• مخدوم عبدالرؤف ڀٽي
سنڌي ادب جي تاريخ ۾، سن يارھين صدي ھ ۾ ميون شاھ عنايت رضوي، پنھنجي نعتيه وائي يا ڪافي کي باقاعدي مولود سڏيو. “چئو صلواتون صدق سين، ايءَ مولود مدام” ھونئن به فني سٽاءَ جي لحاظ کان، مولود، وائي ۽ ڪافيءَ جي ھيئت ۾ ملي ٿو. پر مولود کي، جنھن نئون روپ ۽ اسلوب ڏيئي پيش ڪيو، اھو مخدوم عبدالرؤف ڀٽي آھي. ھو سنڌي شاعرن ۾، مولود جي علامت آھي. ھن مولود ۾ نواڻ ۽ جدت پيدا ڪري، ھن صنف کي، سنڌ جي عوام ۾ مقبول بڻايو. اھوئي سبب آھي جو، اڄ تائين سنڌ جي ڳوٺن، شھرن، واھڻ ۽ وستين ۾ ديني محفلن، شادين ۽ غمين ۾ به نھايت خوش الحاني سان مولود پڙھيا وڃن ٿا.
مخدوم عبدالرؤف ھالا پراڻا ضلع حيدرآباد ۾ 1682ع ۾ ڄائو. اھو ميان نور محمد ڪلھوڙي جو دورِ حڪومت ھو، جيڪو سندس معتقد ۽ مريد ھو، ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحب ھالا جي ڀٽي بزرگن مان ھو ۽ وڏو ڪامل درويش ۽ عالم عارف بزرگ ھو. ھن تعليم به، پنھنجن بزرگن کان حاصل ڪئي ۽ طريقت ۽ معرفت جي منزل ماڻي.
سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ مخدوم عبدالرؤف جو وڏو مقام آھي. ھو سنڌيءَ ۾ عروضي شاعريءَ جو نه صرف باني آھي، پر ان کي عروج تي به پھچايائين. سندس ڪيترائي مولود، بحر ۽ وزن تي پورا چيل آھن. ھن جو ھڪ مشھور مولود “منارا مير مرسل جا ڏسان شل ڏيھ سڀ ڏوري” بحر مزج مثمن سالم ۾ چيل آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس فن ۽ فڪر بابت پنھنجي قيمتي راءِ جو اظھار ڪندي رقم طراز آھي ته “مخدوم عبدالرؤف ڀٽي پھريون آڳاٽو سنڌي شاعر آھي، جنھن گھڻي ۾ گھڻا مولود چيا آھن. سندس مولودن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ھو پھريون شاعر آھي، جنھن مولودن جي عنوانن کي وسيع ڪيو. ھن مولود جي اندروني سانچي ۽ سِٽاءَ توڙي، ان جي وزن ۽ ترنم ۾، پڻ قابلِ قدر اضافا ڪيا. موضوع جي سٽاءَ جي لحاظ کان، ھن سنڌ جي ڪھنين ڪھاڻين مان، تلميجون جوڙي، انھن ڪھاڻين جا قالب، تمثيلي طور پيش ڪيا.”(ڊاڪٽر بلوچ صاحب – مقدمو ص 83)
