• سگھڙ ٻيڙو فقير
ٻيڙو فقير ڪنڀر به، سنڌ جو ذھين ۽ سڄان سگھڙ ھو. سگھڙپائي جي ڪري ڳوٺاڻي عوام ۾ کيس وڏي مقبوليت حاصل ھئي. مان پھريون دفعو، جناب محمد ابراھيم جويي صاحب جي جاءِ تي ساڻس مليو ھوس. شايد 1972ع جو زمانو ھو. صاف چٽا ڪپڙا، ميندي رتي ريش مبارڪ،سفيد پَڳ. جيتوڻيڪ پوڙھو ھو، پر آواز ۾ رعب، دٻدٻو ۽ گفتن ۾ دانشمندي ۽ سگھڙائپ ھئي. ھر ڳالھ توري تڪي ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ ۾، بيت، پھاڪو ۽ گفتو ڄڻ مُنڊيءَ تي ٽِڪ.
ٻيڙو فقير، اصل لقمان ڪونريجو تعلقي ھالا جو ويٺو ھو. پوءِ اتان لڏي اچي ڪاري موري حيدرآباد ۾ ويٺو. جتي سنڌ جي مشھور عالم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان واقفيت ٿيس، جنھن سون تي ڄڻ سھاڳ جو ڪم ڪيو. ڏَور ۽ گفتي جي فن ۾ سندس استاد جاڙو خان مري ھو. بنيادي طرح، ھو ڳجھارت جو سگھڙ ھو. ھن ڳجھارتون ڀڳيون ۽ واھ جو ڀڳيون. سر نروار ڪري، ھڪ ٻن ڌُڪن ۾، ڳجھارت کي ڀڃڻ سان ڪچھري ۾ واھ واھ ٿي ويندي ھئي.
جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته: ڳجھارت جي ٻول ۾، ٻيڙو فقير، ھن وقت سنڌ جي سڄاڻ ڳوليندڙن مان آھي. (ڳجھارتون- مقدمو ص نمبر 57) ٻيڙو فقير ڳجھارتون ٺاھيندو به ھو. ھن ڳجھارت جي فن ۾، نواڻ ۽ جدت پئدا ۽ ان ۾ نوان انگ رکيائين. سندس ھڪ ڳجھارت ھن طرح آھي:
مومل به ڪاٺي، پر کاڄ جو ڪيئه مينڌرا.
ھن ڳجھارت جا، ٻه پاوا آھن: پھريون ڪاٺي ٻيو کاڄ- ڪاٺي ھاڪي راند Hockey آھي يعني ھاءِ + ڪي ۽ ٻيو کاڄ ۾ آھي ناشتو: ڀڃڻي ھن طرح آھي: مومل به ھاءِ ڪي، پر ناس تو ڪئي مينڌرا. ھن ڳجھارت ۾، ٻيڙي ھڪڙي پائي جي ڀڃڻي، انگريزي لفظ مان کنئي، ته ٻي وري فارسي ناشتو لفظ مان کڻي، سنڌي ٻولي جو ٻين ٻولين سان تعلق ۽ سٻنڌ پئدا ڪري، پنھنجي ٻوليءَ جي لفظي دامن کي وسيع ڪيو.
ڳجھارت جي فن کان سواءِ، ھن کي سنڌي سينگار شاعري ۾ به وڏو مقام آھي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “مون کيس، بالاخر سينگار جي بيتن جوڙڻ جي ترغيب ڏني ۽ ھو ھن دور جو، پھريون سگھڙ ھو، جنھن سينگار جا بيت جوڙڻ شروع ڪيا. سندس اوائلي بيت سادا ھئا، پر وڌيڪ تربيت ۽ ترغيب سان، پوءِ ٻيا چڱا بيت چيائين.” (سنڌي سينگار شاعري- ص نمبر 239) سندس ھڪ ڊگھي بيت جون چار سِٽون ھن ريت آھن.
حسن ڏنو حبيب منھنجي کي، قادر پاڻ ڪمال ڪري،
روءِ روياني راس نه آئي، موٺ چوان ڇا مثال ڪري،
ابر اليھر عاجز ٿيا، تڳي ترنگ اڳيان نه سا تال ڪري،
ڀرون ڀلا ٿيا ڀؤنرن کان ڇا حسن اڳيان ھلال ڪري، الخ
سگھڙ ٻيڙو فقير، بذات خود ھڪ انجمن ھو. محفل ۾ ھو جتي ويٺو، ڪچھري مچي ويندي. ويٺو سگھڙائپ، عقلمندي، دانائپ ۽ ادبي جواھر نڇاور ڪندو. ھن سگھڙن ۾ سماجي شعور پئدا ڪيو ۽ سگھڙن جي ڪچھرين کي منظم ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب “ھو وڏو ذھين ھو ۽ ھو صحيح معنيٰ ۾، شاگرد بڻجي سڄي ڳالھ کي سمجھي ورتو. ھن کي ڪچھرين جي نظام ۽ انتظام جي تربيت ڏنم.” ۽ جنھن اڳتي ھلي ھيءَ، منڊلي مچائي. ڪيترائي دفعا ھن پنھنجي ڳوٺ ۾ سگھڙن جي ڪچھري رکي. ھن “ادبي محفل” ۾ اتساھ پئدا ڪيو. ھن حيدرآباد ۾ “لوڪ ادب ھال” جو بنياد به رکيو.
