ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي روايتن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردار ن بابت ٻارڙن لاءِ لکيل 46 ڪهاڻيون شامل آھن. دادا سنڌي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگھندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.“
ٻاراڻو ادب
سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون
- 5.0/5.0
- 1379
- 473
- هڪ مهينو اڳ
- 2

سنڌ سلامت پاران
ڪتاب جو مطالعو ڪريوڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ دادا سنڌي
- ڇپيو ويو 2017
- ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-969-9866-74-6
- آن لائين ٿيو 12/Jun/2020
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 473 ڀيرا