙي کانپوءِ فقيري حالت ۾ گجرات پهتو. جتان جي حاڪم تي ڇوهه ڇنڊيندي سندس جاگير ضبط ڪيائين ۽ جيئن تيئن دهلي پهچي، مس مس اتي وڃي دم پٽيائين.
ٻارو، ڏٺوَ ڪيئن نه سنڌ جي سورهين، پنهنجي جان جي قرباني ڏيئي پنهنجي پياري ديس کي، ڌارين جي غلاميءَ کان بچايو. اسان جي تاريخ اهڙن ڪيترن ئي سرويچن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آهي. شل اوهين پنهنجن وڏڙن جي ڪارگذارين مان ڪجهه سکي سگهو.

ڄام نندو

پيارا ٻارو! اوهان پنهنجي اسڪولي ڪتابن ۾ اڪبر جي ڏاهپ ۽ جهانگير جي انصاف، اورنگزيب ۽ ٻين مسلمان بادشاهه جي پرهيزگاري بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون پڙهيون آهن. اڄ اچو ته مان اوهان کي سنڌڙي جي هڪ نيڪ دل، نيڪ بخت، ڏاهي ۽ درويش صفت بادشاهه جي ڳالهه ٻڌايان جيڪو هڪ پاسي ديندار، انصاف پسند ۽ پرهيزگار هو، ته ٻئي پاسي سپهه سالار، سورهيه ۽ محب وطن به هو ۽ جنهن جي رڳ رڳ ۾ ساڻيهه جي سڪ ۽ سنڌڙيءَ جي سڪار جو اونو هوندو هو. اهو سنڌ جو سڀاڳو بادشاهه ڄام نظام الدين هوندو هو، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو پيار وچان ”ڄام نندو“ به چوندا هئا. ڄام نندو 896 هجري (1490ع) ۾ تخت تي ويٺو. هو ڀنڀو بن انڙ بن صلاح الدين بن تماچيءَ جو پٽ هو. هن پنهنجي گادي ساموئي شهر مان کڻائي، 900 هجري ۾ ٺٽي ننگر ۾ قائم ڪئي. ٺٽو ننگر هن ئي اوج تي پهچايو. هو سمي گهراڻي جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي. ننڍي هوندي کان ئي علم جو شوق هوس ۽ اڪثر ڪري ڪتب خاني ۾ ئي رهندو هو. نماز ۽ روزي جو پابند هو. سندس ڏينهن ۾ مسجدون نمازين سان ڀريل هونديون هيون. هن جي علم پروري جي هاڪ ٻڌي ايران ۽ خراسان کان ڪيترائي عالم ۽ علم جا ڳولائو لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيا ۽ علم جي هاڪ سبب هيءُ شهر ”علم جو گهر“ سڏجڻ لڳو. هن جي ڏينهن ۾ ماڻهوءَ سکيا ستابا هوندا هئا. هر مهيني جي پوئين جمعي ۽ پهرئين سومار توڙي چوڏهينءَ رات تي مڪلي جي ٽڪريءَ تي ميلا لڳندا هئا. هو ايتري قدر نرم دل ۽ انسان دوست ماڻهو هو جو اڪثر ڪري، گهوڙن جي ڪڙهه ۾ وڃي، انهن جي پيشانيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو ته: ”اي نيڪ بختؤ آءٌ توهان کي تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته چئني طرفن کان مسلمان حاڪم آهن، متان انهن جو خون منهنجي ڳچيءَ ۾ پوي.“ هاڻي سنڌ جي هن عادل ۽ شريف بادشاهه جي هڪ ڳالهه اوهان کي ٻڌايان ٿو:
انهن ڏينهن ۾ قاضي عبدالله نالي هڪ خدا پرست انسان گذاري ويو. جنهن هڪ بزرگ کي خواب ۾ چيو ته: ”منهنجي جنازي نماز اهو ماڻهو پڙهائي، جنهن ڪڏهن به بنا وضو آسمان ڏانهن نه نهاريو هجي، جنهن پرائي اوگهڙ ته نه پر پنهنجي اوگهڙ به نه ڏٺي هجي.“ ٺٽي ۾ ڪيترائي پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ هئا پر اهي وصفون صرف سنڌ جي سلطان ۾موجود هيون ۽ هن ئي قاضي جي نماز پڙهائي. انهيءَ تقويٰ ۽ پرهيزگاري سبب ئي پير مراد شيرازي جي جنازي نماز به ڄام پڙهائي.
ڄام نندو نهايت ئي نيڪ ڪردار ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جري ۽ سٺن عادتن وارو سلطان هو. جاهه ۽ جلال، شان ۽ شوڪت، تدبر خواهه فهم ۽ فراست ۾ سندس ڪوئي شاني ۽ ثاني ڪو نه هو. سندس اڌ صدي جي حڪمراني سنڌ لاءِ سچي پچي رحمت ثابت ٿي. مغل دور جو هڪ تاريخ نويس پنهنجي ڪتاب ”ماثر رحيمي“ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ ڇا، پر سموري هندستان ۾ هن جهڙو ديندار، متقي ۽ صاحب فضيلت بادشاهه ڪو نه ٿيو. سندس دور ۾ عالم، صاحب، بزرگ ۽ فقير سڀ خوش خرم ۽ رعيت خواهه سپاهي فارغ البال ۽ آسودي حال هئا.“ هن جي ڏينهن ۾ مذهبي دوئي ۽ ديني دنگا ڪو نه هئا. غير مسلم رعيت به انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي، ڪيترائي هندو اعليٰ عهدن تي هئا.
ڄام نندو بهادر ۽ محب وطن حاڪم هو. سندس ڏينهن ۾ هڪڙو ظالم ۽ خونخوار حاڪم، شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهي آيو، پر ڄام نندي ساڻس جنگ ڪري کيس ڀڄائي ڪڍيو ۽ اهڙي ته شڪست ڏنائينس جو شاهه بيگ سندس ڏينهن ۾ وري سنڌ تي ڪاهه نه ڪئي. سنڌ جو هي ديندار، صلح پسند، عادل ۽ محب وطن حاڪم سن 1508ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جي حڪومت جو عرصو چاليهه سال هو. سندس مقبرو مڪلي جي پرئين ڪناري تي آهي. ان تي اُڪر جو بي مثال ڪم ٿيل آهي. ڄام نندي جو هي مقبرو، سنڌ جي هر وطن دوست لاءِ زيارت جي جاءِ آهي.

دولهه منهنجي ديس جو

”ساڻيهه جي آزاديءَ تان زندگيءَ جون سموريون خوشيون قربان ڪرڻ منهنجو ايمان آهي. آءٌ قوم جي تڪليفن ۽ مصيبتن جي ڍال آهيان. هن وقت مون تي اهو واجب نه آهي ته آءٌ هت آرام سان ماٺ ڪري ويٺو هجان ۽ قوم کي ڌاريا موت جو مزو چکائيندا رهن. منهنجي جاءِ سهاڳ جي سيج نه پر جنگ جو ميدان آهي.“ سنڌ جي سورهين جو سردار دريا خان پنهنجي مينديءَ رتل ونيءَ کي ايئن چئي سيج ڇڏي فوج وٺي وڃي مغلن جي لشڪر تي ڪڙڪيو، جيڪو قنڌار کان ڀڄي سنڌ جي اڪڙي، چانڊڪيءَ ۽ سڌيچ ڳوٺن تي حملو ڪري آيو هو. دريا خان کين زبردست شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو. هن جنگ ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ مارجي ويو ۽ هن قسم کنيو ته اڳتي هو وري سنڌ ڏانهن اک نه کڻندو.
ٻارو! دريا خان اصل ۾ لاشاري بلوچ قبيلي مان هو ۽ بلوچستان جو رهاڪو هو. سندس وڏا سيتان ۽ مڪران جا رهاڪو هئا. مڪران جي حاڪم مير فتح خان لاشاري، جڏهن وفات ڪئي تڏهن سندس سرداري ٻه ڀاڱا ٿي پئي. هن جا ٻه پٽ مير معين خان ۽ مير عبدالرزاق حڪمران ٿيا. دريا خان مير معين جي پيڙهي مان هو، سندس والد جو نالو لؤنگ خان هو. ان وقت لاشارين ۽ رندن جي پاڻ ۾ جنگ هلندڙ هئي. رندن جي سردار مير چاڪر خان مغلن کان مدد ورتي ۽ لاشارين سنڌ جي حاڪم ڄام نندي سان دوستيءَ رکڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو نوڪري ڪرڻ لاءِ ٺٽي موڪليا جن ۾ دريا خان، سندس ڀاءُ سارنگ خان به آيا. دريا خان جيئن ته هوشيار ۽ قابل هو، ان ڪري جلد ئي ڄام وٽ وڏو درجو حاصل ڪري ٻين وزيرن اميرن کان اڳتي ٽپي، وڏو وزير ۽ اميرالامراءُ ٿيو ۽ کيس مبارڪ خان جو لقب مليو. بادشاهه ڄام نندو کيس ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ پٽن وانگر سمجهندو هوس. مرڻ ويلي بادشاهه پنهنجو پٽ ڄام فيروز سندس حوالي ڪيو.
ڄام نندي جي وفات کانپوءِ 1598ع ۾ ڄام فيروز گادي تي ويٺو. اهو الهڙ ۽ اڻ ڄاڻ هو، ان ڪري حڪومت جو سارو انتظام دريا خان نهايت تدبر ۽ ڪاميابي سان هلايو پر اها ڳالهه فيروز جي ماءُ کي نه وڻي ۽ هن قنڌار مان آيل ڪي ارغون امير پاڻ وٽ رکيا، جن مان مير قاسم ڪيڪي به هڪ هو. اها حالت ڏسي دريا خان، جنهن کي فيروز حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو هو، پنهنجي زمين تي ڳاهن جي ديهه ۾ هليو ويو. هاڻي قاسم ڪيڪي کي وارو ملي ويو ۽ هن شاهه بيگ کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ لکيو. شاهه بيگ ته انهيءَ تاڙ ۾ ويٺو هو، ڇو ته قنڌار ۾ کيس بابر جو خوف هو، ان ڪري هن سنڌ تي ڪاهه ڪئي. جڏهن دريا خان کي خبر پئي ته سنڌ جي سينڌ ٿي اجڙي ۽ قوم ٿي تباهه ٿئي، تڏهن هڪ وڏو لشڪر وٺي، ساموئي وٽ قنڌارين جي سامهون ٿيو. سنڌ جي هن خانباز سپهه سالار ۽ سوڍي پٽ دشمن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. شڪست اکئين ڏسندي ارغون حاڪم قرآن شريف وچ ۾آڻي، صلح ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. جڏهن دريا خان ڳالهين لاءِ وٽن ويو، تڏهن هنن انتهائي بي حيائي ۽ عياري جو مظاهرو ڪندي هن سوڍي کي شهيد ڪري ڇڏيو.
شاهه بيگ 1519ع ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿي عام ڦرلٽ جو حڪم ڏنو. هي لٽ مار پورا 9 ڏينهن هلي ۽ ٺٽي جا غريب ماڻهو ڦربا ۽ لٽبا رهيا. ان کان پوءِ سنڌ اڍائي سؤ سالن تائين ڌارين جي قبضي ۾ رهي، صدين تائين عذاب سهندي رهي.
دريا خان جو وطن دوستيءَ جو اهو جذبو ۽ سورهيائيءَ جو هي داستان سنڌ جي تاريخ جو اڻ مٽ مثال آهي ۽ ايندڙ جڳن تائين، سنڌ جي هر نئين نسل لاءِ ساڻيهه تان سر گهورڻ جو هڪ عمدو ۽ روشن مثال ثابت ٿيندو رهندو.

گهاڻي پيڙيا گهوٽ

پيارا ٻارو! 1519ع جي ڳالهه آهي، سنڌ جي سورهين جو سردار دريا خان، شاهه بيگ ارغون سان جنگ لڙندي جڏهن جنت واسي ٿيو، تڏهن هن ارغوني سردار ٺٽي تي مڪمل قبضو ڪري ورتو ۽ اتي ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڏني. ٺٽي کي فتح ڪرڻ کانپوءِ سيوهڻ پهتو ته اتي کيس خبر پئي ته آسپاس جا جيڪي سورهيه سردار هئا، تن شاهه بيگ جي لشڪر پهچڻ کان اڳ ٽلٽيءَ ۾ اچي وڏو لشڪر تيار ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته: ”مئي مارائي بغير، سنڌڙي نه ڏينداسين.“ اهو ڄامن، سوڍن ۽ سهتن جو لشڪر هو. انهن سورهين ۾ هي ولولو مخدوم بلاول رحه پيدا ڪيو. سندس قومي تحريڪ جي ڪري، ڄام نندي جي وزير دريا خان جي پٽن محمود ۽ مٺڻ، دريا خان جي جاگير ڳاهان ۾ ماڻهو پئي گڏ ڪيا. هن قومي مقصد لاءِ مخدوم صاحب سمن ۽ سهتن کانسواءِ رائي رڻمل سوڍي ۽ سندس ڀاءُ جوڌا سنگهه کي به اڀاري لڙائي لاءِ تيار ڪيو. هو ٻئي ڀائر ٽلٽي تي قبضو ڪري ويٺا. وٽن سوڍن ۽ سهتن جو وڏو لشڪر هو. هنن سنڌي سورمن کي قومي لڙائي ۾ اڀارڻ لاءِ، مخدوم صاحب ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو، ان لاءِ تاريخ ”معصومي“ وارو لکي ٿو ته: ”جڏهن شاهه بيگ ٽلٽي جي سامهون اچي لٿو تڏهن ان ڏينهن، ٽلٽيءَ جي هڪڙي ماڻهو کيس اطلاع ڏنو ته ميان محمود، مٺڻ خان، ڄام سارنگ ۽ رڻمل سوڍو خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار هئا پر انهن کي ملڪ جو هڪڙو عالم ۽ مشائخ مخدوم بلاول روڪي ويٺو آهي ۽ اچڻ نٿو ڏي، پر لڙائي جي ترغيب ۽ جوش ڏياري ويٺو آهي.“ شاهه بيگ اهو ٻڌي مير فاضل ڪوڪلتاش سان گڏ مخدوم تي لشڪر ڪشي ڪئي. پهريائين مير سمن سان جنگ جوٽي، پر پوءِ مرزا شاهه بيگ پاڻ لشڪر وٺي جنگ ۾ گهڙيو. مغلن زور ۽ زبردستي سان ٽلٽيءَ جي ڪوٽ جا دروازا ڀڳا. سهتن ۽ سوڍن ڏاڍي بهادري سان لڙائي لڙي پر سڀئي جوڌا جوان محمود، مٺڻ خان، ڄام سارنگ ۽ رڻمل سوڍو مارجي ويا ۽ شاهه بيگ جي فتح ٿي. اهڙيءَ ريت سنڌ مڪمل طرح غيرن جي چنبي ۾ اچي ويئي. شاهه بيگ، 3 ڏينهن ٽلٽيءَ ۾ رهي، اتي جي رهاڪن لاءِ پوري بربادي آندي. هن قومي لڙائي، آزادي ۽ خودمختياريءَ جي تحريڪ ۾ مخدوم بلاول جو وڏو هٿ هو، سڀئي جوڌا جوان هن جا تيار ڪيل مريد ۽ معتقد هئا. تنهن ڪري شاهه بيگ جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ هن تي تمام وڏو ڏنڊ رکيو، جيڪو هن ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ارغونن پوءِ دغا ڪري هن درويش ۽ وطن دوست تي الحاد ۽ فڪر جي فتويٰ لڳائي کيس گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪرايو.
سنڌ جو هي مانجهي مرد، ذات جو سمو هو. سندس والد جو نالو ڄام حسن هو. نائين صدي جي پوئين اڌ ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪري پوءِ وڌيڪ تعليم ٽلٽي جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر وٽ اچي حاصل ڪئي. شادي به اتي ڪيائين. آخر ۾ باغبان ضلعي دادو ۾ اچي مدرسو کوليائين. تفسير ۽ حديث جي علم ۾ ماهر هو. سندس ڪيترائي مريد هئا. پاڻ تصوف سان واسطو رکندڙ هو، مگر قومي تحريڪ ۽ پنگتي سڌارن جو سرگرم ڪارڪن هو. ارغونن جي اچڻ وقت هن جيڪا قومي تحريڪ هلائي، ان ۾ سيد حيدر سنائي جهڙا مجاهد مرد شريڪ ٿيا. هن اهڙي وقت ۾ ديس جي سربلندي خاطر حجرو ڇڏي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ديس جي سالميت قوم جي بنيادي لوازمات مان هڪ آهي. هن واضح ڪيو ته صوفي نه مڙهيون وسائيندا آهن ۽ نه وري ڌارين جون جتيون صاف ڪندا آهن پر هو ساڻيهه تان سر ڏيندا آهن. سنڌ جي هن سدا جيئري سالڪ ۽ سورهيه نه فقط سنڌ جي جوڌن جوانن کي، سندن لشڪر سميت هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري قومي لڙائي لاءِ اڀاريو پر پنهنجن مريدن ۽ خليفن کي لڙائي ۾ شريڪ ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ سنڌ کي غيرن جي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ مجاهدانه جدوجهد ڪندي پاڻ به شهادت جو درجو حاصل ڪيو.
مخدوم صاحب جي شهادت جو اهو واقعو 6 مئي 1523ع جوآهي.

همايون جي شادي

پيارا ٻارو! اوهان پنهنجن اسڪولي ڪتابن ۾ نصيرالدين همايون جو نالو پڙهيو هوندو. هن کي جڏهن شير شاهه سوري شڪست ڏيئي، دهليءَ مان ڀڄائي ڪڍيو، تڏهن هو تخت ڇڏي پنهنجي ڀاءُ هندال، سندس ڪٽنب ۽ پنهنجي اٽالي سميت 26 جنوري 1541ع ۾ سنڌ جي ننڍڙي شهر ٻٻرلوءِ پهتو. هت کجين ۽ انبن جا تمام وڏا باغ هئا، ان ڪري همايون اتي پنهنجي 2 لک فوج لاءِ ڇانوڻي هنئي. ان وقت سنڌ جو حاڪم شاهه حسن ارغون هو. همايون هن کي هڪدم پاڻ وٽ حاضر ٿيڻ لاءِ ايلچي موڪليو. ڇو ته مهايوني لشڪر بک پئي مئو ۽ گهوڙن کي ذبح ڪري پئي کاڌائون. ان ڪري هميشه وانگر هن سنڌ جي حاڪم کان ڪجهه وٺڻ پئي گهريو. شاهه حسن اچڻ ۾ ڪجهه دير ڪئي سو همايون هندال کي سيوهڻ تي قبضي ڪرڻ لاءِ پاٽ روانو ڪيو. ٽن ڏينهن کانپوءِ همايون به شاهه حسن طرفان مليل سوکڙين سان اٺ ڀرائي پاٽ پهتو.
هندال وٽ پاٽ ۾ ان وقت سندن ڪٽنب ۾ ماءُ، ڀيڻن ۽ زال سان گڏ هڪ 14 سالن جي ڪنواري ڇوڪري حميدا بانو به هئي، جيڪا ميرعلي اڪبر موسوي عرف مير بابا دوست جي ڌيءُ هئي. هن جو پيءُ هندال جو استاد هو، ان ڪري سندس سڄو خاندان ڏک سک ۾ هندال سان رهندو هو. همايون جڏهن پاٽ پهتو، تڏهن هن رات جي ماني هندال جي ماءُ وٽ کاڌي. همايون دسترخوان تي هن چوڏهن سالن جي ڇوڪري جي سونهن ۽ سوڀيا ڏسي حيران ٿي ويو. هو ان وقت 33 ورهين جو ٻارن ٻچن جو پيءُ ۽ 6 زالن جو مڙس هو پر عشق اهو نه ڏسندو آهي. بادشاهه دل جي هٿان مجبور ٿي پيو. ماني کائي، ٽٽل قدمن سان لاچار پنهنجي تنبو ۾ اچي ليٽيو پر اندر ۾ اوڙاهه، رات جو ننڊ حرام ته آرام به حرام. صبح جو سوير هندال جي ماءُ دلدار بيگم وٽ پهچي کانئس راتوڪي ڇوڪري بابت پڇا ڪيائين. مائي چيس ته ”ڇوڪري مير بابا دوست جي ڌيءَ حميدا آهي.“ همايون چيس ته: ”ڏاڍو سٺو جو هو اسان جو مائٽ آهي، جيڪڏهن مان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ته اها منهنجي گهٽتائي نه چئبي.“ اها ڳالهه ٻڌي هندال ڀاءُ کي چيو ته: ”هتي جلاوطني جي حالت ۾ ايئن ڪرڻ ٺيڪ نه آهي، جي خرچ جو پورو انتظام نه ٿي سگهي ته پوءِ.“ همايون اهو ٻڌي ڪاوڙ مان اٿي هليو ويو. اندر ۾ آنڌ مانڌ همراهه پريشان، ماني پاڻي وسري ويس. اوچتو دلدار بيگم جي چٺي اچي پهتيس ته: ”ڇوڪريءَ جي ماءُ ته ان کان به سخت شرط وجهي رهي آهي ۽ تون ته ٿوري ڳالهه تي چڙي وئين.“ همايون خط چمي اکين تي رکيو ۽ جواب موڪليائين ته: ”اوهان جو سنيهو مون لاءِ نئين زندگيءَ جو نياپو آهي، جيڪي به شرط وڌا وڃن، اهي مان دل سان مڃيندس، خرچ پکي لاءِ به هو، جيڪي شرط وجهندا مان قبوليندس. اوهان جي جواب لاءِ مان آسائتو رهندس.“
ان کانپوءِ ٻيهر دلدار بيگم دعوت جو بندوبست ڪيو. همايون ڇوڪريءَ کي ڏسڻ جي خواهش ڪئي، پر حميدا بانو کيس چوائي موڪليو ته: ”بادشاهن کي هڪ دفعو ملڻ جائز آهي، وري وري ملڻ صحيح نه آهي. مان هرگز نه اينديس.“ حميدا بانو جيڏي حسين هئي، تيڏي خوددار به هئي. جڏهن دلدار بيگم کيس چيو ته: ”آخر ڪنهن سان ته تون شادي به ڪندينءَ. بادشاهه کان وڌيڪ ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو. اهڙي نعمت کي ڇوٿي ٿڏين.“ انهيءَ تي هن جيڪو جواب ڏنو، سو سندس انانيت ۽ خودداريءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ياد رهي ته همايون قد جو ڊگهو هو ۽ حميدا بانو بندري هئي. هن جواب ڏنو ته: ”هائو مان ڪنهن سان شادي ڪنديس ته سهي پر اهو ماڻهو، جنهن جي ڳچي تائين منهنجا هٿ پهچي سگهن.“
بهرحال چاليهن ڏينهن جي تڪرار کانپوءِ 29 آگسٽ 1514ع تي سومر جي ڏينهن، امير ابوالقاسم هن لاڏي گهوٽ جو نڪاح پڙهيو. حق مهر ۾ همايون زال کي 2 لک درهم روڪ ڏنا. ان وقت گهوٽ 33 ورهين جو هو ۽ ڪنوار 14 سالن جي، يعني گهوٽ ڪنوار کان پورا 19 سال وڏو هو.
حميدا بانو جي پنهنجي مڙس سان ڏاڍي پريت هئي. همايون ان وقت شهنشاهه هند نه پر هڪ محتاج ۽ پينو شهزادو هو، جيڪو سنڌ جي رڻ ۾ ڪنهن اجهي لاءِ پئي رليو. اهڙي ڪسمپرسي ۽ خانه بدوشي جي ڏينهن ۾ حميدا سندس مڪمل ساٿ ڏنو ۽ پنهنجي ور جي هر ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي. اهڙي حالت ۾ 15 آڪٽوبر 1542ع تي هن عمر ڪوٽ سنڌ ۾، اڪبر کي جنم ڏنو، جنهن جي ڇٽيءَ تي همايون درٻار ۾ مشڪ ورهائيندي چيو ته: ”اي دوستو، شل هن مشڪ وانگر، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ به هن ٻار جي خوشبوءَ رچي بسي وڃي.“ انهيءَ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ اڪبر پنهنجي سپهه سالار خان خانان کي لشڪر ڏيئي، 1591ع ۾ سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جنهن شهرن تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جي اندر ٻاهر اچڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا جيڪو ٻاهر ٿي نڪتو، تنهن تي توب ۽ تفنگ جا گولا ٿي وسايائين ۽ جيڪي اندر رهيا ٿي سي ٻارين ٻچين موت جي منهن ۾ ايندا ٿي رهيا. هنن کي کائڻ لاءِ ان جو داڻو ته ڇا پر پاڻي جو ڍڪ به نصيب نه ٿي ٿيو. اهڙي طرح اڪبر پنهنجي پيءُ سان ڀلائي جو بدلو سنڌ ۽ سنڌين کي ڏنو.

ٻن ڀائرن جي ڳالهه

همايون ڪنهن زماني ۾ ساري هندستان جو شهنشاهه هو. هڪ ڀيري شير شاهه سوريءَ کيس دهليءَ مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ هو بي سرو ساماني جي حالت ۾ 1541ع ۾ سنڌ ۾ آيو. سنڌ جي آسودگي، خوشحالي ۽ مارغ الباني ڏسي هن کي اچي دل ۾ گدڙ ويٺو ته سنڌ تي قبضو ڪري ڪجهه وقت لاءِ عيش ڪجي. اهو خيال ڪري هن سکر جي قلعي کي 6 مهينن تائين گهيرو ڪيو، پر ناڪام ٿيو. مغليه لشڪر جوئر جي ڍوڍي لاءِ سڪڻ لڳو. ان ڪري همايون لشڪر سيوهڻ ڏانهن موڪليو ته ڪجهه ڳوٺن کي ڦري اناج هٿ ڪري. پاڻ وري پاٽ کان ٿيندو، اٽالي سميت سيوهڻ پهچي قلعي کي بارود سان اڏائڻ جو حڪم ڏنو، شهر جي چوڌاري جيڪي ٻنيون ۽ باغ هئا تن کي ويران ڪرائي ڇڏيائين. اهي اڳرايون ڏسي سنڌ جو حاڪم شاهه حسن ارغون لشڪر وٺي مقابلي ڪرڻ لاءِ هن جي سامهون ٿيو. تن ڏينهن ۾ لشڪر جي چوڌاري کاهين کوٽائڻ ۽ مڙسن کان تار لوڙهن ڏيڻ جو رواج هو. ٻنهي ڌرين ڇانوڻين جي ٻاهران اهڙو انتظام ڪري ڇڏيو هو.
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو هڪ سنڌي سپاهي ٻين سان گڏجي همايوني لشڪر تي حملو ڪيو ۽ ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهندي زخمي ٿي پيو. هن کي همايون وٽ جڏهن پيش ڪيو ويو، تڏهن همايون حڪم ڏنو ته هن سنڌيءَ جي چڱي طرح ملم پٽي ڪئي وڃي، اسان سندس شجاعت ۽ دلي قوت مان فائدو وٺڻ چاهيون ٿا. سپاهي جواب ڏنو ته اسان سنڌين جي اها روايت آهي ته ملڪ ۽ مالڪ جا نمڪ حرام نه ٿيندا آهيون، مرندي مري ويندس، پر ڪنهن به حالت ۾ اوهان جي ملازمت نه ڪندس. اهي لفظ ٻڌي، همايون کيس ڪاوڙ مان مارائي ڇڏيو.
ان سورهيه سنڌي سپاهيءَ کي ٻه پٽ هيا. شاهه حسن هنن جي دلجوئي ڪئي ۽ کين فوج ۾ ملازم رکي هنن کي فوجي تربيت ڏياري. ٻئي نينگر تمام بهادر ۽ غيور هيا، ان ڪري هنن پاڻ ۾ انجام ڪيو ته هو مغلن جي ڇانوڻي تي حملو ڪري مرحوم پيءُ جو پلاند ضرور وٺندا. انهن ڀائرن ۾ هڪ جو نالو ”خاڪي“ هو ۽ پير کان منڊو هو، ان ڪري کيس تاريخ ۾ ”خاڪي لنگ“ سڏيو وڃي ٿو.
هڪ ڏينهن همايون ڪاٺين جي مناري تي ويهي، چونڊيل سپاهين کان سلامي وٺي رهيو هو ته هنن ٻنهي ڀائرن گهوڙن تي چڙهي کاهي ٽپي مٿن حملو ڪيو، ڏاڍا جوهر ڏيکاريائون. همايون جون ته ڏندين آڱريون اچي ويون. ڪجهه مغل سپاهي ماري، ڪجهه ڦٽي، پاڻ زخمي ٿي واپس هليا ويا. همايون سندن بهادري کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ مرزا ڏانهن چوائي موڪليائين ته ڪالهه اوهان جي ٻن ڇوڪراٽ سپاهين اسان تي حملو ڪيو هو. اسان سندن جرئت ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا آهيون. ان ڪري کين موڪليو ته انعام ڏيون. مرزا اهو ٻڌي ٻنهي ڀائرن کي گهرايو، جيڪي هڪٻئي جي ملم پٽي ۾ رڌل هيا. جڏهن هو همايون وٽ پهتا، تڏهن هن کين ڏاڍي عزت ڏني ۽ چيائين ته اسان ٻڌو آهي ته سنڌ جي سپاهين کي پگهار ڪو نه ملندو آهي. رڳو سال ۾ ڪجهه پراڻيون ساريون کائڻ لاءِ ملنديون اٿن پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي مغل فوج کي باقاعدي پگهار، انعام ۽ ترقيون ملنديون آهن. جيڪڏهن اوهان سنڌي فوج کي ڇڏي اسان وٽ ايندا ته اوهان کي وڏا وڏا انعام ڏينداسون. جيڪڏهن اوهان سنڌ فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ته پوءِ اوهان کي وڌيڪ نوازينداسين ۽ جاگيرون به ڏينداسون. تنهن تي سنڌ جي ننڍڙي سوڍي،. جانباز سپاهي ۽ سورهيه پٽ خاڪي لنگ جو منهن جوش ۽ غيرت مان ڳاڙهو ٿي ويو، چيائين ته اي همايون! ڀؤ نه آهي ته اسان ننڍڙي ٽڪري جا رهاڪو آهيون، غريب آهيون پر ياد رک ته خوددار ضرور آهيون، اسان پنهنجن سان غداري ڪندڙن تي لعنت وجهندا آهيون، ديس جي ويرين جا ساٿي نه ٿيندا آهيون، ملڪ ۽ ملت سان بيوفائي ڪري پنهنجي ٿڃ لڄائڻ اسان جي روايت نه آهي. جنم ڀوميءَ تان سر قربان ڪرڻ اسان لاءِ مها مرڪ آهي. پرواهه ناهي جي اسان کي گهٽ پگهار ملي ٿي، پر اها سنڌ جي سالميت ۽ آزادي جي ضمانت جي واحد نشاني ضرور آهي.
اهو جواب ٻڌي همايون وائڙو ٿي ويو. ويچارڻ لڳو ته جنهن ملڪ جا ٻار اهڙا بهادر ۽ سرويچ آهن، اهو ملڪ ڪيئن کٽي سگهبو ۽ لاچار هو سنڌ کي فتح ڪرڻ جو خواب دل ۾ سانڍي، ڀيلو منهن ڪري هتان هليو ويو.

مڇ جا ٿونا

گهڻن سالن جي ڳالهه آهي ته، سنڌ تي هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. سندس نالو هو مرزا محمد باقي. هو عيسيٰ ترخان جو پٽ هو، جيڪو دنيا جي مشهور ڌاڙيل ۽ خوني حاڪم چنگيز جي پيڙهيءَ مان هو. سنڌ ۾ ترخان شاهه بيگ ارغون سان گڏ آيا. جڏهن هڪ ارغوني حاڪم شاهه حسن بنا اولاد جي مري ويو، تڏهن عيسيٰ ترخان سندس بيواهه زال سان شادي ڪري 962 هجري ۾ تخت تي ويٺو. هو 12 ورهيه راڄ ڪري 973 هجري ۾ وفات ڪري ويو. سندس مرڻ کانپوءِ مرزا محمد باقي تخت تي ويٺو.
سنڌ امن، محبت، پيار ۽ قرب واري ملڪ ۾ هي هڪ بخيل، ظالم ۽ تمام بدمزاج بادشاهه هو. ماڻهن جي رت وهائڻ ۽ کين چيچلائي مارڻ ۾ مزو ايندو هوس. تاريخ سندس خوني ڪارنامن ۽ سياح ڪارين سان ڀري پئي آهي. هن ظلم جا نت نوان طريقا ايجاد ڪيا. جاهلن، خوشامدڙين ۽ چاپلوسين کي وڏا وڏا عهدا ڏنائين. جن ظلم، ڦرلٽ ۽ ٺڳي ڪري هزارين رپيا گڏ ڪيا.
مرزا محمد باقي وٽ ڪجهه ترخان امير وظيفو گهرڻ لاءِ آيا. هن ساڻن ٻئي ڏينهن ملڻ جو انجام ڪيو پوءِ هن ڇا ڪيو جو ماڙي تي هڪ هڪ پيتي ۾، ٻه-ٻه هٿياربند ويهاري، اميرن کي گهرائي چيو ته: ”اوهين خزاني جي گهر ڪندا رهو ٿا. جيتوڻيڪ مان ۽ منهنجو پيءُ اهو خزانو ضرورت جي وقت سنڀاليندا ٿي آياسون پر اوهان هاڻي زور ٿا ڀريو ته پوءِ بيشڪ کڻو پر اوهان جو متان خزاني تي ٽڪراءُ ٿي پوي، ان ڪري مان هيٺ لهي ٿو وڃان ۽ اوهين خزانو ورهائي کڻو.“ ۽ هو هيٺ هليو ويو. ايتري ۾ پيتين مان هٿياربندن نڪري، سڀني اميرن کي ماري ڇڏيو ۽ بادشاهه سندن حويلين تي لشڪر موڪلي، نه ڇڏيائين ڪو ٻار يا ٻچو، اصل بڻ بنياد به ختم ڪري ڇڏيائين. ڪيترا ماڻهو سندس خوف کان گجرات ڀڄي ويا. هڪ دفعي هن کي ڪجهه سون جي ضرورت ٿي. هن پنهنجن آفيسرن کي گهرائي چيو ته: ”مرزا شاهه حسن جا آفيسر هر سال کيس مقرر مقدار ۾ سون جا زيور سوکڙي طور ڏيندا هئا پر اوهان ڇو نه ٿا آڻيو. جلدي ڪري کڻي اچو.“ هو وائڙا ٿي ويا. ڪٿان آڻين ايترو سون! بس سنڌ جي غريب عوام لاءِ، آفيسرن قهر ٻاري ڏنو. هتان هُتان مسڪينن کان زر ۽ زيور ڦري پاڻ به رکيائون ته بادشاهه کي به ڏنائون.
مرزا محمد باقي سنڌ تي 20 سال حڪومت ڪئي. سندس دور حڪومت اڳين فرمانروائن کان وڌيڪ اونداهون ۽ ظالمانه دور آهي. اهو ڏينهن خالي نه هو، جنهن ڏينهن ڪنهن بي گناهه کي قتل نه ڪيو ويو هجي. اها سندس روز جي کيڏ هئي. ڪنهن جو نڪ، ڪنهن جو ڪن، ڪنهن جو چپ، ڪنهن جو هٿ ۽ ڪنهن جي ٻانهن هو هروڀرو به ڪپرائيندو هو. هاٿيءَ هيٺان انسان کي لتاڙائي مارڻ هن جي خاص وندر هئي. پنهنجي ماٽيلي ماءُ ماهه بيگم کي جيل ۾ وجهي بکون ۽ اڃون ڏيئي مارائي ڇڏيائين. هڪ ڀيري سندس پٽ شاهه رخ اوچتو مري ويو. بس پوءِ ته سائين همراهه اچي ڦٽو. محلات جي عورتن کي ٽوئن ۾ ويڙهي، کين جيئري باهه ڏياري ڇڏي. مردن کي هاٿين جي پيرن ۾ ٻڌرائي گهٽين ۽ بازارين ۾ گهمائي مارايائين. چئي: ”هنن منهنجو پٽ مون کان جدا ڪيو آهي.“
هو بزرگ ۽ عالم جي ته ڪَڍ هو. انهن مان ڪن کي شهر کان ٻاهر رهائي چيائين ته: ”اسان جي حڪومت جا بدخواهه اسان جي شهر ۾ نه رهن.“ ڪيترن ئي عالمن کي ته بنهه مارائي ڇڏيائين. هو جنهن به عملدار تي ڪاوڙبو هو ته ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، سندس لاش گهر موڪليندو هو. ڪنهن ٻاهران آيل ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ملاقات لائق سمجهندو هو ته پاڻ وٽ گهرائي ان جي ظاهري طور وڏي عزت ڪندو هو. پوءِ مراد مهاڻي جي ٻيڙي تي کيس چاڙهي درياءَ جي سير تي موڪليندو هو، جيڪو ان کي درياءَ ۾ ڌڪو ڏيئي ماري ڇڏيندو هو. اهو سڀ ڪجهه هو ان ڪري ڪندو هو ته جيئن ٻاهرين دنيا کي سندس ظلمن جي خبر نه پوي.
مرزا محمد باقي جي انهن ظلمن ۽ ايذائن بابت تاريخدان لکن ٿا ته مسلمان مسجدن ۾ ۽ هندو ٽڪاڻن ۾ کانئس ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاڏائڻ لڳا. آخر هڪ رات اوچتو هن پنهنجي پيٽ ۾ تلوار هڻي پاڻ کي ماري ڇڏيو. اهو 993 هجري جو زمانو هو. سندس تربت مڪلي تي آهي.
متو آهين مَڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،
تو جا ڀانئين اڇ، تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا.

مٽيءَ جون مانيون

پيارا ٻارو! بادشاهه به عجيب طبيعتن جا مالڪ هئا. ٿيا جو بادشاهه. ڪير کين چوي ته ”بادشاهه سلامت ايئن نه چئو، ايئن نه ڪريو!“ ڪير کانئن پڇي ته ”بادشاهه سلامت ڇو ٿا ڪريو؟“ مرزا محمد باقي ترخان به اهڙي طبيعت جو مالڪ هو. ڪنهن کي به مجال نه هئي، جو ڪو سندس سامهون ٿئي.
چون ٿا ته هن جو دستور هو ته، فصل لهڻ وقت اناج تي ڪارروا مقرر ڪندو هو، جيڪي هارين ۽ زميندارن کان زوري ان کڻي آڻي گدام ۾ گڏ ڪندا هيا. جيتوڻيڪ اَن پيو سڙندو ۽ ڳرندو هو، ته به نه پاڻ ڪم آڻيندو هو ۽ نه وري غريبن کي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيندو هو. هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته، گدامچي کيس اچي عرض ڪيو ته: ”جيئندا قبلا، قلعي اندر اناج رکڻ جي جاءِ نه رهي آهي پراڻي ان مٿان نئون ان سٿيو ويو آهي، جيڪڏهن اجازت ملي ته ڪجهه حصو تقاوي طور ڏيئي ڇڏيون، جيئن فصل لهڻ وقت انهيءَ مان پورو فائدو حاصل ٿئي.“ مرزا باقي چيس ته: ”ان جو جواب مون کان رات منهنجي دسترخوان تي وٺجانءِ.“ رات جو هن ڪجهه سڙيل ان جون، ڪجهه سٺي ان جون ۽ ڪجهه مٽيءَ جون مانيون پچرائي دسترخوان تي رکايون. هن پوءِ گدامچي کي مٽيءَ جي مانين ڏانهن اشارو ڪري چيو: ”کائي ڍءُ ڪر.“ ٻارو، ڀلا مٽيءَ جي ماني ڪير کائي؟ جي نه ڪري ٿو ته سر ٿو وڃيس. ان ڪري لاچار مٽيءَ جي ماني مان ڀور وات ۾ وجهي چٻاڙڻ لڳو. مٽي هن جي وات ۾ ڪاري گپ بڻجي واڇن مان نڪري آئي ۽ زوري ڳيت ڏيئي گرهه هيٺ لاٿائين. پوءِ مرزا کيس سڙيل ان واري پڪل ماني ڏانهن اشارو ڪيو. هن گپ جو سواد، وات ۽ نڙيءَ مان ڪڍڻ لاءِ، ان ماني جا تڪڙا تڪڙا گرهه هڻڻ شروع ڪيا. مرزا کانئس پڇيو ته: ”ڪيئن؟ ڪهڙي ماني بهتر آهي؟“ هن جواب ڏنو ته: ”سڙيل ڪڻڪ جي.“ مرزا ڪڙڪندي چيو ته: ”قنڌار ۾ ته اوهان کي کائڻ لاءِ مٽي به ڪا نه ملندي هئي ۽ هتي سنڌ ۾ سڙيل ڪڻڪ کائڻ کان به مخول ٿا ڪريو. خبردار مان وري اهڙي شڪايت نه ٻڌان.“ بادشاهه جي اها ڳالهه واقعي به سچي. چون ٿا ته هڪ دفعي هو خانه بدوشي جي حالت ۾ ڪجهه سنگتين سان جهنگ ۾ رلندو رهيو. کائڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه به نه هو. ان ڪري سنگتين کي چيائين ته: ”سخت بک لڳي اٿم، کائڻ لاءِ ڪجهه آڻيو“ آخر قاضي خميسو ڪتي جا پاوا، ڪجهه ڪچا چانور ڪٿان ڳولي آيو، جن تي ڪتي الٽي پڻ ڪئي هئي. مرزا فرمايو ته ٺيڪ آهي ڳالهه نه ڪر، هڪدم ڌوئي، رڌي کائڻ لاءِ حاضر ڪر.“ رڌڻ کانپوءِ پاڻ اهي چانور کاڌائين.
مرزا صاحب جي هڪ ٻي عجيب ڳالهه اوهان کي ٻڌايان: عقل جي به حد ٿيندي آهي پر هتي ته ٻارو ڳالهه ئي نه پڇو. بادشاهن وٽ تمام گهڻا گهوڙا هوندا آهن. هونءَ به اڳ جنگ ۾ گهوڙا ڪم ايندا هئا. انهن جي داڻي واسطي، سئسن کي ڪافي اناج ملندو هو. مرزا وٽ به گهڻا گهوڙا هيا. هڪ دفعي بادشاهه جو هڪ خاص ماڻهو مولانا جمال الدين طنبيلي ۾ اچي نڪتو. ڏسي ته گهوڙن جي لڏ ۾، سڄي ان جا داڻا موجود آهن. بس پوءِ هن ڇا ڪيو جو، ان جي عيوض سڀ ڪنهن فصل مان ڪجهه خرار ان سئسن تي مقرر ڪيو ته اهي ڀري ڏين. مرزا صاحب مولانا جي اها خدمت ۽ پاڻ ڏانهن سچائي ڏسي، کيس ڪن هزار توبچين ۽ توب خانن جو سردار بڻائي ”آتش خان“ جو لقب ڏنو.
هي هو هڪ عجيب ذهنيت وارو سنڌ جو حاڪم مرزا محمد باقي.

مخدوم نوح رحه جي نصيحت

سنڌ سونهاري عالمن ۽ بزرگن جو گهر رهي آهي. اهي عالم علم جا ڀنڊار هئا، حق جا علمبردار هئا، سچ جا سرواڻ هئا. جابر ۽ ظالم حاڪم کي هدايت ڪرڻ سندن روز مرهه جو شيوو هو. هو خوشامندي نه هئا، چاپلوس نه هئا. وقت جي حاڪم کان سوکڙيون وٺي غريبن جي دادرسي ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا پر حق ۽ سچ هر هڪ کي چئي ڏيندا هئا. اڄ مان اوهان کي اهڙن باعمل بزرگن مان مخدوم نوح رحه جي ڳالهه ٻڌايان ٿو.
مخدوم نوح غوث الحق رحه، جنهن جو اصل نالو لطف الله هو. 27 سيپٽمبر 1509ع ۾ هالا ۾ ڄائو. سندن والد جو اسم گرامي مخدوم نعمت الله هو، جيڪو حضرت ابوبڪر رضه جي پيڙهيءَ مان هو. مخدوم صاحب قرآن شريف جا 25 سيپارا، مخدوم عربي هالائي وٽ پڙهيا. سندن سينو دنيا جي سمورن عملن سان ڀرپور هو. کيس قرآن شريف جي حقيقتن تي، اسرارن تي وڏي دسترس حاصل هئي، ان ڪري قرآن شريف جو درس به ڏيندا هئا. کيس فارسي زبان ۾ مهارت حاصل هئي. پاڻ قرآن شريف جو فارسي ۾ ترجمو به ڪيائون، جيڪو ساري هندستان ۾ فارسي جو پهريون ترجمو آهي. پاڻ مولانا رومي جي ذڪر ۽ فلسفي جا قائل هئا ۽ تصوف ۾ وڏي ڄاڻ رکندا هئا، ان ڪري ٻانهن جي حق کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ خلق جي خدمت کي عظيم عبادت سمجهندا هئا.
مخدوم نوح سادو کائيندو ۽ سادو هنڍائيندو هو، جيڪو به نذرانو ملندو هوس، اهو خير خيرات ۾ خرچ ڪري ڇڏيندو هو. فرمائيندو هو ته: ”هن فاني دنيا جي اجائي بار کڻڻ کان جيترو پاڻ کي آزاد رکبو اوترو آخرت جي پڇا ڳاڇا کان آجو رهبو.“ ڪڏهن ته اهڙو حال ٿيندو هوس جو حرم خاني ۾ کاڌ خوراڪ لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو. سندس هڪ قول آهي ته: ”دنيا جو نوش يعني مٺيون شيون بينش يعني ڏنگ آهن ۽ هتي جو ڪمال خود زوال آهي ۽ راحت عين جراحت يعني ڦٽ آهي.“
مخدوم نوح رحه پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي بادشاهن جا دؤر ڏٺا ۽ انهن سان ملاقاتون ڪيون. ڪو به سائل وٽس ڪنهن به وقت جي حاڪم خلاف دانهن کڻي ايندو هو ته مخدوم صاحب، ان کي انصاف وٺي ڏيڻ لاءِ کيس سفارشي چٺي لکي ڏيندو ۽ مظلوم کي حق وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندا هئا. همايون جڏهن سنڌ ۾ رلندو پنندو آيو، تڏهن مخدوم صاحب کيس هتان ڪڍي ايران موڪلڻ ۾ سندن مدد ڪئي ۽ وري جڏهن خان خانان کي اڪيلو سنڌ ۾ موڪليو، تڏهن هن اچي ٺٽي کي باهيون ڏنيون، تڏهن مخدوم نوح رحه کيس هالن ۾ هدايت ڪئي.
مخدوم صاحب علم جا ڌڻي هئا، رشد ۽ هدايت جا واهڙ وهائي ڇڏيائون. ڳالهه ڪن ٿا ته هڪ دفعي وقت جو ظالم ترين حاڪم مرزا محمد باقي ٺٽي حاضر ٿي سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته ”مون کي ڪا هدايت ڪريو.“ مخدوم صاحب کيس چيو ته: ”حڪومت جي استحڪام لاءِ ٽي قلعا آهن پهريون مٽي جو ڪوٽ يعني رعيت، جيڪڏهن عوام کي انصاف پلئه پوندو ته اها خوشحال ۽ آسودي هوندي ۽ اهڙو انتظام مٽي جي ڪوٽ وانگر آهي. ٻيو لوهي قلعو، يعني فوج، جنهن جي مضبوطي لاءِ خزانو کپي. جيڪڏهن رعيت آسودي هوندي ته پڪ حڪومت کي ڍلون پهچنديون، خزانو ڀربو، فوج مضبوط ٿيندي ۽ ملڪ جي حفاظت ڪندي. ٻاهرئين خطري کان ملڪ ۽ قوم کي بچائيندي. اهو انتظام لوهي قلعي وانگر آهي. ٽيون قلعو آهي فولادي قلعو، يعني اهل الله (عالم ۽ اديب) جيڪڏهن عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حڪومت پاران وظيفا ملندا ته پڪ ملڪ ۾ تعليم پکڙبي، جيئن ته عالم، اديب ۽ شاعر، فڪر معاش کان آزاد رهي نه رڳو دلي طرح تعليم جي خدمت ۽ ان کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندا پر سندن اها جدوجهد حڪومت جي بچاءَ، تحفظ ۽ مضبوطي لاءِ فولادي قلعي وانگر ثابت ٿيندي.“
ٻارو، مخدوم صاحب جي هن نصيحت مان خبر پوي ٿي ته هو ڪيڏو نه مدبر سياستدان، عالم ۽ فاضل هو. مخدوم صاحب سنڌي ٻولي جو به اعليٰ شاعر هو. هن جي هڪ ئي بيت مان سندن معاشرتي شعور، انساني درد ۽ نازڪ خيالي جي خبر پوي ٿي:
”پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهئا،
روئي رڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.“

شاعر جي سزا

پيارا ٻارو! اوهان اڪبر بادشاهه جو نالو ٻڌو هوندو. هو ڄائو سنڌ ۾ ۽ قسمت سندس ايترو ساٿ ڏنو جو ڪنهن زماني ۾ هندستان جو شهنشاهه بڻجي ويو. ان اڪبر پنهنجي هڪ سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان کي وڏو لشڪر ڏيئي 1519ع ۾ ٺٽي چڙهائي لاءِ موڪليو. ان وقت سنڌ جو حاڪم مرزا جاني بيگ هو، جيڪو مرزا عيسيٰ ترخان جو سوٽ هو. جنگ ۾ مرزا جاني شڪست کاڌي ۽ خان خانان هن کي گرفتار ڪري اڪبري درٻار ۾ پيش ڪيو، اڪبر کيس ٻن هزارن جي منصب تي سرفراز ڪري سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو.
ان جاني بيگ جو پٽ هو مرزا غازي بيگ ترخان جيڪو ان وقت به پيءُ سان گڏ هو. مرزا جاني جڏهن 1009 هجري ۾ وفات ڪئي، تڏهن اڪبر کيس سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو. ان وقت غازي بيگ 16 ورهين جو ٻار هو، مگر هن جنهن قابليت ۽ هوشياري سان حڪومت جو چرخو هلايو، سو قابل تعريف آهي. هو رحمدل ۽ مستعد حاڪم هو. هن ماليات جي نظام ۾ سڌارا ڪيا ۽ اهڙا قدم کنيا جو آمدني ۾ ڪافي واڌارو ٿيو. هو باهمت، بهادر ۽ جنگي فن جو ماهر هو. لکن ٿا ته: ”جي موت هن کي مهلت ڏي ها ته هو سخاوت ۽ شجاعت ۾ حاتم ۽ رستم ٿئي ها.“
مرزا غازي بيگ کي سڀني ترخاني حاڪمن کان جيڪا ڳالهه جدا ڪري ٿي، اها آهي سندس علم پروري، ادب نوازي ۽ شاعرانه طبيعت. هو پاڻ اعليٰ پائي جو شاعر به هو ته موسيقار به، سندس تخلص ”حليمي“ هو، جيڪو هڪ شاعر کان هڪ هزار رپيا، قيمتي پوشاڪ ۽ گهوڙو ڏيئي خريد ڪيو هئائين. هو شاعرن ۽ عالمن جي وڏي قدرداني ڪندو هو. ڪيترن ئي عالي دماغ ۽ باڪمال شاعرن کي عزت ۽ احترام سان پاڻ وٽ گهرائي انهن تي سون ۽ چاندي جي ورکا ڪندو هو. ان ڪري خراسان ايران ۽ عراق کان شاعر لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا، جن تي هر وقت مرزا جي انعامن جي پالوٽ ٿيندي رهي.
هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته هڪ مسڪين ۽ غريب شاعر، مرزا جي درياءُ دلي ٻڌي، ساڻس ملڻ آيو، پر نوڪرن کيس بادشاهه تائين پهچڻ نه ڏنو. ان ڪري هن ڏک مان ڪجهه هجويه شعر چيا، جيڪي بادشاهه جي چيف سيڪريٽري شهبازي خان ٻڌي ورتا. شهبازي هن کي مار ڏيئي هڪالي ڪڍيو. شاعر کي ارمان به ٿيو ۽ ڪاوڙ به آئي. هو تاڙ ۾ رهڻ لڳو ته ڪٿي مرزا ملي وڃي ته ساڻس هي ساري ماجرا بيان ڪجي. آخر شڪار ڪندي مرزا کيس ملي ويو. شاعر ساري ڳالهه کيس ٻڌائي. بادشاهه شهبازي ڏانهن منهن ڪيو. هن جواب ڏنو ته: ”شاعر اوهان جي گلا پئي ڪئي، جيڪا مون کان سٺي نه ٿي، ان ڪري مون کيس مار ڏني.“ اهو ٻڌي بادشاهه چيو ته: ”ان وقت تو هن جي زبان ڪاڪڙي کان ڇو نه ڪپي ورتي.“ مرزا پنهنجي خاص نوڪر کي حڪم ڪيو ته سڀاڻي شاعر کي کلئي ميدان ۾ آندو وڃي ته کيس سزا ڏني وڃي.
ٻارو، ٻئي ڏينهن تي شاعر ڊڄندو ۽ ڏڪندو ميدان ۾ پهتو. هاٿيءَ کي به اتي آندو ويو. هجوم ماڻهن جا اچي گڏ ٿيا. ڪنهن ٿي سمجهيو ته شاعر کي هاٿي جي پيرن ۾ اڇليو ويندو ته ڪنهن ٿي سمجهيو ته هاٿي سونڊ ۾ شاعر کي کڻي اڇليندو، پر شاعر کي اوچتو حڪم ٿيو ته هاٿيءَ تي سوار ٿئي. ان کانپوءِ کيس بهترين پوشاڪ پهرائي ويئي. ايتري ۾ بادشاهه روبرو اچي شاعر کي رپين جي ڳوٿري ڏني ۽ شهبازي خان کي مخاطب ٿي چيائين ته: ”اي امير، شاعر جي زبان هن نموني وڍي ويندي آهي. پڪ ڄاڻ ته اڄ کانپوءِ هي شاعر منهنجي خلاف هڪ لفظ به نه ڪڇندو، پر هو هر نموني، هر جاءِ ۽ هر وقت منهنجي ساراهه ڪندو رهندو.“ اهڙي طرح شاعر هزار رپيا، خلعت ۽ هاٿي انعام ۾ سزا طور وٺي رمندو رهيو.

بادشاهي بک

حضرت شيخ مير محمد، جيڪو ”ميان مير“ جي نالي سان مشهور آهي، سنڌ جو هڪ عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ سيوهڻ ۾ 957 هجري ۾ ڄائو. سندن والد قاضي سائين ڏنو حضرت عمر فاروق رضه جي اولاد مان هو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ماءُ کان حاصل ڪئي، جيڪا پاڻ به عارفه ۽ ڪامله هئي. ان ڪري هن اهڙي ماحول ۾ پروش حاصل ڪئي، جتي سندس هر چرپر تي فيضان الاهي جو پرتوو هو. هو سدائين سيوهڻ جي جابلو علائقي ۾ رياضت ۾ گذاريندو هو ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ سان واسطو نه رکندو هو. جڏهن پاڻ 28 ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس مرشد کان حڪم مليو ته: ”لاهور ۾ وڃي، اتان جي باشندن کي هدايت ڪر، منجهانئن بدي ۽ برائي دور ڪر، اسلامي رواداري ۽ انساني ڳڻ پيدا ڪر.“ ان ڪري پاڻ بروقت لاهور ويا ۽ اتي وڃي فيض جا واهڙ وهايائين. سندس رشد سان، لاهور اسلامي روايتن جو مرڪز بڻجي ويو. ڪيترائي وڏا وڏا ماڻهو سندس مريد ٿيا، جن مان جهانگير، شاهجهان ۽ داراشڪوهه جا نالا قابل تعريف آهن. ميان مير 1045 هجري ۾ وفات ڪئي. سندس تربت هاشم پور (لاهور) ۾ آهي، جنهن تي داراشڪوهه مقبرو اڏايو.
ان زماني ۾ شاهه جهان وقت جو بادشاهه هو. خزانن جون خرزينون وٽس هميشه پُر هيون. نوڪرن جا دستا اڳيان پويان هيس. فلڪ بوس عمارتون، سندس حڪم تي اک ڇنڀ ۾ تمام ٿي وينديون هيون. ست رڇيون سندس نوشين جان لاءِ منظر هونديون هيون. ساري هندستان تي سندس ڌاڪو ڄميل هو پر تڏهن به هميشه ٻين ملڪن جي آزادي ۾ سندس اکيون هيون ۽ سندس حرص ۽ هوس پوري نه ٿيندي هئي. هڪ دفعي سندس فوجون دکن ۾ وڙهي رهيون هيون ته هو حضرت ميان مير رحه جي خدمت ۾ فوج جي فتح لاءِ دعا گهرڻ آيو. عرض ڪيائين ته: ”سائين اسان اسلام جي سربلندي ۽ سرفرازي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. دعا گهرو ته، الله اسان کي ڪامياب ڪري.“ پاڻ سندس ڳالهه ٻڌي، پر ماٺ ۾ رهيو. سندس چوڌاري جيڪي به عقيدتمند ويٺا هئا، تن مان هڪ مريد، چاندي جو سڪو ميان رحه جي هٿ تي رکي عرض ڪيو ته: ”قبلا، هي حقير نذرانو قبول فرمايو، جيڪو منهنجي پگهر جي ڪمائي جو نتيجو آهي.“ پاڻ اهو ٻڌي مريد کي چيائين ته: ”ابا، هن سڪي لائق اصل ۾ هي شهنشاهه هند آهي، جيڪو بادشاهه هوندي به گدا آهي، جيتوڻيڪ پاڻ هر شيءِ جو حاڪم آهي پر نادار ۽ مفلس آهي. سندس غريبي جو هي مقام آهي، جو ويچارو ٻين جي کاڌن تي نظر رکي بک کان بيتاب ٿيو آهي. سندس جهان داري جي بک ڍري نه ٿي آهي. سندس تلوار مان ڏڪر ۽ بيماريون ڦهليون آهن، رت جا درياءَ وهيا آهن. ٻار يتيم ۽ عورتون بيواهه ٿيون آهن. گهڻن جا سهاڳ لٽيا آهن. پنهنجن ڪاهن سان هن دنيا کي اجڙ ڪري ۽ ويرانو بڻائي ڇڏيو آهي. سندس ناداري جي ڪري، جهان فريادي آهي. سندس بالادستي غريبن کي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ کي فريب ڏي ٿو ۽ تخت ۽ تاج کي گهٽ سمجهي ٿو. هن جي ڪاهن جي ڪري، هزارين بي گناهه انسانن جو اجايو رت وهي ٿو. هن جي فوج به تباهه ٿئي ٿي ۽ دشمنن جي به، ٻنهي پاسي انسان مري ٿو. فقير جيڪڏهن بکيو آهي، ته ان جي بک جي باهه سندس جان کي ساڙي ٿي، پر بادشاهه جي بک ملڪن جا ملڪ، قومن جون قومون ۽ قبيلن جا قبيلا رک ۽ خاڪ جا ڍير ڪري ڇڏي ٿي.“
ميان رحه جو پيغام اهو هو، نياپو اهو هو ۽ سنيهو اهو هو. هن، هنن چند سٽن ۾ انسانيت جو ايڏو عظيم درس ڏنو، جيڪو معاشري جي بقا جو بنياد آهي. انسان ذات جي بلندي ۽ عظمت جي پيڙهه آهي. سچ آهي ته ڪنهن جو ناحق رت وهائڻ ماڻهپو نه آهي.
علامه اقبال چيو آهي ته:
حضرت شيخ ميان مير ولي
برحق از نور جان او جلي.

سنڌ سون ۽ جواهر

ٻارو! 17 هين عيسوي صديءَ جو سمو مغلن جي ڏيئي جي آخري ٽمڪڻ جو زمانو هو. اورنگزيب وفات ڪري چڪو هو. پويان مغل شهزادا تخت حاصل ڪرڻ لاءِ گهريلو لڙاين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا هئا. منجهن ايڪو ۽ ٻڌي ڪا نه هئي، ان ڪري سندن ڪا به مستحڪم حڪومت پيدا ٿي نه سگهي. اهي ئي حالتون ڏسي، ايران جي بگهڙ صفت حاڪم نادر شاهه هندستان تي ڪاهه ڪئي. هن پهرئين پنجاب جي مغل صوبيدار کي شڪست ڏيئي، دهليءَ ۾ پهچي لٽ مار شروع ڪئي، جنهن ۾ کيس اسي ڪروڙ روڪ ناڻي سان گڏ ڪوهنور هيرو به هٿ آيو. هن اتي ايڏو ته عام ڪوس ڪيو، جو گهٽيون رت سان ڀرجي ويون.
هن ان وقت مغل حاڪم محمد شاهه کان سنڌو درياءَ جي الهندي وارا ڪنارا ٺٽي سميت وٺي، پنهنجي حوالي ڪيا، ان ڪري سنڌ کي هن پنهنجي جاگير سمجهيو پر سنڌ سندس بالادستي کي ڪو نه ٿي مڃيو، تنهن ڪري هو 27 نومبر 1739ع تي ڪابل مان سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. 16 فيبروري 1740ع جي آچر جي ڏينهن تي هو لاڙڪاڻي پهتو. عام ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ بيٺل فصل به تباهه ڪري ڇڏيائين. جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي هن جي اڳيان پيش ڪيو ويو، تڏهن نادر غضبناڪ ٿي کيس چيو ”ٻڌو اٿم ته تو وٽ سون جو هڪ کوهه ۽ هڪ بي بها لعل آهي.“ ميان جواب ڏنو: ”هڪ نه، پر ٻه آهن!“ نادر پوءِ کيسي مان رومال ڪڍي، هوا ۾ لهرائي، کيس چيو: ”هن ۾ ڇا ٿو ڏسين.“ ميان جواب ڏنو ته” ”اوهان جو ڦڙڪندڙ جهنڊو، فوجون ۽ هٿيار.“ نادر رڙ ڪندي چيو: ”پوءِ هڪدم حاضر ڪر، پنهنجو سون ۽ لعلون.“ ميان نور محمد ڪجهه دير کان پوءِ درٻار ۾ موٽي آيو ۽ پاڻ سان ڪڻڪ جو ڇڄ ۽ گيهه جي دکي ڀرائي کڻي آيو ۽ آڻي نادر جي اڳيان رکي چيائينس: ”مان هن ديس جو اصلي رهاڪو آهيان، ڀاڳيو آهيان، منهنجي ڪرت ٻني پوکڻ ۽ مال ڌارڻ آهي. منهنجو سون به اهو آهي ته اصلي لعلون به اهي آهن! جو ڪجهه اٿم سو اهو اٿم!“ چون ٿا ته نادر سنڌ مان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جي ڦرلٽ ڪئي. ان سان گڏ هڪ قيمتي هيرو به کيس هتان هٿ آيو. مٿان هڪ لک ويهه هزار پائونڊ ساليانو ڏن مقرر ڪري، سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي، ان جا ٽي حصا ڪيائين جن مان رڳو هڪ حصو نور محمد ڪلهوڙي کي ڏنائين، باقي هڪ حصو پاڻ وٽ رکيائين ۽ ٻيو شڪارپور وارو صادق محمد خان کي ڏيئي، ديري اسماعيل خان سان گڏي ڇڏيائين.
نادر جي سنڌ تي ڪاهه، سنڌجي تاريخ جو المناڪ واقعو آهي. هزارين ماڻهو گهر ٻار ۽ اجهو ڇڏي، دربدر ۽ خاڪ بسر رلندا رهيا. سندن ميڙي چونڊي سڀ لٽجي ويئي. جتي جتي نادر جو پير پيو، اتي بستيون ۽ فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي ڪافي نقصان پهتو. ڪلهوڙن ٻن پيڙهين جي حڪمرانيءَ ۾ آئيءَ ويل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪجهه پاڇي ڪيو هو، اهو سڀ نادر ميڙي سيڙي پاڻ سان کڻي ويو. ”نامئه نغز“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”نادر جي فوج جتي جتي پهتي اتي لٽ مار جي بازار گرم ٿي ويئي. ايراني فوج ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. جنهن به طرف آباديءَ ٿي نظر آين ان کي ويران ڪرڻ کان سواءِ دم نه ٿي پٽيائون.“
نادر جو سنڌ تي حملو، بغداد ۾ چنگيزيءَ واري حملي کان گهٽ نه هو. ظالم نادر نه صرف خزانن کي ٻهاري ڏني، پر جنهن کان جيڪي ٿي آيس، سو ٿي ڦريائين. سندس وڃڻ کان پوءِ، سنڌ ۾ صرف قتل ۽ غارت جو ماتم، خونريزي ۽ لٽمار جا قصا، آهون ۽ دانهون، روڄ ۽ راڙو هئا. اهڙيءَ طرح هن ظالم سنڌ جو سون ۽ جواهر کسي، سنڌ کي سڃو ڪرڻ چاهيو، پر تاريخ جي ورقن ۾ نادر دفن ٿي ويو ۽ سنڌ اهائي زندهه آهي. سنڌ جي هيءَ سدا سهاڳڻ سرزمين اڄ به سرسبز ۽ خوشحال آهي، تاقيامت دائم ۽ قائم رهندي.
”هي هر ڪنهن جي ڪرڻي ڀرڻي آ،
پر سنڌ اياز نه مرڻي آ.“

گلان مان گل

سنڌ ساز ۽ آواز جي وادي آهي. هتان جا قدرتي نظارا ۽ سنڌوءَ جا ڪنارا بهترين ساز آهن. انهن سازن جي چوريندڙن کي سنگيتڪار يا راڳي چئبو آهي. راڳ روح جي غذا آهي. ان ڪري ڏاهن جي محفلن ۾ راڳيندڙن کي وڏو مقام حاصل هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي سنگيتڪارن ڪنهن نواب جي محفلن جي تبلچي بنجڻ بجاءِ ڏاهن، صوفين ۽ فقيرن وٽ رهي، هن عظيم ورثي جي سنڀال ڪئي ۽ هو اهڙي طرح عوامي فنڪار بڻجي ويا. اهڙن فنڪارن مان مائي گلان به هڪ آهي، جيڪا سنڌ جي مهان شاعر، لطيف رحه جي محفلن جي مور هئي.
اهو 17 هين عيسوي صدي جو زمانو هو ۽ سنڌ تي ميان نور محمد ڪلهوڙو حڪومت ڪندو هو. ڪلهوڙا جيئن ته پاڻ به پيري مريدي ڪندا هئا ۽ اُنهن حڪومت به پيري مان هٿ ڪئي هئي. ان ڪري هو درويشن جي مقبوليت کان ڊڄندا هئا ته متان اهي غلبو ڪري حڪومت کسين، ان ڪري شاهه صاحب جي خلاف هوندو هو. اهوئي سبب آهي جو هن شاهه صاحب ڏانهن هڪ زهريلو ڪُشتو موڪليو هو، جنهن کي کائڻ سان سندن مٿي ۾ هڪ زخم ٿي پيو هو، جنهن تي پاڻ ساٿر ٻڌندا هئا ۽ ساٿر کي ڪٽي ان جي ناس ڏيندا هئا. ان کان سواءِ ميان نور محمد هن تاڙ ۾ به رهندو هو ته ڪنهن طرح شاهه صاحب جي خلاف اهڙي پروپئگنڊا ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهو کانئس بددل ٿين. ان ڪري هو اخلاقي ۽ ادبي حدون به لتاڙي ويو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مائي گلان اهڙي ته درد ۽ سوز سان راڳ ڪيو جو فقيرن جي جماعت تي بي خودي طاري ٿي وئي. ان موقعي تي گلان عرض ڪيو ته: ”قبلا، اهڙي دعا ڪريو جو هن ڌنڌي کان بچي پوان. حلال جي روزي کاوان ۽ باقي عمر آسودي ۽ آرام سان گذاريان.“ شاهه صاحب کيس چيو ته: ”گلان، تومان گل پيدا ٿيندو، جيڪو سڄي سنڌ جو حاڪم ٿيندو.“
ميان نور محمد جا ماڻهو تاڙ ۾ هئا ته ڪا شاهه صاحب جي غلطي هٿ اچي ته هلايون. سو جڏهن هنن مائي گلان کي شاهه وٽ ڏٺو، تڏهن وڃي ميان کي ٻڌايائون. ميان کين چيو ته وڃو، ڪڃريءَ کي وٺي اچو ته کانئس ڪا شاهدي وٺي شاهه خلاف ڪارروائي ڪريون. ميان جا ماڻهو جلد ڀٽ شاهه پهتا ۽ گلان کي گهلي وڃي بادشاهه وٽ پيش ڪيائون، هو گلان کي ڏسي موهت ٿي پيو ۽ بروقت گلان سان شادي ڪري کيس ”راڻي“ بڻايائين. آخر ۾ شاهه صاحب جي دعا سان راڻي کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو غلام شاهه رکيو ويو. هو وڏو ٿي 1762ع ۾ سنڌ جي گادي تي ويٺو.
غلام شاهه جيتوڻيڪ اڻ پڙهيو هو، پر حڪومت هلائڻ جي منجهس خداداد قابليت هئي. سندس راڄ جو زمانو، ڪلهوڙن جي اوج جو زمانو هو. هن جي ڏينهن ۾ سنڌ جا رهاڪو گهڻو آسودا هئا. ميان غلام شاهه تعميرات جو شوقين هو. هن ڪيتريون ئي بهترين جايون ٺهرايون. حيدرآباد جو قلعو 1768ع ۾ هن ئي ٺهرايو، جنهن ۾ پنهنجي لاءِ هڪ محلات ٺهرايائين، جنهن جو نقسو ”شيش محل“ جهڙو هو. حرمسراءِ کان سواءِ هن محفل ۾ ديوان عام ۽ ديوان خاص به ٺهرايل هئا.
ميان غلام شاهه کي لطيف سائين جي دعا هئي، ان ڪري تاريخ ۾ هن جو بلند مقام آهي. ڪلهوڙا خاندان جو هي سڀ کان وڏو حاڪم ۽ جليل القدر حڪمران هو. بنا شڪ جي سندس ڪارناما وڏي قدر لائق آهن. هن انتطام سنڀاليندي ملڪ واسين جي خوشحالي لاءِ نون شهرن ۽ جاين ٺهرائڻ جو بندوبست ڪيو. هن ڪڇ تي به ٻه ڪامياب حملا ڪري، ان کي فتح ڪيو.
غلام شاهه، پنهنجي ماءُ جي حڪم موجب هزارين رپيا خرچ ڪري لطيف جي درگاهه تي 1754ع ۾ هڪ عاليشان مقبرو ٺهرايو، جيڪو اڄ به هن جي عقيدت ۽ احترام جي شاندار گواهي ڏئي ٿو.

