ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي 21 عظيم مدبرن ۽ عالمن جو جيونيون شامل آھن.
دادا سنڌي نه رڳو، وڏن لاءِ لکيو آهي پر سنڌي ٻارن کي سنڌ سان روشناس ڪرائڻ ۽ سنڌي مشاهيرن بابت ڄاڻ جو بار به پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي. ان ڏس ۾، سندن ڪتاب ”سنڌ جو تاريخي ڳالهيون“ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. هي ڪتاب ”تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون “ پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جو اميد ته ننڍن سان گڏ وڏن کي به پسند پوندو. هن ڪتاب جو هر ڪردار سنڌ جي تاريخ ۽ ساهت جو هڪ مڪمل باب آهي. ان ۾ شامل هر ماڻهو، موتي داڻو آهي. هر انسان، مثالي انسان اهي.
سنڌ شناسي
تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون
- 0/5.0
- 3688
- 1077
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تاريخي ماڻھو تاريخي ڳالھيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي 21 عظيم مدبرن ۽ عالمن جو جيونيون شامل آھن.دادا سنڌي نه رڳو، وڏن لاءِ لکيو آهي پر سنڌي ٻارن کي سنڌ سان روشناس ڪرائڻ ۽ سنڌي مشاهيرن بابت ڄاڻ جو بار به پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي. ان ڏس ۾، سندن ڪتاب ”سنڌ جو تاريخي ڳالهيون“ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. هي ڪتاب ”تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون “ پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جو اميد ته ننڍن سان گڏ وڏن کي به پسند پوندو. هن ڪتاب جو هر ڪردار سنڌ جي تاريخ ۽ ساهت جو هڪ مڪمل باب آهي. ان ۾ شامل هر ماڻهو، موتي داڻو آهي. هر انسان، مثالي انسان اهي.
هي ڪتاب 1992ع ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ دادا سنڌي
- ڇپيو ويو 1992
- ڇپائيندڙ سنڌ تحقيقي بورڊ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 22/Jan/3332
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1077 ڀيرا