آزاديءَ جي راهه
سنڌ جا رهاڪو فطرتاً آزادي پسند آهن ۽ هو گهڻو وقت محڪوم رهي نٿا سگهن. ان وقت به هتي ڪي اهڙا سورهيه ۽ سوڍا پٽ هئا، جن آزاديءَ جي چڻنگ پئي دکائي ۽ ان لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ دستور هوندو هو ته هر شهر جو منتظم به بادشاهه طرفان مقرر ٿيل هوندو هو، ان ڪري سيوهڻ جو سردار به رتن نالي هڪ هندو هو. جنهن کي بادشاهه ”سنڌ سردار“ جو لقب ڏيئي سيوهڻ ۽ ان جا پرڳڻا جاگير طور عطا ڪري، هتان جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. هن اچڻ سان ئي سختي شروع ڪئي ۽ جيڪي چونڊ ماڻهو سياسي شعور ۽ قومي سجاڳي رکندڙ هيا ۽ جن کي پنهنجي جنم ڀومي جي آبرو جو احساس هو، تن کي گرفتار ڪرائي سخت سزائون ڏنيون. اهڙي طرح هي هٿ جو گڏو، تغلق جي اشارن تي پنهنجي ئي گهر جا سورهيه مارڻ لڳو. اهي ظلم ڏسي، هتان جي عوام امير ونار ۽ امير قيصر جي هٿ هيٺ منظم ٿي، رات جي اونداهيءَ ۾ ناظم جي تنبوءَ تي حملو ڪري، هن اقتدار جي بکئي ۽ حڪومت جي پٺوءَ کي قتل ڪري، سنڌ کي هن ظالم کان نجات ڏياري. سنڌين متفق راءِ ٿي ونار انڙ کي پنهنجو سردار بڻائي ”ملڪ فيروز“ جو لقب ڏئي سنڌ جو حاڪم بڻايو.
اها خبر جڏهن بادشاهه محمد تغلق کي پئي، تڏهن هو باهه ٿي ويو. سندس اقتدار جي ڪوٽ کي اڏوهي کائي ڇڏيو. سنڌ جهڙو سرسبز، خوشحال ۽ آسودو صوبو هٿان هليو ويو. سوني آني ڏيڻ واري ڪڪڙ جي وڃڻ تي هن کي ايڏو ارمان ٿيو جو بروقت سنڌ جي گورنر عمادالملڪ کي حڪم ڏنائين ته هو هڪ وڏو لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهي وڃي ۽ باغين کي سخت سزا ڏئي. حڪم ملندي ئي هو هڪ وڏو ڪٽڪ سيوهڻ تي چاڙهي آيو. هتان جي رهاڪن ساڻس جنگ ڪئي، پر لکن جي لشڪر کي، هڪ شهر وارا ڪيئن پهچن؟ آخر هو قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيا. عمادي فوج شهر جو گهيرو تنگ ڪري، منجنيقون استعمال ڪيون ۽ مٿن گولا وسائڻ لڳا. مجبور ٿي شهر جا رهاڪو، سر تريءَ تي رکي، ميدان جنگ ۾ ڪڏي پيا، زبردست جنگ لڳي. آخر بادشاهي لشڪر صلح جو ڍؤنگ رچائي، لڙائي بند ڪرائي. جڏهن امير ونار پنهنجي ساٿين سان گڏجي وٽن صلح جا شرط ٻڌڻ آيو، تڏهن هنن دغا سان کيس قتل ڪري، سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ۽ انهن جو سمورو مال ضبط ڪيو. سيوهڻ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ، عمادي لشڪر شهر کي ڦري چٽ ڪري ڇڏيو. هو هر روز، انهن آزاديءَ جي پتنگن مان چونڊ ڪري، ڪن کي قتل ڪرائيندو هو ته ڪن جون جيئري کلون لهرائيندو هو. اهي انساني کلون بهه سان ڀرائي سيوهڻ جي قلعي جي ديوار تي لٽڪايون ويون، جن کي ڏسي ماڻهو هيسجڻ ۽ دهلجڻ جي بجاءِ انهن سورمن جي ڪارنامن تي فخر ڪرڻ لڳا. انهن سورهين جون سسيون وري وچ شهر ۾ گڏ ڪرايون ويون، جيڪي هڪ ٽڪري وانگر نظر اينديون هيون. سندن ڏيک ڀيانڪ ۽ خوفناڪ هوندو هو. جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن سسين جي ان ٽڪري کي ڏٺو هو.
ٻارو، ڪجهه وقت ته سنڌ ۾ سانت رهي پر پوءِ وري به بغاوت ٿي. ان وقت محمد شاهه تغلق پاڻ ڪاهه ڪري آيو، پر حق ۽ سچائيءَ جي متوالن هر راهه تي، هنن ظالم حاڪمن کي مات ڏئي سنڌ مان تڙي ڪڍيو. اڄ نه اهو محمد شاهه تغلق آهي نه عمادالملڪ آهي پر سنڌ آباد آهي ۽ سدا آباد رهندي.