ھن ڪتاب ۾، دادا سنڌيءَ سنڌ جي انھن ڪردارن کي پنھنجي قلم ذريعي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيڪي واقعي سنڌ جا عوامي ڪردار آھن ۽ سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ اھي چڱي طرح سڃاتا وڃن ٿا ۽ انھن جا پنھنجا پنھنجا ڪردار آھن، جن ڪردارن کي سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ عزت ۽ آبرو آھي ۽ ھو انھن کي پنھنجو سمجھن ٿا.
دودي سومري کان، سگھڙ ٻيڙي فقير تائين ڪتاب ۾ آندل اٺاويھ ئي ڪردار اھڙا آھن، جن سمورن تي اسان کي فخر ۽ وڏائي آھي.
سنڌ شناسي
سنڌ جا عوامي ڪردار
- 0/5.0
- 6530
- 1635
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (105) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “سنڌ جا عوامي ڪردار” ناليواري محقق، تاريخدان ۽ اديب دادا سنڌي جو لکيل آهي.لک ٿورا سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري ان جي سافٽ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ دادا سنڌي
- ڇپيو ويو 1996
- ڇپائيندڙ سنڌ تحقيقي بورڊ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 02/Jun/2016
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1635 ڀيرا