سنڌ شناسي

سنڌ جا عوامي ڪردار

ھن ڪتاب ۾، دادا سنڌيءَ سنڌ جي انھن ڪردارن کي پنھنجي قلم ذريعي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيڪي واقعي سنڌ جا عوامي ڪردار آھن ۽ سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ اھي چڱي طرح سڃاتا وڃن ٿا ۽ انھن جا پنھنجا پنھنجا ڪردار آھن، جن ڪردارن کي سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ عزت ۽ آبرو آھي ۽ ھو انھن کي پنھنجو سمجھن ٿا.
دودي سومري کان، سگھڙ ٻيڙي فقير تائين ڪتاب ۾ آندل اٺاويھ ئي ڪردار اھڙا آھن، جن سمورن تي اسان کي فخر ۽ وڏائي آھي.
  • 4.5/5.0
  • 6530
  • 1635
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جا عوامي ڪردار

• سانوڻ فقير

نڙ سِڪ ۽ سوز جو ساز آھي. تاريخي لحاظ کان نَڙ ترڪن ۽ بلوچن جو قومي ساز آھي، جيڪو اندازً، ھڪ ھزار ورھيه اڳ، سنڌ جي پاڙيسري ملڪ، بلوچستان ۾ بلوچ قبيلن جي، مستقل طور سنڌ ۾ رھڻ سان عام رائج ٿيو ۽ سنڌي ثقافت جو جُز بڻيو. نَڙ، ھڪ درديلو ساز آھي. ھن جي آلاپ مان، ڪنھن جي ورونھن جو ورلاپ ورجايل پيو ڀانئبو آھي. نڙ جي وڄت سان گڏ وڄائيندڙ جي نِڙي پڻ شامل ھوندي آھي. نڙ ۽ نڙ جا بيت، ٻيئي لازم ملزوم آھن، ڇو ته نڙ جو آلاپ، ڄڻڪ وڇوڙي جي وائي آھي ۽ نڙ بيت چوندڙ جي دردوندي دانھن آھي. جڏھن وڄائيندڙ جي سوزوندي دانھن ۽ وڍيل ڪاني مان نڱيل ڪرب جي ڪوڪ جھڙا ٻيئي الم جا آواز ساڳي لئه ۾ فطري طور ملي، ھڪ ٿي وڃن ٿا، تڏھن نڙ جي وڄت، توڙي نڙ بيت جي رھاڻ، روح رچندي ٿيو پوي ۽ لطيف رح جھڙي با ڪمال شاعر کي به چوڻو ٿو پوي ته:
وَڍِيلَ ٿي وايُون ڪري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،
ھُنَ پَنَ پنھنجا سارِيا، ھِيَ ھنجُون ھَڏَنِ لَءِ ھاري.
نَڙ جا بيت عمومًا ڊگھا ھوندا آھن، جيڪي نڙ بيت جي ڪچھرين ۾، نڙ تي ڳاتا ويندا آھن. اھي ڊگھا بيت، عام سنڌي شاعري جو نادر نمونو آھن، جن ۾ عوام جي شاعرن، پنھنجي ٻھراڙي جي عام فھم، مگر شاھوڪار ٻوليءَ ۾، عوامي زندگي جي ھر پھلوءَ کي ڳايو ۽ ھر موضوع کي ورجايو آھي. سانوڻ فقير، نڙ بيتن جو نمائيندو شاعر آھي، جنھن طويل سنڌي بيت ۾ وسعت پئدا ڪئي ۽ ان کي خوب ھمٿايو. ھن جي اسلوب بيان کي، پوءِ گھڻن ئي اپنايو، جن مان صديق خاصخيلي، توڏو فقير مري ۽ مولا بخش خاصخيلي کانئس متاثر ٿيا ۽ سندس شاگردي قبول ڪيائون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “سانوڻ جا بيت، محض بياني نه آھن، مگر بيان سان گڏ، اھي پنھنجي سوز ۽ جذبي جي ترجماني آھن ۽ انھيءَ ڪري، سامعين تي سانوڻ جي بيتن جو وڏو اثر ٿيو. سانوڻ جا بيت، سنڌ ۾ ايڏو ته مقبول پيا جو ھن وقت به، وچولي ۽ لاڙ ۾ بيٽ ڏيندڙن مان ڪو ورلي اھڙو ھوندو جنھن کي سانوڻ جو بيت ياد نه ھجي.” (نڙ جا بيت- مقدمو ص نمبر 22)
