ٻاراڻو ادب

سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي روايتن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردار ن بابت ٻارڙن لاءِ لکيل 46 ڪهاڻيون شامل آھن. دادا سنڌي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگھندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.“
  • 4.5/5.0
  • 1317
  • 442
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

مهاڳ

تاريخ هڪ مستقل فن آهي، تاريخ قوم جو عظيم ورثو آهي. تاريخ قوم جي تجربيگاهه آهي. تاريخ جي ليبارٽري ۾ قوم جي نسل کي عظيم درس ڏنو وڃي ٿو. قوم فردن جو مجموعو آهي ۽ فرد تاريخ جي پيداوار آهي. تاريخ نئين نسل جي اوسر ڪندي آهي. تاريخ فرد ۾ حب الوطني جو جذبو، ٻڌي، اتحاد، کري کوٽي جي سڃاڻ، پنهنجن پراون، سڄڻن ۽ دشمنن، غدارن ۽ سرويچن جي پرک پيدا ڪندي آهي. تاريخ هڪ روشن منارو آهي، جيڪو ايندڙ نسل جو سونهون بڻجي، منجهن پنهنجي اباڻي ورثي جي ساڃهه پيدا ڪندو آهي. تاريخ ئي زندهه قومن جي جيوت جو نشان آهي. قوم جي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي، جنهن قوم جي تاريخ نه آهي، اها قوم دنيا ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي نٿي سگهي. تاريخ اهو روشن ڏيئو آهي، جيڪو ساڻيهه ۽ ساڻيهين جي جٽاءَ جو راز ٻڌائي ٿو. تاريخ اهو آئينو آهي، جنهن ۾ ان قوم جو ماضي جهلڪون ڏيندي نظر اچي ٿو ۽ اها قوم پنهنجي شاندار ماضيءَ کي اڳيان رکي حال ۽ مستقبل جي اوسر ڪري تي. تاريخ هر قوم جي نئين اوسر ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿي ۽ نئين نسل جي تربيت ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي، جو زندهه ۽ خوددار قومون، پنهنجي تاريخ کي محفوظ ڪنديون آهن. پنهنجيون تاريخي روايتون، نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ وڏا وڏا جتن ڪنديون آهن.
اسان جي تاريخ عظيم آهي، اسان جو تاريخي ورثو قابل فخر آهي. اسان عظيم تاريخ جا وارث آهيون. اسان عظيم قوم جا فرد آهيون ۽ اسان جون تاريخي روايتون به عظيم آهن. اسان تاريخ جي هر دور ۾، پاڻ کي دنيا جي وڏن ۽ جابر ڦورن ۽ لٽيرن کان بچائڻ لاءِ، آزاديءَ جي نعمت کي قائم رکڻ لاءِ، وطن جي بقا ۽ سالميت لاءِ، ليون ۽ لڄن، ٻنين ۽ ونين جي حفاظت لاءِ سِرَن جا سودا ڪيا. سچ پچ انهن سر ڏنا، پر سُر نه ڏنو. وڙهندي وڃي سوريءَ سامهان ٿيا، پر ڌارين آڏو پنهنجي قومي سڃاڻپ، خودداري، انانيت ۽ وطن دوستي جي جذبي، احساس ۽ تقاضا کي مَرُ لائڻ نه ڏنائون.
هيءَ حقيقت آهي ته، ٻار آئنده جو ابو آهي. مستقبل جو اڏيندڙ آهي، اسان جي سهڻن ۽ وڻندڙ سپنن جي تعمير آهي، اسان جو قيمتي اثاثو آهي. ان ڪري سندس ذهني تعمير به ايئن ڪرڻ گهرجي، جيئن هو پاڻ ۾ زندهه قومن واريون روايتون ۽ گڻ پيدا ڪري، هڪ زندهه قوم جو فرد بڻجي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ هڪ ڪارگر ايڪو بڻجي سگهي. چوڻي آهي ته: ”ٻار آهي مڇ جو وار، جيڏانهن ورائينس، تيڏانهن تيار.“ نفسياتي طرح ٻار ۾ وڏن جي نقل ڪرڻ جي جبلت ۽ ذاتي لاڙو موجود آهي، ان ڪري تاريخ جا عظيم واقعا، ڪهاڻيءَ جي شڪل ۾ ٻڌائي، منجهس تاريخي شعور پيدا ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي ٻار شوق سان ٻڌندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيءَ مان ٻار جي کوجنا واري امنگ کي تسڪين ملي ٿي ۽ هو سوچن ۾ پنهنجون اڌوريون خواهشون پوريون ٿيندي ڏسندو آهي. ان ڪري تاريخي ڪردارن کي ڪهاڻي جي روپ۾ پيش ڪري، ٻارن آڏو آڻجي ته جيئن هو سٺن ڪردارن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪري، انهن ۾ جذب ٿي وڃن ۽ خود ان وانگر پاڻ کي محسوس ڪن ۽ ان جهڙو رول ادا ڪن. اهڙيءَ طرح ٻار جي ذهني نشونما به ٿيندي، سندس صلاحيت به اجاگر ٿيندي ته منجهس وطني لاڙو، ذهني سجاڳي ۽ قومي درد به پيدا ٿيندو. اهوئي سبب آهي جو زندهه قومون تاريخ لکڻ لاءِ وڏا وڏا قومي ادارا قائم ڪنديون آهن.
اهو ارادو ڪري مون 1974ع کان سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، جيڪي ماهوار ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ ڇپيون. انهن ڪهاڻين کي سنڌ جي ٻارن ڏاڍو پسند ڪيو ۽ منهنجي حوصله افزائي ڪئي وئي. اهڙي طرح مون ٻارن جي هر رسالي ۾ ڪهاڻيون لکيون. ”گل ڦل“ جي مانائتي ايڊيٽر سائين انور هالائي زور ڀري مون کان هر مهيني ڪهاڻي وٺڻ شروع ڪئي، جن مان ڪجهه ڪهاڻيون هن ڪتاب ۾ ڏيان ٿو.
هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.
جيڪڏهن سنڌ جي ٻارڙن هن ڪتاب کي پڙهي، ان زرين اصول ”پاڻ لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئڻ“ کي اپنائي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين جي اتساهه لاءِ پاڻ کي وقف ڪيو ته آءٌ سمجهندس ته مون کي هن ڪتاب جو لاڀ حاصل ٿيو.
مان سائين نياز همايوني جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن مسودي کي نظر مان ڪڍي،غلطين جي نشاندهي ڪئي ۽ ساڳئي وقت سائين محمد ابراهيم جوئي جن جو به ٿورائتو آهيان، جنهن نيڪ مشورن سان نوازيو ۽ مسودي کي ڏٺو.


دادا سنڌي