وفا جو پتلو

ٻارو! وفاداري جو گڻ به عجيب گڻ آهي. هن جو نه روپ سان لاڳاپو آهي نه رنگ سان نه ذات سان نه پات سان. جنهن کي ڏاتار هي ڏات ڏئي ٿو اهو ساري سنسار ۾ سرفراز ٿئي ٿو ۽ غلامي جي پستيءَ مان نڪري اميري جي آسمان تي پهچي ٿو. اهڙي هڪ وفادار غلام جو نالو به سنڌ جي تاريخ ۾ اچي ٿو، جنهن پنهنجي وفائي ۽ نمڪ حلالي سان سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. اهو غلام شالمين شيدي هو، جيڪو ميان محمد مرادياب ڪلهوڙي جو زر خريد غلام هو، پر پوءِ پنهنجيءَ خدمتگاري ۽ سورهيائي جي ڪري ميان صاحب جو خاص نوڪر ٿيو ۽ هن جو مٿس وڏو راز هو.
ميان محمد مرادياب جي وفات کان پوءِ، غلام شاهه ڪلهوڙو 1755 ۾ تخت تي ويٺو. هي بادشاهه تمام هوشيار، منتظم ۽ اعليٰ مدبر هو. سندس ڏينهن ۾ سنڌ هر لحاط کان ترقي ڪئي. غلام شاهه شالمين جو وڏو قدر ڪيو ۽ کيس اعليٰ عهدي تي مقرر ڪيو. 1768ع ۾ غلام شاهه حيدر آباد کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽ اتي هڪ قلعو تعمير ڪرايائين، جنهن کي اڄ حيدرآباد جو قلعو سڏيو وڃي ٿو. هن قلعي جي سنڀال لاءِ شالمين کي چونڊيو ۽ ان کي سپاهه ڏئي، اتي مقرر ڪيائين.
اوچتو ئي اوچتو ڪلهوڙن حاڪمن ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ ميان عبدالنبيءَ 1877ع ۾ گادي تي ويٺو. هن تخت تي ويهڻ شرط مير عبدالله ۽ مير فتح خان کي دعوت ڏئي مارائي ڇڏيو، ڇو ته هن ٻنهي سندس مخالف ڪئي هئي. جڏهن مير فتح علي خان مير بهرام جي پوٽي کي اها خبر پئي تڏهن هو هڪ وڏو لشڪر وٺي، ميان عبدالنبي تي ڪاهي آيو ۽ هالاڻيءَ جي جنگ ۾ کٽيائين. ان کان پوءِ هن پنهنجي سپهه سالار حاجي احمد کي قلعي فتح ڪرڻ لاءِ حيدرآباد روانو ڪيو. جڏهن شالمين کي اها خبر پئي، تڏهن قلعي ۾ هر قسم جو انتظام اڳ ۾ ڪري ڇڏيائين. پاڻي جي 5 کوهن سان گڏ، اناج جا گدام ۽ بارود جي هڪ تجر جو به بندوبست ڪيائين. جڏهن حاجي احمد قلعي کي گهيرو ڪيو تڏهن شالمين فوجي کيڏ ڪري، قلعي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ فوج تي تيرن ۽ بندوقن جا وسڪارا لائي ڏنا. پورا ٻه سال ٻروچن کي ٽوٽا چٻايائين ۽ قلعو سندن حوالي نه ڪيائين. اوچتو ڪن غدارن بارود کي باهه ڏني، تنهن ڪري قلعي جي اڀرندي طرف واري ڀت ڪري پئي. اهڙي طرح حاجي احمد ساري قلعي تي قبضو ڪري ورتو. هن شالمين کي گرفتار ڪري، مير فتح علي خان وٽ پيش ڪيو. مير صاحب کيس چيو ته: ”جيڪڏهن تون اسان جي اطاعت ڪرين ته اسين تنهنجو قدر سڃاڻي توکي چڱو عهدو ڏينداسون.“ ان تي شالمين بي باڪي ۽ بهادري سان چيو: ”بنده پرور وڏي عمر جي ڪري، پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي مالڪ کي ڇڏي اوهان جي اطاعت جي هام ڀريان اهو مون کان هرگز نه ٿيندو. اوهان منهنجي جسم کي قيد ڪيو آهي نه منهنجي روح کي. منهنجو ضمير ۽ وطن دوستي جو جذبو سدائين ڌارين جي غلاميءَ کان آزاد رهندا. مرڻ قبول ڪندس، پر لالچ ۾ اچي وفاداري کي بدنام نه ڪندس.“ مير صاحب هن جي جرئت ۽ دليري ڏسي کيس آزاد ڪري ڇڏيو.
باقي حياتي جا ڏينهن هن گمناميءَ جي گوشي ۾ گذاريا. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شالمين سنڌ جو قومي هيرو هو، جنهن جو نالو ساري سنڌ ۾ زندهه رهندو. هن جي وفاداري، سرفروشي، وطن دوستيءَ جي جذبي ۽ دليريءَ کان متاثر ٿي، ايندڙ نسل پنهنجي مالڪ ۽ ملڪ سان وفاداري ۽ جان نثاريءَ جو سبق حاصل ڪندو ۽ هن جي سچائي ۽ بهادريءَ جا گيت ڳائيندو رهندو. جڏهن به ڪو سنڌ جي تاريخ لکندو، تڏهن هن سورهيه ۽ سرويچ جي ڪارنامن کي ڪڏهن به نه وساريندو.

وطن جا ويري

ٻارو! اڄ مان اوهان کي اهڙي ماڻهوءَ جي ڳالهه ٿو ٻڌايان، جنهن پنهنجي وطن سان غداري ڪري، انگريزن جو ڇاڙتو ٿي، سنڌ کي غلام بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان غدار جو نالو نائون مل آهي، ڪراچي جي هڪ واپاري هوتچند لوهاڻي جي گهر 1804ع ۾ ڄائو.
ميرن جو دور حڪومت هو. انگريز هتي واپاريءَ جي روپ ۾ داخل ٿي چڪا هئا پر سندن ارادو سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو هو. ان وقت هنن کي اهڙي ماڻهوءَ جي ضرورت هئي جيڪو سندن مدد ڪري ۽ جاسوس ٿي ڪم ڪري. اهو سارو ذمو نائون مل پنهنجن ڪلهن تي کنيو. 1837ع ۾ جڏهن انگريزن جو هڪ ٻيڙو، سنڌ جي سامونڊي ڪنارن جي جانچ پڙتال ڪرڻ آيو، تڏهن نائون مل هنن کي هر قسم جي مدد ڏني. جڏهن افغانستان جي حاڪم شاهه شجاع سنڌ تي حملو ڪيو تڏهن انگريزن کيس مدد ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر موڪليو جنهن لاءِ نائون مل 15 سئو اٺ، اناج ۽ ٻيو سامان مهيا ڪيو. حيدرآباد تائين پاڻ فوج سان گڏ رهيو ۽ کين مفيد معلومات ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ شڪارپور تائين فوج جي مدد لاءِ پنهنجي ڀاءُ سکرامداس ۽ ٻين ڪيترن ئي نوڪرن کي موڪليائين. جڏهن انگريزي فوج ڪراچيءَ ۾ لٿي تڏهن سڀ سنڌي کين نفرت سان ڏسڻ لڳا ۽ کين کيڪاريائون به ڪو نه. مگر نائون مل انهن کي ماني کارائي، بندرگاهه ۽ گهر تائين گاڏيون ۽ ٻيڙيون ڏنيون. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن ۽ سنڌين جي جنگ لڳي، تڏهن هو انگريزن تان گهور پئي ويو. ميرن جي منصوبن جون سڀ ڳالهيون هو انگريزن کي ٻڌائيندو رهيو.
هڪ دفعي ميرن پنهنجي فوجي ٽولي کي ڪراچيءَ ۾ انگريزي ڇانوڻي تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو ته نائون مل اها ساري خبر اڳواٽ انگريزن کي ٻڌائي ۽ اهڙيءَ طرح ميرن جو حملو ناڪام ويو. جنگ جي دور ۾، هن خاص ماڻهو مقرر ڪري، نيپيئر ۽ پاٽنجر کي ٽپال پهچائڻ جو انتظام ڪيو. جڏهن دٻي جي جنگ ۾ ميرن کي شڪست ملي، تڏهن به بهادر سنڌي جٿا ۽ فوجي ٽولا ٺاهي ڌار ڌار هنڌن تي انگريزي ڇانوڻين تي حملا ڪندا هئا. سندن اها ترڪيب ڪامياب ٿي وڃي ها، پر نائون مل جاسوسي ڪري انهن مان ڪيترن ئي کي نيپئر هٿان مارائي ڇڏيو. انهن سرويچ شهيدن ۾ جوکيا ۽ ڪرمتي پيش پيش هئا، ان غداريءَ جو ذڪر نائون مل پاڻ پنهنجن لفظن ۾ هيئن ڪري ٿو: ”اسان کي ٽڪريءَ تان جوکين ۽ ڪرمتين جون جهوپڙيون صاف ڏسڻ ۾ پئي آيون. ڪيتريون ئي زالون کليل وارن سان، سامهون ٽڪرين طرف ڊوڙنديون ٿي ويون. هڪڙا ٻار ڪڇن ۾ هئن ۽ ٻيا سندن پٺيان ڀڄندا ٿي ويا. چلهين تي ديڳڙا چڙهيا پيا هئا ۽ جنڊن ۾ پيٺل ۽ اڻ پيٺل ان پيو هو. پيادن ۽ ٻين انگريز عملدارن کي منهنجو ڀاءُ سکرامداس ٻئي رستي کان وٺي آيو. تن جهوپڙيون ڦري چٽ ڪري ڇڏيون. ڦر ۾، چاڪر خان جي ڀيڻ جو ڏاج به مليو. مائي جي شاديءَ ٿورا ڏينهن اڳ ٿي هئي، ۽ ڀاڄ وقت هو سمورو سامان ڇڏي ويا.“
ٻارو، ڏٺوَ! هن سنڌي ڪپت جي ديده دليري. هي شيرشاهه جا شڪرا هئا. جن انڌ ۾ پنهنجي گهر جا ڪڪڙ ماريا. هن هر جاءِ، هر مهل تي انگريزن سان ملي، ايئن سنڌي سورمن کي پئي مارايو. ان کان سواءِ سنڌ جي ڪن وڏيرن کي ريهي ريبي، لالچون ڏيئي نيپئر جي درٻار ۾ آڻي انگريزن سان وفادار ٿي رهڻ جا قسم به پئي کڻايا. سندس اطلاع تي ڏيڍ لک رپين جو لڪل مال انگريزن کي مليو. هڪ انگريز عملدار بارٽل فريئر لکيوآهي ته: ”1843ع ۾ جڏهن ميرن سان اسان جي جنگ لڳي تڏهن نائون مل پنهنجي جان ۽ مال جوکي ۾ وجهي جانفشاني ڪري ميرن جي ارادي ۽ منصوبي جي صحيح معلومات پهچائي، جنهن جي وسيلي اختياريءَ وارا هنن جي منصوبن ۽ حرڪتن جو اڳواٽ تدارڪ ڪري پئي سگهيا.“ ساڳئيءَ طرح ڪرنل بائلر چوي ٿو ته: ”نائون مل انگريزن جو شيدائي آهي. هن تي اسان جو اهڙو اعتبار آهي، جهڙو پنهنجي ڪنهن خاص ماڻهوءَ تي“ پاٽنجر جو چوڻ آهي ته: ”سيٺ نائون مل منهنجيون ٻانهون ۽ ٽنگون هيون، جيڪي منهنجي جسم کي کنيو بيٺيون هيون.“
سيٺ نائون مل 1831ع کان وٺي، پنهنجي آخري دم تائين سواءِ ڪنهن معاوضي وطن جي دشمن انگريزن جي هر طرح خدمت ڪئي، ان ڪري راڻيءَ پاران هن کي ”ستاره هند“ جو تمغو مليو ۽ راڻي کيس نياپو موڪليو ته ”هن تمغي مان توکي خبر پوندي ته اسان کي تنهنجي ذات ۽ تنهنجين خدمتن لاءِ ڪيڏو نه گهڻو قدر آهي.“ هن کي 2 سئو رپيا ماهوار پينشن، ٽن پيڙهين تائين ۽ ٻارهن سئو ايڪڙ زمين به جاگير ۾ ملي. مرڻ وقت به نائون مل، پنهنجي انگريز آقائن لاءِ پنهنجي اولاد کي وصيت ڪئي ته: ”انگريز سرڪار، هڪ روشن سورج ۽ ڏيا جو مها ساگر آهي، تنهن ڪري اوهين سڀيئي انگريزن سان سچا ۽ وفادار رهو. سرڪار جي خدمت ڪرڻ لاءِ هر دم تيار رهو. جڏهن به کين ضرورت پوي ته دل ۽ جان سان سندن مدد ڪريو.“
ٻارو! تاريخ ۾ جيڪڏهن چڱن جون چڱايون ياد رهن ٿيون ته برن جون برايون به ڪڏهن ڪين ٿيون وسرن.

خوددار خوني

19 هين صدي جي شروع ۾ شڪارپور، دره بولان واري رستي تي واپار جي لحاظ کان پهريون نمبر شاهوڪار شهر هو. هن شهر جو واپار لاهور، ملتان، سون مياڻي، قلات، ڪيچ مڪران، خراسان، بخارا، ڪابل ۽ قنڌار سان هلندو هو. 1838ع ۾ انگريزن افغانستان کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هنن ڪجهه سالن کان پوءِ هتي هڪ ايجنسي کولي، فوجي چوڪي قائم ڪئي، جتي سيڌي سامان جا ڊيپو هئا، جتان انگريزن جي ڪابل واري لشڪر کي رسد پهچندي هئي. ان کان سواءِ هن ايجنسي جو هڪ ڪم اهو به هو ته سنڌ جي اندروني حالتن جو جائزو وٺي مرڪز کي موڪلجن ۽ اندروني طور جاسوسي ڪري سنڌ ۽ افغان جي حڪومتن خلاف سازش سٽي، مٿن قبضو ڪجي.
ان وقت شڪارپور جي چوڌاري ڪيترائي گهاٽا جهنگ هئا. جن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا بهادر، غيرتمند، وطن دوست سورمن جا ڪافي ٽولا رهندا هئا جيڪي انگريزي ڪئمپن تي ڌاڙا هڻي، کين قتل ڪندا هئا. اهڙي طرح انهن ۾ خوف، هراس ۽ دهشت ڦهلائي کين ڀڄڻ تي مجبور ڪندا هئا. انهن ٽولين ۾ هڪ ٽولي مير بجار خان ڊومڪي جي به هئي، جنهن ۾ هڪ سنڌي سورهيه جاني پٽ فقير، پنهنجي سرگرمين، ڪارنامن ۽ بيخوف بهادري جي ڪري مشهور هو. سندس نالي کي انگريزي لشڪر ۾ به ڏڪي ڏڪي ورتو ويندو هو.
جاني پٽ فقير، جکراڻين جو مشهور سردار هو. جکرا به اصل سنڌي آهن، جن کي ڀٽ ڌڻي به ڳايو آهي. سندس هڪ بيت جي سٽ آهي ته: ”جکري جيهو جوان، ڏسان ڪو نه ڏيهه ۾.“ سو ٻارو، جاني جو ڊگهو قد، جانٺو بدن، وڏيون ۽ چمڪندڙ اکيون سندس بهادرانه ڪارنامن جون زندهه شاهد هيون. جاني جي تلوار هٿئي تائين رت ۾ رنڱيل هئي ۽ ان جي وچ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي انگريزن جي مٿي ۽ اکين جا وار چنبڙيل هئا.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته، انگريزي فوج جو ڳپل حصو جاني جي پٺيان موڪليو ويو، پر هُن ته کين وٺ ئي نه ڏنو، ويتر هڪ انگريز سپاهي جو گهوڙو، جهنگ ۾ مري ويو، جنهن جي زين ۽ ٻئي سامان کي هٿ ڪرڻ لاءِ 4 انگريزن جو مسلح جٿو موڪليو ويو. ان فوجي ٽولي تي اوچتو جاني جکرو، پنهنجي مشڪي گهوڙي سان اچي ڪڙڪيو ۽ ٽن فرنگين کي بروقت ماري رمندو رهيو.
انگريزن جڏهن ڏٺو ته هو ايئن پڪڙ ۾ نه ايندو، تڏهن ڪجهه ڀاڙي جي ماڻهن جي غداري سان، مير بجار خان جي 48 ڄڻن جي ٽولي کي گرفتار ڪيو، جن ۾ جاني به هو. جاني انگريزن جو ذاتي دشمن، انگريزن جي ور چڙهي، ڇا ٿا سمجهو؟ حڪم ٿيو ته کيس عمر قيد جي سزا ڏني وڃي. ويتر جاني کي حقير، ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِ لوهه ۽ زنجيرن ۾ جڪڙي رستن ٺاهڻ جي ان گهٽ قسم جي ڪم لاءِ موڪليو ويو، جيڪو شڪارپور ۾ قيد ٿيل معمولي ڏوهارين کان ورتو ويندو هو پر جاني جهڙي اڏول ۽ بلند ڪردار سنڌي سوڍي، هن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. انگريزن مٿس ڪم ڪرڻ جو دٻاءُ رکيو، تشدد ڪيو ۽ کيس سخت سزائون ڏنيون پر هن خوددار، غيور ۽ بهادر پٽ جواب ڏنو ته: ”جيئن وڻيو مارائي ڇڏيو پر آءٌ پنهنجو هٿ اوهان جي غلاميءَ واري پورهئي ۾ هرگز نه وجهندس.“ سندس اهڙي دليري ۽ بهادري جي گفتي دشمن کي ميڻ ڪري وڌو ۽ هنن کيس ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
ٻارو، هي آهي، جاني جي خودداري، عزت، نفس ۽ بهادري جو اعليٰ مثال جيڪو دشمن آڏو پنهنجي ديس جي وقار ۽ ذاتي عزت کي مٿانهون رکڻ لاءِ هميشه جهيڙيندو رهيو. ٻڌو نه اٿوَ ته: ”شينهن جي هڪ ڏينهن جي حياتي، گدڙ جي سئو سالن جي زندگيءَ کان بهتر آهي.“ ۽ جيئڻ جو مقصد به ته اهوئي آهي.

خوددار ته اهڙا

پيارا ٻارو! خودداري جو گڻ آفاقي ۽ دائمي آهي. خودداري جو قدر انسانيت، ملڪ، قومن ۽ شخصن لاءِ عزت، احترام، وقار ۽ مان جو سبب رهيو آهي. جيڪي قومون، ملڪ ۽ فرد، هن جوهر کان خالي رهيا آهن، سي نه صرف انسانيت جي مجموعي واڌاري لاءِ، پر پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ ۾ به ناڪام ويا آهن. ان ڪري ڦورو طبقن، حاڪمن ۽ غاصبن جو اهو دستور رهيو آهي ته هو مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن مان، انهيءَ گڻ کي نچوڙي ڪڍي وٺندا آهن. خودداريءَ، احساس برتري جو ٻيو نالو آهي. هن جو مطلب آهي ته انسان پنهنجي ذاتي حيثيت، انفرادي ڪردار، ملڪي روايتن ۽ تاريخي قدرن کي هر حالت ۾ برقرار رکي ۽ ان جي بقا لاءِ مڙس ٿي مقابلو ڪري. ڪنهن به حالت ۾ آڻ نه مڃي. انهيءَ گڻ جو زندهه رهڻ ئي هر فرد، ملڪ ۽ قوم لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز آهي.
اڄ، مان اوهان کي سائين تراب علي شاهه راشدي جي خودداريءَ جا ڪجهه مثال ٻڌائيندس. جنهن مان اوهان کي خبر پوندي ته هن خوددار مرد، هر انهيءَ شيءِ کي حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو، جنهن مان سندس خودداريءَ کي ڌڪ لڳڻ جو انديشو هو. هن پنهنجي شخصي وقار، قومي روايتن ۽ تاريخي قدرن کي قائم رکڻ لاءِ وقت جي انگريز جهڙي جابر حاڪم سان مهاڏو اٽڪايو.
سائين تراب علي شاهه جو نالو، انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻچي ٻچي جي زبان تي هوندو هو. سندس خودداريءَ کي انگريز به جهڪي سلام ڪندا هئا. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته شاهه صاحب تي انگريزن، بلوچستان وڃڻ تي پابندي وڌي، ان وقت سنڌ جو ڪمشنر، ”ريو“ صاحب هو. کيس ڪنهن شاهه صاحب تان بندش لاهڻ جي صلاح ڏني. ڪمشنر بهادر چيو ته: ”مون کي شاهه سان ملڻ جو شوق آهي، سو وٺي اچوس ته روبرو بلوچستان جي اجازت ڏيندس.“ ان همراهه اچي پير صاحب کي ڪمشنر سان ملڻ لاءِ چيو، پر هن کيس جواب ڏنو ته: ”سائين منهنجا، اهڙا ڪم اسان کان ٿين ها ته بندش ئي ڇو پوي ها. ٻن پئي بلوچستان جو اهڙو سير، جنهن جي خاطر آءٌ اصول ٽوڙيان.“ جڏهن ڪمشنر وٽ اهي لفظ پهتا، تڏهن هن چيو ته: ”اهڙي اصول واري ماڻهوءَ لاءِ اسان وٽ عزت آهي. کيس ٻڌايو ته اسان مٿانئس بندش لاهي ڇڏي.“
انگريزن اسان کي پورا هڪ سئو سال ظلم ۽ ڏاڍ سان نپوڙيو ۽ ڏاڍ سان حڪومت ڪئي. شاهه صاحب کي انهن کان سخت نفرت هئي. منجهانئن ڪنهن سان ملاقات نه ڪندو هو. انگريز کي ڏسندو هو ته، منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيندو هو. چوندو هو ته: ”بيوس آهيون، پر جي ويريءَ تائين هٿ رسي نه ٿو سگهي، ته گهٽ ۾ گهٽ، اکين جي غيرت ته قائم رکون.“
شاهه صاحب، اعليٰ خيالن وارو خوددار انسان هو. هميشه هٿ ۾ ڪهاڙي کڻندو هو. چوندو هو ته: ”انسان جي هٿيارن مان اهو بي خرچو هٿيار ۽ ڪارائتو نشان آهي. اسان کان جهاد ته نٿو ٿي سگهي، پر نشانڙو ته اکين اڳيان رهي.“
شاهه صاحب هميشه اهڙي ٽانگي ۾ سفر ڪندو هو، جنهن جو گهوڙو ڏٻرو ۽ اڙي باز هوندو هو، ايتري قدر جو سواريءَ کي ٽانگي تان لهي گهوڙي جي اڙي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو. هڪ دفعي انگريز ڪليڪٽر سنڌ جي وڏيرن کي ملاقات لاءِ گهرايو. وڏيرن سان ڀريل ٽانگا ڪليڪٽري ڏانهن ڊوڙڻ لڳا. وڏيرن جي اها حالت ڏسي شاهه صاحب پنهنجي هڪ ساٿي کي چيو ته: ”اسان جي هنن دوست وڏيرن کان هي ٽٽون وڌيڪ خوددار آهي، جيڪو پنهنجي مرضي کان سواءِ نٿو هلي ۽ زور زبردستي کي بنهه ڪو نه ٿو ليکي. پر اسان جي هنن دوستن کي ڪليڪٽر کان حڪم ملي ته ”ٽانگن ۾ جوٽجي سرڪاري سواريون ڇڪيو“ ته ڇا ٿيندي کين مجال جو هن ٽٽون وانگر، وچ رستي ۾ بيهي سرڪاري سوارين کي اِٽون هڻن. اوهان انصاف ڪري ڏسو ته، ڪير وڌيڪ آزاد طبيعت آهي ۽ ڪير وڌيڪ عزت لائق آهي، هي ٽٽون يا هو اشرف المخلوقات.“
حضرت تراب علي شاهه کي انگريزن کان ڏاڍي نفرت هوندي هئي. انگريز راڄ هيٺ سنڌ کي ”درالحرب“ سمجهندو هو. سندس خيال هو ته: ”اسان کي ڌارئين راڄ سان سهڪار نه ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ وڌيڪ خيال هوس ته ”انگريزن اسان ۾ ڪيترائي عيب پيدا ڪيا آهن، جن مان اندروني نااتفاقي، هٻڇ ۽ لالچ، هڪٻئي سان اڻ سهپ، حسد، وڏن ماڻهن ۽ غريبن جي وچ ۾ معاشي فرق، ذهني وڇوٽي ۽ پاڻ کي محنت ۽ قرباني کان بچائڻ خاطر ٻئي جي مدد نه ڪرڻ وغيره.“
شاهه صاحب کي سنڌي تهذيب، تمدن، ريتن رسمن، روايتن ۽ طرز زندگي سان پيار هوندو هو ۽ ان تي هو فخر ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته: ”ديسي تهذيب ڏانهن لاڙو قومن جي زندهه هجڻ جي پهرئين نشاني آهي.“ چوندو هو ته: ”سنڌي تهذيب جي سڃاڻپ جا اهڃاڻ آهن، سنڌ جي ڌرتي سان اٿاهه محبت، مهمانوازيءَ، ڪشاده دلي، دوستي ۾ وفاداري، سخن جي سچائي، غيرت، پاڙي جي لڄ در آئي خون، بخشڻ، همت، محنت، پنهنجن کٿن ۽ لوئين، پسين ۽ پيرن، کٻڙن ۽ کنياتن تي فخر ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ پراون پٽن، پٽيهرن، ٻوڙن، پلائن، باغن ۽ بلبلين کي تِڇ ڀانئڻ.“ شاهه صاحب سدائين کاڌي يا ڪوري بافتي جو چولو، گيڙو يا اڇي گوڏ ۽ پيرن ۾ بلوچستاني کُسو پائيندو هو. انگريزي لباس کي ڏسي چوندو هو ته: ”ڪاش ماڻهوءَ لاءِ ممڪن هجي ها ته، ڪنڌ ورائي پنهنجي پٺ ڏسي سگهي ها. پتلون پهرڻ کان پوءِ نظر ايئن اچيس ها ته ابتي ستار تي ڳوٿري چڙهيل آهي.“
تراب علي شاهه آزاديءَ جو ڪوڏيو هو. هن ننڍي کنڊ جي آزاديءَ لاءِ، ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”هجرت تحريڪ“ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرائڻ لاءِ به سندس ڪوششون يادگار رهنديون.

آزاديءَ جو سورمو

سکر ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ امروٽ شريف ۾ 1859ع ۾ هڪ ٻار ڄائو، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو ديني عالم ۽ سياسي ليڊر ثابت ٿيو. اوهان کي خبر آهي ته ان ٻار جو نالو ڇا هو؟ اهو حضرت مولانا تاج محمد رحه هو. جنهن هند جي آزادي واري تحريڪ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو، ان ڪري هتان جي تاريخ ۾ سندس اهم مقام آهي. هن دور ۾ انگريزن، پنهنجين اٽڪلن سان سنڌ ۽ هند جي ماڻهن کي مڪمل غلام بڻائي، مٿن حڪومت ڪئي. ان وقت ئي هتان جي عوام آزادي جي تحريڪ هلائي، جنهن ۾ حضرت امروٽي رحه سڀني کان اڳرو هو. مولانا امروٽي رحه آزاديءَ ۽ حريت جو علمبردار هو. دين ۽ قوم جي آزاديءَ جي راهه جو مجاهد هو. وڏو بي خوف، بهادر ۽ دلير هو. هو انگريز، انگريزي اقتدار ۽ انگريزي سلطنت جو زبردست مخالف هو. سندس عقيدو هو ته: ”مشرق ۽ مغرب ۾ اسان جو وڏو دشمن انگريز ۽ انگريزي اقتدار آهي.“ هو انگريزن يا سندن طاقت کان هرگز نه ڊڄندو هو. کين سڀ ڪجهه منهن تي چئي ڏيندو هو. هڪ ڏينهن سکر جي انگريز ڪمشنر کيس ماڻهو موڪليو ته پاڻ هڪ عمدو گهوڙو کيس سواري لاءِ ڏين. اهو ٻڌي، امروٽي رحه جي قومي غيرت جوش ۾ آئي ۽ چيائين ته: ”مان گهوڙا انگريزن سان وڙهڻ ۽ لڙڻ لاءِ پاليا آهن، جيڪي انهن جي لاشن تي ڊوڙندا.“ اها هئي مولانا جي قومي غيرت، بي باڪي ۽ بي خوفي جي هڪ جهلڪ! هڪ ڀيري سي آءِ ڊي وارا مولانا صاحب وٽ آيا ۽ کيس ڊيڄاريندي چيائون ته: ”اسان کي خبر پئي آهي ته اوهان برطانوي حڪومت جي خلاف آهيو، ان ڪري جنگ لاءِ هٿيار ۽ بارود گڏ ڪري، عوام کي حڪومت خلاف اڀاري رهيا آهيو، جيڪو ملڪ جي سالميت لاءِ ٺيڪ نه آهي.“ اهو ٻڌي پاڻ جلال ۾ اچي ويا ۽ وڏي آواز سان کين مخاطب ٿي چيائون ته: ”مون وٽ ٻيو ڪو به اسلحو نه آهي، باقي ڏهه رائفلون (ٻنهي هٿن جون آڱريون) آهن، جيڪڏهن مان انهن کي استعمال ڪريان ته اوهان جي حاڪم جارج پنجين جي سسي لنڊن ۾ لهي وڃي.“
مولانا امروٽي رحه، تحريڪ آزادي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هندستان جا وڏا وڏا ليڊر سندس راين ۽ تجويزن جو قدر ڪندا رهيا. ”عدم تعاون“ جي رٿ هن جي ئي ذهن جي پيداوار هئي، جيڪا هن مهاتما گانڌي کي ڏني هئي، جنهن جو مطلب هو ته انگريز سرڪار سان، ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪجي، سرڪاري ملازم انگريزن جي نوڪري ڇڏين، هندستاني فوجي فوج مان نڪري وڃن، ڍلون ڏيندڙ ڍلون نه ڏين، انگريزن کان مليل لقب ۽ خطاب کين واپس ڪجن. هن تجويز کي سڀني ليڊرن قبولي انگريز سرڪار سان ”عدم تعاون“ جي هلچل شروع ڪئي، جنهن ۾ هندستاني عوام ڪافي ڪامياب ٿيو.
1919ع ۾ عثماني خلافت ترڪيءَ جي بقا لاءِ هندستان جي مسلمانن جڏهن ”خلافت هلچل“ شروع ڪئي، تڏهن مولانا امروٽي رحه ڪيترن ئي جلسن ۾ جهاد جو اعلان ڪيو، پاڻ بمبئي، دهلي، علي ڳڙهه ۽ ڪلڪتي تائين هن مقصد لاءِ سفر ڪيائون. ان وقت امروٽ شريف سنڌ جو عظيم سياسي مرڪز بڻجي ويو، جتي ننڍي کنڊ جا سڀ سياسي مسئلا نبيريا ويندا هئا ۽ دنيا جي وڏي سامراجي طاقت کي ختم ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ٿيندا هئا.
عدم تعاون تحريڪ ۽ خلافت هلچل کان پوءِ انگريز خلاف ٽين تحريڪ ”هجرت تحريڪ“ هئي. آزاديءَ جي تاريخ ۾ هن تحريڪ جو ذڪر به لازمي آهي. هجرت تحريڪ به مولانا امروٽي جي ڪوششن جو نتيجو هئي، جنهن موجب هندستاني مسلمان هجرت ڪري افغانستان وڃن ۽ اتان لشڪر تيار ڪري انگريزن سان جنگ جوٽين. ان لاءِ افغانستان جي ان وقت جي حاڪم امير امان الله هندستاني مسلمانن سان واعدو به ڪيو. ان ڪري مولانا صاحب هند سنڌ جو گشت ڪري، هزارين ماڻهن کي افغانستان روانو ڪيو ۽ آخري ٽرين ۾ پاڻ به تيار ٿيو پر عين موقعي تي امير امان الله مسلمانن سان غداريءَ ڪري انگريزن سان ٺاهه ڪيو. هتان جي مهاجرن سان افغانستان ۾ جيڪا بدسلوڪي ڪئي ويئي ۽ کانئن سامان کسي، ڦري بي سرو سامان ڪري واپس موڪليو، ان تي مولانا صاحب کي ڏاڍو ڏک پهتو. اڪثر ڪري هو افغانين جي ان روش تي ارمان ڪندا هئا ۽ کين ڪڏهن ڏک وچان اکين مان ڳوڙها به وهي ويندا هئا. ”هجرت تحريڪ“ برطانوي اقتدار کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ وڏو هٿيار ثابت ٿئي ها، جيڪڏهن افغاني مسلمان ان کي غيرن جي چوڻ تي ناڪام نه ڪن ها.
مولانا امروٽي رحه عوامي ۽ سماجي تحريڪن ۾ به خاص حصو ورتو. سماجي خراب ريتن ۽ رسمن جو هو ڪٽر دشمن هو. هنن اجاين رسمن سنڌين کي سست، ڪاهل، روڳي، هيڻو ۽ مقروض بنائي ڇڏيو هو. هو، هيڻا هر ڪنهن ويهيڻا، بڻجي چڪا هئا. انگريزن جي سکڻي رعب ۽ مجاورن جي مڪارانه چالن کين هر طرح ناس ڪري ڇڏيوهو. ان ڪري مولانا سنڌين مان اجايون رسمون ۽ رواج ڪڍي کين غيرت ۽ قومي شعور، سماجي تعليم ۽ سياسي سجاڳي جو درس ڏنو. کين چست ۽ چالاڪ بڻايو. منجهن خودداري جو احساس ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو لاڙو پيدا ڪيو. احساس برتري ۽ احساس خود شناسيءَ جا جذبا پيدا ڪيا. چوندو هو ته: ”اٻوجهه سنڌي مسلمانن کي گهران مانيءَ کارائي کين موحد بڻائجي.“ ڇو ته ٻارو، توحيد ئي هر سماجي برائي جي پاڙ پٽي ٿي. سنڌين کي بدعت ۽ پير پرستي ئي نيست ۽ نابود ڪيو آهي. ان ڪري ئي سندن عمل هو ته سنڌي مسلمانن کي بدعت ۽ پير پرستي کان بچائي ڀٽڪيل انسانن کي سنئين راهه ڏيکارجي.
مولانا صاحب جي انهن ڪوششن ۽ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ ڪري انگريز سرڪار سندس زبردست مخالفت ڪئي ۽ هو ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ به ويو، پر هي سنڌي مسلمانن جو سچو هڏ ڏوکي، شمع آزادي جو پروانو ۽ توحيدي پتنگ هر پل سامراج سان وڙهندو رهيو ۽ برطانوي آمريت کي ختم ڪري دم ڏنائين.
قوم جي اهڙن سورهيه ماڻهن جي زندگيءَ جو هر ورق اسان لاءِ سبق ڏيندڙ به آهي ته پيروي لائق به آهي. آزادي جي نعمت جو قدر به تڏهن ٿيندو، جڏهن ساڻيهه جي انهن سپوتن جا ڪارناما پڙهنداسون.

بندن جو بندو

عوام جي ڀلائي انسانيت جي ڀلمانسي آهي. بهترين عبادت جو ٻيو نالو خلق جي خدمت آهي. ڀلو ماڻهو اهو آهي، جنهن مان ٻين کي فائدو پهچي. سماج جو سڌارو ۽ ڀلائي انهيءَ راز ۾ لڪل آهي ته انسان هڪٻئي جي ڀلائي ۽ همراهي جو پاڻ ۾ جذبو پيدا ڪري. هي گڻ انسان جي عزت ۽ عظمت جو ضامن آهي. پنهنجن ۽ پراون جي دلين ۾ هي وصف انسان جو مان وڌائيندي آهي. جن انسانن پنهنجي حياتي ٻين لاءِ وقف ڪئي، غريبن ۽ بيواهن جي خدمت ڪئي، ساڻيهه جي مسڪين ماروئڙن لاءِ زندگي قربان ڪئي، تن جو نالو ساڻيهه جي تاريخ ۾ قائم ۽ دائم رهندو. اڄ مان اوهان کي اهڙي بندن جي بندي جي ڳالهه ٻڌايان ٿو، سندس نالو هو: الله بخش ۽ ويٺل شڪارپور جو هو.
خانبهادر شهيد الله بخش سومرو خلق جي خدمت کي اتم ڪم سمجهندو هو. هو سچ جو علمبردار ۽ سچائيءَ جو حامي هو، هو آزاديءَ جو ڪوڏيو هو. آزادي پسند انسانن لاءِ سندس دل ۾ محبت هوندي هئي. ان ڪري ئي سنڌ جي وڏي وزير هجڻ واري دور ۾ هن برٽش حڪومت جي ڪاوڙ ۽ ناراضگي کان بي پرواهه ٿي مولانا عبيدالله سنڌي جي جلاوطني ختم ڪري کيس سنڌ ۾ آندو. الله بخش کي سنڌ جي اٻوجهه ۽ غريب عوام جي تعليمي ترقيءَ لاءِ احساس هو. اهوئي سبب آهي جو هن سنڌ يونيورسٽي جي قيام لاءِ ڪوشش ڪئي، ۽ سنڌ ۾ بالغن جي تعليم جو انتظام ڪيو.
الله بخش سومرو نهٺو، نرم مزاج، صبر ۽ بردباري جو سائين هو. سندس ڪردار اوچو ۽ اتانهون آهي. هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته شڪارپور ۾ هڪ بيماري اچي منهن ڪڍيو. شهر جي هر چوڪ ۽ گهٽيءَ ۾ موت جي بازار کلي ويئي. اهڙي سخت گهڙيءَ ۾، جڏهن هر ماڻهو مرض کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، هي سهڻي سيرت وارو انسان صبح کان شام تائين هڪ در کان ٻئي در ڏانهن ڊوڙندو رهندو هو. ڪڏهن ان پوڙهيءَ جي ڳوڙهن اگهڻ ۾ رڌل رهيو، جنهن جو پيري جو آخري سهارو جوان جماڻ پٽ گذاري ويو ته ڪڏهن ان بيمار ٻڍي جو بسترو ڇنڊيندو هو، جنهن کي پاڻي پيارڻ وارو به ڪو نه هو. ان دور جو هڪ واقعو آهي ته هڪ پٺاڻ جو اڪيلو ئي سهارو سندس ڀيڻ ان بيماريءَ ۾ مري وئي. ان پٺاڻ جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪو به نه هو. ويتر ڪراڙو نابينا به هو، سندس زندگي زهر بڻجي ويئي. ڪو به سندس ويجهو نه پيو اچي، پر هي انسان دوست ماڻهو پنهنجي ساهه تان هٿ کڻي، روزانو صبح جو سندس گهر پهچي ويندو هو. انڌڙي مريض کي پنهنجن هٿن سان کاڌي کارائيندو هو، بستري جي چادر بدلائيندو هو ۽ دوا پياريندو هو. ٽن ڏينهن جي تيمارداري کان پوءِ اهو پوڙهو چڱو ڀلو ٿيو ۽ کيس دعائون ڏيڻ لڳو.
هيءَ ڳالهه انهن ڏينهن جي آهي، جڏهن هو سنڌ جو حاڪم هو ۽ وڏو وزير هو. سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ هو. سندس اک جي اشاري سان هزارين انسان ٻڌجن ۽ ڇٽجن، قتل ٿي وڃن ۽ چؤکنڀا ٽنگيا وڃن. پاڻ شڪارپور جي گهٽي مان هڪ ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجن زير دستن سان پيادل وڃي رهيو هو. ڀنگي ان وقت ڪني پاڻي جون ناليون صاف ڪري رهيا هئا. جيئن هڪ ڀنگي گند اڇليو ته اهو وڃي خانبهادر جي ڪپڙن تي پيو. وڏي وزير جي چهري تي ڪا به تبديلي نه آئي. هو گهر موٽي آيو ۽ ڪپڙا بدلائي واپس ٿيو. ڀنگي پنهنجي غلطي محسوس ڪري ڊپ کان ڪنبي رهيو هو ته الائي وڏو صاحب ڇا ڪندو؟ هو خانبهادر جي پيرن تي ڪري پيو ۽ معافي گهرڻ لڳو پر هن ڀلي ماڻهوءَ هٿ کان وٺي کيس پيرن تان اٿاريو ۽ سندس مٺ ۾ ڪجهه ڏئي مشڪندو هليو ويو، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هو. خانبهادر جو اهو ڪردار ايڏو ته عظيم آهي جو ان جو تاريخ ۾ مثال ئي نه ٿو ملي.
شڪارپور ۾ هڪ ڀيري خاص ميٽنگ سڏايل هجي، وڏي وزير لاءِ سينگاريل ڪرسي ۽ ميز رکيل هئي. آفيسر ڪرسين تي ويٺل هئا ۽ ٻي مخلوق هيٺ گلم تي. صاحب جو انتظار هجي. ايتري ۾ هڪ سادي کاڌي جي لباس ۾ شخص آيو ۽ اچڻ سان ئي ويٺل مخلوق سان هيٺ پٽ تي ويهي رهيو. هي شخص سنڌ جو وڏو وزير الله بخش شهيد هو، جنهن ۾ فخر ۽ وڏائي نالي ماتر به نه هئي.
شهيد الله بخش سومرو عوام جي دلين جي تڙپ هو. شڪارپور جو ٻچو ٻچو سندس قرب، محبت، خلوص ۽ پيار جي ڪري سندس عزت ڪندو هو. اهڙائي ماڻهو سماج جو وڏو سرمايو آهن. سندن هن دنيا ۾ اچڻ ۽ وڃڻ سجايو آهي.
مَر مَرڪن اهي مائرون، جن شهيد الله بخش جهڙا پٽ ڄڻيا.

بختاور شهيد

1947ع جو زمانو هو. زمينداري پوري اوج تي هئي. غريب هارين جي پگهر جي پورهئي جي ڪمائي مان زميندار ست رڇيون کائي ۽ عيش ڪري رهيا هئا پر پگهر وهائيندڙ هاري ڳڀي لاءِ پريشان هئا. هارين جي اها حالت ڏسي، مرحوم حيدر بخش جتوئي واري هاري حقدار پارٽي طرفان اڌو اڌ بٽئي جي تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي هارين حصو ورتو. ان ۾ لال محمد لاشاري به وڏو ڪردار ادا ڪيو جيڪو ڊيسر اسٽيٽ جي، سي فارم لڳ تعلقي عمر ڪوٽ ۾ هڪ زمين جو هاري هو. اها زمين هڪ انگريز ڪمپني کي 20 سالن لاءِ مقاطعي تي مليل هئي، جنهن جا سنڀاليندڙ به زمينداري ذهنيت جا مالڪ هئا. جڏهن سنڌ ۾ هاري تحريڪ زور ورتو، تڏهن زميندارن جي ڪوٽن ۾ ڏار پوڻ لڳا. سندن دلين ۾ اچي گدڙ ويٺو ته جي هي لڱين اگهاڙا ۽ پيرين پيادا ماڻهو ڪامياب ٿا ٿين ته سندن فرعونيت ۽ قارونيت کي وڏو ڌڪ لڳندو. ان ڪري هنن غريب هارين خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ۽ کين هر قسم جون تڪليفون ڏيڻ لڳا، پر هارين پنهنجي تحريڪ کي ڳاڙهي رت جو ريج ڏيئي پختو ڪيو. 22 جون 1947ع جي ڳالهه آهي ته، نبي سر جي ويجهو جهڏي ۾ هارين جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ساري سنڌ جا هاري اچي گڏ ٿيا. ان وقت ڪڻڪ جا ديرا اڇا هجن. هارين جي همت ۽ محنت سان، ڌرتيءَ هيرا موتي اپايا، جيڪي سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هئا. لال محمد ۽ سندس ساٿي، پنهنجن مائرن ۽ ڀينرن کي ديرن جي سنڀال لاءِ ويهاري، پاڻ جلسي ۾ ويا. جڏهن اسٽيٽ جي جاگيردارن ڏٺو ته ميدان خالي آهي ۽ اَن لٽڻ جو واهه جو موقعو آهي، تڏهن مئنيجر عملدارن ۽ ڪاروان سان گڏجي، هارين جي عورتن تي حملو ڪري اڌ بٽائي ڏيڻ بدران سارو ان ڦرڻ شروع ڪيو. تڏهن مائي بختاور جيڪا هاري لال محمد جي ماءُ هئي، انهن کي چيو ته ”ڪجهه ڌيرج ڪريو، مرد موٽي اچن ته پوءِ ان کڻجو.“ پر هنن ظالمن ڪجهه نه ٻڌو. ان تي مائيءَ ان کڻندڙ کي اهڙو ته زوردار ڌڪو ڏنو، جو هو منهن ڀر وڃي ڪريو. اهو ڏسي ظالمن يڪدم بندوق جي گهوڙي کي تحرڪ ۾ آندو. مائي ڌڪ لڳڻ شرط چيو ته ”ابا ڏسجو متان ماريا اَن نه کڻي وڃن.“ ۽ هوءَ گذاري ويئي.
مائي بختاور کي شهيد ٿئي ڪيئي سال گذري ويا آهن پر اڄ به سندس اهي لفظ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيا آهن ۽ اسان کي ٻڌائين ٿا ته هتان جي بهادر، غيرتمند ۽ سرويچ عورتن به ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڳاڙهو رت وهايو. هن جي شهادت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد ۾ پورهيت هارين ۽ هارياڻين جي قربانين جو لازوال ۽ لافاني مثال آهي. هيءَ مائي هن دور جي پهرين دلير ۽ بهادر عورت آهي، جنهن زميندار شاهي، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري خلاف جهيڙيندي شهادت حاصل ڪئي. مائي بختاور سنڌ جي جميله بوپاشا (الجيريا جي آزاديءَ جي تحريڪ جي بهادر شهيد عورت) آهي. سنڌ جي جون آف آرڪ (فرانس جي سورمي، جنهن پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ انگريزن سان ٽڪر کاڌو) آهي. اڄ سنڌ جي هارين ۾ پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا سجاڳي ۽ بيداريءَ جي لهر پيدا ٿي آهي، ان جو بنياد شهيد بختاور جو رت آهي. هن مائيءَ جان ڏيئي سنڌي هارين ۾ نئين تڙپ، نئون جذبو ۽ نئون ولولو پيدا ڪيو آهي. ان کان پوءِ هاري تحريڪ هڪ زندهه حقيقت بڻجي ويئي، جيڪا هارين ۾ ٻڌي ۽ ايڪي جو مثال ۽ حق وٺڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو سبق بڻجي ويئي آهي.

محنت جو ڦل

پيارا ٻارو! 1897ع جي ڳالهه آهي ته ٽلٽيءَ ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڪکائين گهر ۾، محمد ڪڙميءَ جي گهرواريءَ کي صبح جو هڪ پٽ ڄائو. سندس ڄمڻ تي وڏيون خوشيون ٿيون، خيراتون ٿيون ۽ مُستيءَ جا لڏون ورهايا ويا. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هيءُ ننڍڙو ٻار اڳتي هلي محنت جو پتلو ٿيندو ۽ سنڌ جي لاءِ فخر جو باعث ٿيندو. ننڍڙو ٻار هوريان هوريان وڏو ٿيڻ لڳو، ڪنهن وقت بيل گاڏيءَ تي ويهي ڏاند هڪليندو هو، ته ڪنهن وقت پيهي تي ويهي جهار هڪليندو هو، آخر جڏهن 6 ورهين جو ٿيو، تڏهن پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ سنڌي پرهڻ لاءِ ويٺو. کيس ماءُ جنڊ تي پرايو ان پيهي اُن مان هڪ پئسو خرچي ڏيندي هئي. هيءُ ٻار ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار ثابت ٿيو. سنڌيءَ جا چار درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پاس ڪري، انگريزي پڙهڻ لاءِ نؤشهري ويو. هو ايتري قدر مسڪين هو، جو ان وقت ڪتابن وٺڻ لاءِ موڪل جي وقت ۾ تغاريون کڻندو هو ۽ ڳوٺ اچڻ وقت مائٽن کي گاهه پٺي ڪرائڻ ۽ پاڻيءَ ڀرڻ ۾ مدد ڪندو هو. ڪڏهن به کين گهرو ڪم ڪرڻ جو جواب نه ڏنائين.
هيءُ ٻار، جڏهن مئٽرڪ پڙهڻ لاءِ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ آيو، تڏهن کيس بافتي يا کدڙ جا ڪپڙا، ڪاري صدري ۽ پراڻي سنڌي جتي پيل هئي. شاهوڪارن جا ٻار کيس ڏسي کلڻ ۽ چٿرون ڪرڻ لڳا، پر هيءُ غريب ۽ خوددار نينگر اڏول بڻيو بيٺو رهيو. ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگيائين. بورڊنگ هائوس جا لالٽين صاف ڪري ۽ کٽون واڻي، پنهنجي لاءِ ڪتاب ۽ ڪپڙا خريد ڪندو هو ۽ انهن پئسن مان ڪجهه بچائي ڳوٺ مائٽن کي به موڪليندو هو. هر وقت استادن جي خدمت چاڪريءَ ۾ رهندو هو. پنهنجي ”آتم ڪهاڻي“ ۾ هيءُ ٻار لکي ٿو ته ”اسين به ماستر صاحبان جون ڏاڍيون خدمتون چاڪريون ڪندا هئاسين، گرميءَ ۾ جهليون ڇڪيندا هئاسين، سندن گهر جو پاڻي ڀريندا هئاسين ۽ ٿڪبا هئا ته ڀيڙون به ڏيندا هئاسين. هي سڀ ڪم راءِ رضا سان ڪندا هئاسون ۽ ماسترن جي سيوا ۾ اسان کي خوشي ٿيندي هئي.“
هيءُ ٻار پنهنجي محنت ۽ هٿ جو پورهيو ڪري، هر امتحان ۾ هميشه پهريون نمبر آيو. بي اي ۽ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ هيءُ نوجوان ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو. لنڊن ۾ به هيءُ خوددار سنڌي نوجوان هميشه سادي زندگي گذاريندو هو. نوڪرن هوندي به پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو هو. چوندو هو ته ”ڏسو سوٽ جي کيسي ۾ 2، 3 اڳڙيون پيون اٿئو، متان اوهين ايئن سمجهو ته مان وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان. مان ته اهوئي ساڳيو سادو سودو آهيان.“ هن نوجوان جو نالو عمر هو ۽ پوءِ ڊاڪٽر عمر دائودپوٽو سڏجڻ لڳو. هو پهرين بمبئي جي هڪ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو پوءِ کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو پرنسپال بڻايو ويو. هن کي غريب شاگردن لاءِ احساس هو، هڪ لڱا ڪنهن غريب شاگرد سنڌ مدرسي ۾ اچي داخلا ورتي. هن جو غريبي حال ڏسي ڊاڪٽر صاحب جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ پنهنجي هڙان رقم ڏيئي سندس مدد ڪيائين. هو پاڻ وٽ هڪ خاص فنڊ رکندو هو، جنهن مان ڪيترن ئي غريب شاگردن کي امدادون ڏيئي، سندن تعليم تي ڌيان ڏيئي، هر ويلي انهن جي مدد ڪندو هو.
ڊاڪٽر دائودپوٽي جي زندگي اسان لاءِ هڪ سبق آهي. هو هڪ غريب هاريءَ جو ٻار ٿي، پنهنجي محنت، مشقت ۽ هٿ جي پورهئي سان ترقي ڪري سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. هن ان دور ۾ سنڌ جي اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل عوام لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسڪول قائم ڪيائين. بالغن جي تعليم کي همٿايائين. سنڌ يونيورسٽي برپا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو.
ڊاڪٽر دائودپوٽو، سچار ۽ صاف دل هو. ننڍي هوندي کان ئي خوشامد ۽ چاپلوسيءَ کي ڌڪاريندو هو. پنهنجن ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ خود پورهيو ڪندو هو، پر ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيائين. هو ان کي غيرت جي خلاف سمجهندو هو. حق ۽ سچ سان عشق هوس. سندس سخاوت ۽ فراخدلي ايتري قدر هئي، جو وڏي لاڪئون هوند جي ڏينهن ۾ پنهنجي آمدنيءَ جو اڌ يتيمن ۽ مستحق شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪندو هو. ڪيترن ئي غريب ۽ مسڪين اديبن جي به مالي مدد ڪندو هو.
ڊاڪٽر دائودپوٽو، سنڌي زبان جو وڏو عالم ۽ اديب به هو. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان کيس بي انتها عشق هو، جيڪو سندس مضمونن ۽ تقريرن مان ظاهر آهي. سندس قلم ۽ زبان سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ مخصوص هيا. ڪيترائي ادبي ۽ تاريخي ڪتاب لکيائين.
ڊاڪٽر دائودپوٽي جي حياتيءَ مان جيڪو سنڌي ٻارن کي سبق ملي ٿو، سو اهو آهي ته انسان پنهنجي زندگي پاڻ بڻائي ٿو. هڪ اڻ ٿڪ ۽ محنتي ماڻهو دل لائي ڪم ڪرڻ سان زندگيءَ جي سفر ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي سيرت جا مکيه پهلو ٻه آهن: هڪ آهي علم جي تحصيل ۽ تڪميل لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ ۽ ٻيو سليقي سان زندگي گذارڻ، ۽ علم ۽ فڪر جي دنيا ۾ مقام پيدا ڪرڻ. سندس زندگيءَ ۽ سندس مثالي جدوجهد مان ثابت ٿو ٿئي ته مشڪل پسند ۽ عملي ماڻهوءَ لاءِ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون خود رهبريءَ جو ڪم ڏين ٿيون ۽ ڏاکڙا ۽ جاکوڙ مورڳو سونهان ۽ ساٿي ٿي ساڻ هلن ٿا.
شال، اسان جا سنڌي ٻالڪ به پاڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب واري همت ۽ جرئت پيدا ڪري، علم جي روشنيءَ سان ساري جڳ کي جرڪائين ۽ پاڻ به جرڪن.

سنڌ ۽ حلوو

ٻارو! اوهان سر چارلس نيپئر جو نالو ته ٻڌو هوندو، جنهن کي انگريز مؤرخ سنڌ جو فاتح چون ٿا. هو 1782ع ۾ لندن ۾ ڄائو هو. 1841ع ۾ بمبئي ۾ آيو، ۽ پوني جي فوج ۾ عملدار ٿيو. هو تنگ مزاج، شوخ طبع ۽ دل جو ڪٺور سپاهي هو. هن کي ڌيءُ لاءِ ڏاج گهربو هو ۽ مشهور آهي ته سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ هن جي بي رحمي ۽ ظالمانه طبع کي سامهون رکي مقرر ڪيو ويو ۽ هتان ئي ڦرلٽ ڪري، هن ڌيءُ کي پرڻايو. نيپئر 1842ع ۾ ميرن سان هڪ خاص معاهدي لاءِ جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن مير علي مراد() کيس چيو ته مير رستم خان() کان مون کي پڳ وٺي ڏي. جيتوڻيڪ سندس جائداد ۽ پڳ راڄوڻي فيصلو ڪري، مير رستم خان کيس موٽائي ڏني هئي. انگريز سپهه سالار موقعو سٺو ڄاڻي علي مراد کي چيو ته ”تون سنڌ فتح ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪر، ته توکي پڳ وٺي ڏبي.“ ۽ هن مير رستم کي نياپو موڪليو ته هو ساڻس سکر ۾ اچي ملاقات ڪري. رستم خان سياڻو ماڻهو هو، هن سمجهيو ته ملاقات جي بهاني فرنگي سردار کيس گرفتار ڪرڻ ٿو چاهي، ان ڪري هو ڪجهه وفادار نوڪرن، خزاني ۽ حرم سميت امام ڳڙهه قلعي () ڏانهن هليو ويو. نيپئر اهو ڏسي، علي مراد جي مدد سان امام ڳڙهه تي ڪاهه ڪئي. مير رستم ٽن هزار فوجين سان مقابلو ڪيو، پر نيپئر توبزني ڪري قلعي کي اڏائي ڇڏيو. قلعي تي پهرين توب سندس ڀاءُ مير علي مراد ڇوڙي. لاچار مير رستم قلعو ڇڏي، ٻاهر نڪري وڏيون تڪليفون سهي حيدرآباد پهتو، جتي سڀ ٽالپر سندس همدرديءَ لاءِ آيا ۽ کيس مدد ڏيڻ جو انجام ڪيائون.
هوڏانهن نيپئر مير علي مراد کي خيرپور جي گاديءَ تي ويهاري، 23 جنوري تي حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي هي بي پرواهه انگريز درياءَ جي ڪپن واريون ڪاٺيون وڍائڻ لڳو. حيدرآباد جي ميرن جي منع ڪرڻ تي هن فرعون صفت جرنيل جواب ڏنو ته ”نه صرف ٻيلن جون ڪاٺيون وڍائيندس، پر گاديءَ جي هنڌ حيدرآباد کي به ساڙي رک ڪندس.“ بلوچ هن مغرور سالار جو رويو ڏسي ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ انديشو هئن ته سنڌ ۾ هڪ ڀنڀٽ نه ٻري پوي، ان ڪري مير محمد نصير خان () پنهنجي وفادار وزير مرزا خسرو بيگ کي نيپئر سان ملاقات ڪرڻ ۽ ٺاهه جي رستي ڳولڻ لاءِ موڪليو. مرزا صاحب هن سان ڀرين جي ڳوٺ ۾ ملاقات ڪري مٿس واضح ڪيو ته: ”علي مراد خان وارو فيصلو نونهار جي بلوچي جرڳي ۾ ٿيوآهي ۽ اهو سندن خانگي معاملو آهي. اوهين وچ ۾ نه اچو. مير رستم خان کي حق موٽائي ڏيو ڇو ته مير صاحب بي گناهه آهي. باقي ٻيون ڳالهيون اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه سان طئي ٿيڻ گهرجن.“ اها بي باڪ دليريءَ واري گفتگو ٻڌي نيپئر تپي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته: ”ڏسان ڪيئن ٿيون ٻروچن جون تلوارون، انگريزي بندوقن سان مقابلو ٿيون ڪن.“ ان تي وزير صاحب نهايت برجستگي ۽ بهادريءَ سان کيس جواب ڏنو ته: ”نپيئر صاحب، سنڌ ڪو حلوو ناهي جو آسانيءَ سان کائي ويندين. اڳيان هتي به بلوچن سان ڪم پيو اٿئي.“ اهو ٻڌي نيپئر ڪاوڙجي ويو ۽ منهن سڄائي مرزا کي اٿاري ڇڏيو.
اوهان کي خبر آهي ته 17 فيبروري 1843ع ۾ مياڻي جي جنگ لڳي، جنهن ۾ سنڌين پنهنجي پياري ديس لاءِ پنهنجي خون جو آخري ڦڙو به وهايو. خود انگريزن لکيو ته: ”هو اهڙي طرح وڙهي رهيا هئا، جيئن ڪو پنهنجي سڀ کان قيمتي شيءِ کي بچائڻ لاءِ وڙهندو آهي.“ اهڙيءَ طرح هنن انگريزن کي ايڏو ته نقصان پهچايو، جو نپيئر کي پڇتائڻو پيو ۽ دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ چوڻو پيس ته: ”سنڌ فتح ڪرڻ جو عظيم گناهه ڪيو اٿم.“
ان کان پوءِ نيپئر سڀني ٽالپر حڪمرانن کي گرفتار ڪرايو. هن وير ۽ ڪيني کي دل ۾ رکيو. پهرين مرزا خسرو بيگ کي گرفتار ڪري، ايتري ته مار ڏني، جو هو بيهوش ٿي ويو. پوءِ کيس نوڙيءَ سان ٻڌي، سندس حويليءَ کي لٽيائين. هڪ ڏينهن، هن بازار مان حلوو گهرائي، هڪ ڍاڪونءَ ۾ وجهي پنهنجي خاص ماڻهوءَ هٿان مرزا خسرو بيگ کي ڏياري موڪليو، جيڪو ميرن سان گڏ بندي خاني ۾ هو. حلوو آڻيندڙ ماڻهوءَ مرزا صاحب کي نيپئر جو هيءُ نياپو به ڏنو ته: ”مون حلوو پاڻ ته کاڌو آهي، پر ڪجهه توڏانهن به موڪليان ٿو.“ مرزا صاحب اهو نياپو ٻڌي موڪليل حلوو کڻي هڪ ڪتي اڳيان ڦٽو ڪيو ۽ نيپئر کي چوائي موڪليائين ته: ”جو حلوو، جنهن جو وَڙُ هو، تنهن کي پهچي ويو ۽ ان کائي به ڇڏيو. باقي جنهن حلوي جو مون ڀرين ۾ ذڪر ڪيو هو، تنهن مان مراد سنڌين جي دلين تي حڪومت ۽ سندن محبت جي حاصلات هئي ۽ اها شيءِ توکي ڪڏهن به نصيب نه ٿيندي.“
۽ ٻارو اهو خسرو بيگ جو جواب ٻڌي نيپئر جا ٺپ ئي ٺري ويا ۽ سمجهائين ته سنڌ جا هي سپوت خودداري ۽ حب الوطنيءَ جا ايڏا ته ڪوڏيا آهن، جن جي هن سچي جذبي ۽ ولولي اڳيان سر نوائجي.

