ٻاراڻو ادب

سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي روايتن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردار ن بابت ٻارڙن لاءِ لکيل 46 ڪهاڻيون شامل آھن. دادا سنڌي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگھندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.“
  • 4.5/5.0
  • 1317
  • 442
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

مڇ جا ٿونا

گهڻن سالن جي ڳالهه آهي ته، سنڌ تي هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. سندس نالو هو مرزا محمد باقي. هو عيسيٰ ترخان جو پٽ هو، جيڪو دنيا جي مشهور ڌاڙيل ۽ خوني حاڪم چنگيز جي پيڙهيءَ مان هو. سنڌ ۾ ترخان شاهه بيگ ارغون سان گڏ آيا. جڏهن هڪ ارغوني حاڪم شاهه حسن بنا اولاد جي مري ويو، تڏهن عيسيٰ ترخان سندس بيواهه زال سان شادي ڪري 962 هجري ۾ تخت تي ويٺو. هو 12 ورهيه راڄ ڪري 973 هجري ۾ وفات ڪري ويو. سندس مرڻ کانپوءِ مرزا محمد باقي تخت تي ويٺو.
سنڌ امن، محبت، پيار ۽ قرب واري ملڪ ۾ هي هڪ بخيل، ظالم ۽ تمام بدمزاج بادشاهه هو. ماڻهن جي رت وهائڻ ۽ کين چيچلائي مارڻ ۾ مزو ايندو هوس. تاريخ سندس خوني ڪارنامن ۽ سياح ڪارين سان ڀري پئي آهي. هن ظلم جا نت نوان طريقا ايجاد ڪيا. جاهلن، خوشامدڙين ۽ چاپلوسين کي وڏا وڏا عهدا ڏنائين. جن ظلم، ڦرلٽ ۽ ٺڳي ڪري هزارين رپيا گڏ ڪيا.
مرزا محمد باقي وٽ ڪجهه ترخان امير وظيفو گهرڻ لاءِ آيا. هن ساڻن ٻئي ڏينهن ملڻ جو انجام ڪيو پوءِ هن ڇا ڪيو جو ماڙي تي هڪ هڪ پيتي ۾، ٻه-ٻه هٿياربند ويهاري، اميرن کي گهرائي چيو ته: ”اوهين خزاني جي گهر ڪندا رهو ٿا. جيتوڻيڪ مان ۽ منهنجو پيءُ اهو خزانو ضرورت جي وقت سنڀاليندا ٿي آياسون پر اوهان هاڻي زور ٿا ڀريو ته پوءِ بيشڪ کڻو پر اوهان جو متان خزاني تي ٽڪراءُ ٿي پوي، ان ڪري مان هيٺ لهي ٿو وڃان ۽ اوهين خزانو ورهائي کڻو.“ ۽ هو هيٺ هليو ويو. ايتري ۾ پيتين مان هٿياربندن نڪري، سڀني اميرن کي ماري ڇڏيو ۽ بادشاهه سندن حويلين تي لشڪر موڪلي، نه ڇڏيائين ڪو ٻار يا ٻچو، اصل بڻ بنياد به ختم ڪري ڇڏيائين. ڪيترا ماڻهو سندس خوف کان گجرات ڀڄي ويا. هڪ دفعي هن کي ڪجهه سون جي ضرورت ٿي. هن پنهنجن آفيسرن کي گهرائي چيو ته: ”مرزا شاهه حسن جا آفيسر هر سال کيس مقرر مقدار ۾ سون جا زيور سوکڙي طور ڏيندا هئا پر اوهان ڇو نه ٿا آڻيو. جلدي ڪري کڻي اچو.“ هو وائڙا ٿي ويا. ڪٿان آڻين ايترو سون! بس سنڌ جي غريب عوام لاءِ، آفيسرن قهر ٻاري ڏنو. هتان هُتان مسڪينن کان زر ۽ زيور ڦري پاڻ به رکيائون ته بادشاهه کي به ڏنائون.
مرزا محمد باقي سنڌ تي 20 سال حڪومت ڪئي. سندس دور حڪومت اڳين فرمانروائن کان وڌيڪ اونداهون ۽ ظالمانه دور آهي. اهو ڏينهن خالي نه هو، جنهن ڏينهن ڪنهن بي گناهه کي قتل نه ڪيو ويو هجي. اها سندس روز جي کيڏ هئي. ڪنهن جو نڪ، ڪنهن جو ڪن، ڪنهن جو چپ، ڪنهن جو هٿ ۽ ڪنهن جي ٻانهن هو هروڀرو به ڪپرائيندو هو. هاٿيءَ هيٺان انسان کي لتاڙائي مارڻ هن جي خاص وندر هئي. پنهنجي ماٽيلي ماءُ ماهه بيگم کي جيل ۾ وجهي بکون ۽ اڃون ڏيئي مارائي ڇڏيائين. هڪ ڀيري سندس پٽ شاهه رخ اوچتو مري ويو. بس پوءِ ته سائين همراهه اچي ڦٽو. محلات جي عورتن کي ٽوئن ۾ ويڙهي، کين جيئري باهه ڏياري ڇڏي. مردن کي هاٿين جي پيرن ۾ ٻڌرائي گهٽين ۽ بازارين ۾ گهمائي مارايائين. چئي: ”هنن منهنجو پٽ مون کان جدا ڪيو آهي.“
هو بزرگ ۽ عالم جي ته ڪَڍ هو. انهن مان ڪن کي شهر کان ٻاهر رهائي چيائين ته: ”اسان جي حڪومت جا بدخواهه اسان جي شهر ۾ نه رهن.“ ڪيترن ئي عالمن کي ته بنهه مارائي ڇڏيائين. هو جنهن به عملدار تي ڪاوڙبو هو ته ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، سندس لاش گهر موڪليندو هو. ڪنهن ٻاهران آيل ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ملاقات لائق سمجهندو هو ته پاڻ وٽ گهرائي ان جي ظاهري طور وڏي عزت ڪندو هو. پوءِ مراد مهاڻي جي ٻيڙي تي کيس چاڙهي درياءَ جي سير تي موڪليندو هو، جيڪو ان کي درياءَ ۾ ڌڪو ڏيئي ماري ڇڏيندو هو. اهو سڀ ڪجهه هو ان ڪري ڪندو هو ته جيئن ٻاهرين دنيا کي سندس ظلمن جي خبر نه پوي.
مرزا محمد باقي جي انهن ظلمن ۽ ايذائن بابت تاريخدان لکن ٿا ته مسلمان مسجدن ۾ ۽ هندو ٽڪاڻن ۾ کانئس ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاڏائڻ لڳا. آخر هڪ رات اوچتو هن پنهنجي پيٽ ۾ تلوار هڻي پاڻ کي ماري ڇڏيو. اهو 993 هجري جو زمانو هو. سندس تربت مڪلي تي آهي.
متو آهين مَڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،
تو جا ڀانئين اڇ، تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا.