غلام رسول ڪيهر
خانصاب غلام رسول ڪيهر بي انتها نيڪ ۽ شريف انسان هئا. هر هڪ سان نيڪي ۽ شرافت، ڪنهن جي برائي نه گلا. عوام جا خيرخواهه، سياست ۾ صاف دامن، اصول پرست، نوڪري ۾ ايماندار ۽ شريف انسان. بي ريا، اجايو ڏيک ويک، رشوت ۽ سفارش کان ڪوهين ڏور. بلڪل سڌا سادا ۽ معياري مسلمان، چڱا ڀلا زميندار، پر نه اهو وڏيرڪو اڊنبو ۽ نه جاگيردارانه ارڏايون. نه خوءِ نه خودي هارين سان ڀائرن جهڙو ڀاءُ.
1939ع جو زمانو هو، سکر واري مسجد منزل گاهه جو جهيڙو چوٽ چڙِيل هو. هندو مسلمان، ورهين کان گڏ رهندڙ، اچي پاڻ ۾ ٻکيا. ڪيترائي هندو به مئا ته مسلمان به. هندن جو زور هجي، ته سڀني مسلمان کي، اهڙي سزا ملي جو کين ڇليءِ جو کير ياد اچي وڃي. مسلمانن جو چوڻ هجي ته، ڪيس بنهه ڪوڙو آهي. ايترا ڏوهي، ته هو به نه آهن. برٽش حڪومت ڏٺو ته گوڙ ٿو وڌي، ان ڪري هنن ٻنهي ڌرين کي ٺارڻ لاءِ، اهڙي جج کي ڳولهيو، جنهن جي اصول پرستي ۽ انصاف پسندي، ڪوهين مشهور هجي، جيڪو باضمير هجي ۽ الله کي حاضر ناظر ڄاڻندڙ هجي. صرف پنهنجي ضمير جو آکڻ مڃي. آخر حڪومت جي عقابي نگاهه ڪيهر مرحوم تي پئي. اهڙو مقدمو جنهن ۾ هندو مقتول ۽ مسلمان قاتل هجن ۽ جج وري به مسلمان ٿئي، هندو ڪٿي ٿا مڃين؟ پر جڏهن هنن ڪيهر جو نالو ٻڌو ته چوڻ لڳا، اسان کي قبول آهي. توڙي کڻي هو مسلمانن کي ڇڏي به ڇو نه ڏي. ڇوته هو انصاف جو پتلو ۽ بي ريا جج هو. هن جهڙو انصاف پسند حاڪم سڄي سنڌ ۾ ملڻ محال هو. وڏا نام ڪٺيا، هندو وڪيل آيا. ڪيس هليو، ڪيهر ڳالهيون ٻڌيون ۽ مسلمانن کي آزاد ڪري اهڙوفيصلو ڪيائين جو هندو، اپيل به ڪري نه سگهيا.
1954ع جي ڳالهه آهي ته، ڪيهر مرحوم سنڌ جو وزير خوراڪ ٿيو يعنى سنڌ جو ان داتا. ماڻهن جي پيٽ جو مالڪ. تن ڏينهن ۾ ڪپڙو، کنڊ ۽ اٽو ڪنٽرول تي وڪامندو هو، جيڪو کاڌ خوراڪ واري وزير جي هٿ ۾ هو. انهن جنسن جو جيڪو ٺيڪيدار ٿيو، ان کي ڄڻ ته قارون جو خزانو ملي ويو. ان ويلي ڪيهر مرحوم سهڪندي، اچي سنڌ جي وزير اعلى کي ڪن ۾ چيو ته هي فوليو کانئس وٺي، ڪنهن ٻئي کاتي سان گڏي، ڪنهن ٻئي وزير جي حوالي ڪيو وڃي ڇو ته هي ڪنو ۽ خطرناڪ فوليو آهي ته وزير اعلى تپرس ۾ پئجي ويو ته هي ڪمائيءَ وارو فوليو، جنهن ۾ هڪ همراهه چند منٽن ۾ ڪروڙن جو مالڪ بنجي وڃي. ڪيهر ڏڪندي ڇو ٿو ڇڏي. هن کانئس پڇيو ته ”آخر ڳالهه ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته ”ساري ڄمار ۾، اڄ پهريون دفعو، هڪ واپاريءَ کي، جرئت ٿي آهي جو مون کي رشوت آڇي آهي. چوي ٿو ته راشننگ جي ساري صوبي جي ايجنسي هن جي حوالي ڪئي وڃي، جنهن جي بدلي ۾ هو مون کي اڌ ڪروڙ روپيا ڏيندو ڇو ته هن ڪم مان کيس هڪ ڪروڙ نفعو ملندو“. ان تي کيس وزيراعلى چيو ته ”اهڙو ماڻهو پوليس جي حوالي ڇو نه ڪجي.“ هن چيو ته ”مذڪوره ماڻهو ايڏو وڏو آهي جو هو، ملڪ جي وزيراعظم سان گڏ، هڪ ئي ڪوچ تي ويٺل هو. ان ڪري هن کاتي ۾ ايڏي حرام خوري جي گنجائش ڏسي، منهنجو روح ڏڪي ٿو ۽ ننڊ ئي نه ٿي اچي“. اهڙا ايماندار، نيڪ ۽ شريف النفس شخص اڄ ڪٿي ٿا ملن. جڏهن ته جيڏانهن نظر ڪر چور بازاري، ذخيره اندوزي، رشوت ۽ سفارش جي بازار گرم لڳي پئي آهي. حرام جي ڪمائي، انسان کي فرعون بنائي ڇڏيو آهي. ماڻهپو ۽ باهمي روارداري ختم ٿي ويئي آهي. صرف پنهنجو گهر سجائڻو آهي. ٽي وي، فرج، موٽر ڪار، صوفا سيٽ، پلنگ ۽ پٿراڻيون وٺڻيون آهن. حضور ﷺ جن جو ارشاد آهي ته ”حرام جي ڪمائي سان پاليل جسم کي، دوزخ جي باهه جو بک بنايو ويندو“.
1955ع ۾ جڏهن ون يونٽ ٺاهي، سنڌ کي غلام بنايو ويو، تڏهن هن کي وزارت جي ڪرسي پئي ڏنائون، پر هن غيور پٽ سنڌ وڪڻي سيج ماڻڻ نه قبولي ۽ ان اقتدار جي ڪرسيءَ کي لت هڻي ڇڏي.
اهڙا اصول پرست ۽ محب وطن ماڻهو اڄ گهٽ ملندا.