سنڌ شناسي

سنڌ جا عوامي ڪردار

ھن ڪتاب ۾، دادا سنڌيءَ سنڌ جي انھن ڪردارن کي پنھنجي قلم ذريعي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيڪي واقعي سنڌ جا عوامي ڪردار آھن ۽ سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ اھي چڱي طرح سڃاتا وڃن ٿا ۽ انھن جا پنھنجا پنھنجا ڪردار آھن، جن ڪردارن کي سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ عزت ۽ آبرو آھي ۽ ھو انھن کي پنھنجو سمجھن ٿا.
دودي سومري کان، سگھڙ ٻيڙي فقير تائين ڪتاب ۾ آندل اٺاويھ ئي ڪردار اھڙا آھن، جن سمورن تي اسان کي فخر ۽ وڏائي آھي.
  • 4.5/5.0
  • 6530
  • 1635
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جا عوامي ڪردار

• مائي ڀاڳي

سنڌ، سُر ۽ ساز جي سرزمين آھي. سُر، ھن سرزمين جي ماڻھن جي ڳلن مان ائين ڦٽي نڪرندا آھن، جيئن جو ان دلين مان اڌما اڀرندا آھن ۽ لفظ، ھن سرزمين جي شاعر جي تخيل جي وسيلي، آڪاس ۾ تتر کرڙي وانگر، ماڻھن جي دلين تي ڇانئجي ويندا آھن. انھن ٻنھي شين، سنڌي ماڻھن جي زندگي ۾، صحيح مستقبل ڏانھن وڌڻ جو حوصلو پئدا ڪري ڇڏيو آھي. انھيءَ ڪري، سنڌي قوم جي پوري تاريخ ۾، سنڌين ۾ ٻه وصفون نمايان نظر اچن ٿيون. محبت ۽ قرباني. ھتان جي محبت به عجيب رھي آھي، ته ھتان جي قرباني به حيرت انگيز- سنڌ جي محبت کي، موسيقيءَ لازوال ڪري ڇڏيو ۽ قربانيءَ کي، شاعريءَ بلندي تي پھچايو. سنڌي شاعري، سنڌي موسيقيءَ جي لھرن تي بلڪل ائين ناچ ڪندي آھي، جيئن موھن جي دڙي جي ناچڻيءَ جو ھر انگ، انسانن جي ذھن تي رقص ڪندو آھي. انھيءَ ڪري منھنجو خيال آھي ته سنڌي عوام محبت، قرباني ۽ پاڻ ارپڻ وارن جذبن جي گلن تي، پوپٽن وانگر ويھي جواني ۽ جوڀن ماڻيندي رھي آھي. سنڌ ۾ اھڙا موسيقار پئدا ٿيا، جن پنھنجي ڪلا جي ذريعي، نه رڳو انساني دلين جا رخ موڙيا، نه رڳو دماغن ۾ سرھاڻ پئدا ڪئي، نه رڳو حياتين ۾ محبتن جا مينھن وسايا، نه رڳو چپن تي تازگي ۽ لالاڻ پئدا ڪئي، پر پنھنجي فن ذريعي، اُڀ کي، ڪڪرن سان ڇانئيو، درياھن جا منھن موڙيا، برپٽن کي مومل جي مثال وانگر سائو بڻايائون، جنھن جي نتيجي ۾، زندگي ھن سرزمين تي ڪھڪاءُ ۽ ڪيس ھوندي به ڏاڍي من موھيندڙ رھي. ڪرندي وري اٿندي رھي، ھارائيندي وري به، کَٽڻ لاءِ وڙھندي رھي ۽ ساھ جي، پوئين ھڏڪي تائين به، ان جي چپن تي سوڀ جي موسيقي پنھنجا پَر پکيڙيندي رھي. (عبدالواحد آريسر- روزانه عوامي آواز خميس 23 مئي 1991ع) اھڙن موسيقارن ۽ فنڪارن مان، مائِي ڀاڳي جو نالو قابلِ ذڪر آھي. مائي ڀاڳي عوامي موسيقي جي مقبول ترين فنڪاره آھي. سندس آواز جي وسعت، بلندي ۽ ميٺاڄ ۾، سنڌ جي عام ماڻھن جو مزاج نظر اچي ٿو. سنڌ جي ھيءَ عظيم فنڪاره، جنھن کي عام زبان ۾، سنڌ جي تھذيب، ثقافت ۽ لوڪ فن جي اميد چئجي ٿو، سا در اصل محبت، اخوت ۽ پنھنجائپ جي پيغامبر آھي. ھن جا ڳايل لوڪ گيت ٻڌي، ائين محسوس ٿيندو آھي، ڄڻ سنڌ جي وساريل تاريخ جا ورق اٿلي رھيا آھن. سندس نالو سُرن جي تاريخ ۾، ان ڪري امر آھي جو سندس آواز ۾، ڪنھن به قسم جي ڌاريائپ ۽ مصنوعيت نه آھي. جيتري سچائي، سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ آھي، جيتري سچائي سنڌي ٻوليءَ ۾ آھي، جيتري محبت سنڌ جي سوڍن ۾ آھي، اوتري محبت، مائي ڀاڳيءَ جي آواز ۾ آھي.
