ديوان ڏيارام گدومل
هڪ دفعي شڪارپور جو هڪ وڏو سيٺ زنا جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي آيو. سيٺين کي پڪ هجي ته جج صاحب هندو آهي ۽ ذات پات جو خيال رکي، هو سيٺ کي ضرور آزاد ڪندو. پر خبر تڏهن پئي جڏهن کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ملي. ساڳي نوڪري ۾ هو سنڌ کان ٻاهر سورت، احمد آباد، پوني ۽ خانديش ويو. جتي به حق ۽ انصاف جو پاسو نه ڇڏيائين. اُهي اُهي فيصلا ڪيائين جو عوام ۽ سرڪار کي ڏندين آڱريون اچي ويون. خانديش ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر ڪنهن سرڪاري ڪيس ۾ وٽس سفارشي ٿي آيو، پر هن کيس دروازي تان ئي موٽائي ڇڏيو.
احمد آباد جي هڪ مسجد جي پلاٽ تي ڪن هندن قبضو ڪيو. ڀريا 9 سئو سال گذري ويا، پر ڪنهن به جج کي همت نه ٿي جو حقي فيصلو ڪري. جيئن ئي ديوان پهتو تيئن ئي مسجد جي فائدي ۾ فيصلو ڪري هر هڪ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين. مورخن جو رايو آهي ته منصفي ۽ بي ريائي جي هڪ اهڙي روايت قائم ڪئي، جيڪا سنڌ جي معاشري لاءِ، پوءِ به امتياز ۽ قومي سرخروئي جو سبب بڻي. سنڌ جو حج ۽ انصاف نه ڪري، اها ڳالهه سوچ ۾ ئي نه ايندي هئي.
ديوان ڏيارام هڪ سچو پچو انسان هو. کيس انسان ذات سان محبت هئي، هر وقت غريبن جي جاني ۽ مالي مدد ڪندو رهندو هو. کيس 1120 روپيا ماهوار پگهار ملندو هو. جنهن مان صرف ڏيڍ سئو پنهنجي خرچ لاءِ رکيائين ۽ باقي ساري رقم خير جي ڪمن تي صرف ڪيائين. هن ڌرمائو ٽرسٽ قائم ڪري پنهنجي سموري ملڪيت ان جي حوالي ڪئي. ٽرسٽ جي مقصد بيان ڪندي لکيو هئائين ته ” علم عام ٿئي، دکي انسانيت جي ملم پٽي ٿئي. خلق خدمت جي ادارن جي سار سنڀال ٿئي، علم، صحت ۽ سهائتا جي امداد ٿئي، غريبن کي پورهيو رسايو وڃي، محتاجن جي سار لڌي وڃي. شيوا ڌاري سوسائيٽين جي دل کولي مدد ڪئي وڃي.
اهو سندس قول نه هو پر هن لکت جو عملي نمونو هو. 1898ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ پليگ جهڙي موذي مرض منهن ڪڍيو، تڏهن پاڻ ٽي مهينا موڪل وٺي ” پليگ اسپتال “ کوليائين جنهن ۾ چار ڊاڪٽر ۽ سورهن نرسون ڪم ڪنديون هيون، جن جي پگهار پنهنجي کيسي مان پاڻ ڏنائين روزانو 5 ڪلاڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو ۽ باقي وقت بيماري خلاف اپاءُ وٺڻ ۽ شهر ۾ صفائي ڪرائڻ تي صرف ڪندو هو. جڏهن ٿر ۾ ڏڪر پيو ته پاڻ وڃي سستي علاج جا دڪان کوليائين ۽ نون کوهن کوٽائڻ ۾ مدد ڪيائين.
احمدآباد ۾ ڪوڙهه جي مرض منهن ڪڍيو ته بيمارن جي دوادرمل ڪرڻ لڳو. ڌرمپور ۾ سلهه جو سينيٽوريم کولرايائين جيڪو اڄ به هلي پيو. ” غريبڙي بئنڪ “ کولي، مسڪين ماڻهن ۾ پئسي جي بچت جي عادت وڌائين.
ديوان ڏيارام کي، غريب ماڻهن جي تعليم جو ڏاڍو اونو هوندو هو. منجهن علمي شعور پئدا ڪرڻ لاءِ، ڪيترائي ڪاليج ۽ اسڪول کوليائين. حيدرآباد ۾ عورتن جي تعليم لاءِ، اسڪولن جو ڄار وڇرايائين. سنڌ ۾ ٻه ڪاليج سندس مدد سان کليا.
ايڏي وڏي ملڪيت ۽ پئسي هوندي به ديوان صاحب تمام سادو سودو هوندو هو. اڇا کاڌي جا ڪپڙا ۽ مٿي ت پڳڙي. سادگي جي انتها اها هئي جو چتين لڳل ڪپڙا پائيندو هو، جن کي ڌوئيندو به پاڻ هو. پٽڪي ٻڌڻ لاءِ پاڻ وٽ آئينو به نه رکيائين، پر آفيس جي شيشن ۾ پاڻ ڏسي، پڳڙي کي ٺاهيندو هو. انڪسار ۽ ملنسار، حد کان وڌيڪ هو. سٺو اديب ۽ شاعر به هو. ستر کان مٿي سنڌي، فارسي ۽ انگريزي ڪتاب لکيائين. مطلب ته ديوان ڏيارام اهڙو سڌارڪ هو، جنهن پاڻ جلائي، پنهنجن ماڻهن جي اونداهين گهرن ۾ روشني آندي ۽ پنهنجي زندگي جي هڪ گهڙي به ضايع نه ڪئي ۽ پنهنجي پگهر جي ڪمائي، ساري قوم جي ڀلي تي خرچ ڪئي.