• مھاڳ
ھر انسان، پنھنجي عادتن، ريتن رسمن ۽ ذھني لاڙن ڪري، ٻئي انسان کان منفرد ھوندو آھي ۽ ڪي ڪي فرد، پنھنجي مخصوص فڪري لاڙن، خاص سياڻپ ۽ عقلمنديءَ جي گفتن ۽ منفرد عادتن ڪري، پنھنجي معاشري ۾، مشھور ٿي ويندا آھن ۽ پوءِ، پنھنجي عوام ۾، ان مخصوص ڪردار ڪري، سدائين ياد رھندا آھن. اھڙن ماڻھن کي مون “عوامي ڪردار” سڏيو آھي. اھي عوامي ڪردار اسانجي ڳوٺن جا پليل ۽ نپيل آھن. صاف سٿري پاڻي، صحتمند ھوا، سادي کاڌي، سادي ڪپڙي، سادي رھڻي ڪھڻيءَ سبب، سندن طبع ۾ به، سادگيءَ صفائي سمايل آھي، ان ڪري انھن جي فڪر ۾ به سادگي، سلڇڻائي ۽ سچائي آھي. ھنن جي ئي وجود سان، سنڌ جي سموري ثقافتي، ادبي ۽ تمدني تاريخ محفوظ آھي ۽ اھي ئي سنڌ جي تاريخ ۽ طبعي ماحول جي آئينه داري ڪن ٿا. انھن ماڻھن، سماج ۾ رھندي، عام ماڻھن سان، سندن زبان، اسلوب ۽ فڪر مطابق ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ کين سچي ۽ سڦل زندگي گذارڻ جا، طور طريقا ڏسيا ۽ انھن جي وندر ۽ ورونھن لاءِ، سندن ماحول مطابق، سامان مھيا ڪيو. ڪچھريون ۽ مجلسون قائم ڪري، عام ماڻھن ۾ شعوري، فڪري ۽ ذھني لاڙا پيدا ڪيا. اھوئي سبب آھي جو، سنڌي عوام، تاريخ جي ھر دور ۾، ھر قسم جا ظلم ۽ ستم سھندي به شرافت جو دامن ھٿان نه ڇڏيو.
معاشرو ميو متو مھراڻ آھي. بيٺل پاڻي يا ڪِنو دُٻو نه آھي. معاشرتي تبديلي Social Mobility ھڪ اٽل حقيقت آھي. جيڪو ڪلھ ھو، اھو اڄ نه آھي ۽ جيڪو اڄ آھي، اھو سڀاڻي نه ھوندو. جنھن تيز رفتاريءَ سان اسان جا ذھني، فڪري ۽ ثقافتي طور بدلجي رھيا آھن، مان سمجھان ٿو ته، ڪو وقت ايندو جو، اسان پنھنجي ماضيءَ جي ثقافتي ورثي کان بنھ ڪورا رھجي وينداسين ۽ اسان جو ايندڙ نسل، پنھنجي ماضيءَ جي عظيم داستان ۽ ھن املھ ثقافتي ۽ ادبي ذخيري کان اٻوجھ رھندو ۽ اھڙي طرح انديشو آھي ته اسان پنھنجي روايتي قدرن کان محروم رھجي وڃون ۽ پنھنجي وڏڙن جي ان گڏ ڪيل املھ وٿُ کي وساري تاريخ جي سنگلاخ زمين تي پنھنجو وجود الائي برقرار رکي سگھون يا نه! ڇاڪاڻ ته ثقافتي قدر ئي قوم جي سڃاڻ آھن. تمدني ۽ تھذيبي ورثو ته قوم جي جيوت جو نشان آھي ۽ ھنن “عوامي ڪردارن” ئي اسان کي قومي ۽ ملي تشخص بخشيو آھي.
مون ھيءُ ڪتاب، ان ڪري ئي تاليف ڪيو آھي ته پنھنجي ايندڙ نسلن کي، شاندار ماضيءَ جي ثقافتي ورثي سان متعارف ڪرائجي. مون کي اميد آھي ته، نه صرف، اڄ جو نوجوان پر اسان جي مستقبل جو جو نوجوان به، ھن ڪتاب جو مطالعو ڪري، پنھنجي ماضيءَ کي ساھ سان سانڍيندو. ماضي عظيم خزانو آھي.
ماضيءَ کي وسارڻ ڀُل ۽ ناداني آھي. ماضيءَ ۾ سبق آھي ۽ اھو سبق اسان کي انھن عظيم روايتن ۽ سگھڙن ۽ عاقلن جي گوھرن مان ملندو، جن جو مون ھن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آھي.
مون کي قوي اميد آھي ته ھي ڪتاب قديم ۽ جديد لوڪ ادب جو سنگم ثابت ٿيندو ۽ ثقافتي اقدار کي سانڍي سموھڻ ۽ ان کي ھٿيڪي ڪرڻ جي اھم ڪڙي ليکيو ويندو.
دادا سنڌي
1 نومبر 1991ع