شاعر جي سزا
ان جاني بيگ جو پٽ هو مرزا غازي بيگ ترخان جيڪو ان وقت به پيءُ سان گڏ هو. مرزا جاني جڏهن 1009 هجري ۾ وفات ڪئي، تڏهن اڪبر کيس سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو. ان وقت غازي بيگ 16 ورهين جو ٻار هو، مگر هن جنهن قابليت ۽ هوشياري سان حڪومت جو چرخو هلايو، سو قابل تعريف آهي. هو رحمدل ۽ مستعد حاڪم هو. هن ماليات جي نظام ۾ سڌارا ڪيا ۽ اهڙا قدم کنيا جو آمدني ۾ ڪافي واڌارو ٿيو. هو باهمت، بهادر ۽ جنگي فن جو ماهر هو. لکن ٿا ته: ”جي موت هن کي مهلت ڏي ها ته هو سخاوت ۽ شجاعت ۾ حاتم ۽ رستم ٿئي ها.“
مرزا غازي بيگ کي سڀني ترخاني حاڪمن کان جيڪا ڳالهه جدا ڪري ٿي، اها آهي سندس علم پروري، ادب نوازي ۽ شاعرانه طبيعت. هو پاڻ اعليٰ پائي جو شاعر به هو ته موسيقار به، سندس تخلص ”حليمي“ هو، جيڪو هڪ شاعر کان هڪ هزار رپيا، قيمتي پوشاڪ ۽ گهوڙو ڏيئي خريد ڪيو هئائين. هو شاعرن ۽ عالمن جي وڏي قدرداني ڪندو هو. ڪيترن ئي عالي دماغ ۽ باڪمال شاعرن کي عزت ۽ احترام سان پاڻ وٽ گهرائي انهن تي سون ۽ چاندي جي ورکا ڪندو هو. ان ڪري خراسان ايران ۽ عراق کان شاعر لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا، جن تي هر وقت مرزا جي انعامن جي پالوٽ ٿيندي رهي.
هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته هڪ مسڪين ۽ غريب شاعر، مرزا جي درياءُ دلي ٻڌي، ساڻس ملڻ آيو، پر نوڪرن کيس بادشاهه تائين پهچڻ نه ڏنو. ان ڪري هن ڏک مان ڪجهه هجويه شعر چيا، جيڪي بادشاهه جي چيف سيڪريٽري شهبازي خان ٻڌي ورتا. شهبازي هن کي مار ڏيئي هڪالي ڪڍيو. شاعر کي ارمان به ٿيو ۽ ڪاوڙ به آئي. هو تاڙ ۾ رهڻ لڳو ته ڪٿي مرزا ملي وڃي ته ساڻس هي ساري ماجرا بيان ڪجي. آخر شڪار ڪندي مرزا کيس ملي ويو. شاعر ساري ڳالهه کيس ٻڌائي. بادشاهه شهبازي ڏانهن منهن ڪيو. هن جواب ڏنو ته: ”شاعر اوهان جي گلا پئي ڪئي، جيڪا مون کان سٺي نه ٿي، ان ڪري مون کيس مار ڏني.“ اهو ٻڌي بادشاهه چيو ته: ”ان وقت تو هن جي زبان ڪاڪڙي کان ڇو نه ڪپي ورتي.“ مرزا پنهنجي خاص نوڪر کي حڪم ڪيو ته سڀاڻي شاعر کي کلئي ميدان ۾ آندو وڃي ته کيس سزا ڏني وڃي.
ٻارو، ٻئي ڏينهن تي شاعر ڊڄندو ۽ ڏڪندو ميدان ۾ پهتو. هاٿيءَ کي به اتي آندو ويو. هجوم ماڻهن جا اچي گڏ ٿيا. ڪنهن ٿي سمجهيو ته شاعر کي هاٿي جي پيرن ۾ اڇليو ويندو ته ڪنهن ٿي سمجهيو ته هاٿي سونڊ ۾ شاعر کي کڻي اڇليندو، پر شاعر کي اوچتو حڪم ٿيو ته هاٿيءَ تي سوار ٿئي. ان کانپوءِ کيس بهترين پوشاڪ پهرائي ويئي. ايتري ۾ بادشاهه روبرو اچي شاعر کي رپين جي ڳوٿري ڏني ۽ شهبازي خان کي مخاطب ٿي چيائين ته: ”اي امير، شاعر جي زبان هن نموني وڍي ويندي آهي. پڪ ڄاڻ ته اڄ کانپوءِ هي شاعر منهنجي خلاف هڪ لفظ به نه ڪڇندو، پر هو هر نموني، هر جاءِ ۽ هر وقت منهنجي ساراهه ڪندو رهندو.“ اهڙي طرح شاعر هزار رپيا، خلعت ۽ هاٿي انعام ۾ سزا طور وٺي رمندو رهيو.