محنت جو ڦل
هيءُ ٻار، جڏهن مئٽرڪ پڙهڻ لاءِ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ آيو، تڏهن کيس بافتي يا کدڙ جا ڪپڙا، ڪاري صدري ۽ پراڻي سنڌي جتي پيل هئي. شاهوڪارن جا ٻار کيس ڏسي کلڻ ۽ چٿرون ڪرڻ لڳا، پر هيءُ غريب ۽ خوددار نينگر اڏول بڻيو بيٺو رهيو. ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگيائين. بورڊنگ هائوس جا لالٽين صاف ڪري ۽ کٽون واڻي، پنهنجي لاءِ ڪتاب ۽ ڪپڙا خريد ڪندو هو ۽ انهن پئسن مان ڪجهه بچائي ڳوٺ مائٽن کي به موڪليندو هو. هر وقت استادن جي خدمت چاڪريءَ ۾ رهندو هو. پنهنجي ”آتم ڪهاڻي“ ۾ هيءُ ٻار لکي ٿو ته ”اسين به ماستر صاحبان جون ڏاڍيون خدمتون چاڪريون ڪندا هئاسين، گرميءَ ۾ جهليون ڇڪيندا هئاسين، سندن گهر جو پاڻي ڀريندا هئاسين ۽ ٿڪبا هئا ته ڀيڙون به ڏيندا هئاسين. هي سڀ ڪم راءِ رضا سان ڪندا هئاسون ۽ ماسترن جي سيوا ۾ اسان کي خوشي ٿيندي هئي.“
هيءُ ٻار پنهنجي محنت ۽ هٿ جو پورهيو ڪري، هر امتحان ۾ هميشه پهريون نمبر آيو. بي اي ۽ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ هيءُ نوجوان ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو. لنڊن ۾ به هيءُ خوددار سنڌي نوجوان هميشه سادي زندگي گذاريندو هو. نوڪرن هوندي به پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو هو. چوندو هو ته ”ڏسو سوٽ جي کيسي ۾ 2، 3 اڳڙيون پيون اٿئو، متان اوهين ايئن سمجهو ته مان وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان. مان ته اهوئي ساڳيو سادو سودو آهيان.“ هن نوجوان جو نالو عمر هو ۽ پوءِ ڊاڪٽر عمر دائودپوٽو سڏجڻ لڳو. هو پهرين بمبئي جي هڪ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو پوءِ کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو پرنسپال بڻايو ويو. هن کي غريب شاگردن لاءِ احساس هو، هڪ لڱا ڪنهن غريب شاگرد سنڌ مدرسي ۾ اچي داخلا ورتي. هن جو غريبي حال ڏسي ڊاڪٽر صاحب جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ پنهنجي هڙان رقم ڏيئي سندس مدد ڪيائين. هو پاڻ وٽ هڪ خاص فنڊ رکندو هو، جنهن مان ڪيترن ئي غريب شاگردن کي امدادون ڏيئي، سندن تعليم تي ڌيان ڏيئي، هر ويلي انهن جي مدد ڪندو هو.
ڊاڪٽر دائودپوٽي جي زندگي اسان لاءِ هڪ سبق آهي. هو هڪ غريب هاريءَ جو ٻار ٿي، پنهنجي محنت، مشقت ۽ هٿ جي پورهئي سان ترقي ڪري سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. هن ان دور ۾ سنڌ جي اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل عوام لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسڪول قائم ڪيائين. بالغن جي تعليم کي همٿايائين. سنڌ يونيورسٽي برپا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو.
ڊاڪٽر دائودپوٽو، سچار ۽ صاف دل هو. ننڍي هوندي کان ئي خوشامد ۽ چاپلوسيءَ کي ڌڪاريندو هو. پنهنجن ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ خود پورهيو ڪندو هو، پر ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيائين. هو ان کي غيرت جي خلاف سمجهندو هو. حق ۽ سچ سان عشق هوس. سندس سخاوت ۽ فراخدلي ايتري قدر هئي، جو وڏي لاڪئون هوند جي ڏينهن ۾ پنهنجي آمدنيءَ جو اڌ يتيمن ۽ مستحق شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪندو هو. ڪيترن ئي غريب ۽ مسڪين اديبن جي به مالي مدد ڪندو هو.
ڊاڪٽر دائودپوٽو، سنڌي زبان جو وڏو عالم ۽ اديب به هو. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان کيس بي انتها عشق هو، جيڪو سندس مضمونن ۽ تقريرن مان ظاهر آهي. سندس قلم ۽ زبان سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ مخصوص هيا. ڪيترائي ادبي ۽ تاريخي ڪتاب لکيائين.
ڊاڪٽر دائودپوٽي جي حياتيءَ مان جيڪو سنڌي ٻارن کي سبق ملي ٿو، سو اهو آهي ته انسان پنهنجي زندگي پاڻ بڻائي ٿو. هڪ اڻ ٿڪ ۽ محنتي ماڻهو دل لائي ڪم ڪرڻ سان زندگيءَ جي سفر ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي سيرت جا مکيه پهلو ٻه آهن: هڪ آهي علم جي تحصيل ۽ تڪميل لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ ۽ ٻيو سليقي سان زندگي گذارڻ، ۽ علم ۽ فڪر جي دنيا ۾ مقام پيدا ڪرڻ. سندس زندگيءَ ۽ سندس مثالي جدوجهد مان ثابت ٿو ٿئي ته مشڪل پسند ۽ عملي ماڻهوءَ لاءِ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون خود رهبريءَ جو ڪم ڏين ٿيون ۽ ڏاکڙا ۽ جاکوڙ مورڳو سونهان ۽ ساٿي ٿي ساڻ هلن ٿا.
شال، اسان جا سنڌي ٻالڪ به پاڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب واري همت ۽ جرئت پيدا ڪري، علم جي روشنيءَ سان ساري جڳ کي جرڪائين ۽ پاڻ به جرڪن.