بهادر شهزادو

1843ع جي ڳالهه آهي. ان وقت سنڌ جو حاڪم مير نصير خان هو، جيڪو مير مراد عليءَ جو پٽ ۽ مير نور محمد جو ڀاءُ هو. جڏهن مير نور محمد وفات ڪئي، تڏهن 1840ع ۾ مير نصير خان گاديءَ تي ويٺو. ان وقت مير نور محمد جو هڪ ننڍڙو پٽ مير حسين علي خان هو، جيڪو 1829ع ۾ ڄائو ۽ ان وقت سندس عمر 14 سال هئي.
انگريزن جو ڇوليون ماريندڙ لشڪر، نيپئر جهڙي مڪار، چالباز ۽ ٺڳ سپهه سالار، جنهن بابت لارڊ ايلنبرو جو چوڻ آهي ته: ”نيپئر هڪ جهنگلي هاٿي آهي، جنهن کي سڌارڻ لاءِ ڏهه ويهه سيکاريل هاٿي کپن.“ جي سرڪردگيءَ هيٺ سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو. مير نصير خان سنڌين جي فوج ساڻ ڪري، جنم ڀوميءَ جي سالميت ۽ ساڻيهه جي سلامتي لاءِ مياڻي جي ميدان ڏانهن روانو ٿيو. اهو ڏينهن سچ پچ وڏي قربانيءَ جو هو. ديس جي آزادي ۽ بقا لاءِ سرن جا سودا ڪرڻا هئا. ننڍڙو حسين علي ان وقت گهر ۾ موجود هو ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪري رهيو هو ته سندس ماءُ جو سڏ ڪن تي پيس. اها ماءُ جيڪا پنهنجي ڄائي تي ڪک به نه سهندي آهي. ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيندي آهي. اها چئي رهي هئي ته: ”پٽ، حسين! تنهنجو چاچو ۽ ڀاءُ (مير حسن علي، ولي عهد) دشمنن سان وڙهڻ لاءِ، ديس جي حفاظت لاءِ ميدانِ جنگ ڏانهن وڃي رهيا آهن، تنهنجو به فرض آهي ته، تون به اوڏانهن وڃ. هڪ شهزادي جو مرڪ آهي ته هو پنهنجي ديس لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري، ويندي جان جي ڀيٽا ڏيڻ کان به نه ڪيٻائي.“ مير حسين، ننڍڙي شهزادي پنهنجي جيجل ماءُ جا لفظ ٻڌي چيو: ”امڙ! تنهنجي حڪم مڃڻ لاءِ مان هر طرح تيار آهيان. جنم ڀوميءَ لاءِ پنهنجي سڀ کان عزيز پونجي، ساهه ۽ سرير صدقي ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندس. تون مون کي ميدانِ جنگ ۾ سڀ کان اڳرو ڏسندينءَ.“ سندس امڙ اهو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ۽ هٿيار کڻي پاڻ ئي پنهنجي هانءُ جي ٺار کي پهرائي، جنگ جي ميدان ڏانهن مرڪندي موڪليو.
ٻارو، سوچيو ته سهي ڪهڙي ماءُ چاهيندي ته سندس ننڍو ٻچڙو توبن، بندوقن ۽ تلوارن جي منهن ۾ وڃي! پر مير جي امڙ پنهنجي وطن دوستيءَ جو ايڏو ته بهترين مثال پيش ڪيو آهي جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌي عورت جي ڪردار کي بلند ۽ بالا ڪري ٿو. ننڍڙي مير کي جڏهن جنگ جي ميدان ۾ مير نصير خان ڏٺو، تڏهن مرحوم ڀاءُ جي نشاني سمجهي کيس موٽي وڃڻ جي صلاح ڏني، پر هن سورهيه شهزادي چيو ته: ”چاچا، ساڻيهه جي راهه ۾ لڙڻ، صرف وڏن جو شيوو نه آهي. مون کي هن راهه ۾ وڙهڻ کان نه روڪ، دشمن کي پٺي ڏيڻ ڪانئرن جو ڪم آهي. سوڍن ۽ سرويچن جو اهو دستور نه هوندو آهي ته اهي سڄڻ ۽ ساڻيهه کي وساري، پنهنجي عيش ۽ آرام ۾ رڌل هجن.“ هن جي جذبي کي ڏسي، وڏي مير کيس ڳراٽڙي پائي پيار ڪيو.
مياڻيءَ جي جنگ ۾ سنڌ جي هن ننڍڙي شهزادي به پاڻ ملهايو. جڏهن جنگ بند ٿي، تڏهن ننڍڙي مير کي 31 مئي 1843ع تي ٻين مير حاڪمن سان گڏي، 20 سولجرن جي نظرداريءَ هيٺ بمبئي موڪليو ويو. اتي هو هزاري باغ جهڙي ويران ڳوٺ ۾ پنهنجي ديس کان ٻاهر نظربند رهيو. 1859ع ۾ لارڊ ڊلهائوسي جي هڪ اعلان موجب هو پنهنجي ساڻيهه موٽي آيو. مير صاحب پنهنجي ديس کان 16 سال ٻاهر رهيو. مير صاحب هڪ سٺو شاعر به هو. بندي خاني جي دور ۾ هن بهترين غزل لکيا. فارسيءَ ۾ سندس مڪمل ديوان موجود آهي. سنڌ جو هي سرويچ شهزادو 1878ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار مير ڪرم علي خان جي قبرستان ۾ آهي.
ٻارو! هن ننڍڙي تاريخي واقعي مان سنڌڙيءَ جي عورت ۽ سندس ننڍڙي پٽ جو ڪردار ظاهر ڪري ٿو ته ڪيئن نه هنن ۾ پنهنجي ديس لاءِ قربانيءَ جي امنگ موجود هئي ۽ ساڻيهه جي سالميت هنن وٽ زندگي ۽ اولاد کان به وڌيڪ اهم هئي. اهڙيون ئي مائرون ديس جو سينگار آهن.

هوشوءَ جي ڪهاڻي

پيارا ٻارو! سنڌ جيڪي سرويچ، سالار ۽ سوڍا پيدا ڪيا آهن، انهن ۾ هوشو هڪ هشمت ڀريو، سورهيه ۽ بهادر جرنيل ٿي گذريو آهي. هن جو اصلي نالو هوش محمد هو. هو ذات جو حبشي هو. هو مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان جو ٻانهو هو پر پنهنجي خدمت گذاري، دليري ۽ جرئت ڪري، مير صوبدار کيس اعليٰ درجو ڏنو. هو سندس هر راءِ جو احترام ڪندو هو. هوشو ڏاڍو بهادر ۽ وطن دوست شخص هو. سندس رڳ رڳ ۽ نس نس ۾ سنڌ جو ساهه سمايل هو. وطن جي حب هن جو ايمان هو.
1843ع جي ڳالهه آهي ته انگريزن حرفت ۽ چالبازيءَ سان سنڌ تي حملو ڪيو. سڀ سنڌي ۽ مير حاڪم هنن جي ٻهروپيءَ کي ڏسي، جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. هوشو جو آقا مير صوبدار خان انگريزن جي چڪر ۾ اچي چڪو هو ۽ هن مير نصير خان ۽ ٻين ڪن ميرن سان ذاتي رنجش جي ڪري، جنگ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اها حالت ڏسي هوشوءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مير کي چيائين: ”هيءَ جنگ ذاتي اقتدار جي ناهي، پر سنڌڙيءَ جو سودو ٿي رهيو آهي. هيءَ جنگ ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ناهي، پر هيءَ جنگ سنڌ دشمنن ۽ سنڌ جي عوام جي وچ ۾ آهي. ديس جي خاطر جان قربان ڪرڻ شهادت آهي. ساڻيهه تان قربان ٿيل شهيد جي رت جو هڪ هڪ ڦڙو، قومي زندگيءَ جي آسمان تي سورج ٿي چمڪندو. هيءَ لڙائي پنهنجن ۽ ڌارين جي وچ ۾ آهي. ذاتي اختلافن جي چکيا تي، سونهاريءَ سنڌ جي ست ۽ ساهه کي نه چاڙهيو. مان سچ ٿو چوان ته دنيا ۾ ڪوڙي خوشامد جنهن جو ڌنڌو آهي، سو رڳو پيٽ جو ڪتو ۽ زر جو بندو آهي.“
هوشوءَ جي واتان هي بي ڊپا ۽ سخت لفظ ٻڌي، مير کيس ڪڍي ڇڏيو. هوشوءَ اهو ڏسي سڌو ميرپورخاص ۾ مير شير محمد خان ملڪاڻيءَ سان وڃي مليو، جيڪو سنڌجو هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري، مياڻيءَ جي شڪست جي بدلي وٺڻ لاءِ 24 مارچ 1843ع تي ناريجن جي ڳوٺ وٽ دُٻي جي مقام تي انگريزن سان سامهون ٿيو. هوش محمد ان لشڪر جو سپهه سالار هو. ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا. هڪ پاسي دلير دودا ۽ سٻاجها سنڌي سوڍا هئا، پر هو هٿيارن ۾ هيڻا هئا ته ٻئي پاسي هنن جي سامهون حرفتي، چالاڪ ۽ هٿيارن ۾ ڏاڍا دشمن انگريز ۽ انهن جا بي غيرت ڇاڙتا هئا. ڏاڍي جنگ لڳي پر پنهنجن جي غداريءَ هوشوءَ کي هيسائي وڌو. سندس بارود کي پنهنجن ئي باهه ڏيئي ڀسم ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جو هيءُ سورمو ۽ اڏول مڙس فرنگين هٿان شهادت جو پيالو پي، رت جي آخري ريلي ۾ جيون جي لهندڙ سج جي لام تائين، سنڌڙيءَ جي سينڌ ۾ سچ جو سينڌور ڀرڻ لاءِ، ديس دروهين سان وڙهندو رهيو.
بيشڪ هوشوءَ سنڌ جي جهونجهارن جو شان ۽ مان آهي. هن انگريز سامراج سان جنگ ڪري، ديس جي آزاديءَ جي تحريڪ جو بنيادي پٿر رکيو. سندس بهادري، دليري ۽ وطن دوستيءَ کي دشمن به نوڙي سلام ڪن ٿا. ايڇ ٽي لئمبرڪ هيئن لکي ٿو: ”هوش محمد، مير صوبدار خان جي خدمتگارن ۽ ٻين ماڻهن سان گڏجي اهڙي ته ڇتي جنگ ڪئي جو انگريز حيران ٿي ويا. هو پنهنجيءَ جاءِ تان هڪ انچ به نه چريو ۽ جتي بيٺو هو، اتي ئي پنهنجي جان ڏنائين.“ وليم نيپئر لکي ٿو: ”هوش محمد شيديءَ جي بهادري بي مثل هئي ۽ جنگ ڪرڻ ۽ ٻين کي همٿائڻ ۾ هو ڪنهن انگريز جنرل کان گهٽ نه هو.“ سپهه سالار سر چارلس نيپئر کي به مڃڻو پيو ته ”جيتوڻيڪ هو مري چڪو هو، پر سندس هٿ تلوار تي مضبوطيءَ سان ڄميل هيو.“
هوشوءَ جا آخري لفظ اڄ به سنڌڙيءَ جي فضا ۾ گوجي رهيا آهن ۽ سنڌ جي نئين نسل کي پيغام زندگي ڏئي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته:
”جنگ ڪريسون پٺ نه ڏيسون،
مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.“

سنڌڙيءَ جو اولاد

پيارا ٻارو! غيرت به انسان جي ذاتي اوصافن مان هڪ آهي. فرد جيئن ته قوم جو هڪ جزو آهي، ان ڪري قومي غيرت، فرد جي ضمير جو حصو هوندي آهي. هڪ فرد جو وجود، وطن ۽ قوم کان سواءِ بي معنيٰ آهي. ان ڪري جيڪو به انهن ٻنهي شين جو دشمن هوندو آهي، فرد جي قومي غيرت اڌمو کائيندي آهي ۽ هو ان مخالف کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندو آهي.
اسان جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جو اسان جي نوجوانن قومي غيرت جو عظيم مظاهرو ڪيو آهي. 18 هين ۽ 19 هين صديءَ ۾ انگريزن اسان تي مڪمل قبضو ڪري، آزاديءَ جي نعمت کي ختم ڪري اسان کي غلام بڻائي، حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي، پر هتان جي عوام کين سک سان سمهڻ نه ڏنو. هو انگريزن کي پنهنجو ذاتي دشمن سمجهي، هر وقت کين هڪالي ڪڍڻ جو سوچيندا رهيا. ان وقت سنڌ ۾ هڪ اهڙو ڳڀرو جوان به هو، جنهن جو نالو عبدالڪريم هو، جيڪو مشهور ليڊر شيخ عبدالرحيم حيدرآبادي جو ڀاءُ هو. شيخ صاحب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ساٿي هو، ان ڪري هن خاندان ۾ قومي غيرت جو جذبو موجود هو. عبدالڪريم ان وقت 16 ورهين جو نوجوان هو. هن جي طبع ۾ غضب هو، جوش ۽ قومي غيرت جو ولولو موجزن هو. ان وقت برطانوي حڪومت ترڪن سان کونسڻ شروع ڪيو ۽ طرابلس ۾ خون جا درياءَ وهايائون. اهي خبرون سنڌ ۾ به آيون جن عبدالڪريم کي سخت صدمو رسايو. هن ڀاءُ کي چيو ته: ”ادا مسلمانن تي گورن جا ظلم ڏسي منهنجي قومي غيرت سهي نٿي سگهي. منهنجي دل گهري ٿي ته، حيدرآباد ۾ ڪنهن انگريز کي ڏسان ته اڦٽ گولي هڻي ماري وجهان. منهنجو ايمان مون کي ويهڻ نٿو ڏي.“
شيخ عبدالرحيم پنهنجي ننڍي ڀاءُ جا اهي خيال ڏسي، امالڪ دهليءَ هليو ويو. اتان جي سياسي ليڊرن جي صلاح کان پوءِ، هن ننڍڙي انقلابي جوان کي افغانستان موڪلي ڏنو، پر هو پنهنجي قومي جذبي جي ڪري ترڪيءَ هليو ويو ۽ اتي وڃي فوج ۾ ڀرتي ٿي اهي جوهر ڏيکاريائين، جو هرڪو هن سنڌي نوجوان جي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ کي ساراهڻ لڳو. 1912ع ۾ جڏهن طرابلس جي جنگ لڳي، تڏهن هيءُ به ان ۾ شريڪ ٿيو. هن نوجوان انهيءَ لڙائيءَ ۾ انگريزن کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا. آخر جوانمرديءَ ۽ بهادريءَ سان وڙهندي، 17 سالن جو هيءُ سنڌي سورمو شهيد ٿي ويو.
سنڌ جو هيءُ پهريون انقلابي نوجوان آهي، جنهن سڀ کان اڳ اهڙي دور ۾ انگريز سامراج خلاف جان جي قرباني ڏني، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ اڃا ڪو به ليڊر جيل نه ويو هو. پهرين عالمگير جنگ به 1914ع ۾ لڳي هئي ۽ ان جي خاتمي سان ترڪن جي حمايت ۾ هندستان جي مسلمانن ”خلافت تحريڪ“ کي وجود ۾ آندو ۽ پوءِ ننڍي کنڊ ۾ منظم هلچل شروع ٿي. سنڌ هن تحريڪ ۾ سڀ کان پهرين پنهنجو سپوت پيش ڪري هن روايت کي قائم رکيو ته هتان جي قوم جو ٻچو ٻچو ۽ فرد فرد، قومي غيرت جي جذبي سان سرشار آهي ۽ ان لاءِ ڪهڙي به وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندو آهي. شيخ عبدالڪريم جو هي ڪردار اسان جي نئين نسل لاءِ روشنيءَ جي راهه آهي.

سوري آ سينگار

سنڌ سونهاري، فقير ۽ درويشن جي درگاهن جو مرڪز پئي رهي آهي. انهن درگاهن مان خاص پير ڳوٺ جي درگاهه راشديه آهي، جنهن جون علمي، ادبي ۽ قومي خدمتون اسانجي تاريخ جو سونهري ورق آهن. هن درگاهه جن شخصيتن کي جنم ڏنو، تن مان سيد صغت الله شاهه اول جا سرموڙ آهن.
سيد صبغت الله شاهه، شاه مردان شاهه جا فرزند هئا. ننڍپڻ کان ئي آزاد طبع ۽ حريت پسند ذهن رکندڙ هئا. جرئت همت ۽ جوان مردي، جفاڪشي، ارادي جي پختگيءَ، تنظيمي صلاحيتون، تدبر ۽ خوداعتمادي سندس طبيعت جون اهم خوبيون هيون. فن سپاهه گيري جا به وڏا ڄاڻو هئا. قناعت ۽ ڪفايت سندس زندگي جو مقصد هن پنهنجي چوڌاري ظاهر ٿيندڙ واقعن، حالتن کي غور سان ڏٺو، جاچيو ۽ تاريخ ۽ سياست جي کيس چڱي پروڙ پيئي، پاڻ صرف 12 سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺا، اهو انگريزن جو دور هو. جن ديس واسين کي، طرحين طرحين جا عذاب ڏيئي، غلامي جي آڙاهه ۾ پئي جلايو. پير صاحب کي ساري خبر هئي ته، ماضي ۾ سندس وڏن سان، انگريز حڪومت ڇا ڇا نه ڪيو؟ ان ڪري کين انگريزن کان ذاتي نفرت هئي. هڪ ڀيري، سندس چاي علي گوهر شاهه ثاني جي نالي، انگريزن طرفان مليل ڪو آفرين نامو فريم ۾ ڪمري جي ڀت تي ڏٺائون. سندس غيور ذهن اهو نه قبوليو ۽ چيائون ته ”اسان جا وڏا ڪهڙا نه سادا هئا جو الله تعالى، سندن ذاتي عزت ايترو بلند ڪئي، پر تنهن هوندي هي رکي ڇڏيا اٿن.“ ائين چئي، اهو آفرين نامو ۽ فريم لهرائي ڀڃي ڇڏيائون.
انگريز حڪومت ته اڳي ئي هن گادي کي، سندس سياسي ۽ خودمختياري جي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ ڪري، شڪ جي نظر سان ڏسندي هئي، تنهن ڪري هنن پير صاحب تي اثر وجهڻ شروع ڪيو ۽ لالچائڻ لڳي. هڪ ڀيري انگريز حڪومت کين هڪ تلوار، هڪ بندوق ۽ خطاب ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر پاڻ جواب ڏنائون ته ”هٿيار اسان وٽ پنهنجا ئي کوڙ آهن ۽ پير پاڳاري جو خانداني خطاب ڪافي آهي. اسان کي هنن هٿرادو خطابن جي ضرورت نه آهي.“ انگريز، ڀلا ڪٿي ٿا اهڙي خودمختياري ۽ حريت پسند سنڌيءَ کي برداشت ڪن؟ ان ڪري ڪوڙو ڪيس ڪري، پير صاحب کي رتنا گري جيل ۾ قيد ڪري رکيائون. ڏهه سال سزا ڪاٽڻ کانپوءِ، هو آزاد ٿي جڏهن وطن وريا، تڏهن پنهنجي جماعت کي منظم ڪرڻ شروع ڪيائون. منجهائن سماجي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ، حڪم ڪيائون ته هو هر قسم جي نشي کان پرهيز ڪن، ڪوبه ولايتي ڪپڙو نه پائين، پر پنهنجي ملڪ جو ٺهيل ڪپڙو ڪم آڻين. ڳوٺن ۾ مسلمان توڙي هندو متفق ٿي رهن ۽ ڪوبه فتنو فساد نه ڪن“ هن مان صاف ظاهر آهي ته پاڻ هندو مسلم اتحاد قائم ڪري، پنهنجي جماعت مان معاشرتي برايون ڪڍي منجهن احساس بالاتري پيدا ڪري هڪ متحده محاذ ٺاهي، انگريز حڪومت خلاف آزادي جي تحريڪ هلائڻ پئي چاهي. ان ڪري هن ”غازي تحريڪ جو بنياد وجهي، پنهنجن مريدن کي حڪم ڪيو ته، سڀ غازي اچي نالو داخل ڪرائين. سوين سرفروش مريدن، سر سان ڪفن ٻڌي، بنگلي تي اچي گڏ ٿيا، عجيب جوش ۽ جذبي جو نظارو هو. هڪ منڊو مريد، نالو داخل ڪرائڻ آيو. پاڻ کيس چيائون ته ”تون معذور آهين، ڀڄي ڪيئن سگهندين؟“ هن سنڌي سوڍي جواب ڏنو ”قبلا، هت وطن يا مرشد تان سر ڏيڻ جا سودا آهن، ڀڄڻ ڪم ڪانئرن جو آهي، يا وڙهبو يا شهيد ٿيو، ميدان ڇڏي ته ڪو نه ڀڄيو.“
انگريز حڪومت، پير صاحب جي چرپر تي ڪڙي نظر پئي رکي. کين جڏهن غازي تحريڪ جي خبر پئي ته هنن کي باهه وٺي ويئي. حڪومت پير صاحب تي الزام هنيو ته، هو پنهنجن مريدن کي تربيت ڏيئي، حڪومت خلاف اُڀاري رهيو آهي. ان ڪري پير صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. بس پوءِ ته وٺ وٺانٿي ويئي. حرن ۽ انگريزن سپاهين جو دوبدو مقابلو ٿيو. ساري سنڌ ۾باهه ٻري ويئي. مارشل لا جاري ٿي ويئي. بيشمار فساد ٿيا. سرڪاري عملدار مئا. ريلون ڪريون، پوليس ٿاڻا سڙيا، دفتر تباهه ٿيا، نوجوان ۽ بهادر سنڌي سوڍن کي سنگينن سان چيريو ويو، ڪن کي لوڙهن ۾ واڙيو ويو،ڪن کي جلاوطن ڪيو ويو ۽ ڪن کي ڪاري پاڻي اماڻيو، ٻڍن ٻارن ۽ عورتن کي قيدڪيو ويو، پير صاحب ۽ انگريزن واري اها جنگ ڪنهن به حالت ۾ ويٽنام ۽ الجزائرجي جنگين کان گهٽ نه هئي. ان جنگ ۾ بمبار هوائي جهاز، ٽئنڪ ۽ توپون استعمال ڪيون ويون ۽ هن ۾ به بمبئي کان جهاز اچي سنڌ تي بمباري ڪندا هئا، پر پير صاب ۽ سندس جماعت هڪ انچ به پوئتي نه هٽي. آخر انگريز حڪومت کيس ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ڦاسي جو ٻڌي پير صاحب کي ڪوبه رنج يا پڇتاءُ نه ٿيو. پر پاڻ خوش ٿيندي چيائون ته، ”حق جي راهه ۾ شهادت حاصل ڪرڻ، منجهن ابن ڏاڏن جي سنت آهي. اسان جنهن شيءِ کي حق سمجهون ٿا، ان لاءِ ڦاسي تي چڙهڻ اسان لاءِ عبادت آهي، اسان غلام ٿيڻ لاءِ نه، پر غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ پنهنجو مقصد حيات سمجهون ٿا“. آخر پاڻ 20 مارچ 1943ع تي صبح جو 8 بجي سر ڏيئي سرها ٿيا.
پير صاحب تحريڪ آزادي جي عظيم شهسوار هئا، کين مڪمل يقين هو ته، سندن قائم ڪيل هلچل ضرور ڪامياب ٿيندي، غازي تحريڪ وقت، هڪ فقير کانئن پڇيو ته .قبلا“ انگريزن کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيو؟“ ته پاڻ چيائون ”انشاء الله توهان ۽ اسان مان، جيڪي جيئرا هوندا، سي پاڻهي ئي رنگ ڏسندا“ ۽ هي تاريخي حقيقت آهي ته انگريزن کي ڀڄايو سنڌ جي هن مجاهد ۽ سنڌي سوڍن!
پير صاحب نهايت سادا ۽ شريف انسان هئا، تڪبر ۽ وڏائي کان پري هئا، پنهنجي ماني پاڻ پچائيندا هئا، پنهنجن فقيرن سان گڏجي رواجي ڪم به ڪندا هئا، پرتڏهن به خوددار ۽ عزت نفس جا مالڪ هئا.هڪ آفيسر کانئس پڇيو ته اوهان سرڪار ۽ سرڪاري ڪاموري جي عزت ڇو نٿا ڪريو؟“ تڏهن چيائون ته ”عام هلت چلت اطوار ڏسڻ کانپوءِ، جڏهن اوهان جي عزت ڪرڻ جو رڳو خيال اچي ٿو ته، مون کي نسل ۾ شڪ پوي ٿو ته آئون حسيني آهيان.“
پيارا ٻارو! 1942ع جي ڳالهه آهي ته هندستان جي هڪ نجوميءَ پيشنگوئي ڪئي ته: ”سنڌ ۾ هڪ مسلمان پيدا ٿيندو، جيڪو سنڌ جي حڪومت انگريزن کان کسيندو.“ بس سائين پوءِ ته انگريزن کي اچي ڦڙڪڻيءَ ورتو، سو سنڌ جي مرد مجاهد سورهيه بادشاهه پير سيد صبغت الله شاهه ثانيءَ کي پاڻ وٽ ملاقات جي بهاني ڪراچيءَ ۾ گهرائي، کڻي نظربند ڪيو. پوءِ ته ٻارو باهه ٻري ويئي، وٺ وٺان شروع ٿي ويئي. جهر جهنگ ويڙهه شروع ٿي ويئي. بارود جي باهه ۾، سنگينن سان ۽ ڦاهيءَ جي ڦندن ۾ سنڌين کي لٽڪائي کين غلاميءَ طرف ڌڪڻ شروع ڪيو ويو. ساريءَ سنڌ ۾ ويل ٻري ويو. بيشمار فساد ٿيا. سرڪاري عملدارن تي خوني حملا ٿيا. ريلون ڪريون، پوليس ٿاڻا سڙيا، سرڪاري عمارتون ڀسم ٿيون. نوجوانن ۽ بهادرن کي سنگينن سان ماريو ويو. ڪن کي قيد ڪيو ويو ۽ ڪن کي جلاوطن ڪري، ڪاري پاڻي اماڻيو ويو. هڪ طرف سرڪار جا خيرخواهه جاسوس سنڌي حرن هٿان پئي قتل ٿيا ته وري ٻئي طرف حرن خلاف ڪاررواين جي آڙ ۾ انگريزي فوج ڳوٺن جا ڳوٺ جلائي رک ڪري ڇڏيا. حرن ۽ سندن عورتن کي گرفتار ڪري جيلن، لوڙهن ۽ ڪئمپن ۾ بند ڪيو ويو. سندن ملڪيتون ضبط ڪيون ويون، پر هي سنڌي سورهيه انگريزن مان جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اٽڪيا، ان ڪري حڪومت ”حر ائڪٽ“ پاس ڪيو، ۽ حر ايراضين ۾ 1942ع کان 1944ع تائين لاڳيتا ٻه سال مارشل لا لاڳو ڪري، خاص فوج جا جٿا موڪلي، حرن کي ڪچلڻ جا جتن ڪيا. ان وقت ڏاڍا دلچسپ ۽ مزيدار واقعا به ٿيا. انگريزن وٽ ڇا ڇا نه هو؟ بندوقون، پستول، سرچ لائيٽ، اسٽين گنون، بمبار هوائي جهاز، پر هو هنن بي گهر ۽ بي سرو سامان سنڌي سورهين کان ايترو ته ڊڄندا هئا جو رات جو پنهنجين ٽنگن سان رائلفون ٻڌي سمهندا هئا.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته انگريزي فوج رات جو هڪ جاءِ تي رهيل هئي ۽ چوڪيدار کان سواءِ هرڪو ننڊ ۾ هو ته اوچتو ٻوٽن ۾ کڙ کڙ ٿي. قاعدي موجب چوڪيدار چيو ته ڪير آهين؟ پر جواب نه ملڻ ڪري هن فائر ڪيو. فائر جو آواز ٻڌڻ سان ساري فوج جاڳي پيئي ۽ سمجهيائون ته ”حرن حملو ڪيو آهي“ ان ڪري هر ڪنهن خندقن ۾ وڃي بندوقون ڇوڙيون. آخر ڪجهه وقت کان پوءِ آفيسر فائر بند ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ لائيٽ ۾ هڪ فوجي پيٽ ڀر سرڪندو، کڙکڙ واري جاءِ تي ويو. ڇا ڏسي ته ويچارو گڏهه گولين جو بک لڳو پيو آهي! پوءِ ته ٻارو، انگريزي فوج ڦڪو منهن ڪري،خرچ جو تخمينو ڪرايو ته معلوم ٿين ته هڪ سئو کان مٿي گوليون زيان ٿيون.
سنڌي حرن کي ختم ڪرڻ لاءِ انگريزن فوج ۾ خاص سنڌي خابرو مقرر ڪيا ۽ کين وڏا وڏا انعام ڏيندا هئا، پر حرن، جن ديس جي بقا ۽ آزاديءَ لاءِ سر تريءَ تي رکيا هئا، هر محاذ تي انگريز سامراج سان چوٽون کائيندا رهيا. چون ٿا ته انگريزي فوج کي خبر پيئي ته غلام علي چانگ جي هڪ ٽولي، ريگستان ۾ رهيل آهي. انگريزي فوج هن جو پيڇو ڪري اتي پهتي ۽ سندن چوڌاري مسلح ٿي، فائرنگ شروع ڪئي. هنن به بهادريءَ سان جواب ڏنو، پر سندن اسلحو ختم ٿي ويو. ان حالت ۾ به هو دشمنن آڏو پيش نه پيا، پر لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي، انگريزي فوج تي اچي ٽٽا. مرندي مري ويا پر دشمنن جي آڏو گيسي نه ڪيائون. هڪ حر علي شير، سيني ۾ 12 گولين کائڻ کان پوءِ به انگريزي فوج تي حملو ڪندو رهيو ۽ ڪيترن ئي انگريز سپاهين کي ماري پوءِ دم ڏنائين.
هيءَ تحريڪ اصل ۾ آزاديءَ جي تحريڪ هئي، جنهن ۾ ٻڍن، ٻارن، زالن ۽ جوانن ڀرپور حصو ورتو. گولين جي برسات، هوائي جهازن جي بمباري، چغلن ۽ ديس دشمنن جي جاسوسيءَ ۽ انگريزن جي سختي به هنن جي عزم ۽ اٽل ارادي ۾ ذري برابر به لچڪ نه آندي، ان ڪري هو (انگريز) پنهنجي حڪومت نه بچائي سگهيا. اهي ئي مانجهي مرد هئا، جن انگريزن جي حڪومت جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون ۽ هنن کي آخر هتان وڃڻو پيو.

