نواب ولي محمد لغاري
نواب ولي محمد لغاري، مير فتح علي خان کان وٺي مير غلام علي جي دور تائين، سنڌ جو حقيقي معنى ۾ حاڪم رهيو. هن ٻاهرين مداخلت کي ٻنجو ڏيئي، سنڌ جي مڪمل آزادي کي برقرار رکيو. شڪارپور ۽ ان جي پسگردائيءَ وارو علائقو، ڪابل جي بادشاهه، تيمور شاهه ابدالي، پٺاڻن جي قبضي کان آزاد ڪرايو. ڪراچي جو پرڳڻو، ميان عبدالغني قلات جي والي جي حوالي ڪيو هو، سوبه هن ٻيهر سنڌ سان ملايو. ميان عبدالغني جيڪو نڪ جو نرڄو هو ۽ کيس جنم ڀومي جي نيڪنامي، لڄ ۽ ناموس جو ڪوبه خيال ڪونه هو، تنهن مير بجار خان کي مارائڻ جي عيوض، عمرڪوٽ جو پرڳڻو، جوڌپور جي راجا جي حوالي ڪيو هو، سو کائنس واپس ورتائين. اهڙي طرح هن، سنڌ جي سرحدن کي مضبوط بنائڻ لاءِ، قلعن جي تعمير ڏانهن ڌيان ڏنو. هن مختلف ڪوٽن ۽ قلعن جو ڪم، اٺن سالن ۾ پورو ڪرايو. پهريائين فتح ڳڙهه ۽ اسلام ڪوٽ قلعا ٺهرايا جنهن ڪري جوڌپور جو راجا، سنڌ تي حملو ڪري نه سگهيو. لاڙ ۾ وڪربندر، جاتي بندر ۽ ساڪري طرف ننڍا ننڍا ڪوٽ ٺهرايائين. 1234هه ۾ سندس نظرانداري ۽ مشهوري هيٺ، رني ڪوٽ جو مشهور قلعو 17 لک روپين سان ٺهيو، جيڪو دادو ضلعي ۾ آهي ۽ سنڌ ۾ قلعن جي تعمير جي فن جو هڪ نمايان يادگار آهي.
نواب ولي محمد، ڪجهه وقت لاڙڪاڻي جو گورنر به ٿي رهيو. ان زماني ۾ هن اتي واهه ۽ ڪڙيا کوٽيا ۽ ملڪي تعلقات کي بهتر بنائڻ لاءِ، ٻاهرين ملڪن ڏانهن نمائيندا موڪليا ۽ ساڻن خط و ڪتابت ڪئي. جڏهن هو وزيراعظم ٿيو، تڏهن حڪومت جو سمورو انتظامي حڪم، اندروني يا بيروني سندس هٿ ۾ هو. عدالتي اختيارات هلائڻ، جاگيرون ڏيڻ، آبپاشي ۽ حفاظتي انتظام لاءِ آخري فيصلا ڪرڻ ۽ ڍلن ۽ محصولن جا، اگهه مقرر ڪرڻ مطلب ته هر لحاظ کان هو مختيار ماليه هو.
هن زماني ۾ انگريز به هندستان ۾ داخل ٿي چڪا هئا ۽ هندستان جي اندروني علائقن تي قبضا ڪندا پئي رهيا. سندن لالچي نظرون سنڌ ۾ به هيون. نواب صاحب هنن جي چال مان چڱي طرح واقف هو. هو چوندو هوته:
” آن فرنگي ک فتدها دارد، بائهال نيز کيز ها دارد“
يعني فرنگي سنڌ جي عوام ۽ حاڪمن ٻنهي جو دشمن آهي ۽ ٻنهي سان ڪينو رکي ٿو. هو هنن جي سخت خلاف هو. هڪ دفعي ٺٽي ۾، انگريزن جو هڪ جهاز آيو، جنهن تي فرنگي جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. نواب صاحب، اهو برداشت ڪري نه سگهيو ته، سنڌ جي علائقي ۾، هڪ غير قوم جو جهنڊو جهومي. ستت ئي ڪجهه سوار وٺي اتي پهتو ۽ جهنڊي کي لاهي، هيٺ اڇلي چند انگريز سپاهي ماري واپس وريو. جيمسبرس لکي ٿو ته ” نواب ولي محمد ۾، نه فقط اميرن جو ڪلي اعتبار آهي، پر عجب اهو ته عوام کي به سندس واسطي عزت ۽ احترام آهي.“
مطلب ته نواب ولي محمد لغاري، سنڌ جو گهڻگهرو ۽ سورهيه پٽ هو. هو عوام توڙي حڪمرانن ۾، هر دلعزيز شخصيت هو. هو جيستائين زندهه رهيو تيستائين ٽالپربه، متحد رهيا ته، سنڌ جي عظيم سرزمين تي، انگريز به قابض ٿي نه سگهيا. هن ئي، سنڌ کي سنڌين جي سرزمين سمجهيو ۽ پٺاڻن، افغانن ۽ ايرانين کي سنڌ مان تڙي، هن کي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم رياست بنائي رعيت ۽ حڪمرانن ۾ هڪ جيترو مان حاصل ڪيو.