تعارف
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سنڌ جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ پڙهائي ويندي هئي ۽ درسي ڪتابن ۾، سنڌي مشاهيرن بابت، سبق شامل ڪيل هوندا هئا. ان ريت سنڌ جي نئين نسل کي آگاهي ڏبي هئي. بدقسمتي سان ان بعد هي صورتحال جاري نه رهي. آهستي آهستي ڪري،نصاب مان سنڌ جو ذڪر ۽ خيال خارج ڪيو ويو. اڄ جي اتفاق سان دودي چنيسر جي ڳالهه، ڪنهن ڪتاب ۾، سبق طور اچي ٿي ته دانهون، ڪوڪون ۽ رڙيون، واڪا، اسيمبلين جي ايوانن ۾ ٻڌجن ٿا. مقصد رڳو هي آهي ته سنڌي ڪتابن ۾ سنڌي بجاءِ هند ۽ سنڌ بجاءِ، علي ڳڙهه جو ذڪر ٿئي. ڄڻ ته دريا خان، هوشو ۽ دودو نه هن ڌرتي جاڄاوا هئا ۽ نه وري انهن جو اسان تي ڪو حق به آهي.
ان ڏکوئيندڙ ۽ دل آزاريندڙ، صورتحال ۾ دادا سنڌي نه رڳو، وڏن لاءِ لکيو آهي پر سنڌي ٻارن کي سنڌ سان روشناس ڪرائڻ ۽ سنڌي مشاهيرن بابت ڄاڻ جو بار به پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي. ان ڏس ۾، سندن ڪتاب ”سنڌ جو تاريخي ڳالهيون“ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. هي ڪتاب ”تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون “ پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جو اميد ته ننڍن سان گڏ وڏن کي به پسند پوندو. هن ڪتاب جو هر ڪردار سنڌ جي تاريخ ۽ ساهت جو هڪ مڪمل باب آهي. ان ۾ شامل هر ماڻهو، موتي داڻو آهي. هر انسان، مثالي انسان اهي. علامه آءِ – آءِ قاضي صاحب، بلاشبه سنڌ جو روشن ضمير فلسفي هو. ڪامريڊ جتوئي سنڌ جو سچو خادم هو. ملازمت ۽ سياست گڏ نه ٿيون هلن. جڏهن سنڌ جي سياست ۾ پنهنجي ضرورت سمجهايائين، تڏهن نوڪري کي لت هڻي، ميدان عمل ۾ اچي ويو. جمشيد نسروانجي ۽ ڏيارام گدومل کي سنڌ جي تاريخ مان خارج ڪيو ويو آهي، جا هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت آهي. روپلو ڪولهي، غلام محمد لغاري ۽ مسڪين جهان خان ٿر سان گڏ، سنڌ جي اتهاس ۾ وڏو مرتبو رکن ٿا. سيد حسام الدين راشدي راشدي مرحوم پورهيت اديب هو. هن سنڌ جي تاريخ کي جيڪو رخ ڏنو.اهو اسان جهڙن سيکڙاٽ لکندڙن لاءِ مشغل راهه آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ حسن علي آفندي جي علم دوستي عالم آشڪار آهي. هيمون ڪالاڻي ۽ سيد صبغت الله به حق سچ لاءِ آخرڪار ڦاسي جي ڦندي تي پهتا. مسڪين لاءِ شهيد عنايت جي قرباني وڏي عرصي تائين ياد ڪئي ويندي. مريد جت، مائي ڄيٺي، حڪيم صالح، پنڊت چانڪيه، شيخ خضر سڀ جا سڀ ڪردار مثلي ٿي گذريا آهن.
چوندا آهن ته يا ٿجي مڙس يا ويجهي مڙسن جي پاڙي ۾. ولي محمد لغاري ۽ غلام رسول ڪيهر بلاشڪ مٿير مرد ٿي گذريا آهن. جيسين نواب ولي محمد لغاري زندهه هو تيسين ميرن جي صاحبي به برقرار رهي ته سنڌ جي آزادي به محفوظ. نواب صاحب جيئن ئي فوت ٿيو، تيئن ئي ٽالپرن جي حاڪميت ختم ٿي. خانصاحب غلام رسول ڪيهر جڏهن سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر هو تڏهن مجال آهي، ڪنهن ميمبر کي جو ايوان جو تقدس پائمال ڪري. اڄ جڏهن پاڻ هن جهان ۾ ڪونهي ۽ سنڌ جي حالت بدلجي چڪي آهي، تڏهن سندس کوٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي.
دادا سنڌي صاحب، هن سڀني ڪردارن تي دل کولي لکيو آهي. پنهنجي سرت ۽ ساڃهه کي، وڏي همت ۽ سچائي سان پني تي آندو آهي. سندس ٻولي سلوڻي، صاف سٿري ۽ اجائي ٺاهه ٺوهه کان آجي آهي. خدا ڪري ته دادا سنڌي پنهنجي ساڻيهه سنڌ بابت اڃا به گهڻو لکي.
غلام محمد لاکو
ليڪچرار
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