• مولانا تاج محمد امروٽي رح
عالمن ۽ مولوين کان پوءِ، مولانا امروٽي رح، سنڌ جي عوام کي سياسي شعور عطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان لاءِ پھرئين، ھن سنڌ جي عوام مان انگريزن جو سَکڻو رعب ۽ دٻدٻو دور ڪرڻ جي جدوجھد ڪئي. ان لاءِ ھن عام ماڻھن اڳيان، عوامي مجلسن ۽ کليل اجتماعن ۾ واعظن، خطبن ۽ تقريرن رستي انگريزن کي سخت ڳالھائڻ شروع ڪيو. پاڻ چوندا ھئا ته “ مشرق ۽ مغرب ۾، اسلام ۽ مسلمانن جو بيحد خطرناڪ ۽ چالباز دشمن انگريز ۽ انگريزي اقتدار آھي. سڀ نصراني حڪومتون، اگرچ اسلام ۽ مسلمانن جون پڪيون دشمن آھن، پر انھن سڀني ۾، سڀ کان وڌيڪ نقصان پھچائيندڙ ۽ ڪٽيل دشمن انگريز آھي.” (مولانا عبدالڪريم چشتي- يادگيريون- ماھوار پيغام مارچ 1980ع) پاڻ، انگريزن لاءِ تمام سخت الفاظ استعمال ڪري دشمن لاءِ، عوام ۾ جرئت، ھمت ۽ قوت پئدا ڪندا ھئا. چوندا ھئا ته “مان انگريزن جي رت جو پياسو آھيان. جيڪڏھن جيئرو رھيس ته، انگريزن جون رنون، ٽڪي ٽڪي ۾ نيلام ڪندس. انگلنڊ جي قيمت، اسان جي مسجد جي موريز جي ھڪ ڀتر برابر به نه آھي.” پاڻ انگريزن لاءِ چوندا ھئا ته “اھي برطانيه جا ڀولا، اسان جا حاڪم ٿيندا. اھي سؤ سؤ نطفن مان ڄاول آھن. انھن کي پنھنجي مٿان حڪومت ڪرڻ نه ڏينداسين. اسان سچا مسلمان آھيون ۽ سچن مسلمانن جي اولاد آھيون. ڪتن کان ڊڄون ڇو! جيڪڏھن ڏھ انگريز به منھنجي مقابلي ۾ اچن ۽ ھنن جو ھڪ چماٽ سان ساھ نه ڪڍان ته مان ڀورل شاھن جو پٽ ئي نه آھيان.” ڪنھن کانئن پڇيو ته اھڙا لفظ الله وارن ۽ فقيرن کي نٿا سونھن. پاڻ ان کي نرميءَ سان سمجھايائون ته “اسان جا ماڻھو، انگريزن کان ڊنل ۽ خوفزده آھن. آءٌ انھيءَ نموني سان ماڻھن جي ذھنن مان، انگريزن جي ھيبت ۽ حشمت ختم ڪرڻ گھران ٿو.” ھڪ دفعي ھڪ شخص کين چيو ته “ سائين اوھان ته، انگريزن کان، اِئين ئي ڏاڍا آُھيو ۽ ھو اوھان جو، ڪجھ به بگاڙي نٿا سگھن، ته پوءِ اوھان انگريزن جي خلاف، ھيءَ جاکوڙ ۽ مارا ماري ڇو ٿا ڪريو؟” پاڻ جواب ۾ چيائون ته “ ڪنھن جاءِ تي، جڏھن نانگ ايندو آھي ته، ان کي ڏسي جھرڪيون ۽ ڪٻريون وڏي تعدا ۾ گڏجي، شور ڪنديون آھن، جنھن جو مقصد ھيءُ ھوندو آھي ته، ڪوئي اچي ھن موذي شيءِ کي ماري. ھونئن ته جھرڪيون ۽ ڪٻريون پنھنجي سر اڏامڻ ڪري، نانگ جي پھچ کان پري ۽ مٿي ھونديون آھن، پر اھي انھيءَ ھوندي به شور مچائينديون آھن ته، ڪو بي خبر يا ڪمزور، ھن آفت کان محفوظ رھي. مان ڀي انگريزن جي خلاف، انھيءَ ڪري شور مچائي رھيو آھيان ته اسان جو ايندڙ نسل ۽ ڪمزور ماڻھو، ھنن جي ڏاڍ ۽ سامراجيت کان محفوظ رھن ۽ بس.”
