مائي چوچڪ بيگم
بي گهرن ۽ لٽيل ڦريل ماڻهن جو اجهو، سدائين سنڌ رهي آهي، سو مرزا حڪمران به رت جا ڳوڙها وهائيندو ۽ هنجون هاريندو سنڌ ۾ آيو. شاهه حسن کيس دلاسو ڏنو، آٿت ڏني ۽ پنهنجي ڌيءَ مائي چوچڪ، جا سندس مڱ هئي، سا کيس پاٽ شهر ۾ پرڻائي ڏني. مائي چوچڪ جي ماءُ جو نالو حاجي ماءِ بيگم هو، جيڪا مرزا شاهه حسن جي ٻي گهرواوي هئي، هو ڄائي نپني سنڌ ۾ هئي ۽ سنڌو جو لڙاٽيل پاڻي پي، ملير جي مارئي بنجي وئي. مڙس سان محبت ۽ ور سان سچو رهڻ، جيڪا سنڌي عورت جو مرڪ آهي، سا کيس سنڌ جي مٽي مان ئي ملي. مارئي جيڪا روايت قائم ڪئي ان کي هن به نڀايو. ڇا ٿيو جو ڪامران ڪجهه لشڪر ۽ پئسو سهري کان وٺي همايون کان ڪابل کسڻ لاءِ مٿس ڪاهه ڪري ويو پر شڪست کائي ساٿي مارائي پاڻ وڃي سنڌ جي کوکرن وٽ لڪو. همايون ڏٺو ته ڪامران کيس آرام ڪرڻ نه ڏيندو ان ڪري هن راهه ڪنڊي کي ڇو نه ختم ڪجي. اهو خيال ڪري دلاسا دلبا ڏيئي هيٺيون مٿيون ٻڌائي کيس پاڻ وٽ گهرايو جڏهن هو وٽس پهتو ته پيارا ڀاءُ، مٺڙا ادا چئي ڀاڪر پائي وٺبي جو گرم پاتل جي سرائي پنهنجي پيءُ ڄائي ڀاءُ جو اکين ۾ گهمرايائين ته ابا همراهه انڌو. هاڻي ته ڪامران جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. مڙس اپاهچ، محتاج ۽ پاڻ وهيڻو بنجي ويو. بادشاهت يا حڪومت ته پنهنجي جاءِ تي هاڻي ته حياتي وبال بڻجي ويس ۽ ڀاءُ جي قيد مان حج جو بهانو ڪري موڪل گهري. همايون ته اڳ ئي هن دڳ جي ٿڏي کي ڪڍڻ پئي چاهيو سو وڏا وڏا ڀاڪر پائي کيس روانو ڪيو ۽ هو سڌو ساهرن وٽ سنڌ ۾ آيو.
اهو 1555ع جو زمانو هو. چوچڪ بيگم پنهنجي ڏتڙيل، زخميل، پنهنجن جي ستايل ناتوان ۽ عاجز مڙس جي وڏي خدمت ڪئي. سهري کيس ساڌ ٻيلي ۾ ٽڪايو. بٺوري جو ڀرڳڻو کيس جاگير ۾ ڏنو ۽ فتح باغ ڌيءَ کي ڏاج ۾ ڏنائين. هن جي بورچيخاني جو خرچ تمام سٺو ٿيڻ لڳو ۽ اک جو ڦٽ به ڇٽي ويس ۽ تازو توانو ٿي پيو، کيس سنڌ ۾ سک ته ڏاڍو هو پر همراهه کي ڪعبي جي زيارت جو شوق سو هردم تيار هو. چوچڪ بيگم به مڙس سان وڃڻ لڳي. ماڻس روڪيس ت چوڻ لڳي ” امڙ وڏي ڳالهه آهي ته هن وقت، مان پنهنجي مڙس کي ڪيئن ڇڏيان؟ جڏهن ته هو نابين آهي، محتاج آهي، زندگي جي چپي چپي تي منهنجي کيس مدد ۽ تعاون جي ضرورت آهي“. آخر مڙس سان وڃي ٻيڙيءَ تي ويٺي ته اتي سندس والد شاهه حسن آيو، جنهن به کيس وڃڻ کان روڪيو. پر هن سنڌ جي نياڻي جنهن ۾ سنڌ جي مٽي جو هڳاءُهو ۽ سنڌي غيرت موجود هئي، تنهن جواب ڏنو ته ” بابا توهين ڇا ٿا چئو. مان پنهنجي مڙس کي ڇڏيان، جيڪو منهنجو مجازي خدا آهي، سرتاج آهي،جو رفيق حيات آهي. جنهن سان مرڻ ۽ جيئڻ جو وچن ٿيل آهي، دنيا اسان کي ڇا به چوندي ته جڏهن هو بادشاهه هو ته اسان ان سان مٽي ڪرڻ ۾ فخر ڪيو ۽ اڄ جڏهن هو گدا آهي، اپاهچ آهي ۽ در در جون ٺوڪرون کائيندڙ آهي ته اسان کيس ڌار ڪري ڇڏيون ؟ هن ڏکئي وقت ۾، جڏهن ڀاڻس به کيس ڀڄائي ڪڍيو ۽ دوست به ڇڏي ويس ته ان وقت مان زال به سندس ساٿ نه ڏيان ته اهو منهنجي غيرت ۽ محبت تي ڌٻو آهي. اوهان جنهنجي هٿ ۾ منهنجو هٿ ڏنو ته هاڻي اٿڻ ويهڻ ان سان ئي آهي، مان هاڻي پنهنجي مڙس جي قدمن ۾ مرڻ قبول ڪندس پر پيڪن وٽ رهڻ پسند نه ڪنديس“. بادشاهه ڌيءَ جو جواب ٻڌي چپ ٿي ويو ۽ هو مڪي روانا ٿي ويا. جتي ڪامران 964ع ۾ وفات ڪئي ۽ چوچڪ بيگم پنهنجي مڙس جي مرڻ کان ست مهينا پوءِ پاڻ به گذاري وئي. اهڙي طرح هن سنڌ جي ڄائي مرڻ گهڙي تائين پنهنجي لڄ نه لڄائي پر مارئي ۽ سسئي وارو ڪردار ادا ڪندي، سنڌي ثقافت جو مان مٿاهون ڪيو ۽ مڙس سان وفاداري ۽ سچائي جو آدرشي مثال قائم ڪيو.