مائي ڀاڳي، اڄ کان ستر سال اڳ ٿر جي ھڪ ننڍي ڳوٺ، مٺي ۾ ڄائي. سندس پيءُ جو نالو ونيئل ھو، جيڪو ذات جو مڱڻھار ھو. سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول ۾، مڱڻھارن کي ھڪ مخصوص اھميت حاصل آھي، ته ھو، شادين مرادين ۾ ڳائيندا وڄائيندا آھن ۽ دل گھريو دان حاصل ڪندا آھن. سندن گھرن ۾ ننڍڙن ٻارن کي به اباڻي پيشي جي تربيت ننڍپڻ ۾ ئي ڏني ويندي آھي. دھل، شرناءِ، سُرندو ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا سڀ ڍنگ کين منڍ ۾ ئي سيکاريا وڃن ٿا، ته جيئن ھو وڏا ٿي، اباڻي پيشي کي جاري رکي سگھن. اھڙي طرح مائي ڀاڳي به اٺن سالن جي عمر ۾ ڳائڻ وڄائڻ سکي ۽ پنھنجي والد سان گڏ، راڳ جي محفلن ۾ وڃڻ لڳي ۽ اتي ئي ٻاراڻا ٻول ڳائڻ شروع ڪيا. ڪجھ وقت کان پوءِ ھو لڏي، جھڏي جي ڀرسان ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اچي رھيا. اتي اچي ھن پنھنجي اباڻي ڪِرت راڳ کي باقاعدي شروع ڪيو ۽ پنھنجي ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾، شاديءَ جي موقعن تي ڳيچ ۽ سھرا ڳائيندي رھي ۽ اھڙي طرح وقت گذرڻ سان گڏ، سندس فن ۾ پختگي ايندي رھي. ھن ٿر جي مختلف ھنڌن تي رھي، اتي جي لوڪ ڌُنن ۾ مقامي طرز تي عبور حاصل ڪيو. ڪجھ وقت کان پوءِ ھوءَ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسر غلام حسين شيخ جي معرفت، ريڊيو سان متعارف ٿي ۽ سندس آواز، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھتو. ممتاز مرزا جي ڪوششن سان، ھوءَ ڪراچي ٽيليويزن تي به آئي ۽ اھڙي طرح سندس فن ۽ شخصيت کان ملڪ جو ٻچو ٻچو واقف ٿيو.