مخدوم عبدالرؤف ڀٽي،مولود جي عنوان کي وسعت بخشي. ھن کان اڳ، جيڪي مولود ملن ٿا، سي سڀ پاڻ سڳورن جي ولادت باسعادت متعلق آھن. پر مخدوم صاحب نبيﷺ جي ثنا ۽ صفت کان سواءِ، مھر ۽ شفاعت جي اميد طلب ڪرڻ، سندن چئن يارن ۽ پنجتنن پاڪ جي سِڪ ۽ ساراھ، نبي سائين جي مڙني محبن ۽ مشتاقن جي تعريف، مديني پھچي زيارت ڪرڻ جي تمنا ۽ حاجين جي حج تي وڃڻ سان گڏ، پاڪ معجزن جو به ذڪر ڪيو آھي. ان کانسواءِ پاڻ سڳورن جي حياتِ طيبه جي مکيه پھلوئن، مثلًا نبيﷺ جو ساٿ سان موٽڻ ۽ بيبي خديجه جو سِڪ سان واجھائڻ، پاڻ سڳورن ﷺ جي شادي خانه آبادي، ھجرت ۽ معراج مبارڪ کي، پڻ مخدوم صاحب پنھنجن مولودن جو عنوان بڻايو، نه فقط ايترو، پر ھن بزرگ پاڻ سڳورن جي برقعي مٽائڻ تي به مولود لکيا. اھڙي طرح، مخدوم صاحب ھڪ طرف علم عروض جي سانچي ۾ مولودن کي پيش ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ عروضي شاعريءَ کي روشناس ڪرايو، ته ٻئي طرف مولود کي وسعت بخشي. عنوانن جي انھي انوکائي ۽ گھڻائي سببان، مولودن جي موضوع جو مرڪز، سو حضور اڪرم ﷺ جي ذات بابرڪات رھي، باقي ان جو دائرو، ايڏو ته وسيع ٿي ويو، جو ھن کان پوءِ جي شاعرن، گھڻو ڪري، انھيءَ وسيع دائري اندر، پنھنجي فڪر ۽ فن جي گوھر افشاني ڪئي. انھن مکيه عنوانن کي ئي نئين سر نڀاھيو. انسان، گڏ پويان ايندڙ شاعرن، علم عروض کي اپنائي، بحر ۽ وزن تي، نه صرف مولود چيا، پر شاعريءَ جي، ھر صنف سخن کي، ھن نئين نظام ۾ پيش ڪري، سنڌي شاعريءَ کي چار چنڊ لڳايا.
مخدوم عبدالرؤف ڀٽي جي، مولودن جي سٽاءَ، بيان اسلوب، قلبي واردات، دلي ڪيفيت ۽ حضور اڪرمﷺ سان محبت ۽ عقيدت، اھڙيون خصوصيتون آھن، جو بن سَون سالن گذرڻ کان پوءِ، ھن وقت به سندس مولود عوام ۾ مقبول آھن ۽ اھي خاص ۽ عام موقعن تي ڳايا وڃن ٿا. سندس ڪيترائي مولود، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، سنڌين کي ياد آھن، پر خاص مولود “منارا مير مرسل جا” ته ھر ننڍي وڏي کي ياد آھي ۽ اھو ھر جمعي تي، مسجدن ۾ نھايت پرسوز آواز ۾ ڳايو ويندو آھي. اوھان به پنھنجي چپن ۾ ڀڻڪايو، اکيون ٻوٽي، پيار ۽ عقيدت سان حظ حاصل ڪيو.
منارا مير مرسل جا، ڏسان شل ڏيھ سڀ ڏوري
1. ھلي ھالا مٽيا مسڻ، انڙپور کي ڇڏيان اوري
مان ڪعبي تان مٽياريون ۽ گھليون، مانجھند ڇڏيان گھوري
2. ڪوٽ ڪوٽڙي، کوکر، سونڊا، سيريون ڇڏيان سوري
ننگر، بندر ۽ باگاڻا، ڪراچي کان وڃان ڪوري
3. مسقط، مطر ۽ مربالون، ڪو مڪران مٽيان موري
حدودي مان ھلان ھل سان، جدي ۾ جاءِ ويھان جوڙي
4. ھلان جدي منجھان مڪي، ڪريان طواف ڪعبي جو
پيان پاڻي سندو زم زم ڇڏيان احرام اُت ڇوڙي
5. مديني جي خاڪ سڄي سرمو وجھان اکين ڀتر توڙي
عبدالرؤف چئي سر ڪيان صدقو رکان ڪرسي
اڳيان ڪوري.