• شير ميربحر
ملھ سنڌ جي قديم ۽ پراڻي راند آھي، جنھن جا آثار موھن جي دڙي کان ملن ٿا. اٽڪل 23 ق- م ۾، جيڪي نوجوان کلئي ميدان ۾، ھڪ ٻئي سان ملھ وڙھي سرسي ڪندا ھئا، ته کين پوءِ پرڻايو ويندو ھو. ان وقت ملاکڙي جو جشن سارو ڏينھن ھلندو ھو. ملھن مان جيڪو ساري ڪندو ھو، تنھن جي ڳچيءَ ۾ شھزاديون اچي ھار وجھنديون ھيون. راجا ملھن مٿان جواھرن، لعلن ۽ ھيرن کي نڇاور ڪندا ھئا. انھيءَ قومي ۽ متبرڪ راند ذريعي، مادر وطن جا پھلوان سپوت، نه صرف حڪومت پر عوام کان به، خراجِ تحسين وصول ڪندا ھئا. آرين جي دور ۾، باقائدي ملاکڙا ته نه ٿيندا ھئا، پر زور آزمائيءَ جو شرط ضرور ھوندو ھو. (ملھ ۽ ملاکڙا- رحيمداد خان مولائي شيدائي. ماھوار، ڳوٺ سڌار- ماھ جولاءِ 1960ع)
ملھ سنڌ جي قومي راند آھي، جيڪا وڙائتي، مانائتي ۽ انگائتي راند آھي، جنھن ۾ امن پسندي، انصاف ۽ قرباني جا انگ سمايل آھن. ھن راند جا شرط، اصول، قاعدا ۽ ضابطا سڀ مھذبانه ۽ شريفانه آھن ۽ اھوئي سبب آھي جو، ھي راند 4 ھزار ورھيه ق – م کان اڄ تائين پنھنجي شان شوڪت سان قائم ۽ دائم آھي ۽ ڪيترن ئي انقلابن اچڻ کان پوءِ به اسان جا ملھ، پنھنجي تاريخي ۽ ثقافتي روايتن کي قائم رکندا اچن ٿا، ۽ وقت پئي، پنھنجي فن جو مظاھرو ڪن ٿا. اھڙن ملھ پھلوانن مان علي شير ميربحر جو نالو سرِ فھرست آھي، جيڪو سنڌ جي ڳوٺن ۽ وستين ۾، پنھنجي فني صلاحيت مڃرائي چڪو آھي ۽ ڳوٺاڻن جي دلين جي ڌڙڪن آھي.
شير ميربحر، سنڌ جي پھلوانن جو مُک ھو. ھو ملاکڙي جي مرڪ ۽ سونھن ھو. ملھ جي فني نقطئه نگاھ کان، سھڻو ملھ اھو آھي جو افعالين به سھڻو ھجي ۽ انگين به سھڻو ھجي. افعالين معنيٰ ڪپڙين لٽين، شڪل شبيھ، بُت، سڊول ۽ سھڻو ۽ انگين جو مطلب آھي، ملاکڙي ۾ گھڙي ته ملھ وڙھڻ لاءِ اڳواٽ تيار ھجي ۽ ڪنھن جي چؤ چوا تي نه اٿي. جڏھن وڙھي ته خوشي سان، ھڪ ڪلھو ڏي ۽ ٻيو وٺي ۽ ملھ وڙھڻ وقت، ساٿيءَ سان کوٽ ۽ ٺڳي نه ڪري. ھٿن وجھڻ کان پوءِ، بيھي نه ۽ ھڪجھڙي پھلوان کي پنھنجو ڪري وڃي ماري. شير ميربحر ۾، اھي سڀ خوبيون موجود ھيون.