ٻيڙو فقير، لوڪ ڪھاڻي جي فن جو به ڄاڻو ھو. لوڪ ڪھاڻي کي کڻڻ ۽ ٻڌائڻ جو کيس ڏانءُ ھو. کانئس پوءِ، ڪيتريون ئي لوڪ ڪھاڻيون لکرائي، ڪتابن ۾ ڇپرايون ويون ۽ اھڙي طرح ھي ادبي ذخيرو، سندس معرفت محفوظ ٿي ويو.
ٻيڙو فقير، ڀٽائي رح جو عاشق ھو. کيس “شاھ جو رسالو” گھڻي ڀاڱي ياد ھو. ھن سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي، شاھ کي ڳوليو ۽ پڙھيو. ان ڪري ھو لطيف جي فڪر جي اپٽار، ان جي اصلي ماحول مطابق ڪندو ھو. ھو شاھ جي بيت کي صحيح تحت اللفظ ۽ اثرائتي انداز ۾ پڙھندو ھو. ھن لطيف جي ادبي ڪانفرنس ۾ ، خاص حصو ورتو ۽ اتي سگھڙن کي آڻي لطيف جي فڪر ۽ فن کي جيڪو وٽن محفوظ ھو، سنڌ جي ائڊوڪيٽ طبقي سان متعارف ڪرايو.
ھو نه صرف، سگھڙ ۽ سگھڙپائي جي فن جو ماھر ھو، پر ھڪ بيباڪ ۽ بي خوف صحافي به ھو. ھن ھڪ اخبار، ڪچھري جو بنياد وڌو، جنھن سنڌ ۾ پاڪ، صاف ۽ سچي صحافت کي ھٿي ڏني ۽ صحتمند رجحانات کي فروغ ڏنو. ھن اخبار ۾، سگھڙن جا ٻول به ڇپبا ھئا ۽ سندن ڪچھري جون خبرون به اشاعت ھيٺ اينديون ھيون.
ٻيڙو فقير، سماجي ورڪر ۽ پورھيت ڪارڪن ھو. ھن پنھنجي ذات جي غريب ۽ پورھيت عوام جي فلاح ۽ بھتري لاءِ “پاڪستان ڪنڀار جماعت” جو پايو وڌو ۽ ڪيترائي سال لاڳيتو، ان جو صدر ٿي رھيو. ھن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واھڻ واھڻ ۾ وڃي، ڪنڀرن کي پڙھڻ ۽ پنھنجي پورھئي سان، محبت ڪرڻ جي تلقين ڪئي. پنھنجي بصيرت افروز گفتگو ۽ دانشمندانه ڳالھين ڪري، ھو پنھنجي برادري ۾، مقبول ھو ۽ جتي به ويندو ھو، ته ھشام ماڻھن جا اچي، سندس ڳالھ ٻولھ ٻڌندا ھئا. ھن تنظيم، ڪنڀرن ۾، سماجي شعور، تعليمي رجحان ۽ ذھني پختگي پئدا ڪئي.
ٻيڙو فقير، وڏو خوددار، غيور ۽ بي داغ ڪردار جو مالڪ ھو. رب جي رضا تي راضي رھندڙ، سڀ جو ڀلو گھرندڙ، سنڌ جو شيدائي، ھوشمند، بلند حوصلي وارو، حاضر جواب، ۽ خوش خلق ۽ صاف دل، غريب ڳوٺاڻو پر سچو دوست، ھڏ ڏوکي ۽ ڀلو انسان ھو. غريب ھجڻ جي باوجود به دل ۽ ھٿ جو ڪشادو ھو.
جناب غلام رباني سندس سخاوت ۽ مھمان نوازي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته “ڦليلي جي ڪناري تي ڪچھريون شروع ڪيائين. ڪچھريون ڇا ھيون ڄڻ ته چڱي موچاري امير ماڻھوءَ جو وھانءُ آھي. ڇڻڪار ٿي ويندا، گلم وڇائجي ويندا، بجليءَ جون راڊون لڳي وينديون، خلقون اچي گڏ ٿينديون، پوءِ شروع ٿيندي سگھڙن جي ڪچھري. ڳجھارتن ۽ مولودن کان وٺي، سنڌي سنگيت تائين! آخر ۾ ماني کارائيندو. دال ڀت نه. ٻوڙ، پلاءَ، قورما، ٽنڊي آدم واريون گوشت ۾ پڪل رانون ۽ ميواتون وغيره وغيره-
اسان جو ھي سخنور ۽ سگھڙ 2 جنوري 1977ع تي وفات ڪري ويو. (جھڙا گُل گلاب جا – 2 – ص نمبر 400 سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ) “ 2 . 5 . 2015 ”