سنڌ شناسي

سنڌ جا عوامي ڪردار

ھن ڪتاب ۾، دادا سنڌيءَ سنڌ جي انھن ڪردارن کي پنھنجي قلم ذريعي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيڪي واقعي سنڌ جا عوامي ڪردار آھن ۽ سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ اھي چڱي طرح سڃاتا وڃن ٿا ۽ انھن جا پنھنجا پنھنجا ڪردار آھن، جن ڪردارن کي سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ عزت ۽ آبرو آھي ۽ ھو انھن کي پنھنجو سمجھن ٿا.
دودي سومري کان، سگھڙ ٻيڙي فقير تائين ڪتاب ۾ آندل اٺاويھ ئي ڪردار اھڙا آھن، جن سمورن تي اسان کي فخر ۽ وڏائي آھي.
  • 4.5/5.0
  • 6530
  • 1635
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جا عوامي ڪردار

• سمنگ چارڻ

ڀَٽ ۽ چارڻ پراڻي زماني ۾ سنڌ ۾ پروپئگنڊا جا اھم ذريعا ھوندا ھئا، جيڪي پنھنجن بيتن ۽ ٻين طريقن سان، حڪمران ڌر۽ عوام ۾ ڳانڍاپي پئدا ڪرڻ جا وسيلا ٿي ڪم ايندا ھئا. نشر و اشاعت جو ذمو به سندن سِر تي ھوندو ھو. سندن شاعري، تاريخ جو اھم ماخذ سمجھي ويندي ھئي. جنگ وقت، رزميه شاعري جي ذريعي، عوام ۽ فوجن کي متحد ڪندا ھئا، ۽ امن ۽ صلح جي وقت ۾، چين، سڪون ۽ سلامتيءَ جون دعائون گھرندا ھئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “اھي چارڻ خاص خبرون ڏيندڙ ۽ ھلائيندڙ ھئا ۽ انھيءَ لحاظ سان ھو ان دور جا ڄڻ اخبار نويس ھئا. ھو پنھنجي وقت جا شاعر، سگھڙ ۽ ھنرمند ڳائيندڙ ھئا۽ ڳاھن ۽ ڳائڻ ذريعي ملڪان ملڪ خبرون ھلائي ٿي ڇڏيائون. انھيءَ ڪري، سندن وڏو اثر رسوخ ھو. ھنن پنھنجي دستوري روايت موجب، ھميشہ حقيقت کي بيان ٿي ڪيو. جيڪڏھن ڪنھن چڱو ڪارنامو ٿي ڪيو ته ان کي چڱو ٿي چيائون پر جيڪڏھن ڪنھن مَدو ڪم ٿي ڪيو ته ان کي مدو ٿي ڪوٺيائون. چڱن، سڄڻن، سخين ۽ سورھين جي ساراھ ٿي ڪيائون، ته پنھنجن جي بدخواھن، ڌارين، دشمنن، ڪنجوسن ۽ ڪانئرن جي گِلا ٿي ڪيائون. (سومرن جو دؤر ص 210) سمنگ چارڻ، اھڙن چارڻن جو نڪ ۽ موڙ ھو، ھو سومرن ۽ سمن جي دؤر جو مشھور منڱتو، راڳي ۽ چارڻ ھو، جيڪو سنڌي شاعري ۾ ڳاھجو باني ۽ سنڌي موسيَقيءَ ۾ ڪيرت جو مؤجد ھو. ڪيرت سورھين سرويچن جي ساراھ ۽ واکاڻ واري ڳائڻ کي چئبو آھي، جنھن مان وھاڳ ۽ پرڀاتي راڳ پيدا ٿيا. سمنگ جي گائڪي جو انداز، پنھنجي نوعيت جو ھوندو ھو، ۽ ھو ڳائي دان وٺندو ھو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “ھن چارڻ جو سومنگ لقب ھو. سؤ منگ يعني پوري سؤ جي صدا ھڻندڙ. سندس گذر بادشاھي درٻارن سان ھو. جيڪڏھن ڪنھن خوش ٿي، انعام آڇيو ته سؤ کان گھٽ پنھنجي شان جي گھٽتائي سمجھي ھن ڪڏھن به قبول نه ڪيو، پوءِ ڀلي کڻي اھو سڀ ورھائي ڇڏي، پر وٺندو وري به سؤ، پوءِ ڪھڙي به جنس ھجي، پر ان جا ننگ پورا سؤ ھجن.” (سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ص 27)
سمنگ چارڻ اصل سنڌ ۽ ڪَڇ جي سرحد جي ڪيرا ڪوٽ جو رھاڪو ھو ۽ ڄام لاکي جي راڄ جو مڱڻھار ھو. سندس عادت سير ۽ سفر ڪرڻ ھئي. ھو سنڌ جو گشت ڪندو ھتان جي سپھ سالارن جي سورھيائي ۽ نامور ڏاتارن جي سخاوت جون ڪيرتون ڳائيندو وڄائيندو ۽ دان حاصل ڪندو رھندو ھو. مؤرخ لکن ٿا ته، “سمنگ وٽ جھجھو مال ھو، ۽ جڏھن به ڪنھن وٽ ايندو ھو ته طمطراق سان اچي لھندو ھو. ھڪ دفعي سومرن جي پوئين حاڪم ھمير سومري وٽ آيو ته خچر، گھوڙا ۽ مال متاع جيڪو ڏان ۾ مليو ھوس ۽ ٻيا ڪيترا ٻانھا، ٻالڪا ۽ نوڪر چاڪر گڏ ھيس. ھمير سندس دمبر ڏسي کامي ويو ۽ سندس مال متاع رات جو چوري ڪرائي ڇڏيو. صبح جو ھو جڏھن بادشاھ وٽ دانھين ٿي آيو ته ھن سندس ھڪ به نه ٻُڌي ويتر ڪاٺ ۾ وجھي ڇڏيائين. اتان ڪن چڱن جي چوڻ تي آزاد ٿيو تڏھن ھن ظالم ۽ درندي حاڪم خلاف، دل مان آھ ڪڍيائين ته:
