وطن جا ويري
ميرن جو دور حڪومت هو. انگريز هتي واپاريءَ جي روپ ۾ داخل ٿي چڪا هئا پر سندن ارادو سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو هو. ان وقت هنن کي اهڙي ماڻهوءَ جي ضرورت هئي جيڪو سندن مدد ڪري ۽ جاسوس ٿي ڪم ڪري. اهو سارو ذمو نائون مل پنهنجن ڪلهن تي کنيو. 1837ع ۾ جڏهن انگريزن جو هڪ ٻيڙو، سنڌ جي سامونڊي ڪنارن جي جانچ پڙتال ڪرڻ آيو، تڏهن نائون مل هنن کي هر قسم جي مدد ڏني. جڏهن افغانستان جي حاڪم شاهه شجاع سنڌ تي حملو ڪيو تڏهن انگريزن کيس مدد ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر موڪليو جنهن لاءِ نائون مل 15 سئو اٺ، اناج ۽ ٻيو سامان مهيا ڪيو. حيدرآباد تائين پاڻ فوج سان گڏ رهيو ۽ کين مفيد معلومات ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ شڪارپور تائين فوج جي مدد لاءِ پنهنجي ڀاءُ سکرامداس ۽ ٻين ڪيترن ئي نوڪرن کي موڪليائين. جڏهن انگريزي فوج ڪراچيءَ ۾ لٿي تڏهن سڀ سنڌي کين نفرت سان ڏسڻ لڳا ۽ کين کيڪاريائون به ڪو نه. مگر نائون مل انهن کي ماني کارائي، بندرگاهه ۽ گهر تائين گاڏيون ۽ ٻيڙيون ڏنيون. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن ۽ سنڌين جي جنگ لڳي، تڏهن هو انگريزن تان گهور پئي ويو. ميرن جي منصوبن جون سڀ ڳالهيون هو انگريزن کي ٻڌائيندو رهيو.
هڪ دفعي ميرن پنهنجي فوجي ٽولي کي ڪراچيءَ ۾ انگريزي ڇانوڻي تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو ته نائون مل اها ساري خبر اڳواٽ انگريزن کي ٻڌائي ۽ اهڙيءَ طرح ميرن جو حملو ناڪام ويو. جنگ جي دور ۾، هن خاص ماڻهو مقرر ڪري، نيپيئر ۽ پاٽنجر کي ٽپال پهچائڻ جو انتظام ڪيو. جڏهن دٻي جي جنگ ۾ ميرن کي شڪست ملي، تڏهن به بهادر سنڌي جٿا ۽ فوجي ٽولا ٺاهي ڌار ڌار هنڌن تي انگريزي ڇانوڻين تي حملا ڪندا هئا. سندن اها ترڪيب ڪامياب ٿي وڃي ها، پر نائون مل جاسوسي ڪري انهن مان ڪيترن ئي کي نيپئر هٿان مارائي ڇڏيو. انهن سرويچ شهيدن ۾ جوکيا ۽ ڪرمتي پيش پيش هئا، ان غداريءَ جو ذڪر نائون مل پاڻ پنهنجن لفظن ۾ هيئن ڪري ٿو: ”اسان کي ٽڪريءَ تان جوکين ۽ ڪرمتين جون جهوپڙيون صاف ڏسڻ ۾ پئي آيون. ڪيتريون ئي زالون کليل وارن سان، سامهون ٽڪرين طرف ڊوڙنديون ٿي ويون. هڪڙا ٻار ڪڇن ۾ هئن ۽ ٻيا سندن پٺيان ڀڄندا ٿي ويا. چلهين تي ديڳڙا چڙهيا پيا هئا ۽ جنڊن ۾ پيٺل ۽ اڻ پيٺل ان پيو هو. پيادن ۽ ٻين انگريز عملدارن کي منهنجو ڀاءُ سکرامداس ٻئي رستي کان وٺي آيو. تن جهوپڙيون ڦري چٽ ڪري ڇڏيون. ڦر ۾، چاڪر خان جي ڀيڻ جو ڏاج به مليو. مائي جي شاديءَ ٿورا ڏينهن اڳ ٿي هئي، ۽ ڀاڄ وقت هو سمورو سامان ڇڏي ويا.“
ٻارو، ڏٺوَ! هن سنڌي ڪپت جي ديده دليري. هي شيرشاهه جا شڪرا هئا. جن انڌ ۾ پنهنجي گهر جا ڪڪڙ ماريا. هن هر جاءِ، هر مهل تي انگريزن سان ملي، ايئن سنڌي سورمن کي پئي مارايو. ان کان سواءِ سنڌ جي ڪن وڏيرن کي ريهي ريبي، لالچون ڏيئي نيپئر جي درٻار ۾ آڻي انگريزن سان وفادار ٿي رهڻ جا قسم به پئي کڻايا. سندس اطلاع تي ڏيڍ لک رپين جو لڪل مال انگريزن کي مليو. هڪ انگريز عملدار بارٽل فريئر لکيوآهي ته: ”1843ع ۾ جڏهن ميرن سان اسان جي جنگ لڳي تڏهن نائون مل پنهنجي جان ۽ مال جوکي ۾ وجهي جانفشاني ڪري ميرن جي ارادي ۽ منصوبي جي صحيح معلومات پهچائي، جنهن جي وسيلي اختياريءَ وارا هنن جي منصوبن ۽ حرڪتن جو اڳواٽ تدارڪ ڪري پئي سگهيا.“ ساڳئيءَ طرح ڪرنل بائلر چوي ٿو ته: ”نائون مل انگريزن جو شيدائي آهي. هن تي اسان جو اهڙو اعتبار آهي، جهڙو پنهنجي ڪنهن خاص ماڻهوءَ تي“ پاٽنجر جو چوڻ آهي ته: ”سيٺ نائون مل منهنجيون ٻانهون ۽ ٽنگون هيون، جيڪي منهنجي جسم کي کنيو بيٺيون هيون.“
سيٺ نائون مل 1831ع کان وٺي، پنهنجي آخري دم تائين سواءِ ڪنهن معاوضي وطن جي دشمن انگريزن جي هر طرح خدمت ڪئي، ان ڪري راڻيءَ پاران هن کي ”ستاره هند“ جو تمغو مليو ۽ راڻي کيس نياپو موڪليو ته ”هن تمغي مان توکي خبر پوندي ته اسان کي تنهنجي ذات ۽ تنهنجين خدمتن لاءِ ڪيڏو نه گهڻو قدر آهي.“ هن کي 2 سئو رپيا ماهوار پينشن، ٽن پيڙهين تائين ۽ ٻارهن سئو ايڪڙ زمين به جاگير ۾ ملي. مرڻ وقت به نائون مل، پنهنجي انگريز آقائن لاءِ پنهنجي اولاد کي وصيت ڪئي ته: ”انگريز سرڪار، هڪ روشن سورج ۽ ڏيا جو مها ساگر آهي، تنهن ڪري اوهين سڀيئي انگريزن سان سچا ۽ وفادار رهو. سرڪار جي خدمت ڪرڻ لاءِ هر دم تيار رهو. جڏهن به کين ضرورت پوي ته دل ۽ جان سان سندن مدد ڪريو.“
ٻارو! تاريخ ۾ جيڪڏهن چڱن جون چڱايون ياد رهن ٿيون ته برن جون برايون به ڪڏهن ڪين ٿيون وسرن.