علامه آءِ – آءِ قاضي
علامه امداد علي قاضي پٽ امام علي قاضي، هڪ مڃيل مڃايل انسان هو. هو قدرت جي فياضين جو هڪ انوکو نمونو هو. انساني اوصاف جو حسين مجموعو هو. ذهني ۽ روحاني ڪمالات جو پتلو هو، ڏاهپ جو ڏيئو هو، دانش جو درياهه هو، علم ۽ فضل جو خزانو هو. هن پنهنجي ساري حياتي انسانذات لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هڙان توڙي وڙان، غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪري کين اعلى درجي تي پهچايو. سندن سڀاءُ وري اهڙو هو، جو ڪنهن کان به شيءَ مدد طور وٺڻ پسند ئي نه ڪندو هو. پاڻ نهٺو نماڻو، خودي جو صاحب ۽ پنهنجي راءِ جو پاڻ مالڪ هو. هي تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن پاڻ خيرپور رياست جا جج هئا. ميرن جي حڪومت هئي، جيڪي پاڻ اڇي ڪاري جو مالڪ سمجهند هئا. سندن حڪم کان سواءِ پن به نه چرندو هو. مير علي نواز خيرپور رياست جو والي هو. سندس خاص نوڪر، ڪنهن ڏوهه ۾ قاضي صاحب وٽ حاضر ٿيو، ۽ مير صاحب، قاضي صاحب کي سفارش ڪئي ته کيس آزاد ڪيو وڃي. علامه صاحب اها حالت ڏسي، نوڪري ڇڏي اچي گهر ويٺو. اهڙي طرح انصاف ۽ حق پرستي کي هٿان نه وڃڻ ڏنائين.
علامه قاضي صاحب کي سنڌ جي نوجوان نسل جي تعليم ۽ تربيت لاءِ وڏو اونو هوندو هو، 1951ع ۾ جڏهن کيس يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بنايو ويو، تڏهن پنهنجون سموريون صلاحيتون، استعال ڪري يونيورسٽي کي هن اعلى درجي تي پهچايو. ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان لڏائي حيدرآباد آندو ويو ۽ سنڌ جي هن اعلى درسگاهه جو سارو لڏو چئن ٽرڪن ۾ مس هو. علامه صاحب حڪومت کي يونيورسٽي جي گرانٽ وڌائڻ لاءِ لکيو ته وزير تعليم جواب ڏنو ته ” سنڌ يونيورسٽي کي اسان سنڌ مدرسه وانگر هڪ لک روپيا گرانٽ ڏيون ٿا. باقي قاضي جي گهر ته سوکين ڪو سمجهائي ته اسان کي سارو پئسو، سنڌ يونيورسٽي تي خرچ ته ڪونه ڪرڻو آهي، پر ساري سنڌ جي تعليم کي سڌارڻو آهي.“ مجبورن قاضي صاحب ان هڪ لک روپئي جي خيرات مان پائي پائي بچائڻ لاءِ، سنڌ يونيورسٽي جي عملي کي پرزور تاڪيد ڪيائون. يونيورسٽي جي ڪم لاءِ يا وي – سي جي حيثيت ۾ پنهنجي لاءِ ڪابه موٽر ڪار نه ورتائون. گهر کان يونيورسٽي اچڻ لاءِ 75 روپين جي حساب سان گهوڙي گاڏي رکيائون. پر اهي پئسا به يونيورسٽي جي بدران پنهنجي پگهار مان ڏنائون. آفيس مان سندس گهر، مس اسٽيلون ۽ ٻيا پنا موڪليا ويا ته انهن جو بل پاڻ ادا ڪيائون ۽ چيائون ته مون کي ڪوبه حق ڪونهي، جو يونيورسٽي جي اسٽيشنري پنهنجي گهر يا پنهنجي ڪم ۾ آڻيان. “