ھمير کان پيئي، سومرن کان ويئي،
ھمير کانپوءِ، راڄ نه ماڻن سومرا.
سمنگ چارڻ، ان کان پوءِ سنڌ جي ھن درندي حاڪم خلاف، ملڪ ۾ بغاوت جي باھ ٻاري ڏني. واھڻ واھڻ ۽ وستي وستيءَ وڃي عوام کي، ھن خلاف اڀاريندو رھيو. ھونئن به تاريخي لحاظ سان، ھمير سومري جو دور ڏاڍ ۽ ڪميڻپ جو زمانو ھو، جنھن ۾ شريف جي ڪابه عزت ڪانه ھئي. فقير ھڪ ڳالھ ۾ ان جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي:
ستينءَ ھو سوجھرو، اٺين ٿي اونداھ،
ھميراڻي باھ، وسائي ورھين کي.
اھڙي طرح، سمنگ چارڻ سومرن جي حڪومت خلاف رِڻ ٻاري ڏنو، ۽ سنڌ جو عوام اٿي پيو. سمن سومرن جي حڪومت کي ختم ڪري قبضو ڪيو. جڏھن سنڌ ۾ سمن جي حڪومت قائم ٿي، تڏھن ھنن سمنگ کي اڏي ڇڏيو. ھو ڄامن وٽ گھٽ ويندو ھو، پر اھي ڏان گھر تي ڏياري موڪليندا ھيس. سمنگ، سندن انھيءَ انسان دوستي، ھر دلعزيزي ۽ غريب نوازي جي گڻن کي ڳايو آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ ھن جو مقام ان ڪري به بلند آھي جو ھن سڄيءَ سماٽ برادريءَ مان “ست سورھيه” ۽ “ڏھ ڏاتار” ڳڻي ڳايا، جن سنڌ جي غريب عوام کي، پنھنجي سخاوت ۽ سورھيائيءَ سان اڏي ڇڏيو. اھي ڏھ ڏاتار آھن: سخي سپڙ، ڄام چوٽائي، راءِ ڏياچ چاوڙو، جکرو اوڍئي، اوڍو جکراڻي، لاکو ڦلاڻي، ڄام ڪرن، ڄام ھڻند ٿڌيائي، صبو ڌٽ آڳڙو، وڪيو ڏاتار ۽ ساھڙ ڄام رونجھو. ست سرفروش سورھيه آھن. ڄام انڙ وير، ابڙو اڙٻنگ، پونئرو پاونگ، بانڪو بڊاماڻي، ڪارائڙو ڪونڌر، ھوٿي وريام ۽ لاکو ڦلاڻي. جن کِلندي ڪڏندي سنڌ جي بقا ۽ سالميت ۽ سنڌي عوام جي سک ۽ آزادي لاءِ، پنھنجون جانيون قربان ڪيون.
سمنگ چارڻ جي خاص خوبي ھيءَ آھي ته ھنکي جيڪي به ڏان ملندو ھو، سڄو غريب عوام ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. ان ڪري ئي کيس مسڪين مارو پيارو گھرندا ھئا ۽ سندس گفتن ۽ ٻولن کي پسند ڪندا ھئا. سنڌ جو مشھور محقق جناب محرم خان لکي ٿو ته: “سمنگ چارڻ، ھڪ اھڙي ھستي آھي، جنھن کي وڏي تاريخي اھميت حاصل آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ سندس نالو، سدائين ياد رھندو. سنڌي ادب ۽ ان جي تاريخ ۾ ھن جي شخصيت نمايان آھي. اسان جي ادب ۽ تاريخي روايتن ۾، ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾، جيئرو رھندو پئي آيو آھي. صدين جون صديون اورانگھيندو، پاڻ سان گڏ، ايامن جا اھڃاڻ اڳتي ڌڪيندو، اچي ويھين صديءَ ۾ منھن ڪڍيو اٿس. سندس نالو اڄ تائين جو قائم ۽ دائم آھي. تنھنجو ڪارڻ اھيئي سندس لافاني گفتا ۽ امر ٻول آھن، جن ۾ ڀانت ڀانت جون ٻوليون ٻڌايون اٿس. انھن تي رڳو سرسري نگاھ وجھڻ سان پتو پئجي سگھي ٿو ته سندس “ڪاويه رسد” ڳاھن جي مقرر معيار کان گھڻو مٿي اڀريل آھي.”(سمنگ چارڻ، ٽه ماھي مھراڻ 1- 2- 1966ع ص 40)
مطلب ته، سمنگ چارڻ ٻارھين صدي عيسويءَ جو اھو تاريخي ڪردار آھي، جنھن پنھنجي ڳاھن ۾، اسان جو ڪافي تاريخي سرمايو محفوظ ڪيو آھي، ۽ اھڙي طرح، عوام ۾ به تاريخي شعور پيدا ڪري کين ملڪي حالت کان واقف ڪري، انھن ۾ انقلاب آڻڻ جي لگن پيدا ڪئي، ۽ اھڙي طرح ظالمن خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ جي سگھ ۽ قوت بخشي.