سانوڻ فقير ذات جو خاصخيلي ھو. اصل ڳوٺ شھداد خاصخيلي، ضلعي بدين جو ويٺل ھو. 1875ع ۾ ڄائو. پنھنجي ڳوٺ ۾ حافظ ڪبير وٽ قرآن شريف پڙھيو. جڏھن وڏو ٿيو تڏھن ٻڪريون چارڻ لڳو. ھن جي عادت ھئي ته ھو ڏينھن جو ٻڪريون چاريندو ھو ۽ رات جو نڙ بيت جي ڪچھرين ۾ شريڪ ٿيندو ھو ۽ ڪيترن کي مشھور شاعرن جا بيت چوندو ھو. اھڙي طرح ٻين جي بيتن جھونگارڻ سان، ھن پنھنجا بيت به ٺاھڻ شروع ڪيا. سندس بيت سازي ۾ حقيقي استاد ڪبير شاھ آھي. سانوڻ فقير جي بيتن ۾، روانگي ۽ سادگي بدرجئه اتم آھي. ھو جيئن ته ھڪ سادو سودو ڳوٺاڻو انسان ھو، تنھنڪري سندس بيتن ۾ به، سادگي گھڻي نظر اچي ٿي. ٻھراڙيءَ جي سادي ماحول ۾ ۽ سادي خيال وارن ۽ ويساھ وسوڙل انسانن جي معاشي زندگي جي نقش چٽڻ ڪري، سندس شاعريءَ کي عوامي رنگ مليو. ھو منظرڪشيءَ جو شھنشاھ آھي ۽ پنھنجي بيتن ۾ جذبات جي عڪاسي، مؤثر انداز ۾ ڪري ٿو. نسرين شاھد ته سندس شاعري کي بدوي عرب شعراءُ سان ھم آھنگ ڪري ٿي. ھوءَ رقم طراز آھي ته “سانوڻ جيئن ته ٻڪرار ھو ۽ بدو به صحرا نشين آھن، ان ڪري ھن جي شاعريءَ ۾ انھن جو رنگ نظر اچي ٿو. سانوڻ جي نڙ جي بيتن ۾ سوز ۽ درد آھي ۽ ان ڪري ئي، سندس نڙ جا بيت سنڌ ۾ عام ۽ خاص ۾ مقبول آھن. ساوڻ جي شاعري Descriptive آھي ۽ ھي قدر به “بدوي عرب شاعري” جو خاص جزو آھي.” (ويڪلي مڊويڪ ايڊيشن روزانه جنگ ڪراچي)
سانوڻ فقير جا بيت، پنھنجي خاص بيان اسلوب، غنائيت ۽ رواني ڪري، سنڌ جي واھڻ ۽ وستيءَ ۾ مقبول ٿيا. 1915ع کان 1955ع تائين، نڙ بيت جي ڪچھرين ۾، ھن جي بيتن جي ھنڌھين ماڳھين ھاڪ ھئي. ھو نه صرف بيت ٺاھيندو ھو پر ڳائيندو به ھو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته سانوڻ پاڻ سدا ملوڪ بيتائي ھو. ھو پھريون شاعرآھي جنھن نڙ ڪچھرين ۾، پاڻ پنھنجا بيت ڏنا. کانئس پوءِ اھو رواج شروع ٿيو. سانوڻ کي بيت ڏيڻ جو واھ جو ڍنگ ھو. بيت ڏيڻ وقت، ھو سڄي ٻانھن کي، واسينگ وارا ور ويٺو ڏيندو ھو ۽ بيت جي وراڻي تي، ٻيئي آڱريون ڪنن ۾ وجھي، ڦٿڪندو ڦٿڪندو نڙ واري جي مٿان ڇانوَ ڪري، وڃي بيت لاھيندو.
سانوڻ بيتن جو بادشاھ ھو. سانوڻ جا ھمعصر چوندا ھئا ته، ڪنھن به ڪچھري ۾، سانوڻ پھريون تيار ٿي ڪونه اچي بيت ڏيندو ھو، پر انھيءَ ئي مھل ڪن تي ھٿ رکي، بيت جي ھڪ سِٽ چوندو ھو ته ٻي به ڳنڍجي ويندي ھئي ۽ سڄو بيت ڏھن ٻارھن سِٽن جو ٺھي پوندو ھو، سو به وري نڙ تي سُر سان جلالت ۽ جنون واري حالت ۾. تنھن کان سواءِ، ھڪ دفعو اڳ چيل بيت ھو وري نه چوندو ھو. جيڪڏھن چوندو به ھو ته، سِٽون وڌائي اڳوڻي کان ٻيڻيون ٽيڻيون ڪري، وڃي پار ڪندو ھو. سانوڻ کي جن ماڻھن ڳائيندي ڏٺو، تن جو چوڻ آھي ته “بيت چوڻ وقت سانوڻ گوڏا ڀڃي اُڀو وھندو ھو. پُٺا سدائين اگھاڙا ھوندا ھئس. ھميشہ پاڻيءَ جو ڪرو ڀرائي ڀر ۾ رکندو ھو ۽ ٻن يا ٽن بيتن ڏيڻ کان پوءِ، اھو ڪرو سڄو پي ٺلھو ڪري ڇڏيندو ھو. اھڙي طرح ڪچھري ختم ٿيڻ تائين، الائجي ڪيترا ڪرا پاڻيءَ جا پي ٺلھا ڪري ڇڏيندو ھو. سياري جي چاليھي ۾ به، بيتن ڏيڻ مھل ڪُلھن ۾ ڪپڙو ڪونه پائيندو ھو. سارو بدن پگھر سان شل ھوندو ھوس. بيت نھايت درد مان ڏيندو ھو ۽ اشارن سان، پوري تصوير آڻي اڳيان بيھاريندو ھو.”
سانوڻ فقير، پنھنجن نڙ بيت ۽ اھڙين ڪچھرين ڪري، عوام ۾ مقبول ھو. نڙ بيت جون وڏيون ۽ خاص ڪچھريون ڀٽ شاھ تي ٿيون، جتي ھن پنھنجا جوھر ڏيکاريا. ھن جي شاعري ۾، ماحول جي عڪاسي ۽ ترجماني سان گڏ، سوز ۽ گداز به ھو. ھن سسئي، مومل راڻو، مارئي، ليلان چنيسر، سھڻي ميھار، ليليٰ مجنون، پورب، مورڙو، سامونڊي، رامڪلي، سارنگ، ڪارايل سان گڏ معجزا ۽ واقعاتي بيت چيا.