سکر جو سورمو

سنڌ جي ماڻهن تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي ديس جي حفاظت لاءِ مثالي قرباني ڏني آهي. ڇا هندو ڇا مسلمان، ڇا مؤمن ڇا ڪافر، جڏهن به وطن تي مصيبت آئي، تڏهن هڪ ڳالهه ٿي دشمن سامهون ٿيا. ڌرتيءَ جي اهڙن جانباز سپاهين جي هڪ ڊگهي لسٽ موجود آهي، جن مان سکر جو سورمو ”هيمون ڪالاڻي“ به هڪ آهي.
انگريزن گذريل صديءَ ۾ سنڌ فتح ڪري ان کي به پنهنجي هندستاني راڄ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. تيرهن- چوڏهن سال پوءِ هندستان جي ماڻهن پنهنجي ديس کي آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ زبردست انقلاب برپا ڪيو. بدقسمتيءَ سان اهو انقلاب ناڪام ٿيو ۽ انگريز هڪ سئو سالن لاءِ مضبوط ٿي هندستان تي حڪم هلائڻ لڳا. سنڌي ماڻهن به پنهنجي حال سارو، ان انقلاب ۾ حصو ورتو پر جڏهن هيءَ بغاوت پوري ٿي، تڏهن ڪيئي سورما جن ۾ هندو به هئا ته مسلمان به، ڦاهيءَ جي ڦندي تي چڙهي ويا.
ويهين صديءَ جي ايندي ئي ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي ويئي. هر طرف حقن جي حاصلات ۽ ڌارين حاڪمن کي ڪڍڻ جو نعرو بلند ٿيو. ان جدوجهد ۾ ڪيئي اختلاف اڀريا، معرڪا ٿيا، مخالفتون ٿيون، گروپ ٺهيا ۽ علحدگيون پيدا ٿيون. آخر ۾ ننڍي کنڊ جي سياست جا ٽي رجحان ڏٺا ويا. مسلم ليگ، جنهن مذهب جي بنياد تي پاڪستان جي گهر ڪئي. ڪانگريس جنهن مغربي طرز جي حڪمراني ۽ سرشتي تحت ملڪ وٺڻ ٿي چاهيو ۽ ٽيون ٽولو هو انقلابين جو جن مڪمل ۽ ريٽي انقلاب ذريعي انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ ٿي چاهيو. هن آخري ٽولي ۾ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿي هئا.
سنڌ جيئن ته هندستان جو هڪ حصو هئي، ان ڪري ملڪ ۾ ايندڙ هر تبديليءَ جو مٿس اثر پوڻ لازمي هو. ڀڃ ڊاهه، لٽ مار، قتل، خونريزي ۽ تشدد ذريعي مڪمل انقلاب جي حامين جو سنڌ تي به زبردست اثر پيو. هتي به ڪجهه نوجوان اهڙا هئا، جن ڳالهين ۽ امن ڀري تبديليءَ کي بيڪار سمجهي، انقلاب جي راهه کي بهتر ٿي سمجهيو. اهڙن انقلابين ۾ ”هيمون ڪالاڻي“ جو نالو سرفهرست آهي.
1942ع جو زمانو هو. ساري هندستان تي انگريزن جو قبضو هو. ٻڪر ٻوساٽ جو دور هو. برطانوي ڌارين پاران مڙهيل جاگيرداري نظام، سڀني غريبن جو رت چوسي ڇڏيو هو. مسڪين پورهيتن جي زندگي عذاب ٿي چڪي هئي. ڦرلٽ چوٽ چڙهيل هئي. سڄي ننڍي کنڊ تي انگرين جي حڪومت هئي. محب وطن۽ آزادي جي پتنگن کي، چونڊي ماريو ٿي ويو . برصغير جي ساري ملڪيت کڄي برطانيا وڃڻ لڳي ۽ هتان جو عوام ڏينهون ڏينهن ويو بکن ۾ ڳرندو ۽ جهرندو . اها حالت ڏسي سنڌ ۾ حر تحريڪ شروع ٿي ۽ وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي ”هندستان خالي ڪريو“ جو نعرو هنيو. ان وقت ماڻهن جي دلين ۾، انگريزن خلاف نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. ان ڪري هندستان جي آزادي لاءَ هرڪو هن نعري کي لبيڪ چوندو، اڳتي وڌيو. هن نعري جو پڙاڏو، سکر جي هڪ نوجوان جي ڪن تي به پيو هو. ڳڀرو هو، الهڙ هو، نئون رت هوس. هن چاهيو ٿي ته هي ظالم جنهن اسان جي ڌرتي تي، رت جي راند کيڏي آهي ترت ختم ٿئي. هن جو نالو راهي هيمن هو، پر پيار مان کيس هيمون چوندا هئا. هو 11 مارچ 1934 ع ۾ پراڻي سکر ۾ ڄائو. سندس پيءُ پيسو مل ٺيڪيداري ڪندو هو. هو ان وقت مئٽرڪ جو شاگرد هو منجهس سياسي ڄاڻ ۽ قومي شعور هو، آزادي جي تڙپ ۽ ولولو هو. سندس ڄاڻ سڃاڻ اهڙن ماڻهن سان هئي، جيڪي آزادي جي راهه جا پانڌيئڙا هئا. 23 آڪٽوبر جي رات هئي، جڏهن هنن کي خبر پيئي ته فوجين سان ڀريل، هڪ اسپيشل ٽرين اچي پئي، جيڪا سکر مان ٿيندي ۽ لازمن اهي فوجي، ديس جي آزادي جي شمع تان، پتنگ وانگر سر ڏيندڙن لاءِ، اجل جو سبب بڻبا. هنن گڏجي، فوجي ٽرين کي ختم ڪرڻ لاءِ، سر تري تي رکي، ريل جي پٽڙيءَ کي اکيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو.عين ان وقت، کيس هڪ سپاهي فيروز خانپڪڙي ورتو ۽ سندس ٻيا به ساٿي ڀڄي ويا. هيمون کي جيل ۾ وجهي، مٿس تشدد ڪيو ويو هن کي سخت سردي ۾ برف جي بلاڪن تي 22 ڏينهن لاڳيتو اگهاڙو سمهاريو ويو، ڦٽڪا هنيا ويا، لوهه جي تتل سيخن سان ڏنڀ ڏنا ويا، پر هن ڪجهه نه سليو. آخر کيس ڪورٽ مارشل ڪيو ويو.جتي هڪ دفعي چيو هئائين ته ”مون ريلوي لائين، ان لاءِ اکيڙي ٿي ته، فرنگين جي ٽرين کي، ناس ڪريان پر بدقسمتي جو ان ۾ ناڪامياب ٿيس“ اهو اقراري بيان سندس جرئت ۽ همت جي نمائندگي ڪري ٿو. ٽي سال ستائين ڪيس هليو ۽ آخر کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني ويئي، جيڪا دنيا جي تاريخ ۾، هڪ نابالغ ٻار کي، پهرين سزا هئي. موت جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ هيمون جي وڪيل، پيرزادي عبدالستار، سندس مامي کي موڪليو ته هو، هيمون جي هٿ اکرن سان، معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملندي. پر هن چيو ته ”ڦاسي جو ڊپ ڪانئرن کي ٿيندو آهي، جيڪي پنهنجو ضمير چانديءَ جي چند سڪن تي وڪڻي ڇڏيندا آهن. موت جو نالو وٺي، مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪريو. معافي ان لاءِ وٺان ته مون پنهنجي ڪارڪردگي تي پڇتايو هجي، پر ائين نه آهي. مون کي پنهنجي ڪئي تي فخر آهي، ناز آهي. جيئرو رهيس ته اهڙا ڏوهه وري ڪندس. فرنگين کان معافي گهرڻ تي، ڌرتي جي آزادي وارو موت هزار درجا بهتر آهي. موت کان گيدي ڊڄندا آهن. پر وطن جا سپاهي، سوري کي سينگار سمجهندا آهن ۽ رت کي سهاڳ جي ميندي جو رتبو ڏيئي سيني سان لائيندا آهن.“ جڏهن ساڻس ماءُ ملڻ آئي ۽ ان به کيس معافي وٺڻ لاءِ چيو. انکي جواب ڏنائين ته ”تون منهنجي ماءُ آهين ۽ مون کي سڄي دنيا کان پياري آهين پر منهنجي هڪ ٻي به ماءُ آهي،جنهن جو درجو ۽ مرتبو تو کان به اُتاهون آهي. اها آهي هن ننڍي کنڊ جي ڌرتي. مان، ان سنڌين جي ڌرتي ماتا تان صدقو ٿو ٿيان. دعا ڪجائين“ هيمون جي انهيءَ جذبي ۽ حب الوطنيءَ جي لڳاءُ، دشمنن کي به ڏڪائي ڇڏيو. چون ٿا ته هو جيل ۾ نهايت خوش رهندو هو ۽ پنهنجن ڏورن تي هٿ هڻي چوندو هو ته ”هنن بازن کان ڪم وٺڻو آهي ۽ انگريزن کي ملڪ مان ڀڄائڻو آهي“ هو چوندو هو ته ”جڏهن مان آزاد ٿيندس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس ۽ ايستائين ڪندو رهندس، جيستائين انگريزن ملڪ نٿو ڇڏي“ هو دوستن کي چوندو هو ته ”هو موت جي ڪري لڄي نه ٿيندو پر هڪ بهادر جي موت مرندو“ ۽ ٿيو به ئين! هن 21 جنوري 1943ع جي صبح جو سوريءَ کي چمي ڏيئي، آزادي حور مٿان سر قربان ڪيو. اهوئي زمانو هو جو انگريزن سنڌ جي هڪ ٻئي مٿير مڙس پير صاحب پاڳاري کي پڻ شهيد ڪري ڇڏيو هو. اڄ انگريز ۽ نادري قهر ڪندڙ حڪمران ته خاڪ ٿي ويا آهن پر هيمون ڪالاڻي اسان جي تاريخ ۾ هميشه هميشه لاءِ امر ٿي چڪو آهي. تازو سندس ٻڍڙي ماءُ کي هندستان ۾ اعزازن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي ۽ سندس نالي ۾ ڪو يادگار ٺاهڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.
هيمون اسان جي تاريخ جو عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي، ثابت قدمي ۽ سرفروشيءَ جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي جو هڪ معصوم ٻار دار کي چميو هجي. اسين کوسي سچ چيو آهي ته ”هيمون جو موت هڪ بهادر جو موت آهي، جيڪو ميٽاجڻ ۽ ميسارجڻ جو نه آهي.“

ور سي وطن ڄائيون

سنڌ جون نياڻيون سگهڙ سياڻيون، اسان جي تاريخ جو اهم حصو آهن. سندن تاريخي ۽ سماجي خدمتون اسان لاءِ مشعل راهه آهن. تاريخ جي هر دور ۾ اهڙين عورتن پنهنجو ڪم سهڻي نموني سان ادا ڪيو آهي. تارا ٻائي، همون ٻائي، مائي مارئي ۽ بختاور شهيد جا نالا اسان وٽ اڄ به عزت سان ورتا وڃن ٿا. سيوهڻ جي هڪڙي سنڌي نياڻي جيجي زينت چنا، هن دور جي اها عظيم سنڌ ڄاڻي ڌيءَ آهي، جنهن پنهنجي سموري حياتي مسڪينن، غريبن، يتيمن، محتاجن ۽ بيواهن جي خدمت ڪندي گذاري. هن اٿندي وهندي، هر محل ۽ هر گهڙيءَ صرف ٻين جي ڀلائيءَ کي سامهون رکيو. پنهنجو آرام ۽ سڪون، ننڊ ۽ خوراڪ ڇڏي غريبن لاءِ جيئندي رهي. اهڙين عورتن جا ڪارناما اسان جي ٻارڙين لاءِ رهبري جو ڪم ڪندا.
جيڪي زينت، پنهنجن غريب نوڪرن ۽ نوڪرياڻين تي مهربان هوندي هئي. جيڪي به نوڪرياڻيون رکندي هئي، انهن کي مقرر ڪيل پگهار جو اڌ هر مهيني ڏيئي، باقي اڌ پگهار امانت طور بئنڪ ۾ رکي ڇڏيندي هئي، جڏهن اها رقم وڌي هزار ڏيڍ ٿيندي هئي، تڏهن اهي پئسا کين ڏيئي هدايت ڪندي هئي: ”هاڻي ڳئون يا مينهن وٺي، ان جي کير کي وڪرو ڪري گهر جو خرچ هلايو.“ اهڙيءَ طرح سندس ٽن نوڪرياڻين مان هڪ وٽ پنج مينهون، ٻيءَ وٽ ست مينهون ۽ ٽينءَ وٽ يارهن مينهون ٿيون ۽ مال جي سنڀال لاءِ وٽن نوڪر به هئا. هڪڙو غريب درزي جڏهن مري ويو، تڏهن سندس زال جي هر مهيني مالي مدد ڪندي رهي ۽ جڏهن سندس ٻار وڏا ٿيا ته انهن کي نوڪري وٺي ڏنائين. هڪ غريب ڇوڪريءَ کي پالي نپائي، پڙهائي، کيس هڪ نواب خاندان جي گهر ۾ نياڻين جي استاد مقرر ڪرايائين. هڪڙي معذور ڇوڪريءَ کي پنهنجي گهر ۾ رهائي، وڏن آفيسرن ۽ سيٺين کان سوئيٽر ٺاهڻ ۽ ڪپڙن سبڻ جو ڪم وٺي ڏيندي هئي. اهڙيءَ طرح ان ڇوڪريءَ سماج ۾ قابل عزت مقام حاصل ڪيو. هڪ مسڪين ڀنگي جڏهن وٽس مسلمان ٿي نوڪر بيٺو، تڏهن کيس ميونسپالٽي ۾ نوڪري وٺي ڏنائين، دڪان به کولي ڏنائينس ۽ شادي به ڪرايائينس.
هن کي تعليم سان وڏي دلچسپي هئي. سندس گهر ۽ پريس ۾ جيڪي به ملازم هئا انهن کي مئٽرڪ لاءِ همٿائيندي هئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ انهن کي نوڪريون وٺي ڏيندي هئي ته جيئن هو سماج ۾ پنهنجي زندگي سٺي گذاري سگهن. هوءَ شاگردن جي مالي مدد به ڪندي هئي. پنهنجي هڙان کين ڪتاب، مس، قلم، پنا ۽ پٽيون وٺي ڏيندي هئي ۽ فيءَ به پاڻ ڀريندي هئي. هڪ ڀيري لا ڪاليج جي هڪ شاگرد جي 156 رپيا في ڀريندي چيائين ته ”ڪنهن شاگرد جي حياتيءَ جا 12 مهينا بچائڻ لاءِ 156 رپيا تمام سستو سودو آهي.“ هڪ دفعي هڪ غريب شاگردياڻيءَ اچي چيس: ”مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻو اٿم ان لاءِ في ٽيهه رپيا مون وٽ ڪانهي.“ پاڻ پڇيائينس ته: ”تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته: ”اها بيمار آهي.“ جنهن تي هن بروقت کيس 50 رپيا ڏيئي چيو ته: ”ٽيهه رپيا تنهنجي فيءَ جا ۽ ويهه رپيا ماءُ کي ڏجانءِ ته هوءَ پنهنجي دوا گهرائي.“ بيگم زينت کي نياڻين جي تعليم جو ڏاڍو اونو هوندو هو. هوءَ چوندي هئي ته: ”مرد جي تعليم معنيٰ هڪ فرد جي تعليم پر عورت جي تعليم معنيٰ سڄي گهر جي تعليم.“ هوءَ هر هفتي آچر تي ڳوٺن ۾ وڃي گهر گهر تبليغ ڪندي هئي ته نياڻين کي پڙهايو. جيڪڏهن کين اسڪولن ۾ نٿا ويهاريو ته اوهان پنهنجن اسڪولن ۾ پڙهندڙ ڇوڪرن کي چئو ته اهي شام جو ٻارڙين کي پنهنجن گهرن ۾ سبق ڏين. هوءَ هر وقت ڪتاب، سليٽون، قلم، پينسلون، نوٽ بڪ ۽ غريب ٻارن لاءِ ڇيٽ يا بافتي جا 5 يا 7 والن جا ٽڪرا، بخار، کنگهه ۽ مليريا جون دوائون به کڻي وڃي ٻهراڙين ۾ ورهائيندي هئي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڇوڪرين جا چوڏهن خانگي اسڪول کليا، جتي انگريزيءَ ٽي ڪلاس به هلندا هئا.
بيگم زينت چنا کي ادب سان به وڏي دلچسپي هئي. هوءَ سنڌي ۽ اردو جي سٺي ليکڪا هئي. ”مارئي“ رسالي جي ايڊيٽر هئي. هن رسالي سنڌي عورتن ۾ تعليمي شوق ۽ سماجي ادبي شعور پيدا ڪيو، لکڻ ۽ پڙهڻ جو جذبو جاڳايو. مارئي سان کيس بي پناهه محبت هئي. چوندي هئي ته ”مارئي عورت برابر هئي، پر هر عورت مارئي نه آهي.“ ڀٽ ڌڻيءَ سان کيس وڏي عقيدت هئي. ”لطيف يادگار ڪميٽي“ جي ڪيترائي سال ميمبر ٿي رهي. چوندي هئي ته: ”شاهه صاحب جو سنڌي عورت تي وڏو احسان آهي. عربستان ۾ هڪ ليليٰ کي ڳايو ويو، ايران ۾ هڪ شيرين جي ساراهه ٿي، پنجاب ۾ صرف هير کي واکاڻيو ويو پر سنڌ ۾ مومل، مارئي، نوري، سهڻي، سورٺ، ليلا ۽ سسئي جي شان کي ڳائي، شاهه سندن ڪردار کي پنهنجي رسالي ۾ اوچو ڪيو.“
شال سنڌ جي هر نياڻي زينت بڻجي، سنڌ مان ساهت ۽ ساڃاهه جي ڏڪر کي ڏور ڪري.
”ور سي وطن ڄائيون، صحرا سَتَر جن.“

بي ريا قاضي

انساني معاشرو، فردن جي باهمي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام تي ٻڌل آهي. جڏهن هڪ انسان ٻئي جو حق ڦريندو آهي، ظلم ڪندو آهي، تڏهن معاشري ۾ بگاڙ ٿيندو آهي، امن ۾ خلل پوندو آهي، جهڳڙو ٿيندو آهي. ان ڪري هر رياست ڪورٽون ۽ جج مقرر ڪندي آهي، جن ۾ فريادي ۽ جوابدارن کي گهرائي، هڪ ٻئي جا بيان ٻڌي انصاف ڪري، ظالم کي جج سزا ڏيندو آهي ۽ مظلوم جو داد ڪندو آهي. اسلام ۾ انصاف جو وڏو درجو آهي. حضرت محمد صه جن جو فرمان آهي ته ”عدل جي هڪ گهڙي، هزار سالن جي عبادت کان افضل آهي.“ ڇو ته انسان جي سماجي اصلاح ٿئي ٿي ۽ ڏاڍو هيڻي کي کائي نٿو سگهي. ان ڪري ججن ۽ قاضين جو وڏو مقام هوندو آهي. هر حڪومت اهڙا جج مقرر ڪندي آهي جيڪي سواءِ ڪنهن اثررسوخ ۽ دنوي وقار جي الله کي حاضر ناظر ڄاڻي بي ريا ٿي حقي فيصلو ڪن. اڄ مان اوهان کي سنڌ جي هڪ قاضي جي ڳالهه ٻڌايان ٿو. ڏسو ته دنيا جي هن ننڍي خطي ۾ ڪيڏو نه انصاف ۽ امن هو.
جن ڏينهن ۾، سنڌ جو حاڪم شاهه حسن ارغون هو، تن ڏينهن ۾ ٺٽي جو جج سيد شڪرالله ولد سيد وجهه الدين هو. شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ پوءِ هت رهي پيو، آخر ترقي ڪري قضا جي عهدي تي پهتو. مرزا حسن ارغون شاهه بيگ جو پٽ هو ۽ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ 1520ع ۾ تخت تي ويٺو. هن 34 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ نهايت بهترين نموني سان حڪومت هلائي. هو رعيت جو وڏو خيال رکندو هو، انصاف لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو.
هڪ دفعي مرزا قاضي جي انصاف جي پرک لهڻ لاءِ هڪ واپاري کان ڪجهه گهوڙا خريد ڪيا پر ان جي قيمت ادا ڪرڻ ۾ سستي ڏيکاريائين ۽ واپاري کي رقم نه ڏيئي، بي عزتو ڪري درٻار مان ڪڍي ڇڏيائينس. واپاري ويچارو پرديسي، نه ڄاڻو نه سڃاڻو، نه حال ڀائي نه واقفڪار. آخر ڪري سو ڪري ڇا؟ تون مان، هِن هُن کيس چيو ته ”قاضي وٽ وڃ، تنهنجو انصاف ڪندو.“ مجبوراً هو قاضي وٽ آيو، قاضي ڳالهه ٻڌي بادشاهه کي ڪورٽ ۾ گهرايو. جڏهن هو ڪورٽ ۾ حاضر ٿيو، ته قانون موجب فريادي ۽ جوابدار کي گڏ بيهاري کانئن آڏي پڇا ڪئي. آخر بادشاهه تي ڏوهه ثابت ٿيو. بادشاهه واپاري کان معافي ورتي ۽ کيس قيمت ڏيئي راضي ڪري روانو ڪيو.
پوءِ قاضي هميشه جي دستور موجب بادشاهه جو آڌرڀاءُ ڪري مناسب جاءِ تي ويهاري سندس خدمت ڪئي. ڳالهين ڪندي بادشاهه قاضي کي چيو ته: ”مان پاڻ سان خنجر کڻي آيس ته جيڪڏهن اوهان منهنجي رتبي ۽ عهدي جو خيال ڪري پورو انصاف نه ڪيو ته مان اوهان کي هن خنجر سان ختم ڪري ڇڏيان.“ ان تي قاضي کلي پنهنجي گديءَ هيٺان هڪ چمڪندڙ، تجليدار ۽ تکي تلوار ڪڍي ڏيکاريندي چيو ته ”جناب اعليٰ مان به پنهنجي گدي هيٺان هي اگهاڙي ترار ان ڪري لڪائي رکي هئي ته جيڪڏهن بادشاهه انصاف موجب نه هلي ۽ ڪجهه گهٽ وڌ ڳالهائي ته جيڪڏهن منهنجي اسٽاف جا ماڻهو اوهان جي شاهي رعب کان ڊڄي اوهان جي ويجهو نه اچن ته مان جلدي هن ترار سان اوهان کي سزا ڏيئي پنهنجي فرض جي تڪميل ڪريان ته جيئن انصاف ۾ خلل نه پئجي سگهي.“ بادشاهه اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي چيف جسٽس مقرر ڪري، سندس پگهار وڌايائين. ان کان پوءِ هي صاحب وڏي جرئت ۽ فراخدليءَ سان انصاف جون تقاضائون پوريون ڪرڻ لڳو.

شيخ خضر

سنڌ سونهاري، اسلام جو در ۽ عالمن جو گهر آهي. اسلام جو فيض هتان ئي ساري هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيو. ملڪ جي هن حصي هر دور ۾ اهي اديب ۽ عالم پئدا ڪيا، جن علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجا نقش ڇڏيا ۽ ان سان گڏ اهڙا عارف ولي الله هتي ڄاوا جن جي نالن وٺڻ سان اڄ به دل کي راحت ۽ قلب کي سڪون حاصل ٿئي ٿو. اهڙن بزرگن مان شيخ خضر به هڪ آهي. شيخ رحه سيوهڻ جو ويٺل هو. هو پير طريقت، پرهيزگار ۽ تارڪ الدنيا مرد هو. سندس زهد، تقويٰ ۽ توڪل خدا ان حد کي پهتل هئي جو ساري حياتي ۾ پاڻ وٽ ڪجهه به نه ڌاريائين ۽ نه وري مال ميڙيائين، نه وري ڪا پونجي رکيائين. اول هڪ قبرستان ۾ رهندو هو پر پوءِ سيوهڻ جي جبلن ۾ وڃي رهيو، جتي وڻن جا ساوا پن کائي، پيٽ قوت ڪري، الله جي عبادت ڪرڻ لڳو. پهاڙي ۾ هڪ تنور جوڙايو هئائين پر ان ۾ ماني ڪڏهن به پچائي نه کاڌائين. سياري ۽ اونهاري ۾ صرف هڪ گوڏ هوندي هئس، جيڪا دُن کان وٺي گوڏن تائين ڍڪيل هوندي هئس. سياري ۾ تنور منجهه ويهي ذڪر الاهي ڪندو هو ۽ اونهاري ۾ تنور جي مٿان هڪ پٿر جو ٽڪرو رکي ويهي ذڪر ڪندو هو، پر اهو پٿر سج جي گرمي کان ڪڏهن به نه تپيو. هن بزرگ جي ڪنهن سان به ذاتي دوستي ۽ دشمني نه هئي. انساني وستي کان هو ڪوهين پري ڀڄندو هو. جتي سڀ مطلب جا يار ۽ دولت جا پوڄاري رهن ٿا. سيوهڻ ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. اهو به مهيني ٻن کان پوءِ ڪنهن سان به ڪو نه ڳالهائيندو هو. بهرحال هن بزرگ جي هر وقت الله سان تنوار هئي. جهنگلي جانور ساڻس اٿندا ويهندا هئا.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سيوهڻ جو حاڪم ساڻس ملڻ آيو. ڏسي ته شيخ سخت ڪاڙهي ۾، گرم پٿر تي مراقبو ڪيو ويٺو آهي. بزرگ مٿو کڻي کانئس پڇيو ته ”تون ڪير آهين، هن ويراني ۾ تنهنجي اچڻ جو ڇا مقصد آهي“ ۽ حاڪم چيو ته ”اوهان جي زيارت لاءِ آيو آهيان. منهنجو مطلب آهي ته مون تي ڪو ڪم رکو ته اهو پورو ڪري سعادت حاصل ڪريان.“ شيخ جواب ڏنو ته، ”مون کي ڪو اهڙو ڪم ڪو نه ٿو سجهي، جيڪو اوهان سان واسطو رکندو هجي.“ ڇو ته دنوي ڏچن کان هو پري هو، ان ڪري دنيا جي حاڪم ۾ سندس ڪو ڪم نه هو. پر وري به هن عاجزي سان کيس چيو: ”چڱو، جيڪڏهن تون منظور ڪرين ته هڪ ڪم چوائين.“ حاڪم چيو ته منظور آهي، حڪم ڪريو ته شيخ وراڻيو: ”پهريون ڪم هي آهي ته پنهنجو پاڇو مون کان پري ڪر، ڇو ته جيڪو ماڻهو الله جي پاڇي هيٺ گذاري رهيو آهي، تنهن کي ٻئي ڪنهن به پاڇي جي گهرج نه آهي. ٻيو ته جتان آيو آهين، اوڏانهن هليو وڃ.“ حاڪم اتان اٿي پري ٿي بيٺو ۽ فقير تان سندس پاڇو هٽي ويو. حاڪم پوءِ عرض ڪيو ته ”اوهان جڏهن الله تعاليٰ جي يادگيري ۾ مشغول ٿيو، تڏهن منهنجي حق ۾ به دعا گهرندا ڪريو.“ شيخ وراڻيو ته ”ڌڻي تعاليٰ شل اها مهل نه آڻي، جو سندس ذڪر وقت ڪو غير دل ۾ اچي ۽ الله جي بندگي ۾ رخنو پوي ”ان چوڻ مان شيخ جو مطلب هي هو ته الله جي ذڪر وقت انسان جو تعلق صرف خدا سان هجي ۽ غيرالله ڏانهن ڌيان نه ڏجي ڇو ته اهڙي طرح بندي جو خدا سان تعلق ٽٽي وڃي ٿو. عبادت به اها قبول آهي، جيڪا عاجزي ۽ نوڙت سان ڪجي، سچي نيت ۽ دل جي خلوص سان ڪجي. من جي محبت صرف حقيقي محبوب سان هجي. انهيءَ جي دل ۾ تنوار هجي. هر وقت هڪ الله جي وائي هجي. جيتوڻيڪ هٿ ڪم ۾ رڌل هجن پر من ۾ پرين جو واسو هجي. شاهه ڪريم رحه چيو آهي ته ”هينؤن ڏجي حبيب کي، لڱ ته ڏجن لوڪ.“ شيخ رحه هينئون ۽ لڱ، جان ۽ جسم، روح ۽ بدن حقيقي محبوب جي حوالي ڪري موت کان اڳ مري چڪو هو، ان ڪري کيس دنيا جي ڪا به ضرورت ڪا نه هئي. شيخ جي خليفن مان محمد مير، جنهن کي ميان مير چوندا آهن، مشهور آهي، جنهن جو لاهور ۾ مقبرو آهي.

جهنگ سان وير

پيارا ٻارو! گهڻن سالن جي ڳالهه آهي. اٽڪل 322 قبل مسيح، جڏهن سڪندر مقدوني، دنيا جي وڏي ۾ وڏي عالمي ڌاڙيل ۽ ڦورو حاڪم، هندستان تي حملو ڪيو ۽ سنڌ ۾ به آيو، پر هتان سيني جا تير کائي ۽ ڌڪ سهي واپس وڃڻ جا سانباها ڪري ڀڄي ويو، تن ڏينهن ۾ چندر گپت ميدان ۾ آيو. هو هڪ سياح جي حيثيت سان گنگا وادي جي علائقي کان پنجاب ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت سڪندر جي فوج ۾ رهيو، جڏهن سڪندر هتان واپس ويو تڏهن هن هندستان ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، پالي پوٿرا کان نندا گهراڻي جي راجا کي ٻاهر ڪڍي ساري اڀرندي هندستان کي پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. مشرق ۾ پنهنجو بنياد مضبوط ڪري هن پنجاب تي به چڙهائي ڪئي ۽ يوناني فوجين کي هڪالي ڪڍيو ۽ سڀني راجائن کي مطيع ڪيو، اهڙي طرح هي پهريون هندو بادشاهه هو، جنهن ساري هندستان تي راڄ ڪيو.
چندر گپت جي ڏينهن ۾ سنڌ صنعتي، حرفتي ۽ تعليمي لحاظ کان وڏي ترقي ڪئي. ڪاريگرن، مزدورن ۽ پورهيتن کي چڱيون اجرتون ملنديون هيون. ڪو به فرد غريب ۽ بيروزگار نه هو. هن جي دور ۾ تعليم ۽ صحت لاءِ وڏا اسڪول ۽ مڪتب هئا، جتي طب، سياست، فلسفي ۽ ٻين علمن ۽ فنن جي تعليم ڏني ويندي هئي. تعليم جو معيار ايڏو ته بلند هو جو هڪڙي ماڻهو کي ڪيترن ئي علمن جي تربيت وٺڻي پوندي هئي. ان وقت جو هڪ سنڌي شاگرد نالي چانڪيا ننڍپڻ کان ئي وٺي هوشيار ۽ علم جو شوقين هو. هو ڌن جو پڪو ۽ ارادي جو مضبوط هو. پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ، هن هر قسم جي تڪليف کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي دل سان مقابلو ڪيو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته چانڪيا علم پرائڻ کان پوءِ هڪ گهاٽي جهنگ مان لانگهائو ٿيو. واٽ ويندي ڀُرٽ جا خاردار ٻوٽا، هر هر سندس پيرن کي وڪوڙي ٿي ويا. هن وڏي ڪوشش ڪئي پر ڪنڊن کان جند ڇڏائي نه سگهيو. آخر هڪ ڏينهن بيهي، جهنگ ڏانهن منهن ڪري وڏي واڪي چوڻ لڳوته ”آءٌ چانڪيا آهيان، تون هن وقت مونکي تنگ ڪرين ٿو، پر ڪو وقت اهڙو به ايندو جو آءٌ ڪنهن وڏي عهدي تي پهچي تنهنجي خبر وٺندس.“ ڪجهه وقت کانپوءِ چانڪيا چندر گپت جي حڪومت ۾ وڏي عهدي تي پهتو. هڪ دفعي کيس جهنگ وارو واقعو ياد آيو. هن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته خاص ضرورت کان وڌيڪ هرڪو پنهنجي گهر ۾ کير جي بچت ڪري ان مان ڏهي ڄمائي رکي. ماڻهن حڪم جو پوئيواري ڪئي ۽ ٿورن ڏينهن ۾ گڏ ڪيل ڏهي جو ڪافي ذخيرو موجود ٿي ويو، جيڪو گهڻي وقت رکڻ ڪري ڦٽي ڌپ ڪري ويو. جڏهن اهو سارو جتان ڪٿان ميڙي چانڪيه وٽ پيش ڪيو ويو، تڏهن هن حڪم ڏنو ته اهو سڄو ذخيرو جهنگ ۾ هاريو وڃي. ڦٽل ڏهي جو اهو ذخيرو جنهن ۾ تيزابي مادو پئدا ٿي چڪو هو، جڏهن جهنگ جي وڻن ۽ ٻوٽن جي پاڙن ۾ پهتو ته سڄو جهنگ سڙي ميدان ٿي ويو. هن ميدان تي پوءِ ”پاڻيپٽ“ نالو پيو. جنهن تاريخ ۾ اهم حيثيت حاصل ڪئي. هن ميدان تي ٽي وڏيون جنگيون لڙيون ويون، جن برصغير جي سياست جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو ۽ ان رخ بدلائڻ ۾ پنڊت جو ئي بنيادي هٿ هو ۽ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جو هي پنڊت طب ۽ سائنس جو ڪيڏو نه ڄاڻو هو! ڪنهن شيءِ جي تيزابي اثر جي ايڏي وڏي ڄاڻ رکڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي.
چانڪيا پنڊت هڪ وڏو عالم به هو، سندس ڪتاب ارٿا شاستر (سياست نامو) هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سياست، حڪمت، طب، جهاز ساري، ملڪي تاريخ، حڪومتي انتظام، آدمشماري ۽ کاڻين کوٽڻ تي روشني وڌي ويئي آهي.هي ڪتاب افلاطون ۽ ارسطو جي سياسي ۽ سماجي تحريرن جي ڀيٽ ۾ جامع آهي، جنهن ۾ طب ڌاتن ۽ سياست تي به بحث ڪيو ويو آهي. سندس ڪجهه ڳالهيون هيٺ ڏجن ٿيون.
(الف) سياست ۾ اخلاق ڪا به شيءِ نه هوندي آهي تنهن ڪري ڪنهن تي به ڀروسو نه رکيو وڃي. عوام کي تڪليفن ۾ وجهڻ ئي سياست جي خوبي آهي.
(ب) شڪ، ڪوڙ ۽ عياري ملڪي انتظام کي درست رکڻ لاءِ ڪارائتا آهن.
(ث) شاهي درٻارين ۽ عام درٻارين وسيلي ماڻهن جا مقدما ۽ مسئلا ٻڌي انهن تي مِهر جو هٿ ڦيريو وڃي.
سنڌي پنڊت، ماهر طب ۽ سياستدان چانڪيا جو هي ڪتاب 1905ع ۾ پهريون ڀيرو جرمني ۾ ڇپيو.