انگريزن خلاف، ذھني پختگي ۽ غيرت پئدا ڪرڻ کان پوءِ پاڻ تعليمي شعور پئدا ڪرڻ لاءِ، سنڌي عوام لاءِ، امروٽ شريف ۾ ھڪ ديني درسگاھ جو بنياد رکيو، جنھن ۾ تعليم جي معيار کي وقت جي تقاضائن مطابق مروج ڪيو ويو. ھن درسگاھ جو پرنسيپال، مولانا عبيد الله سنڌي رح ھو. سنڌي طالب علمن کي پھريون دفعو، ھتان عالم اسلاميه جي اعليٰ تعليم کان بھره ور ٿيڻ جو موقعو مليو. ھن درسگاھ ۾ ئي شاگرد جي پختگيءَ تي زور ڏنو ويو، ان ڪري، انھن ۾ سياسي قوت ۽ ذھني بيداري پئدا ٿي ۽ ھو دين کي وري جيئارڻ ۽ تحريڪ آزاديءَ ۾ حصو وٺڻ لڳا.
ٽيون ته، سنڌي عوام مان سماجي ۽ معاشي ريتن رسمن کي ڪڍڻ لاءِ مولانا، توحيد تي زور ڏنو، ڇوته توحيد جو نظريو ئي انسان ۾ احساس خود شناسي پئدا ڪري کيس بلند ۽ بالا ڪندو آھي. بدعت ۽ پير پرستي ئي، انسان کي نيست ۽ نابود ڪندي آھي. ان ڪري پاڻ سنڌين مان اجايون سماجي ريتون رسمون ڪڍي، کين ديني شعور ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو لاڙو پئدا ڪيو. چوندا ھئا ته، “ اٻوجھ سنڌي مسلمانن کي، گھران ماني کارائي کين موحد بڻائجي.” ان ڪري ئي، پاڻ ڳوٺ ڳوٺ وڃي، انھن وقت جي خدائن ۽ دنيا جي مخلوق کي گمراھ ڪندڙ مجاورن ۽ ملن سان وڙھي، اھي برائيءَ جا اڏا ختم ڪندا ھئا.
چوٿون، ته، پاڻ قرآن شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري ترجمو ڪري، سڌ جي مسلمانن کي صحيح اسلامي تعليم جي ڄاڻ ڏني ۽ کين قرآن جي ديني ۽ انقلابي فڪر کان آگاھ ڪيو. ان کان پوءِ، پاڻ انگريز سامراج خلاف باقاعدي جھاد جو اعلان ڪيو ۽ ان مقصد لاءِ ھڪ وڏي جماعت به تيار ڪئي، جيڪا سِر ڏيڻ لاءِ حڪم جي انتظار ۾ رھندي ھئي. ان لاءِ پاڻ گھوڙا به ڌاريا ھئائون.
مولانا، پنھنجي جوش ۽ جذبي سان، حب الوطني ۽ ساڻيھ جي سِڪ جي سنيھي ٻڌائڻ سان، سنڌ جي قديم شاندار، ماضيءَ جي ورثي کي، مخدوم بلاول واري ڪردار کي زندھ ڪري، دشمنن خلاف، مٽيءَ جي ماڻھن کي، رُڪ ۽ فولاد جو مجسمو بڻائي ڇڏيو ۽ اھي سنڌي جيڪي ھيڻا، ھر ڪنھن وھيڻا بڻجي ويا ھئا، اھي سر سان ڪفن ٻڌي، مولانا جي حڪم تي جھاد لاءِ تيار ٿي ويندا ھئا.
حضرت امروٽي رح، ھر سياسي تحريڪ ۾ حصو ورتو. ھندوستان جي مرڪزي ليڊرن، جھڙوڪ شيخ الھند، مولانا آزاد، حسين احمد مدني، اشرف علي ٿانوي ۽ ٻين سياسي ليڊرن سان، خاص لاڳاپا ھئس. پاڻ ريشمي رومال تحريڪ ۾، خاص حصو ورتائون. خلافت تحريڪ ۽ حجرت تحريڪ جو روح روان ھو. “عدم تعاون” جي رِٿ به، ھن پيش ڪئي ھئي. ھندوستان کي دارالحرب قرار ڏيئي، سنڌ مان افغانستان ھجرت ڪرڻ لاءِ به تيار ٿيو ۽ ويو. ان کان سواءِ شڌي ۽ سنگھٽي تحريڪن جي خلاف به تحرير ۽ تقرير کان ڪم ورتائين. مطلب ته، مولانا امروٽي، اھو قوم پرست ۽ بيباڪ عالم ھو، جنھن پنھنجي زندگيءَ جو ھر لمحو سنڌ جي غريب ۽ اٻوجھ عوام ۾ ديني غيرت، علمي شعور، قومي تڙپ ۽ سياسي سجاڳي پئدا ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو ۽ آزاديءَ جي راھ ۾ ھڪ دلير ۽ بي خوف سپاھيءَ وانگر وڙھيو- ۽ اھوئي سبب آھي جو، اڄ خاص ڪري، “مذھبي برادري” ۾ مولانا جو وڏو مقام آھي.
مولانا امروٽي رح 6 نومبر 1929ع ۾ وفات ڪئي.