سچ جا سرواڻ
چون ٿا ته شيخ شهاب الدين جيڪو وقت جي وڏن مشائخن ۽ صالحين مان هو سو چوڏهن ڏينهن جو لاڳيتو روزو رکندو هو. قطب الدين جهڙا بادشاهه سندس در جو سلامي ڀريندا هئا. هن کي محمد شاهه پنهنجي نوڪري ۾ رکڻ جي آڇ ڪئي پر هن انڪار ڪيو. ان تي همراهه آپي کان ٻاهر نڪري ويو، کيس سخت عذاب ڏئي شهيد ڪرائي ڇڏيو. حضرت بهاءُالدين ذڪريا رحه جي پوٽي شيخ هود کي به هن بي درديءَ سان مارايو.
محمد شاهه تغلق جي هن سفاڪانه دور ۾ سنڌي ويچارا به ڪئين مارجي ويا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته بادشاهه جي درٻار ۾ ٻه سنڌي فقهه جا عالم رهندا هئا. هن کين حڪم ڪيو ته ”آءٌ هڪ امير کي فلاڻي ملڪ جو والي مقرر ڪريان ٿو. اوهان ساڻس گڏجي وڃو. ان ملڪ جي رعيت اوهان جي حوالي ڪريان ٿو، تنهن ڪري هي امير به جيئن اوهان چوندا، ايئن ڪندو رهندو.“ تنهن تي هنن سنڌي صاف دل عالمن کي کڻي ٿي کُٽي، سو سچ ڳالهائيندي چيائون: ”اسان هن امير تي شاهدن وانگر رهنداسون ۽ جيڪي به سچ هوندو هن کي چوندا رهنداسين.“ بس سائين، بادشاهه بِر ٿي ويو، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس، غضبناڪ آواز ۾ چيائين: ”توهان جي نيت ٺيڪ نه آهي، توهان سنڌي ڏاڍا چالاڪ آهيو، توهان جو خيال آهي ته منهنجو مال کائيندا رهو ۽ ان جو الزام وري هن بيوقوف ترڪ امير تي لڳائيندا رهو.“ ايئن چئي حڪم ڪيائين: ”هنن ٻنهي سنڌين کي شيخ زاده نهاونديءَ وٽ وٺي وڃو.“ هيءَ شيخ عذاب ڏيڻ جو ناظم اعليٰ هو ۽ عجيب طريقن سان ماڻهن کي جسماني ۽ ذهني سزائون ڏيندو هو. هن ٻنهي سنڌين کي صلاح ڏني: ”بادشاهه اوهان کي مارائڻ ٿو چاهي، ان ڪري کڻي پنهنجو ڏوهه قبوليو.“ هنن ويچارن جي نيت خراب هجي ته مڃين سو شيخ حڪم ڪيو ته هنن کي عذاب جو مزو چکرايو وڃي. بس سائين پوءِ ته هن دنيا جي دوزخ جا داروغا اچي ويا جن کين سنئون سڌو زمين تي ليٽائي، سندن سينن تي تتل لوهه جون سرون رکيون، ٿوري دير کانپوءِ جڏهن اهي ٺري ويون، تڏهن انهن کي لاهڻ سان گڏ، سيني جو گوشت به گڏ لهندو آيو. پوءِ وري انهن زخمن تي گند به مليو ويو. اهڙي طرح کين ٻيا انيڪ ايذاءُ ڏيئي، بادشاهه جي حڪم تحت قتل ڪيو ويو.
اهڙي طرح هي سنڌي فقهه جا عالم سڳورا، تاريخ ۾ حق جون روايتون ڇڏي، سچ جي سينڌ ۾ هميشه لاءِ سينڌور ڀري پاڻ کي امر بڻائي ويا.