مائي ڀاڳي، سادي سودي ڳوٺاڻي عورت ھئي. سندس مزاج به سادو سودو، نھٺو ۽ نماڻو ھو. سندس ڳالھائڻ به سنڌي ۽ لھجو به سادو ھوس. اھي ئي خوبيون آھن، جيڪي ھڪ حقيقي ۽ سچي فنڪار ۽ عظمت جو ڪارڻ بڻبيون آھن. مائي ڀاڳي ٿر جي ھئي، ان ڪري سندس فن مان ٿر جي پلر جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ اچي ٿي، جنھن جي فن ۾ پوري ٿر جي چٽي طرح عڪاسي ٿيل آھي. ھن جي مادري زبان، جيئن ته ٿري ھئي، جنھن کي ملڪ جي اڪثريت ڄاڻندي به گھٽ آھي، پر ھوءَ اھو سمجھندي به پنھنجي ماءُ جي ٻولي ۾ ڳائيندي ھئي. سچ آھي ته، جنھن فنڪار کي پنھنجي زبان سان محبت نه ھوندي آھي، اھو سچو فنڪار نه ٿي سگھندو آھي. مائي ڀاڳيءَ جي گيتن ۾، زمين سان محبت جو پاڪيزه جذبو، ٿري زبان سان والھانه پيار، صوفياءِ ڪرام سان عقيدت ۽ محبت نمايان آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو اسان کان دور ٿئي، کيس ڪيترا ئي سال ٿي ويا آھن، پر اڄ به ائين ٿو نظر اچي ته ھوءَ نئون ڪوٽ جي چوڌاري نِم جي ھيٺان، اڪيلي بيٺي ٿر جي تپندڙ واري ۽ قحط زدھ ماحول ۾، سڏي رھي آھي. ھن مان صاف ظاھر آھي ته، پنھنجي ڌرتيءَ جي ماڻھن ۽ انھن جي ثقافت سان محبت ڪرڻ وارا فنڪار، بظاھر ھتان ھليا ويندا آھن، پر ھو فنا نه ٿي سگھندا آھن. مائي ڀاڳيءَ جو مڌر ۽ من موھيندڙ آواز، اڄ سنڌ جي عوام کي مسحور ڪري رھيو آھي، ۽ اھا دکي عوام، ان آواز ۾ پاڻ کي سموھي گھڙي پل لاءِ پيڙا ۽ درد کي ڀلائي ڇڏي ٿي. سندس عوامي فن بابت جناب غلام حسين شيخ لکي ٿو ته : “مائي ڀاڳي، سنڌ جي اھڙي عوامي فنڪارھ آھي، جا نه فقط، نج سنڌي راڳڻين سان واقفيت رکي ٿي، پر ساڳئي وقت گجراتي، مارواڙي ۽ ڪاٺياواڙي موسيقي جي ميلاپ سان، جيڪي راڳڻيون ۽ ڌنون جنم وٺن ٿيون، تن جي به ھوءَ واحد فنڪارھ آھي. سندس آواز جي لاٽ ۾ اھائي روشنائي آھي، اھوئي رنگ آھي، اھائي پرواز آھي، جيڪا موسيقارن کي سرن جي سرجڻ ۽ پرينءَ جي پرچڻ کان پوءِ ملندي آھي. مائي ڀاڳي جو فن ۽ آواز، ستونجاھ سالن وٺي، ٿرپارڪر جي ڀِٽن ۾ ڀٽڪي رھيو ھو. ھن جي حسين آواز جي مرڪن کي، ڪئين دفعا لُڪن لتاڙيو پر آخر وقت مھر ڀرئي وھڪري ھن کي سنڌ جي راڳ راڻي بڻجڻ جو شرف عطا ڪيو. اڄ به سندس ڳايل گيت سنڌ جي گھٽي گھٽيءَ ۾ گونجي رھيا آھن.” (اسان جا عوامي فنڪار- سه ماھي مھراڻ 2- 3- 1971)
مائي ڀاڳي جي مقبوليت جو خاص سبب سندس گائڪيءَ جو منفرد انداز ھو، جنھن کي قدر جي نگاھ سان ڏسندي، کيس صدارتي ايوارڊ، تمغه حسن ۽ شاھ لطيف ايوارڊ ڏنا ويا. کيس ماھوار وظيفو ۽ 16 ايڪڙ زمين جو به اعلان ڪيو ويو.
اسان جي ھيءَ عظيم فنڪاره، سنڌ جي عوام ۾ پنھنجي آواز جو جادو پکيڙي، جيتوڻيڪ اڄ اسان کان، پري ھلي ويئي آھي، پر سندس موسيقي ۽ راڳ اڄ به ھن جي ياد کي، تازو ڪري رھيو آھي.