ھن جي شاعريءَ ۾، حب الوطنيءَ جو جذبو بدرجه اتم موجود آھي. مارئي جي زبان ۾ چئي ٿو ته:
مارو مٽ ملير ۾، عمر! چؤنم آءُ
ساريو سنگھارن کي، سِڪي منھنجو ساھ،
لڳي ھير، ٿي اڪير، وريو وڻن واءُ،
بت بيراڳي بند ۾، جيئڙو ناھي جاءِ،
کٽون کھنبا کائيان، ڇيٽين ڪريان ڇاءِ،
مارو ڏينم مھڻا، ويڙھي چوندم واءِ،
منھنجو روح ريھون ڪري، عمر انھن لاءِ،
سڀڪو پرائي ساءَ، منھنجي ساھ سور پرايا.
سانوڻ پنھنجي نڙ جي بيتن سبب ڳوٺاڻي ماحول ۾ ڏاڍو مقبول رھيو. ھن جي بيتن ۾ سوز ھو، تنھنڪري، عوام ۾ سندس بيت نھايت مقبول پيا. ھو بيت ڏيندو ھو ته، ماڻھن جا ميڙ لڳي ويندا ھئا. جيئن ته، سڄي سنڌ جو سير ڪيائين ۽ ميڙا ڀيٽيائين، تنھنڪري سندس بيت به، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھتا ۽ ھن وقت تائين به عام ڪچھرين ۾ چيا وڃن ٿا ۽ ڪچھرين ۾ بيت ڏيندڙ، سڄو بيت ڏيئي جڏھن نالي واري سِٽ ۾ چوندو ھو ته “سُورن ۾ سانوڻ چوي” يا “وري ھن ساھ جي سانوڻ چوي، پوري ناھي پڪ” ته ٻڌندڙن جي زبان مان “ھئه ڙي سانوڻ ھئه” جا لفظ نڪري ويندا ھئا ۽ اھائي سانوڻ جي مقبوليت جي گواھي آھي، ته ھو سنڌي عوام جو ڪيڏو نه پيارو ڪردار ھو.