پارڪر جا پهلوان

پيارا ٻارو! پارڪر جي نالي کان اوهان واقف هوندا. هي ٿر جو هڪ مشهور شهر آهي. گهڻا گهڻا سال اڳ هتي سوڍن جو راڄ هوندو هو ۽ ڪيترن ئي سوڍن هتي حڪومت ڪئي. هنن پنهنجي دور۾ ٿر ۽ پارڪر کي وڏي ترقي وٺرائي ۽ اهڙي طرح هر طرف کان خوشحالي ۽ سلامتي جي هٻڪار اچڻ لڳي. 1832ع جي ڳالهه آهي ته انگريزن جي هڪ وڏي لشڪر اوچتو ڪاهه ڪري، سوڍن کي پارڪر مان هڪالي ڪڍيو ۽ هن ايراضي تي قبضوڪري پنهنجون فوجي چوڪيون قائم ڪيون. سوڍن کي پنهنجي وطن سان محبت هئي، پيار هو. ”سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري.“ آخر پنهنجي جنم ڀومي ته هر هڪ کي وڻندي آهي، ڀلا ڪير پنهنجي ديس تي ڌارين جو غلبو سهندو آهي. سوڍن کي به ڪاوڙ لڳي. هنن نه ٿي چاهيو ته انگريز کين غلام بڻائي مٿن حڪم هلائين. سندن اڳواڻ راڻي ڪولهي، سڀني سوڍن کي گهرائي اعلان ڪيو ته اهو اسان جو وڙ نه آهي، جو وطن ڌارين جي حوالي ڪري پاڻ ويهي روٽي کائون، هتي يا ته انگريز رهن يا پاڻ رهون، اچو ته گڏجي سندن مقابلو ڪريون، جيڪڏهن پنهنجي جيت نه به ٿئي، پر بهادرن وانگر سر ڏيئي ساڻيهه تان قربان ٿيون. آخر هنن سڀني گڏجي انگريزن جي فوجي چوڪين تي حملا ڪيا. ڪيترن ئي سرڪاري عملدارن کي ماري خزاني کي لٽي انگريزن کي پريشان ڪيائون. انگريزي حڪومت جو ان وقت (1859ع) سنڌ صوبي جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر هو. هن هڪ وڏو لشڪر ڪرنل ايونس جي سرڪردگي هيٺ اوڏانهن موڪليو. سوڍن ڏاڍي سورهيائي سان مقابلو ڪيو پر انگريزي فوجون مٿن غالب پئجي ويون. هن جنگ ۾ راڻي ۽ مهاسينگ وڏي بهادري ڏيکاري. مهاسينگ دشمن سان مقابلي ۾ مارجي ويو. ان کانپوءِ اڌ سينگهه ۽ روپلو ڪولهي ميدان ۾ ڪاهي آيا. هنن جڏهن ڏٺو ته انگريز بارود ۽ لشڪر ۾ هنن کان وڌيڪ آهن ۽ دوبدو لڙائي ٿيڻ ڪري متان پاڻ ختم ٿي وڃن ۽ مقابلو ڪرڻ وارو ڪو به نه رهي ۽ اهڙي طرح آزادي جي تحريڪ بنهه رڪجي نه وڃي، ان ڪري راڻو ٻين سوڍن کي ساڻ ڪري ڪارونجهر جبلن تي چڙهي ويو ۽ اتان انگريزن تي گوليون هلائڻ شروع ڪيون. انگريز اچي ششدر ٿيا ۽ راڻي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائون پر سندن دال نه ڳري، هنن کي ٻن سوڍن روپلي ۽ راڻي جي ڳولا هئي، جيڪي ٻئي هن تحريڪ جا اڳواڻ هئا. آخر هڪ غدار سوڍي جنهن کي هنن لالچ ڏني، جنهن ٺڳي سان روپلي کي گرفتار ڪرايو. جڏهن انگريزن وٽ آيو تڏهن انهن کانئس راڻي لاءِ پڇيو ته هو ڪٿي آهي؟ انگريز حڪومت ان لاءِ کيس نقد انعام، جاگيرن ۽ عهدا ڏيڻ جو واعدو به ڪيو پر هن بهادر، غيور ۽ محب وطن سوڍي نه سليو. آخر انگريزن کيس دردناڪ عذاب ڏيڻ شروع ڪيو. هنن ڇا ڪيو جو روپلي جي هٿ جي تري تي تيل وجهي آڱرين تي وٽون ٺاهي تيلي ڏني پر روپلي ايڏو سخت سور سهندي به جواب ڏنو ته ”چند چاندي جي سڪن ۽ دنوي عزت تي موهجي يا تنهنجي عذابن کان ڊڄي پنهنجي ضمير ۽ وفا کي وڪڻي، راڻن، سوڍن ۽ پنهنجي ديس واسين ۽ وطن سان ڊوهه نه ڪندس، ان کان ته مونکي موت لک بار بهتر آهي پرواهه ناهي، جي پنهنجي جنم ڀومي ۽ راڻي لاءِ قربان ٿي ويس، بزدلي ۽ بي غيرتي واري زندگي کان مونکي بهادري جو موت قبول آهي.“ اهو جواب انگريزن نه سٺو ۽ هن غيور سوڍي کي چيچلائي ماري ڇڏيو، روپلو ڪولهي وطن جو جان نثار ۽ وفادار فرد هو. هن مرڻ قبوليو پر بيوفا ۽ بزدل نه ٿيو، سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ زندهه رهندو. روپلي کي مارڻ کانپوءِ انگريزن مهاوجي ۽ ٻين غدارن جي مدد سان راڻي ۽ اڌ سينگهه جهڙن سوڍن ۽ سورمن کي گرفتار ڪيو. حڪومت سڀني سوڍن کي جاگيرن جون لالچون ڏيئي، پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سوڍن غلامي ۽ بي عزتي جي نذرانن ۽ القابن کي ٿڏي ڇڏيو ۽ انگريزن جي ”جي حضوري“ نه قبولي، ان ڪري هو سڀئي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ نظربند رهيا ۽ اتي ئي مري وطن لاءِ ساهه ڏنائون.
هي ٺڪر سنڌي سوڍا، پارڪر جا پهلوان سنڌ جو سينگار آهن جن پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ مرڻ ۽ ڌارين جي جتين چٽڻ کان عزت جي موت کي بهتر سمجهيو ۽ زندگي کي قربان ڪري تاريخ ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪيو، جيڪو ملڪ ۽ ملت لاءِ لڙندو آهي، اهو امر بڻجي ويندو آهي ۽ ان جو نالو هميشه ڳائبو رهبو آهي.

رڻ جو راهي : مسڪين جهان خان کوسو

ٿر سنڌ جي تهذيب، تمدن، ادب ۽ ثقافت جي سرزمين آهي. هي محبت جي داستانن، شجاعت جي ڪارنامن ۽ عشقيه افسانن جو اهو مرڪز آهي، جنهن کي پنهنجو ڌار ثقافتي ورثو آهي. سنڌ جي 55 لوڪ گيتن مان 45 لوڪ گيت ٿر سان وابسته آهن. ٿر واري جو وطن آهي. ڀٽن ۽ ڍٽن جو ڏيهه آهي، پر جڏهن بادل برسندا آهن، تراريون ڀرجي وينديون آهن، ته چوڌاري گاهن جي گلزاري ٿي ويندي آهي. منگهار سکيا ۽ آسودا ٿي پوندا آهن. ان وقت ٿر ڪشمير جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ مارن ۽ مالوندن جي منهن تي مُرڪ هوندي آهي. ان سمي، ٿر تي جيڪو مارئي جو ديس آهي. مائي ڀاڳي جو گهر آهي، ڪو عمر، ڪو مدد خان، ڪو نادر شاهه ڪٽڪ ڪاهي ايندو آهي ته پوءِ مسڪين جهان خان کوسي جهڙا جوان ميدان ۾ ايندا آهن، جيڪي سواءِ ڪنهن غرض، لالچ ۽ طمع جي هر مظلوم جي مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن. مسڪين جهان خان پنهنجي ساري زندگي ٿر ۽ ٿرين لاءِ وقف ڪئي. هو ٿر لاءِ جيئرو رهيو ۽ ٿر لاءِ مئو. سنڌ جي واريءَ واري ملڪ ۾ جتي برسات نه پوڻ ڪري رُڳي رُڃ ۽ سڃ هوندي هئي، ڪوهين وسندي نظر نه ايندي آهي، اتي مسڪين جي دل ۾ نيڪي ۽ انساني همدردي اچي گهر ڪيو. هن جون اکيون ماروئڙن جي حالت ڏسي آليون ٿيون، هن ذات پات جا ويڇا وساري بنا ڪنهن انعام، شهرت، لالچ ۽ اجوري جي هڪ ٻه نه پر زندگي جا سمورا سال انهن لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. هو هڪ گهڙي به واندو نه ويٺو. مولا جي مخلوق جي خدمت ڪندو رهيو. هو هڪ بي لوث انسان هو. جام طلبي ۽ ڪوڙي اڊنبر کان ڪوهين ڏور هو، کيس ٿر ۽ ٿرين جي محبت ٻالجتي کان ملي هئي. غريب، انگ اگهاڙا، ڏڪر جا ماريل، صدمن جا ستايل ٿري، جيڪي جنسي بک جا ماريل نظر ايندا، سي مسڪين لاءِ ”جيها جي تيها مون مارو مڃيا“ وانگر ساهه کان وڌ پيارا هوندا. انهن جون تڪليفون ڏسي مسڪين جا لڱ ڪانڊارجي ويندا ۽ اٿندو، ڏوريندو ۽ ڊوڙندو، ٿر لاءِ ۽ ٿرين لاءِ ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو هو . چوندا آهن ته ”وٺو ته ٿر نه ته بر جو بر“ ۽ جڏهن ٿر بر ٿيندو آهي ۽ بک ۽ ڏڪار جا وار ماروئڙن کي موت جي ننڊ ڏيندا آهن، تڏهن مسڪين ٿرين کي وٺي اچي آفيسرن سان ملائيندو آهي، ٿر لاءِ امداد وٺندو هو. دوائون، ڪپڙو، اناج هٿ ڪري حقدارن تائين پهچائيندو هو ۽ پوءِ ايڏو ته خوش ٿيندو هو ڄڻ ته کيس قارون وارو خزانو ملي ويو.
دراصل انسان جي سڃاڻ آهي انسان دوستي ۽ پاڻ جهڙن سان پيار ڪرڻ. پنهنجي لاءِ ته هرڪو جيئي پر ٻين لاءِ به ته ڪو جي ڏيکاري. مسڪين پاڻ ماري، ٻين لاءِ زندهه رهيو، نه آرام نه آسائش نه سڪون، نه ننڊ، بس اٺئي پهر ٿرين جا ولر پٺيان لايو وتندو انهن جي سڪ ۽ آسائش لاءِ آفيسرن سان ملندو. هڪ ڀيري گهر جي ڪنهن عورت کيس چيو ته ”ڪپڙا ڏي ته ڌوئي ڏيائين.“ چوڻ لڳو ته ”آءٌ ڪپڙن ڌئارڻ ۽ تڙ ڪرڻ لاءِ گهر ۾ ويهي رهان ته منهنجا مسڪين ٿريا ميرپور ۾ رلي مرندا.“ ڪيڏو نه خدمت خلق جو جذبو آهي، ڪيڏو نه بلند ڪردار آهي. ڪيڏو نه عظيم خيال آهي جو پنهنجو آرام به ڦٽائي ٻين کي سک ڏين ٿا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته حيدرآباد ۾ هڪ ٻه ماڙ جاءِ ڪري پئي. رات جو وڳڙو هو، هر ڪو آرام ۾، ماڻهن جون دانهون ڪوڪون ڪير سڻي، اوچتو مسڪين کي ڪن تي آواز پيو، جيڪو ڀرسان ستل هو. امالڪ ڊوڙي آيو. ڪرندڙ جاءِ ۾ گهڙي پيو، سر تريءَ تي رکي زخمي ماڻهن کي سهارو ڏئي ٻاهر ڪڍي آيو ۽ پوءِ پاڙي مان تغاري ۽ ڪوڏر کڻي اچي مٽي ڍوئڻ بيٺو. اهڙي طرح لاڳيتو رات ڏينهن سخت گرمي ۾، سواءِ ڪنهن لالچ ۽ غرض جي ڪم ڪندو رهيو، مٽي کڻندو رهيو. صرف انسان دوستي جي جذبي هيٺ ۽ مخلوق خدا جي خدمت ڪرڻ جي شوق ۾.
مسڪين سدائين انهيءَ سوچ ۾ هوندو هو ته ماڻهن ۾ ماڻهپو رهي. پيار ۽ سڪ هجي، نفرت ۽ ڪدورت نه هجي. آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو واري ڪار نه هجي. ان ڪري هو سدائين ٻه وڙهيل گهر پاڻ ۾ ٺاهيندو ۽ رٺلن کي پرچائيندو هو، رشوت ۽ سفارش کان بنهه پري. ٿاڻو هجي يا ڪورٽ، وڏيري جي اوطاق هجي يا پير جو مقام، پر مسڪين ٿرين کي ساڻ ڪيو سندن حقن وٺڻ لاءِ جتي ڪٿي حاضر، کڻي ڪيڏو به وڏو ڪامورو ڇو نه هجي، پر هو وٽس ويندو ضرور ۽ ڪم ڪرائڻ کانسواءِ اٿڻ ته مسڪين جي ڊائري ۾ ئي ڪو نه هو. هن پنهنجو گهر تڙ ته نه ٺاهيو ۽ نه وري کيس ايتري واندڪائي به هئي بس سندس اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ جيئڻ غريب، مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن سان هو. هن پنهنجي ذات کي صفا ماري ڇڏيو، صرف ٻين لاءِ زندهه رهيو. ٻين کي پنهنجي وات جو گرهه ڪڍي به کارائيندو رهيو. ٿر جو ڏتڙيل ۽ پيڙهيل عوام ڪولهي، ڀيل ۽ مينگهواڙ آهن. مسڪين سندن خدمت مذهبي متڀيد کان هٽي ڪئي. هو چوندو هو ته ”مسڪين هميشه سندن مدد هرظلم ۾ به ڪندو رهندو، ان لاءِ کيس ڪيڏي به قرباني ڏيڻي ڇو نه پوي.“ هو چوندو هو ته ”اڇوتن جي خدمت، مسڪين انسانيت جي اعليٰ جذبي ۽ اصول تحت ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪنهن به غرض يا مطلب جو دخل ڪونهي.“ هڪ دفعي سندس سڳي ڀاءُ ڪنهن ڪولهي سان ٺڳي ڪري پئسا ڦريا، مسڪين پاڻ ڀاءُ تي ڪيس داخل ڪري کيس جيل ۾ وجهرائي ڪولهي کي پئسا واپس وٺي ڏنا. ٻئي دفعي جي ڳالهه آهي ته سخت سردي ۾ مسڪين کي ڪنهن مائٽ گرم ڪوٽ وٺي ڏنو. ٻئي ڏينهن اهو ڪوٽ پاڻ کان وڌيڪ ٻئي مستحق ڪولهي کي ڏيئي خود چولي ۽ شلوار ۾ پوهه جي پارن جو مقابلو ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن ڪنهن اٺ ڀاڙي ڪري ڏنس، واٽ تي ڏٺائين ته هڪ پوڙهو ڪولهي پيادل پيو وڃي، لهي اٺ ان جي حوالي ڪري پاڻ مهار وٺي پيادل هلڻ لڳو. هن ڪولهين کي زندهه رهڻ جا گر سيکاريا. انهن ۾ احساس برتري پئدا ڪيو. اُهي ڪولهي جيڪي وڏيرن جي جتين واري جاءِ تي ويهڻ ۾ فخر ڪندا هئا، تن ۾ سياسي سجاڳي ۽ سماجي شعور پئدا ڪري کين ڪائونسلن ۾ ميمبر ۽ چيئرمين ڪرايائين ۽ اهڙي طرح وڏن وڏن گبرن جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيائين.
مسڪين ٿرين لاءِ ايڏيون ته خدمتون انجام ڏنيون جو ٿر جي تاريخ ۾ ياد رهنديون. هن کي ٿرين سان مارئي واري محبت هئي ۽ پڇاڙي تائين هن اها نڀائي.

سنڌي جتي

انگريزن جي دور جي ڳالهه آهي. اتر سنڌ جي مک ضلعي ۾ جاڳڻ خان هڪ بااثر زميندار ۽ ٻين جو سردار هو. سندس ياري ان وقت سکر ضلعي جي نالي واري ڪليڪٽر ڪوٺاوالا سان هئي. ان وقت وڏيري ۽ ڪاموري جو مفاد هڪ جهڙو هو. ان ڪري جاڳڻ خان ۽ ڪوٺا والا پڳ مٽ يار هئا. هڪ دفعي انگريز گورنر اتر سنڌ جي دوري تي اچڻ جو پروگرام رٿيو جنهن ۾ هو سکر به اچي رهيو هو. ڪوٺا والا پنهنجي دوست جاڳڻ خان جي ڳوٺ اچي کيس گورنر جي دعوت جهلڻ لاءِ چيو، ان وقت گورنر جي دعوت ڪرڻ معنيٰ گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ هو. ڪا ٿوري ڳالهه ڪانه هئي وڏو پئسو خرچ ايندو هو پر ڇا ٿئي سنڌ جي مهمان نوازي جي روايت لاءِ بندوبست شروع ڪبو. هن وڏو خرچ ڪري هڪ تمام وڏي دعوت جو بندوبست ڪيو ۽ ان ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ ٻين معززن کي دعوت پڻ ڏني. دعوت جي رٿيل پروگرام موجب مقرر تاريخ کان ٻه ڏينهن اڳ ڪوٺاوالا صاحب دعوت جي انتظام کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ جاگڻ خان جي ڳوٺ اچي پهتو. جاڳڻ خان پئسو پاڻي وانگر وهايو هو ۽ هو انتطام ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس چيو ته جاڳڻ خان منهنجي دوست ۽ سنڌ جي مڙني جاگيردارن ۾ بيشڪ توهان هڪ مٿانهين جاءِ والارڻ جا حقدار آهيو. توهان جهڙا سنڌي ئي مهمانوازي جي رسم کي جاري رکي سگهن ٿا. اهو ٻڌي جاڳڻ خان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪوٺا والا کي ڀاڪر وجهي پنهنجي ڀرواري ڪرسي تي ويهاريو. جاڳڻ خان هڪ جاگيردار ۽ وڏيرو هجڻ سان گڏ نهايت سادو سودو ۽ روايتي سنڌي ماڻهو هو. اٿي ويٺيءَ ۾ سادو، ڪپڙي لٽي ۾ به سادو ۽ روايت پسند هو. تنهن ڪري ڪوٺا والا کيس سمجهائيندي چيو ته جاڳڻ خان ٻيو ٻاهريون انتظام ته نهايت سٺو آهي پر تون پنهنجي پوشاڪ جو به ڪجهه خيال ڪر. مونکي خبر آهي ته توهين سدائين سنڌي جتي ئي پائيندا آهيو، ڇا توهان دعوت واري موقعي لاءِ ڪو انگريزي قسم جو بوٽ ورتو آهي. اهو ٻڌي جاڳڻ خان ٿوري دير لاءِ ماٺ ۾ اچي ويو، ڳنڀير ٿي وراڻيائين ته ڪوٺاوالا! اسان جا ابا ڏاڏا ته جتيون پائي مري ويا، سچ پڇو ته مون حياتي ۾ بوٽ پائڻ لاءِ سوچيو ئي ڪونهي. مان سنڌي جتي پائي گورنر صاحب جي آجيان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪريان ٿو. اهو ٻڌي ڪليڪٽر ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ سوچيائين ته سنڌي وڏيرو پنهنجي ضد جي ڪري سڄي رڌي پڪي ۾ پاڻي ٿو وجهي. ان ڪري کيس چيائين جاڳڻ خان ضد ڇڏيو، مهرباني ڪري اٿو مونسان گڏجي سکر هلو ته مان اوهان کي پنهنجي پسند مطابق هڪ سهڻو انگريزي بوٽ پارايان ته جيئن انگريز حاڪم اهو محسوس ڪن ته سنڌي قوم سندن سهڻي لباس کي پڻ قبول ڪري ورتو آهي. اهو ٻڌي جاڳڻ خان ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو ۽ ٽپ ڏئي ڪرسي تان اٿي بيٺو، ڪوٺالا کي چيائين ته مهرباني اڄ مونکي تون سنڌي جتي لاهڻ لاءِ چيو آهي، ٿوري دير کانپوءِ منهنجي پڳ لاهڻ لاءِ به چوندا، تنهن ڪري هي دعوت ختم سمجهو ۽ هڪل ڪري دعوت جي انتظام ڪرڻ وارن ماڻهن کي چيائين ته اڙي لاهيو تنبو ۽ تالان سڀ انتطام ختم سمجهيا وڃن، هاڻي ڪو به گورنر جاڳڻ خان جي دعوت ۾ نٿو اچي سگهي. ڪم ڪرڻ وارا حيرت ۾ ڪم مان هٿ ڪڍي جاڳڻ خان ڏانهن ڏسڻ لڳا ۽ ڪليڪٽر ڪوٺاوالا وائڙو ٿي پنهنجي دوست ڏانهن گهوري ڏسڻ لڳو. تنهن ۾ هن اهو سوچيو ته جاڳڻ خان هڪ سخت قسم جو روايتي سنڌي ضرور آهي پر ساڳئي وقت ڪيترو نه سادو ماڻهو آهي جنهن پنهنجن جاگيرداري مفادن تي سنڌي جتي کي ترجيح ڏني.

پنرو بڊاماڻي

گهڻا گهڻا سال اڳ سنڌ جي رڻ جي، اندرين ٻيٽن ۽ ڏيپلي کان بدين واري سرحدي علائقي ۾ بڊام نالي هڪ خاندان رهندو هو، جن وٽ ڳائو مال جام هو ۽ وٽن رڍن ۽ ٻڪرين جون به وڏيون وڏيون ڇانگون هيون. بڊام خاندان جيتوڻيڪ لوڙهو پر سورهيائي ۽ پهلواني ڪري ماڳهين مشهور هو ۽ سندن علائقو بڊام جي پٽ سان سڏبو هو. بڊام ڪٽنب ۾ هونءَ ته ڪيترائي بهادر ۽ سورما هئا پر پنرو سڀني ۾ سرس هو، جيڪو بڊام خان جي چوٿين زال سوڍيءَ جو پٽ هو. هو سورهين جو سردار هو. سندس پهلواني جي حد اها هئي جو هن کان ڪنهن به فتح حاصل نه ڪئي، سدائين سوڀارو رهيو. هو جڏهن به ڪنهن دشمن تي ڪاهه ڪندو هو ته پکي پکڻ به سڀ هراسجي ويندا هئا. هو اوڙي پاڙي جو ڏڍ ۽ آسرو هو. ان زماني ۾، مال جي چوري عام هئي، پر پنري جي ڪري علائقي ۾ ڪو به هائو، مال هڻڻ جي جرئت ڪري نه سگهندو هو. ايتري قدر جو سندس علائقي ۾ ڪونجون ۽ ٻيا پکي به بي ڊپا پيا چڳندا هئا ۽ ڪنهن به ماري کي اتي اچڻ جي طاقت نه هئي. جڏهن به ڪو ڏکي مهل ياد ڪندو هو ته هو پنهنجن ساٿين سميت اتي پهچي دشمنن کي ڀڄائي ڇڏيندو هو.
اهو سورهين صدي عيسويءَ جو زمانو هو. ارغون سنڌ جا مالڪ ٿي چڪا هئا، ٺٽي ۽ ٻين شهرن تي قبضو ڪري انهن کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو هئائون. جڏهن پنري سنڌ جون اهي حالتون ڏٺيون، تڏهن رات جو ننڊ ۽ ڏينهن جو آرام حرام ڪري ڇڏيائين. هر وقت پنهنجن جانباز ساٿين سان گڏ راتاها هڻي، ڇاپا ماري، دشمنن کي پسپا ڪرڻ لڳو. هڪ دفعي سندس گهرواري کيس ڪجهه چيو ته ان کي جواب ڏنائين ته ”اسان کي جيئڻ ڪارڻ اهي سڀ جنگيون جوٽڻيون پون ٿيون. اسان جا دشمن گهڻا آهن ۽ واهرو گهٽ آهن. ارغون سنڌ جا مالڪ بڻجي ويا آهن، جن ٺٽي کي ڦري تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هنن جون ٻين سردارن ۾ اکيون آهن. آءٌ هن راڄ جو چڱو مڙس آهيان ۽ راڄ جي هرڀاتي جي بچاءَ جو ذميوار آهيان، جي مان چپ ڪري ويهي رهان ته اهو سڄڻ ۽ ساڻيهه ٻنهي لاءِ هاڃيڪار آهي. ان ڪري آءٌ روزانو رات جو انهن گسن ۽ پنڌن تان ٿي ايندو آهيان ۽ سندن سار سنڀال لهي، ماڻهن کي ياد ڏياريندو آهيان ته مان اڃان جيئرو آهيان، اوهان بي ڊپا ٿي آرام ڪريو.
پنرو ارغوني حڪومت لاءِ ڪُک جو ڪانُ ۽ اک جو ڪنڊو هو. ڀلا اهڙي سوڍي ۽ محب وطن سنڌي کي ڌاريو سامراج ڪٿي برداشت ڪري ٿي سگهيو. آخر هڪ رات ارغونن جو وڏو لشڪر پنري جي ڪوٽ تي ڪاهه ڪري آيو، جيڪو ٻنگارا شهر ۾ هو. ان وقت پنرو ٻاهر ويل هو. ڪوٽ ۾ سندس ڀاءُ ۽ ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي رهيل هئا. ارغونن ڪوٽ کي مڪمل گهيرو ڪري پيغام موڪليو ته ”پيش پوندؤ ته زندگي ملندوَ، مقابلو ڪندؤ ته موت ملندوَ.“ پر پنري جا مائٽ جيڪي هڪ سورهيه جي گهر ۾ پليل هئا تن چوائي موڪليو ته ”غاضب ارغون، ياد رک، اسان توهان جي هٿان مليل آزاديءَ جي نالي ۾ غلامي کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، اسين آزاد آهيون ۽ حياتي جي پوئين پساهه تائين آزاد رهنداسين. ڪنهن کي به حق ناهي جو هو اسان جي ڌرتي تي اسان کان اسان جي آزادي کسي، جنهن اهڙي ڪوشش ڪئي تنهن کي ترارن جي زبان سان جواب ملندو.“ پنري جي ڪٽنب جا ڀاتي وڏي بهادري سان وڙهيا پر اوچتو ارغونن ڪوٽ کي باهه ڏني. ان ڪري سڀ شهيد ٿي ويا. پنري کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن ساٿين کي چيائين ته ”اسان جي سينن ۾ ارغونن کان وير وٺڻ جو قسم باهه وانگر ڀڙڪا پيو کائي هي ملڪ توهان جو آهي. ارغونن ٿوري وقت ۾ جيڪي هن ڌرتي تي ڪيس ڪيا ۽ ويل وهايا آهن سي اوهان کان لڪل ڪونهن. جيتوڻيڪ اسان تمام ٿورا آهيون ۽ اسان جو مقابلو حڪومتي ڪارندن سان آهي، پر اسان سچائي ۽ انصاف جي جنگ جوٽي آهي. اچو! اڳتي وڌون ۽ هنن کي ٻڌايون ته اسان جون ترارون اڃا ڪٽيون ڪونهن ۽ جيستائين اسان جي زندگي آهي تيستائين اهي چمڪنديون رهنديون.“ اهڙي طرح هن ارغوني لشڪر تي زوردار حملو ڪيو ۽ انهيءَ آزاديءَ جي جنگ ۾ ترارن جا گهاءَ کائيندي جان ديس کي نذرانو ڏيئي آزادي جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.
پنرو بڊاماڻي سنڌ جو اهو سرويچ سپاهي هو جنهن کي سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، سنڌ جي ستن سورهين ۾ ڳڻيو آهي.

نماز جو اثر

712ع جي ڳالهه آهي. مسلمانن جو لشڪر ديبل کي فتح ڪري سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ سيوهڻ جي ويجهو اچي پهتو. سيوهڻ جو پراڻو نالو سيوستان آهي، جتي چنا رهندا هئا. هو اصل ۾ راجپوت نسل مان آهن. سندن اصلوڪو وطن ايوڌيا آهي. ان کانپوءِ هو ڪڇ سنڌ ۾ آيا. راءِ ڏياچ جيڪو شاهه جو اهم ڪردار آهي، جنهن سنگيت تي سر ڏنو ، الور ۾ سمن جي، نيرن ڪوٽ ۾ چنن جي، سيوهڻ ۽ ٻڍاپور ۾ حڪومت ڪندڙ هن ذات مان هو.
چنن پنهنجي هڪ ماڻهوءَ کي موڪليو ته اهي وڃي مسلمانن جي لشڪر جون حالتون ڏسي اچن. جڏهن هي ماڻهو اتي پهتو ته اتفاق سان اهو ٽائيم نماز جو هو، ان ڏٺو ته ٻانگ ملي پئي ، جنهن سان ساري لشڪر ۾ چستي اچي ويئي. ساري لشڪر هڪ جاءِ تي گڏ ٿي وضو ڪيو. ٿوري دير کانپوءِ جماعت کڙي ٿي. محمد بن قاسم امامت ڪئي. سڀني گڏجي ان جي پٺيان نماز پڙهي. هن هي به ڏٺو ته نماز پڙهڻ ۾ سڀئي پنهنجي امام جي پيروي ڪرڻ لڳا ۽ ان جي حڪم کان ذري جيترو به ٻاهر نه وڃڻ لڳا. جاسوس مسلمانن جو هي ضابطو ۽ امام جي حڪم جي پوئيواري ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ واپس وڃي، پنهنجي برادري جي سڀني ماڻهن کي ٻڌايائين ته مان انهن ماڻهن ۾ جيڪو اتفاق ۽ اتحاد ڏٺو آهي، مون کي يقين آهي ته اهي هر وقت ڪامياب رهندا. جڏهن چنا برادري اها ڳالهه ٻڌي تڏهن ڪيتريون ئي قيمتي سوکڙيون پاکڙيون کڻي محمد بن قاسم وٽ اچي اسلام قبول ڪيو. ان وقت سندن هڪ ٻئي وفد به ڪاڪا بن ڪوتل جي اڳواڻي هيٺ اچي اسلام قبوليو. محمد بن قاسم ڪاڪا کي ڪرسي ۽ خلعت ڏني.
چنا سنڌي قوم مان پهرئين ذات آهي، جنهن اسلام قبول ڪيو. هي هندستان ۾ اسلام جو پايو هو ان ڪري عربن چنن کي وڏيون وڏيون جاگيرون ڏنيون. ان زماني ۾ چنا سنڌ جي تمام شاهوڪار ۽ امير برادري هئي. اهوئي سبب آهي جو عرب کين مرزوق (ڪشادي رزق واري) ذات ڪري لکيو آهي. هنن سنڌو ندي جي اولهه وارو ملڪ جو ٽڪرو عربن جي حوالي ڪيو هو. جڏهن محمود غزنوي سومناٿ تي ڪاهه ڪئي ۽ سنڌ مان اچي لنگهيو تڏهن سنڌ ستن علائقن ۾ ورهايل هئي، جنهن مان ٻه علائقا چنن جي حوالي هئا. هڪ سيوستان جنهن جو حاڪم پنهون چنو هو ۽ ٻيو ڀاڳناڙي جنهن جو حاڪم جان محمد پٽ الهڏنو چنو هو. ان وقت سکر ۽ اپرسنڌ جا علائقا به چنن جي هٿ ۾ هئا. (ان وقت سنڌ جي گادي جو هنڌ ملتان هو.) چنا سنڌ جي حاڪم کي صرف عشر (پئدائش جو ڏهون حصو) ڏيندا هئا. چناب ندي به اصل ۾ چنن جي کوٽيل آهي. ان ڪري چنه آب نالو پيس. اهڙي طرح چنا سنڌ جي اها عظيم ذات آهي، جنهن تاريخ ۾ پنهنجو اهم مقام والاريو. عربن سيوهڻ فتح ڪري سڄو انتظام سندن حوالي ڪيو.(حوالو: تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام)

مولانا اسلامي جي سفارت

سن 712ع جو زمانو هو. جمعي مبارڪ جو ڏينهن هو، جڏهن مسلمانن جو ڇوليون هڻندڙ لشڪر محمد بن قاسم جي اڳواڻي هيٺ ديبل پهتو. نون ڏينهن جي لاڳيتي گهيري کانپوءِ ديبل فتح ٿيو. ان وقت ڪيترن ئي مقامي ماڻهن اسلام قبول ڪيو، جن ۾ ديبل بندر جو هڪ وڏو عهديدار به شامل هو، جنهن کي محمد بن قاسم اسلامي جو لقب ڏنو. هن جو اصل نالو ڪنڀ لوچن هو ۽ پيءُ جو نالو ايميهه هو. هو ذات جو برهمڻ هو. سنسڪرت جو وڏو عالم هو. هو پهريون سنڌي مسلمان آهي، جنهن اول اول اسلامي تعليم حاصل ڪئي، ان ڪري هو عربي جو به وڏو عالم ٿي پيو، تاريخن ۾ کيس مولانا اسلامي يا مولانا ديبلي سڏجي ٿو. جڏهن عربن جو لشڪر نيرون ڪوٽ ۽ سيوهڻ کي فتح ڪندو درياءَ جي ڪناري تي پهتو. ان وقت محمد بن قاسم راجا ڏاهر سان جنگ ڪرڻ کان اڳ کيس هڪ سفارت موڪلي جنهن ۾ مولانا اسلامي کي به روانو ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ رواج هو ته راجائن جي درٻار ۾ بادشاهه جي اڳيان سر جهڪائڻو پوندو هو. جڏهن هي وفد شاهي درٻار ۾ پهتو، تڏهن هي توحيد جا پروانا ۽ هڪ خدا جا پرستار دنوي بادشاهه جي اڳيان نه جهڪيا. هي ڏسي راجا ڏاهر کي مٺيان لڳي ۽ مولانا اسلامي کي چيائين ته ”تون شاهي آداب ڇو نٿو بجا آڻين، جيتوڻيڪ تون هن ملڪ جو رهاڪو آهين ۽ شاهي آداب کان واقف به آهين. ڇا توکي ايئن ڪرڻ کان جهليو ويو آهي.“ مولانا اسلامي اهو ٻڌي جواب ڏنو ته: ”مان مسلمان ٿي چڪو آهيان، جڏهن مان اوهان جي طريقي تي هوس ۽ اوهان جي رعيت مان هوم تڏهن آءٌ اوهان جي درٻار جا آداب ادا ڪرڻ ضروري سمجهندو هو س ۽ هاڻي مان مسلمان آهيان. اسان مسلمان الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي آڏو سر جهڪائڻ نه سکيا آهيون. ڪو به دنيا جو بادشاهه الله جو عاجز بندو آهي، ان تي ڪا به طاقت نه آهي. ان ڪري سجدو هڪ الله کي سونهي ٿو.“ راجا ڏاهر کي اهو ٻڌي ويتر ڪاوڙ آئي ۽ چيائين ته جيڪڏهن تون ايلچي ٿي نه اچين ها ته مان توکي مارائي ڇڏيان ها. اهو ٻڌي مولانا کيس چيو ته”منهنجي قتل سان مسلمانن کي ڪو به نقصان نه پهچي ها پر توکي ياد رکڻ گهرجي ته منهنجي خون جو بدلو مسلمان توکان اهڙي طرح وٺن ها جو تون ان جو اندازو به نه ٿو ڪري سگهين. اسان جيڪو پيغام کڻي آيا آهيون اهو هي آهي ته اوهان کي ٻه ڳالهيون ڏنيون ويون آهن، هڪ ته اوهان درياءَ ٽپي اسان وٽ اچو، ان لاءِ اوهان کي رستو ڏنو ويندو يا وري اوهان اسان لاءِ رستو ڇڏيو ته جيئن اسان ٽپي اچي اوهان جو مقابلو ڪريون.“ راجا ڏاهر ان لاءِ پنهنجي وزير سياڪو کان پڇيو، جنهن چيو ته عربن جي لشڪر کي درياءَ ٽپي اچڻ لاءِ چئو. ان کان پوءِ راجا ڏاهر پنهنجي مسلمان سردار علافي سان صلاح ڪئي، جنهن چيو ته ”مسلمانن کي درياءُ ٽپي هيڏانهن اچڻ نه ڏيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو لڙائي لاءِ نڪرندا آهن ته سر هٿن تي رکي ۽ ڪفن مٿن سان ٻڌي ايندا آهن. انهن جو صرف الله تي ڀروسو هوندو آهي ۽ هو هر وقت پنهنجي ڪاميابي لاءِ الله کان دعا گهرندا آهن. هو جڏهن دشمن جي سامهون ايندا آهن، تڏهن جنگ کان ايستائين منهن نه موڙيندا آهن جيستائين پنهنجي دشمن کي مات نه ڪن. منهنجي صلاح آهي ته عربي لشڪر کي درياءَ جي پار رهڻ ڏيو. ملاحن، جتن ۽ علائقي جي ٻين ماڻهن کي حڪم ڏيو ته اهي اناج، ڪاٺيون ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون لشڪر کي نه پهچائين ۽ انهن تي گذران تنگ ڪن.“ راجا ڏاهر اها ڳالهه ٻڌي اسلامي کي چيو ته: ”مونکي اوهان جي ڪا به ڳالهه منظور نه آهي، اوهان جو ۽ اسان جو فيصلو تلوار ڪندي. درياءَ کي پار ڪرڻ ۾ اوهان کي اختيار آهي اسان کي ڪو به فرق نه پوندو. اسان هر وقت جنگ لاءِ تيار آهيون.“ مولانا اهو پيغام کڻي واپس ويو ۽ پوءِ مسلمانن ٻيڙين جي پل ٺاهي اروڙ تي حملو ڪري 10 رمضان 92 هه ۾ سنڌ کي فتح ڪيو.
ٻارو، ڏٺوَ مولانا اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ڪيڏو نه خوددار ۽ اعليٰ قابليت جو مالڪ بڻجي پيو. دنيا جي بادشاهه کي ڪهڙو نه کتو جواب ڏنائين. اها آهي اتحاد جي برڪت. بعد ۾ هن جي علمي وقار کي مڃيندي ديبل بندر جي روينيو کاتي جو کيس اعليٰ عملدار بڻايو ويو.

