دادا سنڌي

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ محقق دادا سنڌيءَ جو اصل نالو ڪريم بخش ولد محمد قاسم سومرو هو. سندس جنم 5 جولاءِ 1945ع تي ڳوٺ داد لغاري تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ ٿيو. سندس والد پوليس عملدار هو. دادا سنڌيءَ، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ انگريزي تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين. بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ان کان سواءِ بي. ايڊ ۽ ايم. اي (سوشيالاجي) جي ڊگري به حاصل ڪيائين. دادا سنڌي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت شروع ڪئي ۽ بعد ۾ ترقي ڪندو، سترهين گريڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو. هو شاگردن کي نصابي سبقن سان گڏ تاريخ جون حقيقتون، حوالا ۽ سمجھاڻيون به ڏيندو هو. ملازمت مان 1994ع ۾ رٽائر ٿيو. دادا سنڌي ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت ئي سادو، خوش مزاج، حساس دل ۽ کلمک ماڻهو هو. سندس پرورش علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿي. سندس ڀاءُ قادر بخش ۽ چاچي الهه بخش جي لائبرري هوندي هئي، جنهن ۾ ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ سندس ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. سندس پهريون مضمون روزاني ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيو. کيس سنڌ جي تاريخ جي مطالعي جو شوق مشهور تاريخدان مولائي شيدائي ۽ رشيد ڀٽيءَ سان ملاقاتن کان پوءِ پيدا ٿيو. هن پهريون تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ون يونٽ تحريڪ دوران لکيو ۽ ان کان پوءِ ڪيترا مقالا ۽ مضمون لکيائين، جيڪي ماهوار ’نئين زندگي‘، ’پيغام‘، ٽه ماهي ’مهراڻ‘، ’نئين سوچ‘، ’اخبار تعليم‘ ۽ مختلف روزانين اخبارن ۾ لاڳيتو ڇپجندا رهيا. هن ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ مختلف موقعن تي اسڪرپٽ پڻ لکيا. سندس ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن: (1) ’ڏيئي ڏنڀ ڏڏن‘، (2) ’سنڌين جي فوجي مهارت‘، (3) ’سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون‘، (4) ’1957ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ‘، (5) ’سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما‘، (6) ’اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار‘، (7) ’سومرن جي دور جا سورما‘، (8) ’تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون‘، (9) ’مٺو محبوب ڌارين جي نظر ۾‘، (10) ’سنڌ جا عوامي ڪردار‘ وغيره. ان کانسواءِ سندس ڪيتريون اڻ ڇپيل تصنيفون موجود آهن.

دادا سنڌيءَ کي هڪ اديب، ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت سان مڃتا طور ڪجهه اوارڊ به مليا، جن ۾: سنڌي ادبي سنگت اوارڊ (1987ع)، سنڌالاجي اوارڊ (1987ع)، آل سنڌ ٻالڪ اوارڊ (1987ع)، آءِ. سي. آءِ ڪمپني اوارڊ (1988ع)، سنگت قلم اوارڊ (1993ع) ۽ سنڌ سڀيتا سوسائٽي اوارڊ (1993ع) شامل آهن.

سنڌ جو هي تاريخدان ۽ محقق، 11 جنوري 1998ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي دادا سنڌي جا ڪُل 17 ڪِتاب موجود آھن


دادا سنڌي جا ڪتاب

سنڌ جا عوامي ڪردار، ليکڪ : دادا سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ جا عوامي ڪردار
ليکڪ : دادا سنڌي
سنڌين جي فوجي مهارت، ليکڪ : دادا سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌين جي فوجي مهارت
ليکڪ : دادا سنڌي
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، ليکڪ : دادا سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن
ليکڪ : دادا سنڌي
سنڌ جي عالمن  جا سونهري ڪارناما، ليکڪ : دادا سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما
ليکڪ : دادا سنڌي
خوشحال سنڌ، ليکڪ : دادا سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
خوشحال سنڌ
ليکڪ : دادا سنڌي
سومرن جي دور جا سورما، ليکڪ : دادا سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سومرن جي دور جا سورما
ليکڪ : دادا سنڌي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