شاهه عنايت شهيد رح
گهڻا گهڻا سال اڳ، جڏهن سنڌ ۾ مغلن جو راڄ هو، تڏهن به جاگيردارن وٽ وڏيون وڏيون زمينون هيون. سندن حڪم کان سواءِ وڻ جو پن به نه چرندو هو. غريب هارين سان نسورو ناحق هو. وٺ ونگار، لائي لاپو، وياج بٽئي، هڻي سندس ڍڍر به ڍرا ڪري ڇڏيا هئا. ان زماني ۾ جيڪڏهن ڪنهن به جاگيردار، بنا ڪنهن ڏوهه جي سوين ماڻهو مارائي پئي ڇڏيا ته ڪوبه کائنس پڇڻ وارو ڪونه هو. مغل حاڪمن پنهنجن خوشامدين کي لکها ايڪڙ زمينون ڏنيون، جن هارين کي ڍورن وانگر وهايو. هڪ مورخ جي لفظن ۾ ته جنهن بيدادننگريءَ، بيڪسن ۽ ويچارن جي ڏيهه ۾ اڻ ڳڻيا بگهڙ ۽ راڪاس موجود هجن، اتي غريب هارين جي بي ڪسيءَ جو ڇا ذڪر ڪجي. هو زمين کيڙيندا، راهيندا ۽ فصل اپائيندا رهيا، پر زمين تي سندن ڪنهن به قسم جي اختيار ڪونه هو، نه عارضي نه مستقل. جيڪو اناج هو پنهنجي پگهر مان اپائيندو هو، ان جو وڏو حصو، جاگيردار، ٺيڪيدار، سيد ۽ زميندار کڻي ويندا هئا.“
اهي حالتون ڏسي، جهوڪ جي هڪ صوفي بزرگ شاهه عنايت پٽ فضل الله لانگاهه هارين کي منطم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو 1065هه ۾ جهوڪ ۾ ڄائو ۽ روحاني فيض، شمس شاهه کان ورتائين. پوءِ ٺٽي ۾ اچي فيض جا واهڙ وهايائين. شاهه عنايت عالم باعمل هو. هو هڪ باشعور ۽ انقلاب پسند انسان هو. هو انسان جي عظمت جو قائل هو ۽ سڀ ۾ پرين پسڻ وارو هو. هن وٽ پورهيت ۽ پگهر وهائيندڙ جو قدر هو، جنهن لاءِ حضور ﷺ فرمايو ته ” کين اجورو، پگهر سڪڻ کان اڳ ۾ ڏيو.“ شاهه عنايت پهريون شخص هو، جنهن سنڌ ۾ پنهنجي حالتن، ريتن، رسمن ۽ رواجن مطابق هارين کي طبقاتي شعور ڏنو. هن پيداواري عمل ۾، ” مساوي شراڪت“ تي زور ڏنو. ان ڪري پاڻ وقت ۽ ماحول سان بغاوت ڪندي اعلان ڪيو ته زمين جو مالڪ زميندار يا وقت جو حاڪم نه پر اهو پورهيت آهي جيڪو رات ڏينهن پورهيو ڪري ٿو ۽ هر هلائي ٿو. اهڙي طرح شاهه صاحب پنهنجي تعليم ۽ تبليغ سان، پنهنجن مريدن ۾ گڏيل کيتي جو بنياد وڌو، ۽ ساري پيدائش جا ذريعا هارين وٽ رهيا، انهن ۾ هڪ انقلابي لهر آئي ۽ هاري خوشحال ٿيڻ لڳا، ۽ شاهه جي فقيرن کي ڏسي پاسي اوسي وارا هاري به اچي انهن سان گڏيا. اها سجاڳي ۽ اهو عمل وقت جا وڏيرا ۽ پير ڪٿي ٿا سهن؟ ان ڪري هنن مغل حڪومت جي ڪارندي نواب اعظم خان کي پاڻ سان شريڪ ڪري 1718ع ۾ جهوڪ ۾ ” هارين جي وستيءَ“ تي حملو ڪيو. اهڙي طرح شاهه عنايت شهيد ٿيو. هزارين فقير تلوار جي بک ٿيا ۽ جهوڪ جي ڳوٺڙي ۾ ويراني اچي واسو ڪيو. چون ٿا ته فقير ۽ هاري ايترا ته شهيد ٿيا جو تيرهن کوهه سندن لاشن سان ڀرجي ويا، جن کي هاڻي ” شهيد گنج“ چئجي ٿو.
شاهه عنايت رح جي هي هاري تحريڪ، پهرين اجتماعي زراعت واري تحريڪ هئي، جنهن طبقاتي جنگ لاءِ هارين کي جاگيرداري ظلم خلاف شعور ڏنو ۽ جدوجهد لاءِ منتظم ڪيو، ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن جاگيردار ۽ زميندار وچ ۾ نه پون ته کيتي سهڻي نموني سان ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ ۾ اڄ کان گهڻو اڳ، هارين ۽ پورهيتن ۾، اجتماعي طبقاطي شعور پنهنجي انتهائي تنظيم کي پهتو هو ۽ ان شعوري لاڙي هيٺ سنڌ جي پورهيت طبقي، جاگيرداري نظام خلاف هڪ باقاعدي ۽ منظم جنگ لڙي، پنهنجو رت وهائي ثابت ڪيو ته هتان جو عوام به، هر انقلابي تحريڪ کي، اپنائڻ جو حوصلو رکي ٿو، پر ڪو انهن جي حوصله افزائي به ڪري.