(حوالو: تاريخ رزه جلد مولانا قدوسي)

انصاف

مير علي مراد خان ميرپورخاص جي ميرن مان ٿي گذريو آهي. هو مير لغاري خان جو پٽ هو، کيس حڪومت جي واڳ پنهنجي پيءُ پنهنجي جيئري سونپي هئي، باقي مامڻي جي پڳ مير ٺاري جي مرڻ کانپوءِ ملي. مير علي مراد وڏو بهادر، سخي ۽ عادل حڪمران هو.
چون ٿا ته مير صاحب هڪ دفعي کليل ڪچهري ڪري رهيا هئا، صبح جو وقت هو، هڪ ڪانگڙي سندس مٿان اچي ڪان ڪان ڪرڻ لڳي. ٻه دفعا، 4 دفعا بلڪ ايئن جڏهن گهڻو ڪرڻ لڳي تڏهن ٻين ته خيال نه ڪيو پر مير صاحب نوڪر کي حڪم ڪيو ته تون هن ڪانگڙي جي پويان وڃ ۽ ڏس ته اها ڪيڏانهن ٿي وڃي ۽ ڇا ٿي ڪري. چوڪيدار هوريان ويو ڏسي ته ڪجهه فاصلي تي هڪ ٻني ۾ ڪو ماڻهو وڻ پيو ڪپي، نه ڄاڻ ته ان تي ڪانگڙي جو آکيرو هو. نوڪر همراهه کي مير وٽ وٺي آيو، جنهن چيو ته مون وڻ خريد ڪيا آهن ان لاءِ وڍايان ٿو. مير صاحب ان ماڻهوءَ کي وڻ جا پئسا ڏيندي چيو ته هن تي جيئن ته ڪانگڙي جو آکيرو آهي ان ڪري اهو نه وڍج پوءِ ڪانگڙي جي آکيري وارو وڻ نه وڍيائون.
ساڳي طرح هڪ دفعي اڀري ۽ ڏٻري وڇ مير صاحب جي درٻار ٻاهران اچي بيهندي هئي. ايئن ڳپل ڏينهن گذري ويا. هڪ دفعي مير صاحب وڇ کي ڏٺو ۽ حڪم ڪيائين ته هي ڪنهن جي آهي سندس مالڪ کي وٺي اچو. جڏهن سندس مالڪ درٻار ۾ آيو ته پاڻ کانئس پڇيائون ته ابا وڇ ڏٻري آهي ڇو ٿو غريب جو حق کائين. هن جواب ڏنو ته سائين مان غريب ماهيڙ آهيان، جي وڇ کي ٿو کير پيئاريان ته ٻچا ٿا بک مرن. پاڻ حڪم ڪيائون ته اسان کان مينهن وٺي وڃ ۽ اها مينهن وڇ واري اسان کي ڏئي وڃ. مينهن ڌڻ ڇڏائي ڪري حڪم ڪيائون ته هي سڄي مينهن وڇ جي حوالي ڪريو ڀلي پي ڍءُ ڪري.

سوني جهرڪي

پيارا ٻارو، سڪندر مقدوني جو اوهان نالو ضرور ٻڌو هوندو. هن کي ساري دنيا فتح ڪرڻ جو جنون هو. سنڌ بابت هن ٻڌو ته تمام زرخيز ۽ شاهوڪار علائقو آهي ان ڪري پڪ ڪرڻ خاطر هڪ ڪاميٽي ”هيرو ڊوش“ جي اڳواڻي هيٺ موڪلي. هن جيڪا رپورٽ ڏني ان ۾ سنڌ ۾ دولت جي گهڻائي جو مثال ڏيندي لکيو ته، ”سنڌ جي صرف واريءَ ۾ به سون جون ڪڻيون موجود آحن. سنڌ جي اتر ۽ اولهه واري سرحد تي هڪ خاص قسم جون ڪوليون آهن، جيڪي لومڙ جي قد جيتريون آهن.اهي پنهنجن ٻرن ۾، واريءَ مان سون گڏ ڪري رکنديون آهن. سنڌ جا ماڻهو، ڪتن رستي انهن ماڪوڙين کي ڀڄائي ڪڍندا آهن ۽ انهن جي ٻرن مان سون هٿ ڪندا آهن.“ (جنت السنڌ)
ڀائرو، هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته اسانجي سنڌ ۾ سون ايترو ته جهجهو هوندو هيو جو هتان ٻاهر به موڪليو ويندو هيو ۽ ان جهڙو خالص ۽ نج سون ٻيو ڪٿي به نه لڀندو هيو. سمير جي ڪتبن ۾ آيل آهي ته، ”هت سنڌ مان سون جا جهاز، ڀرجي لنگر اچي هڻن ٿا.“ داراول (482 کان 522 ق.م) جڏهن پراڻي زماني ۾،سنڌ تي ڌاڪو ڄمايو ته هتان ڍل طور، هر سال 3 سؤ يلنٽ سون (جيڪو اڄ 5 ڪروڙن جو ٿئي) ٻن صدين تائين وصول ڪري ايران موڪليندو هو. حضرت سيلمان هڪ تجارتي معاهدي هيٺ، هر ٽئين سال ٻين شين کان سواءِ سون به جهجهي انداز ۾ حاصل ڪندو هيو. حضرت موسى جي دور ۾، اوفير شهر سون جي پيدائش ڪري مشهور هيو. جيئن ته اوفير سون جو هم معنى لفظ آهي. ان ڪري محققن جو رايو آهي ته، اوفير سنڌ جو پورو نالو هيو. رگ ويد جي زماني ۾ سنڌ جو سڪو سونو هوندو هيو جنهن کي نشڪ چوندا هيا. هنجو وزن 14 ماسا يا سوا تولو هو. مرد ۽ عورتون وڏي وزن وارا سونا هار پائينديون هيون.
ايران جي حاڪم سائرس اعظم (858-530ق.م) بابل کي فتح ڪري هندي ڏي سمند تائين رهندڙ قومن تي قابض ٿي ويو اهڙي طرح مهراڻ جي سموري ماٿري سندس قبضي ۾ اچي ويئي. هن کي سنڌ مان ڏهن لکن پائونڊن کان وڌيڪ ڍل ملندي هئي، جيڪا سموري سون جي صورت ۾ اڳاڙي ويندي هئي. هن جيڪو واپاري سڪو جاري ڪيو، ان ۾ نِجَ سنڌي سون هيو، ان سڪي جو وزن 30 اگرين هيو. ان ڪري ان سڪي جو ساري دنيا ۾ وڏو مان هيو. ايلم، ميڊيا ۽ بابن وارا سنڌ ۾ اچي سون خريد ڪندا هيا. سنڌ جون سون ايڪتانا سوسا ۽ بابل جي خزانن ۾ جمع ٿيندو هيو. دارا ٻئي جڏهن ايڪتانا (همدان تي قبضو ڪيو، تڏهن کيس بادشاهي خزاني مان 17 لک تولا خالص سنڌي سون هٿ آيو (تاريخ سنڌ) سڪندر مقدوني هيرو ڊوٽس جي رپورٽ کي نظر ۾ رکي سنڌ تي حملو ڪيو ۽ هتان ايترو سون هٿ ڪيائون جو سونا سڪا جاري ڪري ڇڏيائين.
عرب جڏهن هت واپار جي خيال سان آيا تڏهن هنن پنهنجن ياداشتن ۾ سنڌ جي سون جو ٻيٽ، قيمتي شين سان گڏ ذڪر ڪيو آهي ته هت ياقوت الماس سان گڏ سون به جهجهي انداز ملي ٿو. حضرت عمر رضه هڪ عرب سياح کان پڇيو ته سنڌ بابت تنهنجي راءِ ڇا آهي؟ ته، هن چيو ته، ”بحر هادر وجبلها ياقوت و شجرها عطر.“ يعني نه انجا درياءَ موتي، جبل ياقوت ۽ انجا وڻ عطر آهن. 4 صديءَ ۾ هتان موتي، سون، عطر ۽ جواهرات عرب ويندو هيو هڪ عرب سياح لکي ٿو ته ”عرب جا واپاري جدي کان سنڌ ڏانهن ان ڪري ايندا هئا، جو چين ۽ هند جي پاڻي ۾ موتي ۽ عنبر هوندو آهي ۽ انجي پهاڙن ۾ جاهر سون جون کاڻيون آهن..... ابن الفقيھ همداني لکي ٿو ته، ”سنڌ کي الله تعالى هي خصوصيت بخشي آهي جو هت هر قسم جي خوشبوءِ، جواهرات ياقوت الماس ۽ سون جام ملي ٿو.“ ڪارو منڊ: جي هڪ راجا جي مرڻ کان پوءِ، سندس هڪ مسلمان ڀائوار کي جيڪي سون ۽ جيڪي جواهرات مليا ان کي کڻڻ لاءِ، هزار ڏاندن جي ضرورت پئي.
محمد بن قاسم جڏهن 711ع ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هت سون، جيڪو خزاني ۾ رکيل هيو ۽ هڪ سونو بت حجاج کي موڪليو، ان سون جي رقم 12 ڪروڙ درهم هئي. ملتان جيڪو (ان وقت سنڌ جو هڪ حصو هيو) جي هڪ برهمڻ، هن کي هڪ پوريل خزاني جو ڏس ڏنو. جڏهن، هن ان کي کوٽايو ته ان مان کيس 330 ديڳيون سون سان ڀريل مليون، جنهن جو وزن 13 هزار 3 سؤ مڻ هيو. ملتان جي آفتاب مندر ۾ جڏهن هو گهڙيا، تڏهن سون جا انبار ڏسي، سندن واتان ”سون جي جهرڪي“ جا لفظ نڪري ويا. هن مندر وارو بت سون جو ٺهيل هيو ۽ سندس تاج سارو قيمتي هيو. هي سارو سون عربن کي هٿ آيو. قاضي رشيد بن زبير ”ازخائر والنحف“ ۾ هڪ ڳالهه لکي آهي ته ”خليفي وثق بالله جي زماني ۾ عمران بن موسى واليءَ سنڌ کي سنڌ ۾ قتل ڪيو ويو جڏهن واثق کي اها خبر پهتي، تڏهن عمران جي دولت تي قبضي ڪرڻ لاءِ بغداد ۽ سنڌ ڏانهن ماڻهو روانا ڪيا. جن عمران جي پٽ ۽ انجي ڀيڻ کي قيد ڪري سڄي دولت هٿ ڪئي جيڪا پنجن ڪروڙن تائين هئي. ان کان سواءِ ٻه هزار عود جون ٽوڪريون هيون واثق کي سنڌ مان جيڪو خالص سون مليو ان مان هن دستر خوان ٺهرايو. عمران پنهنجي زندگي ۾ واثق کي سنڌ مان جواهرات، سون ۽ چاندي جا ٺهيل برتن، سون جا ٺهيل تاج ۽ خالص چاندي ايتري مقدار ۾ موڪليا، جوان جي مجموعي قيمت 2 ڪروڙن کان وڌيڪ هئي.
هي تاريخي حقيقت آهي ته ڌارين ملڪن جا واپاري غلامن سان جهاز ڀرائي سنڌ جي مڪران واري استولا ٻيٽ ۾، سون جي کاڻين جي ڳولا ڪرڻ ايندا هيا. نيئر ڪوس کي سون جي کاڻين جي خبر هئي ان ڪري هو......... ۽ مصري ملاحن کي وٺي ٻيٽ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ پهتو هيو. مگر سندس ماڻهو ميدان هٿان مارجي ويا. (تاريخ سنڌ) 1026ع ۾ سيستان (سيوهڻ) ۾ سون جون وڏيون کاڻيون هيون. جنهنجي خبر سلطان محمود غزنوي کي پيئي ۽ هو ان کان پوءِ اهي کاڻيون زلزلن ڪري هميشھ لاءِ ختم ٿي ويون.
1555ع ۾ پورچو گيز جڏهن ٺٽي تي چڙهائي ڪئي، تڏهن هنن صرف 2 لکن پائونڊن جون سونيون اشرفيون ساڙي ڇڏيون. هڪ پورچوگيز واپاري ائنٽونيو يوڪارو (1631) ۾ لکي ٿو ته سنڌ ملڪ تمام شاهوڪار آهي. پورچوگيز جهاز جن مان هر هڪ جهاز 200.000 پئنٽڪاس جي موڙي جون سون ۽ چاندي هتان کڻي وڃن ٿا. اهڙا جهاز ڪيترائي اچن ٿا 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو تڏهن، هنن کي جيڪو سون مليو. ميرن وٽ سون چاندي جا ڪافي برتن ۽ تاج هيا.
هن وقت به سنڌ ۾ ڪافي سون جو ذخيرو آهي. سنڌو درياءَ جي واري مان به سون لڀڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. 1974ع ۾ ان وقت جي ٻارڻ، بجلي ۽ قدرتي وسيلن جي وزير حيات محمد شير پائو چيو ته ”سنڌوندي جي واري مان سون لڌو آهي. هيلتائين انجي چونڊ ڪيل زرخيز تهن مان ڏهه لک واري جي جزن مان 15 سيڪڙو سون لڌو آهي جن پنجن جماعتن انهن علائقن جو جائزو ورتو تن اڳ ۾ به 41 تولا سون لڌو.“ (هلال پاڪستان 25-1-74ع) سنڌ ۾ هاڻي به هڪ ذات ”ڌوڙڌيا“ آهي، جيڪا مٽي کي پاڻي ۾ پسائي، ان مان سون ڳوليندي آهي.

سونو ماڻهو سوني وادي

پيار! ٻارو! اڄ مان سنڌ بابت سڀن کي ڪجهه عجيب ڳالهيون ٻڌايان ٿو.
سونو ماڻهو: هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن سنڌ جي مرزا شاهه حسن ارغون حڪومت ڪندو هو. هن ٻڌو ته هڪ کوهه ۾ هڪ سونو ماڻهو آهي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان کوهه جي ڀرسان هڪ ٻيو کوهه کوٽائي نار چڙهي انهيءَ جو پاڻي ڪڍيائون.
کوهه خالي ٿيڻ تي اهو سونو ماڻهو انهيءَ مان اڏامي وڃي پاڻي سان ڀريل نئين کوهه ۾ پيو. جيتوڻيڪ ڪئين دفعا، هن ۽ هُن کوهه کي پاڻي کان خالي ڪيائون پر اهو سونو ماڻهو اڏامي ڀريل کوهه ۾ وڃي پوندو هو. آخر تنگ ٿي شاهه حسن کوهه کي پورائي ڇڏيو. چون ٿا ته ڪڇ جي راءِ ”* کي بن ڦل“ جي ڏينهن ۾ هڪ ٻوٽين جي خاصيت جو واقف جوڳي، هڪ اهڙي ٻوٽي جي ڳولا ۾ هو، جنهن کي جيڪڏهن پاڙان پٽي، باهه جي مچ ۾ کڻي ڪنهن ماڻهو سان گڏ ڦٽو ڪبو ته اهو ماڻهو سونو ٿي پوندو ۽ هنجو جيڪو به عضوو وڍبو ته انهيءَ جي جاءِ تي هڪ ٻيو نئون عضوو پيدا ٿيندو. اتفاقاً هڪ ڏينهن هيءَ جوڳي جو هڪ ڌڻ وٽان لنگهڻ ٿيو، جنهنجي هڪ ٻڪري جو وات ڳاڙهو هو. انهيءَ ٻڪري جي پويان گهمي، اها ٻوٽي لهي، پاڙان پٽي، ڌنار کي چيائين ته، باهه جي پوڄا جو ارادو اٿم، اچ ته گڏجي پوڄا ڪريون، تنهن تي ٻنهي ڄڻن گڏجي، ڪکن ڪنڊن جو ڍير ڪري، اها ٻوٽي به انهيءَ ۾ وجهي باهه ٻاري. جوڳي ٻڪرار کي چيو ته: اڳتي وڌ، باهه جو طواف ڪريون“ خوش نصيب ٻڪرار جي دل ۾ ڊپ پيدا ٿيو، تنهن جوڳي کي اڳ ۾ ڪيو هنکي جوڳي جي هلت مان معلوم ٿيو ته هو کيس باهه ۾ اڇلائيندو، سو اڳرائي ڪري، هنکي باهه ۾ ڌڪو ڏيئي پاڻ ڀڄي ويو. ٻئي ڏينهن ٻڪرار حالت معلوم ڪرڻ لاءِ انهيءَ رک جي ڍير تي آيو ته ڏٺائين ته جوڳي جا سڀ عضوا سونا ٿيا پيا هئا هن هڪ عضوو ڪپي، باقي کي زمين ۾ پوري، شهر ڏانهن هليو ويو، ٻئي ڏينهن عضوي کي ڪڍڻ لاءِ آيو ته اڳيون عضوو بحال ۽ سالم ڏٺائين اهڙي ريت ڪيترائي دفعا، جيڪو عضوو ڪپيندو رهيو سو وري ٻئي ڏينهن صحيح سالم ڏسندو رهيو. آخر جڏهن کيس ڍؤ ٿيو ۽ انهيءَ حالت ظاهرٿيڻ کان پوءِ سندس دل ۾ خوف پيدا ٿيو، تڏهن هن عجائب جو حال وڃي. لاکي“ کي سليائين، جنهن اتي وڃي ان سوني ماڻهو کي پاڻ سان کڻي آيو ۽ اهڙي طرح ڪپي، ڏاڍو فائدو حاصل ڪيائين ۽ ايتري ته دولت حاصل ڪيائين جو هڪ لک 25 هزار روپيا روزانو فقيرن سان حوالي ڪندو هيو. مرڻ وقت هن غريبن جي ڀلي جي دعا گهري. هن چاهيو ٿي ته دولت ڪنهن ٻئي کي نه ملي ۽ هن اهو سونو ماڻهو درياهه ۾ کڻي اڇلايائين. هن سوني بت کي تاريخ ۾ ”طولا پرسد“ سڏيو وڃي ٿو.
(2) سوني واري: ٻارؤ، اوهان سڪندر مقدوني تاريخ ۾ پڙهيو هوندو. هن سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ کان اڳ، اتان جي زرخيزي ۽ دولت جي گهڻي هاڪ بابت هڪ ڪاميٽي ”هيروسپھ سالار“ جي قيادت هيٺ جوڙي هئي. هن جيڪا رپورٽ لکي ان ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ جي درياهه ۾ سون جون ڪڻيون موجود آهن. سنڌ جي اتر ۽ اولهه واري حصي ۾ ٻي، هڪ خاص قسم جون ڪوليون آهن. جيڪي لومڙ جي قد جيتريون آهن. اهي پنهنجي ٻرن ۾ واريءَ مان سون گڏ ڪنديون آهن. سنڌ جا ماڻهو ڪتن رستي انهن ماڪوڙين کي ڀڄائي، سندن ٻرن مان به سون هٿ ڪندا آهن. ان کانسواءِ ”سنڌو درياءَ“ جي واريءَ مان به سون لڀي ٿو. هت هڪ خاص ذات ”ڌوڙ ڌيا“ آهي، جيڪا مٽي کي پاڻي ۾ پسائي، ان مان سون ڳوليندي آهي.“
ٻارو، هن وقت به اسانجي سونهاري ”سنڌو“ مان به سون ملي ٿو. 1974ع جي ٻارڻ، بجلي ۽ قدرتي وسيلن جي تڏهوڪي وزير حيات محمد شيرپاؤ بيان ڏنو هو ته ”سنڌوندي جي واري مان سون لڌو آهي. هيلتائين انجي چونڊ ڪيل زرخيز تهن مان ڏهه لک واري جي جزن مان 15 جزا سون جا لڌا آهن. اهڙي ريت 15% سيڪڙو سون لڌو آهي. جن پنجن جماعتن انهن علائقن جو جائزو ورتو تن اڳ ۾ به 41 تولا سون لڌو.“

دريا خان

پيارا ٻارو! گهڻن سالن جي ڳالهه آهي ته سنڌ تي سمن جي حڪومت هئي ۽ ڄام نظام الدين جو راڄ هيو، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو پيار وچان ”ڄام نندو“ چوندا هئا. ڄام نندي جو دور سنڌ ۾ خوشحالي آسودگيءَ جو دؤر هو. ملڪ ۾ امن امان هو، خير ۽ برڪت جو جواب ئي ڪين هو. سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا ۽ آسودا هئا. ملڪ ريان کيان هو. ديني، دنوي علمن جي اشاعت ملڪ جي چئني ڪنڊن ۾ عام هئي. مدرسا ۽ خانقاهون آباد، راڄ ۽ رعيت، امير خواه سپاهي سڀ آرام ۽ آسائش ۾ هئا. ڄام نندي علم ۽ حڪمت جا درياءَ وهائي ڇڏيا هئا. هو سير و شڪار جو به شوقين هو. هڪ دفعي شڪار ڪندي مٿان ڏينهن تپي ويو. اچي کيس اُڃ سوگهو ڪيو. ان ڪري لکمير وزير جي ننڍي نوڪر ”قبوليي“ کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيائين. ڇوڪرو پاڻي ڀري آيو، ڄام صاحب ڏٺو ته پيالي ۾ ڪک پيل آهن، ان ڪري ڪک ڪڍي پاڻي آهستگي سان پي، ڇوڪر کان پڇيائين ته ”تو پاڻيءَ ۾ ڪک ڇو وڌا؟“ جنهن تي قبوليي کيس جواب ڏنو ته ”ڪک انهيءَ لاءِ وڌا اٿم ته جيئن ڄام ههڙي گرميءَ ۾ پاڻي هڪدم نه پئي، متان ڪو کيس نقصان پهچي.“ ڄام سندس ڏاهپ ڀريو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس ٻانهن لکمير کان وٺي کيس ”دريا خان“ جو لقب ڏيئي، سندس ذاتي جوهر ڏسي، تربيت ڪري کيس بلند درجي تي رسايو. جيئن ته دريا خان هوشيار ۽ قابل هو، ان ڪري هو جلدئي وڏو درجو حاصل ڪري دلشاد وزير ٻين هيرن کان به اڳتي ٽپي مدرالهام امير الامرا ٿيو ۽ مبارڪ خان جو لقب مليس. بادشاهه کيس ڏاڍو ستائيندو هو ۽ مرڻ کانپوءِ پنهنجو پٽ فيروز کيس سپاري ويو. فيروز هي ڏينهن ۾ ملڪ ۾ بدامني پکڙجي پيئي، پر دريا خان جي تدبر ۽ بهادري سان هن ملڪ کي هلايو.
انهن ڏينهن ۾ شاهه بيگ ارغون، جيڪو قنڌار ۾ بابر جي ڊپ ڪري ڀڄي اچي سنڌ جي اڪڙي، چانڊڪي سڌيچه ڳوٺن تي حملو ڪيو ۽ اتي ڦرلٽ ڪئي. جڏهن دريا خان کي اها خبر پئي تڏهن هو لشڪر ڪاهي ارغون فوج تي وڃي ڪڙڪيو ۽ کين زبردست شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍياءِ. هن لڙائي ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ مارجي ويو. وري ارغونن کي طاقت نه ٿي جو سنڌ تي حملو ڪن. اهو 89هه جو زمانو هيو ۽ ڄام نندو زندهه هيو. ڄام نندي جي مرڻ کانپوءِ، فيروز تخت تي ويٺو. هو الهڙ ۽ اڻڄاڻ هيو. سڄو وقت عيش عشرت ۾ گذارڻ لڳو. هن قنڌار کان مغل گهرائي پنهنجي درٻار ۾ رکيا ۽ دريا خان کي ڪڍي مير قاسم ڪيبڪي کي درٻار ۾ رکيو. سندس ماءُ مدينه ماڇاڻي، دريا خان جي جان جي دشمن ٿي پئي. اها حالت ڏسي دريا خان مجبوراً پنهنجي جاگير ڳاهان ڏانهن هليو ويو. اها حالت ڏسي شاهه بيگ ارغون ڇيرن جامن سان سنڌ تي ڪاهه ڪئي. اها حالت ڏسي دولهه دريا خان لشڪر وٺي سندس سامهون ٿيو. ساموٿي وٽ زيردست لڙائي لڳي، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو ۽ پنهنجي جنم ڀومي مٿان سر صدقو ڪري سرهو ٿيو. فيروز ٺٽو ڇڏي ڀڄي ويو. شاهه بيگ 11 محرم 926هه مطابق 1519ع ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿي عام ڦرلٽ جو حڪم ڏنو. هي ڦرلٽ پورا 9 ڏينهن هلي ۽ ٺٽي جا غريب سنڌي هنن ظالم درندن هٿان ڦربا ۽ لٽبا رهيا. اها حالت ڏسي بهادر پيءُ جي بهادر ٻارن محمود ۽ مٺڻ ٻين سنڌي سوڍن سان گڏ، ٽلٽي وٽ شاهه بيگ سان جنگ ڪئي ۽ سنڌڙي تي مرڪندي جان ڏنائون ان کانپوءِ سنڌ اڍائي سؤ سالن تائين ڌارين جي قبضي ۾ رهي ۽ سواءِ ڪنهن ڏوهه جي هتان جو غريب عوام صدين تائين عذاب ۽ اذيت ۾ مبتلا رهيو.
ٻارو، اوهان ڏٺو ڪيئن ته هڪ لاوارث ٻار پنهنجي ڏاهپ، بهادري، سورهيائي، محنت ۽ اورچائي سان اعلى درجي تي پچهي، سنڌڙي جي مٿان حڪومت ڪري، وري ان تي سر ڏيئي سرهو ٿيو. دريا خان اڄ به زنده آهي. سندس ڪارناما اسان سنڌين لاءِ مشعل راهه آهن. شل اوهان مان به ڪي دريا خان، ڪي محمود ۽ ڪي مٺڻ تي سنڌڙي جي سڌ پوري ڪن.

سنڌي سونهان

پيارا ٻارو! سنڌ تي جن شاهي گهراڻن حڪومت ڪئي، تن مان ”سما“ خاندان به هڪ آهي. جن سنڌ تي 1351ع کان 1819ع تائين حڪومت ڪئي. هن خاندان ۾ اٺون حاڪم ڄام بابينو ثاني هو، جيڪو ڄام خيرالدين بن ڄام تماچي جو پٽ هو. هن سنڌ تي * ورهيه ڏاڍي شان ۽ شوڪت تان راڄ ڪيو. ساموئي جو شهر سندس ئي ٺهرايل آهي.
ڄام بابيني جي ڏينهن ۾ دهليءَ جي حاڪم فيروز شاهه تغلق سنڌ تي ڪاهه ڪئي. هنجي فوج 90 هزار سوار، 84 هزار پيادا ۽ سؤ هاٿي هئا. هن سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ دهلي جي سڀني اوليائن جي مزارن تي وڃي دعائون گهريون. ان کانسواءِ شڪر گنج جي مزار تي وڃي فتح جي بيک پني. سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿيندي، هن انهن کي حڪم ڏنو ته سنڌو درياءَ جي ڪناري تي جيڪي به ٻيڙيون آهن، سي قبضي ۾ آنديون وڃن. انڪري هڪ ته ٻيڙيون، سنڌي مهاڻن جون * کسي ورتيون. جڏهن ڄام تماچي کي اها خبر پيئي تڏهن، هن جي ميدان ۾ دهلي جي لشڪر جي جنگ ڪئي. سنڌ واسين جي دليري، شجاعت، همت ۽ دليري فيروز شاهه جي سوا لک لشڪر کي اهڙي ته شڪست ڏني جو هو گجرات ڏانهن ڀڄڻ لڳو. سنڌين جي جنگ ۾ دليري بابت خود فيروزشاهه جو خاص منشي شمس سراج حنيف تاريخ فيروز شاهي ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ جا ماڻهو بهادر، انجام جا پڪا، جنگ جا ڪوڏيا ۽ وطن جي حب ۾ دل ۽ حاجت لٽائڻ لاءِ سرشار آهن.“
جڏهن فيروزشاهه شڪست کائي گجرات ڏانهن ڀڳو تڏهن هن رستي جي سوڀ لاءِ ڪِي سنڌي سونهان زوري کنيا، جن کين ”ڪونجي رڻ“ وڃي ڇڏيو. هتان جو پاڻي تمام ڪوڙو هو. جڏهن بادشاهه اها حالت ڏٺي، تڏهن هو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ سنڌين کي گهرائي کانئن پڇيائين ته اوهان اسانکي هِت ڇو وٺي آيا آهيو. سنڌي محب وطن سوڍن جواب ڏنو ته ”اوهان اسانجي ديس ۽ قوم جا دشمن آهيو ۽ اسان کان آزادي جي نعمت کسي غلام بنائڻ لاءِ آيا آهيو. انڪري اوهان کي اهڙي هنڌ وٺي آيا آهيون، جتان ڪوبه زنده نه بچندو. اسانکي پڪ آهي ته اوهين اسانکي زنده ڪونه ڇڏيندؤ. پر اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. اسانجي قربانين ڪري اسانجي پياري وطن تان ڏرت ٽري ويندو هي جان وطن تان گهوري ته به ٿوري. اوهان جلد مري ويندؤ. ۽ سنڌ فتح ڪرڻ جو خواب گهري دور اٿؤ“ فيروز شاهه اها ڳالهه ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ سڀني سنڌي سورمن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. بادشاهه جو لشڪر ڏاڍو پريشان ٿيو. بک اُڃ، ڪمزوري ۽ بيماري سندن حال هيڻو ڪري وڌو. هن پنهنجو قيمتي سامان بيابان ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. ڪيتروئي لشڪر بک وگهي مري ويو ۽ سواري جا جانور به گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويا. هن بيابان ۾ فيروزشاه ڇهن مهينن تائين رلندو رهيو ۽ آخر ۾ کيس رستو ملي ويو ۽ هو فقيري حالت ۾ گجرات پهتو، جتان جي حاڪم نظام الملڪ کي هٽائي سندس جا گير ضبط ڪيائين.
ٻارو- ڏٺو ته ڪيئن نه سنڌ جي سورهين پنهنجي جان جي قرباني ڏيئي، پنهنجي پياري وطن کي ڌارين جي غلامي کان بچايو اسان جي تايخ اهڙن سرويچن جي سوين ڪارنامن سان ڀري پيئي آهي. شل اوهان به پنهنجن وڏڙن جي ڪار گذارين مان ڪجهه سکو.

حوالا

ڪتاب ”سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون“ لکڻ جي سلسلي ۾ حوالي طور ڪم آندل ڪتابن جي لسٽ.

* جنت السنڌ- مولائي شيدائي
* تمدن سنڌ- مولائي شيدائي
* تحفة الڪرام- مير قانع ٺٽوي
* ابن بطوطه جو سفر- مترجم: محمد ابراهيم عباسي
* تاريخ معصومي- مير معصوم شاهه بکري
* مڪلي نامو- سيد حسام الدين راشدي
* تاريخ سنڌ (عهد ڪلهوڙا)- غلام رسول مهر
* يادگيريون (نائون مل)- حنيف صديقي
* اهي ڏينهن اهي شينهن- علي محمد راشدي
* مرزا غازي بيگ ترخان (اردو)- مسعود اختر رضوي
* حڪايات اقبال (اردو)- ڊاڪٽر اقبال
* منهنجي آتم ڪهاڻي- ڊاڪٽر دائود پوٽو
* سهه ماهي مهراڻ- 1 ۽ 2، 1958ع
* سهه ماهي مهراڻ قائداعظم نمبر 1976ع
* سهه ماهي مهراڻ 1 ۽ 2-1980ع- ڊاڪٽر بلوچ جو مضمون
* روزانه مهراڻ- سالگرهه نمبر 1960ع ۽ 1961ع
* نئين زندگي- مختلف پرچا
* ڏيئي ڏنڀ ڏڏن- دادا سنڌي