ان ئي زماني جو هڪ واقعو آهي ته پاڻ يونيورسٽي جي سائنس لئبارٽري جي سامان وٺڻ لاءِ، انگلينڊ ويا ته اداري ڀاڙي وٺڻ کان نابري واريائون. پٺيان اختياري وارن اها رقم سندن بئنڪ اڪائونٽ ۾، داخل ڪري ڇڏي. جڏهن موٽڻ تي، کين اها خبر پئي تڏهن ساڳئي رقم جو چيڪ ڪڍي، يونيورسٽي جي اڪائونٽ ۾ داخل ڪندي، چيائون ته ”بابا! آءُ ته ذاتي ڪم سبب لنڊن ويو هوس ۽ سامان سڙي وٺڻ لاءِ ڪو ايڏو پئسو ۽ وقت به ڪونه لڳو هو، جو مان ان جو عيوضو وٺان يونيورسٽيءَ جو ايترو ته مون تي حق آهي، جو مان سندس ضروري سامان وٺي روانو ڪيان.“
علامه صاحب، هڪ سادو سودو سنڌي هو. سندن زندگي سنئين سڌي ۽ صاف سٿري هئي. اجائي ڏيک ويک ۽ ڪوڙي اڊنبر کان ڪوهين ڏور هو. هيڏي وڏي ماڻهو هوندي به ساري حياتي، هڪ مسواڙي مڪان ۾ گذاريائين. پاڻ پنهنجي روزاني اٿڻي وهڻي ۾ هڪ پائي به اجائي ۽ فضول خرچ نه ڪيائين. جڏهن يونيورسٽي جي اعلى عمارت جڙي راس ٿي ۽ آفيس کي سينگاري والارڻ جو ويلو آيو ته پروفيسرن ۽ پنهنجي آفيس ۾ تڏا ۽ نکون وڇارائي ڇڏيائين. چيائون ته ” گلم ۽ غاليچا آهن، وڏن ماڻهن جون عياشيون، اسان سنڌي ماڻهو آهيون مارو ماڻهو. اسان جو اباڻو ورثو ۽ مرڪ آهي ڪک پن. هي ادارو مارو ۽ مسڪين ماڻهن جي غريب يونيورسٽي آهي ۽ سندس مول مقصد آهي، علم ڦهلائڻ، نه گلم غاليچن جي نمائش ڪرڻ.“
قاضي صاحب هڪ خوددار ۽ آزاد منش هئا. هو عالمن کي سيني سان لائيندا هئا ۽ علم جي شائقين کي قرب جي نظر سان ڏسندا هئا. سندس ضرورتن کي پورو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهند هئا. سندس چوڻ هو ته ” جڏهن انسان ڪنهن جي خدمت ڪرڻ جي لائق نه رهي، تڏهن ان کي جيئڻ جو ڪوبه حق ڪونهي. ان ڪري پاڻ جيستائين زندهه رهيا، علم ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائيندا رهيا ۽ ڪيترائي پياسا هن سرچشمي مان آب حيات جون سرڪون ڀري پاڻ به تعليم جي روشن شمع بڻجي ويا. سندس بنگلي تي هروقت ماڻهن جو انبوهه رهندو هو. جتي نوجوان نسل کي خودداري، انسان دوستي ۽ روحانيت جو سبق ملندو هو.
علامه صاحب جي وڏي خوبي هيءَ هئي ته هو ٺلهي خوشامد، ڪوڙي تعريف ۽ آفيسرانه رعب تاب کان نفرت ڪندا هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته صوبائي گورنر، مشتاق احمد گورماني، حيدرآباد ۾ منزل انداز ٿيو ۽ چانسلر جي حيثيت ۾ يونيورسٽي گهمڻ پئي آيو. قاضي صاحب سندس ڏنل وقت تائين انتظار ڪيو، پر هو نه آيو ۽ آفيس ٽائيم کان پوءِ اچڻ لاءِ چيو. پاڻ جواب ڏنائون ته ”مون کي افسوس آهي جو آفيس ٽائيم ختم ٿي چڪو آهي ۽ مان هن وقت گورنر سان ملي نٿو سگهان.“ اهو ٻڌي گورماني صاحب واپس هليو ويو.
سچ پچ ته علامه صاحب، سنڌ جا روشن مينار هئا ۽ فڪر جا قنديل هئا. هن ئي ڪوششن سان، اها يونيورسٽي جيڪا اڳ صرف امتحان وٺندڙ ادارو هئي، سا هاڻي خودمختيار تدريسي ادارو بنجي، سنڌ جي علم ۽ دانش جو مرڪز ٿي پيئي آهي. هن اداري جي پيڙهه ۾ علامه صاحب جي بي لوث خدمت جو رت پيل آهي، جنهن رت کي هن شمع وانگر جلائي روشن ماحول پيدا ڪيو. هاڻي هو، هن ئي زمين ۾ ستل آهي. اسان کي سوچڻو آهي ته پوءِ انهيءَ درسگاهه کي اسان ڪيترو سنواريو ۽ سينگاريو آهي.