علي شير ميربحر ڳوٺ ھيسباڻي تعلقي ڪنڊياري ضلع نواب شاھ جو رھاڪو ھو. ھن کي ملھ جو شوق سندس چاچي پيرل خان ميربحر ڏياريو. ھن جي ملھ جو استاد پھلوان لقمان خشڪ ھو. شير علي ٽئين جوڙ کان ملھ وڙھڻ شروع ڪئي. سندس پھرين ملھ محبت ديري تعلقي ڪنڊياري جي ھڪ ملاکڙي ۾ ٿي ۽ پوءِ ھو لاڳيتو، ملھ وڙھندي ٻن سالن اندر ٻئي جوڙ ۾ پھتو. ھڪ سال ۾ ٻئي جوڙ جي سڀني ملھن کي دسي، پھرين جوڙ ۾ پھتو. پھرين جوڙ لاءِ ھن لالا نواز علي پٺاڻ کي استاد ڪيو.
شير ميربحر 30 سالن جي ڊگھي عرصي تائين ملھ جي ميدان ۾ ناقابلِ شڪست پھلوان رھيو. ھن ان عرصي ۾، ملڪي ۽ غير ملڪي پھلوانن کي شڪست ڏيئي، ملھ جي فن ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو. ھن کي پھريون انعام نئين ديري واري ملاکڙي ۾، نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پير بخش خان ڀٽي ڏنو. ھن جا ڪيترائي يادگار تاريخي مقابلا آھن، جن مان ٽي مقابلا مشھور آھن. پھريون ھالا دنگل، جنھن ۾ چيڪو سلاويه جي پھلوان جارج زيڊسڪو کي شڪست ڏيئي ملڪ جو نالو مٿاھون ڪيو. ان کان پوءِ، ھن ھندوستان جي مشھور پھلوان گرنام سنگھ کي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ زبردست تاريخي شڪست ڏيئي، ماري مڃايو. سندس ٽيون يادگار مقابلو، لکي بنگلي خيرپور ۾ ٿيو، جنھن ۾ ھن ٽن پھلوانن کي ھڪئي وقت شڪست ڏني. جنھن تي ان وقت صدر ايوب خان، خوشيءَ مان تاڙيون وڄايون، داد ڏنو ۽ نقد انعام به ڏنائين. ان کان سواءِ ھن پنجاب، بھاولپور، رحيم يار خان ۽ صادق آباد جي ڪيترن ئي پھلوانن سان مقابلا ڪيا ۽ کين ماري مڃايو. ھن جي ھيءَ عادت ھئي ته، جي پھرين ملھ ۾ ڪرندو ھو ته ٻانھين ۾ نه وھندو ھو، پر ميدان ۾ ئي پنھنجي مدمقابل جو انتظار ڪندو ھو ۽ قدم قدم گھمندو رھندو ھو ۽ پوئين ملھ دسي، پوءِ دم پٽيندو ھو. ان ڪري چوندا ھئا ته “پوئين ملھ شير جي آھي.” سندس بھادري ۽ ملھ ۾ سرسي ڏيکارڻ تي، سڌ جي عوام کيس رستمِ سنڌ ۽ شير جا خطاب ۽ القاب ڏنا. ايوب خان به کيس چيو ھو ته “تون واقع شير آھين”
شير ميربحر، ساري زندگي ملھ جي فن جي خدمت ڪندي گذاري. اھو ھن جي ئي ڪوششن جو نتيجو آھي، جو ملھ کي اڄڪلھ سنڌ جي “قومي راند” تسليم ڪيو ويو آھي ۽ ٻاھرين دنيا کان پھلوان ھت ملھ وڙھڻ اچن ٿا. شير جي ذاتي ڪوششن سان، ڪراچيءَ ۾ ھڪ شاندار ملاکڙو ٿيو، جيڪو پاڪستان ٽيليويزن تان به ٽيليڪاسٽ ڪيو ويو. ملھ جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ زندگيءَ جي ھر قدم تي ھو جدوجھد ڪندو رھيو. سندس انھن ڪوششن کي ڏسندي، 1974ع ۾ کيس حڪومت طرفان، ملھ جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو ويو، جتي ھو ملھ جي مقابلن جي نگراني ڪندو ھو ۽ نون سيکڙاٽن کي تربيت به ڏيندو ھو.
شير ميربحر 28 مارچ 1985ع ۾، بڪين جي بيماريءَ سبب گذاري ويو.